; سنڌي شخصيتون: فقير جمال الدين - نور سنڌي

29 June, 2016

فقير جمال الدين - نور سنڌي

فقير جمال الدين
گيڙو ويس پهريل فقير - ورسيءَ جي حوالي سان
نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي چنيسر ملاح هو.


جمال الدين فقير پهرين ڳوٺ ۾ مدرسو کوليو ۽ پاڻ مسجد ۾ پيش امام به رهيو. سندس ملاقات مشهور صوفي شاعر حضرت منٺار فقير راڄڙ جي سجاده نشين فقير ولي بخش سان ٿي، جنهن بعد هو صوفياڻي رنگ ۾ رچي ويو ۽ پاڻ درگاهه منٺار فقير جو طالب بڻيو ۽ پاڻ بعد ۾ کوليل مدرسو علائقي جي مولوين کي ڏئي پاڻ والد کان راڳ سکيو، بعد ۾ پنهنجي هڪ رشتيدار فنڪار مولا بخش کان به راڳ سکيو ۽ پاڻ ضلعي سانگهڙ اندر مختلف ولي الله جي عرس مبارڪ ۾ درگاهه ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ شادين ۾ به فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. جڏهن پاڻ مشهور صوفي فنڪار سهراب فقير سان شامل ٿي سڄي سنڌ جي درگاهن مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ فنڪشنن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو ته کيس وڏي مڃتا ملي. جڏهن سهراب فقير جو آواز بند ٿي ويو ته سهراب فقير جي معرفت جمال الدين فقير جي ملاقات ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري حميد آخوند سان ٿي، جنهن کيس سهراب فقير جي سنگ جو سرواڻ مقرر ڪيو ۽ پاڻ سهراب فقير جي موجودگي ۾ سنگ جي سرواڻي ڪرڻ لڳو. پهريون دفعو 83ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سچل سائين جو ڪلام رڪارڊ ٿيو. پي ٽي وي تي سندس پهريون پروگرام 84ع ۾ سوجهرو ٿيو، ريڊيو پاڪستان توڙي پي ٽي وي تي کيس متعارف ڪرائڻ ۾ سهراب فقير جو هٿ رهيو. جڏهن ملڪ ۾ لاتعداد نجي ٽي وي چينل ۽ ايف ايم ريڊيو قائم ٿيا ته پاڻ اتي به فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. سندس ڳائڻ جو انداز منفرد هو، پر سندس والد ۽ سهراب فقير جو رنگ به نظر ايندو هو. جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته سنگ سان گڏ ڳائيندي نچندي ايندو هو. جڏهن ڳائيندي جوش ۾ ايندو هو ته ڦيريون پائي نچندي ويٺلن کي نچائي ڇڏيندو هو. سنڌ جي صوفياڻن فنڪارن ۾ سندس منفرد حيثيت هوندي هئي. سنگ وارن فنڪارن کي سهراب فقير ۽ جمال الدين فقير وڏو مان مرتبو ڏياريو. کيس سهراب فقير سان گڏ توڙي ان کانپوءِ پنهنجي سنگ سان گڏ آمريڪا، برطانيا، دبئي، هالينڊ، بيلجيم، تيونس، اٽلي، جرمني ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو، جتي سنڌي نه سمجهندڙ انگريزن کي جهومائي ڇڏيو. پاڻ ملڪ جي ٻين صوبن جي مختلف شهرن ۽ اسلام آباد ۾ صوفياڻي راڳ جو جادو جڳايو. کيس فن جي خدمت جي اعتراف طور ٻه دفعا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، حسن بخش شاهه ايوارڊ سميت تقريبن 20 ايوارڊ ماڻيا. کيس سنڌ جي ولين سان وڏي عقيدت هئي. پاڻ ولين جي عرس مبارڪ ۾ عقيدت طور خدمت واري جذبي سان شريڪ ٿيندو هو. هن ڏوڪڙن جي ياري بجاءِ فن جي آبياري ڪئي. درگاهن تي عرس مبارڪن جا پروگرام هجن، سنڌ جي مختلف شهرن تنظيمن جا ٿيندڙ پروگرام، ڪاڄن جون دعوتون هجن، ڪڏهن به ڏوڪڙ طئه ڪري نه ويو. اتي جيڪو مليو اکين تي رکيو. ڪڏهن به لالچ نه ڪئي. سندس آواز ۽ انداز جو ايڏو جادو هو جو جڏهن ڳائيندو هو ته ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندي هئي.
