; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر آڪاش انصاري

24 December, 2023

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

مظلومن جي نمائندگي ڪندڙ شاعريءَ جو سرجڻهار

پروفيسر مختيار سمون



سياست، ادب ۽ صحافت، انهن ٽنهي مان ٻه شعبا يعني سياست ۽ صحافت ته رياست جا ٿنبا ليکجن ٿا پر ٽيون جيڪو آهي يعني ادب، جيڪو شاعري به آهي ته نثر بہ، اهو ان رياست ۾ رهندڙ عوام جي زندگين جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي، آئينو هوندو آهي، انهن جو ڀرجهلو هوندو آهي، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي سکن جو ساکي ۽ انهن جي دردن جي دانهن هوندو آهي، تاريخ هوندو آهي. اهي ٽئي دڳ يعني سياست، ادب ۽ صحافت هڪ ٻئي سان سلهاڙجي رياست کي رهڻ جوڳو بڻائيندا آهن يا مثبت تبديليءَ لاءِ انقلاب آڻيندا آهن ۽ قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندا آهن. اسان جو ڊاڪٽر آڪاش انهن ٽنهي دڳن تي سرواڻي وارو علم کڻي اڳتي وڌيو آهي ۽ اڄ جيڪا نوجوانن ۾ سياسي جاڳرتا، قومي ڪاز لاءِ قرباني وارو جذبو، ڌرتي ۽ ٻولي سان محبت، پاڻ ۾ پختو ويساھ، جيجل جي جهولي لاءِ احترام ۽ اتساھ نظر اچي ٿو، ان ۾ ٻين سان گڏ اسان جي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سياسي، صحافتي جدوجهد سان گڏ سندس شاعري جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام آهي سو صاف ۽ چٽو آهي. اهو ڪنهن مصلحت، ڪنهن اگر مگر ۽ شڪ کان ماورا هڪ اهڙي اٽل فيصلي يا وچن جيان آهي جنهن کي صادر ڪرڻ لاءِ ڪونڌر ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ته تيار هوندا آهن پر پير پوئتي ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيندا آهن. اهڙي وچن جو هڪ مثال سندس هيٺئين شعر مان به پسي سگهجي ٿو:


جا مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم،

مان رَتُ رُنس جو ظالمو! تنھن لڙڪ جو آھي قسم،

جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم،

پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن،

مان ڪيئن رھان جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن.

ان ۽ ان قسم جا ٻيا انيڪ شعر آڪاش جي تخليق ته آهن ئي پر اهي ڌرتي ۽ قوم سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي دل جو آواز به آهن. هن جا نظم مظلومن لاءِ آٿت ۽ استحصالي قوتن لاءِ ڌڪار جو اظهار هوندا آهن. آڪاش جو نظم “اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون، خانداني تون يا مان؟” سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙي باب مثل آهي، جيڪو ديس دروهين جي ڪرتوتن تان پردو کڻي ۽ محبِ وطن ديس ڌڻين جي ڪردار کي اجاگر ڪري تاريخ ۾ سندن حيثيت جو تعين ڪري ٿو. هي شاعري اهڙي تعليم مثل به آهي، جيڪا اسان جي نئين نسل کي پنهنجي وڏڙن جي پورهيت ۽ محبِ وطن هجڻ واري تعارف تي فخر ڪرڻ سان گڏ ظلم، چاپلوسي، غداري، استحصال ۽ وطن فروشي عيوض حاصل ڪيل حيثيت، ڌن ۽ دولت کان نفرت ڪرڻ سيکاري ٿي. هن نظم جون هيٺ ڏنل هي چند سٽون پڙهي ڏسو، جن ۾ صرف تخليقيت، تخيل ۽ اعليٰ شاعراڻو هنر ئي نه پر سنڌ جي تاريخ جو ڪڙو سچ به سمايل آهي.

منهنجا وڏا، هاري هئا،

ڪنڀار هئا، لوهار هئا،

رازا هئا، واڍا هئا،

جھانگي هئا، جونجهار هئا،

ڪلهه جڏهن هن ديس تي مانگر مڙيا،

منهنجا وڏا گڏجي وڙهيا،

ڪن ترارين کي وڃي پاڻي ڏنا،

ڪن وڃي ڀالا گھڙيا،

ڪن ڪهاڙين کي ٺپيو،

ڪن رنيءَ جي ڪوٽ کي،

پنهنجي لهوءَ سان پئي لپيو،

ڪنهن روپلي جو، روپ ڌاري،

ڪنڌ ڪاتر ساڻ، قاتل جو ڪپيو،

ڪنهن وري هوشوءَ جيان، داءُ هر دشمن سندو،

پنهنجي جوشن تي جھپيو.

تنهنجا وڏا..! ڀوتار هئا،

رئيس هئا، خان ۽ سردار هئا،

جن غاصبن جي گر لڳل،

گھوڙن سنديون ميڙيون لڏون،

خوش ٿي کلي، تن کي هنيا پئي کرکرا.

مارين جون، تن ڪيون پئي مالشون،

ڪنڌ قدمن تي رکي، ڪلهه ڪيون پئي ڪرنشون،

ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ دفعا، لانگ بوٽن کي لڪي،

پنهنجي زبانن سان ڪيون پئي پالشون.

منهنجي وڏن کي ڏوھ ۾، ترم، تعزيرون مليون،

تنهنجي وڏن کي ڊوھ ۾، جس ناما، جاگيرون مليون،

جنهن ڪري اڄ تون وڏيرو، خان ٿو سڏجين ميان!

اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!

خانداني تون، يا مان!؟

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ڪنهن سريلي راڳي جي سرن ۾ سازن جي سهڪار سان پيش ٿئي يا جلسن ۾ جوشيلن جوانن ۽ مانائتن مقررن کان ٻڌجي يا ڪتابن جي پنن تي پڙهجي، ان جي اپيل، اثر، تاثر ۽ تابش هڪ جيتري هجي ٿي، جيڪا روح کي گرمائي ۽ جوش کي جلا بخشي ٿي ڇاڪاڻ ته سچ ڪهڙي طريقي سان به پيش ٿئي اهو هميشه اٽل ئي هوندو آهي. مون کي صرف هڪ دفعو آڪاش سائين جي شاعري سندس واتان ترنم واري انداز ۾ قمبر ۾ ٻڌڻ جو موقعو مليو هو، جتي ساڻس قمبر- شهدادڪوٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران رهاڻ رچائي وئي هئي. ان موقعي تي پيش ڪيل سندس شاعري جي للڪار، ۽ آڪاش جو انداز اڄ به منهنجي ذهن جي اسڪرين تي پيو ڦرندو آهي. ان رهاڻ واري تقريب ۾ هو جڏهن روسٽرم تي مائيڪ اڳيان اچي پنهنجي شاعري پيش ڪرڻ لڳو هو، تڏهن ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هو شاعر نه پر اهڙو باغي ۽ بهادر ويڙهاڪ هجي، جيڪو وطن جي محاذ تي چوڪس بيٺي، ڌرتي، قوم، ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جي دشمنن کي للڪاريندو هجي.

آڪاش انصاري صاحب سنڌ جو قومي شاعر آهي، جنهن لاءِ هر دل ۾ جڳهه موجود آهي. مان به ساڻس محبت ڪرڻ وارن ۾ هڪ آهيان. ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجي عمر ٻن ڏهاڪن جو پنڌ ڪري اڳتي وڌي هئي ۽ سندس شاعري سموري سنڌ ۾ گونجندي هئي ۽ ان جا پڙلاءَ ڪنن تائين پهچندا هئا، تڌهن ان شاعري مان سندس اعليٰ آدرشن سان گڏ سندس شخصيت به جهلڪندي نطر ايندي هئي، جنهن کان سڀني جيان مان به متاثر ٿيندو رهندو هئس ۽ ان قومي شاعر جي درشن جي خواهش به دل ۾ جنم وٺندي رهندي هئي. هڪ دفعو شايد ۱۹۸۹ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي پنهنجي سينيئر ڪُليگ ۽ بدين سان تعلق رکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر عمر ملاح سان گڏ بدين ڪنهن دعوت ۾ ويو هئس، اتي منهنجي خواهش تي ڊاڪٽر صاحب مون کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان ملائڻ لاءِ سندس ڪلينڪ، يا شايد اهو ايڪسري سينٽر هو، تي وٺي به هليو هو پر ڊاڪٽر آڪاش جي اتي موجودگي نه هجڻ جي ڪري اها خواهش اڌوري ئي رهجي وئي هئي. ان کان ڪئين سال پوءِ شايد ۲۰۱۳ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سان ڪراچي ۾ ملاقات جو اتفاق ٿيو هو. هن وقت تائين ساڻس مختلف ادبي تقريبن ۾ ٽي دفعا ملاقات ٿي آهي پر تفصيلي ڪچهري هڪ ڀيرو به نه ٿي سگهي آهي، ان جي باوجود هن جي سموري سياسي نطرئي، قومي ڪردار، آدرشي زندگي ۽ گهڻي ڀاڱي ذاتي زندگيءَ جي آگاهي هجڻ ڪري به ۽ اهي ٽئي ڀيرا سندس پيار ۽ پاٻوھ سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جي محبتي انداز جي ڪري به ڄڻ ساڻس گهڻي پراڻي ۽ ويجهي دوستي هجڻ جو تاثر ملندو آهي.

بھرحال ڊاڪٽر آڪاش جي شاعري ته هزارين دفعا پڙهي ۽ ٻڌي هوندي پر هن سان ملاقاتون صرف چار ڀيرا ٿيون آهن. پهريون ڀيرو ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪنهن ادبي تقريب ۾، ٻيو ڀيرو آمريڪا جي هيوسٽن شهر ۾ سانا جي هڪ ڪانفرنس ۾ ۽ ٽيون دفعو قمبر ۾ اتان جي هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ساڻس ملهايل رهاڻ ۾ ۽ چوٿون ڀيرو هن سال ئي ڪجھ مهينا اڳ حيدرآباد ۾ هڪ دوست جي نياڻيءَ جي شادي واري تقريب ۾. انهن چئني موقعن تي هن جي محبتي رويي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش سنڌي شاعري جي افق تي اهڙو جرڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي شاعري هر دور ۾ مظلومن جي ڀرجهلو ٿي سندن منزلن ڏانهن ويندڙ دڳن کي روشن ڪندي رهندي ته جيئن اهي انهن تان هلي پنهنجي ڌرتي تي آزاد، خوش ۽ خوشحالي واري منزل ماڻي سگهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ نومبر ۲۰۲۳ع)


 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

شخصيت ۽ شاعريءَ جو جائزو

زاهد منگي

بدين ضلعو سنڌ جي لاڙ واري پاسي جو اهم ترين علائقو آهي. هن ضلعي جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن جتي هي علائقو علم، ادب ۽ ثقافت جو مرڪز آهي اُتي هن سياست (سا به قومي ۽ مزاحمتي) ۾ پاڻ ملهايو آهي.

سومرن جي حڪومت تي ڪاھه ڪري ايندڙ علاوالدين خلجي جي لشڪر سان شينهن جهڙي گجگوڙ ڪري مقابلو ڪندڙ سنڌ جو سورهيه پٽ دودو سومرو هجي يا دودي کي ڏڍ ۽ حوصلو ڏيندڙ سٻاجھي ۽ بهادر ڀيڻ ٻاگهل هجي. يا آمريت جي ڪاري دور ۾خوف جا زنجير ٽوڙي ماٺار کي ختم ڪري راهوڪي ۾ عظيم ۽ عاليشان هاري ڪانفرنس ڪندڙ قومي ۽ طبقاتي فڪر جي پرچار ڪري مارشلائي حڪمرانن کي للڪاريندڙ فاضل راهو هجي. اُهي سڀ املهه هيرا هن ئي بدين جي مٽي ۾ آرامي آهن. بدين رڳومزاحمتي سياست ۾ ئي نه پر ان سان گڏ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پڻ هميشه اڳڀري رهي آهي. قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ حاجي احمد ملاح جو تعلق پڻ بدين سان ئي آهي. تنهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آهن جن جو تعلق بدين سان آهي. جن پنهنجي پنهنجي دورن تي اڻ مِٽ نشان ڇڏيا آهن.

ان ئي بدين جي مٽي سان سنڌ جي هڪ اهڙي شاعر جو تعلق به آهي جنهن جي شاعري ۾ مزاحمت ۽ پيار جو ڀرپور ذڪر آهي. جنهن جي شاعري انهن عاشقن لاءِ به آهي جن کي محبوب جي ڳل تي تر ۽ ڪارين اکين جي موهه موهي ٿي وجهي ته انهن لاءِ به آهي جيڪي پنهنجي ڌرتي سان محبوبه جيان پيار ڪن ٿا انهن عاشقن کي پڻ اهڙوقرار ڏئي ٿي جيڪي پنهنجي عظيم مقصد جي حاصلات جي لاءِ زندانن جي ڪال ڪوٽڙين ۾ عقبتون سهن ٿا. ان شاعر جو نالو آهي آڪاش انصاري. آڪاش جي زندگي جو شروعاتي دور هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن وارو رهيو.ان سياسي تربيت جو ئي اثر سندس شاعري مان پڻ پسجي ٿو. شهيد فاضل راهو جي علائقي واسي هجڻ جي ڪري فاضل سان سندس ملاقاتون رهيون.سندس ئي شخصيت کان متاثر ٿي هن سندس پارٽي عوامي تحريڪ ۾ شموليت ڪئي. عوامي تحريڪ جئين ته طبقاتي فڪر جي پرچارڪ رهي ان ڪري سندس شاعري ته به اهڙو ئي سياسي/مزاحمتي عنصر وڌيڪ غالب رهيو  آهي. جيتوڻيڪ هو فاضل جي شهادت کانپوءِ باقاعدا سياست جو حصو نه رهيو آهي پر پنهجي سرگرم سياسي دور ۾هو جڏهن اڪثر سياسي جلسن ۾ اسٽيج تان پنهنجي مزاحمتي شاعري پڙهندو هو. هارين ۽ پورهيتن جي وچ ۾ هئين چوندو هو ته

جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا

هن ڀونءِ سڄي جا ڀاڳيا

ته سور نه رهندا ساڳيا

ڪندا سڀ مست قلندر

دما دم مست قلندر

تڏهن ماڻهن جا جذبا جوان ٿي پوندا هئا. مظلوم ۽ هيڻا ماڻهو پاڻ ۾ هڪ ڏڍ ۽ حوصلو محسوس ڪندا هئا. سندس شاعري ۾ اهو اثر آهي جيڪو هيڻي اڳيان سينو ساهي بيهڻ جي جرئت پيدا ڪري ٿو.آڪاش جي شاعري جا بنيادي طور تي ٻه محور رهيا آهن. هڪ مزاحمتي ۽ ٻيو رومانوي.  هو انهن ٻنهي جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي سندس مزاحمت به رومانس کان خالي ناهي هن جي مزاحمت ۾ به رومانس ڀريل آهي.

 جنهن نه مٽيءَ جي خوشبو کي ڄاتو هتي.

جنهن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو هتي.

تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هجي

تنهن کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي

مٿي آڪاش پنهنجي ڌرتي جي مٽيءِ جي خوشبو سان به محبت جو اظهارڪري ٿو ته ان سان گڏ ڌرتي جي اهڙي دشمن سان نفرت ڪندي کيس هتان نڪري وڃڻ جو به چوي ٿو جيڪو ان ۾ رهندي ان جي اهميت ۽ تقدس کي نه ٿو ڄاڻي سگهي.. دنيا جي انقلابي ۽ وطن سان محبت ڪندڙ شاعرن جي شاعري  جا ڪردار گهڻو ڪري عام ۽ پيڙهيل مظلوم ماڻهو رهيا آهن ائين ئي آڪاش جي شاعري ۾ به اهڙن ئي محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جي اهنجن جو ذڪر ملي ٿو. اهڙي ئي هڪ هاري جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو.

هو جهونو هاري

جاٽ پڄائي

جوڙو روڪي

واٽر مان پاڻي ڍڪ ڏوڪي

اڌ اجھاڻل

ٻيهر ٻاري سستو ڪو سگريٽ

چپن ۾ ڀڻڪي ٿو

ڪين چڱو ٿيو چيٽ

لڳي ٿو هيل به رهيو ليٽ.

اهي مسڪين ۽ مارو ماڻهو جن کي بکن پاهه ڪري ڇڏيو آهي جن مائرن جون ڇاتيون سڪي ويون آهن اهڙين ئي مائرن جي ترجماني ڪندي نه صرف انهن جي ڪرڀ کي ٻڌائي ٿو پر آٿت ڏيندي منزل ملڻ جي اميد به جاڳائي ٿو.

جڏهن منهنجا جھانگي نه جھوريءَ ۾ جھرندا

ٻري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا

سڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي

 وٽس جيڪا مزاحمت آهي سا رڳي ويڙهه واري ناهي پر ان سان گڏ زندگي کي جئيڻ جو جذبو جاڳائيندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ به آهي. هو ٻڌائي ٿو ته سدائين ظلم نه سهجي پر ويري کان پلئه ڪري ان کان پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو حساب به وٺجي. اهڙو ئي وچن ورجائيندي چوي ٿو.

جا مُرڪ مون کان وئي کسي تنهن مُرڪ جو آهي قسم

مان رت رنس جو ظالمو تنهن لڙڪ جو آهي قسم

جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي هر سرڪ جو آهي قسم

پلئه ڪندس پلئه ڪندس اي وقت توسان آ وچن.

آڪاش پنهنجي همعصر شاعرن ۾ هڪ الڳ انداز ۽ فڪر رکي ٿو. سندس شاعري ٻين همعصر مزاحمتي شاعرن کان مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته هو رڳي مسئلن ۽ مصيبتن جي ڳالهه نٿو ڪري پر انهن مان نجات جو گس به ٻڌائي ٿو. منزل ملڻ جي اميد جاڳائي ٿو. هو اهو به سمجھي ٿو ته جي ان راهه رستي ۾ هليو به ويو ته ڪا ڳالهه ناهي ان جو ايمان آهي ته سندس قافلي جا ساٿي ۽ همسفر ڍاٽي پنهنجي منزل ماڻيندا.

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

آڪاش جو اهيو جذبو ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته هن کي پنهنجن ساٿين جي سچائي ۽ راهه تي پڪو پختو يقين آهي. هو مرڻ بعد به پنهنجي ان جذبي ۽ تبديلي جي تمنا کي ختم نٿو ڪري ۽  چئي ٿو ته جي پاڻ هليا به  وياسين ته خير آهي ان کانپوءِ اسان جي خون جي خوشبو ايندي سا به وطن جي ويڙهن کي واسي ڇڏيندي.

اسان جو جڏهن خون خوشبو ٿي ايندو

ته ويڙها وطن جا به واسي ڇڏيندو

جڏهين ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي

ته ماڻيندا منزل منهنجا ڍول ڍاٽي

هو وطن جي ويڙهه وڙهندڙ سپاهي جي اندر جو آواز ٿي ان جي جيجل کي آٿت ڏيندي چوي ٿو.

او امان او امان

منهنجي جيجل امان

جيڪڏهن رات جي

رهزنن جي هٿان

مان به ماريو وڃان

منهنجي ساٿين جيان

توکي پنهنجي ئي ممتا جو آهي قسم

ڪين تون روئجان

ڪين تون دل لاهجان.

هو جڏهن  ٻنين ۾ سنگن جي ڦولار ڏسي ٿو مورن  جون ٻوليون ٻڌي ٿو ته پنهنجي  محبوب کي هئين ٿو ياد ڪري

جڏهين کيٽ ۾ ٻاجهرين سنگ واريا

جڏهين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦلايا

جڏهين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻرايون

الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

جئين هر انسان مختلف ڪيفيتن ۾ گذاري ٿو ڪڏهن مايوس ته ڪڏهن پر اميد، اهڙين ڪيفيتن جو اثر آڪاش تي به ٿئي ٿو. ٻين انسانن جيان هو به مايوسي جي عالم ۾ هليو ٿو وڃي. ۽ زماني جي لاهين چاڙهين ۾ جهري پوي ٿو تڏهن ان مايوسي واري ڪيفيت ۾ زندگي جي حاصلات کي اڌورو سمجھندي اندر جو اظهار هيئن  ٿو ڪري.

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

نه ڪي عشق آتش فِشان  ٿي اُڀاميو

نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجھاميو

نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين

نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين

رکياسين جلياسين اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.

آڪاش پنهنجي اندر جي مايوسيءَ واري ڪيفيتن وقت زندگي کي آخري گھڙين ڏانهن ويندي ڏسي ٿو تڏهن به هو پيارن جي وڇوڙي جي پڄاڻيءِ جي تمنا ڪندي ، يار جي جلدي ملڻ جي آس ڪيڏي نه اُڪير مان ٿو ڪري.

وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو

پيو ٿئي گھر گھلو يار جلدي ملو.

آڪاش پنهنجي دور ۾ گھڻو پڙهيو ويندڙ شاعر آهي. هو هڪ ئي وقت يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوانن توڙي قومي ڪارڪنن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي.

هن وٽ رومانويت جو به پنهنجو جهان آ جنهن ۾ به وٽس منفرد اظهار آهي. هو محبوب جي انتظار جي ختم ٿي وڃڻ باوجود به ان بيقراريءَ واري ڪيفيت مان نه ٿو نڪري سگھي.

هاڻ ڪو انتظار ڀي ناهي

دل کي پوءِ ڇو قرار ڀي ناهي.

هو محبوب سان گڏ هوندي به وڇوڙي جو وهم دل مان نه ڪڍي سگھيو آهي.

وهم دل مان نه ويو وڇوڙي جو

هونءَ ته هو مون کان ڌار ڀي ناهي

سچ پچ به آڪاش مزاحمت، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر آهي، سندس رومانس ۾ به انقلابي جذبي جي جهلڪ پسجي ٿي. آڪاش جي شاعري رڳو شاعري ناهي، پر مظلوم پيڙهيل ۽ پورهيت طبقي لاءِ ڏڍ، حوصلو ۽ جذبا اڀارڻ جو ذريعو به آهي.

اهو سپنو

سهاڳ رات جي جھومر جھڙو

ڏاڍو واضح ڏاڍو روشن آهي

اهو سپنو آهي

ڏور آڪاش جي ڀاڪر ۾ ٻکيل

ڪبوترن جي وڳر کي محو پرواز ڏسون

پنهنجن نيڻن جي خوشي جو

نئون انداز ڏسون.

هو اجري صبح جي اميد رکي ٿو، سندس ويساھه آهي ته هي ڪاري ٻاٽ ڪڏهن ته ضرور ختم ٿيندي ۽ ڇوٽڪاري جو روشن سج اُڀرندو.


آڪاش انصاري

منور برھماڻي

مان اوھان کان جدا ٿيندس، مگر ياد ايندس. آڪاش

ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اصل نالو الله بخش انصاري، ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ ۱۹۸۴ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌي ادب، سياست ۽ سماج جو امر ستارو ھو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ رڳو هڪ شخصيت جو وڇوڙو ناهي، پر هڪ اهڙي فڪري، ادبي، سياسي ۽ سماجي تحريڪ جو ختم ٿي وڃڻ آهي، جيڪا ڏهاڪن تائين روشنيءَ جو مينار بڻيل رهي. هو هڪ شاعر، صحافي، سياستدان، ۽ سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ هڪ عظيم فڪر جو علمبردار هو، جنهن پنهنجي شاعري، لکڻين، سياسي جدوجهد ۽ سماجي خدمتن ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي نئين راھ ڏيکاري،ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۾ قومپرستي، انساني آزادي، طبقاتي جدوجهد، عشق، ۽ انساني ڀلائي جا موضوع نمايان آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ اهم پهلو هيءُ به هو ته هو پنهنجي لفظن ذريعي عوام جي سورن کي آواز ڏئي سگهندو هو. “ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ “اڌورا اڌورا” سندس شاعريءَ جا اهي ڪتاب آهن، جيڪي نه صرف سنڌي ادب ۾، پر نظرياتي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ خاص مقام رکن ٿا. سندس شاعريءَ جو انگريزي ترجمو “An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow” به عالمي ادبي حلقن ۾ ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو، نه صرف شاعري مگر صحافت ۾ به پير پکتا ڪيا، ۱۹۹۵ع ۾، جڏهن هن صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو ته سندس مقصد رڳو خبرن کي ڇپائڻ نه هو، پر صحافت کي عوام جي آواز جو ترجمان بڻائڻ هو. روزاني “سوال” اخبار هن جي فڪري ويزن جو عڪس هئي، جتي حسن درس جهڙو شاعر به ساڻس ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. “سوال” اخبار سنڌ جي حقن، سياسي معاملن ۽ سماجي مسئلن تي بيباڪ صحافت ڪئي، جنهن سبب آڪاش انصاريءَ کي ڪيترائي دفعا دٻاءُ ۽ مشڪلاتون به برداشت ڪرڻيون پيون ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڏکاين منھن ڏنو، مارشلا سان مھاڏو اٽڪايو، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو سياسي وابستگي عوامي تحريڪ سان رھي، هن عوامي تحريڪ ۾ ۱۵ سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۾، جڏهن سياسي ڪارڪنن کي قيد ۽ اذيتن جو نشانو بڻايو ويو، تڏهن آڪاش انصاري به انهن مان هڪ هو، جنهن انقلابي شاعريءَ جي ڪري جيل جي سختين ڀوڳيون، پر پنهنجي فڪر ۽ نظرين تان هٿ نه کنيو،پنھنجي قلم سنواري سنڌ جو ڪيس شاعري ذريعي عوام تائين پھچايو نه صرف ايترو تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ وڙهندڙ سپاهي به ھيو،بدين ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تعليم جي کوٽ، غربت، ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ڏسندي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ “بدين رورل ڊيولپمينٽ” نالي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جديد اسڪول کوليا ويا. سندس سماجي خدمتون خاص طور ان ڪري منفرد هيون، ڇو ته هو صرف تقريرن ۽ واعدن جو ماڻهو نه هو، بلڪ عملي طور ميدان ۾ لهي ڪم ڪندڙ شخصيت هو.

ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو وڇوڙو سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان آھي، مگر شاعري ذريعي ھميشه اسان سان گڏ ھوندو، سندس جي شاعر جيان، 

”مان اوهان کان جدا ٿيندس، مگر ياد ايندس

سُر جي مڌر گونج ۾، گيتن جي وٿ ياد ايندس“

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو سنڌي ادب، سياست، صحافت ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، پر سندس لفظ، جدوجهد، ۽ خواب هميشه لاءِ زنده رهندا، ۱۵ فيبروري ۲۰۲۵ع تي، جڏهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ته سنڌ جو ادبي، سياسي، صحافتي، ۽ سماجي حلقو هڪ اهڙي روشنيءَ کان محروم ٿي ويو، جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ رهنمائي جو ذريعو هئي. سندس شاعري، صحافت، سياست، ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ جا نشان سالن تائين قائم رهندا، ۽ هو هميشه لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو،سندس يادگار لفظ اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن:

“مان لفظن جو سپاهي آهيان، مان روشنيءَ جي گواهي آهيان!”


(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

آڪاش انصاري

’جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا پوءِ سور نه رهندا ساڳيا‘

ليکڪ : اعجاز مهر

ڇنڇر تي صبح جو جڏهن کان ڊاڪٽ آڪاش انصاري جي ڀيانڪ موت جي خبر ٻڌم ته اڳ ۾ يقين ئي نه پئي آيو. جڏهن تصديق ٿي ته وڏو صدمو رسيو، سڄو ڏينهن غمگيني ۾ گذريو. سوچيم ڪجهه لکان پر ڪوشش جي باوجود ڪجهه لکي نه پئي سگهيم. وري سوچيم ته سنڌ جو ايڏو وڏو شاعر هو، محبوب ۽ مکڻ دوست هو، سندس باري ۾ جيڪا ڄاڻ آهي اها سندس چاهيندڙن سان شيئر ڪجي.

ڊاڪٽر جو پيدائشي نالو الله بخش انصاري هو، جيڪو سندس سرٽيفڪيٽ ۾ لکيل آهي. پر سنڌ واسي هن کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ادبي نالي سان گهڻو سڃاڻين ٿا. سندس سوچ واقعي آڪاش جيڏي وسيع هئي.

هڪ ڀيري هن ٻڌايو ته قلندر جو ميلو هجي ڊپٽي ڪمشنر دوست سان واعدو ڪيائين تي استاد يوسف کي هو وٺي ايندو. استاد يوسف کيس ڳولڻ باوجود به نه پئي مليو، نيٺ هٿ ڪري سيوهڻ وٺي ويس. استاد يوسف چيو قلندر جي ميلي تي مان ڇا ڳائيندس؟ آڪاش چيو ته ان وقت هن هي گيت لکيو ته، جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا پوءَ سوسر نه رهندا ساڳيا، ڪندا سڀ مست قلندر! استاد يوسف رستي ۾ ئي ڌن ٺاهي ۽ جڏهن ڪلام ڳايو ته سڀني جي واهه واهه ٿي وئي.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ تي بدين جي ڳوٺ سعيد پور ۾ ڄائو، سندس والد الله ڏنو انصاري پاڻ به شاعر هو. آڪاش جي والده جنت خاتون انصاري شاهه لطيف جي عاشق هئي ۽ سندس ڪافي ڪلام برزبان ياد هوندو هو. آڪاش ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ۽ هن اسڪول جي ڏينهن ۾ ئي شاعري شروع ڪئي هئي. آڪاش اسڪول ۽ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ عبرت ميگزين جي ٻارڙن جي ٻاري ۾ لکندو به هو.

ابتدائي تعليم بعد هو بدين جي اسلاميا ڪاليج مان انتر ڪرن بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج م داخلا ورتي جتان ايم بي بي ايس ڪئي. شاگردي وارن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد کان ڪافي متاثر هو پر بعد ۾ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ ڪيترائي شعر ان خلاف لکيا. هو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به شامل رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. هو فاضل راهو کان ڪافي متاثر هو.

ڊاڪٽر آڪاش مکڻ طبيعت جو مالڪ هڪ کلڻو ملڻو ماڻهو هو. دوستن کانسواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ڊاڪٽري پيشي کان وڌيڪ هو ادب، شاعري، سوشل ورڪ ۽ صحافت سان به سلهاڙيل رهيو، سوال اخبار جو ايديٽر به رهيو.

۱۶ نومبر ۱۹۹۳ تي جڏهن سامونڊي طوفان بدين کي تباهه ڪيو ته ان وقت هن سماجي خدمت لاءِ ڊاڪٽرن جي تنظيم ٺاهي متاثر ماڻهن کي طبي سهولتون پهچايون. جنهن بعد هن بدين رورل اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي (بي آر ڊي ايس) نالي اين جي او به ٺاهي. ان وقت ميان نواز شريف وزيراعظم هو ۽ اسين اسلام آباد مان ڪجهه صحافي سندس بدين واري دوري ۾ هيليڪاپٽر ۾ گڏ هئاسين ۽ امونڊي طوفان جي تباهي ڏسي دل روئي رهي هئي. خير... 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري سير سفر جو به ڏاڍو شوقين هو ۽ ٻڌائيندو هو ته هن دنيا جي ۴۰ کان مٿي ملڪن جو سفر ڪيو آهي. سنڌ جي جهر جهنگ، ٿر بر کانسواءِ پاڪستان جي سڀني صوبن جا مشهور ماڳ به هن جا گهميل هئا. ڊاڪٽر آڪاش ڪڪنگ جو به شوقين هو ۽ ٻين طعامن کانسواءِ مڇي ڏاڍي ڀلي ٺاهيندو هو.

ڊاڪٽر آڪاش سان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ۾ ڪافي ڪچهريون ٿيون پر ٻه ڀيرا ساڻس بدين گهر تي به ڪچهريون ٿيون. ساڻس ۲۰۲۴ ۾ آخري ڀيرو ملاقات ۽ ڪچهري اسلام آباد ۾ ٿي.


(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

سندس موت ۽ متضاد موقف؟

ليکڪ : آزاد انور مهر

سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي پر اسرار موت کانپوءِ سندس لاش کي ٻاهر ڪڍندڙ ريسڪيو ٽيم جو ابتدائي موقف سامهون آيو ته باهه دير سان لڳل هئي جنهن سبب ڪمري گهڻو دونهون هيو ۽ ڪمري ۾ موجود الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن بعد ستت ئي سوشل ميڊيا تي کوڙ الڳ الڳ ڳالهيون گردش ڪن پيون جن ۾ آڪاش انصاريءَ کي ويجهو رهندڙ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي حادثو آهي بجلي جي شاٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه لڳي آهي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو آهي جڏهن ته ٻي طرف ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي بدين واسي ويجهي دوست ليکڪ پروفيسر عبدالله ملاح پنهنجي سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي ته تازو ڪنهن شخص پاران آڪاش جي اڪائونٽ مان اي ٽي ايم جو پاسورڊ ھٿ ڪري ۴۰ لک چورئي ڪڍايا جنھن جي خلاف سي سي ٽي وئي جي شاھدي موجب آڪاش ان ساڳئين گھر ڀاتي خلاف حيدر آباد ۾ ايف آئي آر ڪٽائي اھو ماڻهو گرفتار ٿيو جنهن اھي پيسا باسيا ته مون اھي پيسا ڪڍيا ھئا ۽ گرفتاري دوران ھن چيو ھو ته آئون آڪاش کي ڏسي ڇڏيندس هن وڌيڪ لکيو آهي ته لڳ ڀڳ ھڪ سال اڳي ھڪ شخص آڪاش کي گھر ۾ پستول سان مارڻ پئي چاھيو جنهن کي بدين پوليس گرفتار ڪيو ھو پر آڪاش کيس معاف ڪري ڇڏيو اهو سندس ويجهو عزيز آهي ۽ اھو گھر ڀاتي رات پاسي واري ڪمري ۾ موجود ھو ھن کي ڊاڪٽر سان نفرت به ھئي ته پيسي ۽ آڪاش جي ملڪيت جي لالچ به ھئي انڪري آڪاش جي موت جي تحقيقات ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته گھر ڀاتين مان گھڻن گھر ڀاتين ۽ سموري سنڌ ۾ رھندڙ سندن دوستن جو شق ۽ گمان آھي ته ڊاڪٽر آڪاش کي ماري پو۽ جا۽ واردات ڦٽائيڻ لا۽ ھٿ سان سرڪٽ شاٽ ڪري باھ ڏني وئي آھي ان بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ڀينرن مسمات حنيفا ۽ مسمات هوا انصاري ۽ سندس گهرواري امان حاجاڻي ۽ سندس پٽ شاهه لطيف جي موقفن ۾ وڏو تضاد آهي سندس ڀينرن هن پراسرار موت تي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهڻ ته سندس گهرواري پاران ٽائيم نيوز ۽ ٻين الڳ الڳ نيوز چئنلن کي ڏنل موقف ۽ ذڪر ڪيل ڳالهين ۾ پڻ وڏو تضاد ٿو لڳي هڪ ئي وقت ٻه ڳالهيون ٿي ڪري ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان پر هن مهل تائين ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي پُٽ سندس سڀ کان ويجهي دوست ڊاڪٽر بچل ۽ تازو سندس گهرواريءَ جو موقف ٻڌو آهي جنهن ۾ سڀ کان منجهائيندڙ موقف سندس گهرواريءَ جو ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ٻه اهڙيون ڌار ڌار ڳالهيون ٿي ڪري جنهن جو هڪٻئي سان پري پري تعلق ناهي مثال طور هوءَ چوي ٿي مونکي ڪا خبر ناهي ته واقعو ڪئين ٿيو آهي...؟

وري اتي چوي ٿي مونکي پنهنجو ڪيس رب سائين تي ڇڏيو آهي اهو ئي مونسان انصاف ڪندو صاف ظاهر آهي ته ڪو آهي جنهن ساڻن ايڏي زيادتي ڪئي آهي ۽ هو ساڻس پڄڻ جهڙا ناهن رب تي ڇڏين ٿا.

هڪ ٻي موقف ۾ سندس پٽ چوي ٿو رات جو نائين ڏهين وڳي ٿيو آهي گهر وارن کي خبر صبح جو پئي آهي پر سندس سڀ کان ويجهو دوست ڊاڪٽر بجل موجب ته هو ۽ سندس هڪ ٻيو دوست ڊاڪٽر سان ٻارنهن تائين گڏ هئا ڊاڪٽر جي موقف جو بلڪل رد آهي سندس مائٽ جي موقف جو ته واقعو سوير ٿيو برحال ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو تمام وڏو نالو هو ڳجهارت بڻيل سندس موت جي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي جئين سندس پراسرار موت جو الهجي ويل هي سُٽ سلجهي سگهي.


(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ھي جو آڪاش ويو، ھاڻ ورڻو نه آ!

اشفاق لغاري

سندس ديس جي در تي بھار اچي بيٺي آھي، گُل ٽڙڻ واري مند جي پھرئين ڏينھن تي ھن جو حيدرآباد واري گھر مان سڙيل لاش نڪتو آھي. چنبيلي، مگري ۽ موتئي جي مھڪ سان ديس کي واسي ڇڏڻ جي جستجو ۾ بيٺل سنڌ جو آڪاش سڙي ويو آھي. وقت جي چيچ ۾ گھرگھلي ٿيندڙ ڇلي کي ڏسي، ھن يارن کي جلدي ملڻ لاءِ ٿي سڏيو. محفلن جو ھي مور ننگر جي مورن جي مرڻ تي ماٺ نٿي ويٺو. پنھنجي ئي ديس ۾ جلاوطن ۽ بھارن لاءِ سِڪندڙ آڪاش لکيو ھو، “مُدتن کان ھتي مُند ماتام آ”، بھار جون ھي گھڙيون سندس ئي مرتئي تي اسان لاءِ ماتم جي مُند ۾ تبديل ٿي ويون آھن. عاشقيءَ جي پنڌ ۾ اڌورن ٿيل جوانن جا ھڪٻئي کي ڏنل گلاب ئي اڃان ڪونـه مرجھايا ھئا تـه انھن عاشقن ۽ گلابن جو شاعر آۡڪاش انصاري پاڻ ۱۵ فيبروري تي نوحو بڻجي پيو آھي.

لاڙ پٽ جي روايتي شاعر الھڏني بديڻوي جي گھر ۱۹۵۶ع ۾ جنم وٺندڙ اللھ بخش انصاري سنڌي شاعريءَ کي نئون “آڪاش” اڏي ڏنو. شام جو جام خالي نـ ڪندڙ، زندگيءَ ۽ خوابن جا گيت لکندڙ شاعر جگر جي پيوندڪاريءَ کانپوءِ فرشتـهء اجل کان مھلت تي ھو. ھن جيون جو پيالو پلٽڻ نٿي گھريو. زندگيءَ لاءِ لکندڙ ڊاڪٽر آڪاش ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي واقعي تي اظھار جي پوري سگھ سان لکيو ھو،

“وقت قيامت جو ڪونـه قائل آ،

قيامتن کان ھي انصاف ڪونـه ٿي سگھندا، اسان سان ھاڻ حديثن جي ڪا ھجت نـ ڪريو، شريعتن سان ھنيان صاف ڪونـه ٿي سگھندا” اھڙي ڳالھ صرف آڪاش انصاري ئي ڪري ٿي سگھيو.

ھن جي شاعري پنھنجي زماني جي چِٽي ۽ صاف گواھي آھي. آڪاش انصاريءَ کي پنھنجي ديس ۽ ماڻھن لاءِ لکڻ تي فخر ھو. جڏھن سندس جگر جي اسلام آباد مان پيوندڪاري پئي ٿي تـه سندس ويجھا ٻـه دوست سنڌ ڪابينا ۾ ھئا. ٻنھي وزيرن سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ کيس آڇ بـ ڪئي پر آڪاش سنڌ جي غريب ماڻھن جا جگر ختم ڪندڙ حڪومت جي خرچ تي پنھنجي جگر جو ٽڪرو نـه لڳرايو.

ھُو پوپٽن ۽ گُلن کي مخاطب ٿيندو ھو تـه انھن کي پنھنجي ويجھو ڪري ويندو ھو، وري جي خاڪي ورديءَ وارن “ديوتائن” کي مخاطب ٿيندو ھو تـه انھن کي ڌوڏي وجھندو ھو. ھو سنڌ ۾ ضياءَ دور کان مسلسل للڪار بنيل رھيو. ملڪ جي نظام عدل تي ھن جو نظم “ھن ملڪ جي ھر ڪا ڪورٽ” وڪيلن ۽ ججن کي ھر حلف نامي ۾ پڙھڻ گھرجي.

سنڌي شاعري ۾ آڪاش ۽ باغيءَ جو ھڪڙو پورو دور رھيو آھي. سنڌ ۾ سرمد، ٻيجل ۽ جيجيءَ جو آواز ھو ۽ اياز، آڪاش ۽ باغي جي شاعري ھئي. سيد، پليجي ۽ فاضل جي سياست ھئي. جيجي سنڌ جي اسٽيجن تي صدا پئي ھنئي: “سُڻ ھي حيدر جو آواز، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ”. اھڙي ماحول ۾ آڪاش جا گيت جو گونجيا تـه انھن نوجوانن جي دلين ۾ زندگي جي باھ لڳائي ڇڏي. آڪاش انصاري نظم ۽ گيت ۾ جيڪي ڪھاڻيون چيون، اھي گھر گھر ھر عمر واري تائين پھتيون ۽ ھر ڪنھن جون پنھنجون ٿي پيون.

“تون پڇين ٿو پرين، مان ھليو ڇو ويس” ڀٽو شھيد جي تصويرن ۽ وڊيوز تي ھليو تـه سنڌ ۾ ماڻھن کان ٿڌا شوڪارا نڪري ويا. ڇو جو انھيءَ ۾ دار جي درد ۽ لذت جي ڳالھ ٿيل آھي. درد کي دادلو بـه سنڌيءَ ۾ آڪاش بنايو. آڪاش جا نظم جيئي سنڌ جي پيارن، سنڌي شاگرد تحريڪ جي جوانن، امداد چانڊيو ۽ ڄام ساقي جي ساٿين کي پنھنجي نظرئي جيان پيارا رھيا آھن. ھي شاعري حالتن جي جبر خلاف وڙھندڙ نسلن جي دلين جي ترجمان ھئي. آڪاش ۽ باغي جا نظم انھيءَ دور جي سنڌ ۾ وطن جو ترانو بـه ھئا تـه محبوبائن ڏانھن نياپا بـ.

ھا مگر ڇا ڪريون

تنھنجي ڪاڪل جي قيدي

ٿيڻ کان اڳي

قيد خانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين

جيڪا ويئي ڇڪي،

دل تـ ماڻڻ گھريون

تنھنجون سڀ دلبريون

ھا مگر ڇا ڪريون

دار جي درد کي

پنھنجي لذت ھئي

جيڪا ويئي ڇڪي

لاڙ جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جون جھلڪيون آڪاش جي شاعريءَ مان پسي سگھجن ٿيون. ھن جيترو لکيو، اھو پاڻ جهونگاريائين يا ڳايائين. ھن جي شاعريءَ کي عابده پروين، استاد محمد يوسف، شفيع فقير ۽ صنم ماروي جھڙا راڳي نصيب ٿيا. سنڌ ۾ جن شاعرن جي شاعري وڌ ۾ وڌ ڳائي وئي آھي، انھن ۾ آڪاش انصاري نمايان نالو آھي.

آڪاش انصاري وصال گھٽ محسوس ڪيا ۽ ڳايا. ھن وڇوڙن، محرومين ۽ خوابن کي اھڙي نموني پيش ڪيو، جو لڳو تـه لمحا ۽ ڪيفيتون برف ۾ تبديل ٿي پيون آھن. ھن وٽ حاصلاتون ھيون ئي ڪٿي! ھو جتي بـه ھو اڌورو اڌورو ھو، زندگي زھر ڀر، زھر ڀر لڳس. ھو بھارن لاءِ ڀٽڪندڙ شاعر ھو.

پاڻ کي جا پُکي ۾، رڳو پياس ھئي،

سي وره ۽ وڇوڙا، وڏي راس ھئي،

اڃن جا املهه ڏاڍا، احساس اٿئي!

جيڪي ماڻيو نه ٿئي، تنھن جو ماتم نه ڪر،

زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.

موت جو نيٺ محصول ڀرڻو ته آ،

ھي جو آڪاش ويو، ھاڻ ورڻو نه آ،

پر جُڳن تائين کان وسرڻو نه آ،

ڏات جو ڏيھن ۾ ڪين ٿيندو ڏُڪر،

زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر آڪاش انصاري 

پراسرار ۽ مبهم حالتن ۾ ٿيل سندس ‘موت’

ايڊيٽوريل پنھنجي اخبار

سنڌ جي رومانوي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ ڪوي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو لاش ڪالهه حيدرآباد ۾ سندس گهر مان سڙيل حالت ۾ مليو آهي. جنهن کان پوءِ اهو انومان ڏيکاريو پئي ويو ته، باهه ڪمري ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي پر پوسٽ مارٽم کان پوءِ هيستائين آيل خبرون ڪا ٻي ڪهاڻي ٻُڌائي رهيون آهن. ڪنهن ٻي حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو پيو وڃي. توڙي جو پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ سرڪاري طور تي ته سُڀاڻي ظاهر ڪئي ويندي پر پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو اهو موقف رپورٽ ٿيو آهي ته، ڊاڪٽر آڪاش جي جسم تي تمام گهڻي تشدد ۽ زخمن جا نشان هئا ۽ اُن جو هڏيون پڻ ٽُٽل هيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد طرفان جاچ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي. ڊاڪٽر آڪاش جي پراسرار حالتن ۾ موت تي سنڌ جي سول سوسائٽي، ساڃاهه وندن ۽ اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سياسي ڌُرين طرفان سخت افسوس ڪندي شفاف جاچ جي گُهر ڪئي پئي وڃي.

جڏهن به ملڪ ۾ آمريت مڙهي وئي، جمهوري آزاديون سلب ڪيون ويون ته سڄي ملڪ مان سگهاري للڪار سنڌ مان آئي ۽ سنڌ هر آمريت ۽ هر انتهاپسنديءَ جي مزاحمت ڪئي آهي. ان ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو سرواڻيءَ وارو ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ جي انقلابي، مزاحمتي شاعرن جي شاعري “شعلا شعلا واءُ ۾، چِڻنگون چِڻنگون پَٽ” بڻجي وئي ۽ سنڌ جي شاعرن شاعريءَ ذريعي مزاحمتي مورچي تي فڪري سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. هونئن ته اهو سلسلو ڪراڙ جي ڪويءَ ۽ عالمي امن جي پيغامبر شاهه لطيف کان شروع ٿئي ٿو، جنهن قوم کي خبردار ڪندي “ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چورَ چڙهيا” يا وري فارسي ٻولي مڙهڻ جي پنهنجي شاعريءَ ذريعي مزاحمت ڪئي. جاڳرتا واري ان جاکوڙ جو سلسلو ڪنهن به تاريخي دور ۾ جَهڪو ناهي ٿيو. شيخ اياز، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، اُستاد بخاري، محمد خان مجيديءَ سميت تمام گهڻ شاعرن هر آمر جي آمراڻن قدمن جي مزاحمت ڪئي ۽ قوم کي سُجاڳ ڪيو. جنرل ضياءَ جي ڪاري دور ۾ جيڪي مزاحمتي شاعر آهن انهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو نالو اهم آهي. ان پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي مزاحمت ۽ جاڳرتا ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪيو. لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي عرصي تائين ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي مزاحمت ۽ محبت جا گيتَ نه صرف سنڌ جي جهر جهنگ ۾ گُونجيا، سنڌ کان ٻاهر به اُنهن جي گونجار رهي پر گڏوگڏ اقتداري ايوانن ۾ پڻ اُن جي شاعريءَ ٿرٿلا پيدا ڪيا. ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي موت جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، اهي ته پوسٽ مارٽم ۽ پوليس جي جاچ رپورٽ ۾ سامهون ايندا پر اهو وڏو الميو آهي ته، سنڌ جو سگهارو مزاحمتي آواز خاموش ٿي ويو آهي/ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي موت جو معمو اڃان حل ٿيڻو آهي. جاچ رپورٽ اڃان اچڻي آهي، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته، ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي “مفتي” ۽ “منصف” برگيڊ سرگرم ٿي وئي آهي. ڪاپي پيسٽ جي ڌم لڳي پئي آهي. مختلف صارف پنهنجا رايا ڏئي پاڻ ئي منصف بڻجي ويٺل آهن. سزا به پاڻ تجويز ڪري رهيا آهن. اُنهن دوستن کي عرض آهي ته، ڪُجهه ڪم پوليس لاءِ به ڇڏيو وڃي. ائين نه ٿئي ته ڪو معاملي کي غلط رخ ڏئي شفاف جاچ ۾ رنڊڪون وڌيون وڃن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري صرف انقلابي مزاحمتي شاعر ئي نه پر رومانوي شاعر به هو، جنهن جا گيت نوجوانن ۾ مقبول هئا. هونئن به شاعري لافاني هوندي آهي. اها هميشه زندهه رهندي آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجي شاعريءَ جي ڪري هميشه زندهه رهندو. ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي پراسرار حالتن ۾ ٿيل موت جي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي. سندس ڪٽنب کي به جاچ ۾ ڪنهن رنڊڪ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سول سوسائٽي کي، ساڃاهه وندن کي، جاچ جي سڄي معاملي تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. اهي سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ سول سوسائٽي ئي هئي، جنهن جي مداخلت ۽ دٻاءُ تي ڊاڪٽر آڪاش جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. پوسٽ مارٽم نه ٿئي ها ته، سڄي معاملي کي شارٽ سرڪٽ قرار ڏئي ختم ڪيو وڃي ها.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

آڪاش انصاري

آڪاش رت سان رڱجي ويو

رياض ڪلھوڙو

سنڌ جي سيني تي هڪ نئون زخم، علم ۽ ادب جو سج هڪ دفعو وري لهوءَ ۾ ٻڏي ويو. الهه بخش "آڪاش" انصاري، جيڪو نالو ئي آڪاش جي وسعتن وانگر آزاد ۽ بيخوف لڳندو هو، هاڻي هميشه لاءِ خاموش ٿي چڪو آهي.

آڪاش انصاري ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع تي بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ اک کوليندڙ اهو ٻار، جنهن جو دماغ سائنس جي نُڪتن ۾ غرق رهيو ۽ دل شاعريءَ جي ڌڙڪنن سان گڏ وڄندي رهي، هاڻي وقت جي ويرين جو شڪار بڻجي ويو. پنهنجي علمي سفر ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ بعد، هو انساني زخمن جي مرهم پٽي ڪندو رهيو، پر پاڻ زندگيءَ جي واهڙ ۾ وکري ويو.

آڪاش جي شاعريءَ ۾ محبت جا نغما به هئا ته بغاوت جا نعرا به، هڪ ئي وقت سندس شاعري گلابن جهڙي نرمي ۽ وڄ وانگر ڪڙڪاٽ رکندڙ هئي. "ڪيئن رهان جلاوطن" سندس شاعريءَ جو اهو مجموعو، جيڪو چئن ڀيرن ڇپجي ادب جي آسمان تي پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو هو. سندس ٻيو ڪتاب "اڌورا اڌورا" جي صورت ۾ شايع ٿيوـ ٻئي ڪتاب سندس قلمي ديس جا معصوم سپنا هئا، جيڪي هاڻي اڌورا ئي رهجي ويا.

آڪاش جي لفظن ۾ اهڙو درد هو، جو ڄڻ سندس قلم رت سان ڀريل هجي. هو فقط شاعر نه هو، هڪ مزاحمتي آواز هو، هڪ روشنيءَ جو نشان، جيڪو نوجوانن جي دلين ۾ خواب روشن ڪندو رهيو. سندس نظمن جا بيتن وانگر پڙهندڙن جي ذهنن ۾ گونجي رهيا آهن، پر هاڻي اها روشني، سنڌ جي آڪاش تي سج لهڻ وانگر وسامي چڪي آهي.

