; سنڌي شخصيتون: شبير ڪنڀار - نظام الدين ڪاڪا

26 June, 2016

شبير ڪنڀار - نظام الدين ڪاڪا

شبير ڪنڀار
سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار
نظام الدين ڪاڪا
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترا ئي تمام وڏا، وڏا ۽ چڱا، چوکا نالا آهن جن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو آهي تـ چڱي خاصي مڃتا بـ ماڻي آهي. ڪي ماڻهو پريس وارن کي ويجهو هجڻ جي ڪري پيا ڇپبا ۽ ڳائبا آهن تـ ڪي سٺا تخليقڪار هجڻ جي باجود ايتري مڃتا نـ ماڻي سگهيا آهن يا انهن کي نالي ڪڍرائڻ جو شوق نـ آهي، انهن کي صرف ۽ صرف پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ، ويجهـ جو اونو رهندو آهي، اهڙن املهه انسانن مان سائين ”شبير ڪنڀار“ به آهي.


1972ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ تي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا تعلقي نيو سعيدآباد ضلعي مٽياريءَ ۾ چاچا ڀليڏنو ڪنڀار جي گهر جنم وٺندڙ سائين شبير ننڍي هوندي کان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي اجرن احساسن سان پنهنجي ڪنڀارڪي ڪرت به ڪندو اچي ۽ ان سان گڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول سيراچون ڪاڪا مان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ سندس والد چاچا ڀليڏنو ڪنڀار پنهنجي ذاتي ڪاروبار ۽ اولاد جي پڙهائيءَ جي ڪري اتان هجرت ڪري اچي هالا کي پنهنجو مسڪن بڻايائين انڪري شبير سيڪينڊري تعليم هالا جي مشهور درسگاهـ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ انٽر وري 1988ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پڙهيو. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين جڏهن تـ 1995ع ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.
شبير ڪنڀار 2000ع ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي ڇڏي اچي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ”سنڌي فونٽ“ جي ڊجيٽل بنيادي ۽ معياري عمارت سازيءَ جو ڪم شروع ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي کڻي اچي گوگل تي رکيائين. دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهـ عبداللطيف ڀٽائي جي مادري ٻوليءَ کي دنيا جي شاهوڪار ٻولين جي قطار ۾ شامل ڪرائڻ ۾ شبير جي دوستن جي گڏيل گروپ جي سرواڻي سائين ماجد ڀرڳڙيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي فونٽس ٺاهڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيائين. سندس گروپ جي دوستن جن ۾امر فياض ٻرڙو، عبدالستار زرگر، عرفان شڪارپوري، احمد سومرو، عُبيد ٿهيم، علي حسن ملاح ۽ عباس ڪوريجي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جڏهن ته سليمان وساڻ به سندن سٿ جو سهڪاري رهيو آهي. شبير ڪنڀار شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي کي ڊجيٽل سپورٽ ڏئي گوگل جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي جيڪو هر وقت انٽرنيٽ تي موجود آهي. الفابيٽ وائيز هر شعر توهان آسانيءَ سان ڳولي پڙهي سگهو ٿا ان کان علاوه ممتاز مرزا واري گنج تي به ”سنڌي فونٽ“ ٺاهي زبرون، زيريون ڏئي انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششو نجاري رکيو اچي. موبائيل تي سنڌي لکڻ جو سسٽم جو بنياد شبير ڪنڀار جو ڪارنامو آهي. انشاءَالله ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خواب کي ساڀيان جي شڪل ڏئي سنڌي ٻوليءَ کي اوج تائين پهچائيندو ۽ تمام جلد شاهـ جو گنج توهان زبرن ۽ زيرن سان آسانيءَ سان انٽرنيٽ تي پڙهي سگهندا.
جڏهن ته شبير شاهـ عبدالطيف جي بيتن جو پارکو، سائين طالب الموليٰ جي غزلن ۽ ڪافين کي برزبان ياد پڙهي ٿو ۽ لاڙ جي لعل مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو بـ مداح آهي. شبير ڪنڀار ڏيک، ويک، ٺٺ ٺانگر ۽ جُڙتو پاڻپڻي کان پاسيرو ٿي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ اوسر لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيو آهي سدائين مصروف زندگي گذاريندڙ شبير ڪنڀار تعليم کاتي ۾ استاد به آهي ته پنهنجي ذاتي ڪاشيءَ جي ڪارخاني جي نگراني به ڪري ٿو ۽ هالا تعلقي جو هڪ ننڍڙو زميندار آبادگار بـ آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان پنهنجي اڀرن ڪلهن تي رکيل ڪم کي بـ خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو ۽ اڳتي وڌندو ٿو رهي. ڪي ماڻهو هُلُ پکيڙي ماٺ ٽوڙيندا آهن تـ ڪي وري ماٺ کي ماٺ ۾ مات ڏيندا آهن.
صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئين ڪير،
منجهان ئي منجھ وڙهي، پڌر ناهي پير،
جن هي ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.
اسان سنڌ واسين جي ساهن پساهن ۾ سمايل سائين شبير ڪنڀار کي شل ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ هو پنهنجي ٻولي سنڌي ادب، سنڌي شاعري ۽ سنڌي ثقافت کي پنهنجي آڱرين جي ڇهاءَ سان ڪاشيءَ جي ڪرت ۽ انٽرنيٽ جي گوگل جي دنيا ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڪائيندو ۽ جرڪائيندو رهي.
جلي جي ٻين کي سُهائي ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.


2 comments:

  1. سائين: ماشاالله
    تمام سٺولکيو آهي توهان پر منهنجي نظر ۾ ته جيترو ڪم سائين شبير ڪيو آهي ان جي مڃتا لاءِجيترا به لفظ چئجن اهي گھٽ آهن.

    ReplyDelete
  2. سائين شبير فقط هالا نه، فقط سنڌ نه، فقط پاڪستان نه، فقط ايشيا نه پر سڄي دنيا ۾ اسان سنڌين جو آواز آهي ۽ اسان سنڌين کي سائين شبير تي نازآهي.الله سائين سائين کي سکن ڀ ري وڏي ڄمار ڏي. آمين

    ReplyDelete