; سنڌي شخصيتون: الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري

29 June, 2016

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ
نج سنڌي کاڌن جي ماهر ۽ ان تي پهريون بلاگ ٺاهيندڙ
ثريا ڪپري
(هي اليڪٽرونڪ انٽرويو مون نيو جرسي آمريڪا مان ادي الڪا ڪيسواڻي کان هندوستان جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز ممبئي مان ورتو آهي. هوءَ سنڌي کاڌن کي انٽرنيٽ تي سهڻي نموني سهيڙي، ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو  فرض سرانجام ڏيڻ ۾ 2008 کان رڌل آهن.)
کاڌو ڪنهن به قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ جي سڃاڻپ هوندو آهي،سنڌ ۾ گهٽ ماڻهن کي ان جو اونو آهي، اسان جو ايندڙ نسل صرف ٽي وي تي انڊيا جي اتر پرديش ۽ بِهار صوبن، يا مغلن جا کاڌا يا وري اولهه جي ملڪن جا کاڌا ٺاهڻ جون ترڪيبون ڏسي وڏو پيو ٿئي، اهو اڳتي هلي اهي مصالحا سنڌي کاڌن ۾ استعمال ڪندو ۽ پنهنجي سنڌي کاڌا ٺاهڻ جو طريقو وساري ويهندو. ڪنهن کي به ان ڳالھ جي ڳڻتي ناهي ته سنڌي کاڌا اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. نج سنڌي کاڌا ٺاهڻ جا طريقا ۽ انهن جي تصويرون ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ۽ انٽرنيٽ تي رکجن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ثقافت کي نه وسارين.


هندوستان جا سنڌي، انگريزي جي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ معاشري ۾ هڪ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ پنهنجي ثقافت (جنهن ۾ ٻولي، لباس، کاڌا سڀ شامل آهن) کي بچائڻ ۾ رڌل آهن.
دراصل انسان جڏهن پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿئي ٿو ته ان اندر پنهنجي ورثي کي بچائڻ جي جستجو جاڳي ٿي، ڇو ته نئين ماحول ۾ ۽ اقليت ۾ هجڻ ڪري شين کي پنهنجي اصلي حالت ۾ گهڻو وقت رکڻ ڏکيو ڪم آهي، ان ڪري ئي انهن شين کي جلد لکت ۾ آڻي محفوط ڪرڻ ضروري آهي.
سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ويٺل سنڌي قوم غير سنڌين سان رهي ڪري ڪجھ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ناهن، مثال طور هاڻوڪي ٽهي کي خبر ناهي ته لفظ ”پايا“ سنڌي نه پر اردوءَ جو آهي، ان جي لاءِ سنڌي جو لفظ آهي ”پاوا“ يا اسان جا وڏا ساون ڌاڻن جي لاءِ هڪ ٻيو به لفظ ڪتب آڻيندا هيا يعني ”کِٿميرو“. ساڳيو حال هندوستان لڏي ويل سنڌين جو آهي، اُتي کوڙ ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ پچندڙ سنڌي کاڌن جا طريقا انٽرنيٽ تي لکي رکيا آهن. هنن به ڪجھ لفظ ته نج سنڌي استعمال ڪيا آهن (جيڪي اسان جي سنڌ  جي وڏن شهرن ۾ ماڻهن کي ياد ناهن)، جهڙوڪ پاوا، کٿميرو وغيره پر ڪي ٻيا لفظ وري هندي جا استعمال ڪيا آهن، جيئن مانيءَ کي روٽي، ٿاڌل کي ٺنڊائي، پيهون کي پوها، ڀوڳاڙي کي پنجيري... ڪٿي ڪٿي کاڌا ٺاهڻ جي طريقي ۾ به غير سنڌي اثر نظر ايندو جهڙوڪ ڀاڄي يا گوشت جي ٻوڙ ۾ پيٺل گرم مصالحي، پيٺل جيري ۽ مرچن جا لپ وڌل هوندا (اهو ساڳيو ڪم اسان جي حيدرآباد جي هڪ مشهور ليکڪا به ڪيو هو جنهن بهن جي ٻوڙ اندر انڊيا کان سنڌ لڏي آيل  ماڻهن جي اثر هيٺ اچي چاٽ مصالحو وجهي ڇڏيو!!! اهو ان ڪري به ٿيو ته ليکڪا کاڌي تي لکيل غير سنڌين جا ڪتاب پڙهي وڏي ٿي آهي...)
هندوستان جي بِهار صوبي مان سنڌ لڏي آيلن يڪدم پنهجا کاڌا ٺاهڻ جا طريقا سهيڙي انهن کي ڪتابي شڪل ڏيئي ڇڏي ۽ نتيجي ۾ هر غير سنڌي کي بهار، اتر پرديش ۽ مغلن جا طريقا اردو ۾ محفوظ ڪري ڏنا. پر سنڌي قوم اندر سنڌ ۾ ڪنهن ليکڪ ورهاڱي کان يڪدم پوءِ اها اهم ڳالھ ڪانه محسوس ڪئي ته جيڪا شيءِ لکت ۾ نه هوندي آهي، اها ياد نه رهندي آهي. جيڪا ڪوشش ٿي هندوستان مان ٿي ۽ انگريزي ۾ ٿي. جيڪا ٻولي سنڌ جي ڳوٺن يا ننڍن شهرن جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي نٿا پڙهي سگهن يا انهن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت ناهي يا بجلي جي اڻاٺ ڪري هو ان مان ڪو لاڀ حاصل نٿا ڪري سگهن. سو سنڌ جي ماڻهن کي به اها ساڳي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙا ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ۾ لکي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪجن.
سنڌي کاڌن جي طريقن جي لحاظ سان سڀني کان وڏي ويب سائيٽ ادي الڪا جي آهي. ان ڏس ۾ ادي الڪا پاڻ ان ڳالھ جو اعتراف ڪن ٿيون ته ڪجھ مصالحا جيڪي هن پنهنجي بلاگ تي رکيل ترڪيبن ۾ استعمال ڪيا آهن، اهي سندس امڙ يا سس جي اباڻي زماني جا ناهن پر هندوستان اچڻ کان پوءِ هندوستاني ٽيسٽ جي مناسبت سان ٿي ويا آهن. ڇو ته هنن جي نئين نسل انڊيا جي کاڌن جي اثر هيٺ اچي چڪو آهي ۽ ڪجھ شين ۾ اتان جا تيز مصالحا کائڻ جو عادي ٿي چڪو آهي، سو هو هاڻ  پنهنجي بلاگ تي لکيل  هر ترڪيب کي  جانچي، نئين سر سان پنهنجي اصلوڪي ترڪيب ۽ مصالحن سان لکڻ ۾ رڌل آهي ته جيئن اباڻو ورثو محفوظ رهي. مثال طور سنڌي کاڌن ۾ مصالحن جي مقدار غير سنڌي کاڌن کان گهڻو گهٽ هوندو آهي. سنڌي پلاءُ اندر ته ثابت گرم مصالحو وجهبو آهي پر ساڳ يا ڪنهن ڀاڄي يا گوشت ۾ پيٺل گرم مصالحي جا انبار ناهن وجهبا. غير سنڌي کاڌو هميشه هر شيءِ ۾ ساڳيو مصالحو استعمال ڪندو آهي ادرڪ، ٿوم پئسٽ، پيٺل جيري، پيٺل ڌاڻن جا انبار ۽ پيٺل گرم مصالحو... ٻي اهم ڳالھ ته سنڌي کاڌا  ٽماٽا يا ڏهي بدران اٽلي جي کاڌن وانگر گدامڙي ۽ کٽا ڏاڙهون استعمال ڪن ٿا، جيڪو شايد اسان جي کاڌي مٿان  ايران جو اثر آهي، هونئن به سنڌي کاڌا تاريخي لحاظ کان ايران ۽ عرب ملڪن ۽ سينٽرل ايشيا کي ويجهو آهن. جنهن جي ڪري عالمي سطح تي سنڌي کاڌي کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ آمريڪا اچي ديسي ريسٽورنٽن جا غير سنڌي مالڪ پنهنجي روايتي کاڌي ۾ گهٽ مصالحو وجهي، آمريڪي گورن کي کارائي ڪروڙ پتي ٿيا ويٺا آهن.
ڪن ڪن هنڌن تي ادي الڪا ممبئي جي مقامي ڊشز کي به پنهنجي بلاگ تي جڳھ ڏني آهي. جيڪي ذاتي طور تي کيس پسند آهن ۽ جي ڪو سنڌ وارو سنڌي ان ڳالھ کان اڻ واقف هوندو ته ”جل جيرا“ (جيري جو پاڻي) يا رگڙا پئٽيس (مهاراشرا جون ڊشز) جي ترڪيب کي به سنڌي سمجهي ويهي رهندو، سو هاڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿيڻ کان پوءِ ادي الڪا ان ڳلھ جو خاص خيال رکڻ لڳي آهي ته هوءَ بلاگ اندر ترڪيب لکڻ وقت اهو ضرور لکن ته هي شئي ممبئي جي مقامي طعامن منجهان آهي نه ڪي سنڌي ڇو ته بلاگ کي سڄي دنيا مان ماڻهو پڙهن ٿا، هر ماڻهو ممبئي جي روڊن رستن تي ملندڙ کاڌي کان واقف ته ظاهر آهي نه هوندو ۽ هر شئي کي سنڌي سمجهندو.
ادي الڪا جي سنڌي فوڊ بلاگ ٺاهڻ جي هن عمل ۾ سنڌ واسين لاءِ هڪ سبق آهي ته خدارا پنهنجا اصل اباڻا طور طريقا محفوظ ڪيو نه ته ايندڙ نسل اهو به ڪونه ڄاڻندو ته اسان جا اصل کاڌا ڪهڙا آهن، انهن کي ٺاهڻ جو طريقو ڇا آهي. هي کاڌو توهان کي پرڏيھ ۾ روزگار ڏئي سگهڻ جي سگھ رکي ٿو، جيڪڏهن توهان سنڌي کاڌن جو ڪڏهن ڪو ريسٽورنٽ کولڻ چاهيو يا ايندڙ نسل ائين ڪرڻ چاهي ته آساني سان پئسا ڪمائي سگهي پئي، ڇو ته آمريڪي ماڻهو تيز مصالحو پسند نٿا ڪن، نه ئي هو ججهي گرم مصالحي جي ڌپ برداشت ڪري سگهن ٿا پر سنڌ جي کاڌن کي جن ۾ ٿورو مصالحو هوندو آهي سو اهو آرام سان آمريڪا يا برطانيه ۾ ريسٽورنٽن ۾ رکي سهگجي ٿو (صرف آچار کي گورن جي سامهون  ريسٽورنٽ ۾ نه ٿو رکي سگهجي پر آمريڪا، يورپ وغيره ۾ ديسي سپر مارڪيٽن کي وڪڻي سگهجي ڇو ته اهو تيز مصالحه استعمال ڪري ٿو) ۽ سوئيٽ ڊشز کي ته ٻاهريان ماڻهو تمام گهڻو پسند ڪندا. اهي ريسٽورنٽن ۽ ديسي سپر مارڪيٽن ۾ يا وري عام آمريڪي سپر مارڪيٽن ۾ به تمام پسند ڪيون وينديون، جهڙوڪ ڪراچي حلوو، اٽي جو سيرو، کير جو مائو، سڱر جي مٺائي، ناريل جي مٺائي، اخروٽ جو حلوو، خس خس جو حلوو وغيره.
اسين ان ڏس ۾ قدم کڻڻ تي ادي الڪا ڪيسواڻي جا ٿورائتا آهيون، ته هن گهٽ ۾ گهٽ جيڪي کاڌا سندن گهرن ۾ ٺهندا آهن انهن کي محفوظ ڪيو آهي، باقي کوڙ ساريون ترڪيبون آهن، جيڪي ادي الڪا چواڻيءَ کين خبر ناهن جيڪي سنڌ جي مختلف ضعلن ۾ ٺهن ٿيون.
مون کانئن اصل سوال انگريزي ۾ ڪيا آهن، ڇو ته ادي الڪا جي گهر ۾ سندن ور کي سنڌي لکڻ اچي ٿي، هاڻ سندس ننڍڙو پٽ به سنڌي لکڻ ڄاڻي ٿو پر ادي الڪا پاڻ پڙهائي دوران سنڌي لکڻ نه سکي آهي پر پاڻ چواڻي هاڻ سکي پئي.
ادي الڪا کي ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن، جن جون تصويرون پيش آهن. هي پاڻ گوشت کائين ٿيون پر سندن ور ويشنو هجڻ ڪري گوشت نه ٿو کائي، سو گوشت جي سنڌي طريقن لاءِ ادي الڪا هڪ ٻيو بلاگ لکندي آهي، جيڪو پڻ انگريزي ۾ آهي جنهن جو نالو آهي ”رئسئپي اون ڪِلڪ“. پاڻ چوي ٿي ته سندن اڳيون قدم اهو هوندو ته بلاگ جي اندر ترڪيبون سنڌي ۾ به هجن جنهن جي لاءِ هو پنهنجي ور کي گذارش ڪن پيون ته هو سنڌي ۾ لکي ڏئي. سندن ور هن وقت سنڌي سيکارڻ لاءِ موبائيل فون ائپ ٺاهڻ ۾ رڌل آهن ته جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل ٻار يا ڪو وڏو سنڌي سکڻ چاهي ته گهر ويٺي سکي سگهي.
سو منهنجن انگريزي ۾ موڪليل سوالن جا  جواب به هن انگريزي ۾ موڪليا، جن جو مون سنڌ واسين لاءِ ترجمو ڪيو آهي. اچو ته کانئن سوال جواب جو سلسلو شروع ڪيون.
سوال: ادي پهرين ته سنڌ واسين کي اهو ٻڌايو ته توهان جو ڪٽنب ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي ڪهڙي علائقي مان آباد هئو؟
الڪا: منهنجي ناني  ڪراچيءَ ۾ رهندي  هئي ۽ نانا شڪارپور جا هيا. منهنجا ڏاڏاڻا به شڪارپور ۾ رهندا هيا.
سوال: ۽ توهان جا ساهرا سنڌ جي ڪهڙي علائقا جا آهن؟
الڪا: منهنجا ساهرا سنڌ مان روهڙي مان لڏي هندوستان آيا آهن.
سوال: توهان هندوستان ۾ پهرين ڪٿي اچي وسيا؟
الڪا: منهنجا ناناڻا پهرين اچي چئمبوُر (اوڀر ممبئي جو هڪ علائقو) ۾ ويٺا هئا ۽ ڏاڏاڻا ۽ سندن عزيز چئمبوُر کان ٿورو پري ڪلياڻ يا الهاس نگر فوجي ڪئمپ ۾ رهايا ويا هئا.
(پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اُلهاس نگر کي سنڌي ماڻهو پاڻ ۾ سنڌو نگر ڪوٺين ٿا)
سوال: سنڌ مان لڏڻ توهان جي ڪٽنب لاءِ ڪيترو ڏکيو هو؟
الڪا: پنهنجا اباڻا اجها ڇڏڻ، زمين ڇڏڻ، پاڙي وارن کي ڇڏڻ، مٽ مائٽن کي ڇڏڻ، دوستن، روڊن رستن کي ڇڏڻ، يادگيريون ڇڏڻ جي تڪليف جي ڪير ڪيئن ٿو لفظن ۾ ٻڌائي سگهي. ماڻهن کي يقين نه پئي آيو، هو سخت ڏک ۾ هيا، دل ۾ سوچي رهيا هيا ته هي سڀ ڪجھ عارضي آهي ۽ هو ترت ئي پنهنجي ماڳ ۽ مڪانن تي واپس ورندا. هو ڪئمپن ۾ ويٺي پنهنجي وطن جي سلامتي لاءِ دعائون ڪندا هيا ۽ اها دعا ڪندا هيا ته هنن جا گهر، زمينون، دڪان سلامت هجن. هنن کي غم هو ته هنن  کي پنهنجو سمورو سامان سنڌ ۾ ڇڏي اچڻو پيو هو. هنن سخت امتحان مان گذري رهيا هيا ڇو ته هنن کان سندن گهر، مال، ملڪيتن، جائيداد ويندي عزيز به وڇڙي ويا هيا. اهڙن ماڻهن کي آٿٿ ڏيڻ ڏکيو هو پر فوجي ڪئمپ ۾ ويٺلن کي کاڌي يا بنيادي شين جي گهرج پنهنجي حالت تي ماتم ڪرڻ جو به وقت نه ڏنو. تاريخ جي هن سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ ۾ ڪئمپن ۾ رهندڙن کي بنيادي شين جي کوٽ هئي، جنهن هُنن کي وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. منهنجي بابا پنهنجي پيءُ (يعني منهنجي ڏاڏي) جي لاڏاڻي جو بار به سٺو ۽ زندگي سندس ڀاءَ ڀيڻن لاءِ تمام ڏکي ٿي پئي هئي.
