; سنڌي شخصيتون: February 2018

12 February, 2018

استاد بخاري

استاد بخاري
روشن پيشاني
پروفيسر نذير احمد سومرو

۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ڀٽائي جو عظيم پارکو عالم
مدد علي سنڌي
اڄ ۱۱- فيبروري  شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي پهريون ڀيرو چئن جُلدن ۾ تيار ڪرائيندڙ عالم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ورسي جو ڏينهن آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڄمڻ جو سال ۽ هنڌ ۸ مارچ ۱۸۸۳ع حيدرآباد آهي. ۽ وفات جو ڏينهن ۱۱-فيبروري ۱۹۴۷ع آهي. سندن وفات ڪراچيءَ جي اڳوڻي پٽيل پارڪ ۽ موجوده نشترپارڪ آڏو، سندن بنگلي مان نڪرڻ وقت، بندر روڊ تي ٽرام جي انتظار ۾ بيٺي روڊ تي دل جو اوچتو دورو پوڻ سبب ٿي. اڌ ڪلاڪ تائين، سنڌ جي عالم کي بندر روڊ تي ڪنهن به نه سڃاتو. بعد ۾ ڪنهن شخص سڃاڻي، سندن مڙهه ڀر ۾ واقع سندن بنگلي تائين پهچايو. وفات کان ٻه مهينا اڳ پاڻ ڪراچيءَ جي مشهور تعليمي اداري ڊي جي نيشنل ڪاليج جي پرنسيپل واري عهدي تان رٽائر ٿيا هئا. ۽ اهڙي ريت  سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جي هڪ بنيادي پارکو جي وفات سان، سندن مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو چوٿون جُلد گم ٿي ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.