; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،
Showing posts with label ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts

04 October, 2026

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

انگريزي ادب جو استاد - دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ۱۹۷۶ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع واهي پانڌي شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ پرائمري استاد گل محمد رستماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو۔ اٺين درجي تائين مڊل اسڪول واهي پانڌيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان مئٽرڪ ڪئي. استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ۱۹۹۵ع ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪيائين۔ ۱۹۹۸ع ۾ هن بي اي آنرز ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان فرسٽ ڊويزن ۾ انگريزي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ۲۰۱۱ع ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مانEnglish Language Teaching Practices  (انگريزي ٻوليءَ جي تدريس جا طريقا) عنوان سان تحقيقي مقالو لکي هن ايم فل جي سند ورتي. ۲۰۲۴ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مانSindhi Intelligentsia and learners perspectives on English Learning  (سنڌي دانشور طبقو ۽ انگريزيءَ جي سکيا بابت سکيا وٺندڙن جو نقطهءِ نظر) عنوان سان ٿيسز پيش ڪري اطلاقي انگريزي لسانيات (Applied English Linguistics) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. دادو ۾ رهائش دوران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان APP جو رپورٽر رهيو. سنڌ ٽربيون  (Sindh Tribune)۽ اردو اخبار روزاني جسارت جو پڻ دادو جو ضلعي عيوضي  (District Correspondent)رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرز دوران عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ پندرهن روزه عبرت مئگزين جو سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئمپس رپورٽر رهيو۔