; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

25 June, 2016

ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

ڊاڪٽر قادر بخش مگسي
سنڌ جي املهه شاعر خليفي نبي بخش قاسم جو اڀياسي

ڪنهن به ڊگهي وضاحت کانسواءِ اها ڳالهه سنڌي شاعراڻي ادب ۾ طئي آهي ته خليفو نبي بخش قاسم سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اسلوب جو اهڙو رچيندڙ آهي، جنهن جو ڀٽائي کانپوءِ مٽ نه آهي.


برابر بلوچ صاحب اڻٿڪ محنت ڪري خليفي صاحب جو رسالو ترتيب ڏنو ۽ اهو سنڌي ادبي بورڊ پڇايو. پر وڏو عرصو خليفو صاحب سنڌ ۾ نظر انداز ٿيندو رهيو، اهو به وڏو سچ آهي. سندس ڪيڏاري جا ڪجهه بيت ڪن تقريرن ۽ ڪن مضمونن ۾ استعمال ٿيندا رهيا پر جيڪو مرتبو رکندڙ خليفو صاحب شاعر آهي، اهو سنڌ ۾ کيس ضرور ملڻ گهرجي ها پر ايئن ٿي نه سگهيو.
ڪجهه عرصو اڳ منهنجهي دلبر دوست ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ فون تي ٻڌايو ته هو مون ڏانهن هڪ ڪتاب موڪلي رهيو آهي، جيڪو خليفي نبي بخش قاسم جي شاعريءَ بابت  آهي، مونکي سرهائي ٿي ۽ ڪتاب جو انتظار رهيو. جنهن بعد مئگزين ۾ هلندڙ اسانجي نامياري شاعر ۽ اديب غلام حسين رنگريز  صاحب جي آتم ڪٿا جي هڪ قسط ۾ سندس دوستن اديبن جي فهرست ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ جو ذڪر هيٺ آيل هو ۽ اهو به ڄاڻايل هو ته ڊاڪٽر صاحب، خليفي نبي بخش قاسم تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو آهي ۽ ان کانسواءِ به خليفي  صاحب بابت ۽ کرڙيءَ جي جنگ بابت سندس ڪتاب لکيل آهن. ايئن مونکي وري ڊاڪٽر مخموري بخاريءَ کي فون ڪرڻي پئي ۽ ان يار وري ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ صاحب جو فون نمبر به موڪلي ڏنو.
ڊاڪٽر صاحب وڏو قرب ڪري مونکي پنهنجا سڀ ڪتاب موڪلي ڏنا ۽ جڏهن ڪتاب مون وٽ پهتا ته منهنجون اکيون ٺري پيون ۽ ڊاڪٽر صاحب جو پورهيو ڏسي سندس احترام منهنجي اندر گهڻو گهڻو وڌي ويو.
ان سڀ جو اهم سبب خليفو صاحب آهي، جنهن تي سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪم گهٽ ٿيو آهي، ۽ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي هيڏو وڏو ڪم ڪيو آهي، جيڪو اسان جي نام ڪٺين اديبن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ ۾ ذڪر هيٺ نه آندو آهي ۽ جيڪڏهن آندو آهي ته سچ پچ اهڙي ڪا به لکڻي منهنجي مطالعي هيٺ نه آئي آهي. اڄ جڏهن هيءَ ڪتاب منهنجي آڏو آيل آهن ته جيڪا خوشي ڏيئي رهيا آهن ان جو اندازو منهنجي هن لکڻ مان ڪري سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي ڊاڪٽر قادر بخش مگسي صاحب جنهن 2008ع ۾ خليفي صاحب تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ان جو اهو عالم آهي جيڪو ڀٽائي جي هن سٽ ۾ آهي.
لڪا ڀڻن لوڪ ۾
ڊاڪٽر صاحب جي پي ايڇ ڊيءَ عنوان آهي ”خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ”کوڙيءَ جي جنگ ۽  ان جي پسمنظر ۾ لکيل ڪيڏاي جو هڪ تحقيقاتي جائزو“