سوال: توهان جو ڪو مٽ مائٽ يا دوست اڃا سنڌ ۾ بچيل آهي؟
الڪا: وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته نه.
سوال: توهان جو سنڌي کاڌن تي ٻڌل بلاگ http://sindhirasoi.com سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، توهان ان تي ڪا روشني وجهندؤ ته سنڌي کاڌي جو فوڊ بلوگ ٺاهڻ جو خيال توهان کي ڪئين آيو؟
الڪا: منهنجو گهر وارو ديپڪ ڪيسواڻي هڪ ٽئڪنيڪل آرڪيٽيڪٽ (ڪمپيوٽر جو ماهر) آهي، پاڻ هر وقت سنڌي ڪميونٽي سان هر لحاظ سان واڳيل رهندو آهي پوءِ کڻي اهو سنڌي موسيقي هجي، سنڌي ٿيئيٽر هجي، سنڌي ڪتاب هجن يا ٻولي کي ترقي وٺرائڻي هجي، هو هر ڪم ۾ اڳيان اڳيان رهندو آهي. شايد هي اهو واحد سنڌي آهي، جنهن دنيا ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي هڪ ڪرڻ لاءِ پهرين ويب سائيٽ جوڙي هجي. هي 1999 جي ڳالھ آهي پوءِ هُن کي خيال آيو ته سنڌي کاڌا به سنڌي ثقافت جو اهم حصو آهن، جيڪي ڪنهن کي ياد به نه آهن ته هنن کي  ٺاهڻ جي طريقي کي به محفوظ ڪرڻو آهي. سو هن مون کي ان ڪم ڪرڻ جي لاءِ همٿايو ۽ مان ان ڏس ۾ پنهنجي امڙ، ماسين، پڦين، پاڙي جي سنڌياڻين کان سنڌي کاڌا ٺاهڻ جا اصلوڪا ۽ اباڻا طريقا وٺي لکڻ شروع ڪيا ۽ ديپڪ انهن کي سهيڙي پنهنجي ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪندو ويو. پوءِ جڏهن 2008 ۾ آن لائين بلاگن جو دور آيو ته اسان انٽرنيٽ تي هڪ جاءِ ٺاهي سنڌي http://sindhirasoi.com نالي هڪ بلاگ شروع ڪيو. باقي سڀ توهان جي سامهون آهي.
سوال: ان بلاگ تي توهان کي ماڻهن طرفان ڪهڙي قسم جي موٽ ملي ٿي؟
الڪا: ماڻهن جي تمام سٺي رويي ۽ اتساهيندڙ موٽ مون کي ان ڳالھ تي همٿائي ٿي ته مان اڃا وڌيڪ سنڌي کاڌا جنهن جي ٺاهڻ جو طريقو نج سنڌي ۽ اباڻو هجي،  جيڪي وقت جي دز ۾ ڪٿي غائب ٿي ويا هجن ۽ انهن جي ٺاهڻ جو طريقو ۽ نالا به سنڌي ماڻهن کي ياد نه رهيا هجن اهي ڳولي هٿ ڪيان ۽ پنهنجي بلوگ تي رکان.
مان ان وقت ڏاڍي خوش ٿيندي آهيان، جڏهن ڪو منهنجي کاڌن جي ساراهه ڪندو آهي ته منهنجي ڪنهن ترڪيب هنن کي پهنجي گهر جي ڪنهن شئي کي ياد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي يا سندس ناني يا ڏاڏيءَ جي ٺاهيل ۽ کارايل ڪا شئي هو منهنجي بلاگ تي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندا آهن يا وري منهنجي بلاگ مان ڪا ترڪيب ٺاهي ان جي تصوير مون کي موڪلي ڏيندا آهن ته مون کي بي انتها خوشي ٿيندي آهي.
سوال: توهان جي تعليم ڪيتري آهي ۽ ڪٿان حاصل ڪئي اٿوَ؟
الڪا: مون ممبئيءَ جي علائقي الهاس نگر جي آر جي ايس اسڪول مان پڙهيو آهي ۽ اعلي تعليم لاءِ الهاس نگر جي ئي آر ڪي ٽيِ ڪاليج مان مائيڪرو بايولاجي ۾ بي ايس سي ڪئي آهي.
