ڊاڪٽر
نظير احمد چارڻ
سندس ڪيل
محنتون
محمد قاسم مير جت
وڪيل
انساني فطرت جيان اسان به جنهن
سان محبت ڪريون ٿا، جنهن سان هڪ ڀيرو پنهنجي دوستي ۽ سڄڻائپ جا ناتو ڳنڍيون ٿا، ان
دوست، سڄڻ يا مُحبتي ۾ ڪي اوڻايون، ڪي خود-مطلبيون ۽ ڪي بيوفايون به لڪل آهن. انهن
جي باري ۾ لطيف ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“ چڱاين کان سواءِ ٻي پاسي سوچڻ به
گناهه ڪري ورتو آهي. اهو رويو رڳو انساني ناتن رشتن ڏانهن به آهي ته علائقن، شهرن،
ڳوٺن ۽ زمين جي ٽڪري جنهن سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، ان ڏانهن به آهي. جدلياتي
عالم سماجي مونجهارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪا شيون ۽
لقاءَ ظاهري طرح صحيح سلامت، مستقل رهندڙ ۽ اڻ جُهرندڙ ۽ هڪ ڪَريون نظر اچن ٿيون،
پر اصل ۾، انهن جي اندر ڀڃ ڊاهه، هڪ ٻئي جي ابتڙ لاڙا ۽ طاقتون موجود آهن.
اڄ دل چيو ته دادوءَ ۽ ان جي به
ڪنهن دلبر ماڻهو جو ذڪر ڪجي. دادو ۾ ڪيتريون ئي حيرت ڀريون ڳالهيون آهن. ان ڪري سچ
چيو اٿن ته ”دادو جادو آهي“. ان جا ڪجهه مثال ته هي آهن ته هڪ پاسي سيوهڻ جي گرمي
ڄڻ ته دوزخ جو سچو سير، پر ٿورو مٿي گورک جبل تي چڙهي وڃجي ته ڄڻ بهشت سامهون هجي.
محب وطن ۽ پنهنجي قوم تي ڪو ڏکيو ڏينهن اچي ته مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجڻ قبول
ڪيو. حيدر شاهه هڪ ٻيو وڏو ڪردار. استاد بخاري جي ڳالهه ئي اور.
مغلن جي شهزادن کي سيوهڻ ۽ ان
جي آس پاس جي سميجن سک سان ويهڻ ڪونه ڏنو. ٻي پاسي جڏهن عربن جون فوجون سيوهڻ وٽ
اچي سوڙهيون ٿيون ۽ کين درياهه ٽپڻ لاءِ مناسب هنڌ جي کين خبر نه هئي ته هو پار
پئي اڌ سنڌ فتح ڪري سگهن. چچ نامي جو ليکڪ پڻ عربن جي پريشانيءَ سبب بتال هيو. ان
موقعي تي دادوءَ جي ئي رهواسي ”موڪو چنو“ جا ٿورا مڃيا جنهن ڌارين کي سنڌوندي جي
گهيڙ جو ڏس ڏنو. پير الاهي بخش جنهن جي ڌارين لاءِ ايڏي دل ڪشادي هئي، جو انهن لاءِ
هن ڪراچي ۾ هڙان وڙان خرچ ڪري ڪالوني ٺهرائي. پر جڏهن سنڌ جي ڪنڌ ۾ ”ون يونٽ جو
طوق پي وڌو ويو ته پير صاحب انهن چئن ڄڻن ۾ هيو جن ان جي حمايت نه ڪئي. وري جڏهن
ننڍي پير کي تعليم جو قلمدان عنايت ڪيو ويو ته سائين ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي
ڇڏيا ۽ ون يونٽ ۾ جيڪو تعليم کي نقصان نه ٿيو هو، اها رهيل ڪثر به پوري ٿي ويئي.