جمال الدين فقير کي مختلف پروگرامن ۾ 88ع کان ٻڌندو اچان پيو، پر ساڻس باقاعده تعارف 1993ع ۾ لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ ٿيو، ان بعد ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو سلسلو جاري رهيو. ڪڏهن لطيف سائين جي عرس تي ڪڏهن منٺار فقير، حسن بخش شاهه، سچل سرمست ته ڪڏهن ڪنهن دوست جي ڪاڄ ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو، ڪچهري ۾ جيڪو به موضوع کلندو هو پاڻ ماهر انداز ۾ ان تي دلين سان ڪچهريون ڪندو هو. کيس سڀني درگاهن سان عقيدت هئي، پر لطيف سائين، سچل ۽ منٺار فقير سان وڏي عقيدت هئي. منٺار فقير جو طالب هئڻ ڪري عرس مبارڪ کانسواءِ به پاڻ وقت به وقت اتي حاضري ڀري راڳ ويراڳ جون محفلون به مچائيندو هو. هر ماڻهو سان پيار محبت، نوڙت نياز سان ملندو هو. هيڏي ليول جو فنڪار هئڻ جي باوجود هن ۾ ڪابه وڏائي يا مغروري نه هئي. پاڻ وڏو اوطاقي وارو مهمان نواز هو. ڳوٺ ڀرسان مئخانه فقير جمال الدين نالي سان سندس اوطاق هئي، جتي هر وقت ديسي پرديسي، فقير فقراءَ موجود هوندا هئا. پاڻ ڳوٺ ۾ هوندو هو ته ان مئخاني تي وڏيون ڪچهريون متل هونديون هيون. پاڻ عبادت گذار رهيو، بيماري واري حالت ۾ به رمضان شريف جا روزا رکندو هو. مٿس هميشه حميد آخوند جو شفقت ڀريو هٿ رهيو. جڏهن 3 مهينا اڳ ڪراچي ۾ آنڊي جو آپريشن ڪرايو ته حميد آخوند جي ڪوششن سان نه صرف ثقافت کاتي پاران سندس مالي مدد ڪئي وئي پر ٻين طريقن سان به هن فقير جي مدد ٿي. آنڊي جي آپريشن بعد پاڻ بيمار رهڻ لڳو، وصال کان ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ وارن کي الوداعي ملاقات لاءِ گهرايو ۽ کين ٻڌايو ته هو هاڻ هن فاني دنيا ۾ چند ڏينهن جو مهمان آهي، سندس ائين اها خواهش رهي ته سندس وصال 21 رمضان شريف تي ٿئي ۽ پاڻ 21 رمضان 1437هه تي ئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
وصال کان هڪ ڏينهن اڳ سندس شگر ۽ ساهه جي تڪليف وڌي وئي ته سندس پٽ جڏهن کيس علاج لاءِ حيدرآباد وٺي پئي ويو ته پاڻ کيس منع ڪئي ۽ چيو ته هاڻ دنيا جو داڻو پاڻي اسان تي بند ٿي رهيو آهي. زندگي جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، هاڻ ڦڪيون فرق نه ڪنديون، کيس اسپتال ۾ رلايو نه وڃي، کيس پنهنجي گهر ۾ مرڻ ڏنو وڃي. حيدرآباد اسپتال ۾ سندس خواهش تي سندس مرشد فقير محمد بخش ضامن سان فون تي ڳالهرايو ويو ۽ پاڻ کين چيو ته مرشد هاڻ اسان جي موڪلاڻي آهي. سندس مشهور  گيتن ۾ جيئن نچائيندي تيئن نچندي هي نچڻ واري تنهنجي ڀولڙي، هم صنم ڪي دست سي شراب پي آئي، فقير آهي خدا جو مظهر فقير مليو الله مليو. يار جو جلوه ڏٺم چريو ٿيم، آهي ارمان عجيبن جو مون کي نال نه انيائون. صوفي جي ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آهي. حق الله حق الله چئو الله اندر ۾ ۽ ٻيا آهن. صوفياڻن ڪلام کيس فن جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، پاڻ پويان 5 فرزند برڪت علي، ڊاڪٽر مصري، عاشق علي ايڊووڪيٽ، قلندر بخش، اُميد علي، 4 نياڻيون هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيا آهن، سندس وصال تي نه صرف سندس خاندان، ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقي جا ماڻهو بلڪه سنڌ جا لکين سندس چاهيندڙ سوڳوار آهن. سندس وفات وصيعت موجب سندس مئخانه جمال الدين فقير ۾ اندر صحن جي اولهه طرف ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس خواهش موجب سندس آخري سفر کان وٺي سندس جسم خاڪي کي لحد ۾ لاهڻ کان وٺي ڪانڌين جي واپس وڃڻ تائين مشهور صوفي راڳ مانجهي فقير سنگ سان گڏ صوفياڻو راڳ ڳايو.
پاڻ فن کي محدود رکڻ بجاءِ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ عمران سمون، مرتضيٰ خاصخيلي، نياز حسين، امتياز علي ۽ ٻيا آهن، اُميد آهي ته سندس فرزند والد جي مشن کي پورو ڪندو. جمال الدين فقير بهترين صوفي راڳي سان گڏ وڏو راڄائتو ماڻهو هو، علائقي جي غريبن جي مدد ڪرڻ کان وٺي سنڌ اندر دوستن جي خوشي ۽ غمي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اڄ هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس ڳايل ڪلام هلندا رهندا. هو اسان جي دلين ۽ ذهن ۾ زنده رهندو. اسان سندس خاندان ۽ چاهيندڙن جي سوڳ ۾ برابر جا شريڪ آهيون.


صوفي جمال فقير جو لاڏاڻو ۽ آخري سفر جو احوال
نويد گل خاصخيلي
سنڌ جي ناليواري صوفي راڳي فقير جمال الدين سال 1951ع ۾ جهول ويجهو ڳوٺ حاجي رشيد خان مري ۾ صوفي راڳي مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ٻوٻي اسٽيشن جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي هو والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس وڏڙا اصل هندوستان جي علائقي راجستان سان تعلق رکندڙ هئا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهي لڏي هت جهول آيا ۽ ڳوٺ رشيد خان مري ۾ رهڻ لڳا هن کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو وڏو شوق هو ۽ موسيقي جي تعليم هن والد مصري فقير ۽ ويجهي مائٽ مولا بخش فقير کان حاصل ڪئي، جمال الدين فقير شروع ۾ ضلعي سانگهڙ جي ننڍين وڏين درگاهن تي حاضري ڀرڻ سان ڪاڄن ۾ ڳائيندو هو. بعد ۾ سهراب فقير جي آواز بند ٿي وڃڻ بعد سهراب فقير معرفت انهيءَ وقت جي ثقافت جي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند سان سندس ملاقات ٿي جنهن کيس صوفي سنگت جو سرواڻ ڪري کيس ملڪ جي مختلف صوبن ۽ بعد ۾ ٻاهرين ملڪن مان متعارف ڪرايو. جمال الدين فقير سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي درگاهه سان واڳيل هو. پاڻ انتهائي شريف پرهيزگار نيڪ نمازي ۽ تهجد گزار هو سندس زندگي جو اهم ڪارنامو اهو به آهي ته قرآن پاڪ کي سندي هٿ اکرن سان لکي هڪ اهم ڪم ڪيو. چار ورهيه اڳ هن ٻوٻي اسٽيشن جي ڀرسان مئخانو ٺهرايو. فقير کي شاه لطيف ۽ سچل ايوارڊ سميت ويھ کان مٿي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