سوال: ڇا توهان ان ڳالھ کان واقف آهيو ته توهان سنڌي کاڌن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ جي قومي فرض جا باني آهيو، انٽرنيٽ  تي توهان جي بلاگ اچڻ کان اڳ ڪنهن کي اهو احساس ڪونه هيو ته سنڌي کاڌا سنڌي ثقافت جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي ڪتابي يا اليڪٽرونڪ طريقي سان محفوظ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي؟
الڪا: مان پاڻ کي باني ته نه ٿي سمجهان ڇو ته انگريزيءَ ۾ سنڌي کاڌي جي ٺاهڻ جا ڪجھ ڪتاب ان کان اڳ ۾ هيا (هي ڪتاب شايد سنڌ ۾ نه هجن، انٽرنيٽ تي آهن) پر سنڌي کاڌن جي سهڻي نموني تصويري شڪل ماڻهن تائين پهچائڻ کي آسان ڪرڻ ۾ منهنجي بلاگ جو ڪردار آهي ۽ مان ان تي فخر ڪيان ٿي.
سوال: توهان جي خيال ۾ سنڌي کاڌن ۾ سڀني کان ڏکي ۽ گهڻو وقت وٺندڙ ڊش ڪهڙي آهي؟ ۽ اها ڪهڙي سنڌي  ڊش آهي، جيڪا توهان کي پاڻ ڏکي لڳي ٿي؟
الڪا: سنڌي کاڌا ٺاهڻ ڪا ڏکي ڳالھ ناهي، ڪو سيکڙاٽ  يا سيکڙاٽ باورچي به سنڌي کاڌا آرام سان ٺاهي وٺندو پر ڪجھ خاص شيون آهن، جيڪي ڏکيون آهن مثال طور هڪ سنڌي مٺائي آهي جنهن کي پراڳڙي ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو دراصل مٺو سموسو آهي يا گيئر يا وڏي جُليبي آهي انهن شين کي ٺاهڻ ٿورو ڏکيو آهي.
سوال: توهان سنڌي کاڌي ۾ ڇا کائڻ پسند ڪنديون آهيو؟
الڪا: ڪڙهي چانور، ٽُڪ پٽاٽا (تريل پٽاٽا).
سوال: روز زندگي ۾ گهر ۾ ڪهڙو نيرن پچائينديون آهيو؟
الڪا: منهنجي پٽ کي اسڪول لنچ ۾ بصر واري ڪوڪي، گيھ ۾ مانيءَ کي ڀوري ان ۾ ڪُٽي پسند آهي، ان کان علاوه هن کي پٽاٽي وارو ڦلڪو يا سيئل ڊبل روٽي پسند آهي سو پورو ڪٽنب به اهو ئي کاڌو کائيندو آهي.
سوال: ۽ موڪل واري ڏينهن تي؟
الڪا: اڪثر پاتا ڦلڪا، جن جي ٻن پڙن اندر دال يا پٽاٽا هوندا آهن، پيهون، مڱن جي دال. خاص ڏينهن تي دال پڪوان. سياري ۾ جوار جو ڊوڍو، گجرن جو سيرو، جوار جو ڀت. اونهاري ۾ ڏهي ۾ بيسڻ جي تريل نمڪين بوندي وجهي، لوڻ مرچ وجهي، ان ڏهي يا ڏُڌ کي  ڦلڪي سان کاڌو ويندو آهي. پاتا ڦلڪا يا غير سنڌي ٻولي ۾ ”آلو يا دال جا پراٺا“ شڪارپور جي سنڌين ان وقت کان کائڻ شروع ڪيا، جڏهن سکن جي مذهبي پيشوا گرو نانڪ 1600 صدي  ع  ڌاري شڪارپور جو دورو ڪيو هو ۽ هي پنجابي ”پراٺا“ سنڌ جي هن شهر ۾ عام ٿي ويا.
سوال: اسان جي سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان جڏهن ڪو ميڙاڪو يا فنڪشن ٿيندو آهي ته هندوستان مان صرف ادبي ليکڪن کي گهرايو ويندو آهي، اهو دعوت نامو ڪنهن فوڊ بلاگر کي نه موڪليو ويندو آهي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته توهان کي اڃا تائين سنڌ حڪومت طرفان شاه لطيف ڪانفرنس ۾ اچڻ جو ڪو دعوت نامو نه مليو آهي. شاه لطيف  جي شاعري آهي ئي سنڌي ثقافت، گلن، ٻوٽن، ميون ۽ کاڌن تي، جي توهان کي سنڌ جو ثقافت کاتو دعوت نامو موڪلي ته توهان اينديون؟
الڪا: اها هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي ته کاڌي جي ليکڪن کي اها مڃتا ناهي. هتي ڀارت ۾ به فوڊ بلاگرس کي مڃتا نه ملي آهي، جنهن جا اهي مستحق آهن، هتي به اڃا ماڻهو صرف ادب لکندڙن کي ليکڪ سمجهيو ويٺا آهن يا وڌ ۾ وڌ موسيقي کي ثقافت ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. مون کي يقين آهي ته هندوستان ۽ سڄي دنيا ۾ اهڙا هزارين سنڌي آهن، جيڪي سنڌ اچڻ جي خواهش رکن ٿا ۽ مان به انهن منجهان آهيان.
سوال: ڀٽ شاھ جو شهر سنڌ جي ثقافتي راڄڌاني آهي، توهان کي سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي سامهون بيهي ڪيئن محسوس ٿيندو؟
الڪا: انهيءَ اباڻي سرزمين تي قدم رکڻ جتي اسان جي وڏن جا قدم پيا هجن، انهن جو پگهر ۽ رت ڪريو هجي، انهن جڳهن تي وڃڻ جتي هنن جا گهر، اسڪول، کيڏڻ جون جايون يا پوڄا جون جڳهون رهيون هجن، هنن جي يادگيريون ملڻ جو موقعو هوندو ۽ مان اميد ڪيان ٿي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ضرور اچي.
سوال: توهان کي سنڌ ۾ ٻي ڪا جاءِ گهمڻ جو شوق آهي؟
الڪا: مون سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گهٽين ۾ وڪامندڙ سنڌي کاڌي جي باري ۾ ايترو ته پڙهيو آهي، جو مون کي انهن جڳهن ڏسڻ جو شوق آهي. مون کي خبر ناهي ته حيدرآباد ۾ ڦُليلي ڪئنال، ڄيٺملاڻي گهٽي آهي يا جُنگشاهي جو ڪو وجود آهي يا ڪوٽڙي نالي ڪا جڳھ موجود آهي پر مون کي انهن جڳهن ڏسڻ جو شوق آهي جتي جو سنڌي کاڌو مشهور آهي.
سوال: سنڌ واسين کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟
الڪا: مان هنن سان جڙڻ چاهيان ٿي، هي مون سان اباڻي کاڌي جا نج طريقا ونڊين ته مان انهن کي دنيا سان ونڊيا. مهرباني ڪري پنهنجي وڏڙن جي نج طريقن کي محفوظ ڪيو، توهان جي ناني، ڏاڏي جيڪي کاڌا ٺاهين انهن جون تصويرون ڪڍو، ڪو سنڌي موسمي ميوو هجي ته ان جي تصوير ڪڍي رکو ۽ سنڌين سان شيئر ڪيو، ڪو خاص سنڌي طعام ڪنهن خاص ڏهاڙي، ڏڻ تي پچي ٿو ته اهو به لکو ۽ اها معلومات ونڊ ڪيو، صوفي ميلن تي جيڪا طعام پچائي ورهايا وڃن ٿا يا دڪان تي مٺايون ملن ٿيون يا ٻيو ڪو سنڌي کاڌو ملي ٿو انهن جا نالا، تصويرن ٺاهڻ جا طريقا هٿ ڪري لکت ۾ محفوظ ڪريو، سنڌ جي ننڍن شهرن جي گهٽين ۾ ملندڙ کاڌي جون تصويرون، نالا لکي موڪليو، انهن جي ٺاهڻ جو طريقو ڳولي اهو ونڊ ڪيو، ڪجھ به ڪري پنهنجي ثقافت کي بچايو ۽ محفوظ ڪيو.
اچو ته سڀ گڏجي سنڌي کاڌي کي دنيا جي سامهون آڻيون ۽ هن کي اها مڃتا ڏيون جنهن جو هي لائق آهي.



نوٽ: سنڌي کاڌن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو آهي، انهن کي محفوظ ڪرڻ گهرجي.

No comments:

راءِ ڏيندا