اڄ اسان جو ڪو نوجوان ليکڪ هڪ شعر، هڪ ڪهاڻي يا هڪ مضمون لکي ٿو ته هو پاڻ لاءِ  خاص احترام جي گهر ڪري ٿو ٻئي پاسي اسانجا هيءَ ماڻڪ موتي آهن، جيڪي سنڌ کي، سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي چار املهه ڪتاب ڏيئي به ڪنهن پذيرائي کان پري، ڪنهن مهم-جوئيءَ کان ڏور.
۽ اهي چار ڪتاب به هڪ بيمثال شاعر ۽ ان جي دور تي تحقيقي ڪتاب، جيڪي اکين ۾ سانڍڻ جهڙا ڪتاب آهن. خليفي صاحب تي مگسي صاحب جي پي ايڇ ڊي جو مقالو. هڪ بيمثال شاعر تي هڪ بيمثال ڪتاب آهي.
ٻيو ڪتاب کرڙيءَ جي ميدان تي شهادت جو تاج پائيندڙ، سيد مرتضيٰ شاھ ۽ سندس ساٿين بابت آهي، جنهن جو نالو آهي ”کرڙي جي جنگ جا نامور شهيد.
ٽيون ڪتاب خليفي صاحب جي شاعريءَ بابت الڳ الڳ مضمونن تي ٻڌل آهي، جنهن جو عنوان آهي؛ ”خليفي نبي بخش جي شاعراڻي عظمت“. هيءَ ڪتاب ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ جو مرتب ڪيل آهي جنهن ۾ خليفي صاحب جي شاعريءَ بابت مضمون آهن، جن جا لکندڙ آهن.
محترم عبدالواحد آريسر، غلام حسين رنگريز، تاج جويو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد حسين ڪاشف، ڀون سنڌي، پروفيسر عبدالرزاق هاليپوٽو، معمور يوسفاڻي، ناهيد مگسي ۽ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي.
مٿين ليکڪن خليفي صاحب جي شاعريءَ بابت الڳ الڳ رخن کان پنهنجا مضمون لکيا آهن ۽ پهريون ڀيرو شايد خليفي  صاحب تي هڪ گڏيل ڪتاب ڊاڪٽر صاحب سنڌين کي ڏنو آهي پڙهڻ لاءِ!
ڊاڪٽر صاحب جو چوٿون ڪتاب آهي؛ خليفي نبي بخش ”قاسم“ جي مثنوي ”سرائيڪيءَ ۾ لکيل هيءَ مثنوي ڊاڪٽر صاحب سُوڌي سنواري، ايڊٽ ڪري، پهرين ڀيرو ڇپائي آهي جيڪا هڪ اسڪالر جي هٿن جي پورهئي جي نشاندهي ڪري ٿي.
ائين ڊاڪٽر قادر بخش مگسي صاحب بنا ڪنهن نماءَ جي سنڌ جي هڪ املهه شاعر جو مڪمل اڀياس ڏنو آهي. هڪ شاعر تي هڪ اهڙو اهڙو اڀياس، جيڪو شايد سنڌي نقادن کي ۽ محققن کي وري خليفي نبي بخش قاسم جهڙي سنڌ جي املهه شاعر ڏانهن متوجهه ڪري ۽ کيس تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جا ڪي وڌيڪ رستا کلن ۽ خليفي صاحب کي پنهنجو گهربل مقام سنڌ ۾ ملي وڃي. ۽ جڏهن به سنڌ پنهنجي هن املهه شاعر کي اهو مرتبو ڏنو، جيڪو هو لهڻي ٿوته ان سڀ جي پيڙھ جو پٿر، اسانجي احترام لائق اسڪالر ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ جو ڪيل ڪم هوندو،  جيڪو هن ڪنهن به نماءَ کانسواءِ ويهي ڪيو آهي.
اڄ جڏهن سندس ڪيل ڪم سامهون آيو آهي ته پڪ سان سنڌ جا محقق ۽ نوان ايندڙ ليکڪ ڊاڪٽر صاحب جي ڪم کي اڳتي وڌائيندا. اهڙي اميد آهي.
ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ اسان کي پنهنجو هڪ املهه شاعر ڊسڪور ڪري ڏنو آهي. سنڌ سندس اهو احسان ياد رکندي، ساڳئي وقت سندس هيءَ اڀياس سنڌي ادب ۾ پڻ پنهنجي نجي اهميت سان سدائين ياد رکيو ويندو شخصي طور هيءَ بندو پڻ سندس ٿورائتو رهندو، جو هن پنهنجا ڪتاب کيس تحفي طور موڪلي، کيس هنن لفظن لکڻ جو موقعو ڏنو ۽ بس!


No comments:

راءِ ڏيندا