ٽي مهينا اڳ سندن طبيعت خراب هئڻ سبب سول اسپتال ڪراچي جي ايس آءِ يو ۾ داخل ڪيو ويو جٿي سندن آپريشن به ٿيو پر اهو شگر ۽ بلڊ پريشر سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ سندس طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، نيٺ گذريل آچر تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هن دنيا کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
سندس مڙھ جهول لڳ ڳوٺ رئيس رشيد خان مري آندو ويو جتي سنڌ جي تمام وڏي صوفي راڳي فقير جمال الدين مڱڻهار جي جنازي نماز ٻوٻي اسٽيشن وٽ مئخاني جمال الدين فقير جي اڳيان مولوي سيد تنوير حسن شاه ڪاظمي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ درگاهه منٺار فقير راڄڙ جي گادي نشين فقير محمد بخش، ضامن راڄڙ، سنڌي ٻولي بااختيار ادارو جي چيئرمين سرفراز راڄڙ، سافڪو چيف سليمان جي ابڙو، رئيس لطف علي خان مري، پروفيسر محمد مبين وساڻ، پروفيسر محمد نواز ڪنڀر، سول سوسائٽي اڳواڻ منصور ميمڻ، مير حسن مري، سائين عاجز منگي، اسلم ميمڻ، امير بخش بڙدي، خدا ڏنو ڪاڇائي، رئيس امير حسن لسڪاڻي، سنڌ جو صوفي راڳي مانجهي فقير بودائي، وسند فقير شر، غلام عباس لسڪاڻي، خان محمد خاصخيلي، نويد گل خاصخيلي، غلام رسول خاصخيلي، امير علي ڪيريو، مسڪين محمد وارث خاصخيلي، ڪريم بخش ٿيٻو سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي،صوفي راڳي جي جسد خاڪي مٿان گلن جي ورکا ڪري کيس لحد ۾ لاهڻ لاءِ ڪلها ڏيڻ مهل صوفي راڳين مانجهي فقير، وسند فقير، رجب فقير صوفي آلاپ ڏيندا رهيا. سوين ماڻهون اوڇنگارون ڏئي روئندا رهيا مرحوم کي وصيعت موجب ميخاني جي اولھه طرف ڪنڊ ۾ لحد لاهي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. فقير جي وارثن لاءِ سنڌي ٻولي بااختيار ادارو جي چيئرمين سرفراز راڄڙ پاران پنج لک رپيا ۽ جمال الدين فقير جي علاج تي آيل خرچ جو پڻ اعلان ڪيو.
جمال الدين سڄي زندگي راڳ کي عبادت سمجهي ماڻهن تائين پهچايو هن سنڌ جي سنڌي توڙي اردو اديبن جي اڌ سڏ تي وڃي سندن محفلن ۾ شريڪ ٿيندو پر هن جي جنازي نماز ۾ سرفراز راڄڙ، صوفي فقير مانجهي بودائي کان سواءِ ڪنهن به سرڪاري ڪاموري آفيسرن چونڊيل نمائندن شرڪت نه ڪئي.
جمال الدين فقير بابت معلوم ٿيو آهي ته هو برادري جي پنج سئو گهرن جو چڱو مڙس ۽ برادري جي نوجوانن جي شادين جا نڪاح پاڻ پڙهائيندو ۽ فوتين جي پڻ جنازي نماز پاڻ پڙهائيندو هو فقير جمال الدين طريقي سان وڏو مفتي پرهيزگار هو فرض روزن کان علاوه به ٻيا روزا رکندو هو.

پروفيسر نواز ڪنڀر چيو ته صوفي راڳي جمال الدين ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شاعري ڪئي پر هن عظيم فنڪار ڪڏهن به پنهنجي شاعري پاڻ نه ڳائي هميشه هن لطيف،سچل،خوش خير محمد وارن جي شاعري ڳائي داد حاصل ڪيو فقير جمال الدين هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو پر سندس دل ڪشادي هئي سندس غريب خانو هميشه مهمانن سان ڀريو پيو هندو هو سنڌ ڪڏهن به عظيم فنڪار جو خال نه ڀري سگهندي.


فقير جمال الدين
صوفي راڳي
جتي پوري دنيا ۾ مذهبي انتهاپسندي جو راڪاس معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائيندو هجي ۽ انسانيت جا دشمن روز روز شڪلين مٽائي ماڻهن کي موت جي ننڊسمهاريندا هجن اتي سنڌ ڌرتي جا صوفي راڳي پنهنجي راڳ وسيلي ان وحشت، جبر ۽ بربريت کي للڪاريندا رهن ٿا، ”مين جانو ميرا خدا جاني“ جهڙن ڪلامن سان سيڪيولر قدرن کي فروغ ڏيندڙ سنڌ جا صوفي راڳي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ انسانيت جي پرچار ڪندي نظر ايندا آهن، سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي عظيم ماڻهن کي جنم ڏنو آهي جن وقت جي جابرن ۽ وحشين سان مهاڏو اٽڪائي سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف مزاحمت ڪئي آهي. جهوڪ جي شاهه عنايت مزاحمت ذريعي وقت جي جابر ۽ ظالم حڪمرانن کي للڪاريو ته ڪنور ڀڳت راڳ وسيلي ماڻهن ۾ محبت، امن ۽ انسانيت جو درس ڏيندو رهندو هو، سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين سڏجي ٿي، هتي جي خمير ۾ صوفي ازم جي پرچار ۽ ان سان لڳاءُ  هر دور ۾ رهيو آهي، جتي شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جهڙا صوفي شاعر ٿي گذريا آهن اتي سنڌ جي صوفي راڳين پڻ پاڻ ملهايو آهي، سنڌ اندر جتي مذهبي انتهاپسندي ڪاريهر نانگ وانگر سنڌ جي رواداري واري ماحول کي ڏنگي رهي آهي اتي سنڌ جي صوفي راڳي شاهه، سچل، سامي، شاهه عنايت، بيدل بيڪس ۽ ڀڳت ڪنور جو پيغام پنهنجن الاپن وسيلي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پهچائي مذهبي انتهاپسندي سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن. اهڙن ئي صوفي راڳين مان فقير جمال الدين به هڪ هو، فقير جمال الدين ان صوفي سنگ ۽ ساز سان سلهاڙيل هو جيڪو شاهه عنايت جي احاطي، سچل جي نگري، بيدل بيڪس ۽ مصري شاهه جي اڱڻ تي گيڙو ويس پائي يڪتاري جي تال تي مذهبي انتهاپسندي کي للڪاريندي پيار، محبت ۽ انسانيت جو پيغام پهچائيندو رهي ٿو. فقير جمال الدين جي وڇوڙو صوفي راڳ جي هڪ دور جي پڄاڻي آهي ڳاڙهي ڏاڙهي ۽ گيڙو ويس پهريل فقير جمال الدين سنڌ جي رواداري، محبت ۽ امن واري ڌرتي جو چهرو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، فقير جمال الدين جو تعلق ان ضلعي سان به هي جيڪو سدائين پرامن رهيو آهي، جتي منٺار فقير راڄڙ جي درگاهه به آهي ته بابا ڌريج سوامي جي مڙهي به، اها خوشنصيبي به سانگهڙ ضلعي جي حصي ۾ اچي ٿي ته سنڌ جي ٻن مشهور صوفي راڳين مانجهي فقير ۽ جمال