الهه بخش "آڪاش" جي جرئت کيس رڳو شاعريءَ تائين محدود نه رکيو، بلڪه صحافت جي ميدان ۾ به اڳتي وڌي، روزاني "سوال" اخبار جو چيف ايڊيٽر رهيو، جتي لفظن جي جنگ وڙهندو رهيو. پر جڏهن اها آوازن جي لڙائي بند ٿي، تڏهن هو پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن موٽيو، جتي هو ڊاڪٽريءَ سان گڏ هڪ NGO ذريعي سماجي خدمت ۾ رُڌل رهيو.

پر علم، ادب ۽ خدمت جا سڀئي خواب ۱۵ فيبروري ۲۰۲۵ع جي رات هڪ خون سان وکري ويا. ڪنهن وحشي هٿ، ڪنهن ڪاري سازش، ڪنهن ناديده ديوار جي پويان لڪيل هٿيار، آڪاش جي دل ۾ اُهي سڀئي لفظ وسائي ڇڏيا، جيڪي اڃا به لکجڻا هئا. سندس قتل رڳو هڪ انسان جو قتل نه هو، اهو سنڌ جي علم، ادب ۽ مزاحمتي آواز تي هڪ وار هو.

هاڻي الهه بخش "آڪاش" انصاريءَ جي شاعريءَ جا صفحا يتيم لڳي رهيا آهن، سندس ڪتابن جا ورق اڻپورو داستان ٻڌائي رهيا آهن، ۽ سنڌ جي فضائن ۾ سندس شاعريءَ جا آخري لفظ اڃا به گونجي رهيا آهن:

"اڃا تون ساڻ آهين،

اڃا هيرون به تنهنجو نانءُ پيو ڳائن،

اڃا مون ۾ تون زنده آهين،

پر دنيا توکي وساري رهي آهي!"

الهه بخش "آڪاش" انصاري رُوح رُوح تائين ڇُلڪجندڙ شاعر هو، جنهن جي شاعري رڳو ڪتابن تائين محدود نه هئي، بلڪه ماڻهن جي دلين ۾ جيئري هئي. هاڻي سندس جسم ته ختم ٿي ويو، پر سندس لفظ صديون جيئندا رهندا، سنڌ جي مٽيءَ مان وکري هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وراڻا ڏيندا رهندا.


(رياض ڪلھوڙو جي ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

آڪاش جا گيت امر رهندا

ذوالفقار راڄپر

مون کي اڄ به شاگردي جي زماني وارا اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن اسان جي انقلابي جوش جذبي ۾ آڪاش انصاري جا مزاحمت جي گندرف سان ڀريل گيت انقلابي ويڙه جو شعوري بارود ڀريندا هئا، سال ڏيڍ اول شايد آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي ڪنهن پروگرام ۾ ڪافي سالن بعد هن سان روبرو ڪچهري ٿي ته هن چيو ته کيس منهنجي جيري جي بيماري جي سڀ خبر آهي، هن ٻڌايو ته هن اسلام آباد مان ڪروڙ روپيا ڀري جيري جي پيوند ڪاري ڪرائي آهي ۽ تون به ائين ڪر، مان کيس چيو ته مان مري سگهان ٿو پر اهو خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهان.

هن ٻڌايو ته نئين زندگي ملڻ بعد به هن پيئڻ سان رشتو ختم نه ڪيو آهي. مان کيس ٻڌايو ته مان ته نه سگريٽ ڇڪيان ۽ نه ئي گلاس پيئندو آهيان، بس ڪن ڊاڪٽرن جي بخار ۾ غلط علاج ۽ دوائن ڪري جيري تي اثر پيو آهي، جنهن جي ڄاڻ به دير سان پئي آهي، هاڻي ته بايوسپي کان به ڪم ٽپي چڪو آهي، ڪي دوست مهانگو علاج ڪرائيندي بچائيندا رهن ٿا، جن مان ڪنهن جو في الحال ته نالو به نه ٿو کڻي سگهجي،

هن پڇيو ته شراب کان نفرت ڇو اٿئي، مان کيس چيو ته اسان جي گهر ۾ ٻه ڪيس شراب واپرائڻ جي ڪري خراب ٿيا آهن، ان ۾ هڪ ڪيس ۾ اسان جي گهر جو هڪ ڀاتي ننڍڙا ٻار ٻين جي آسري تي ڇڏي وفات ڪري ويو ۽ ٻيو ان جي ڪري ڀٽڪي بي راھرويءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي، جو هو هر وقت درٻاري ملازمن ۽ دوستن جي گهيري ۾ ڦاٿل رهي ٿو، شراب سماجي ۽ مذهبي بنيادن تي شايد ان ڪري ئي نقصانڪار آهي.

آڪاش سان ۶،7 سال اڳ فون تي هن جو عيد جي چنڊ تي اهو لکيل نظم پڇيو هو، جيڪو اسان شاگردي جي زماني ۾ شاهوڪارن کي غريبن جي عيد جو احساس ڏيارن وارو اهو نظم عيد نماز کان اڳ مسجدن تي هڻي ايندا هئاسين، آڪاش سان هميشه جڏهن به فون تي ڪچهري ٿيندي هئي ته اهائي پراڻي انقلابي ساٿ جو احساس دل مان کنڀ ساهي ٻاهر نڪري ايندو هو. اسان جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ سنڌ جي اڪيلي نرالي سنڌي شاگردن جي جماعت سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي ) جا ميمبر بڻياسين، اها ايس ايس ٽي هڪ طرف جنرل ضياءَ جي آمراڻي رياست جي نشاني تي هئي ته ٻي طرف فوجي آمريت جي حمايت آفته سنڌي مار سورمن جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود شاگردن جي روپ ۾ چورن، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو وڏي بربريت سان ائين شڪار ڪندي هئي جيئن پنجاب يونيورسٽيءَ ۽ اتان جي ٻين تعليمي ادارن ۾ ترقي پسند شاگرد، شاگردياڻيون، پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا عهديدار ۽ ڪارڪن فوجي جنتا جي حمايت آفته مذهبي شاگرد جماعت جي غنڊن جو شڪار هئا.

ان دور ۾ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ايس ايس ٽي لاءِ سنڌي غنڊن سان مقابلو ڪندڙ جي پوزيشن ۾ هئي، ان ڪري ايس ايس ٽي جي سالياني ڪانفرنس اتي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آڪاش ٻه نظم ” جلاوطن جلاوطن، مان ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ ” امان او منهنجي امان، تون ڪين روئجانء، رات جي رهزنن هٿان جي ماريو وڃان....” ڳائن جي انداز ۾ ٻڌايا ته سڄو حال جوش ۾ ڀرجي ويو هو، جڏهن ضياء جي فوجي راڄ ۾ ماڻهن کان نمازن پڙهڻ بابت هڪ فرمان جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جي جواب ۾ خبر ناهي ڪٿي هڪ ٻي انقلابي تقريب ۾ ۽ ايس ايس ٽي جي سائيڪلو تي نڪرندڙ ميگزين ” ڇوليون” ۾ هڪ وڏو مزاحمتي نظم ڇپيو هو ته” هي جرنل ڪرنل ڪاڻا، اسان کان ڪن ٿا، نمازن جا پڇاڻا..” اڳتي هلي آڪاش انصاري ڊاڪٽر ٿي ويو.

ملڪ ۾ جمهوري راڄ اچڻ جا پيغام هلي ويا، نمازن جي پڇا ڪندڙ ڪاڻا پنهنجي آقائن جي سزا طور ساٿين سميت جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويا، پر آڪاش جا گيت هنن جو پيڇو ڪندا رهيا. عالمي طور ۽ سنڌ ۾ به واء بدلجي ويو، انهن بدليل حالتن ۾ هڪ انقلابي اڀار جي دور جي جوش ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ آيل لاتعداد انقلابي سمجهندڙ انقلاب دشمنن قوتن جي فڪري ۽ الزامن جي حملن جو شڪار ٿيا، انقلابي تحريڪ جي ساهي جي ان وقفي تي انقلابي قوتن مٿان جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ شامل راڄ راڻين ۽ راڻن رياست جي ادارن ۽ عالمي سامراج سان گڏجي انقلابي قيادت ۽ پارٽي مٿان ذهني مونجهارن ۽ الزامن جا جڏهن تير وهايا ته ان وقت ۾ ڪجهه مارڪسزم جو مطالعو ڪندڙ ۽ استاد سڏجندڙ مشيني انقلابين سان گڏ پنهنجي گيتن ۽ شاعري سان هجومن ۾ ساھ وجهندڙ به انقلابي سائنسي فلسفي فڪر جي گهري مطالعي بدران صرف جوش جذبي ۽ آمريت سان نفرت ڪرڻ جي بنيادن تي هجوم ۾ شامل ٿيندڙ اديب، شاعر، ڪارڪن دشمنن جي ڦهلايل ڄارن ۾ ڦاسي ڦٿڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح ساٿ ڇڏي هليا ويا.يا وري اهو به ممڪن آهي ته انهن مان ڪن پنهنجي سفر جو هڪ محدود فاصلو يا وقت مقرر ڪيو هجي پوءِ زاهد شيخ سميت آڪاش انصاري به هڪ منزل کان ٻي منزل تائين سفر ڪرڻ بند ڪري پوئتي هٽي ويا پر انقلابي قافلو هرروز بدلجندڙ حالتن ۾ ايترو ته طاقتور ٿيو جو رسول بخش پليجو صاحب ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ لاءِ هڪ گار بڻائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي شهرن تي قابض دهشتگردن ۽ انهن جي مقامي وڏيرڪي قوم پرستي جا رستا بند ڪري ڇڏيا.

ان وقت ۾ آڪاش جي شاعري مان گندرف جي خوشبوءِ بدران ” اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا” جهڙا مايوسي ۽ فراريت ڦهلائيندڙ شاعري ۽ روائتي پيار محبت جي قافين ۽ رديفن جاءِ والاري ڇڏي، جن اهڙن ساٿين کين پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو اهي به انهن کان پري ٿيندا ويا. آڪاش انصاري پنهنجو قبيلو ته تبديل ڪيو پر هن جي انقلابي گيتن سنڌ جي نئين ٽهي سان گڏجي سفر ڪرڻ نه ڇڏيو. آڪاش ڪو سازشي انقلاب دشمن نه بڻيو، ٻين وانگر ماڻهن کي گهمراهه ڪرڻ جو ٺيڪو نه ورتو، ان ڪري هن پنهنجي ماضيءَ سان پنهنجي دعا سلام ختم نه ڪئي، ان ڪري هن سان رابطو رهندو آيو اڄ هن جي قتل، حادثاتي موت جي خبر اسان جو به جيءُ جھوري ڇڏيو آهي، ڪاش آڪاش روسي انقلابي اديبن وانگر پنهنجو ساٿ ايس ايس ٽي جي بعد ٻين محاذن اي اين پي ۽ عوامي تحريڪ، عالمي انقلابي مارڪسزم فلسفي جي ڇانوَ ۾ پنهنجي شاعري کي وٺي هلي ها ته اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا جهڙن گيتن بدران فلسطيني ويٽنامي نوجوان گوريلا پيدا ڪرڻ وارن شاعري برقرار رکي ها ۽ سنڌ جي قومي غلامي خلاف جدوجهد ۾ هن جا ماضيءَ وانگر نوان گيت گونجن ها.

آڪاش انصاري جيڪي پنهنجا لکيل انقلابي گيت لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ٽنڊو ڄام ۽ راهوڪي ۾ ڳائي آمريت خلاف نفرت جو بارود ڀريو هو، اهي اڄ به امر آهن، سندس ان انقلابي سرخ ماضيءَ ڪري ئي هن جو وڇوڙو غمگين ۽ اداس ڪري ڇڏيو آهي، ڪاش آڪاش هڪ ٻيو جنم وٺي سنڌو درياهه جي جياپي، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ ۽ هر روز سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بڻائڻ واري عسڪري جمهوريت خلاف نوان انقلابي گيت لکڻ لاءِ واپس اچي.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

 

آڪاش انصاري

باغي حنيف

دنيا ۾ عام لکين ماڻھو مرندا رھن ٿا دفن ٿيندا رھن ٿا اھو ھڪ فطري اصول آھي 

پر ڪڏھن ڪڏھن ڪي اھم انسان جن کي اڃان پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو ھوندو آھي وقت کان اڳي انھن کي انھن ئي وجودن ھٿان قبر ۾ دفن ڪيو ويندو آھي جن کي ملڪ جون جنتون گھمائي سونا چمچا وات ۾ وجھي نپائجي تہ اھو ھڪ وڏو حادثو ھوندو آھي 

آڪاش انصاري ذاتي طور ھڪ غريب فيملي جو ٻار ھو. ابل وسي جي پٽن تان پڙھندي ھن زندگي جي ھزارين ڏکن سان مقابلا ڪري الھ بخش اداسي مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري بڻيو ھو. ھن سياست ۾ حصو ورتو. صحافت ڪئي. شاعري جي ذريعي جھر جھنگ ۾ شعور ۽ انقلاب جي روشني پکيڙي.

ھن سماجي تنظيم ذريعي وس آھر علائقي جي ماڻھن کي تعليم کان وٺي ڪافي ڪجھ پنھنجي پيرن تي بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي.

ھو جڏھن ڏکن سان مقابلا ڪري بيمارين جي بلائن سان جھيڙي ڪندن ٿي جڏھن اھو پارس بڻيو جو جنھن کي ڇھي سون ڪري ڇڏي 

تڏھن ھڪ آئيس جي عادي موالي پرائي پينگھي مان کڻي پاليل پٽ ان شخص کي لتن مڪن گھٽن ڇرين سان چھڪ ڏيئي قتل ڪري وري گاسليٽ ھاري باھي ڏيئي ڀسم ڪري ڇڏيو جنھن شخص تي سنڌ گل جو گھاء به سھڻ لاء تيار نہ ھئي.

ان پالتو پٽ رڳو آڪاش کي ڪلھ قتل ناھي ڪيو پر آئيس جي موالي ٿيڻ کان پوء آڪاش جي زندگي ۾ روز کيس قتل ڪندو رھيو ملڪيتون پمپ گھر وڪڻائيندو رھيو ۽ آڪاش تہ مٿس ڪافي وقت آڳ ايف آء آر داخل ڪرائي قانوني طور لاتعلق ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر ان پالتو کي پاليندڙ ماء سدائين ويڳي پٽ جو پاسو کڻي آڪاش جي اڳيان ھڪ ديوار بڻجي بيٺل رھي جنھن جي ڪلھ آڪاش جي ھيڏي قتل کان پوء ڏنل بيان ۾ آڪاش جي قتل کان وڌيڪ پالتو جي جيل وڃڻ وارو خوف کيس وڪوڙي بيٺل ھو.

اگر اڃان ھن بي درديءَ سان قتل ڪري ساڙيل آڪاش جي ڏوھ ۾ داخل ايف آء آر ۾ ڪو مظبوط ماڻھو فريادي بڻجي نٿو اچي ته اھو آئيس جو موالي ڪجھ سال جيل ڀوڳي معافي تي ٻاھر اچي وري ان ماء کي به ماريندو جيڪا آخر تائين پٽ کي بي گناھ سمجھي رھي آھي.

ھڪ ڳالھ ذھن ۾ رکي ڇڏيو اگر اولاد ۾ پٽ يا نياڻي قدرت توھان کي پنھنجي پاران ڪجھ گفٽ نٿي ڪري ته ان ۾ توھان جي ڪا ڀلائي رکيل آھي توھان ان مخالف ۾ پنھنجا رستا اختيار ڪري نانگن کي کير پيئارڻ جي ڪوشش نہ ڪريو نہ ته انجام سامھون آھن 

ھڪ سنڌ جي عظيم شخص کي ھڪ آئيس جي موالي ڪيڏي بي دردي سان ماريو ھوندو ان پاڻ بچائڻ لاء ڪيڏيون رڙيون ڪيون ھونديون اھو سڀ تصور ڪندي ھانوء ڏڪي وڃي ٿو.

انھن شين کي مد نظر رکي ساڃاه وند انھي منشيات جي خلاف آواز اٿاريندا آھن ته اھا منشيات ئي آھي جنھن جي واپرائڻ سان ماڻھو مان ھر ماڻھپو ختم ٿي وڃي ٿو 

شاعري به ھڪ دعائيه ڪلمات ھوندا آھن آڪاش جي شاعري جي سٽ سٽ سندس زندگي ۾ عملي تصوير بڻجي شامل ٿي وئي 

دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا 

اسان بس رھياسين اڌورا اڌورا 


(باغي حنيف جي ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

آڪاش انصاريءَ جي مرتيي تي 

اولاد کي جانور بنائيندڙ اسان جا رويا

احسان لغاري

سائين آڪاش انصاريءَ جي بيدرديءَ سان ٿيل قتل جي واقعي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. هڪ پاسي سندس سنڌ جيڏي قدوار شخصيت جنهن کي شايد ڪو طوفان، ڪا طاقت، ڪو آمر نه جهڪائي سگهي. پنهنجي ڌرتيءَ ۾ ايڏا پختا پير ڪري بيٺل انسان جيڪو جتي بيهي ته سنڌ جو شعور مٿس گهور ٿئي. هڪ پاسي کيس سڄي دنيا مڃي ته هو سنڌ جو عظيم شاعر ۽ انسان آهي، ۽ ٻئي پاسي سندس گهر ۾ رهندڙ پُٽ، نه رڳو اُن جي عظمت جو انڪاري هجي ٿو، پر کيس سٺو پيءُ مڃڻ لاءِ به تيار نٿو هجي. ايتري قدر جو هو پنهنجي پيءُ کي زندگي جو وڏو مسئلو سمجهندي، کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري ٿو.

ڇا اها سوچ هڪ رات، هڪ ڏينهن، هڪ مهيني يا هڪ سال ۾ پيدا ٿي هوندي، آئون سمجهان ٿو بلڪل به نه. اها سالن جي بغاوت آهي، جيڪا وڌي وڌي وڻ ٿي ۽ ان جو نتيجو آخر اهو ئي نڪتو، نڪرڻو هو ۽ نڪرندو، جيڪڏهن اسان مان ڪنهن جي به گهر ۾ اهڙي صورتحال آهي ته. ڇاڪاڻ جو آڪاش پنهنجي پُٽ کي ڪڏهن به اهو ماحول ئي نه ڏنو جو هو اهو سمجهي سگهي ته "آڪاش انصاري" ڪير آهي؟ هو ننڍپڻ کان جواني تائين، انهيءَ عمر تائين به "آڪاش انصاري" کي نه سڃاڻي سگهيو.

منهنجي خيال ۾ ڏوهه ڇوڪري جو ناهي، اهو انهن سڀني والدين جو ڏوهه آهي، جيڪي پنهنجي اولاد کي پاڻ کان پري رکن ٿا، انهن کي پنهنجي ماحول ۾ نٿا رکن.

رڳو ڄڻي ڇڏڻ، نيپاج وٺڻ سان پي هجڻ جا فرض پورا نٿا ٿين. هن وقت به اهو ڪڙو سچ آهي ته اسان مان ڪيترن ئي وڏن اديبن جي پُٽن کي پنهنجي والد جي ڪم جي، ادب جي، ادبي حيثيت جي ڪا خبر ناھي. ڇاڪاڻ جو انهن پنهنجي اولاد کي نه رڳو نوڪري جي ڊوڙ لاءِ ادب کان پري رکيو، پر پنهنجو ماحول ئي نه ڏنو، ڪچهري ۾ نه ويهاريو، پاڻ سان گڏ نه کنيو. اولاد جڏهن به ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پئسا ڏئي ڇڏيا، گاڏي ڏئي ڇڏي ۽ "گيٽ آئوٽ" چئي ڇڏيو. اهو مسئلو رڳو آڪاش انصاري جو ناهي، اهو هر ٻئي ادبي گهر جو مسئلو آهي.

ان کان اڳ ڪنهن ڪنهن سان اهڙا رويا ناهن ٿيا، جيڪي پنهنجي ذات ۾ ته سنڌو درياهه جيڏا انسان هئا، پر اولاد انهن سان سندن حياتي ۾ ڇا ڇا نه ڪيو. ڪيترائي مثال موجود آهن، اسان سڀ انهن کان واقف آهيون.

اسان مان هر ٻيو ماڻهو اڄ به ائين پيو ڪري، مون سميت هر گهر ۾ اهو هلي پيو. ننڍڙو ٻار روئندو موبائيل ۾ راند لڳائي ڏئي ڇڏي ته چپ هجي. نوجوان پٽ اچي ڀر ۾ ويٺو ته پئسا ڏئي ڇڏبا ته بابا وڃي دوستن سان گهمي اچ، ڇاڪاڻ جو اسان مضمون پيا لکون، شاعري پيا لکون، ڪمينٽ پيا پڙهون، اخبار پيا پڙهون.

ڇا ٿا سمجهو ته اهو اولاد ڇا محسوس ڪندو، ۽ جيڪو نوجوان پٽ پئسا کڻي ٻاهر نڪرندو اهو ڪنهن جي صحبت ۾ ويهندو، اڳيون ان جي ذهن ۾ ڪهڙا ڪوڪا ٺوڪيندو، ان جو اسان هڪ پل لاءِ نٿا سوچيون.

اسان وزيرن سان گڏ ڪچهريون ڪندي، شراب پيئندي به اولاد جي روزگار لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. پنهنجا ڪتاب ڇپائيندي اولاد کي چپل لاءِ ۱۰۰۰ نٿا ڏئي سگهون. اسان پنهنجي اولاد سان گڏ ويهي نٿا سگهون، گهمي نٿا سگهون، پنهنجي دوستن سان گڏ اولاد کي نٿا ويهاري سگهون ته اها حقيقت اسان کي مڃڻي پوندي ته انهي اولاد جي نظر ۾ اسان جي علم ادب، ڏاهپ، تخليق ۽ اسان جي حلقي ۽ دوستن جي ڪا حيثيت ناهي. انهن جي نظر ۾ سڀ ڪجهه فضول، بيڪار ۽ غلط آهي. ان ڪري ئي اديب جي مرڻ جي هفتي اندر سندس ڪتاب ڪٻاڙي حوالي ٿي ويندا آهن.

اسان کي نه چاهيندي به اها حقيقت مڃڻي پوندي ته اولاد کي سٺي رستي تي هلائڻ، سٺو انسان بنائڻ، يا خراب انسان بنائڻ ۾ ذري گهٽ اسان جو ئي هٿ آهي.

آئون منهنجي هڪ دوست جي گهر ويس، مهمان خاني ۾ ويٺا هئاسين. سندس نوجوان فرزند ڪمري ۾ آيو، بنا سلام جي باٿروم هليو ويو. وري ٻاهر نڪري ويو. وري آيو پاڻي رکي هليو ويو. منهنجو موڊ صفا خراب ٿي ويو. مون دوست کي چيو ته هي ڪير هو؟ چيائين منهنجو پُٽ هو، پر اسان ۾ سلام ڪرڻ جو رواج ناهي. ڪنهن وٽ وقت آهي، سڄو ڏينهن پيو سلام ڪري. چيومانس ته هي ڪٿان جي انسانيت آهي. چيائين ته آئون ئي گهر ۾ ڪنهن کي سلام ڪونه ڪريان ته هي ڇو ڪندا. منهنجو وات پٽجي ويو.

چوڻ جو مطلب اسان جي ماڻهن، خاص طور ادبي لڏي کي پنهنجي اولاد جي تربيت، انهن جي تعليم، روزگار کان ويندي، پنهنجي ادبي ڪم ۾ انهن کي ضرور حصو وٺائڻ کپي، دوستن ۾ ويهارن کپي، پروگرامن ۾ وٺي اچڻ کپي، جيئن اهي اسان کان، اسان جي علمي ڪمن کان واقف هجن. ٻي صورت ۾ اسان کي اولاف مان ڪا وڏي اميد نه رکن گهرجي.


(احسان لغاريءَ جي ۱۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

آڪاش انصاري

علي آڪاش

اسين ڪالهه لڳ ڀڳ ٻي وڳي بدين لاءِ نڪتاسين جو پنجين وڳي جنازي نماز جو عام اطلاع ڏنو ويو هو. ابراهيم ڪنڀرَ، شبير نظاماڻي ۽ چاچو عزيز سومرو لڳاتار معاملي جي نوعيت تي ڳالهائي رهيا هئا. ٽئي سينيئر صحافي رهيا آهن، تنھنڪري، هنن جو خيال هو ته ڊاڪٽر آڪاش جو وصالُ باهه لڳڻ سبب ناهي ٿيو ــ معاملي جي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ٿيڻ کپي.

انھيءَ مھل تائين ڊاڪٽر آڪاش جي پاليل پٽ جو بيان جاري ٿي چڪو هو. انھيءَ ۾ ڪيترائي خال هئا، جنھن جي ڪري، اِهو گمان پڪ ۾ مٽجڻ لڳو ته ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪيو ويو آهي. شبير رپورٽرن سان به رابطي ۾ هو. خبر پئي ته حيدرآباد پوليس جي چوڻ تي ماتليءَ وٽان ڊاڪٽر آڪاش کي واپس حيدرآباد نيو ويو آهي جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو هو. اِها ڳالهه اچرج ڏياريندڙ هئي. ڊاڪٽر آڪاش جي مڙهه سان مائٽن سميت سندس ڪي ويجها ساٿي به هئا، ۽ اُهي سڀ سڄاڻ ۽ پڙهيا لکيا هئا. تن کي اِهو خيال اڳ ۾ اچڻ کپي ها. پر امڪان ظاهر ڪيو ويو ته ٿي سگهي ٿو، وڏي صدمي ۾ هئڻ ڪري کين اهو خيال نه آيو هجي يا هنن سوچيو هجي ته بدين ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو. پر واقعي جي نوعيت جي حساب سان واردات واري جاءِ تي ڪيس هلڻو هو. 

اسين ماتلي باءِ پاس وٽ هڪ هوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ بيٺاسين. اُتي شبير ٻيھر رپورٽر دوست سان رابطو ڪيو. انھيءَ دوست پنھنجن ذريعن جي حوالي کان ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ٿي ويو آهي؛ ۽ ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪيو ويو آهي، پر معاملو جيئن ته هاءِ پروفائيل آهي، تنھنڪري، قتل جي باقاعدي رپورٽ پوءِ جاري ڪئي ويندي. تيستائين ٽي وي چئنلن تان اها خبر بريڪنگ نيوز طور هلائي ويئي ۽ جنھن جا ڪلپ سوشل ميڊيا تي آيا.

تنھن وقت تائين، صورتحال مان، اِها ڳالهه چٽي پئي لڳي ته پاليل پٽ ئي ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪيو هوندو، پر حقيقي “ڪاز آف ڊيٿ” کان واقف نه هئاسين. اسين لڳ ڀڳ پنجين وڳي بدين ريسٽ هائوس پھتاسين، جتي گهڻا ماڻهو اڳيئي ريسٽ هائوس ٻاهران موجود هئا. اسين ريسٽ هائوس اندر انھيءَ ڪمري ۾ ويھاريا وياسين، جتي ڊاڪٽر آڪاش جا ويجها دوست ۽ ساٿي موجود هئا. اُتي بحث هيٺ ٻه معاملا هئا: هڪ ڊاڪٽر آڪاش جو تڏو ڪنھن کليل جاءِ تي وڇائجي جو رڳو مقامي ماڻهن جو ئي وڏو انگ تڏي تي پھچي ويو هو ۽ سڄيءَ سنڌ مان به ماڻهو پھچي رهيا هئا. تڏو ڊاڪٽر آڪاش جي گهر ٻاهران وڇايو ويو هو، جتي گهڻن ماڻهن جو ماپجڻُ ڏکيو هو ۽ ٻيو مک روڊ کان ڊاڪٽر آڪاش جي گهر ڏانھن لھندڙ گهٽي ڪچي ۽ سوڙهي هئي، جنھن ڪري، سوچيو پئي ويو ته ماڻهن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ڊاڪٽر آڪاش جي دوستن ڊاڪٽر علم انصاريءَ جي فارم هائوس کي تڏي لاءِ مناسب جاءِ ٿي سمجهيو ۽ تڏي سنڀالڻ جو سمورو بار به پاڻ کڻڻ جو ارادو ظاهر پئي ڪيو. 

ٻيو معاملو “ڪاز آف ڊيٿ” هو، انھيءَ تي ڊاڪٽر آڪاش جا ويجها دوست لڳ ڀڳ سھمت هئا ته کيس ملڪيت جي مسئلي تان قتل ڪيو ويو آهي؛ ۽ هنن اِهو به چيو پئي ته اُهو قتل سندس پاليل پٽ ئي ڪيو آهي. سندس ڊاڪٽر آڪاش سان جارحاڻي ورتاءَ وارا واقعا به ورجايا ويا؛ ۽ هن جي ڪڌن لڇڻن کي به وائکو ڪيو پئي ويو. تازو ئي ڊاڪٽر آڪاش پنھنجا بدين ۽ حيدرآباد وارا گهر ۽ پئٽرول پمپ سان گڏ ننڍيون وڏيون ملڪيتون وڪڻي ڇڏيون هيون؛ ۽ پٽ جي بگڙيل هئڻ جي ڪري، اُها ملڪيت هُن پنھنجيءَ ڌيءَ ميران جي نالي ڪرڻ پئي گُهري. انھيءَ کي “ڪاز آف ڊيٿ” پئي سمجهيو ويو. انھيءَ وقت، ڊاڪٽر آڪاش جو پاليل پٽ تڏي تي موجود هو، جنھن جي منھن تي ڌڪ هئا ۽ سندس پير به سڙيل هئا.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، اُتي تعليم وارو وزير سردار شاهه به آيو. رپورٽر به پھتا. هنن کانئس موقف وٺڻ پئي گهريو، پر سردار شاهه کين چيو ته واردات جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ڏيو. انھيءَ جي بنياد تي ڪا ڳالهه پختي نموني ڪئي ويندي. 

اهڙين ڳالهين هلندي، حيدرآباد مان هڪ ڊاڪٽر ۽ پراڻو سياسي ڪارڪن اتي پھتو، جيڪو پوسٽ مارٽم مھل حيدرآباد ۾ موجود هو. انھيءَ سردار شاهه کي پوسٽ مارٽم جون تصويرون ڏيکاريون. انھيءَ وقت ڪمري ۾ اسين ڪي ست اٺ ماڻهو ئي هئاسين. سڀني اٿي تصويرون ڏٺيون. ڊاڪٽر آڪاش کي نه رڳو قتل ڪيو ويو هو، پر وڏيءَ بيدرديءَ سان ۽ وحشياڻي نموني قتل ڪيو ويو هو. سڀني جون اکيون آليون ٿي ويون. هڪ بنھه معصوم، حساس ۽ محبتون ورڇيندڙ شاعر جو پورو جسم گهاون سان ڀريل هو. سندس ڳچيءَ وٽان خنجر هلايو ويو هو. سندس ڇاتيءَ وٽ ٻه انچ انچ جا گهاوَ هئا. پٺيءَ ۾ خنجر جو وڏو گهاءُ هو. پيٽ ۾ خنجر لڳل هو. گهاون مان رت هلندڙ هو. اڳي ماڻهن کي اِها پڪ هئي ته ڊاڪٽر آڪاش جو قتل ٿيو آهي، پر کيس ايڏيءَ بھيماڻي نموني تشدد ڪري ڪُٺو ويو آهي، تنھن جو ڪنھن تصور به نه پئي ڪيو. ڊاڪٽر آڪاش اڳيئي هڏڙين جي مٺ هو. جگر جي ٽرانسپلانٽ ٿيڻ ۽ هڪ مصنوعي ٽنگ وجهرائڻ سان گڏ ڪيترن ئي روڳن ۾ ورتل هو. قاتلَ اهڙي نٻل ماڻهوءَ کي سھنجو موت به ڏيئي پئي سگهيا، پر هُنن انتھائي تشدد واري طريقو واهپايو هو. هاڻي صورتحال چٽي ٿي ويئي هئي ته کيس شروع ۾ قتل ڪري پوءِ گاسليٽ يا پيٽرول هاري ساڙيو ويو آهي ته جيئن واردات کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ تبديل ڪجي. تصويرن مان اِها ڳالهه به چٽي ٿي ته ايترا سڀ پاساوان وار ڪو هڪ ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي. اندازو اهو لڳايو ويو ته کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏئي بيھوش ڪيو ويو آهي، تنھن کان پوءِ کيس وحشياڻي نموني ڪٺو ويو آهي.

ڊاڪٽر آڪاش مڙهه رات جو لڳ ڀڳ ڏهين وڳي بدين پھتو. يارهين وڳي پير چوڪ وٽ سندس جنازي نماز پڙهي سون. سنڌ جي هن مزاحمتي شاعر ۽ بھادر پٽ جو مڙهه بدين ۾ داخل ٿيندڙ روڊ جي ڪناري سان سندس ئي گيتن جي جهونگار ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. تيستائين ڀٽائي نگر پوليس اُتي پھچي چڪي هئي. تدفين کان پوءِ ڊاڪٽر آڪاش جي پاليل پٽ کي حراست ۾ ورتو ويو. سندس ڊرائيور اڳيئي پوليس هٿان گرفتار ٿي چڪو هو. تنھن هوندي بہ ڊاڪٽر آڪاش جي گهرواريءَ جو موقف الڳ آهي. هن پاليل پٽ کي بچائڻ گهريو آهي، تنھن ڪو جوڳو ۽ زورائتو ڪارڻ ضرور آهي. عام خيال اهو آهي تہ هوءَ ڪنھن پاران دٻاءَ ۾ آندي ويئي آهي. اهو سوال موجود آهي. تنھن مان لڳي ٿو، هيءُ معاملو رڳو ٻن ماڻهن تائين محدود ناهي. انھيءَ امڪان جي تقاضا اها ئي آهي تہ جاچ دائرو بہ وڌيڪ وسيع ٿيڻ کپي. ڪنھن بہ وڌيڪ اڳڀرائيءَ لاءِ پوسٽ مارٽم جي پيرائتي رپورٽ جي پڌرائي درست ۽ حقيقي بنياد فراهم ڪندي.

ڪيس جيئن تہ هاءِ پروفائيل آهي تنھنڪري، بھتر اهو آهي تہ پوليس جي جاچ بدران هن بيحد حساس معاملي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي تہ جيئن ڊاڪٽر آڪاش جي قتل جي سنگين واردات جي سڀ پاسائين ۽ منصفاڻي جاچ ٿي سگهي ۽ قاتلن کي قانون پٽاندر گهربل سزائون ملي سگهن.

شھيد فاضل راهوءَ کان پوءِ بدين جي علائقي مان ڊاڪٽر آڪاش ئي وڏو ماڻهو ٿي اڀريو هو، جنھن کي پڻ فاضل راهوءَ وانگي وڏيءَ بيرحميءَ سان ڪٺو ويو:

ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونھين،

تن کي ڪندينءَ ڪِين، جي پنھنجن هنيا پٺ ۾.


(علي آڪاش جي ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

آڪاش انصاريءَ جو دردناڪ وڇوڙو

اسين جي رھياسين اڌورا اڌورا 

طارق عزيز شيخ 

وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇَلو،

پيو ٿئي گهر گهلو، يار جلدي ملو.

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،

ساهه، ساميئڙو مڙيئي مهمان آ،

ترسندو ڪيسيتائين ڀلا قافلو؟

يار جلدي ملو!

آڪاش انصاريءَ جي ان ڪلام سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ قومي ۽ مزاحمتي شاعر جي دردناڪ وڇوڙي تي سڄي سنڌ جون اکيون آليون آهن. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ھئي ته سنڌ جي تڪليفن کي، شاعريءَ ۾ الاپيندڙ آڪاش انصاريءَ جو آواز اھڙي بيدرديءَ سان بند ڪيو ويندو! 

مولا عليءَ عه جو فرمان آھي ته: " جنھن تي احسان ڪريو، تنھن جي شر کان بچو." آڪاش انصاريءَ سان به ائين ئي ٿيو. جنھن کي پٽ ڪري پاليائين، انھيءَ کيس قتل ڪيو. اھو به ايترو بي رحميءَ سان جو رپورٽون پڙھندي ۽ ڏسندي اکيون رت ٿي رنيون. 

رپورٽن جي آڌار تي ماضيءَ جو پسمنظر اھو ٿو بيان ڪري ته، ڪجھه ورھيه اڳي آڪاش انصاريءَ کان سندس لطيف نالي نپايل پٽ، ملڪيت جي گھر ڪئي ھئي، جيڪا آڪاش انصاريءَ ڳالھه ڪانه مڃي. ان کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڇوڪري ساڳئي ڳالھه نه صرف ورجائي پر آڪاش مٿان پستول تاڻي بيھي رھيو جنھن تي آڪاش بدين جي ٿاڻي تي ان واقعي جي ايف آئي آر به ڪٽرائي ھئي ۽ پوليس ڇوڪرو گرفتار ڪري وئي، بعد ۾ ڇوڪري پاران معافيون گھرڻ تي آڪاش ئي آزاد ڪرايس. اھو ئي وير اندر ۾ پاليندي پاليندي وجھہ ڏسي آڪاش کي قتل ڪري ڇڏيائين. پوليس جي ابتدائي تفتيش مطابق، آڪاش انصاريءَ جي ڊرائيور عاشق سيال اعتراف ڪيو آهي ته سندس پُٽ ئي کيس قتل ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي ڇرين جي وار سان اونها ۽ وڏا زخم ڪيا ويا آهن. ڇرين جا وار ٿيڻ سان ٻنهي ڦڦڙن تائين به زخم آهن. ڳلي تي ڇري جو زخم هجڻ سان گڏ سندس مڻڪي واري هڏي به ڪپيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڳچي ۾ ۶، ڇاتي تي ۴، پيٽ تي ۳، پٺيء تي هڪ، ٻانهن ۽ ٽنگ تي به هڪ هڪ ڇري جو زخم آهي. پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش مزاحمت نه ڪئي. جنهن مان لڳي ٿو ته کيس گھري ننڊ ۾ سمهاري ڇرين جا وار ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ اھو پڻ انڪشاف ٿيو آھي ته هيءَ ڪارروائي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي لڳي ٿي. سندس ڪپڙن بستر مان گاسليٽ جي به بوءِ موجود آھي. ذريعن موجب فارنزڪ رپورٽ کانپوءِ ئي پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

ڇنڇر ۱۵ فيبروري تي جڏهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۾ باھ لڳن جو اطلاع پوليس ۽ ريسڪيو کي ڏنو ويو تڏھن فوري طور تي ٽيم پهچي باھہ تي ضابطو ۽ فوت ٿيل ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو لاش سول اسپتال آندو ويو، جتي بنا پوسٽ مارٽم جي مڙھہ کي اباڻي شهر بدين کڻايو پئي ويو، جنهن تي پوليس پاران سندس مائٽ احسان سان رابطو ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ لاش کي ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ ڊاڪٽر آڪاش جي مڙھہ کي وارثن حوالي ڪيو ويو، جن بدين ۾ سندس تدفين ڪرائي. 

سنڌ جي ھن قومي، مزاحمتي شاعر سان اھڙي ويڌن ٿيندي، ڪنھن کي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھوندو. آڪاش جو ڏک سجي سنڌ جو ڏک آھي. آڪاش انصاريءَ جا وارث فقط سندس گھر ڀاتي ناھن بلڪه سڄي سنڌ آڪاش جي وارث آھي، ان ڪري سڄي سنڌ، انصاف جي دروازي تي دانھين ٿي ته قومي شاعر جي قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. 

آڪاش انصاريءَ پنھنجي شاعريءَ سان سنڌ جو ڪيس وڙهيو ھو، ھُن کي اڃا به سنڌ لاءِ وڙھڻو ھو پر سندس خواب اڌورا اڌورا رھجي ويا. اھڙي دردناڪ موت تي آڪاش انصاريءَ جو ئي ڪلام ياد اچي ٿو: 

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا... 

نڪي عشق آتش فشان ٿي اُڀاميو،

نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجهاميو،

نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين 

نه سگريٽ جو ڦلو ٿي ڇڻياسين،

دُکياسين، جلياسين، اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو،

رُناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو،

نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين،

کلياسين رُناسين اڌورا اڌورا،

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

نه تارڪ ٿي دنيا هي تياڳي سگهياسين

جهان جو به جنجهٽ نه جهاڳي سگهياسين

نه تون ملين، نه ڪنهن ٻئي جا ٿياسين

هتان کان به وياسين، هتان کان به وياسين

۽ دنيا جي ڌنڌي ڪرڻ کان به وياسين

مرڻ جي مزي کان به محروم رهياسين

۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

عمر اڌ اڻ کٽ عبادت ۾ وئي،

۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي

خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي

اي آڪاش جندڙي ائين وئي اجائي

۽ ڳولها جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.


(ڏھاڙي مومل ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

لطيف جي اڱڻ ۾ آڪاش

ادريس لغاري

اها ڊسمبر ۱۹۹۱ع جي ڳالهه آهي، عوامي تحريڪ “ڪالاباغ ڊيم نامنظور ۽ بهاري نه کپن” جي نعري هيٺ سکر کان ڪراچي تائين پورن ۳۰ ڏينهن جي لانگ شروع ڪئي هئي. آئون تنهن وقت اٺن نون سالن جو ٻار هئس. سعيد آباد ۽ هالا جي وچ ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي مختلف ڳوٺن مان هڪ گاڏي نڪتي، بابا ڪامريڊ هادي بخش ڪٿي مصروف هئڻ ڪري نه هلي سگهيو ۽ مون کي چيائين ته آئون ٻين ساٿين سان گڏ ضرور وڃان. گاڏيءَ ۾ سائين عالم، سائين ڦوٽو خان ۽ ٻيا ساٿي ۽ ڪجهه ڀينرون پڻ هيون. ٽين چئين وڳي ڌاري اسان لانگ مارچ ۾ شامل ٿياسين. آئون ٻار هئڻ ڪري قافلي جي قيادت ڪندڙ اڳواڻن سان گڏ گڏ هلي رهيو هئس. ڀٽ شاهه ۾ داخل ٿيڻ واري رستي تي گلن جي تمام گهڻي ورکا ڪئي وئي ۽ اڳواڻن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ مون کي به ڪنهن گلن جو هار اچي وڌو. ڏاڍو خوش به ٿيس ۽ عجب به لڳو ته مون کي گلن جو هار الائي ڇو پارايو ويو آهي. لطيف سائينءَ جي درگاهه تي پهچندي تقريبن رات ٿي وئي هئي، پر ٿڪاوٽ جو احساس نه هو، هر طرف کان شاندار نعرا لڳي رهيا هئا ۽ انقلابي گيت ڳاتا پئي ويا. مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو. آخري مقرر کي تقرير لاءِ سڏيو ويو. منهنجي ذهن تي اڄ به اها تقرير چٽي طرح نقش ٿيل آهي ۽ چڱي طرح ياد آهي ته هن جي تقرير جي سحر ۾ سڄو پنڊال ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو هو ۽ هر طرف نه رڳو مڪمل خاموشي هئي، پر اکين ۾ هلڪا ڳوڙها، دل ڀريل ۽ هڪ خوشگوار فخر محسوس ٿي رهيو هو. مقرر وڌي مٺي لاڙي لهجي ۾ لطيف جا شعر پڙهي لطيف کي ئي مخاطب ٿي رهيو هو ۽ پنهنجي نهايت درد ڀرئي ۽ ڏکاري انداز ۾ چئي رهيو هو ته، “لطيف سائين! هي سنڌ جون نياڻيون توهان وٽ پنهنجي درياءُ تي لڳندڙ ڌاڙي جو فرياد کڻي آيون آهن. هي پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ٿيندڙ تاريخي ظلمن ۽ قهرن جون ڪهاڻيون ۽ داستان توهان سان ونڊڻ آيا آهن”. مون کي هر هڪ جي اک آلي نظر آئي ۽ آئون ٻار ٻارن جيان سڏڪا ڀرئي روئي رهيو هئس. اهو مقرر هو ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب.

ان ڏينهن کان وٺي هن جو نالو منهنجي ذهن ۾ نه پر منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو هو ۽ پوءِ گهڻن سالن کان جڏهن به ڊاڪٽر آڪاش کي ڏسندو هئس يا هن سان ملندو هئس ته مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان ڀٽ تي لطيف سائينءَ جي اڱڻ اڳيان بيٺا آهيون. آئون اهو ئي ٻار آهيان، سڏڪا ڀري روئي رهيو آهيان، ڊاڪٽر آڪاش پنهنجي مخصوص لاڙي انداز ۾ اسٽيج تي بيٺو لطيف کي سنڌي عوام جي صدين جا سور سندس ئي شاعري ۾ پيو ٻڌائي. سچ ته گذريل ڏينهن منهنجي اها ئي ڪيفيت هئي ۽ تقريبن رات جو ساڍي ڏهين وڳي هڪ ايمبولينس آئي. هر طرف سوڳوار ماحول هو، سوين هزارين ماڻهو هئا. اسان سڀ حيراني، ڏک، درد، پيڙا ۽ تڪليف مان هڪٻئي ڏي نهاري رهيا هئاسين ۽ خاموشي گهڻا سوال پڇي رهي هئي! ڪيفيت اها ئي ساڳئي هئي، پر زماني ۽ دنيا جا رنگ روپ ڏسڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ به اندر منجهه اهي ئي سڏڪا هئا، اهو ئي ٻار هئس، ٿڪ به محسوس نه پئي ٿيو، دل ڏکاري هئي، پر اتي نه لطيف جو اڱڻ هو ۽ نه ئي اهو ڊاڪٽر آڪاش هو. بدين هو ۽ الله واري چوڪ تي هڪ ايمبولينس هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش ابدي ننڊ ۾ آرامي هو.

جنازي نماز کانپوءِ دوستن چيو ته هلون آخري ديدار ڪريون، مون خاموشي مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڊاڪٽر آڪاش کي سڏڪن ۾ سڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ سان اندر ئي اندر ۾ مخاطب ٿي چيم ته مون کي باقي زندگي ته ان ڊاڪٽر آڪاش سان گذارڻي آهي، جيڪو لطيف جي اڱڻ اڳيان بيٺو آهي ۽ پنهنجي منفرد ۽ مخصوص انداز ۾ چئي پيو،

“جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي،

جنهن نه مارن جي سَڱ کي سڃاتو هتي،

تنهن سان منهنجو ڀلا ڪهڙو ناتو هتي،

تنهن کي چئو منهنجي ڌرتي تان نڪري وڃي”

هن بار بار وڏي جرئت سان اهي اعتراف به ڪيا ته مون کان خطائون ٿيون هونديون، غلطيون ٿيون هونديون، ڪمپرومائيز پڻ ڪيو هوندو ۽ تڏهن ئي ته پاڻ لکيائين،

“دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو

سکن ۾ به من کي سڪون ڪونه آيو

کِلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو

رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو

نه خوش ٿي کلياسين، نه رنج ٿي رناسين

کلياسين رناسين اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا”

پر آڪاش اهو به بار بار چيو ته،

“خوابن تان هٿ نه کڻجو،

هي خواب ئي ته آهن هر درد ۾ دلاسو،

هي خواب ئي ته آهن پنهنجي اڪيلي پونجي

جنهن جي ڪري لڳي ٿي هي ڪائنات پنهنجي”


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

الوداع آڪاش......!!

مشتاق باگاڻي

“خواب، خوشبوءِ ۽ خوبصورتي” ھڪ اھڙو ٽيڙو ھوندو آھي، جنهن طرف شاعر جو من پاڳل پنڇيءَ وانگر اڏامندو آھي. جڏھن ان سفر ۾ اھو پرندو ڪنهن شڪاريءَ جي نشانيءَ تي اچي خون ٿي وڃي ته ان جي افسوس ۾ رات جا ستارا به ماڪ ڦڙن جا لڙڪ لاڙيندا آھن.

شاعر معصوم ٻارن ۽ حسين عورتن وانگر امن جا فطري حامي ھوندا آھن. جيتوڻيڪ حياتي حادثن جي ھنج ۾ پرورش پائيندي آھي پر ھڪ آس ھوندي آھي، ھڪ اميد ھوندي آھي ته اھا ڪنهن به بري واقعي کان ائين بچي، جيئن گلاب جو گل ڪنڊن جي وچ ۾ ھوندي به محفوظ مھڪ جو محور ٿي مرڪندو آھي.

اھو شاعر جنهن سموري زندگي امن ۽ پيار جا گيت لکيا ھجن. جنهن جو لفظ لفظ شبنم جو قطرو ھجي، جنهن جي سِٽن ۾ سرن جي سرسراھٽ وارن ۾ ڦرندڙ آڱرين جي ڇھاءَ جھڙي ھجي. اھو شاعر جنهن کي ماءُ جي مھڪ ۽ ٻار جي ٽھڪ واري زندگي پسند ھجي، ان شاعر کي جڏھن ھڪ اداس صبح جو پھرين قتل ڪيو وڃي ۽ پوءِ وارادت کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ کيس ساڙي رک ڪرڻ لاءِ جلايو وڃي، تڏھن ھن ڪائنات ۾ موجود شاعريءَ جا شعوري پھلو ڪيترو نه تڙپيا ھوندا!؟

اھو صبح به ڪجھ اھڙو ھو. اھو صبح جڏھن سج ڪرڻن جو واڳون پڪڙي آسمان تي اڀري آيو ھو ۽ صبح جي ھير ۾ موسم جي تبديليءَ جو ھلڪو ھلڪو سرور ۽ سڳنڌ ھو. ان وقت ھڪ شاعر کي زندگيءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ ان مٿان ڇرين جا وار ٿي ڪيا ويا. ھن جو پنهنجو گھر ھڪ عقوبت خاني ۾ تبديل ٿي ويو ھو. ھو جڏھن آخري ساھ کڻي رھيو ھو، تڏھن ھو ڪجھ ته سوچيندو ھوندو. ڪنهن کي ته سڏيو ھوندو. ڪنهن کي ته ساريو ھوندو ھن ان مھل، جڏھن ھن جي ساھ جي ڪچي تند ٽٽڻ واري ھوندي!

پر ھوائن، حوالن ۽ افواھن واري شھر جا روڊ رستا گاڏين جي شور سان سٿيل ھئا. ٻار اسڪول طرف وڃي چڪا ھئا. آفيسن ۾ پٽيوالا آفيسرن لاءِ چانهن ڪاڙھڻ ۾ مصروف ھئا. اسپتالن ۾ نرسون مريضن کي مسڪراھٽ سان اميدن جي طرف متوجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيون ھيون. بند پيل بازارن جي دڪانن جا تالا تڪليف سان کلي زندگيءَ جو ڪاروبار شروع ڪرڻ وارا ھئا. عورتون سبزي وٺڻ جون سوچي رھيون ھيون ۽ ھاڪر ھر ڏينهن گھٽ وڪامندڙ اخبارن لاءِ ھوڪا ھڻي رھيا ھئا. ڊرائيور ننڍيون وڏيون گاڏيون ھنر سان ھلائي مسافرن کي منزلن تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ ٺيڪ ان وقت حساس انسان بدترين اذيت جي احساس سان ھن ظالم دنيا کي ڇڏي رھيو ھو. اھا دنيا جيڪا ھن صرف شعرن ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ھئي پر ھو عملي طور تي سالن جا سال انقلاب خاطر جستجو ڪندو رھيو. انڊرگرائونڊ ميٽنگون منعقد ڪرڻ کان وٺي وڏن جلسن ۾ جذباتي تقريرون ڪرڻ تائين ھن ڇا ڇا نه ڪيو ھو؟ پر اھا دنيا نه صرف مثبت انداز سان مٽجڻ کان نابري واري ويٺي پر ان دنيا ھن کي پاڻ مان ڪڍي اڇلائڻ جي لاءِ ڪاتيءَ کي استعمال ڪيو. جڏھن ته ڪاتيءَ جو ڪو ڏوھ نه ھوندو آھي. لطيف لکيو آھي:

“ڪاتي ڪونهي ڏوھ، ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾“

اھا ڪاتي جيڪا اسان جي معصوم ۽ محبتي شاعر جي وجود کي وڍي رھي ھئي، اھا ڪنهن جي ھٿ ۾ ھئي؟ ان سوال جو جواب اسان کي معلوم آھي پر ميڊيا قانوني حدبندين سبب اڪثر ڄاڻي سڃاڻي بلڪه سڀ ڪجھ سمجھندي به ماٺ رھڻ لاءِ مجبور ھوندي آھي. اھا الڳ ڳالھ ته تخليقي ۽ تحقيقي ميڊيا ماٺ رھندي به ڪجھ مبهم اشارا ڪري، ڪجھ نه چوندي به گھڻو ڪجھ چئي ويندي آھي.

آڪاش انصاريءَ جي ڪيس ۾ ڪجھ اھڙو معاملو آھي. اھو آڪاش جيڪو نه ٻالڪ پڻي ۾ ته معصوم ٻار ھو ئي ھو پر جوانيءَ ۾ به ھن مان ٻالڪ پڻي جي معصوم جھلڪ ايندي ھئي. ۽ جڏھن عمر ھن سان ٺڳي ڪندي ھن کان سون جھڙي جواني ڦري ھن جا وار چاندي ڪندي وئي، تڏھن نه ٻڍائپ واري سفر ۾ به اھو معصوم ٻاروتڻ ھن جو ھٿ ڇڏائي نه ھليو ويو. ھن جي پيريءَ واري پيشانيءَ ۾ به ھڪ ٻار جو پيار نظر ايندو ھو. بلڪل ائين جيئن ھڪ شاعر لکيو آھي:

“مون کي ڄڻيو محبت

محبت کي مون ڄڻيو آ“

آڪاش محبت مان جنم وٺندڙ جيءُ ھو ۽ ھن سموري زندگي محبت کي جنم ڏنو. ھن جي شاعري ھن جي محبت جو اظھار ھئي. ھو موسيقيءَ سان به ان ڪري محبت ڪندو ھو، ڇو ته موسيقي محبت جي زبان ھوندي آھي. ھو ادب جي آغوش ۾ به ان ڪري سمايو رھيو جو ادب محبت جي آرسي آھي. ان محبت ڪندڙ معصوم اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ جو ايترو ڀيانڪ قتل تاريخ جو تمام وڏو دلخراش واقعو آھي.

“افسوس” ھڪ ننڍو ۽ محدود لفظ آھي. آڪاش جو قتل ھڪ تمام وڏو الميو آھي. ھڪ اھڙو الميو، جيڪو پنهنجي وسعت ۾ لامحدود ھجي. ھن کي معلوم ھو ته ھو جڏھن به ھيءَ دنيا ڇڏي ويندو ته ديس واسين جا ڇپر ڇلڪي پوندا پر اھو پتو ته آڪاش کي به نه ھو ته ھن جو موت سنڌ جي جند کي جھوري ڇڏيندو ۽ سنڌ پنهنجي شاعر جي قتل تي ھڪ اجتماعي صدمي ۾ ھلي ويندي. ھڪ شاعر جو موت قوم کي مغموم ڪري ويندو آھي. پر جڏھن اھو شاعر تمام گھڻي بيرحميءَ سان تڙپائي تڙپائي قتل ڪيو وڃي ۽ قتل ڪرڻ کان پوءِ به ھن جي سرير کي ساڙيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ڀيانڪ منظر سوچي سگھجي ٿو؟

آڪاش ته انسان نما پوپٽ ھو. ھن جو جسم انسانن جھڙو پر ھن جو روح پوپٽن مثل ھو. ھن جو پورو جيون اڏار ۾ گذريو. ھن جي جيون ڪٿا سفر تي مشتمل ھئي ۽ ھڪ پوپٽ جي اڏار صرف گلن تائين محدود نه ھوندي آھي. ھن جي سفر دوران ھن جي راھ ۽ رستي ۾ صرف گل ڦل نه ايندا آھن پر ھو ڪڏھن ڪڏھن ڪنڊن مٿان به وسرام ڪندو آھي. ھن جي سفر دوران سدائين ماڪ ڦڙن جي مھڪار نه ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن جا پر تيز برسات ۾ ايترو ته پسي پوندا آھن جو ھن جي لاءِ اڏامڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. ۽ صرف جھڙڦڙ ڇو؟ ڪڏھن جڏھن گرم لڪون لڳنديون آھن ۽ جڏھن ھو جھولن ۾ جلڻ لڳندو آھي، تڏھن ھن جي تڪليف کي ڪير به ڏسي پسي ۽ محسوس نه ڪري سگھندو آھي. ھڪ پوپٽ ڪڏھن پريس ڪانفرنس نه ڪندو آھي. ھو نه چوندو آھي ته ٻارن جا شرير ھٿ ھن کي موت وارو مھٽو ڏيندا آھن ۽ ھو ھڪ ٻار جي تريءَ تي ڪجھ رنگ ڇڏي ھن دنيا مان ايئن ھليو ويندو آھي، جيئن ھو ھن دنيا ۾ ڪڏھن آيو ئي ڪو نه ھو!

اياز لکيو آھي:

“پنهنجي گھر مان ايئن وئين

جيئن ڪوئي مھمان

تنهنجا چار ڪتاب ئي

تنهنجو نانءُ نشان

ڇا ماڻھوءَ جو مان؟

اک ٻوٽي جڳ ٻوٽيو!“

ھر شاعر ۽ اديب جي جيون جو انت ڪجھ اھڙو ھوندو ئي آھي. اديب، شاعر يا ڪنهن ڪلاڪار کي به پنهنجو اھو گھر جنهن ۾ ھو ميزباني ڪندي عمر گذاريندو آھي، ھن کي به اھو گھر ھڪ ڏينهن مھمان وانگر ڇڏڻو ئي پوندو آھي. پر اھا ته تمام تلخ ٽريجڊي آھي جو ڪنهن شخص لاءِ ھن جو مسڪن مقتل بڻجي وڃي. آڪاش لاءِ پنهنجو گھر مقتل بڻجي ويو. مقتل به اھو جنهن ۾ ھڪ بيقصور انسان کي پھرين ته تمام گھڻو ٽارچر ڪيو وڃي ۽ پوءِ ھن کي موت جي آغوش ۾ اماڻي، اڃان معاف نه ڪجي، پوءِ ھن کي جلايو وڃي.

وطن ۾ جلاوطن ھجڻ واري حساس ڪيفيت کي شاعريءَ جي شڪل ڏيندڙ آرٽسٽ جو اھڙو انجام معاشري جي تباھيءَ جو چٽو ثبوت آھي. ھونءَ ته اھڙا واقعا سموري دنيا ۾ ٿيا آھن ۽ ٿين ٿا. پر ھڪ شاعر سان اھڙو واقعو ٿيڻ وڏي اذيت واري ڪٿا کي جنم ڏئي ٿو. محبت جي موٽ ۾ جڏھن معصوم انسان ايتري شديد نفرت جو شڪار ٿين جو انهن کي شعلن ۾ جلائي ساڙيو وڃي ته پوءِ ان سماج ۾ پيار ۽ اعتبار جو ڪھڙو درجو مقرر ٿي سگھي ٿو؟ ھر انسان، پوءِ اھو عام ھجي يا خاص ھجي، ان قسم جي انجام جو تصور ڪري به ڪنبي ويندو پر جڏھن اھڙي واقعي ۾ وڍجي ويل فرد ھڪ فنڪار ۽ ھڪ آرٽسٽ ھجي ته پوءِ تلخيءَ جو مقدار ماپي کان به وڌي وڃي ٿو.

مرزا غالب جو مشھور غزل آھي:

“ھر ايڪ بات په ڪھتي ھو تم تو ڪيا ھي

تمھين ڪھو ڪه يه اندازِ گفتگو ڪيا ھي“

ھونءَ ته اھو پورو غزل نيارو ۽ پيارو آھي پر ان غزل جو ھڪ شعر آھي:

“جلا ھي جسم جھان، دل ڀي جل گيا ھوگا

ڪريدتي ھو جو اب راک جستجو ڪيا ھي“

اھو غزل ۽ ان غزل جو اھو شعر آڪاش کي تمام گھڻو پسند ھو. پر ھن کي پتو نه ھو ته ھڪ ڏينهن مرزا غالب جو اھو شعر ھن جي آخري پلن جو منظر بڻجي ويندو. ھڪ ڏينهن ھو پنهنجي ان ڪمري ۾ ماري ساڙي رک ڪيو ويندو، جنهن ڪمري ۾ ھن جا ڪتاب ھئا. جنهن ڪمري ۾ ھن جا نوٽ بڪ ھئا. جن نوٽ بُڪن ۾ ھن جا اڌورا شعر ھئا. ھاڻي آڪاش جا اڌورا شعر ڪڏھن به مڪمل نه ٿي سگھندا. اھي انهن منصوبن وانگر ڪڏھن مڪمل نه ٿي سگھندا، جن منصوبن جا مالڪ عمل جي دوران مري ويندا آھن يا ماريا ويندا آھن. آڪاش لفظن جو مصور ھو. ھو پنهنجين ڪجھ تحريري تصويرن تي ڪم رھيو ھو. اھي چتر ھاڻي اڻ پورا ۽ اڌورا رھندا.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر آڪاش انصاري 

اڌورو رهجي ويل انٽرويو

شاهجهان خاصخيلي

۱۵ فيبروري جي اڀاڳي صبح سوير اخبارون جي انتظار ۾ ويٺا هئاسين هاڪر اخبارون پهچايون اڃا دنيا جون خبرون پڙهڻ لاءِ اخبار هٿ ۾ کنئي ته ڀرسان ويٺل هڪ دوست اوچتو اسان وٽ آيو اکيون موبائل ۾ هئس فيسبوڪ تي آيل خبر پڙهي ٻڌائڻ لڳو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري حيدرآباد واري گهر ۾ باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويو آهي.اهڙي خبر ٻڌي اکين ۾ لڙڪ گڏ ٿي ويا اخبار هيٺ رکيم ان وقت خبر ناهي ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي،اکيون اڳيان موجود ڪا به شي غور سان ڏسي نه پئي سگهيس ڪجهھ به نه پئي وڻيو، دل ۽ دماغ گهٻرائجي ويا ته آخر هي ڇا ٿي ويو!

هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ خواهش هئي ته سنڌ جي هن مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر سان ملجي ۽ پوءِ اها خواهش ڊاڪٽر آڪاش سان پهرين روبرو ملاقات انٽرويو رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ گولاڙچي واسي استاد سائين جميل ميمڻ سان گڏ سندس بدين واري گهر ۾ ٿي،جتي اسان سندس تقريبن ۳۰ منٽن جو انٽرويو پڻ رڪارڊ ڪيو جيڪو سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي موجود آهي، سوالن ۽ جوابن تي ٻڌل اها پهرين پرتجسس ڪچهري هئي، تقريبن ۱۵ جي لڳ ڀڳ سوال هئا جن مان ڪجهه منهنجي حصي ۾ ۽ ڪجهه ساٿي اينڪر جميل ميمڻ ڪيا، ان دوران ڊاڪٽر آڪاش جي زندگي ۽ شاعري بابت تمام گهڻي معلومات ملي.

بدين واري گهر تي ڊاڪٽر آڪاش اڪثر ڪري اڪيلو رهندو هو هن هڪ خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسان کي چيائين ته منهنجي خواهش آهي ته اوهان منهنجو قسطوار تفصيلي انٽرويو رڪارڊ ڪري ڀلي ان ۾ ڪجهه وقت لڳي ته لڳڻ ڏيو پر اوهان سياست،ادب ۽ شاعري سميت منهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن جي يادگيرين کي ترتيب وار انٽرويو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪريو، جنهن تي اسان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندي آڪاش صاحب جي ان تجويز تي حامي ڀري پر وقت جي بي لغام گهوڙي اڃا اهڙو موقعو ئي نه ڏنو تيستائين آڪاش اسان کان اوچتو ۽ ايئن موڪلائي ويو بس!

آڪاش سائين جي زندگي جا ڪيترائي پاسا آهن هن ميڊيڪل جي تعليم ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڊاڪٽري جو پيشو به جوائن ڪيو پر سندس جي بقول ته هن کي پنهنجي شاگردي واري زماني کان ئي شاعري جو شوق هو ان وقت کان ئي هو قومي، مزاحمتي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو، هن کاٻي ڌر جي سياست ۾ پڻ حصو ورتو ۽ عوامي تحريڪ ۾ تقريبن ۱۵ سال مختلف اهم ۽ ذميوار عهدن تي رهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو ۽ ڪافي عرصو سرگرم رهيو، هن اسان کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ضياءَ جي سخت ترين مارشلائي دور ۾ به هن مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري لکي ۽ ان ڏوھ ۾ جيل به ويو، بعد ۾ نوي جي ڏهاڪي کانپوءِ هن صحافت ۾ به پير پاتو ۽ ”سوال“ نالي سان روزاني اخبار جاري ڪئي جنهن جا پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ سندس دوست حسن درس ايڊيٽر هئا، بعد بدين ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ”بدين رورل ڊولپمين“ جي نالي سان پنهنجي اين جي او به قائم ڪئي ۽ تعليم واري پاسي تي ڪم پڻ ڪيو.

بهرحال، آڪاش انصاري جو جيڪو نمايان پاسو آهي اهو آهي شاعري! سندس شاعري جا ۲ ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ ۽ ٻيو ”اڌورا اڌورا“ ڇپجي چڪا آهن جيڪي ادب سان چاھ رکندڙ هر ماڻهو ۽ شاگردن جي پسند ۾ شامل هوندا آهن،

موت سنڌ جي ”آڪاش“ کي وڌيڪ جيئڻ جي مهلت نه ڏني ۽ موت پنهنجي ريت نه بدلائي ۽ موت نيٺ سنڌ جي ”آڪاش“ کي وقت کان اڳ ماري سنڌ جو مياري ٿي ويو! خبر ناهي سنڌ پنهنجي هن ”آڪاش“ جهڙو خوبصورت شاعر وري ڪڏهن پيدا ڪندي!

هن هڪ خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسان کي چيائين ته منهنجي خواهش آهي ته اوهان منهنجو قسطوار تفصيلي انٽرويو رڪارڊ ڪري ڀلي ان ۾ ڪجهه وقت لڳي ته لڳڻ ڏيو پر اوهان سياست،ادب ۽ شاعري سميت منهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن جي يادگيرين کي ترتيب وار انٽرويو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪريو، جنهن تي اسان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندي آڪاش صاحب جي ان تجويز تي حامي ڀري پر وقت جي بي لغام گهوڙي اڃا اهڙو موقعو ئي نه ڏنو تيستائين آڪاش اسان کان اوچتو ۽ ايئن موڪلائي ويو بس!


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع ۾ ڇپيل)

آڪاش انصاريءَ کي ڀيٽا 

ڪيئن رهان جلاوطن

ثناءُالله عتيق

تاريخ جو خوبصورت اتفاق چئجي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي هڪ املهه موتي فقير محمد لاشاري آڪاش انصاري جي شاعراڻي بهار جو مالهي بڻجي کيس هلال پاڪستان جي صفحن تي سندس بسنت رُت جي مڃتا جو آغآز ڪيو هيو ۽ هڪ ڏينهن نوجوان ڪوي آڪاش انصاري جي جديد سنڌي شاعري جي بهار رُت واري دلڪش مجموعي “ڪيئن رهان جلاوطن” جو مهاڳ لکندي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي مسيح ڊاڪٽر آڪاش انصاري لاءِ راءِ رکي هئائين ته “ آڪاش پشم جي گولن جهڙو نرم ۽ نازڪ ۽ هيري جهڙو مضبوط شاعر آهي”. وري جڏهن آڪاش جي ساڳي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو ته ان جو مهاڳ پڻ قمبر شهر جي نامور اديب ۽ دانشور جامي چانڊيو لکيو هيو. اڄ وري حسين اتفاق آهي ته آرٽس ڪائونسل قمبر جي پهرين تقريب آڪاش انصاري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڀائو درمحمد ٻرڙو اڄ قمبر شهر جي تاريخ ۾ دلڪش واڌارو ڪيو آهي. پنهنجي پوري ڄمار هڪ پرائوڊ سرجڻهار ٿي رهندڙ آڪاش انصاري کي ملندڙ محبتن جي تسلسل منجهان ڦٽندڙ شعور جا سرچشما اهڙا محرڪ آھن جن آڪاش انصاري کي نيوٽران بم جي خالق سان مڪالمو ڪرائيندي کيس اونداھي سوچ جو موجد ۽ وحشين جو خدا قرار ڏيندي چوي ٿو: 

ڪاش تون ٿوري دير جي لاءِ،

ڪنھن بہ شاعر جي اک سان جانچين ھا،

دير ٿوري لئہ، مصور جي بنجي سوچين ھا! 

لاڙ جي حُسناڪ لينڊاسڪيپ تي بانبڙا پائي ترقي پسند ڌُر جو هڪ مضبوط حوالو ٿي اڀرندڙ آڪاش قومي سياسي تحريڪن جو رُوح روان بڻجندي پنهنجي قابليت جا واهڙ وهائيندي جڏهن ميڊيڪل سائنسز جو شاگرد بڻيو ته هن خوبصورت انسان جي تخيل جو جادو شاعريءَ جي سُرهاڻ سان پنهنجي وطن جون واهڻ وستون واسي ڇڏيون. فقير محمد لاشاري جهڙو چوٽيءَ جو ترقي پسند ذهن ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي شاعراڻي ڪٿ ڪندي “ڪيئن رهان جلاوطن” ۾ لکي ٿو ته “ آڪاش انصاري پنهنجن روين ۾ مڪمل شاعر آهي”.

جڏھن ڪنھن بہ بادل وِلھارون وسايون،

الائي ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون!

پنهنجي پُرشوخ، سدابهار ۽ دليون گرمائيندڙ شاعريءِ جيان خوبصورت آڪاش انصاري جي ڏات ۽ ڏسا بابت مهان ڪوي شيخ اياز جي آسيس آهي ته “ او ابا آڪاش، تون وٽ بجليون بانور، منهنجي من ۾ آس”. آڪاش انصاري پنهنجي شاعري بابت دل جا ويچار ونڊيندي پنهنجي پهرين لافاني مجموعي “ڪيئن رهان جلاوطن” ۾ ئي دل جي ڳالهه ٻُڌائي آهي ته “شاعري پنهنجي جوهر ۾ شاعر جي درد ۽ خيالن جو موثر اظهار آهي.” اهيو ئي سبب آهي جو جڏهن جنوري ۱۹۹۰ع ۾ آڪاش انصاري جو پهريون مجموعو ماروئڙن جي هٿن تائين ڇپجي پهتو ته لڳ ڀڳ سندس شاعريءَ جي رڌم تي سڄي سنڌ سُجاڳ ٿي چڪي هئي. پرماريت، آپي شاهي، مُلائيت، زرد صحافت، تعصب ۽ آمريت خلاف آڪاش انصاريءَ جي شاعري تي ڌرتيءَ جا سُر، ساز ۽ آواز عاشق بڻجي پيا پوءِ زندان جي ڊگهين ديوارن ۽ لوهين سلاخن پٺيان چانڊوڪين راتين ۾ آڪاش انصاري جي شاعري وطن جي شعور سان لانئون لهندي رهي. عتاب جي ڊگهن ڏهاڙن ۾ پنهنجن ماروئڙن کي ڏڍ ڏيندڙ آڪاش جو شاعراڻو سُڀاءُ پنهنجي سرمست ڪيفيتن ۾ ميلا مچائيندو ڌرتيءَ جي ڌنارن جي پالنا ڪندو رهيو. اهيو عشق اهيا لگن اهيو ڪرشمو آڪاش انصاريءَ جي وجود جو تحفو چئجي جنهن پنهنجي درد جي پوئٽڪ سونهن سان پيوندڪاري ڪندي دلڪش انداز سان چئي ڏنو ته: 

تنهنجي گُهورن جي گهٽا برسي جڏهن،

روح جي رڻ ۾ ٽڙي رابيل پيا!

آڪاش يونيورسٽيءَ جي ذهانتن جو محبوب شاعر رهيو آهي. سندس ڏات ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ماحول کان شهري سماج جي ساختيات تائين ڀرپور اظهار جو ڏانءُ موجود ملي ٿو. سندس پهرين مجموعي جي آخري نظم “ مان هليو ڇو ويس” جي فوٽ نوٽ ۾ واضع آهي ته آڪاش اهيو شهڪار ڪيفيتن جو ڪاڪ ٽيل نارا جيل ۾ ۱۹۸۲ع ۾ لکيو آهي. اهيو نظم پنهنجي ڊڪشن ۾ جديد سنڌي شاعري جي اکين جو خمار بڻجي حسين سپنن جي بهشت جي ڪنجي بڻجي ويو. ايئن ئي پنهنجي ٻي ڇاپي تائين آڪاش “ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا” جهڙا وجود جي ڪائنات جيڏا وشال خيال پنهنجي مٽيءَ جي چنڊ جهڙي شاعريءَ ۾ پلٽي ڇڏيا. اهيو درد ۽ دلربائي جو مڪسچر پنهنجي دور جي دلين کي زبان تائين وٺي آيو، دل جي ڪنن تي گونجندڙ اهيي جذبا اڄ جيجل سنڌ جي ڳڀروئن جا دلاسا، آٿتون۽ ھوجمالا بڻيل آهن: 

جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا، 

ھن ڀونءِ سڄي جا ڀاڳيا، 

پوءِ سور نہ رھندا ساڳيا، 

ڪندا سڀ مست قلندر، 

دمادم مست قلندر! 

آڪاش پنهنجي وڏي عظيم دور جو هڪ نامور وجود آهي، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي آمي ۽ ڦاپي جي عصمتن جا ڪيڏارا لکيا. انسان دوست آڪاش انصاري پنهنجي نيري نِب جي ڪرشمي سان انسانيت جون اکيون ايجاد ڪيون جن نيڻن ۾ جديد سنڌ جو درد ريٽجي ويو. مون کي حيرت آهي ته آڪاش انصاري جو مختصر شاعراڻو پورهيو پنهنجي دور جو علامتڪار وکر ٿي اڀريو جنهن کي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دل جي حضور سان مڃتائون مليون آهن. آڪاش پنهنجي قلم جي ڇانورن هيٺ انسانيت جي قاتلن جا پيرا به کنيا آهن، پنهنجن بند اکڙين جا ڪڪر به برسايا آهن، پنهنجن ماروئڙن کي مرڪندي به ڏٺو اٿس، آڱريون مشعلون به بڻايون اٿس ته هڪ سپني جي ساڀيا خاطر پنهنجي وجود کي تحرڪ ۽ تاريخ سان جوڙي ڇڏيو اٿس.

اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا،

اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتي جيان!


(ثناءُالله عتيق جي ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

افسوس اٿم ته آڪاش پهرين ڇو نه پڙهي سگهيس....

مجتبيٰ آزاد

سنڌ توڙي دنيا ڪافي شاعر، فنڪارن، قلمڪار توڙي سياسي ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ڪردارن کي پڙهو آهي پر افسوس اٿم آڪاش انصاري جهڙي ڪردار اڳ صرف هڪ شاعر ئي سمجهو هو سندس شاعريءَ جو ڪجھ سٽون ياد آهن، وڇوڙي به معلوم ٿيو ته تہ ڊاڪٽر آڪاش انصاري صرف هڪ شاعر مٿي ذڪر ڪيل سموريون خوبيون رکندڙ ڪردارن جو هڪ انمول گلدستو هو.

اهڙي انسان دوست ڪردار رکندڙ شخص کي آخر انسان ئي جانورن کان بدتر ٿي پنهنجي محسن کي ۽ محسن به اهڙي محسن جنهن کيس پنهنجو نالو ڏنو هجي ته فلاڻي جو پٽ ۽ پٽ به اهڙي ڪردار جو جيڪو ڌرتيءَ جي حلالي پٽ ٿي زندگي گذاري هجي انهيءَ محسن کي يزيد جيئان پويان وار ڪري جدا ڪرڻ واري واقعي به ڊاڪٽر آڪاش انصاري جهڙي عظيم ڪردار جي زندگي بابت مختصر معمولات دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي. 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اصل نالي الله بخش انصاري، ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ ۱۹۸۴ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ ۱۵ سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل به وڃڻو پيو. بعد ۾، ۱۹۹۵ع ۾، هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني 'سوال' اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. ۲۰۰۲ع ۾، ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۲۰۰۴ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ 'بدين رورل ڊيولپمينٽ' نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب 'ڪيئن رهان جلاوطن' ۽ 'اڌورا اڌورا' شايع ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان گڏ بيٺل نوجوان منهنجو ننڍو ڀاءُ آزاد حسين گهانگهرو آهي.


(مجتبيٰ آزاد جي ۱۷ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

ڪنھن ڪنھن قرب ناتي، آڪاش کي اُجاڙيو!

منظور ڪنڀار

مياري موت ۽ اوچتي وڇوڙي سنڌ توڙي ھند جي سمورن پڙھندڙن ۽ چاھيندڙن جي اک آلي ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري عمر ۾ ڀلي اڌڙوٽ پئي لڳو پر پنھنجي تخليق ۾ ھو ھڪ جوان ۽ يگانو ڪردار ٿي نظر آيو، جيڪو ھاڻي اسان کان گھڻو ئي ڏور ھليو ويو آھي. اڄ بدين جي مٽيءَ بي چين بڻجي وئي آھي جنھن جي سُڪون جو سڳو اڄ ٽُٽي ويو. ڊاڪٽر آڪاش ھر ھڪ سان محبت ڪندڙ شخص ھو، جنھن جي وڃڻ سان اڄ اھو ڇورو ٻار جنھن کان سرمائيدار سماج جا ماڻھو نفرت ڪندا هئا، آڪاش انهن نڌڻڪن ماڻهن لاءِ گيت لکيا. انھن جي ڌڻيپ ۽ انھن لاءِ شاعريءَ ڪندڙ سرموڙ شاعر جنھن جي آواز جي بيل بند ٿي وئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو رڳو جسماني وڇوڙو نہ پر سنڌي ادب جو ھڪ خدمتگار ۽ حساس طبيعت جي مقبول شاعر جو وڇوڙو آھي. اھو ھڪ وڏو خال آھي جيڪو شايد ڪڏھن بہ ڀرجي نه سگهي.

الله بخش انصاري مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نالي سان سموري سنڌ ۾ پنھنجي نظمن ۽ غزلن سان پنھنجي مداحن کان بي پناھ محبت ماڻيندڙ سيبتو شاعر ھو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع ۾ ضلعي بدين جي ننڍڙي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب نہ رڳو شاعر ھو پر ھو پنھنجي جواني واري دور کان ئي ھڪ متحرڪ قومي ڪارڪن پڻ رھيو.

ڪنھن ڪنھن قرب ناتي، آڪاش کي اُجاڙيو!

ناراض ٿيندو هرڪـو، نالا کــڻان مان ڪــھڙا.

مون ھڪ ڪتاب جي رونمائي تقريب ۾ اھا ڳالھ ڪئي ھئي تہ سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي تقريباً اھي ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن، جيڪي سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نہ بلڪه ھو سائينس ۾ پنھنجي ڊاڪٽر ھجڻ جي ڊگري حاصل ڪري پنھنجي ماءُ ٻولي ۽ سنڌ جي پويتر ڌرتي جي خدمت ڪري رهيا آھن، جنھن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر نويدہ ڪٽپر، ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو وغيره جا نالا سرفهرست آھن. ڊاڪٽر آڪاش جي شاعريءَ ۾ گھڻو رومانس ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ بي سهارا عوام جو اھو درد سمايل آھي، جيڪو ڊاڪٽر آڪاش جي لکڻين ۾ محسوس ڪري سگھجي ٿو. لاڙ علائقو اڄ پنھنجي ڪَوي جي ڏک ۾ سوگوار آھي لاڙ پٽ جي ھر گھٽي ۾ اڄ آڪاش جي گيتن جا پڙاڏا آهن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري ھڪ ئي وقت شاعر، مقرر، صحافي ۽ ڪارڪن پڻ ھو. ڊاڪٽر صحافتي سفر سال ۲۰۰۲ع ۾ روزاني “سوال” اخبار کان شروع ڪيائين. جنھن ۾ ھو پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ سنڌ جو رومينٽڪ شاعر حسن درس پڻ ايڊيٽر ھو. حسن درس جنھن پنھنجي شاعري ۾ رومانويت پيدا ڪئي، جنھن جي ھر سٽ تي ماڻھو بنگالي جادو وانگي رقص ڪندو آھي. حس درس لکيو آھي تہ؛

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،

لڙيو پئــي لاڙ تان ســورج، مُھـاڻي ٻــار وانــگي ھــو.

اسان جي سنڌ جو آڪاش ھڪ سورج وانگر ئي ھو جيڪو ھاڻي صرف روحاني اسان سان گڏ ھوندو باقي جسماني ايترو دور ويو آھي جتان اڄ ڏينهن تائين واپس ڪو بہ نہ موٽيو آھي. ڊاڪٽر آڪاش جو شاعري سان شوق بچپن کان ئي گھڻو ھو، شاعري لکڻ ۽ پڙھڻ مڊل ڪلاس کان ئي ڪيائين ڇاڪاڻ تہ سندس والد صاحب وڏو شاعر ھو جنھن جي شفقت ۽ رھنمائي ۾ ھن پنھنجو پاڻ اندر شاعر ھجڻ جي سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي جيڪو اسان سڀني کي مداح ڪري پاڻ ھليو ويو.

تون پڇين ٿو پرين!

مان هليو ڇو ويس؟

جڏهن شام جو جام،

خالي نه هو،

رات رم جهم هُئي،

تنهنجي ساهن جي،

جهيڻن سُرن ۾ سُتل

منهنجي بستر تي

مُنڪر ڪا موسم هئي.

ڊاڪٽر آڪاش صاحب خوبصورت تخليق سنڌ کي ارپي گھڻن موسيقارن جي کيسي جي گرمائش ختم ڪئي، گھڻا اھڙا راڳي جيڪي ڊاڪٽر جي شاعريءَ سان مٽيريئلسٽڪ دنيا ۾ شهرت جي داد حاصل ڪري چڪا آھن. شاعر دنيا جا عظيم تخليقڪار ھوندا آھن جن پنھنجي تخليق ذريعي دنيا ۽ سماج کي متعارف ڪرايو. شاعر جھڙا پنھنجي شاعري ۾ حسين ۽ جميل ھوندا آھن اھڙا ئي وري سموري منظر جي عڪاسي ڪري اُھي پنھنجي شاعري ۾ سلامت رھندا آھن.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڀِتِ جي وِٿين مان نِڪتل پَنا... 

اَڌُورا اَڌُورا...... 

آدرش

مرد شروع کان حيران پريشان رهيو آهي. جنت ۾ مزي سان باغن ۾ گھمي ڦِري، لذيذ ميوا کائي پيو. اِبليس سندس زال کي هيٺيون مٿيون ڏئي ورغلايو. هن وري مڙس کي اٽڪليون مٽڪليون ڏئي ڪڻڪ داڻو کارايو ته ٻئي هڪدم ڌرتيءَ جي گولي تي اچي گول ڦِرڻ لڳا. اڄ تائين ڦيراٽين ۾ آهن.

ٻن ڀائرن به پاڻ ۾ ڪونه نڀايو. هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءَ کي قتل ڪيو. ڪانءُ سياڻو. ان وري کين قبر کوٽي ڏيکاري. اڄ ڏينهن تائين ڀائر پاڻ ۾ نٿا ٺهن. ڪروڙين قتل ٿيا. سلسلو هلندڙ آهي. قيامت تائين نه رُڪبو. هر شهر ۾ کوڙ قبرستان آهن. روز ڪو نه ڪو قبر حوالي ٿئي ٿو. وري نٿو موٽي. دنيا ۾ قلمڪار، موسيقار، ڳائڻا، فلسفي، عالمَ، چترڪار قتل ٿيندا رهيا آهن، ٿيندا رهن ٿا، ٿيندا رهندا. سنڌ ۾ سگھاري ڪهاڻيڪار، “چوٽيهون دَر” ۽ “ڪافر” جھڙين ضرب المثل بڻجندڙ ڪهاڻين جي سرجڻهار نسيم احمد کرل کي قتل ڪيو ويو. سگھاري سنڌي ڪهاڻي به قبر جي وَر چڙهي وئي. نامياري ليکڪ ۽ سٺي ناول “نيرولِيءَ جو ڪُن” جي تخليقڪار ملڪ آگاڻيءَ کي ماريو ويو. ٻوليءَ وارن جھيڙن ۾ ڪهاڻيڪار آفتاب نظاماڻي گولين جو بَک بڻيو. شاعر زخمي چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو گولين جو بک ٿي ويو. نامياري سياستدان فاضل راهوءَ کي قتل ڪيو ويو. چترڪار گُل جِي، اردو شاعر محسن نقوي، شڪارپور واسي ذهين، سهڻو جوان، فلسفي جو استاد جاويد ڀٽو گولين جو نشانو بڻيا. دنيا جا نامور شاعر پئبلو نرودا، گارشيا لورڪا، وڪٽر هارا ماريا ويا. روسي حڪمران جوزف اسٽالن مُڇن کي وڪڙ ڏئي، شاعرن اوسپ مانڊلسٽام، اليگزينڊر بلاڪ کي مارائڻ سان گڏ انيڪ شاعرن کي مارائي گم ڪرائي ڇڏيو.

ان تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ تاريخ ۱۵ فيبروري ۲۰۲۵ع تي سنڌي ٻوليءَ جي سٺي شاعر، دلبر ماڻهو آڪاش انصاريءَ کي سندس پاليل پُٽ خنجر هڻي شاعري کي ماري ڇڏيو. ڳالهه پاليل پُٽ جي ناهي. اسانجو رڌ کڌ سماج اهڙو آهي جو انڌ جي گھوڙي تي سوار ۽ لالچ ۾ ٻوٽيل اکين وارن سڳن پُٽن تي به پَت ناهي.

انيڪ ماڻهن جائيداد ۽ ملڪيت جي چڪر ۾. پنهنجي پيار ڪندڙ سڳي پيءَ کي مارڻ ۾ دير نه ڪئي. ڀينرن ڀائرن کي قتل ڪيو. مُدا اهو انڌ جو گھوڙو ڊڪندو رهندو. ساهه نه پٽيندو.

آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش هو. هو به اسانجي شڪارپور جي نامياري سياستدان الله بخش سومري وانگر شهيد ٿي، نيٺ شهادت جو رتبو ماڻي ويو.

نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ شاعر عبدالغفار تبسم ڀٽيءَ جي رهاڻ واري پروگرام ۾ آڪاش انصاري اسٽيج تي ويٺل هو. مان تبسم جي شاعريءَ تي چار اکر پڙهي لهان پيو ته اسٽيج تان اٿي مونکي پيار مان ڀاڪر پاتو هئائين. هن جي ڀاڪر جو ڇهاءُ اڄ به ياد آهي. مُور نه وسرندو. ان کانپوءِ هٿ هٿ ۾ رهيو. محبت جو زنجير جڙيل رهيو. گذريل سال پنهنجي شاعريءَ جو انگريزي ۾ ٿيل ترجمي جو ڪتاب مُڪائين.

گذريل سال بيماريءَ جي وَر چڙهيو، آغا خان اسپتال ۾ آپريشن ٿيس. لَڪَ لتاڙي ويو. آپريشن ڪامياب ٿي ويس. نوبنو ٿي ويو. فون تي مبارڪون ڏنيون مانس. ڏاڍو خوش هو. منهنجي مزاحيا جملن تي وڏا ٽهڪ ڏئي کليو. ٽهڪ فليٽ جي ديوارن ۾ اڄ به اٽڪيل آهن. منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن پيا ته اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن. لُڙڪ ڪِرن به ته ڪير پنهنجون هَٿَ تَريُون اڳيان ڪندو!

سال سوا اڳ هڪ نرگيست جي شڪار ليکڪ جي آتم ڪهاڻي ڇپي. هُن لکيو ته آڪاش انصاري نه، مڱڻهار هو. اڙي مورک! هيو به ته فرق ڪهڙو! ڏات نه آهي ذات تي. هن جھڙي هڪ سِٽَ ته لکي ڏيکار ته مڙس مڃيانءِ.

اتفاق سان گذريل هفتي فون ڪيائين. چوڻ لڳو: “آدرش! يار حيدرآباد ڇو نه ٿو اچين؟” چيومانس: “حاضر سرڪار! ايندڙ هفتي ايندس، جو امرتا پبليڪشن پاران لائيف اچيومينٽ ايوارڊ پيا ڏين”. ڏاڍو خوش ٿيو. مبارڪون ڏيندي چيائين: “واهه واهه. ڏاڍو سٺو. خوشي ٿي. مون ڏي اچجانءِ ضرور.”

مون کلندي چيومانس: “بلڪل ايندس. ڀاڪر پائيندومانءِ”. ٽهڪ ڏيندي چيائين: “مَنَ! رڳو ڀاڪر نه. ٻيو ڪجهه ته نه!”.

مان ۱۳ تاريخ تي ويس. ۱۴ تاريخ ايوارڊ جي خوشي ڏُک ۾ مٽجي وئي. سٺو شاعر ۽ بهترين انسان آڪاش انصاري باهه ۾ سڙي فوت. اها باهه منهنجي جسم ۾ لڳي شعلا اُڀَ تائين وڃن ٿا.

آڪاش!

شابس اٿئي مَنَ!

تو چواڻي اسان سڄي حياتي اَڌُورا اَڌُورا رهياسون.

مان آيس ته بنا ڀاڪر پائڻ جي هليو وئين. تنهنجا منهنجا ڀاڪر به

رهيا اَڌُورا اَڌُورا

الا ڙي!


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

آڪاش انصاري 

تُنهنجي ”آڪاشَ“ سان، وِرهُه وِرچيو وڃي

تحرير; ياسر قاضي

”ياسرَ، منهنجي ايڊريس سؤلي آهي... آڪاش انصاري... انصاري هائوس... باءِ پاس روڊ بدين شهر... ۽ هيٺان وري منهنجو موبائيل نمبر اوهان لکندا... اهي سڀ مونکي سُڃاڻن ٿا... منهنجِي ته سِمپل ايڊريس ئي اها آهي... آڪاش بدين... به اوهان ڪري ڇڏيو، تڏهن به مونکي ملي ويندو هليو... جِي... جِي... ٿينڪ يُو... ٿينڪ يُو... منهنجي طبيعت ڪونهي مزي ۾... چيڪ اپ جي لاءِ وري ڊاڪٽرن چيو آ... منهنجي ٿي آهه ’هِپ رِيپليسمينٽ‘ ٻنهي جي... سو ان جي ڪري ٿوري آهي طبيعت ۾... پر آءٌ ڪوشش ڪريان ٿو ته آءٌ ضرور اچان... ۽ الاهي ڏينهن ٿيا آهن، سائين مقصود تي منهنجي دل به ڳالهائڻ تي چئي ٿي... ۽ ان جي شاعريءَ تي... محبُوب ماڻهو هو... ته... ڏاڍِي منهنجي دل چئي ٿي ته آءٌ بالڪل حتي الامڪان ڪوشش ڪندس ته آءٌ اچي وڃان... ٿينڪ يُو... “

هي هُيو مٺڙي دلبر ماڻهوءَ ۽ سنڌ جي محبوب شاعرَ، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو واٽس ايپ جي آوازي نياپي (وئائس نوٽ) رستي ڪيل مونسان سندس زندگيءَ جو آخري رابطو، جيڪو نياپو هن مونکي خميس ۱۳ فيبروري ۲۰۲۵ع تي شام جي ۶ لڳي ۱۱ منٽن تي موڪليو، جڏهن مون سندس ئي فرمائش تي کيس مقصود گل جي شاعريءَ جو مواد ڪوريئر رستي موڪلڻ لاءِ سندن ايڊريس پئي گُھري. هِي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن کي ان آخري نياپي موڪلڻ کان هڪ ڏينهن بعد ڇنڇر ۱۵ فيبروريءَ تي حيدرآباد جي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي هال ۾ سنڌ جي سهڳڻي شاعرَ، مقصود گل جي ڏهين ورسيءَ واري ادبي تقريب جي صدارت ڪرڻي هئي. شايد اها کيس به خبر نه هئي، ته هن پنهنجي جنهن همعصر ساٿيءَ ۽ انقلابي شاعرَ تي ڳالهائڻ جي دل سان خواهش ظاهر ٿي ڪئي، جنهن سان گڏجي هن سنڌ جي نگر نگر ۾ انقلابي گيتن جا هوڪا ڏنا، انهن جي موٽ ۾ صعُوبتون سَٺيون... جنهن جي سنگت ۽ ساٿ ۾ هن راهوڪيءَ جي ميڙاڪن کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي اتساهيندڙ گيتن جِي گُونجَ سان دلين اندر جذبا پوکيا، ان جي لاڏاڻي جي ڏهين سارَ واري عين ڏينهن تي کيس وقت کان اڳ ايڏي بيدرد انداز ۾ هن جهان مان تڏو پَٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ پنهنجي طبعي موت کان اڳ کيس پنهنجن هٿان لڳايل حادثاتي آڳ ۾ خاڪستر ڪري هن جهان مان زوريءَ لڏايو ويندو.

هي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن وٽ هر زمين زاد کي ڏيڻ لاءِ اٿاهه پيار هو... پنهنجائپَ هئي... گرمجوشي هئي... ٽهڪَ هئا... محبت جو والهاڻو انداز هو... جنهن جي يار ويس سُڀاءَ ۾ زندهه دلي هئي، جنهن جي هُڳاءَ ۾ ساڻس ملڻ وارا سڀ پنهنجا پراوا پنهنجن ڏکندن کي ڏُور ٿيندو محسوس ڪندا هئا... جيڪو پنهنجي الڳ رنگ ڍنگَ ۽ انداز وارو انوکو شخص هو، جيڪو ڪڏهن تنبوري جي تار تي سِر ڌُوڻيندي پنهنجا گيت جھونگارِيندو هو، ته ڪڏهن ٿرَ جي ڀِٽُن تي سانوڻ جي وسڪاري سان ڪارايلَ جيان پنهنجا پرَ پکيڙي دل کولي جھومڻ ۾ به عار محسوس ڪونه ڪندو هو... ڪڏهن انقلابي تحريڪن جي جلسن جلُوسن ۾ مخصوص ترنم سان پنهنجا اتساهيندڙ نظمَ پڙهي، اتي موجود هزارين دليون گرمائيندو هو، ته ڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪنڌ پاسيرو ڪري، پنهنجي ڪا رومانوي تخليق انتهائي منفرد انداز ۾ ٻُڌائيندي، ان ڪلام جي مخصوص وراڻي وارن لفظن تي ڪنڌ کي هلڪو جَھٽڪو ڏيندو هو (جيڪو سندس مخصوس اسٽائيل هو)... هي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن جِي مخصوص مُرڪَ ان جو ’ٽريڊ مارڪ‘ هئي، جنهن مان زندگي جھلڪندِي هئي ۽ مُرڪڻ وقت هن جا رُڳو چپَ ڪونه مُرڪندا هئا، بلڪه سندس گول شيشن واري چشمي جي پريان لياڪا پائيندڙ اکيون به مُرڪنديون هيون. اهو آڪاش پنهنجي شخصيت جي ستَ رنگن ستارن جي هڪ ئي وقت ڪومائجي وڃڻ سان هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ اڄ امير مينائيءَ جي شعرَ

ہوئے نامور بے نشاں کیسے کیسے

زمیں کھا گئی آسماں کیسے کیسے

جِي معنيٰ صحيح معنيٰ ۾ سمجھه ۾ آئي، جڏهن هن زمين اسانجي ’آڪاشَ‘ کي ڀاڪر ۾ ڀري هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

جنهن کي سڄي سنڌ آڪاش جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، ان آڪاش انصاريءَ جو ڇٺيءَ جو نالو، الله بخش انصاري هو، جيڪو ۱۹۵۶ع ۾ بدين جي ڳوٺ ’ابل وسيءَ‘ ۾ ڄائو. کيس شاعرِي ورثي ۾ ملي ۽ ابي توڙي امان ٻنهي جي رت مان لفظن سان چاهُه سندس خون ۾ شامل ٿيو. لاڙ جو مقامي طور ڄاتل شاعر الهڏنو بديڻوي سندس پيءُ ۽ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه جنت خاتون سندس امڙ هئي. الله بخشَ پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر بدين ۾ ڪرڻ کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ڊاڪٽريءَ جي پيشه ورانه ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي، جتان ۱۹۸۴ع ۾ ’ايم بِي بِي ايس‘ جِي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن بدين ۾ ڪلينڪ کولي ڪجھه وقت مقامي مريضن جو علاج به ڪيو. اڳتي هلي تعليمي حاصلات جي سلسلي کي جاري رکندي هن ۲۰۰۲ع ۾ رُورَل ڊويلپمنٽ (ٻهراڙيءَ واري ترقيءَ) جي مضمون ۾ ايم. اي. ڪئي ۽ ان بعد ۲۰۰۴ع ۾ اِيسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي امريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. ڊاڪٽر بڻجڻ تائين هو هڪ شاعر طور سڃاڻ ماڻي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته ڪاليج واري دؤرَ کان ئي هن ترقي پسند محاذ تي بيباڪ انداز اپنائي، شاعري تخليق ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جنهن جو وڏو سبب کاٻي ڌُر جي سياست ۾ سندن سرگرم بهرو وٺڻ هو. هُو عوامي تحريڪ کي سنڌ جي عام ماڻهن جي ڏکن ڏولاون جي نمائنده تحريڪ سمجھندي، عملي طور ان جو حصو بڻجي ويو، جنهن جي بنيادي رڪنيت کانپوءِ هُن لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏهاڪو ان جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۰ع واري ضيائي آمريت واري ڪاري دؤرَ ۾ کيس انقلاب ڳائڻ جي پاداش ۾ زندانَ جا عذاب به ڀوڳڻا پيا. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين جي ميلاپ سان ”عوامي نيشنل پارٽي“ (اي اين پِي) ٺهي ته عوامي تحريڪ کي به ان ۾ ضَم ڪيو ويو. ان وقت خان عبدالولي خان کي ان گڏيل پارٽيءَ جو مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش جِي، سنڌ جي جنرل سيڪريٽريءَ طور چونڊ ڪئي وئي. اڳتي هلِي آڪاش ۱۹۹۲ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلافن سبب عوامي تحريڪ کان رستا الڳ ڪري ويو. ايئن ئي هن عملي سياست کي ڄڻڪ خيرباد چئي ڇڏيو.

ان بعد آڪاشَ صحافتي محاذَ کي عوامي اهنجن جي اپٽار جي ذريعي طور استعمال ڪندي ۱۹۹۵ع ۾ حيدرآباد مان روزاني ’سوال‘ اخبار جاري ڪئي، جنھن جي چيف ايڊيٽرشپ پاڻ سنڀالي حسن درس کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. هي صحافت جي ميدان ۾ آڪاشَ جو پهريون ۽ آخري تجربو هو. هن اخبار تي سال ۲۰۰۰ع ۾ وقت جي آمرَ، پرويز مشرف پابندي هڻي ڇڏي. ۲۰۰۴ع ۾ امريڪا مان ڊپلوما ڪري اچڻ پُڄاڻان آڪاشَ، بدين جي ساحلي علائقن ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ”بدين رُورل ڊويلپمنٽ آرگنائيزيشن“ نالي هڪ سماجي تنظيم ٺاهي، جنهن طرفان هن ڪيترا ئي پراجيڪٽ ڪيا. سندس قائم ڪيلَ اسڪولن مان بعد ۾ ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي.

آڪاش انصاريءَ جِي شاعري عام ۾ عام جام مقبول رهي، جنهنجو وڏو دليل اهو آهي ته سندس پهرين شعري مجموعي ”ڪيئن رهان جلاوطن“ جا ۸ ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ”اڌُورا اڌُورا“ نالي سندس ٻئي مجموعي جا به چار ڇاپا ڇپجي پڙهندڙن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي چُڪا آهن، جنهنجو انگريزيءَ ۾ پڻ ٿي چڪو آهي. جڏهن ته سندس اڻ ڳڻيا قومي، رومانوي توڙي اتساهيندڙ نغما ۽ گيت نامور راڳين جي آوازن ۾ ڳائجي سنڌ جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ گُونجي چُڪا آهن ۽ گُونجندا پيا.

زندگي ته بيشڪ ويساهه جوڳي ناهي، پر اڄ کان ۵، ۶ سال اڳ اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ صحت جي نازڪ ترين معاملن منجھان پار پئِي، اُڪرِي اچي وري نئين زندگي ماڻيندڙ جي حياتيءَ جو انت ان طرح اچي، ته نه رڳو سندس وڇوڙي جو غم دل چِيري ٿو، پر سندس اهڙي بي درداڻي قتل تي به هانءٌ جُھرِي ٿو پوي. سڄي سنڌ آڪاش جي خُون جو انصاف گُھري ٿِي ۽ گُھرَ ڪري ٿِي ته آڪاش جي خُون کي لُڙهڻ نه ڏنو وڃي ۽ قاتلن کي دستانا نه پارايا وڃن.مقصُود گل اڪيڊميءَ، ساڳئي ڏينهن منعقد ٿيندڙ مقصود گل جي ڏهين ورسيءَ جي تقريب ۾ پڻ ٺهراءُ پاس ڪري اقتدار ڌڻين توڙي ملڪ جي عدليه کان اها تقاضا ڪئي آهي ته آڪاش جي قتل جي اڻ ڌُرئِي جاچ ڪرڻ بعد ڏوهي ثابت ٿيندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته متان اهو ڪرڻ سان آڪاش جي رُوح کي ڪا شانتي ملي سگھي ۽ سنڌ کي لاحق آڪاش جي وِرهَه جي دردَ ۾ ڪا جَھڪائي اچي سگھي.

تُنهنجي ”آڪاشَ“ سان، وِرهُه وِرچيو وڃي

۽ ڪڏهن پَل اندر، پاڻ پَرچيو وڃي

دل هِي سمجهي نَٿي درد آ دادلو

يار! جلدي ملو! يار جلدي ملو!


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر آڪاش انصاري 

سنڌ جي البيلي ۽ مزاحمتي شاعر جو وڇوڙو

آزاد غلام رسول مزاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش انصاري هو، مگر آڪاش انصاري کيس ادبي نالو جڳ مشهور ٿيو. آڪاش انصاري ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀر واري شهر بدين مان حاصل ڪئي ۽ ۱۹۸۴ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ ۱۵ سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءُالحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل جي سلاخن پٺيان ويهي سچ جا گيت ڳائڻا پيا. بعد ۾ ۱۹۹۵ع ۾ هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني ‘سوال’ اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. ۲۰۰۲ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۲۰۰۴ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊيولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ‘ڪيئن رهان جلا وطن’ ۽ ‘اڌورا اڌورا’ شايع ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري اڄ ۱۵ فيبروري ۲۰۲۵ تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. آڪاش انصاري جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هو هڪ اهڙو تخليقي شاعر هو جنهن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ معاشرتي حقيقتن کي اجاگر ڪيو. سندس شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جو درد ۽ قومي پيڙائن جي عڪاسي ڪئي ۽ هو نئين نسل کي سنڌي زبان ۽ ادب سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.

سندس حادثي ۾ فوت ٿيڻ واقعي سنڌ ڌرتي لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، جنهن سان سنڌي ادب ۽ شاعري جو هڪ روشن ستارو هميشه لاءِ وڃائجي ويو. آڪاش انصاري جي شاعري ۾ هڪ احساس ۽ جذبو آهي جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري وڃي ٿو. اهو ڏک ۽ صدمون ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، جنهن ۾ سنڌي قوم جو جيءُ جُهري پيو آهي.

آڪاش انصاري جو ذڪر، سندس تخليقيت ۽ اڻ سونهين ڪردار جو احوال، واقعي دل کي ڇهندڙ آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا سچائي، درد ۽ انساني احساسات ڪنهن جي دل کي چير وجهن ٿا. سچ پچ ته آڪاش جي وڇوڙي کانپوءِ هر اک آلي ٿي پئي آهي سڄي سنڌ جي اکڙين ۾ سنڌو لهي آيو آهي. سنڌ جي تقدير ۽ تاريخ ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوٽي ۽ جدائي هميشه ياد رهندي. سموري سنڌ جي دردن کي آڪاش پنهنجي تخليقن سان سجايو، پر سندس زندگيءَ جو خواب اڻپورو ئي رهجي ويو. زندگي جي سموري جستجو اڌوري رهجي وئي تڏهن ته چيائين:

نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو،

نڪي ديپ دل مان اوهان جو اجهاميو.

نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،

نه ئي سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين.

دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا،

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا،

آڪاش جي زندگي ۾ جيڪي آزمائشون، درد ۽ ڏک هئا، انهن مان سڀ کان وڏو درد ۽ ڏک سنڌ وطن سان ٿيندڙ ناانصافي وارو لمحو هو، هو سنڌ جي وجود جي بقاءَ واري جنگ وڙهندي وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. آڪاش جسماني اذيتن جو بار سر تي کڻي پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار سندس ئي ڪاوشن سان شاعري ۾ انسانيت لاءِ خدمت جي راھ هموار ڪري ويو. جڏهن ته ٻئي طرف سندس دل ۾ هميشه هڪ ڳڻپن واري ڳڻائي، سنڌ ۽ ان جي انسانن لاءِ محبت ۽ پرڀاوي جو احساس هو.

سندس شاعري ۾ جتي دل جو درد ۽ درد جا لمحه آهن، اتي هڪ اڻ کٽ اُميد، محبت ۽ وطن لاءِ قرباني جا سبق پڻ آهن. آڪاش جو وجود، جسماني لحاظ کان ته سڙي ويو، پر سندس شاعري ۾ نياپن جا اثر زندگين ۾ هميشه لاءِ رهندا. آڪاش جي شاعري قومي شاعري جو هڪ اهم درس آهي جنهن ۾ اهو پيغام آهي ته قومن جي ترقي ۽ اتحاد جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ صاف عزم جي ضرورت آهي. سندس شاعري ۾ قومي خود مختياري، سماجي انصاف ۽ حب الوطني جي قيمتن تي زور ڏنو ويو آهي. آڪاش ماڻهن کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت رکڻ جو درس ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي وطن کي مضبوط، آزاد ۽ خود مختار ڏسڻ جي اُميد ۾ شعر لکندو رهيو.

هميشه اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪنهن به قوم جي ترقي صرف معاشي يا سياسي لحاظ کان نه، پر انساني ويچار ۽ اخلاقي اقدار سان گڏ يڪجهتي ۽ ساٿ نڀائڻ سان آهي


(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

آڪاش انصاري

تون ايندين ضرور!

پرديپ گلاب

ڪنهن کي خبر هئي ته وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو ڪو بيرحم ائين چيري چچري ڪڍندو ۽ سنڌ جو آڪاش اسان کان وڇڙي ويندو. آڪاش جي وڇوڙي جو سنڌ ۽ سنڌي ادب سان انصاف ڪهڙي ريت ٿيندو؟۔۔۔ شاعر ڌرتي جا حساس ۽ نفيس فرزند ھوندا آھن. شاعري انهن جي جذبن، احساسن، خيالن، تڪليفن، دردن جو اظهار هوندي آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعري جي اندر محبت، روشن خيالي، انسان دوستي، پورهيت دوستي، جدوجهد، انقلاب، ويڙهه سمايل آهي، جنهن جي اندر وقت جي ظالم حاڪم ۽ جابر کي للڪار آهي، جنهن جي اندر هر لوچيندڙ ۽ جنگ جوٽيندڙ ڪارڪن لاءِ اتساھ پڻ آهي. هن جي محبت ۾ مزاحمت آهي ۽ مزاحمت ۾ محبت آهي، انهي جو مظهر انهن سٽن ۾ پسي سگهجي ٿو؛

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڏاٽي

يا وري:

او امان امان

رات جي رهزنن جي هٿان جي مان ماريو وڃان

ڪين تون روئجان

هن جي شاعري فڪري ۽ فني حوالي سان ڀرپور آهي. هُو هِن نظام کان باغي هو، پر هن وٽ متبادل ۽ فڪري گس پڻ هو، “هي قاتل” نظم ۾ هو وطن تي ظالم جابر ۽ ڦورو ٽولي کي للڪاري ٿو، هو سماج جي اندر طبقاتي تضاد جي خلاف لڪير ڪڍي بيهي ٿو، جيئن نظم “ڪُراڙو ڪنڀار ڪاڇي جو” يا “خانداني تون يا مان” ۾ هو بدبودار وڏيرڪي نظام کي اُڊيڙي ٿو. هن جي نظمن جي اندر تاريخي شعور جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو. رسول بخش پليجي صاحب آڪاش بابت چيو هو ته، “هو هڪ عام روايتي باغي شاعر کان تمام گهڻو مٿي بيٺل نظر اچي ٿو”. جڏهن ڪَتيون ڪر موڙي وڃن ٿيون تڏهن هو پنهنجي عظيم مقصد/منزل لاءِ لکي ٿو;

هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾

آسماني ڏيئا پڻ اجهامي ويا

سمهي پيا ستارا، ٿي جهيڻا جهَڪا

ڪڏهانڪر ڪَتين ڪر موڙي ڇڏيا

مگر انتظارن سندا قافلا

ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور

تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور!

يا وري استاد محمد يوسف جي آواز ۾ آڪاش جو نظم:

جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا

هن ڀونءَ سڄي جا ڀاڳيا

پوءِ سور نه رهندا ساڳيا۔۔۔.

ته پنهنجي قوم ۽ طبقي جي لاءِ وڙهندڙ ماڻهن کي اتساھ ۽ جذبو مليو وڃي ۽ ٿڪ لهيو پون. هو هر درد جي ڪيفيت کي اتساھ ڏانهن کڻي ويو، ماڻهن جي اجتماعي ڏکن سورن کي اظهاريو، انهن کي ذاتي تڪليفن کان مٿانهون سمجهيو.

هن جي شاعري داخلي ۽ خارجي احساسن ۽ جذبن جو سنگم آهي، فيض وانگر “اور ڀي دک هين زماني مين محبت ڪي سوا!” هو جڏهن نارا جيل مان پنهنجو مشهور نظم لکندي ان جو اختتام هيئن ڪري ٿو؛

ها مگر ڇا ڪريون

تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي

قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين

جيڪا ويئي ڇڪي

دل ته ماڻڻ گهريون

تنهنجون سڀ دلبريون ها مگر ڇا ڪريون

دار جي درد کي پنهنجي لذت هئي

جيڪا ويئي ڇڪي

تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس!

هن جي رومانويت ۽ جماليات جي اظهار ۾ به مزاحمت ۽ شعور جي مهڪ اچي ٿي. هن جي شاعريءَ جي فني حسناڪي کي ڏسجي ته ان تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هو دل سان وڻي ٿو جڏهن پنهنجي حسين تشبيھ جي فن سان لکي ٿو،

زندگي جي ذليل گهڙين ۾

ضياءَ جي موت جي خبر آهين

منهنجي هوندي به تون منهنجو ناهين

تون به ڄڻ سنڌ جو شهر آهين

يا.۔۔.

اوهان جي اکين ۾ کي ارغون هئا

اسان جي هئي دل سنڌ ڌرتي جيئان

هن جي ٻوليءَ ۾ لاڙي لهجي جو چس ته آهي ئي، پر هن جو اسلوب پڻ نرالو آهي، ٻوليءَ جي حسناڪي ۾ ان جي عوامي لهجي جي اندر عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو عڪس آهي. هن جا موضوع به حقيقي ۽ عوامي آهن، هو عام زندگي کان ڪٽيل ۽ پري بيٺل ناهي، هو عوام ۽ پنهنجي طبقي جي مسئلن جو اظهار پاڻ ٿو ڪري ۽ مظلوم طبقي جو نمائيندا شاعر ٿي ڪري ٿو؛

هُو جهونو هاري،

جاٽ پڄائي،

جوڙو روڪي،

واٽر مان پاڻيءَ ڍڪ ڏوڪي،

اڌ اجهاڻل،

ٻيهر ٻاري، سستو ڪو سگريٽ

چپن ۾ ڀڻڪي ٿو:

“ڪين چڱو ٿيو چيٽ”

“لڳي ٿو هيل بہ رهبو ليٽ”

مٿان هر سال،

نون مهينن تائين،

ڀاڳل کائي ٿي ميٽ،

لڳي ٿو هيل بہ رهبو ليٽ.

۽ گهر جي گُندي،

سنڍ سدائين.۔۔

ڪين ڪري ٿي پيٽ،

لڳي ٿو هيل بہ رهبو ليٽ.

هن جي شاعري ۾ تجسيم personification جي خوبصورتي انهن سٽن مان ڏسي سگهجي ٿي، جڏهن چنڊ چٿرون ڪري ۽ تارا به طنز ڪن ٿا؛

چنڊ چٿرون ڪيون دل جي تنهائي تي

پنهنجي آڪاش جي اڪيلائي تي

طنز سان تارا تڪيندا رهيا

يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا۔۔۔

انگريزي شاعر ڪالرج چيو آهي ته شاعري سچ ۽ سونهن جي رابطي ڪاري جو فن آهي. آڪاش انصاري سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي، هو پنهنجي آس پاس سونهن کي پنهنجي لفظن ۾ چٽي ٿو، سونهن جا نوان روپ، نوان انداز دريافت ڪري ٿو. جڏهن هو چوي ٿو:

نيڻ نينڍون هيا، نيڻ وڻندا هيا

تنهنجي ڇڙٻن منجهان ڦول ڇڻندا هيا

يا.۔۔.

جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون

الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون۔۔۔

هو شاعري ۾ سچ جي علامت بڻجي ٿو، ٻاهر جي دنيا ۾ ته حق ۽ سچ جو پاسو وٺي بيهي ٿو پر هو پنهنجي اندر جي دنيا کي لڪائڻ به پسند نٿو ڪري. پنهنجي نظم “دنيا ته پيئي جلندي دنيا کي ڀلا ڇا آهي، گهورن جي گهٽائن سان اچ ميگھ مندون ٺاهي” جي سٽن ۾ تجنيس حرفي alliteration جو استعمال ڪندي لکي ٿو؛

خوابن جا ڏيئي موتي تعبير خريديون ها،

نيڻن جي نصيبن ۾ پر ننڊ لکيل ناهي،

مون غم کي گناهن جيئن لوڪن کان لڪايو پر

ڪي ڳُڻ ۽ ڳڻي ڳالهيون ڳوڙهن وڌو ڳالهائي

۽ وري پنهنجي “اندر جنين اڌ” جو اعتراف “اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا” ۾ ڪري ٿو. هن پنهنجي شاعري ۾ ڏکن سکن، دردن کي لکيو ته روشن خوابن، پر لطف جذبن ۽ احساسن کي پڻ چٽيو.

آڪاش انصاري هڪڙو هو، ٻيو نه ٿيندو، هن جي شاعري نوجوان، جهونن، عاشقن، محبوبن ۽ ڪارڪنن جي دلين ۾ ڳائجندي رهندي.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

سنڌي ادب جو ستارو

صوفي محمد حسن نهڙيو

سنڌ ڌرتيءَ تي اهڙن ڪيترن ئي املهه ڪردارن جنم ورتو آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگيءَ ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انهن مان لاڙ پٽن جو منفرد، لکيڪ ڊاڪٽر آڪاش انصاري به هڪ هو، آڪاش انصاري سنڌي ادب جي اُها روشن شخصيت هئي، جنهن پنهنجي تحريرن سان سنڌي ادب ۾ نيون راهون هموار ڪيون. هوءَ هڪ جديد سوچ رکندڙ ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رهيو، جيڪو پنهنجي منفرد انداز، گهاڙيٽن ۽ تخليقي اظهار سبب پڙهندڙن ۾ مقبول رهيو آڪاش انصاري جي لکڻين ۾ سنڌي سماج جي تصوير، ماڻهپي جا رنگ، درد، خوشي، ۽ نيون اميدون نمايان نظر رهيون سندس افسانن ۽ شاعريءَ ۾ سماجي نابرابري، انساني احساس، عشق ۽ زندگيءَ جا گوناگون پاسا نظر ايندا رهن ٿا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۲۵ ڊسمبر ۱۹۵۶ع تي بدين لڳ ڳوٺ ابل واسي جي خوشبوءِ واري مٽي مان جنم ڀومي حاصل ڪيو هو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو ﷲ بخش انصاري سندن شاعري، ادبي دنيا ۾ وجود ٿيڻ کانپوءِ ادبي نالو آڪاش انصاري طور تخلص وجود ۾ آيو. هُن ابتدائي، ثانوي تعليم بدين مان شروع ڪئي هئي، ۱۹۸۴ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري شاعري سان وڏي دلچسپي رکندو رهيو، جڏهن ته هوءَ ڪاليج جي زماني واري دؤر ۾ ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو ڊاڪٽر آڪاش انصاري عوامي تحريڪ ۾ ۱۵ سالن تائين ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. انهيءَ کان پوءِ ضياء الحق جي مارشلا دؤران قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ تي کيس بيگناهه گرفتار ڪري جيل جي سلاخن ۾ بند ڪيو ويو، ظلم جبر ڏاڍ ڏسندي ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۱۹۹۵ع ۾ هن سنڌي صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو جتي هن روزاني سوال اخبار جاري ڪري پاڻ چيف ايڊيٽر جي ڪرسي تي رهيو ۽ ايڊيٽر حسن درس کي مقرر ڪيو هو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري زندگي ۾ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ميئگزين لکيا جنهن ۾ جلاوطن ۽ اڌورا اڌورا شايع ٿيا. جيڪي سندس گهر جي لائبريري جو حصو رهيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي، ڪيترن ئي ادبي پروگرامن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو آهي سندس ادبي خدمتن کي ڏسندي، ڪيترن ئي ادبي ادارن ۽ علمي حلقن مان مڃتا پڻ ملي چڪي آهي جڏهن ته ۲۰۰۲ع واري دؤر ۾ رورل ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اي پاس ڪئي ۽ ۲۰۰۴ع ۾ ٻاهرين ملڪ آمريڪا مان ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي مان ڊپلوما حاصل ڪرڻ روانو ٿيو هن کاهوڙي انسان بدين ضلعي ۾ ڪيتريون ئي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيمون قائم ڪيون ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو المناڪ وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي ۱۵ فيبروري ۲۰۲۵ع جي واري رات گهر ۾ آرامي ٿيل ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي سندس ويڳي پٽ وشال لطيف ڇرين، خنجرن جا سڌا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش جي مٿان پيٽرول هاري سڄي جسم کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهتي ته ڊاڪٽر جو اڌ جسم سڙي خاڪ ٿي ويو هو. رات جي وقت سڄي بدين شهر ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. سندس جنازي نماز بدين شهر ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ شھرين لکيڪن، صحافين، شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري درد ناڪ واقعي جو ڏک جو اظهار ڪيو ۽ هر ماڻهن جون اکيون آليون ٿي ويون پوليس شڪ جي بنياد تي سندس ڊرائيور کي گرفتار ڪيو تہ ڊرائيور کلي پيو جنهن ۾ مک جوابدار ويڳي پٽ وشال لطيف نڪتو پوليس کيس ٻنهي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو ٽن ڏينهن کان پوءِ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچي وئي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر لکيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي جسم تي دل دماغ ڇاتي ۾ ڇرين ۽ خنجرن سان قتل ڪيو ويو آهي انهن ڏينهن تي ڀٽائي ننگر ٿاڻي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سئوٽ جان محمد انصاري جي فرياد تي جوابدار وشال لطيف مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هاڻي اشد ضرورت انهي ڳالهه جي آهي تہ بيگناهہ قتل ٿيل ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خون سان انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ رهزن بااثر جوابدار وشال لطيف کي قانوني طور سخت سزا ڏئي سرعام چوڪ تي ڦاسي ڏني وڃي ۽ ها سندس قلم جي روشني سنڌي ادب کي هميشه نئين توانائي ڏيندي رهندي.


(ڏھاڙي سنڌ نيوز ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

"الوداع" منهنجا محبوب "آڪاش"

اقبال بلوچ

وقت جي چيچ ۾، زندگي جو ڇلو 

ويو ٿي گهرگهلو، يار جلدي ملو 

جيء جبروت جنمن کان ويران آ،

ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ 

ترسندو ڀلا ڪيستائين قافلو؟

يار جلدي ملو! (آڪاش) 

اسان ڊسمبر جي مهيني کي وڇوڙن جو مهينو سڏيندا آهيون، هڪ ت سال جي موڪلاڻي هوندي آهي ۽ محبوب ماڻهن جو وڇڙڻ ب گهڻو ڪري هن مهيني ۾ ٿيو آهي، اسان جي سونهاري سنڌ ڌرتي جا ڪيترا ئي املھ ماڻڪ علمي ۽ ادبي شخص ڊسمبر ۾ جدائي جو داغ ڏيندي غم ڏيئي ويا آهن پر هن کان وڌيڪ ۲۰۲۵ جي فيبروري جو مهينو اسان لاء المناڪ ۽ غمناڪ ثابت ٿيو آهي، جو سنڌ جي بهترين اديب شخصيتن اسان کي غم جو داغ ڏيئي موڪلايو آهي. 

اسان سنڌ جي بهترين سينئر ۽ دوست شاعر "ذوالفقار سيال" جي وڇوڙي جي خبر جي غم ۾ ئي هئاسين ت ٻي ڏينهن سنڌ جو محبوب ماڻهو، عوامي شاعر، محبتي انساني ۽ سدائين مرڪون وکيريندڙ شخص "آڪاش انصاري" کي جنهن بي دردي سان پنهنجي پاليل پٽ هٿان سنڌ ڌرتي کان جدا ڪري اسان کي غمناڪ ڪيو ويو، تنهن جو مثال نٿو ملي ۽ دل کي اڃا تائين يقين نٿو اچي ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ بند نٿا ٿين. 

منهنجي وک وک تي ويرين جون واريون ٿيل 

منهنجي ڪک ڪک ۾ پنهنجن جا خنجر کتل (آڪاش)

بدين ضلع جو آڪاش انصاري شاگردي واري زماني کان پنهنجن مذاحمتي شاعري وسيلي اسٽيجن تي نروار ٿي ترنم سان پڙهندو هو ت سڄو پنڊال تاڙين ۽ انقلابي نعرن سان گونجي پوندو هو، يونيورسٽي کان شهرت ماڻيندو سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڙ وسندين ۽ جهر جهنگ تائين شهرت ماڻيندو اڳتي وڌندو رهيو.

جنهن ن مٽي جي خوشبو کي ڄاتو هتي 

تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي 

تنهن کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي. (آڪاش)

شيخ اياز کان پوء توڙي جي ڪيترا ئي شاعر اسٽيجن ۽ شاعري جا بادشاه رهيا پر جيڪا عزت آڪاش انصاري کي ملي اها تمام گهٽ شاعرن کي نصيب ٿي. 

ڪيتري عرصي کان هر اسٽيج جي صدارت يا خاص مهمان جي حيثيت ۾ سنڌ جو هي سدا بهار شخصيت زينت بنجي رهيو هو ۽ سنڌ جي اديبن هنکي مانائتي موٽ ڏني هئي. 

آڪاش انصاري جي زبان ۾ ميٺاج، طبيعت ۾ ملڻساري ۽ محبت جيڪا سمايل هئي اها ب مقبوليت جو باعث بني، اسانجو محسن هو، جڏهن ب مليو، سڪ اڪير، حب  ۽ محبت سان مليو، آئون هنجي پيرن جي مٽي برابر هوس، هو مهان هو، عظيم هو، مان ڏيڻ ۽ عزتون وٺڻ وارو محبتي شخص هو.  منهنجي هڪ چوڻ تي هن منهن جي هڪ ڪتاب جي سنڌ گرامر اسڪول تلهار ۾ مهورتي تقريب جي صدارت ڪئي هئي جيڪا منهنجي لاء اعزاز هئي. منهن جي پروگرام ۾ هن جي اچڻ تي بار بار خوش ٿي رهيو هوس ت هن محبت مان مون کي ڀاڪر ٿي پاتا ت منهنجي خوشي جي حد ن پئي رهي. 

اهو آڪاش واقعي زمين جو آڪاش هو جنهنجو نالو آڪاش تائين پهتل هو، سنڌين جي دلين ۾ سندس وڏو مقام هو، وڏي عزت هئي، اهو آڪاش پنهنجن هٿان لٽجي ويو، آڪاش اسلام آباد جي اسپتال ۾ بيمارين سان جنگ جوٽي بيمارين کي مات ڏيئي موت کي هارائي صحتياب ٿي موٽيو هو، اهو آڪاش پنهن جي پاليل پٽ جيڪو سدائين پنهنجي پيء سان وڙهندو رهيو ۽ هو پٽ کي سدائين معاف ڪندو رهيو هنجي ئي هٿان بي دردي سان ماريو ويو. 

هن دل ڪرڻ ٿي چاهيا توسان هزار جهيڙا 

پر دل وري چيو توسان حساب ڪهڙا. (آڪاش)

ڪنهن سچ چيو جنهن آڪاش جي پيرن جي مٽي کي سنڌي سرمو سمجهي اکين ۾ وجهندا هئا، انهي آڪاش کي پنهنجي پٽ خنجر ۽ پيرن سان لتاڙي باه ڏيئي ماري ۽ ساڙي ڇڏيو.

منهنجي قتل ۾ شامل ڪوئي ڌاريو ناهي 

مون کي منهنجي محافظن ئي ماريو آهي. (آڪاش)

او منهنجا خدا ڇا مان آڪاش انصاري کي مرحوم چوان؟ منهنجي دل نٿي مڃي، هو "مان ڪيئن رهان جلاوطن " لکندي لکندي مٽي هيٺان جلاوطن ٿي ويو. 

جنهن مهل پهرين خبر انهي نڀاڳي صبح مهل پئي ت ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو، دل اڃا تائين غمزده آهي، مان ڪيترو رنو آهيان ۽ ڪيترو رئان پيو اي منهنجا سائين آڪاش اها خبر هڪ منهنجي دل کي ٻي خدا کي، اکين جا ڳوڙها رڪجن نٿا، دل غمزدگي کان هٽي نٿي. 

جڏهن توسان نيڻن جو ناتو ڇنو هو 

تڏهن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو 

جڏهن جيء جهورڻ آيون هي جدايون 

الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون. (آڪاش)

سنڌ سان محبت ڪندڙ شخصيت سائين آڪاش انصاري ڀلي تنهن جي مڙه جو انصاف به ٿئي تڏهن به تون ته اسان جي وچ ۾ نه آهين رهيو، اسان جي سار ۾، محبتن ۽ دلين ۾ سدائين زنده رهندين، جيستائين دنيا ۾ محبتون زنده آهن آڪاش زنده آهي ۽ زنده رهندو. 

کٽي سگهيو نه سفر زندگي کٽي پئي 

نه آيو ماڳ نظر زندگي کٽي پئي 

اوهان جي نيڻن سان جڙيل هئي شام 

هٽائي تو جو نظر زندگي کٽي پئي. (آڪاش) 

الوداع اي منهنجا محبوب آڪاش تنهنجو اهو آخري ڀاڪر مون کان زندگي ڀر نه وسرندو جيڪو ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۴ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ مشاعري جي صدارت ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرندي مان توهان سان مليو هوس ۽ توهان ڀاڪر پائي کليا هئا ۽ مان خوش ٿي ويو هوس. 

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا 

نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو 

نه هي ديپ دل مان اوهان اجهايو 

نه سورن جي شدت کان شعلو بنياسين 

نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين 

دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا 

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا. (آڪاش)


(ڏھاڙي عوامي راج ڪراچيءَ ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۵ع ۾ ڇپيل)

 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

جي پنھنجن ھنيان پٺ ۾

مشتاق راڄپر

ڊاڪٽر آڪاش انصاري (۱۹۵۶-۲۰۲۵) بلڪل پنھنجي شاعري جيان پرجوش، ولولي، ھلچل، ۽ تحرڪ ۾ رھندڙ پنھنجي ئي شاعري جو عڪس ھو، يا وري ايئن چئجي ته سندس شاعري درحقيقت سندس شخصيت ۽ سياست جي ھڪڙي اظھار جي شڪل ھئي، پر ھو اسان سڀني اندر ۾ ڪنھن محبوب جيان اوطاق ڪيو ويٺو ھو، سا خبر سندس پڄاڻان پئي آھي. سندس قتل کيس ڄڻ ھڪ دفعو وري جنميو ھجي. ھو سڄو سارو، پنھنجين سمورين تحريرن توڙي تقريرن سميت اسان جي اندر ۾ اوتجي ويو آھي.

تم يه ڪيسي جدا ھوگئي

ھر طرف ھر جگه ھوگئي

سندس ياد ۾ پھريون تعزيتي ريفرنس آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ سانا جي لوڪل چيپٽر طرفان ڪيو ويو آھي. پوسٽ مارٽم بعد ظاھر ڪيل سمورا زخم ھر سنڌ واسي ڪنھن پاڻ کي پھتل گھاءَ جيان محسوس ڪري رھيو آھي. آڪاش لاءِ صرف تعزيتي تڏو ناھي وڇايل، پر سندس شاعري جيڪا ھن جي ادراڪ ۽ تجزئي جو اظھار ھئي، سا ٻيھر گھنگھور گھٽائن جيان اسان سڀني مٿان وسندي ٿي رھي. ٿڪل، ستل ۽ رٺل، جذبا توڙي فرد ڄڻ آڪاش ٻيھڙ جوڙي ويو آھي.

قومن جو تصور ۽ تحريڪون نامڪمل ھجن ٿيون، جي وٽن شاعر ۽ سندن شعر نه ھجن. آڪاش پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري ويو آھي. سنڌين جي قومي شعور جي آبياري ۾ سندس شعر، شخصيت ۽ فڪر اڻمِٽ اثر ڇڏيا آھن. مان آڪاش جي شاعري مٿان ڪا ادبي تنقيد ته نه ٿو پيش ڪري سگھان، ڇوته سندس شاعري بابت رسول بخش پليجو، ف. م. لاشاري، سردار شاھ ۽ جامي چانڊيو سميت ڪيترن ئي نقادن تمام سٺو لکيو آھي، جيڪو سندس ڪتاب “ڪيئن رھان جلاوطن” ۾ ڇپيل آھي، پر ھڪ پڙھندڙ جي حيثيت سان اھو چوڻ مناسب ٿيندو ته سندس شعر ۾ سمايل فڪر مون سميت ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي دوران سياست ۾ عملي طرح حصو وٺندڙ مٿان تمام گھڻو اثر رکندڙ ھو، ان حد تائين جو شاھ لطيف بعد ڪنھن شاعر جي شاعري اسان کي ياد، حفظ ھوندي ھئي ته اھو آڪاش ھو.

آڪاش جي شاعري خود ڪلامي نه لڳندي ھئي، سندس شاعري فقط ھن جي ذات جو اظھار نه ھو، پر اسان جنھن سياسي، قومي ۽ طبقاتي تضادن جو حصو ھئاسين، ۽ اڃان اڄ به آھيون، ھن ان جو اظھار شاعري ۾ ڪيو. ھو ڪيوبا جي قومي شاعر ھوزي مارٽي کان گھٽ نه ھو. دنيا ۾ اهڙا گھٽ وڏا شاعر ٿي گذريا آھن، جن شاعر ھجڻ سان گڏ سياسي مزاحمتي تحريڪن ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار به ادا ڪيو ھجي. آڪاش ڇاڪاڻ ته گذريل 3۵ سالن کان عملي سياست کان پاسيرو ھو، تنھن ڪري گھڻن ماڻھن کي سندس سياسي پسمنظر جي خبر ناھي. ھو نج سياسي ڪارڪن، اڳواڻ ۽ جدوجھد ۾ رھندڙ ھڪ سپاھي ھو. سندس سياسي پس منظر جي ڪري ئي شاعري گفتگو ھئي، ڊائلاگ ھو، تجزيو ۽ روشن راھ ھئي، جيڪا عوام کي سڌو دڳ ٻڌائي پئي. جڏھن سندس شعر پڙھبو ۽ ٻڌبو ھو ته لڳندو ايئن ھو ڄڻ ھو توھان سان ڳالھائي رھيو آھي.

سنڌي ادب ۾ شاعراڻي اظھار جي صنف ۾ مزاحمتي شعر کي آڪاش نئين منزل تي پڄايو. وٽس لفظن جو خزانو ھو. ڪوئي تحقيق ڪري ته پتو پوي ته ڪيترا لفظ ھن ٻيھر زندھ ڪيا، شاعري ۾ محفوظ ڪيا. مون ته ھن جي ڪلام مان صرف فڪر، شعر جي خوبصورتي، جوش ۽ ولولو نه، بلڪه سنڌي ٻولي به سکي آهي. آڪاش عمر وڌڻ سان ڇانورو ڪرڻ وارو ھڪ اھڙو گھاٽو وڻ بڻجي چڪو ھو، جنھن وٽ ھر ڪنھن لاءِ، پيار، پنھنجائپ، ڀاڪر ھو، جنھن سان ڳالھائي، چئي “ابو”. ننڍو ھجي يا وڏو، لفظ “ابو” ڄڻ سندس تڪيو ڪلام بڻجي چڪو هو. آڪاش لاءِ ھرڪو ڄڻ “ابو”. ايڏو وڏو ٿيڻ بناوٽ جي ڳالھ نه آھي، ڪنھن جي اندر ۾ ايتري گھرائي ھجي ته پوءِ ئي ان قسم جي اظھار کي ماڻي سگھي ٿو.

آڪاش سان شروعاتي ملاقاتون عوامي تحريڪ جي جنرل ڪائونسل اجلاسن دوران جنگشاھيءَ ۾ ٿينديون ھيون. آئون سجاڳ ٻار تحريڪ جو صدر ھئس. تن ڏينھن ۾، بعد ۾ ۱۹۹۰ ۾ جيڪو سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ٿيو، تنھن ۾ گڏجي پنڌ به ڪيو ھئوسين. ھالا کان ڀٽ شاھ تائين مارچ ۽ ٻنھي شھرن ۾ ڪيل تقريرون مونکان ڪڏھن نه وسريون. ھو جنھن ولولي جو ذڪر پنھنجي شاعري ۾ ڪندو پئي آيو، سو سندس تقرير جو حصو ھوندو ھو. شھيد ذوالفقار ڀٽي جي ڦاسيءَ تي لکيل سندس نظم ھالا ۾ تقرير دوران پڙھيائين. مون سميت مارچ جي پانڌيئڙن جون نه صرف اکيون ڀرجي آيون، بلڪه ھمٿ ۽ حوصلو به بخشيو. سڄي ڏينھن جي ڪيل پنڌ جي ٿڪاوٽ خبر ناھي ڪيڏانهن ھلي وئي. ماما بخش علي ڀنڊ، ماما عارب، ساٿي سندر، رفيع لغاري سميت منھنجو مرحوم چاچو قربان راڄپر، اسين سڀ ٻارين ٻچين ان پنڌ جو حصو ھئاسين، جنھن جي اڳواڻي آڪاش پئي ڪئي.

توڻي جو پوئين ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪٽر آڪاش جو تعارف گھڻو ڪري ھڪ شاعر طور ئي رھيو آھي، پر اسين جيڪي سندس تنظيم جا ساٿي ھئاسين، سي ڄاڻون ٿا ته ھو ھڪ نج سياسي ڪارڪن ھو. قومي انقلابي سياست، ھاري ۽ مزدور جي حقن جي سياست، اھا سياست جنھن لاءِ ھن سختيون به برداشت ڪيون، پر ۱۹۹۱ع ۾ جڏھن روس ٽُٽو، سوشلسٽ بلاڪ ختم ٿيو، جنھن سڄي دنيا جي ملڪن ۾ قومي، توڙي انقلابي تحريڪن تي وڏا اثر پيا. جن فردن توڙي پارٽين جا روس سان تعلقات ھئا، افغان انقلاب ۾ اميدون ھيون ته اھو سرحد پار ڪري ايندو، ايئن نه ٿيو، ۽ آڪاش آدرشي سياست کان الڳ ٿيو. پنھنجي شعر ۾ جيڪو اظھار ڪيائين ته،

ويڙھ کان اڳ ويڙھ تان ويساھ کڄڻ

ھي به ھڪڙي ھار ٿي مونکي لڳي

ھيءَ سياست سمنڊ، ماڻھو ڄڻ مڇيون،

۽ رھبري ھڪ ڄار ٿي مونکي لڳي

آڪاش اليڪشن ۾ به حصو ورتو. بدين جي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان چونڊ وڙھيو. ڪجھ سالن بعد وري پيپلز پارٽيءَ ۾ به شامل ٿيو، پر ظاھر آهي ته، آڪاش کان ويندي ڄام ساقيءَ تائين جھڙن ماڻھن لاءِ پيپلز پارٽي ڪھڙو ڪارج؟ ڪھڙي منجھ حساب ھو ھلن ھا. آڪاش جي شاعري نه صرف سماج ۽ سنڌي قوم جي حالتن جو آئينو ھئي، بلڪه سندس اظھار ھن جو پنھنجو به آئينو ھو، جنھن ۾ اوھان کيس پسي سگھو ٿا.

عمر اڻکٽ عبادت ۾ وئي

۽ باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي

خدا به نه مليو، ۽ ان جي خدائي

او آڪاش جندڙي ايئن وئي اجائي

۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورا اڌورا

اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا

مون آڪاش جو نثر نه پڙھيو آهي ڪٿي. سندس صحافتي زندگيءَ جا ليک به نه پڙھيا آھن، تنھن ڪري جيڪو ھن ڏٺو، سياسي سفر ڪيو، تنھن بابت ھن جي راءِ ڪھڙي بيٺي، تنھن جو پتو مونکي نه آھي. ساڻس بدين ۾ سندس گھر تي ھڪ رات دير ٻنھي ڄڻن ھڪ ڊگھي ڪچھري ڪئي ھئي، سا اڄ به ياد آھي.

آڪاش جي انتھائي بي رحماڻي قتل سڄي سنڌ جي ماڻھن کي ڏکارو ڪيو، اسان جيڪي سنڌ کان ۱۲ ھزار ڪلوميٽر پري رھون ٿا، تن جي “بند اکڙين منجھان بند ڀڄندا رھيا، ياد گيرين جا سيلاب ايندا رھيا”. اھا آڪاش جي شعر ۽ فڪر جي سگھ آھي جو ھر احساس جو اظھار سندس شعر ۾ ڪري سگھجي ٿو، ان حد تائين جو سندس قتل به ھن بيت ۾ بيان ٿئي ٿو:

مڃيم! منھن ۾ ڌڪڙا تون سيڪيندي سونھين

پر تن کي ڪندين ڪيئن، جي پنھنجن ھنيا پٺ ۾ (آڪاش)


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل

هڪ سماجي جاچ

ڊاڪٽر اشوٿاما

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه، رد عمل، ميڊيا جي تبصرن ۽ ادبي حلقن جي مبهم، ڌندلي خاموشي مان هڪ ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي: سنڌي سماج ۾ غير معمولي ماڻهن جون زندگيون، انهن جا الميا ۽ ذاتي تضاد يا ته ڳالهائڻ لاءِ وڏي جرئت گهرن ٿا يا وري خاموشيءَ کي ئي بهتر سمجهيو ويندو آهي. هي قتل رڳو هڪ فرد جي زندگي جو خاتمو ناهي، پر سنڌي سماج جي نفسياتي، سماجي، خانداني ۽ فڪري ڍانچي جي بي رحمانه عڪاسي به ڪري ٿو.

آڪاش زندگيءَ جي ٻه رخين تصوير:

آڪاش جي زندگي هڪ اهڙو سلسلو آهي، جتي فن، جذبو، بغاوت، غير رواجيت ۽ ٽٽل رشتن جا رنگ ملي وڃن ٿا. هو پنهنجي آدرشن ۽ مزاحمتي تخليق سبب مقبول هو، پر سندس شخصي زندگيءَ ۾ جيڪا الجهڻ هئي، سا عام نظر کان ٻاهر رهي. اسان وٽ غير معمولي ماڻهن کي صرف هڪ رخ سان ڏسڻ جو رواج آهي، اهي يا ته مڪمل هيرو هوندا آهن يا مڪمل ولن. آڪاش جي قتل کانپوءِ به ساڳي روايت ورجائي وئي. ڪجهه ماڻهن کيس هڪ مثالي شاعر، درد ڀريو مزاحمتي روح ۽ مظلوم شخص طور پيش ڪيو ته ٻين کيس خاندان ۽ اولاد لاءِ غير ذميوار هجڻ جو الزام ڏنو، پر اصل سوال اهو آهي: ڇا غير معمولي ماڻهوءَ جا ذاتي تضاد، سماج جي ڪردار کان الڳ آهن؟ ڇا هو پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا اڪيلا ڪندا آهن؟

سماجي تضاد: “شاعرن جا گهر قبرستان ڇو ٿين ٿا؟”:

سنڌي سماج ۾ ادبي ۽ سياسي اڳواڻن جي شخصي زندگين جا الميا نوان ناهن. ڪيترن شاعرن، ليکڪن ۽ فڪري اڳواڻن جون زندگيون غير معمولي تخليقن سان گڏ تباهه ٿيل خاندانن جا داستان به آهن. اسان جي مزاحمتي شاعري، آزاديءَ جا نعرا ۽ جدوجهد جا قصا جڏهن انهن ئي ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ سان ڀيٽجن ٿا، تڏهن اهو تضاد ڪئين سمجهجي؟ آڪاش جهڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي لکڻين ۾ انسانن جي آزادي، محبت ۽ شعور جي ڳالهه ڪندو هو، پنهنجي اولاد جي نفرت جو شڪار ڪيئن ٿيو؟

شايد اهو ئي تضاد آهي، جيڪو اسان جي مزاحمتي فڪر جي بنيادي ڪمزوري ظاهر ڪري ٿو. شاعر ۽ ليکڪ، جيڪي سماج جي تقدير بدلائڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهي پنهنجي ذاتي تعلقات کي ڇو نٿا سمجهي سگهن؟

نظرياتي آزادي ۽ سماجي بيگانگي:

آڪاش جو قتل، سماج ۾ هلندڙ نظرياتي ۽ نفسياتي ڪشمڪش جو انتهائي خطرناڪ اظهار آهي. اسان وٽ جيڪو ماڻهو خاندان، سماج يا مذهب جي روايتي ڍانچي کان ٻاهر نڪري ٿو، اهو اڪثر انتهائي اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويندو آهي. هوءَ آزادي، جيڪا فڪري دنيا ۾ اهم سمجهي ويندي آهي، سماجي لحاظ کان بيگانگي پيدا ڪري ٿي. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو، جيڪي روشن خيال، انقلابي يا غير رواجي زندگي اختيار ڪن ٿا، آخرڪار هڪ عجيب تهذيبي ويڇي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ان ويڇي جو نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ ڪڏهن نفسياتي بحران، ڪڏهن خودڪشي، ته ڪڏهن قتل. دوستن جو دردناڪ ڪردار: لفظن جا جبل، عمل جي خالي ميدان جيڪڏهن اسان آڪاش جي زندگي ۽ قتل تي تنقيدي نظر وجھون ته هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪي ماڻهو پاڻ کي آڪاش جا ويجها دوست چوندا هئا، اهي سندس شخصي بحران، صحت جي تڪليفن ۽ خانداني ٽڪراءَ دوران ڪٿي هئا؟ اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجيون وايون، مضمون ۽ تقريرون آڪاش جي نالي منسوب ڪن ٿا، انهن مان ڪيئي اڄ وڏن عهدن تي آهن. ڪتابن جا ليکڪ، ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جا اڳوڻا وائيس چانسلر، ثقافت ۽ تعليم جا وزير، پر ڪنهن هڪ به عملي طور آڪاش جي مدد ڪئي؟

هيءَ سنڌي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن جي بدترين اخلاقي ناڪامي آهي. سچ ته اهو آهي جيڪي ماڻهو شاعريءَ ۾ آڪاش کي پنهنجو روح جو ڀاءُ سڏيندا هئا، انهن مان ڪنهن هڪ به کيس صحت جي بحالي لاءِ احتياط ڪرڻ تي مجبور ڪيو؟ جيڪي کيس “خوني رشتي کان به وڌيڪ قريب” سڏيندا هئا، انهن مان ڪنهن سندس خانداني بحران دوران مدد ڪئي؟ جيڪي آڪاش جي شاعريءَ تي مضمون لکندا هئا، انهن مان ڪنهن سندس حياتي بچائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي؟ سنڌ جي ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ دوستي صرف هڪ اسٽيٽس سيمبل آهي، هڪ نالي جو فخر، پر عملي مدد جو نالو نشان به ناهي.

نفسياتي الميو يا ڏوهي معاملو؟:

آڪاش جي قتل تي جيڪو عام تبصرو سامهون آيو، اهو ٻن پاسن تي ورهايل هو. هڪ طرف سندس حامي هئا، جيڪي کيس مظلوم سمجهي رهيا هئا ته ٻئي طرف اهي جيڪي ان کي صرف هڪ عام خانداني ڏوهه قرار ڏئي رهيا هئا، پر هي معاملو انهن ٻنهي حدن کان پري آهي. هي واقعو صرف هڪ پيءُ جي قتل جو ڪيس ناهي ۽ نه ئي فقط هڪ باغي پٽ جو مسئلو. هي سنڌي سماج جي نفسياتي خرابين جو اظهار به آهي. اسان وٽ اولاد ۽ والدين وچ ۾ جيڪا ناهمواري آهي، سماجي معيارن ۽ ذاتي خواهشن وچ ۾ جيڪو تفاوت آهي، اهو ڪڏهن تڪرار بڻجي ٿو ته ڪڏهن قتل. ڪو به مقدس ناهي اسان وٽ عام رجحان آهي ته جڏهن ڪو غير معمولي ماڻهو مري ٿو ته ان جي زندگيءَ جا سڀ تضاد وساري، کيس هڪ عظيم انسان بڻايو وڃي، پر جيڪڏهن اسان واقعي هڪ سنجيده سماجي جاچ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي ان غير معمولي ماڻهوءَ جا سڀ رنگ ڏسڻا پوندا. ڊاڪٽر آڪاش جي زندگي اهڙي هئي، جتي فڪر، محبت، تڪرار، بيگانگي، نظرياتي وابستگي ۽ ذاتي زندگيءَ جون اڻپوريون خواهشون گڏ نظر اچن ٿيون. اسان کي نه فقط انهن تضادن کي سمجهڻو پوندو، پر اهو به ڏسڻو پوندو ته سنڌي سماج ۾ غير معمولي ماڻهوءَ جو موت رڳو اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ لاءِ آهي يا سماج جي بي حسيءَ کي ڏسڻ لاءِ به؟ اسان يا ته صرف ماتم ڪندا آهيون يا نئون ڪوڙو هيرو بڻائي ڇڏيندا آهيون، پر پنهنجو حقيقي سماجي چهرو ڏسڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهيون. آڪاش جو قتل، اسان جو چهرو آهي


(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۱ مارچ ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

 

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

منفرد شاعر جو المناڪ وڇوڙو

وحيد محسن

زندگي سڀني شئين کان وڌيڪ حسين ۽ نرالي آهي؛ ھر انسان فطري طور زندگي سان بيحد پيار ڪري ٿو جيڪو ان کي سماج سان جوڙي رکي ٿو اھڙو رويو ان کي ماحول ۾ اعليٰ رتبو عطا ڪري ٿو اتي اھڙي سماج ۾ شاعر جو ڪردار وڌيڪ چٽو ۽ نمايان ٿئي ٿو جنهن مان سماج آٿت ۽ شعور جي فلسفي کان روشناس ٿئي ٿو!----

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جنم سنڌ جي سامونڊي پٽي بدين شھر ۾ ٿيو ھن پنهنجي وطن سان محبت جو اظهار شاعري ذريعي سامهون آندو پڙھي پرجھي ڊاڪٽر ٿيو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ لڳو -

ڊاڪٽر آڪاش انصاري ان دور ۾ ماڻهن جي دلين تي ڇانئجي ويو جڏهن شيخ اياز؛ تنوير عباسي; استاد بخاري؛ نياز ھمايوني؛ عبدالحڪيم ارشد؛ ابراھيم منشي ۽ راشد مورائي جھڙا مزاحمتي شاعر اتي موجود ھئا!

شاعر جي تخليق ان جي سڃاڻپ بڻجندي آهي ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجي تخليقي جوھر سان مزاحمتي شاعري جي ڏور کي پڪڙي اظهار جو اھڙو سليقو اپنايو جنھن کي عوام فڪري ۽ نظرياتي طور قبول ڪيو ۽ ان کي پنهنجو آواز سمجھيو اھڙي طرح ان جي شاعري جي گونج ڏيھ پرڏيھ ۾ گونجڻ لڳي؛ فنڪارن به ان جي شاعري کي ھڪ نئين انداز سان ڳائي ٻولي جو مان مٿاھون ڪيو -

شاعر پنهنجي سماج کي شعور وارين اکين سان ڏسندو آهي ۽ ان جي درد کي پنهنجو درد محسوس ڪندو آهي ۽ سندس تخليق جي پرواز مٿانهين ھوندي آهي ان جي رچنا پنهنجي جوھر سان پڙھندڙ جي وجود تي واسو ڪندي آهي ڊاڪٽر آڪاش انصاري سماج جي روين کي ڏسي ھيئنء اظهار ڪيو ھو -

مون سمجھيو منهنجي ئي گهر ۾ آڳ لڳل آهي؛ 

نڪري جانچيم ساري شھر ۾ آڳ لڳل آهي- 

شاعر جو شعور اصل ۾ ڌرتي جو شعور ھوندو آهي جنهن ڌرتي جي ڪک مان ھو جنم وٺي ٿو ۽ ان جي سيني تي ڦٽندڙ فصلن مان خوراڪ ماڻي ٿو ۽ ان ڌرتي تي وھندڙ درياھ جو پاڻي پيئي ٿو اھا سڄي سڃاڻپ ان جي وجود ۾ ازل کان وٺي رهي ٿي جنهن کان ڪير به منهن نٿو موڙي سگهي ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري ته منفرد شاعر آهي ان پنهنجي سڃاڻپ وطن سان جوڙي رکي ۽ سرمدي آواز بنجي سندس شاعري فضائن ۾ گونجڻ لڳي جيئن سندس ھڪ نظم ۾ ھن طرح جو اظهار آهي -

او امان! او امان! منھنجي جيجل امان!

جيڪڏھن، رات جي، رھزنن جي ھٿان،

مان به ماريو وڃان، پنھنجي ساٿين جيان،

ڪين تون روئجان، ڪين دل لاھجان.

سچ ۽ سونھن جي، سوڀ خاطر ڪڏھين،

مان شيشن مٿان، جي سمھاريو وڃان،

پرهه جي پياس ۾، پنھنجي پيارن جيان،

جي سَنجھي جوئي، سوريءَ پُڪاريو وڃان،

ڪنھن به شاھي قلعي جو،مان سينگار ٿيان،

لانگ بوٽن جي ھيٺان، چيٿاريو وڃان،

موت پنھنجي کان، اڳ ۾ ئي ماريو وڃان،

ڪين تون روئجان، ڪين دل لاھجان!

منھنجي راھن ۾، رت جي آ خوشبو رچيل،

منھنجي ساھن ۾ آ، بند جي نوءِ ڀنل،

منھنجي سوچن تي، صدين کان پھرا پيل،

منھنجي نس نس ۾، ناسور آھن کُليل،

منھنجي گس گس ۾ پڻ، گرز ڀالا ٽنگيل،

منھنجي وک وک تي،ويرين جون وارون ٿيل،

منھنجي ڪُک ڪُک ۾،پنھنجن جا خنجر کتل،

منھنجي تاريخ، صدين جي قرضي ٿيل،

منھنجي ٻولي به آ، ٻالي شاھي بڻيل،

منھنجي مارئن مٿان، موت آ مڇريل،

منھنجي سانگين جو ڪيڏو، ستم آ سَٺل،

ڪو آ ٽياسن ٽنگيل، ڪو ڪڙھاين ڪڙھيل،

ڏس ته ڏيھه ۾، ڏاڍ ڪيڏو متل،

جو به ھٿ ٿيو اڀو، سوئي ھٿ آ ڪپيل،

ھيڏي ڏھڪاءَ ۾، ڪيس ڪھڪاءَ ۾،

ڪيئن سڀ ڪجھه سھان؟ ڪيئن چپ مان رھان؟

منھنجي ڏاھي امان! منھنجي ڏاھي امان!

ڪين مون کي تون جھل، ڪين مون کي تون پل،

مان وڃان ٿو وڃان،مان وڃان ٿو وڃان،

جي نه موٽي اچان! منھنجي مٺڙي امان!

شاعر سماج جو اھڙو سائنسٽسٽ ھوندو آهي جنهن جي فڪر جا دائرا تمام گھڻا وسيع ھوندا آهن ۽ ھن جون اکيون سدائين سندر خواب پسنديون آهن ۽ محبوب جي اکين کي ياد ڪندي لفظن جا پوپٽ اڏاري روح جي تعلق کي عيان ڪندو آهي؛ ديس جي فطري سونهن جي واکاڻ ته شاعر ئي ڪري سگهي ٿو ۽ وري جڏهن اھڙا ٻول ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قلم مان تخليق ٿيا ته پڙھندڙ ان جي سڳنڌ ۾ واسجي ويو! بلڪل نئون نڪور نرالو خيال دل جي ڌڙڪن سان ملي اکين جي اوطاقن ۾ ھميشھ لاء مھمان بنجي ويھي رھيو سندس اھو نظم ھن طرح آهي -

جڏھن ڪنھن به بادل، وَلھارِيون وسايُون،

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون،

جڏھن چنڊَ چوڏس ڪيُون چِلوِلايُون،

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون!

جڏھن ڪنھن به ڪوئل اَسُرَ وَيلَ ڳايو،

تڏھن وِلھہ ويتر وِڇوڙو وَڌايو،

جڏھن ماڪَ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀِڄايون،

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون!

جڏھن کيت ۾ ٻاجھرين سَنگ واريا،

جڏھن چيٽ ۾ ڦُول ڄانڀي ڦُلاريا،

جڏھن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون!

جڏھن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو،

تڏھن ڏُور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو،

جڏھن جيءُ جھورڻ ھِي آيون جُدايون،

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون!!

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي سندس پاليل پٽ لطيف آڪاش ملڪيت جي لالچ ۾ اچي قتل ڪيو جڏهن ته وارث به اھو ئي ھو اڄ وڏن جو ادب، احترام ۽ صبر نوجوانن کان موڪلائي ويو آهي؛ ھڪ شاعر پيء جو قتل ٻڌي منهنجو ته وجود لڏي ويو ۽ ھاڻي ته رشتن تان ويساھ به کڄي ويو آهي؛ ڪير ڪنهن تي اعتبار ڪندو ۽ ڪا به عورت ڪنهن ٻار کي جھول ۾ نه وٺندي ۽ سوء دفعا سوچيندي ته ڪٿي اھو جھول۾ ورتل ٻار جوان ٿي ملڪيت جي لالچ ۾ سندس جيون ساٿي کي قتل ته نه ڪندو؟ ---

اھو ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو المناڪ وڇوڙو ان جي خاندان سان گڏ سنڌ کي به گھاء ڏئي ويو آهي ۽ سنڌ پنهنجي محبوب شاعر لاء ڳوڙھا ڳاڙيا آهن ۽ اھا جيجل سنڌ قاتل کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.


No comments:

راءِ ڏيندا