; سنڌي شخصيتون: پروفيسر نذير سومرو، ابراھيم لاشاري، ھمير گاد، جاويد شيخ، عزيز ڪنگراڻي، رکيل مورائي، ستار سروهي،
Showing posts with label پروفيسر نذير سومرو، ابراھيم لاشاري، ھمير گاد، جاويد شيخ، عزيز ڪنگراڻي، رکيل مورائي، ستار سروهي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر نذير سومرو، ابراھيم لاشاري، ھمير گاد، جاويد شيخ، عزيز ڪنگراڻي، رکيل مورائي، ستار سروهي،. Show all posts

12 February, 2018

استاد بخاري

استاد بخاري
روشن پيشاني
پروفيسر نذير احمد سومرو

۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.