الدين جو تعلق هن ئي ضلعي سان آهي، فقير جمال الدين 1951ع ۾  جهول ويجهو ڳوٺ رشيد خان بروهي ۾ صوفي راڳي مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم ٻوٻي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، شروع  شروع  ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي والد مصري فقير کان ورتائين پر سڳي ٻڌو شاگرد مولا بخش فقير جو هو، ڪافي عرصو بيهي ڳائيندو هو، سهراب فقير جي طبيعت خراب ٿي ته هن فقير جمال الدين کي سنگ ۾ کنيو، صوفي ڳائڻن ۾ فقير جمال الدين تمام سمجهداري سان ڳائڻ وارو فنڪار هو، هن جي گلي جي پچ تمام وڏي هئي،کيس سوز ۽ گداز وارو آواز عطا ٿيل هو، مزاج ۾ تمام گهٽ ڳالهائيندڙ، نهٺو هو، سر ۽ لئي کي ڏاڍي سهڻي انداز سان نڀائيندو هو، چون ٿا ته جڏهن ترڪي ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ ويو ته ترڪي حڪومت کيس رهڻ جي گذارش ڪئي پر هن سنڌ موٽي اچڻ کي اوليت ڏني، فقير جمال الدين آمريڪا، برطانيا، ڪئينڊا، اٽلي، يورپ سميت 15 ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجا ڪيترائي  مداح پيدا ڪيا ۽ صوفياڻي راڳ وسيلي هو هر قوم کي جهومائيندو رهيو، بقول ذوالفقار قادري جي ته رائل البرٽ هال لنڊن جي ان محفلن کي اڄ به گوريون انگريز ميڊمون وساري نه سگهيون آهن جڏهن جمال الدين فقير سچل سائين جو ڪلام ”جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مست و مست مدام“ حق موجود سدا موجود پيش ڪيو ته سڄو هال جهومي اٿيو، جيتوڻيڪ انگريز سرائيڪي نه سمجهندا هئا پر فقير جمال الدين جي گائڪي جي انداز انگريزن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، فقير جمال الدين نه صرف صوفي راڳي هو پر سنڌ جي صوفي روايتن، سنڌ جي پرامن ۽ رواداري واري مزاج جو سفير هو،  فقير جمال الدين ”پنهنجي پاڻ سان جنگ“ جي فلسفي هيٺ زندگي گذاريندڙ فنڪار هو، فقير جمال الدين نه صرف صوفي راڳي پر ان سان گڏوگڏ هڪ لڪيل شاعر به هو ۽ هن پاڻ به ڪيترا ئي ڪلام لکيا آهن جنهن کي سندس اولاد سهيڙي رکيو آهي، جنهن کي هاڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو، ان کان علاوه جمال الدين فقير پنهنجي هٿ اکرن سان قرآن شريف مڪمل لکيو آهي جنهن لاءِ فقير چوندو هو ته هيءُ سندس پورهيو ٻنهي جهانن ۾ سندس آجپي جو ذريعو آهي، فقير جمال الدين جڏهن سنڌي لهجي ۾ اردو ڪلام ”هم صنم ڪي دست سي شراب پيا“ جهڙا ڪلام ڳائيندو هو ته ٻڌندڙ تي عجيب قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو، فقير جمال الدين ڪڏهن به شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر شهرت خوبخود فقير جمال الدين جي دروازي تي سلامي ڏني، فقير جمال الدين شروع کان ئي صوفياڻي رنگ ۾ رڱيل هو جيڪا رمز سندس آخري وقت تائين ساڻس گڏ هئي، فقير جي خصوصيت اها به هئي ته جتي هن بين الاقوامي سطح جي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو اتي اگر ڪير کيس دل سان نينڍ ڏيندو هو ته فقير سنڌ جي ننڍي کان ننڍي مقامي سطح جي