تيل ۽ گئس جي وزارت جي انگن
اکرن موجب سموري ملڪ جي ڀيٽ ۾ گهڻي کان گهڻي گئس دادو مان ملي ٿي، پر بک ۽ ڏڪار
واري صورتحال ۽ ملڪ جي وڏي کان وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍ منڇر به دادو ۾ آهي، پر ان ڍنڍ
کي سرڪار پنجاب ۽ بلوچستان مان ايندڙ گندي پاڻي جي گٽر طور استعمال ڪري ڪاڇي ۽
منڇر مان لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو مٿان وري اهو ڪنهن جو جادو آهي جو دادو مان
ٿيندڙ پڙهيل ڳڙهيل وزيرن ۽ وڏن وزيرن نه گئس فيلڊ ۾ مسڪينن کي نوڪريون ڏياريون نه
رائلٽي وٺي ڪي ترقياتي ڪم ڪرايا. دادو دنيا سان ۽ دنيا دادوءَ سان ڪيتري ڳنڍيل
هئي، هڪ کوجنا ڪندڙ اسڪالر پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته دادو ۽
آمري جا ماڻهو دنيا لتاڙيندي وڃي آمريڪا وسايائون ۽ انهن آمري جي ماڻهن جي نالي
پويان آمريڪا تي اهو نالو پيو. ان ڪري ”واسڪو ڊي گاما“ ڄڻ ته آمري جي ماڻهن جي
آباد ڪيل آمريڪا کي ڳولي لڌو. تاريخدان ان تي حيران آهن ته سنڌي اُهي پهريان ماڻهو
هئا، جيڪي سَر ۽ پَنِ مان ٺاهيل ٻيڙين تي چڙهي مصر پهتا هئا.
اسان عراق وياسون. اسانجو گائيڊ
ڊاڪٽر هئٿام حسين هو. جنهن حضرت امام حسين عليه السلام جي روضي اندر زيارت ڪندي
ٻڌايو ته هتي فقط ڏهين محرم جي شهيدن جون قبرون آهن. پر هڪ قبر حضرت ابراهيم مجاب
جي آهي، جنهن جو پڙ پوٽو عثمان مروندي قلندر شهباز سنڌڙي ۾ آهي. هٿيام حسين چيو ته
سنڌ جا ڪجهه ماڻهو حضرت علي عليه السلام کان وٺي هن خاندان سان گڏ رهيا آهن.
ايران ۾ به مونکي ان وقت
جوهي-دادو ڏاڍو ياد آيا, جڏهن ايران جي شهرن جي گهرن جي مُک دروازي وٽ ٺهيل ڊزائين
واريون جانچي ڏٺيون ته ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ سان ياد پيو اڙي هي ته دادو جي
گهُگهيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽي جون سرون آهن. اها مٽي جوهي جي آهي. سنڌ جي طرفن ۾
اتر وچولو، لاڙ، ٿر به آهي ته جوهيءَ ۾ سنڌ جو ڪاڇو به آهي. مشهور ڀارتي اداڪارا
”جوهي چاولا“ جنهن تي سندس ڏاڏي ستيش چاولا سندس اباڻي ڳوٺ سان محبت جي نشاني طور
پنهنجي پوٽي تي ”جوهي“ نالو رکيو. اها ڳالهه جوهي چاوله پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به
چئي هئي.
76-1975 جو زمانو هو. هڪ شام اسان سائين حفيظ
قريشي صاحب سان سندس گهر وياسون ته پاڻ گهر جي اڳيان ميدان تي ڪرسيون رکيو ويٺو
هو. سندس ڀر ۾ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري ويٺي هئي. اها به سڏڪي رهي هئي ۽ قريشي صاحب به
روئي رهيو هو. اسان پريشان ٿي وياسون ته خدا خير ڪري الائي ڇا ٿي ويو آهي.
پڇڻ تي قريشي صاحب ٻڌايو ته هي
ڀلجي اچي هتي پهتي آهي ۽ ڇوڪري اردو ڳالهائيندڙن جي آهي پر سندس سنڌي زبان ته ٻڌو.
ڇوڪري صفا صاف سنڌي ۾ هر سوال جو جواب ڏيئي رهي هئي پر ان ۾ قريشي صاحب جي روئڻ جي
ڪهڙي ڳالهه هئي. قريشي صاحب اسان جي حيرانگي کي پرکي ورتو هو ۽ رڙ ڪري چيائين اڙي
سنڌ جي مٽي جو تاثير ڏسو، ڪيئن ٿي ويرين جا نسل ٿي ناس ڪري. اسان جي منٿن، دهمانن
۽ رُسامن سان ڪوبه سنڌي ڪونه ٿيندو، پر هيءَ مٽي هنن کي ميٽي ڇڏيندي. ايتري ۾
ٻارڙي مائٽ به کيس ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتا. اهي صاف سنڌي پيا ڳالهائين. پڇڻ تي
ٻڌايائون ته دادو يا خيرپور ناٿن شاهه جا خانزاده آهيون. اسان ڳالهايون ۽ پڙهون به
سنڌيءَ ۾، شاعري به سنڌي ۾ ڪيون ۽ لطيف
جهڙو اوهان جو اهڙو اسان جو.
خيرپور ناٿن شاهه جا ناٿن شاهي
شاعر، احمد شاهه ”استاد“ بخاري، احمد خان مدهوش، ناز سنائي، جُمهوري جدوجهد ۾ ايم
آر ڊي جا ميهڙ ۽ دادو جا عوامي ڪارڪن،، محمد حسن رستماڻي، فوٽو رستماڻي، بخش علي
ڀنڊ ۽ سائين نور محمد مشوري اهي سڀ دادو جا دلير. ايم آر ڊي ۾ دادوءَ مان جنهن
رشيده پنهور ڇوڪري گرفتاري پيش ڪئي. اها پنهنجي اصل نالي رشيده جي بجاءَ دادو جي
بهادر ڇوڪريءَ جي نالي سان ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مشهور هئي. دادو جا پنهنجا نشا آهن.
جنهن موالي بوبڪ جي ڀنگ جو چُڪو نه چکيو، اهو موالي ئي ڪونهي. دادو جا ڌاڙيل به
پنهنجي ليکي آهي. لاکي فُلاڻي جيان پرو چانڊيو جا به ڪيئي قصا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
بدامني جي حالت اها جو اسان کي
قمبر مان ڊاڪٽر بخت جمال شيخ جي شاديءَ جي دعوت ملي. اسان محمد اسماعيل راهو جي
ڊاٽسن ۾ ڊاڪٽر جاويد، پريل مري ۽ ٻيا دعوت کائڻ وياسون. سج بيٺي دادو خير سان اڪري
وياسون پر شادي جي ڀت ملڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري رات پئجي وئي. ساٿين صلاحيو ته ترسي پئو
ته ڪچهريون ڪريون. پر جي وڃو ٿا ته ڀلا گاڏين کي پنڌ ڇا ڪنارو ڇا، هِتان چڙهيا هُتي لٿا. سو اسان به موڪلائي قمبر
کان ڌامراهه واهه تائين بنا بريڪ پهچي وياسون. ڌامراهه موري تي گاڏي لاهي جهڙتي
ورتائون. پوليس ڪانوائي شروع ٿي ويئي. پوءِ هر ڪلو ميٽر تي اها ڪار هئي. بيزار ٿي
پياسون. رات وڌندي وئي. ۽ ڌاڙيلن جو ڊپ نڪري ويو.
پر هڪ ڀيري شهيد فاضل راهوءَ
سان لاڙڪاڻي کان رات جو نڪتاسون. پويان پوليس جي گاڏي. اسان اچي وڳڻ اسٽاپ تي
بيٺاسون ته پوليس جي گاڏي به ٿورو پويان بيهي رهي. فاضل صاحب پوليس وارن کي سڏ ڪري
چيو ته ”بابا هيڏانهن اچو. اچي چانهه پيو“. پوليس وارن کي چيائين ته ”اسان ته
ضياءُ الحق جي خلاف آهيون، جيستائين ان مان جان نٿي ڇُٽي اوستائين اسان جي ننڊ
حرام آهي. اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي“؟ پوليس وارن چيو ”سائين ملڪ ۾ بدامني آهي،
اسان اوهان جي حفاظت ۾ هَلون پيا“ ته شهيد فاضل کلي کين چيو ته ”جي حفاظت ۾ هجو،
ته اڳيان هلو. اوهان پويان پيا اچو. هاڻ گهڻي حفاظت ٿي. وڃو وڃي آرام ڪيو. صبح جو
لکي ڏيئي ڇڏجو ته فاضل حفاظت سان اسان جي حد مان نڪري ويو. ڇو ٿا پنهنجي ننڊ
ڦٽايو“.
دادو جي ڀر ۾ هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ
”پنهور ٻٽڙا“ آهي. جتي نظير احمد چارڻ جو ڄنم ٿيو. ڪنهن کي خبر هئي ته هي ٻار وڏو
ٿي اهڙي سرڪاري خوراڪ کاتي ۾ نوڪري ڪندو، جتي رشوت جو درياهه ٿو وهي پر هي ان
وهڪري ۾ وهڻ بدران پاڻ کي ان درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ بدران ” اُڀا! ايئن چون، مڇڻ پاند
پسائين“ 1990ع ۾ ٽنڊو الهيار ۽ آس پاس ۾ اهڙي ته بدامني پکڙي جو ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن
جو راڄ ۽ شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن خاص ڪري خانزاده، جن جي ڀر ۾ رهندا هئاسون،
اُهي دهشت پکيڙڻ لاءِ فائرنگ ڪندا هئا. حيرت جي ڳالهه ته، انهن ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن
جي هڪٻئي سان اهڙي ياري هئي جو هڪ ڏينهن ٽي ڇوڪرا ڪنهن ماڻهوءَ کان موٽر سائيڪل ڦر
ڪري ڀڳا. پويان ماڻهو جهلجي پيا. سڃاڻپ ٿي ته هڪڙو اردو، ٻيو جمهوري سنڌي ۽ ٽيون
قومپرست سنڌي. عملي طرح اهو اتحاد اڄ به قائم آهي. پر اسان کي ٽنڊو الهيار ڇڏڻ تي
مجبور ڪري ڇڏيائون پوءِ هڪ سنڌي چوڻي تي عمل ڪندي:
”توڙي وسي قهرُ، تڏهن به وڃجي شهرِ“
ڪراچي لڏي اچڻ کانپوءِ شانتي
نگر ۾ گهر ٺهرائي رهيس ته اتي ”ڀٽائي هوميوپيٿڪ ڪلينڪ“ جو بورڊ ڏسي ساڻس ڪچهري ڪرڻ
ويس. حال احوال مان معلوم ٿيو ته هن فوڊ کاتي جي ”بهتي گنگا مان“ هٿ ڌوئڻ بدران
هوميوپيٿڪ جو ڪورس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙو دل لڳائي مطالعو ڪيو جو ايشيا جون پهريون
هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر هو جنهن گولڊ ميڊل جو اعزاز حاصل ڪيو. شام جو سندس اسپتال تي،
اوڙي پاڙي جا غريب جتي اچي گڏ ٿيندا هئا، اتي ڊفينس منجهان علاج لاءِ ماڻهو ايندا
هئا ۽ اسپتال جي اڳيان وڏيون وڏيون گاڏيون اچي گڏ ٿينديون هيون. وٽس هڪ ويسپا موٽر
سائيڪل هوندي هئي، جنهن تي چڙهي سهراب ڳوٺ کان اڳيان هڪ فليٽ ۾ وڃي رهندو هو.
مريضن کان جيڪا گهڙي فرحت ملندي هيس ته لکڻ کي لڳو پيو هوندو هو 92-1991 کان
روزاني ”جاڳو“ اخبار ۾ ٻارن جي بيمارين تي مضمون لکندو هيو. ماڻهو کانئس خط لکي
بيمارين جي باري پڇندا هئا، ڪيترا ماڻهو اخبار ۾ جواب بجاءِ ذاتي ائڊريس تي جواب
گهرندا هئا. ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ ٻڌايو ته اهڙا گهٽ ۾ گهٽ 15000 خط هئا، جن کي
مون جواب ڏنا ۽ انهن سمورن خطن جو رڪارڊ به سنڀالي رکيو آهي. جاڳو اخبار ۾ گرمين
جي موسم ۾ مضمون لکي زهرن جا قسم انهن جا اثر ۽ انهن جا ترياق ۽ ڪنهن ڪهڙو زهر
کاڌو آهي يا کيس زهر ڏنو ويو آهي ان جون علامتون ۽ ترت علاج ۽ ديسي ڏس پتا ڪهڙا ٿي
سگهن ٿا، ڏيندو هو.نانگن جا قسم، انهن جا زهريلا اثر، ان نانگ جي ڏنگڻ سان ڪهڙيون
علامتون نظر اچن ٿيون انهن جو ديسي بچاءُ ۽ علاج
جو اهو مضمونن جوسلسلو جاڳو کان پوءِ برسات اخبار ۽ عبرت مئگزين ۾ جاري
رکيائين. سنڌي ۾ ان قسم جو طبي علم وري نه ڇپيو. اهو ڊاڪٽر نظير چارڻ ئي هيو جنهن
اها ڄاڻ پهريون ڀيرو ماڻهن تي اخبار ذريعي پهچائي هُئي. 2008ع تائين سندس چوڻ موجب
ڪلينڪ مان ايتري آمدني ٿيڻ لڳي جنهن سان گهر جو گاڏو گهلي سگهجي پيو.
ياد رهي ته سنڌ مان ڊاڪٽر نظير
احمد چارڻ پهريون هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر آهي جنهن جرمني ۾ هوميو پيٿڪ ۾ 1995 ۾ اعليٰ
تعليم حاصل ڪئي. ماڻهنج ي خدمت ۽ طبي ڄاڻ تي تحقيق ڪرڻ خاطر هن فوڊ کاتي جي سڻڀي
نوڪري تان 2008ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي ۽ سندس خيال هو ته واندو ٿي ڪم ڪندس. مگر قدرت
جي ستم ظريفي جو هڪ شام اسپتال ۾ ئي ويٺو هو ته مٿس اڌ رنگ جو حملو ٿيو ۽ سندن هڪ
پاسي کي بري طرح متاثرڪيو جنهن ڪري ڊاڪٽر صفا جڏو ٿي پيو. علاج ڪرائڻ ڪري هلڻ ڦرڻ
۾ ۽ ڳالهائڻ جي تڪليف گهٽجي وئي. مگر ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام خاص ڪري سوچڻ لاءِ دماغ
تي زور ڏيڻ يا لکڻ کان سختي سان منع ڪئي. ان هوندي به ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ سان
جڏهن حال احوال ٿيو ته هن چيو ته هاڻ آئون ڳوٺ دادو ويندس. اسان دوستن کيس ڀائراڻي
صلاح ڏني ته ڪراچي ۾ تنهنجي ڪلينڪ سٺي هلي ٿي، توهان جو فرزند به ڊاڪٽر آهي، توهان
رڳو مريض پيا تپاسيندا ۽ دوا تجويز ڪندا ته اوهان جو گذر سٺو پيو ٿيندو. دادو وڃڻ
جو ٻُڌي اسان کيس چيو ته هڪ ته توهان جڏا، ٻيو نئين طرح سان شروعات ڪندا، اتي
مسڪين ماڻهو آهن. انهن وٽ ڪراچي جي مريضن جيترو پئسو به ڪونهي ۽ چئو ٿا ته آئون
لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندس ته اهو به هڪ ته اوهان کي ڊاڪٽرن منع ڪئي. ٻيو ته دادو جي
موسم 6 مهينا سخت گرمي ۽ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ مان بيزار ٿي، جو وري موٽي اچو اوستائين
جي ٺهيل ٺڪاڻو به ڦٽي وڃي. ان ڪري ڏاها ٿيو. دادو وڃڻ جو خيال دل مان ڪڍي هتي ئي
ويهي رهو.
ڊاڪٽر وراڻيو ته، توهان سچ ٿا
چئو. انهن حقيقتن کان ڪو انڪار ڪونهي. پر مان پنهنجي ضمير تي ٻوجهه کڻي مرڻ نٿو
چاهيان. شرعي نموني يا انسانيت جي حوالي سان ماڻهو جيڪا به دولت هٿ ڪري ٿو، ته
مذهبي توڙي انساني حوالي سان مٿس فرض ٿئي ٿو ته ان دولت مان ضرورت مندن جي سهائتا
ڪري. علم به هڪ دولت آهي مون نوڪري مان نٽ نٽان ڪري ڊاڪٽري جي ڊگري ورتي ۽ شام جو
ڪلينڪ هلائيندو آهيان ۽ علم طب تي مون جيڪو مطالعو ڪيو آهي. مون پنهنجو پاڻ سان
وچن ڪيو هو ته هن طب جي هنر ۽ علم جي ڄاڻ مان پنهنجي ڳوٺ دادو جي ماڻهن جي خدمت
ڪندس ۽ طبي ڄاڻ کي سنڌي ۾ لکي انهن طب سان واسطو رکندڙ يا عام ماڻهو جيڪي انگريزي
تائين ڪنهن به سبب جي ڪري رسائي حاصل نه ڪري سگهيا آهن. انهن تائين پهچايان. ان
کان اڳ جو مون تي ڪو بيماري جو ٻيو حملو نه ٿئي.
سندس عزم حوصلي ۽ همت آڏو ماٺ
ته ٿي وياسون. مگر ظاهري طرح جيئڻ چوڻ آهي ته ڪا ڪا خواهش ديواني جي خواب وانگر
آهي. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب اسپتال بند ڪري لڏو پٽي دادو هليو ويو.
منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ جو نئون سفر ۽ ان ۾ ٻڌايل ڪم ڪرڻ ڄڻ ته ناممڪن
هئا، جنهن ماڻهو جو هڪ هٿ مڪمل ڪم نه ڪري جنهن وٽ ايترو پئسو به نه آهي ته ڪو
اسٽاف رکي، ڪا ٽيم ٺاهي نه وري ڪا عاليشان عمارت هٿ ڪري سگهي، ان ۾ ڪٿان آئي طاقت،
جو ڪُشتن جي پرچار ڪري پئسه ڪمائي ۽ ڪتابن جي ڇپائي جو خرچ ڀري.
ان سموري اڻ هوند باوجود اڄڪلهه
دادو شهر ۾ هوميوپيٿي علاج جي اسپتال کولي پنهنجي وس آهر علاج به ڪري ٿو. ڊاڪٽر
نظير احمد چارڻ راتين جون راتيون جاڳي،
لائيٽ نه هئڻ جي صورت ۾ گاسليٽ تي ٻرندڙ بتي جي روشني تي بيمارين تي لکيل انگريزي
مواد جو مطالعو ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو. پڙهائي هلندي هن فيصلو ڪيو ته
ماڻهن کي ٻڌائجي ته ڪهڙي بيماري عام آهي، ان کان بچاءُ جا طريقا ڪهڙا آهن، مهانگي
علاج کي سهانگو ۽ ڪيئن آسان بنائجي، ڪهڙي بيماريءَ جون ڪهڙيون نشانيون آهن جو ٻار
نه به ٻڌائي سگهي ته اها سمجهي وڃجي.
ڊاڪٽر چارڻ اخبارن ۾ ٻارن جي
بيمارين تي لکندو رهيو آهي. ٻارن جي بيمارين تي هن سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب تيار ڪيو
آهي. هڪ جامع ڪتاب جنهن ۾ ٻارن کي لڳندڙ چاليهه بيمارين جون علامتون، سبب، سڃاڻپ ۽
انهن بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن ۽ انهن بيمارين جو هوميو پيٿي علاج
وغيره شامل آهي. جيڪوٻن جلدن ۾ آهي ان قسم جو ڪتاب سنڌ ته ڇا هند ۾ به ڪونهي.
ڪتاب ”سنڌيانه“ جيڪو 8 جلدن ۾
آهي، هر جلد ۾ 80 مضمون آهن. ان ڪتاب ۾ بيمارين جهڙوڪ پوليو، ٿيليسيميا وغيره تي
جديد تحقيق ڪئي وئي آهي. ڊينگي بخار اهو اڳي ڪاري مليريا جي نالي سان موجود آهي.
جيڪڏهن انهن جي علامتن بابت اٿندي ئي ماڻهن کي ڄاڻ پئجي وڃي ته علاج ، بچاءَ ۽
اپاءَ تمام سولا ۽ سستا آهن.
سنڌي ۾ ڪابه اهڙي مڪمل انگريزي
کان سنڌي ۾ ڊڪشنري نه هئي. ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ نه صرف انگريزي کان سنڌي ۾ ڊڪشنري
لکي رهيو آهي پر اها پنهنجي قسم جي پهرين ڊڪشنري هوندي جنهن ۾ تشريح به لکي وئي
آهي، هند سنڌ ۾ ڊڪشنري نه آهي ان ڊڪشنري ۾ 30000 اکر هوندا ۽ ٽن جلدن ۾ هوندي.
هوميوپيٿي جو دوائن جي باري ۾ Materia Medica ڪتاب، جنهن
کي هوميو پيٿي جو انجيلBible سڏيو ويندو آهي اهو ڪتاب
Dr.
William Boericke لکيو آهي، ان ڪتاب جو به ڊاڪٽر صاحب سنڌي ترجمو ڪري ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جسماني طرح اپاهج ۽ مالي طور خالي هٿين هوندي هيڏي ريسرچ ڪرڻ لاءِ جنهن
پيڙا مان گذريو، جيڪو بنا معاوضي پورهيو ڪيو، سو ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ اڃا تائين
ٿڪو ناهي.
ڊاڪٽر صاحب جو پورهيو شايد اسان
لاءِ ايترو لاڀائتو نه ٿئي ها، جيڪڏهن محترم استاد سائين محمد يعقوب ميمڻ جي لائق
نياڻي سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين فهميده ميمڻ اهي ڪتاب نه ڇپائي ها. اڄ جڏهن
اقتدار ۾ ويٺل سنڌ جا سورما سنڌ تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهن اتي ڊاڪٽر نظير چارڻ ۽
آسوٻائي جهڙا اپاهج ۽ فهميده حسين ۽ تازو سي ايس ايس امتحان پاس ڪندڙ ڇوڪرين جو
تعداد ڏسي اياز جي سٽ ياد ٿي اچي:
”اڃا رڻ مان رڙ، اچي ٿي... اچي ٿي“
تمام سٺو لکيل آهي.
ReplyDelete