; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، نظير، احمد، چارڻ، محمد، قاسم، مير جت، وڪيل،
Showing posts with label ڊاڪٽر، نظير، احمد، چارڻ، محمد، قاسم، مير جت، وڪيل،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، نظير، احمد، چارڻ، محمد، قاسم، مير جت، وڪيل،. Show all posts

28 June, 2016

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ - محمد قاسم مير جت وڪيل

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ
سندس ڪيل محنتون
محمد قاسم مير جت وڪيل
انساني فطرت جيان اسان به جنهن سان محبت ڪريون ٿا، جنهن سان هڪ ڀيرو پنهنجي دوستي ۽ سڄڻائپ جا ناتو ڳنڍيون ٿا، ان دوست، سڄڻ يا مُحبتي ۾ ڪي اوڻايون، ڪي خود-مطلبيون ۽ ڪي بيوفايون به لڪل آهن. انهن جي باري ۾ لطيف ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“ چڱاين کان سواءِ ٻي پاسي سوچڻ به گناهه ڪري ورتو آهي. اهو رويو رڳو انساني ناتن رشتن ڏانهن به آهي ته علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ زمين جي ٽڪري جنهن سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، ان ڏانهن به آهي. جدلياتي عالم سماجي مونجهارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪا شيون ۽ لقاءَ ظاهري طرح صحيح سلامت، مستقل رهندڙ ۽ اڻ جُهرندڙ ۽ هڪ ڪَريون نظر اچن ٿيون، پر اصل ۾، انهن جي اندر ڀڃ ڊاهه، هڪ ٻئي جي ابتڙ لاڙا ۽ طاقتون موجود آهن.