پروگرام ۾ پڻ ڪهي ايندو  هو، جتي پاڻ آئي وئي جو کلي کيڪاري آجيان ڪندو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو، فقير سنڌ جي تقريبن صوفي شاعرن جو ڪلام ڳايو آهي، جمال الدين فقير روحاني طرح کپري تعلقي جي درگاهه کاڻي راڄڙ جي بزرگ منٺار فقير راڄڙ جو عقيدت مند هو، ان کانسواءِ فقير جي حضرت پير صاحب پاڳاري سان به روحاني عقيدت هئي، فقير راڳ جي ذريعي هميشه پيار محبت، ڀائيچاري ۽ ڪنهن به مذهبي متڀيد کانسواءِ برابري جو درس ڏيندو هو. فقير جمال الدين صرف نالي جو ئي نه پر طبيعت ۾ پڻ فقير منش انسان هو، سندس مئخاني جا دورازا هر وقت کليل هوندا هئا، فقير ڪجهه وقت اڳي پنهنجي ڳوٺ کان پرڀرو روڊ جي ڀرسان هڪ مئخانو جوڙايو هو جتي هو پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪندو هو ۽ فقير جي وصيت هئي ته کيس مئخاني جي اولهندي ڪنڊ ۾ آسود خاڪ ڪيو وڃي ۽ وصيت ۾ اهو به چيو هئائين ته سندس وصال تي روڄ راڙو نه ڪيو وڃي پر کيس صوفي سنگ  ۽ حق  موجود جي صدائن ۾ ڳائي وڄائي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو وڃي.

جمال الدين فقير جتي صوفي راڳ جو راڻو هو اتي هو پنهنجي برادري جو نيڪ مرد پڻ هو، جيڪو برادري جي ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏ برادري جي هر ننڍي وڏي خوشي ۾ شريڪ ٿيندو هو، فقير پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري پنهنجي پيرن تي بيهاريو، سندس هڪ فرزند برڪت فقير پرائمري استاد هئڻ سان گڏ فقير جي صوفي طريقي تي هلندي راڳ جي سکيا پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ فقير برڪت جمال پنهنجي والد جيان صوفي راڳ سان سلهاڙيل آهي، سندس ٻيو فرزند مصري جمال مسيحائي پيشي سان وابسته آهي ۽ ٽيون فرزند عاشق جمال وڪيل آهي ۽ جڏهن چوٿون پٽ امداد جمال تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، فقير جمال الدين جو وڇوڙو صوفي راڳ جي هڪ دور جي پڄاڻي آهي، فقير جمال الدين پنهنجي ڪلامن خاص ڪري ”هم صنم ڪي دست سي شراب پيا هي“، ”مان نچڻ واري ڀولڙي“، ”جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مست و مست مدام“ ”ست گر ايسا ڀيد بتايا ڪي جينا مرنا ياد نهين“ جهڙن ڪلامن ذريعي وڏي شهرت حاصل ڪئي. فقير جمال الدين سهراب  فقير جي وڇوڙي کانپوءِ ان جو رهيل خال ڀريو پر فقير جمال الدين جي وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو صدين تائين ڀرجڻ تمام مشڪل آهي، فقير جمال الدين صوفي راڳ کي هڪ نئون جيئدان ڏنو ۽ اها به دلسچپ ڳالهه آهي ته ڪيترا ئي پرڏيهي مداح پڻ ساڻس ملاقات لاءِ سندس مئخاني تي ايندا هئا، ڪجهه مهينا پهريان ٻه فرانسيسي مداح پڻ پنهنجي ترجمان سان فقير سان ملاقات لاءِ سندس مئخاني تي آيا هئا، جيتوڻيڪ فقير جمال الدين جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس آلاپ صدين تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام پهچائيندو رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا