; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

04 October, 2026

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

انگريزي ادب جو استاد - دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ۱۹۷۶ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع واهي پانڌي شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ پرائمري استاد گل محمد رستماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو۔ اٺين درجي تائين مڊل اسڪول واهي پانڌيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان مئٽرڪ ڪئي. استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ۱۹۹۵ع ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪيائين۔ ۱۹۹۸ع ۾ هن بي اي آنرز ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان فرسٽ ڊويزن ۾ انگريزي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ۲۰۱۱ع ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مانEnglish Language Teaching Practices  (انگريزي ٻوليءَ جي تدريس جا طريقا) عنوان سان تحقيقي مقالو لکي هن ايم فل جي سند ورتي. ۲۰۲۴ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مانSindhi Intelligentsia and learners perspectives on English Learning  (سنڌي دانشور طبقو ۽ انگريزيءَ جي سکيا بابت سکيا وٺندڙن جو نقطهءِ نظر) عنوان سان ٿيسز پيش ڪري اطلاقي انگريزي لسانيات (Applied English Linguistics) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. دادو ۾ رهائش دوران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان APP جو رپورٽر رهيو. سنڌ ٽربيون  (Sindh Tribune)۽ اردو اخبار روزاني جسارت جو پڻ دادو جو ضلعي عيوضي  (District Correspondent)رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرز دوران عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ پندرهن روزه عبرت مئگزين جو سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئمپس رپورٽر رهيو۔


ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ لسانيات ۽ ادب تي منعقد ٿيندڙ ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندو رهيو آهي. سندس لڳ ڀڳ ۲۰۰ سنڌي ۽ انگريزي آرٽيڪلز روزانو ڇپجندڙ سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس شايع ٿيل مضمون چئن موضوعن ۾ ورهائي سگهجن ٿا، هڪ تعليم ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا ۽ مونجهارا، ٻيو جديد ٽيڪنالاجي، ٽيون علمي ادبي شخصيتون ۽ چوٿون سنڌ جو طبعي ڀاڱو ڪاڇو ۽ ان جا مسئلا. انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل سندس آرٽيڪلن ۾: (۱) يونيسڪو ڪانفرنس، ماحولياتي موضوع ۽ تعليمي نصاب. (۲) پائيدار ترقي، تعليمي معيار ۽ سنڌ (۳) نصاب ۾ ماحولياتي فڪر کي اجاڳر ڪندڙ علمي بحث ذريعي پائيدار ترقيءَ کي هٿي. (۴) سنڌ ۾ تعليم جي ڊجيٽل تبديليءَ جو عمل (۵) اسڪولن کي خاص بجيٽ جي فراهميءَ سان انهن جي مالي بااختياري. (۶) تعليم ۽ ايس ڊي جي ۴ (SDG 4) مسلسل موجود چئلينجن باوجود سنڌ جي ترقي. (۷) زمين جي بحالي، زندگي ۽ اميد جي بحالي. (۸) ماحولياتي لسانيات ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا. (۹) مصنوعي ذهانت، روبوٽ ۽ مهر فقير جي ميار. (۱۰) ڊجيٽل دنيا، جين زي ۽ سڃاڻپ جي ڳولها. (۱۱) اوائلي تهذيبون ۽ جديد دنيا ۽ (۱۲) ٿر: فطرت جون حسناڪيون ۽ تاريخ جا آثار وغيره شامل آهن۔

اهم معاملن تي لکيل مٿي ڄاڻايل آرٽيڪلن کان علاوه هن ادبي ڪالم ۽ مقالا پڻ لکيا آهن جن ۾ (۱) ماحولياتي تبديلين جي پسمنظر ۾ لکيل عالمي مقبوليت ماڻيندڙ هڪ ناول. (۲) ذڪر ڄامشوري جي قلندر جو (سنڌ جي ثقافت کي عملي طور ۽ لکڻين ۾ اجاڳر ڪندڙ معروف سنڌي اديب ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ انگريزي ادب جي استاد پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جي شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي مقالو.) (۳) لنڊن جو ميوزيم، تاريخي صراحي ۽ ڪيٽس (انگريزي شاعريءَ جي اهم نانءُ جان ڪيٽس جي شاعريءَ جو اڀياس.) (۴) درد بڻيو دلربا (ڀون سنڌي جي ساڳئي عنوان سان شايع ٿيل ڪهاڻين جي ڪتاب جو اڀياس.) (۵) ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ جي علمي خدمتن تي هڪ نظر (سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ انگريزي ادب جي استاد ڪي ايم لاڙڪ جي وڇوڙي تي لکيل) ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.

جيئن ته ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي جو جنم سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي (ڏاکڻئين ڪاڇي) ۾ ٿيو، جتي هن ڪاڇي جا فطرتي ۽ جماليات سان ڀرپور منظر ڏٺا ۽ کيرٿر جابلو سلسلو ۽ ريگستاني/وارياسو علائقو پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ گهميو ۽ اکين سان ڏٺو. هڪ ليکڪ جي جوهر ۾ جنم ڀومي سان انسيت فطري آهي. ڊاڪٽر ثناءُ الله ٻين کوڙ سارن موضوعن سان گڏ، پنهنجي جنم ڀومي ڪاڇي جي مسئلن ۽ اتي ٿيندڙ سماجي تبديلين تي پڻ صحافتي انداز وارا ڪالم لکيا. سندس شايع ٿيل انهن ڪالمن ۾ (۱) متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ڪاڇي جو هاري (۲) ڪاڇي ۾ ماحولياتي اثرن جي ڪهاڻي (۳) جديد ٽيڪنالاجيءَ سبب ڪاڇي جو تبديل ٿيل ڪلچر ۽ سماجي تبديلي (۴) کيرٿر جي سماجي زندگي ۽ ڪاڇي جا اولڙا ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه انگريزي لسانيات (English Linguistics) اطلاقي لسانيات(Applied Linguistics)  ۽ انگريزي ادب (English Literature) تي لکيل سندس تحقيقي مقالا ملڪي ۽ بين الاقوامي تحقيقي جرنلز ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي هن وقت سنڌ حڪومت جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ انگريزي ادب جي استاد (اسسٽنٽ پروفيسر) طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۴ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا