; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - ۵

23 December, 2023

شيخ اياز - ۵

شيخ اياز

ويھين صديءَ جو ارڏو شاعر

يوسف شاهين



مون کي ويھين صديءَ جي وڏي ۽ ارڏي شاعر شيخ اياز لاءِ ٻه اکر ڳالھائڻ جو حڪم ٿيو آھي. شيخ اياز منھنجو انتھائي قريبي دوست ھو. شيخ اياز سچو ۽ ڪٽر سوشلسٽ، سيڪولر، ترقي پسند ۽ انسان دوست شاعر، عالم ۽ اديب ھو. جنھن پنجاه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جنھن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا. ڪمال اھو آھي ته شيخ اياز جو نثر سندس شاعريءَ جيان انتھائي طاقتور ۽ پراثر ھو، جنھن ڪيترائي مزاحمتي ڪردار ۽ لاتعداد چور ۽ ڌاڙيل پيدا ڪيا. جيڪي علي الاعلان چوندا ويا تھ: ”جيڪس حق نه ڏيندئو ته اسان اھي ڦري به وٺنداسين.“


شيخ اياز پنھنجي نظرياتي ۽ فڪري لکڻين جي ابتدا برصغير جي ورھاڱي کان اڳ، انگريز سامراج خلاف ڪئي. ۱۳ اپريل ۱۹۱۹ع تي ”جليانوالا باغ قتل عام“۾ انگريز فوج ھٿان ۳۵۰ کان ۱۵۰۰ ماڻھن کي سڌيون گوليون ھڻي ماريو ويو ھو، ان خونريز واقعي تي شيخ اياز پنھنجي انتھائي ڏک ۽ ڪاوڙ جو ھن ريت اظھار ڪيو:

او باغي او راڄ دروھي!

ڀارت ۾ بلوي جا باني!

لھريون اينديون لھرائينديون،

دريا جي دل دھڪائينديون،

ڳائينديون، سينا ساھينديون،

ٽڪري سان ٽڪراءُ کائينديون،

ڇپ ڇپ ٿيندي ڇپ ڌتڪي سان،

پاڻي ۾ ھو ڪيرائينديون.

موٽي وينديون پو ساحل تي،

ڳائينديون پنھنجي حاصل تي،

اينديون وينديون، وينديون اينديون،

آھسته پٿر ڀورينديون،

چپ تي ڇپ پاڻيءَ ۾ نينديون،

ماڻينديون پنھنجي من ماني،

او باغي او راڄ دروھي!

ڀارت ۾ بلوي جا باني!

انگريز راڄ جي خلاف شيخ اياز ورھاڱي کان ٿورو اڳ ھڪ ٻيو نظم ھن ريت لکيو:

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

جيئن زمين آسمان

جي کلي پئي زبان

ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ

شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ

جيئن ڏئي اٿي جواب، انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڌوڏ هن سماج کي

لوڏ سامراج کي، ٺاه سو نئون نظام

جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب، انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڳاءِ ڳاءِ نوجوان

جيئن زمين آسمان

جي کلي پئي زبان

زندگي اُٿي چئي، انقلاب! انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

اھڙا نظم لکڻ کان علاوه شيخ اياز انگريز راڄ خلاف ”سفيد وحشي“ نالي ڪھاڻي لکي. ورھاڱي کانپوءِ ھن اڙدو شاعري جي ابتدا ڪئي ۽ ٻه شاھڪار ڪتاب ” بوئي گل نالئه دل“ ۽ ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي“ڏئي اڙدو دنيا کان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيا. شيخ اياز، سنڌ جي عظيم شاعر شاھه لطيف جي سموري رسالي کي اڙدو شاعريءَ جو ويس پارايو جيڪو ادبي دنيا جو تمام وڏو ڪارنامو ھو.

ورھاڱي کان اڳ پاڪستان جي بانيڪارن ۱۹۴۰ع دوران ھڪ قرارداد، جنھن کي قرارداد لاھور يا قرارداد پاڪستان چيو ويو، ان تحت پاڪستان سان الحاق ڪندڙ صوبن کي اھو يقين ڏياريو ويو ته اھي سڀ آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو رکندا. مگر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پاڪستان جي حاڪمن ون يونٽ ٺاھي، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جو تاريخي وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. ون يونٽ جي مزاحمت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ٻيا ميدان تي لٿا. شيخ اياز ادبي محاذ تي سڀني ترقي پسند اديبن جي اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، ۽ ھن ريت مزاحمت شروع ڪئي:

سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو،

ڪاريھر تي پير پيو.

ھيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،

پر سنڌ ”اياز“ نه مرڻي آ.

اڳتي ھلي جڏھن شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جي سڀني صوبن جي خودمختياري جو نعرو ھڻي ۶ نڪاتي پروگرام ڏنو ته شيخ اياز زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن سياسي پارٽي، عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ھن کي سنڌ جو صدر ٺاھيو ويو. شيخ مجيب الرحمان جا اھي ۶ نڪتا مشرقي پاڪستان کي بنگلاديش ٺاھڻ جو سبب بڻيا. ۱۹۷۶ع دوران پاڪستان جي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو. ۱۹۷۷ع ۾ پاڪستان جي فوجي ڪمانڊر انچيف، جنرل ضياءُ الحق، عوامي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪري چوٿين اپريل ۱۹۷۹ع تي پاڪستان جي پھرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي ڏئي ڇڏي. جنرل ضياءُ الحق شيخ اياز کي پاڻ وٽ سڏايو. ان ملاقات جو شيخ اياز مون سان ھن ريت ذڪر ڪيو: آئون ھڪ اھڙي ظالم شخص کي ڏسي رھيو ھئس جيڪو انتھائي سنگدل ۽ ڪٺور دل رکندڙ ھو.

شيخ اياز کي سدائين ھڪ منفرد، متضاد ۽ ارڏي شخص طور ڏٺو ويو. پيشي جي لحاظ کان ھو وڪيل ھو، بلڪه نمبر ون وڪيل ھو. جيڪڏھن سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ بدران فقط وڪالت ڪري ھا، ته ھو سنڌ جو امير ترين شخص بڻجي وڃي ھا.

شيخ اياز جھڙا عالم، اديب ۽ شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن. سترھين صديءَ ۾ فرانس ڪيترائي عالم ۽ مفڪر پيدا ڪيا، جن ۾ والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ سرفھرست ھئا. ھي اھو دور ھو، جڏھن ”سچو عيسائي“ ٺاھڻ لاءِ ھزارين عيسائين کي جيئري ساڙي ماريو ويو. ۽ لاتعداد عيسائين کي تشدد ڪري انھن جون ٽنگون ٻانھون ڀڃي ڇڏيائون. ان وقت ڪير به اھو ٻڌائي نٿي سگھيو ته سچي ۽ نج عيسائيت ڇاکي ٿو چئجي؟ ان حالت ۾، مذھب جي رواداريءَ بابت ٻه اکر ڳالھائڻ ڪفر کان گھٽ ڏوھه نه ھو. مگر والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ جان جو جوکم کڻي مذھبي آزادي، ڳالھائڻ جو حق، مذھب کي رياست کان ڌار ڪرڻ جو لڳاتار مطالبو ڪيو.

فرانس جي عالمن ۽ اديبن جا اھڙا ڪتاب امريڪي کنڊ تائين به پھتا. نتيجي طور دنيا جا ٻه وڏا انقلاب پيدا ٿيا. ھڪڙو امريڪا ملڪ وجود ۾ آيو، جنھن ۾ بادشاھت ختم ڪري، حاڪمن کي عوام جو نوڪر قرار ڏنو ويو. ھنن قانوني طور اھو تسليم ڪيو ته سڀ انسان برابر آھن ۽ آزاد پيدا ٿيا آھن. ھتي جي حاڪمن، آسمان کان حاصل ٿيندڙ ھدايتن بدران انساني تاريخ ۾ پھريون Man Made قانون ٺاھيو، جنھن کي امريڪي آئين چئجي ٿو، جنھن جي ھر شق تي آسماني ھدايتن جيان عمل ڪرڻ جو عھد ڪيو ويو. امريڪا جي باني حاڪمن عيسائي مذھب کي رياست کان ڌار ڪري ڇڏيو. تعليم جو نظام حڪومت پاڻ سنڀاليو، جيڪو ھن کان اڳ چرچ سنڀاليندو ھو. امريڪا کانپوءِ فرانس ۾ وڏو انقلاب آيو، جنھن کي فرينچ انقلاب سڏجي ٿو. ھنن بادشاھه جو ڪنڌ لاھي ھتي ٽي ھزار سالن کان ھلندڙ بادشاھت ختم ڪري ڇڏي. ھنن عيسائي مذھب ۽ عيسائيت جي مقدس ڪتاب کي رد ڪري، سمورا گرجا گھر اناج جا گودام يا گھوڙن جا اصطبل ٺاھي ڇڏيا.

برصغير جي ورھاڱي وقت، ھتي جيڪا مذھبي جنونيت پيدا ٿي. ان وقت شيخ اياز جون لکڻيون رجعت پرستي خلاف ديوار بڻجي ويون. اياز جھالت ۽ رجعت پرستيءَ خلاف وڏي جنگ جوٽي، نتيجي طور اسين سنڌ جا ماڻھو سرحد، فاٽا ۽ افغانستان جيان مذھبي جنونيت جو شڪار ٿيڻ کان بچي وياسين.

شيخ اياز برصغير جي ورھاست بدران آزاد سنڌ تي ايمان رکندو ھو، جنھن جي اڳتي ھلي سائين جي ايم سيد علي الاعلان تبليغ ڪئي. سائين جي ايم سيد کي ضياءُ الحق جي ڏينھن ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ ۽ آزادي گھرڻ تي غداريءَ جي ڏوھه ھيٺ ڦاھي ڏيڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي. جنھن تي سائين جي ايم سيد چيو ته آئون ڦاھي چڙھڻ لاءِ تيار آھيان پر سنڌ جي آزاديءَ تان ھٿ نه کڻندس. سنڌ جي آزاديءَ جي فڪر جي تڪميل لاءِ اياز ھيٺ ڏنل ترانو لکيو.

سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان

مٽي ماٿي لايان

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان

گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا بيت به تنهنجا ڀانيان

جيءُ جيءَ جيجل جيءُ جيءُ جيجل توکان ڪيئن لنوايان

مٽي ماٿي لايان

سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان

سر سر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو لهر لهر لهڪايان

رم جهم رم جهم راڳ انهن سان ٿر بر باھه لڳايان

مٽي ماٿي لايان

ڪالهه مليران مهڪ اٿي جا نگر نگر ڦهلايان

ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو مارو شال ملايان

تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءٌ امرتا پايان

مٽي ماٿي لايان

۱۹۶۵ع دوران ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن کي لاتعداد لاشن ۽ ذلت کانسواءِ ڪجھه حاصل نه ٿيو. شيخ اياز ھن جنگ جي مخالفت ھن ريت ڪئي.

ھي سنگرام !

سامھون آ

نارائڻ شيام!

ھن جا منھنجا

قول به ساڳيا

ٻول به ساڳيا،

ھو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر

منھن جا رنگ ـ رتول به ساڳيا،

ڍٽ به ساڳيو،

ڍول به ساڳيو،

ھانءُ به ساڳيو،

ھول به ساڳيا،

ھن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!

ھن کي گولي ڪيئن ھڻان مان!

ڪيئن ھڻان مان!

ڪيئن ھڻان مان!

ڪيئن ھڻان مان........!

اھو نظم ڇپجڻ کانپوءِ شيخ اياز کي پھريون ڀيرو گرفتار ڪري ساھيوال جيل موڪليو ويو، جتي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اڳ ئي قيد ھو.

انساني تاريخ ۾ سڀ کان اول سنڌو ماٿر جي ماڻھن مذھب کي اداري طور قبول نه ڪيو. جنھن جو مرڪزي شھر موھن جو دڙو ھو. سنڌو ماٿر کانپوءِ ٻڌ مت جي باني مھاتما گوتم ٻڌ ۽ جين مت جي اڳواڻ مھاوير مذھب ۽ ان جي عبادتي نظام کي رد ڪيو. وري ۱۹۱۷ع ۾ سوشلسٽ انقلاب دوران مذھب ۽ سرمايه داريءَ کي ختم ڪيو ويو ته جيئن سڀ انسان برابريءَ سان جيئڻ جا حق ماڻي سگھن.

۱۹۹۱ع دوران، دنيا جي وسيع ترين ايمپائر سوويٽ يونين، جيڪا ڪروڙين ميلن ۾ پکڙيل ھئي، اھا اوچتو ڦان ٿي ڪري پئي. ان جي جسم مان فوري طور تي ۱۴ نوان آزاد ملڪ پيدا ٿيا. ھي اھو دئور ھو، جڏھن سموري دنيا جون اڌو اڌ قومون سوشلسٽ نظريي تي ايمان رکنديون ھيون، اسان جو عظيم ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو به ان نظريي جو پيروڪار ھو، جنھن پاڪستان مان سرمائيداري نظام جو خاتمو آڻڻ لاءِ پاڪستان جون سموريون بينڪون، ڪارخانا، اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون وڏيون ملڪيتون قومي ملڪيت طور ضبط ڪيون. شيخ اياز به ان سوشلسٽ نظريي جو مبلغ ھو. سوويٽ يونين جي ٽٽڻ سبب سموري ترقي پسند دنيا جا اديب ۽ عالم صدمي ھيٺ اچي ويا. ان ڏک کي شيخ اياز به ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيو. سوويٽ يونين ٽٽڻ سبب، سرمايه داري، مذھب ۽ رجعت پرستي، ڏاڍي زور شور سان ٻيھر دنيا تي ڪاھي آيون. ھي اھائي سرمائيداريءَ جي دنيا آھي جتي گھڻي ڀاڱي انساني جسم ۽ ضمير وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

منھنجي شيخ اياز سان دوستي پنجاھه سالن کان به وڌيڪ عرصي تي محيط ھئي. ھو ناتال وارا ۳ مھينا گھڻي ڀاڱي منھنجي طارق روڊ واري آفيس ۾ گذاريندو ھو. ۱۹۹۳ع دوران، مون پنھنجي ھفتيوار اخبار ”برسات“ کي روزنامي ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت شيخ اياز ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ ذري گھٽ رٽائرڊ لائيف گذاري رھيو ھو. مون کيس روزنامه برسات جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ جي گذارش ڪئي، ھن فقط ايترو پڇيو ته ”ڪڏھن ھلڻو آھي.“ شيخ اياز کي اھا خبر ھئي ته برصغير ۾ اڙدوءَ جو وڏو شاعر فيض احمد فيض ھڪ انگريزي اخبار، پاڪستان ٽائيمز، جو ايڊيٽر ٿيو ھو. ان کان علاوه فيض احمد فيض ياسر عرفات طرفان بيروت مان نڪرندڙ ھڪ انگريزي رسالي “LOTUS” جو ايڊيٽر به رھي چڪو ھو.

شيخ اياز جي روزنامه برسات جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ تي، منھنجا ڪيترائي صحافي دوست حيران ٿيا. روزنامه عبرت جو ايڊيٽر ۽ منھنجو دوست خير محمد کوکر، حيدرآباد مان خاص طور شيخ اياز کي ڏسڻ لاءِ منھنجي آفيس تي پھتو. روزنامه برسات ۾ شيخ اياز کان علاوه ٻيا وڏا اديب ۽ صحافي به شامل ٿي ويا، انھن ۾ عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي به شامل ھئا. نتيجي طور برسات صحافتي دنيا جو انتھائي معتبر ۽ فيصلا ڪن ادارو بڻجي ويو. شيخ اياز برسات ۾ جيڪي ڪجھه لکيو، اھو سمورو ھاڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي رھيو آھي.

زندگيءَ جي آخري ڏينھن دوران، جڏھن شيخ اياز ڪافي عليل ھو، تڏھن ھو مون سان لانڍي جيل تي ملڻ آيو. مون کي شيخ صاحب جي اچڻ جو اطلاع ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڏنو ويو، ان وقت آئون ۽ آصف علي زرداري جيل جي ھڪ ڪمري ۾ گڏ رھندا ھئاسين. اتي اجازت کانسواءِ ڪنھن کي به اچڻ جي اجازت نه ھئي. آئون شيخ صاحب کي لانڍي جيل تي ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ سخت احتجاج ڪندي شيخ صاحب کي عرض ڪيو ته اوھان ھتي اچڻ جي ڇو تڪليف ڪئي آھي؟ شيخ صاحب مسڪرايو ۽ پنھنجي کيسي مان انڊونيشيا جا مشھور کٽمٺا ڪڍي مون کي ڏنا. پوءِ اسين ڪافي دير تائين جيل سپرينٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ ڪچھري ڪندا رھياسين.

ٿورن ئي ڏينھن بعد ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي سنڌ جي ھن عظيم سپوت، شاعر ۽ بھادر اديب شيخ اياز جو انتقال ٿي ويو. ھن کي ڪراچيءَ ۾ ڪلھو ڏيڻ لاءِ فقط ۹ ماڻھو پھتا. اھو واقعو جناب آغا سليم رڪارڊ ڪيو. سنڌي قوم جي اھڙي بي حسيءَ تي آئون اڄ به ششدر ۽ ڏکويل آھيان.

 

(ارڏي ۽ ائنٿري شاعر شيخ اياز سان توڙ نباھڻ واري عالم، اديب، شاعر، تاريخ نويس، عالمي ادب توڙي تاريخ تي گھري نظر رکندڙ، سنڌ جي صنعتڪار، روزانہ برسات ۽ انگريزي تي عبور رکندڙ، سائين يوسف شاهين جنھن اياز ميلي ۾ پنھنجي ھي تقرير لکي جنھن کي نصير مرزا پڙھيو. .....م ع محمدي) (محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)


 

شيخ اياز

تڪراري هو، آهي ۽ رهندو!

نياز مسرور بدوي

شيخ اياز جي شاعري سنڌ جي صدا بڻجي سدا گونجندي رهندي. گذريل چند سال کان جھڙيءَ ريت شيخ اياز کي پورٽريٽ پيو ڪيو وڃي، ان ۾ سنڌ ذاتي طور تي ارهي ڪونه پئي ٿئي. پر ان عمل جي پويان ڪھڙا مقاصد آهن، اهي آهستي آهستي کُلي رهيا آهن. خاص طور تي هڪ ڌر جيڪا بظاهر سنڌ پرست سوچ جي حامي آهي، انڌر شيخ اياز جي شاعريءَ تي رواجي ۽ غير رواجي ڪم ڪري، پنھنجي قد بت ۾ ڪافي اضافو ڪيو آهي، ان اضافي سان شيخ اياز جي فڪري جي فڪري اڏام جيڪا اڳ ئي سگهاري هئي، اها انھن جي رواجي تبصرن، تجزين، سوچن ۽ عقل جي سرحدن کان اڃا به آڳاهين آهي، جنھن تي رسڻ سندن وس کان تمام تمام گهڻو پري آهي. سچ اهو آهي ته انھن ڪتابن تي شيخ اياز جي جماليات جا، جيڪي نقش چٽيا وڃن آهن، اهي عڪس هن ڪٿان باز جي اک جيان جهٽيا آهن، تنھن جو پرو پتو ڪو نه ڏسيو ويو آهي. اسان جي دانشورن شيخ اياز جي لفظي شاعري جي پوپٽن جي رنگن جي ڏسڻ پسند ڪيو آهي، انڳن رنگن کي ڇُھي ان جي رنگن کي پنھنجين آڱرين تي پسي اڄ به حيرت جي سمنڊ ۾ غوطازن آهن، پر انھن رنگن جي آميزش ۾ شيخ اياز جا ڪھڙا احساس سمايل آهن، تن بابت ايڏي ڪا معياري تحقيق ڪانه ٿي آهي، جيڪا کيس ٽئگور، نذرالاسلام. يا دنيا جي عظيم شاعرن جي صف ۾ بيھاري سگهي. اها سڌائتي اياز پرستي جي چاهت شيخ اياز کي دنيا جي هاڪارن شاعرن جي صف ۾ ته نه ڳڻائي سگهي آهي، پر کين سنڌ جي شيخ اياز جي حافظن ۾ ضرور شمار ڪرائي رهي آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندڙن شيخ اياز جي سنڌ پرستيءَ ۽ قوم پرستيءَ واري شاعريءَ کي جتي ساراهيو هو، اتي کيس پنھنجي لفظن سان تنقيد جي تارازيءَ ۾ تورڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي، سچ اهو آهي ته ان تارازيءَ ۾ خلوص ۽ نيت جي سچائيءَ جي ڪاڻِ ڪسي هئي، جيڪا اڳتي پنھنجي موت مري وئي. پر ان جي باوجود وقت جي ورقن ان کي محفوظ آهي.

شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت ان وقت تڪراري بڻي، جڏهن سندس شاعريءَ ۾ مذهبي فردن وڏون ۽ ويڪون ڪڍيون ۽ سندس شاعريءَ کي غير اخلاقي قرار ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. مختلف اخبارن ۾ ان وقت جي عالمن ۽ صحافين تنققيدون لکيو، جن ۾ خاص طور سردار علي شاهه 'ذاڪر' ۽ مھراڻ اخبار جو وڏو ڪردار آهي. ان کان پوءِ سندس شاعريءَ ۾ اهڙي گوهر افشاني ٿيل آهي، جنھن ڌرتيءَ کي ڪتيءَ سان ۽ ان جي ڄمندڙ نسل انڌن گلرن سان تشبيھه ڏني وئي هئي. ان دور قوم پرست ۽ سنڌ پرست ڌريون مٿس ڏاڍيون ڪاوڙيون. مٿس عبدالواحد آريسر ڇتي تنقيد لکي. قوم پرست ڌرين سندس لکيل سنڌ جي قومي تراني تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو.

سندس ڳوٺائي آدرش سندس ڪجهه شاعريءَ جا اسم عبرت مئگزين ۾ شايع ڪرائي ڄڻ ته ادبي دنيا ۾ ٻڙڌڪ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ۽ شيخ اياز اهڙا مڪالما ٿيڻ لڳا جو سندس پاران ڪتاب ڇپائيندڙ ناشر اهو مڃڻ تي مجبور ٿيو، کانئس اها غلطي ٿي آهي. ان کان علاوه تاجل بيوس به سندس شاعريءَ تي تنقيد لکي جيڪا 'سرت' رسالي ۾ شايع ٿي هئي، جنھن سندس شاعريءَ ۾ جيڪي مشاهداتي ۽ لفظي غلطيون تن کي نروار ڪيو هو. اهڙي تنقيد مٿس نياز همايوني مرحوم به ڪئي هئي. نياز همايونيءَ مرحوم ته سندس اخلاقي اوڻاين کي به الم نشرح ڪيو آهي. خاص طور احسان بدوي مرحوم جي والد بابت جيڪا شيخ اياز راءِ لکي آهي، ان کي خاص طور تي ننديو آهي.

ماضي ۾ شيخ اياز تي جن ماڻهن لکيو، انھن مان محترم رسول بخش پليجو سندس دفاع ۾ 'انڌا اونڌا ويڄ' ڪتاب لکيو، جڏهن مخالف بڻيو ته کيس ننڍڙو شاعر ثابت ڪرڻ ۾ ۽ استاد بخاريءَ کي وڏو شاعر قرار ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. سندس نثري دعائن کان پوءِ ته اياز جي حيثيت کي اسان جي ڏاهن ٻه نمبري شاعري بڻائڻ جا وڏا جتن ڪيا. سندس مقابلي ۾ اهريون داعائون لکيو ويون جن ۾ ديس پرستيءَ جي ساراهه ٿيل هئي ۽ اياز جي دعائن کي سندس فڪري موت قرار ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي.

شيخ اياز جو هڪ مخصوص حلقو هو، جنھن سندس شاعريءَ جي توصيف ۾ ايڏو ته مبالغي کان ڪم ورتو آهي، کيس مسيحا يا فرشتو محسوس ڪرائڻ جي ڪوش هئي آهي، اها هاڻ ته ايڏي زور شور سان جاري آهي، جو سنڌ جو شعور سُن ٿي ويو آهي ۽ پيو پيو جهمريون هڻي.

هن سال شيخ اياز، ميلي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي ويو آهي. ڪن دوستن تي حد ڪري ڇڏي جو انتظاميه طرفان ڪرايل ادبي پروگرام کي سياسي جلسي تبديل ڪرڻ جو ڏوهه به شيخ اياز تي مڙهيو ويو ۽ اهڙيون پوسٽون ۽ اسٽيڪر هلايا ويا جنھن شيخ اياز جي ڪردار سان يا ان عمل سان پري پري جو به واسطو نه هو، اهي ميلي انتظاميه جون مجبوريون ۽ خواهشون هيون، جن جو ذميوار به شيخ اياز کي قرار ڏنو، جيڪا شيخ اياز جي شاعريءَ سان ظلم آهي. ان چوڻ ۾ ڪنھن به قسم جي پشيماني ڪونه ٿي ٿئي ته شيخ اياز پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حمايتي هو، جيتوڻيڪ هو شروع ۾ عوامي ليگ سان سلھاڙيل هو، پر هن وائيس چانسلر جي آڇ ٿڏي نه سگهيو، ان جو مک سبب اهو جو هو ان وقت روحانيت جو نه پر ماديت جو حامي هو. جيڪڏهن ان وقت منجهس روحانيت جي رمق دکندي هجي ها ته اهڙي غلطي ڪڏهن به نه ڪري ها. سندس خواهشون جيڪي انقلاب پرور هيون، اهي به سندس وي سي دور ۾ ڀور ڀور ٿي ويون.

هن ميلي ۾ پھريون تڪرار ته ميلي اندر ڪتابن جي اسٽالن هڻندڙ جي طرفان اهو اٿيو ته ميلي ۾ اسٽالن هڻڻ جي مد ۾ کانئن ٽيھن هزارن جي طلب کان شروع ٿي ۽ اڄوڪي يعني ٻئي ڏينھن انتظاميه جي شائقين جي اندر داخلا واري طريقه ڪار سان اختلاف ڪندي، پنھنجا اسٽال بند ڪري نعري بازي ڪئي ۽ ان احتجاج کي لائيو ڏيکاريو ويو، جنھن کان پوءِ امر سنڌو پاڻ اچي وڏي شاهي دروازي تي بيٺل اهلڪارن کي اهي هدايتون ڏنيون در کوليو وڃي ۽ شائقين کي اندر اچڻ ڏنو وڃي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جيڪا آفاقيت آهي، ان تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنھن بنھه بحٿ نه پيو ٿئي. اسان جا دانشور اڃا تائين شيخ اياز جي ڪيل عشقن جي اپتار ۾ رڌل آهن ۽ ان عشق جي لفاظيءَ کي شيخ اياز جي لکت ئي حرف آخر سمجهي، ان تي پنھنجي راءِ رقم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه شيخ جي فڪر وسيع عالمي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اڪثر ڪري ميلي ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته هڪ مخصوص ڌر ۽ ان سوچ سان لاڳاپيل فرد ئي ان ميلي جا اهم اسپيڪر آهن ۽ انھن جا ئي ڪتاب مھورتي تقريب جا حقدار آهن. نظرياتي دوستيءَ سان علم دوستي نھايت ضروري آهي، جيڪا جنھن جي کوٽ هر دفعي محسوس ٿيندي آهي.

شيخ اياز هڪ انساني بشر هو، ان کي فرشتي بڻائڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، اسان کي شيخ جي انھن بشري نظرين جي نظر سان ڏسڻ گهرجي جيڪي سندس زندگيءَ جو خاصو رهياآهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شيخ اياز جي شخصيت کي تڪراري به بڻائجي، جيڪڏهن اها صورت حال رهندي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه واڌاءُ نه ٿيندو ته شيخ اياز تڪراري هو، آهي ۽ رهندو.

 

(نياز مسرور بدوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)


 

اياز تي ڪيئن لکجي!

حسين ڪپري

لطيف جو ڪلام اسان جي ادب جو معجزو هو، ان کان پوءِ گراف هيٺ اچڻ لڳو. صديون لنگهي وڃڻ بعد شيخ اياز ڪڪر ڪارونڀار ٿي سنڌي شاعري جي آسمان تي ڇانئجي ويو. هاڻي هن کي گذرئي ويهن ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. اهو ايترو مناسب وقت آهي جو قلم کڻجي ۽ هن جي فن تي غير جانبدار ٿي لکجي. ان جي شاعري ۾ جيڪي سهڻايون آهن تن کي ٺيڪ طرح سان ظاهر ڪجي، اوڻايون آهن ته انهن جي نشاندهي ڪجي ۽ جي ڪو فڪر فلسفو آهي ته ان کي به ماڻهن آڏو آڻجي. شاعري ۾ فڪر يا فلسفي وارو معاملو پنهنجي ملڪ ۾ تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن سرڪاري دانشورن هڪڙي وڏي شخصيت کي شاعر مشرق جو خطاب ڏنو. مشرق وڏو علائقو آهي ان ۾ گهڻيون ئي تهذيبون، ٻوليون ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾ ايراني، عربي، هندستاني، چيني ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. انهن جي شاعري تي نظر وجهڻ ۽ شاعرن جي ڀيٽ ڪرڻ کان سواءِ يڪطرفي نموني اهو خطاب ڏيڻ جو فيصلو ضرور ڪن مصلحتن سبب ڪيو ويو هوندو. علامه اقبال جي شاعري ۾ جتي گڏيل هندستان جو تعريفون آهن اتي ملڪه وڪٽوريا، جنرل ڊائر ۽ ڪارل مارڪس جون واکاڻون به آهن. ستم ظريفي اها آهي ته هن وٽ شهنشاهه اورنگزيب هيرو ته سندس حڪم سان ماريو ويندڙ صوفي درويش سرمد به هيرو آهي! هڪ ئي وقت ظالم ۽ مظلوم ۽ ٻن متضاد ڌرين جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي ٻيو ڪو شاعر گهٽ نظر اچي ٿو.

آئون ته انهي ڪري شاعري ۾ فلسفو نه ڳوليندو آهيان جو اها فلسفي کي بيان ڪرڻ جي زبان ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سڀني فلاسافرن نثر ۾ ئي لکيو آهي. جيڪي ماڻهو شاعرن کي اهڙا خطاب ڏين ٿا انهن جو به گهڻو ڏوهه ناهي. مشرقي سماجن ۾ وڏيون دعوائون ڪرڻ سولو ڪم آهي، ماڻهو انهن کي آساني سان قبول ڪري وٺن ٿا پر سڌريل قومن ۾ اهو ڏکيو آهي. جڏهن جرمن فلاسافر فريڊرڪ نٽشي لکيو، ”دنيا منهنجي مرضي ۽ خيال آهي“ تڏهن فلسفيانه ذوق رکندڙ ماڻهن به ٺٺول ڪندي چيو، ”ان بابت سندس زال ڇا ٿي چوي!“ جي هن شادي ڪئي هجي ها ته شايد ائين نه چئي سگهي ها.

اياز موجودهه دور جي سنڌي شاعري جو سڀني کان وڏو نالو آهي. سندس زماني ۾ امداد حسيني، ابراهيم منشي ۽ شمشيرالحيدري جهڙا موچارا شاعر به آيا جن خوبصورت تخليقون ڪيون. انهي دور جو هڪ ٻيو طاقتور آواز استاد بخاري هو جنهن کي پليجي صاحب جهڙي نظرياتي ماڻهو گهڻو مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪير به اياز جي جتي ۾ پير پائي نه سگهيو. اهو سنڌي شاعري جو سنهري دور هو مگر تنقيد جو معيار بلند نه هو. ان جو سبب شايد اهو هو ته اسان جا ماڻهو پنهنجو ڪم جنهن ۾ انهن کي مهارت هوندي آهي سو ڇڏي پرايو ڪم ڪندا آهن. جيئن روايتي طرح جراحت جو ڪم حجام ڪندا هئا تيئن رهبري جو منصب شاعرن جي حوالي هو ۽ ادبي تنقيد سياسي قسم جا ماڻهو ڪندا هئا. هن تي جن ماڻهن لکيو تن ۾ هڪڙا ساڄي ڌر سان سلهاڙيل هئا جن شديد مخالفت ۾ لکيو پر اهو آواز وقت جي هيٺان دٻجي ويو. ٻيو جن ماڻهن قلم کنيو تن مان اڪثر کاٻي ڌر سان وابسته ۽ سندس عاشق هئا. عاشق اک الٽي ڌاريندا آهن، شيون جيئن آهن تيئن نه ڏسندا آهن. عاشقن کي ڪيترائي دفعا پنهنجي محبوبن ۾ اهي خوبيون به نظر اينديون آهن جيڪي انهن ۾ هونديون ئي ڪونهي. هنن جهڙي نموني اکيون پوري، بي انتها عقيدت ۽ جوش سان سندس واکاڻون لکيون ۽ صفتون بيان ڪيون تن کي پڙهڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهن وٽ گهربل تنقيدي شعور، علمي قابليت ۽ اعليٰ شاعري جي سمجهه ڪونه هئي. ڇو ته اڄ ڏينهن تائين ايتري تعريف ته شيڪسپيئر جي به ڪو نه ٿي آهي. انهي جو مطلب اهو ٿيو ته اياز تي درست معنيٰ ۾ اڃا تائين تنقيد ٿي ئي ناهي.

اياز جو ذهني طرح سان ٻنهي ڌرين سان تعلق رهيو. هن تي جڏهن کاٻي ڌر واري سوچ جو اثر هو تڏهن هن انهن شين تي به لکيو جيڪو هاڻوڪي مذهبي اثر واري دور ۾ لکڻ ڏکيو آهي. هن ويٽ نام جي ڪميونسٽ گوريلن جون واکاڻون ڪيون ۽ چي گويرا جي موت تي لکيو. پوءِ مٿس ساڄي ڌر جو اثر شروع ٿيو ته هن ڊگهيون دعائون ۽ عارفانا ڪلام لکڻ شروع ڪيو. ان جا ٻه سبب هئا، هڪ ته ڪميونزم جو زوال ٿي ويو هو ۽ ٻيو اسان جي شاعر جي ڄمار به وڏي ٿي وئي هئي. هونئن به ان زماني ۾ اڪثر کاٻي ڌر وارا ماڻهو پڇاڙي جو توبهه تائب ٿي واپس موٽ کائي سڌي رستي تي اچي رهيا هئا. اياز جي پڇاڙي جي دور واري شاعري مان خبر پوي ٿي ته کيس پنهنجي شروعاتي نظرياتي غلطين جو احساس ته هو پر هن سڌو سئون اعتراف ڪو نه ڪيو. جيئن چوندا آهن ته مائٽ مريو وڃن پر مجيجي ڪو نه مرن تيئن زباني چيل لفظ ڪجهه وقت کان پوءِ وسريو وڃن پر لکيل لفظ ڪتابن ۾ جيئرا هوندا آهن.

جنهن ڳالهه کي سنڌي شاعري ۾ اياز جي نواڻ سمجهي واکاڻيو ويو سو اصل ۾ دنيا جي شاعري ۾ اڳي ئي هلندڙ پراڻو فيشن هو. اياز جڏهن شاعري ڪئي پئي تڏهن ويهين صدي جي سڀني کان وڏي شاعر پبلو نرودا سان گڏ ناظم حڪمت ۽ فيض جو به چوٻول هو. جن ماڻهن انهن کي پڙهيو سي مڃين ٿا ته سندن ڪم به وڏو هو! مگر اياز پاڻ جهڙو رڳو نارائڻ شام کي تسليم ڪيو ۽ چيو، ”هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي پر منهنجا رنگ رتول به ساڳيا!“ حالانڪه ان دور جي سنڌ ۾ نارائڻ شيام کان ڀلا شاعر موجود هئا. مگر اسين شاعرن کان غيرجانبداري سان انصاف جي توقع نٿا ڪري سگهون. اڄڪلهه جي سنڌي شاعري گهڻي ڀاڱي اياز کان متاثر آهي. ڪي انڌاڌنڌ هن جي سڌي نقل ڪن ٿا، ڪي اڻسڌي نموني لڪائي ڪن ٿا ۽ ڪن جي دماغ تي هو بنا شعوري ڪوششن جي ڇانيل آهي. انهي جو مطلب آهي ته اياز جو دور اڃا هلي پيو. رهيو سوال تنقيد جي شعبي جو ته ان ۾ به هڪڙا ماڻهو اهي آهن جن ۾ قابليت آهي پر لکڻ جو شوق ناهي. ٻيا اهي آهن جن ۾ شوق ته آهي پر ايتري قابليت ڪونهي، ٽيان اهي آهن جن ۾ اهي ٻئي خوبيون ته آهن پر غير جانبداري ناهي جو انصاف ڪري سگهن.

هن وقت اياز تي ميلا لڳي رهيا آهن جنهن ڪري اهڙو عقيدت وارو وايو منڊل جڙي رهيو آهي جهڙو عام طرح ڪاني ڪرامي واري پهتل درويشن ۽ ولين لاءِ مخصوص هوندو آهي. اهڙي ماحول ۾ سڀني اهو فرض ڪري ورتو آهي ته اياز تي لکڻ جو مطلب آهي ته سندس تعريفون ڪجن، ڇو ته هن جي ڪلام ۾ رڳو خوبيون ئي خوبيون آهن. ان خوش فهمي جو بنياد اهو لاڙو آهي جيڪو اڳي کان هلندڙ آهي. مثال، لطيف کي وئي گهڻو وقت لنگهي ويو پر ماڻهو سندس شاعري جو جائزو اڃا به پيري مريدي جي احترام واري تعلق سان وٺن ٿا. مگر اياز ڪو روحاني مرشد ڪو نه هو. هو پاڻ تي مقبرا ٺاهڻ کان منع ڪري ويو. انهي ڪري جن کي مريدي ڪرڻي آهي ڀلي ڪن، جن کي عشق نڀاهڻا آهن سي نڀائين، باقي ڪم وارا ته ڪم ڪندا!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


شيخ اياز تي ڪيئن لکجي!

حسين ڪپري

هن وقت اياز تي ميلا لڳي رهيا آهن جنهن ڪري اهڙو عقيدت وارو ماحول جڙي ويو آهي جهڙو ڪاني ڪرامي واري پهتل درويشن ۽ ولين لاءِ مخصوص هوندو آهي. حضرت شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ ٻين بزرگ شاعرن جي ميلن جا افتتاح حڪمران ڪن ٿا، اياز ميلي جو افتتاح بلاول ڀٽو ڪيو. انهي تي اعتراض ناهي.

هو ميلا ٽن ڏينهن ۾ ختم ٿيو وڃن، هي ميلو پنج ڏينهن هلي ٿو. انهن ميلن تي زائرين اچن ٿا هن ميلي ۾ به زائرين اچن ٿا. علمي نشستن ۽ مباحثن جي نالي ۾ اسپيڪر حضرات تعريفون، واکاڻون ڪن ٿا ۽ عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا. اياز ميلو هر لحاظ کان سنڌ جي ٻين روايتي ميلن جهڙي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ان جا پانڌيئڙا آهن، سجادهه نشين آهن ته خليفا ۽ خليفياڻيون به آهن. بس هڪڙي شئي کٽل آهي ۽ اها آهي چندي واري پيتي! جيسين چندي واري پيتي جو بندوبست ٿئي تيسين پاڻ پنهنجي ڳالهه ڪريون ٿا.

ڳالهه جڏهن سنڌي شاعرن جي ڪريون ٿا ته اعليٰ نالو لطيف جو اچي ٿو. لطيف جو ڪلام اسان جي ادب جو معجزو هو، ان کان پوءِ گراف هيٺ اچڻ لڳو. صديون لنگهي وڃڻ بعد شيخ اياز ڪڪر ڪارونڀار ٿي سنڌي شاعري جي آسمان تي ڇانئجي ويو. هاڻي هن کي گذرئي پنجويهه ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. اهو ايترو مناسب وقت آهي جو قلم کڻجي ۽ هن جي فن تي غير جانبدار ٿي لکجي. ان جي شاعري ۾ جيڪي سهڻايون آهن تن کي ٺيڪ طرح سان ظاهر ڪجي، اوڻايون آهن ته انهن جي نشاندهي ڪجي ۽ جي ڪو فڪر فلسفو آهي ته ان کي به ماڻهن اڳيان آڻجي.

شاعري ۾ فڪر يا فلسفي وارو معاملو پنهنجي ملڪ ۾ تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن سرڪاري دانشورن هڪڙي وڏي شخصيت کي شاعر مشرق جو خطاب ڏنو. مشرق وڏو علائقو آهي ان ۾ گهڻيون ئي ٻوليون ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾ ايراني، عربي، هندستاني، چيني ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. انهن جي شاعري تي نظر وجهڻ ۽ شاعرن جي ڀيٽ ڪرڻ کان سواءِ يڪطرفي نموني اهو خطاب ڏيڻ جو فيصلو ضرور ڪن مصلحتن سبب ڪيو ويو هوندو. علامه اقبال جي شاعري ۾ جتي گڏيل هندستان جو تعريفون آهن اتي ملڪه وڪٽوريا، جنرل ڊائر ۽ ڪارل مارڪس جون واکاڻون به آهن. ستم ظريفي اها آهي ته هن وٽ شهنشاهه اورنگزيب هيرو ته سندس حڪم سان ماريو ويندڙ صوفي درويش سرمد به هيرو آهي! هڪ ئي وقت ظالم ۽ مظلوم ۽ ٻن متضاد ڌرين جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي ٻيو ڪو شاعر گهٽ نظر اچي ٿو!

آئون ته انهي ڪري شاعري ۾ فلسفو نه ڳوليندو آهيان جو اها فلسفي کي بيان ڪرڻ جي زبان ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سڀني فلاسافرن نثر ۾ ئي لکيو آهي. جيڪي ماڻهو شاعرن کي اهڙا خطاب ڏين ٿا انهن جو به گهڻو ڏوهه ناهي. مشرقي سماجن ۾ وڏيون دعوائون ڪرڻ سولو ڪم آهي، ماڻهو انهن کي آساني سان قبول ڪري وٺن ٿا پر سڌريل قومن ۾ اهو ڏکيو آهي. جڏهن جرمن فلاسافر فريڊرڪ نٽشي لکيو، ”دنيا منهنجي مرضي ۽ خيال آهي“ تڏهن فلسفيانه ذوق رکندڙ ماڻهن به ٺٺول ڪندي چيو، ”ان بابت سندس زال ڇا ٿي چوي!“ جي هن شادي ڪئي هجي ها ته شايد ائين نه چئي سگهي ها.

اياز موجودهه دور جي سنڌي شاعري جو سڀني کان وڏو نالو آهي. سندس زماني ۾ امداد حسيني، ابراهيم منشي ۽ شمشيرالحيدري جهڙا موچارا شاعر به آيا جن خوبصورت تخليقون ڪيون. انهي دور جو هڪ ٻيو طاقتور آواز استاد بخاري هو جنهن کي پليجي صاحب جهڙي نظرياتي ماڻهو گهڻو مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪير به اياز جي جتي ۾ پير پائي نه سگهيو. اهو سنڌي شاعري جو سنهري دور هو پر تنقيد جو معيار بلند نه هو. ان جو سبب شايد اهو هو ته اسان جا ماڻهو پنهنجو ڪم جنهن ۾ انهن کي مهارت هوندي آهي سو ڇڏي پرايو ڪم ڪندا آهن. جيئن روايتي طرح جراحت جو ڪم حجام ڪندا هئا تيئن رهبري جو منصب شاعرن جي حوالي هو ۽ ادبي تنقيد سياسي قسم جا ماڻهو ڪندا هئا.

هن تي جن ماڻهن لکيو تن ۾ هڪڙا ساڄي ڌر سان سلهاڙيل هئا جن شديد مخالفت ۾ لکيو پر اهو آواز وقت جي هيٺان دٻجي ويو. ٻيو جن ماڻهن قلم کنيو تن مان اڪثر کاٻي ڌر سان وابسته ۽ سندس عاشق هئا. عاشق اک الٽي ڌاريندا آهن، شيون جيئن آهن تيئن نه ڏسندا آهن. عاشقن کي ڪيترائي دفعا پنهنجي محبوبن ۾ اهي خوبيون به نظر اينديون آهن جيڪي انهن ۾ هونديون ئي ڪونهي. هنن جهڙي نموني اکيون پوري، بي انتها جوش ۽ جذبي سان سندس واکاڻون لکيون ۽ صفتون بيان ڪيون تن کي پڙهڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهن وٽ گهربل تنقيدي شعور، علمي قابليت ۽ اعليٰ شاعري جي سمجهه ڪونه هئي.

اياز جو ذهني طرح سان ٻنهي ڌرين سان تعلق رهيو. هن تي جڏهن کاٻي ڌر واري سوچ جو اثر هو تڏهن هن انهن شين تي به لکيو جيڪو هاڻوڪي مذهبي اثر واري دور ۾ لکڻ ڏکيو آهي. هن ويٽ نام جي ڪميونسٽ گوريلن جون واکاڻون ڪيون ۽ چي گويرا جي موت تي لکيو. اڄ انهن ملڪن جاماڻهو ڪميونزم مان بيزار آهن. شاعر کي اندازو نه هو ته ڪجهه ڏهاڪن ۾ اڌ دنيا مان ڪميونزم ختم ٿي ويندو ۽ سندس شاعري جي ان حصي جي اهميت به گهٽجي ويندي!

پوءِ مٿس ساڄي ڌر جو اثر شروع ٿيو ته هن ڊگهيون دعائون ۽ عارفانه ڪلام لکڻ شروع ڪيو. ان جا ٻه سبب هئا، هڪ ته ڪميونزم جو زوال ٿي ويو هو ۽ ٻيو اسان جي شاعر جي ڄمار به وڏي ٿي وئي هئي. هونئن به ان زماني ۾ اڪثر کاٻي ڌر وارا ماڻهو پڇاڙي جو توبهه تائب ٿي واپس موٽ کائي سڌي رستي تي اچي رهيا هئا.

اياز جي پڇاڙي جي دور واري شاعري مان خبر پوي ٿي ته کيس پنهنجي شروعاتي نظرياتي غلطين جو احساس ته هو پر هن سڌو سئون اعتراف ڪونه ڪيو. جيئن چوندا آهن ته مائٽ مريو وڃن پر مجيجي ڪونه مرن تيئن زباني چيل لفظ ڪجهه وقت کان پوءِ وسريو وڃن پر لکيل لفظ ڪتابن ۾ جيئرا هوندا آهن. ڪجهه به هجي، نظريو بدلائڻ جي بنياد تي اياز تي تنقيد ڪرڻ بي بنياد آهي. ڇو ته اهو معاملو فرد جي شخصي آزادي سان تعلق رکي ٿو. دنيا جي قانونن ۾ ماڻهو کي مذهب بدلائڻ جي آزادي آهي ته ظاهر آهي نظريا بدلائڻ جي به آزادي آهي.

جنهن ڳالهه کي سنڌي شاعري ۾ اياز جي نواڻ سمجهي واکاڻيو ويو سو اصل ۾ دنيا جي شاعري ۾ اڳي ئي هلندڙ پراڻو فيشن هو. اياز جڏهن شاعري ڪئي پئي تڏهن ويهين صدي جي سڀني کان وڏي شاعر پبلو نرودا سان گڏ ناظم حڪمت ۽ فيض جو به چوٻول هو. جن ماڻهن انهن کي پڙهيو سي مڃين ٿا ته سندن ڪم به وڏو هو! مگر اياز پاڻ جهڙو رڳو نارائڻ شام کي تسليم ڪيو ۽ چيو، ”هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي پر منهنجا رنگ رتول به ساڳيا!“ حالانڪه ان دور جي سنڌ ۾ نارائڻ شيام کان ڀلا شاعر موجود هئا. مگر اسين شاعرن کان غيرجانبداري سان انصاف جي توقع نٿا ڪري سگهون.

اڄڪلهه جي سنڌي شاعري گهڻي ڀاڱي اياز کان متاثر آهي. ڪي انڌاڌنڌ هن جي سڌي نقل ڪن ٿا، ڪي اڻسڌي نموني لڪائي ڪن ٿا ۽ ڪن جي دماغ تي هو بنا شعوري ڪوششن جي ڇانيل آهي. انهي مان صاف ظاهر آهي ته اياز جو دور اڃا هلي پيو. رهيو سوال تنقيد جي شعبي جو ته ان ۾ به هڪڙا ماڻهو اهي آهن جن ۾ قابليت آهي پر لکڻ جو شوق ناهي. ٻيا اهي آهن جن ۾ شوق ته آهي پر ايتري قابليت ڪونهي، ٽيان اهي آهن جن ۾ اهي ٻئي خوبيون ته آهن پر غير جانبداري ناهي جو انصاف ڪري سگهن. انهي جو مطلب اهو ٿيو ته اياز تي درست معنيٰ ۾ اڃا تائين تنقيد ٿي ئي ناهي.

اياز تي درست تنقيد نه ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب هن جون پاڻ بابت ڪيل دعوائون به هيون جن ڪري ماڻهن جي دماغ ۾ مغالطا پيدا ٿيا. مختلف تحريرن ۾ ڪيترين ئي جاين تي هن پنهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪتابن جو ذڪر ڪجهه اهڙي طريقي سان ڪيو جن مان ماڻهن اندازو لڳايو ته هو ڪو تمام گهڻو پڙهيل ماڻهو هو. ان دعويٰ کي سنجيدگي سان نه وٺڻ گهرجي.

اياز بنيادي طرح شاعر هو، کيس مبالغي جي عادت هئي. حقيقت اها آهي ته هو مصروف وڪيل هو، سياست ڪندو هو، جيل ۾ ويو ۽ نوڪري به ڪئي. هن وٽ پڙهڻ لاءِ محدود وقت هو. اياز کان ڪيترا دفعا وڌيڪ پڙهيل انگلش ڊپارٽمنٽ جا پروفيسر آهن جن وٽ آمريڪا ۽ يورپ جي اعليٰ يونيورسٽين جون ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون آهن. هو شاعري ۽ نثر کي ٻين کان بهتر سمجهن ٿا. اهڙا ماڻهو انصاف واري تنقيد ڪري سگهن ٿا مگر نٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته اياز جا پرستار چون ٿا، اياز تي تنقيد اهو لکي جنهن جو قد ان جيڏو هجي.

اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. دنيا ۾ ائين ٿيندو ئي ناهي. ادب ۾ شيڪسپيئر جهڙي عظيم حيثيت ڪنهن به نقاد جي نه هئي. هن تي جن ماڻهن تنقيد لکي سي وڏا اسڪالر هئا، مگر سندن ادبي رتبو کانئس گهٽ هو. ان جي باوجود هنن سندس تخليقن جون خوبيون ۽ خاميون اهڙي مهارت سان بيان ڪيون جو انهن جو لطف اڃا وڌي ويو. اياز جي تحريرن سان به اهڙو انصاف وارو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي.

تنقيد جو مطلب غلطيون ڪڍڻ يا منفي رمارڪ ڏيڻ ناهي. تنقيد جو مقصد ڪنهن به ادبي تخليق جي انصاف سان تور تڪ ڪري خوبيون ۽ خاميون نروار ڪرڻ آهي. هڪ مستند نقاد جي تنقيد پڙهندڙ جو لطف وڌائي ٿي ۽ ليکڪ (جي جيئرو هجي) کي وڌيڪ بهتر لکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ان معاملي ۾ اياز کل جهڙيون غلطيون ڪري ٿو. مثال، هڪ جاءِ تي هن پنهنجي ۽ نقاد جي حيثيت کي هيئن بيان ڪيو، ”ڪنهن چيو ته فلاڻي صاحب تنهنجي ادبي تخليقات تي تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙن تان هيٺ ڏٺو. هڪ وڇون، پهاڙ جي پيرن وٽ هڪ پٿر کي ڏنگ هڻي رهيو هو. پهاڙ خاموش هو، اٽل هو.“

نقادن لاءِ اهڙي ڳالهه چوڻ غير مناسب آهي. دنيا ۾ افلاطون ۽ ارسطو جهڙا نقاد به ٿي گذريا آهن جن کي ٻه هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به سڄي دنيا جي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. انهن جي ايڏي وڏي ادبي حيثيت آهي جو اياز جهڙا سئو شاعر سمائجي وڃن!

حقيقت اها آهي ته اياز سنڌي ٻولي جو عظيم ۽ بي مثال شاعر آهي جنهن جو شمار دنيا جي اعليٰ شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت ڪيترائي دانشور عقيدت مندي سان ان کي فلاسافر، مدبر، انجنيئر، ڊاڪٽر يا مرشد وغيرهه ثابت ڪرڻ چاهين ٿا. مگر اسان جي نظر ۾ اياز ڪو روحاني مرشد ڪونه هو. هو پاڻ تي مقبرا ٺاهڻ کان منع ڪري ويو هو. انهي ڪري جن کي مريدي ڪرڻي آهي ڀلي ڪن، جن کي اکيون پوري واکاڻون ڪرڻيون آهن ڀلي ڪن ۽ عشق نڀائڻا آهن سي نڀائين، باقي ڪم وارا ته ڪم ڪندا!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

شيخ اياز

هر دور جو شاعر!

سچل ڀٽي

امريڪي مفڪر رابرٽ انگرسال هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “سچ کانسواءِ هر شئي کي لبادو اوڙهڻو ٿو پئي!” جيڪر انگرسال جي ان چوڻي جي ڪنهن کي تصديق ڪرڻي آهي ته هو شيخ اياز جي شاعري پڙهي ڏسي ته ذهن جي سطح تي ڪيئي احساس سمونڊ جي ڇولين جيان اڀري ايندا آهن. سندس شاعريءَ جي هر سٽ، هر بند، هر ڪويتا جي اندر هڪ اهڙو سچ سمايل آهي، جيڪو پڙهندڙ جو چين سڪون کسي وٺي ٿو؛

هيءَ سين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا

هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃارو آ پيارا (اياز)

سچ جيڪو تلوار جي ڌار کان به تکو ۽ نيزي جي چهنب کان به سنهو ٿئي ٿو، تنهن سا پريت لڳائڻ ۽ پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻائڻ ڪنهن جوکم کڻڻ کان گهٽ نه آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جو بنياد سچ تي رکي عملي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي اڻ وڻندڙ واقعن، حادثن ۽ حالتن کي منهن ڏنو، ڇو جو هن ڄاتو پئي ته ڏانءُ کان وڌيڪ حقيقت ۽ صداقت تي فوڪس ڪيو وڃي؛

ڏات وڏي شيءِ ناهي، سچ وڏي شيءِ آ.

جو سچ مچائي مچ، سو مچ وڏي شيءِ آ. (اياز)

مون کي شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ سدائين ڪنهن تلاش ۾ نظر آيو، اها تلاش ڇا جي آهي!؟ اها تلاش آهي حقيقت ۽ صداقت معلوم ڪرڻ جي! اها تلاش آهي سچ تائين پهچڻ جي! اها تلاش آهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي! اهڙي راهه جو ٿورو ڪي گهڻو هر شخص پانڌيئڙو آهي پر شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙي آنڌ مانڌ يا هورا کورا ڪجهه وڌيڪ ئي نظر اچي ٿي. سندس نظم “سچ وڏو ڏوهاري آهي!” يا “ڪوئي آهي ڪوئي آهي، جيڪو سچ چئي” سندس اهڙي تلاش جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. شيخ اياز سچ کي ئي اصل طاقت ۽ قوت سمجھي ٿو؛

هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو

جي هو سچ چئي ٿو (اياز)

توڻي جو شيخ اياز جي شاعريءَ جو گهڻو فوڪس فطرت جي سچائين کي نروار ڪرڻ تي نظر اچي ٿو پر هر شاعر جيان سونهن ۽ حسن به شيخ اياز جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع رهيو آهي. حسن سونهن چاهي عارضي هجي يا دائمي، شيخ اياز سونهن جي ڪنهن به لقاءَ کي بهترين موقعو ڄاڻندي پنهنجي تخليق ۾ ان سونهن حسن کي ڀرپور طريقي سان اظهاريو آهي؛

ڪير وٺي ٿو تنهن جو نانءُ

چنڊ وٺي ٿو شايد شايد

ڌيري ڌيري ڪجهه چندرما

جھونگاري ٿو شايد شايد

ڪير وٺي ٿو تنهن جو نانءُ

ديپ وٺي ٿو شايد شايد

ڇو ته لڇي ٿو، ڪو نه ڪُڇي ٿو

پڄري ڄڻ ڪنهن لاءِ پُڇي ٿو

آ مون جھڙو شايد شايد (اياز)

شيخ اياز فطرت جي سونهن کي به هنن خوبصورت لفظن جي جڙاءُ ۾ اظهاريو:

ويل اها ٿئي واهر جي

بادل ڀرجي روز نه ايندا

پوءِ ايندين به ته ڇا!

روئيندين به ته ڇا! (اياز)

شيخ اياز موجوده وقت جي شاعرن جيان رڳو شاعري ۽ ڪتابن جي دنيا تائين محدود ماڻهو نه هو، پر هڪ عملي زندگي گهارڻ وارو ماڻهو هو، جتي هن “سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان” ۽ “سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو” جھڙيون سٽون تخليق ڪيون، اتي هن سنڌ ڌرتي لاءِ قيد ڪاٽيا ۽ سختيون سٺيون. سندس شعر هر نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا. ايتري تائين جو شيخ اياز جي شاعري سڄيءَ سنڌ جي ترجماني ڪرڻ لڳي ۽ جھر جھنگ ۽ گهٽي گام ۾ اهو نعرو گونجڻ لڳو هو ته؛ “سنڌ جو آواز- شيخ اياز”. اهو رڳو نعرو نه هو پر دشمن لاءِ للڪار به هو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ جا اثر رڳو روس تي نه پيا پر سڄي دنيا جا سوشلسٽ ان الميي جي اثر هيٺ اچي ويا. پاڪستان ۾ به نه رڳو سياسي پارٽيون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويون پر سوويت يونين جو ٽٽڻ انفرادي طرح به سياسي ڪارڪنن، مفڪرن، اديبن جي ذهنن اندر به نظرياتي اٿل پٿل پيدا ڪئي. شيخ اياز به ان سانحي کان پوءِ هڪ نظرياتي ڀونچال جي ور چڙهي ويو، پنهنجي اهڙي نظرياتي اُٿل پُٿل کان پوءِ هن جذبات کي دٻائڻ بجاءِ کليءَ طرح پنهنجو پاڻ کي پڙهندڙن ۽ سنڌ آڏو پيش ڪيو، جنهن تي مٿس تنقيدن جا تير وسڻ شروع ٿي ويا. اها تنقيد تڏهن وڌيڪ قابل قبول هجي ها، جيڪر ان جا بنياد نظرياتي هجن ها، پر اها تنقيد گهڻي ڀاڱي شيخ اياز جي ذاتي ڪردار ڪشيءَ تي مبني هئي، جنهن جي ڪري اها پنهنجي افاديت وڃائي ويٺي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته شيخ اياز تي تنقيد انهن ماڻهن ڪئي، جيڪي خود ڪردار جي حوالي سان نهايت ڪمزور هئا. ٻيا اهي هئا جن شيخ اياز جھڙي وڏي شاعر تي تنقيد ڪري پنهنجو قد وڌائڻ پئي چاهيو ۽ ٽيان اهي هئا جيڪي خود سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ سوشلزم تان هٿ کڻي ويا. ان وقت ته منهن جي پڪائيءَ سان اخلاقي جرئت نه هجڻ ڪري ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪندي اعتراض نه پئي ڪيو پر اڄ اهي ماڻهو کليءَ طرح وائکا ٿي چڪا آهن. شيخ اياز جي نظرياتي تبديليءَ تي تنقيد ڪندڙ سوشلزم جي دعويدار هڪ مفڪر جماعت اسلامي جي رسالي کي انٽرويو ڏيندي سوشلزم جي روح کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوئي آهي ڪوئي آهي

جيڪو سچ چوي

ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائنڻ تان

جيڪو گهونگهٽ لاهي

ڪوئي آهي (اياز)

هتي اها ڳالهه به مان رکڻ چاهيندس ته ڀلا اڄ تائين ڪنهن انگريز ليکڪ جي ڪا اهڙي تحرير پڙهي آهي، جنهن ۾ شيڪسپيئر جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي هُجي! ڪنهن جرمن رائيٽر جي اهڙي تحرير ٻڌايو، جنهن ۾ گوئٽي کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هجي يا رشيئن ليکڪ جي اهڙي تحرير ٻڌايو، جنهن ۾ ٽالسٽاءِ کي ذاتي طور ننديو ويو هجي؟ جي جواب نه ۾ آهي ته پوءِ اسان پنهنجي هيروز کي زيرو بڻائڻ جي چڪر ۾ ڇو آهيون؟ رڳو پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ!!؟ عجب آهي جو اياز جي ڀيٽ قاضي قادن سان ڪئي پئي وڃي! کيس قابل نفرت بڻائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن سندس گيت نوجوانن جي ڪٿي گونجار نه بڻجي پون! ستم اهو جو ان لاءِ اسٽيج به وري ادبي سنگت جي استعمال ٿئي!

شيخ اياز هڪ انسپائريشن آهي! ڪجهه سال اڳ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس پروسيڊ ڪرڻ وقت جسٽس صاحب کي جڏهن سندس شعر:

سوريءَ تي منصور ڏسي

جي روئيندين به ته ڇا!

هاڻي سچ جو ساٿ نه ڏيندين!

پڇتائيندين!

پاڻ پيو پوءِ لوئيندين به ته ڇا!

ٻڌايم ته جسٽس صاحب شيخ اياز بابت سوالن جو طويل سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو! سندس سوال هئا ۽ منهنجا جواب! ڳالهه جو مقصد صرف ۽ صرف هي آهي ته اياز جي شاعري ڪهڙي وقت ۽ حالت ۾ اڇل ڏيئي ٻاهر نڪري اچي ٿي!

هاڻ اياز تي سرڪار جي خرچ تي ميلا به مچن ٿا! ڪروڙين روپيا خرچ ٿين ٿا پر اياز جي وجدان تي جيڪا تحقيق ۽ تعريف جي ضرورت آهي، اهو ڪم بنهه ٿيندي نظر نٿو اچي! اسين شيخ اياز ڏانهن چاهي ڪهڙو به رويو رکون پر شيخ اياز ته پاڻ کي پنهنجي عظيم شاعريءَ ذريعي امر بڻائي چڪو آهي. هن جا سونهن، سچ ۽ فطرت بابت خوبصورت شعر هميشه زنده رهندا. شيخ اياز کي ته پنهنجون ئي امر سٽون ارپي سگهجن ٿيون؛

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جا دنيا کي جاڳائي ٿي

جا هر ڪنهن کي بدلائي ٿي!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


اياز جي شاعريءَ ۾

رومانويت، انسان دوستي ۽ وطنيت

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

شيخ اياز مبارڪ علي ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس شروعاتي تعليم سکر مان ٿي، پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪيائين. اڳيان هلي وڪالت جو امتحان پاس ڪري وڪالت جي پرئڪٽس ڪرڻ لڳو. ۱۹۷۶ع، کان ۱۹۸۰ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو. وري سکر ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا ڏينهن ڪٽيائين.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر شيخ اياز نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لاجواب لکيو. شاعريءَ ۾ وائي، گيت، بيت، چئوسٽا، نظم، دوها، قطعا، نثري نظم، هائيڪا، ترائيل ۽ غزل لکيائين. کيئلداس ‘فاني’ سندس شاعريءَ جو استاد هو، جنهن کيس سندس پهريون شعر ڏسي همٿايو. اياز، فانيءَ جي مجموعي “سمنڊ سمايو بوند ۾” جي مهاڳ ۾ ساراهه ڪندي فانيءَ لاءِ احترام وارا جذبا اظهاريا آهن. نثر ۽ نظم ۾ لکيل اياز جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو ۷۰ کان مٿي آهي. اياز ڪلاسيڪل شاعري، خاص طور قومي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر طور مشهور آهي، جنهن جي شاعريءَ ون يونٽ خلاف جهنگل ۾ باهه جو ڪم ڏنو. نه فقط سندس شاعري پنهنجي آب و تاب سان چمڪي پر ون يونٽ جون زنجيرون پڻ ڀورا ڀورا ٿي ويون. ايوبي آمريت دوران سندس ٻن شعري مجموعن ۽ هڪ نثري ڪتاب جي “ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”، تي بندش وڌي وئي. هن جيل به ڀوڳيا.

اياز انيڪ موضوعن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. رومانويت، انسان دوستي، وطن دوستي، انقلابيت، مزاحمت، غربت، ڏک سک، امن ۽ ڪيترائي موضوع آهن. موضوعن جي تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ اهو ڄاڻائينديس ته، اياز جي شاعريءَ کي سندس حياتيءَ جي حوالي سان ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي: جوانيءَ وارو ابتدائي دور، جنهن ۾ هن عشقيه شعر چيو. وچوارو دور، جنهن ۾ هن سنڌي قوميت جو پرچار ڪيو، انقلابي ۽ مزاحمتي شعر چيو. ٽيون سندس آخري دور آهي، جنهن ۾ هو حياتيءَ جي اسرار سمجهڻ کانپوءِ خالق حقيقيءَ ڏانهن رجوع ٿيو.

اياز جي شاعريءَ ۾ رومانويت

اياز جي رومانوي شاعري منفرد نموني جي آهي، هن رومانوي شاعريءَ جي روايت کي نئون رنگ ۽ روپ ڏنو آهي. مينهن جي مند ۾ محبوب کان سواءِ هجڻ تي مينهن کي ميارون ٿو ڏئي:

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻ،

ساجن کي به ته آڻ.

موتئي جي مهڪار هوا ۾، ساري ڀري سرهاڻ،

ساجن کي به ته آڻ.

جمالياتي احساس سندس شاعريءَ جو اهم محرڪ آهي:

ڪارا ڪڪر اڀ ۾ وسڪارو ۽ وڄ،

منهنجا مٺڙا هن گهڙيءَ، ڇاتيءَ کان نه ڇڄ،

مون سان بيهي ڀِڄ، برساتين ۾ برهه جي.

انسان دوستيءَ جو موضوع اياز جي مڪمل شاعريءَ ۾ موجود آهي. هو ڪنهن کي به ڏکيو بکيو ڏسي نٿو سگهي. “بک بري ديس جي، بک بري ديس جي”، جي سڏ وانگر هو هر مظلوم جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي ٿو. سڄيءَ انسانيت جي ڏکن ۽ بکن کي مڃيندي چوي ٿو ته حسن ۽ عشق به ڪجهه ڪونهي، جي پيٽ ۾ ڪڻو نه آهي.

سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولها،

ڍؤ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جو.

استحصالي ٽولن جو مخالف اياز مظلومن جو آواز آهي.

آئون اوهان سان آهيان دکي انسانو!

جيسين ڊهي ڍير ٿيئي، ظالم زمانو.

اياز فطري صداقتن جو شاعر آهي. هن ڪائنات جي حقيقتن کي عيان ڪيو. سندس فڪر ۾ سچ جا اولڙا آهن، ڇو جو سچ ئي فطرت جو قانون آهي. هو مظلوم ۽ محڪوم جو ساٿي آهي.

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽو،

مون ايئن سمجهيو، ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

مطلب ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو محور انسان ۽ انسانيت آهي.

وطنيت، انقلابيت ۽ مزاحمت جي شاعري

اها شاعري اياز جي وچئين دور جي شاعري شمار ٿئي ٿي. جيئن ته شاعري حساس جذبن جو نالو آهي ۽ هڪ سچو شاعر پنهنجي آس پاس، غير يقيني حالتن ۽ نفسانفسيءَ وارين ڪيفيتن ۾ غلاميءَ جي دورن ۾ لوڇ پوڇ ۾ اچي پنهنجي قوم کي بي اختيار ٿي آزاديءَ جي واٽ ڏي سڏيندو آهي, بغاوت ڏي موڙيندو آهي، پنهنجا حق وٺڻ لاءِ اتساهيندو آهي. سندن مئل ضميرن کي جاڳائيندو آهي.

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.

۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو ۽ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ کي چئوکنڀو ٻڌي ون يونٽ جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ ذهني ۽ سياسي غلاميءَ ۾ جڪڙجي وئي. سنڌ جي حقن تي راتاهو هنيو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ادب تي بي سبب بندشون وڌيون ويون. شاگردن سان سختيون ڪيون ويون، اديبن، شاعرن ۽ انقلابين سان جيل ڀريا ويا. تڏهن سنڌ جا اديب ۽ شاعر ڌرتيءَ جو قرض سمجهي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ هڪ ٿي بيٺا ۽ اياز جي انقلابي شاعريءَ سندن سرواڻي ڪئي.

اياز جنهن به شاعريءَ جي صنف کي فني طور ڇهيو، ان کي اوج بخشيو. ڪلاسيڪل صنفن وائيءَ ۽ بيت کي پڻ جدت ڏنائين. بيت جهڙيءَ صنف کي جديد دنيا جي مسئلن جي اظهار طور استعمال ڪيائين. اياز شاعريءَ کي عروض جي وزن کان آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن لفظن جي ٺلهي جوڙجڪ ۽ بي معنيٰ شاعريءَ جي بدران شاعريءَ کي، شاهه لطيف جي تقليد ڪندي سماجي تبديليءَ جو ذريعو بنائي پيش ڪيو. ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ سورن کي ظلم، جبر، بک ۽ ڏک کي دل سان محسوس ڪيو. حقن تي راتاها پيل حياتين کي جيئڻ جا ڏس ڏنا. انقلابن جا عزم ڏنا. جدوجهد جي جستجو سان محنت جي معراج ڄاڻائي زندگيءَ سان پيار سيکاريو. اياز لوڪ گيتن ۾ نواڻ آندي، منجهن سنگيت جون خوبيون ڀريائين، مترنم ۽ دلڪش بنايائين. فڪري طور ڏسنداسين ته اياز سنڌيت جي رنگ ۾ جڏهن رچيو، تڏهن سندس شاعريءَ جو اهو دور جذباتيت جي لحاظ کان انتهائي خطرناڪ، انقلابي ۽ باغي دور هو. انهيءَ وقت هو شاعراڻي فن جي رمزن کان واقف هو. ڪنهن به شاعراڻي صنف جو محتاج نه هو، بلڪه سندس فن هر صنف ۾ روح جو ريلو ٿي سڀ بند ٽوڙي سنڌ جي افق تي چمڪيو. سندس شاعري نئين انداز جي، نون موضوعن جي، لفظن جي نئين سرهاڻ جي هئي. شيخ اياز جي فڪر تي مغرب جي ڪيترن مشهور شاعرن ۽ اديبن جو اثر هو. جو سندس مطالعو وسيع هو. فارسي، انگريزي ۽ اردو ادب جي اهم شاعرن جو ڪلام کيس ياد هوندو هو ته شاهه لطيف، سچل، سامي، خواجه غلام فريد، سانگي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن کان پڻ گهڻو متاثر هو. خاص طور شاهه لطيف سان ته وڏي محبت ۽ عقيدت هيس. کيس پنهنجو مرشد ۽ فڪري رهبر ڄاتائين ۽ جڏهن سندس آخري وقت هو، تڏهن منجهس فڪري طور هڪ مختلف ۽ نئين نموني جي تبديلي آئي، جنهن تبديليءَ ڏانهن کيس سندس علم، مشاهدي ۽ عمر جي تجربي ۽ آخري وقت موڙيو، جنهن تي سنڌ ۾ وڏي واويلا ٿي ته اياز کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪن کيس ذهني مريض پڻ سڏيو. دراصل هو پنهنجي دور جو هڪ جينيئس شخص هو. اهڙيون تبديليون اهڙين شخصيتن ۾ اينديون آهن، جيڪي بظاهر ته اڇوتيون ۽ انوکيون لڳنديون آهن پر انهيءَ جي پويان سندن ذهني ۽ قلبي قوت جو وڏو ڪمال هوندو آهي. ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي ڄاڻ دنيا جي مهان ليکڪن جي فن جو ڳوڙهو مطالعو، مختلف مذهبن جي معلومات، ادب، تاريخ، ثقافت هر موضوع تي دسترس ۽ ڀرپور جيون جيئڻ کانپوءِ جڏهن آخري وقت بيماريءَ سان آيو، تڏهن هر وقت متحرڪ رهندڙ اياز، بيوسي، بيماري ۽ موت جي اچڻ جي احساس هيٺ پنهنجي نظرين ۾ تبديلي آندي، سا فطري هئي. کيس موت جي اڻ ٽر هئڻ ۽ ڪائنات کي هلائيندڙ عظيم قوت جي موجود هئڻ جو يقين پختو ٿي ويو. سندس فڪر ۾ آيل انهيءَ تبديلي تي اڃا گهڻو نه لکيو ويو آهي، پر انهيءَ کي اياز جي آخري وقت جو نئون فڪريا نئون نظريو سڏي سگهجي ٿو.

هن نه فقط ڀٽائيءَ کي پنهنجو رهبر مڃيو پر سندس ڪلام تي به وڌيڪ ڪم ڪيو. چوي ٿو ته،

آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِههَ، منهنجون اکيون،

ڏِس مون تنهنجو ڪينرو ڀوريو ناههِ ڀاءُ،

ساڳيو جوڳَ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.

اهو به چوي ٿو ته،

مون سان منهنجي ڀاڪرين، ٻيهر ڀٽائي،

آئي ڙي آئي، مون گهر باک بسنت جي.

سندس ڪيترن ئي ڪتاب جا نالا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن مان سرجيل آهن. جيئن: “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”، “لڙيو سج لڪن ۾”، “هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن”، “جهڙ نيڻان نه لهي”، “ڪي جو ٻيجل ٻوليو”، “وڄون وسڻ آئيون”، “تون ڇپر تون ڇانوَ”، “ڪونجون ڪرڪن روه تي”، “ڪپر ٿو ڪُن ڪري”، “ڪلهي پاتم ڪينرو”، ”ڀؤنر ڀري آڪاس”، “اڀر چنڊ پس پرين” آهن.

۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي شيخ اياز مڊايسٽ اسپتال ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ۲۹ ڊسمبر تي سندس وصيت مطابق ڀٽ شاهه تي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي وڻن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو. شاعري سندس روح ۾ رچيل هئي. هن مرڻ گهڙيءَ تائين قلم سان ناتو نڀايو. ۶۲ سال مستقل لکيو ۽ خوب ڪارائتو لکيو. سندس پنهنجي لفظن ۾ ته، “مون ۱۲ ورهين جي عمر ۾ شاعري ڪئي، اڄ هاڻ ۷۴ ورهين جو آهيان. مان ته ٽي ٽي ڏينهن ساندهه جاڳي به شاعري ڪندو آهيان. نثر شاعريءَ کان به خوبصورت لکي سگهجي ٿو. شاعري ته الهامي ڪيفيت ۾ لکي ويندي آهي. مان جڏهن بيمار هيس، مون وٽ پنا ختم ٿي ويا ته مون ڊاڪٽر جي ڏنل چارٽ تي به شاعري لکي”.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

چشمِ فطرت جو شاعر

استاد لغاري

هن کان اڳ ڪنهن آرٽيڪل ۾ لکي آيو آهيان، ته “ڊسمبر وڇوڙن جو مهينو آهي.” ڊسمبر جي ۲۸ هين تاريخ، اسان کي اهو ياد ڏيارائيندي آهي، ته “هن تاريخ تي، “شاھ” کان پوءِ، سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر “شيخ اياز” اسان کي الوداع ڪري، وڇوڙي جو وڍ ڏيئي، ڏوراهين ڏيھ هليو ويو هو. “هُو عشق و محبت جي دنيا، گذري به وئي، گذري به وئي. آ ياد جنهن جي باقي سا، گذري به وئي، گذري به وئي. اڄ ياد اوهان جي آئي آ، هر شئي تي ڇانيو نُور مِٺا! صحنِ چمن مان بادِ صبا، گذري به وئي، گذري به وئي.” شيخ اياز هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو سڌو سنئون رازِ ازل سان مخاطب ٿيو آهي. هِن ڌرتيءَ تي انڌير ڏسي، بُک، بدحالي، بيوسي، ظلم، ڪرب، ڏاڍ، جبر ۽ حسرتِ ياس ڏسي چوي ٿو: “تنهنجي تخليق ۾ اڙي خالق! ايترو فرق نيٺ ڇو آهي؟”

شيخ اياز کي جنهن نموني پڙهڻ، پروڙڻ، پرکڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي، ان نموني سان کيس پڙهيو، پروڙيو ۽ سمجھيو ئي نه ويو آهي. هُن کي يا ته مسلڪي ماڻهن پڙهيو آهي، جن انيڪ لقبن سان نوازي، سندس خلاف فتوائون جاري ڪيون آهن. يا ته نوجوانن پڙهيو آهي، جن قوم پرستيءَ جي حق ۾ شعله بياني لاءِ استعمال ڪيو آهي. گھڻي ڀاڱي مون جهڙن ڏڏن جڏن، صرف پنهنجي شوق خاطر پڙهيو آهي، ته انهن کي شيخ اياز پوريءَ طرح سمجھ ۾ ئي ناهي آيو. ڪن سندس آخري دعائون پڙهي، کيس دستار بند مولوي سڳورو سمجھي، ڪنهن مسيت ۾ ويٺل متولي سمجھيو آهي. شيخ اياز ڇا آهي؟ هُن جو شاعريءَ ۾ قد ڪاٺ ڪيترو آهي؟ هُو شاھ کان پوءِ، سنڌ جو وڏي ۾ وڏو فني، فڪري ۽ فلسفي شاعر ڪيئن بنيو؟ اهو ڪنهن کي به پورو پتو ڪونهي. اچو ته خود شيخ اياز جي مطالعي مان معلوم ڪريون، ته ان جو فڪر ۽ فلسفو ڪيترو بلند و بالا آهي؟ هُو چوي ٿو:

غم نه ڪر هِن جهانِ تيره ۾، چاندني! تنهنجو پـاسبـــــان هــــــان مـــــان.

دامنِ تر تي وڃ نه اي واعــظ! چشمِ فطـــرت جو رازدان هــــــان مـــــان.

گرچه ڪک پن هان باغِ هستي جو، پوءِ به تنهنجو ئي آشيان هان مان.

ڪيئي مئخانا پي ويو آهيان، تنهنجي اکڙين جو امتـحـان هــــان مــــان.

ايئن سندءِ آرزو پئي مهڪي، ڄڻ ته مُکڙين جي درميـان هــــان مـــــان.

هڪ اهڙو شاعر جنهن کي هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو پنهنجو به سمجھي ۽ پري به ٿئي، ته اهو صرف شيخ اياز ئي ٿي سگھي ٿو. شاھ، سچل، سامي ۽ ٻيا صوفي شاعر، اهڙا اَمُلھ انسان ٿي گذريا آهن، جن سان هر ماڻهو محبت ڪري ٿو. پر مزو ان ڳالھ ۾ آهي، جو ماڻهو ڪنهن شاعر کان اجتناب به ڪن ۽ انتها درجي جي محبت به ڪن، ته ان کي چئبو آهي “ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ٿيا.” ڪالھ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، جو شيخ اياز جي شاعريءَ تي، ريڊيو پاڪستان تي پابندي هوندي هئي ۽ ان جو نالو وٺڻ گناھ سمجھيو ويندو هو. پر اڄ ان جي نالي، فن، فڪر ۽ فلسفي مان، هر انسٽيٽيوٽ ۽ ادارو استفادو حاصل ڪري ٿو. ڀٽائي رحه به فرمائي ٿو: “ڏُکَ سُکنِ جِي سُونهن، گھورِيا سُکَ ڏُکنِ ري.” اُهي مسلڪي ماڻهو، جن شيخ اياز کي ڪالھ صليبن تي لٽڪايو ٿي، اڄ اُن جي مزار ويجھو ويهي، دعا گھرن ٿا ۽ چون ٿا: “يا رب! هِن ماڻهوءَ جي مُهابي، اسان جون خطائون بخش ڪر.” شيخ اياز چنگ و ربــاب جــــــو چڱو شاعــــــر آهـــــــي، ته سنــگِ صنـــم جــــــو سُــــــونهـــــــون به آهــــــــي. سنڌڙيءَ جي سُورن جو سَنسو به رکــــي ٿـــــــــو، ته مـــجـــــازي محـــــبــــت ڏي مائــــــل بــه آهــــــــي. چشمِ فطرت جو چولـــو چـــــاڪ ڪـــــــري ٿــــــو، ته مسجد، محراب ۽ منبر جو متوالو به آهــــــي. ساقي، سُبو، بادخانه ۽ ڳاڙهي جو ڳولائو آهـي، ته ديـــــر و حــــــرم جــــو ديــــوانــــــــو به آهـــــــــي. هڪ هنڌ لکي ٿو:

مَحوِ حيرت ٿي ويو تنهنجـــو خــــــدا،

رات منهنجي گـــــوشـــــهءِ اصنـــــام ۾.

ڪجھ ته هو جو دار تي ڊوڙي ويس،

زندگـي گــــــذري پــــــــئـــــــي آرام ۾.

شب پرستو! ننڊ مان جاڳـــو، اُٿــــو!

آفتاب آيــو اســـــان جـــــي جـــــــام ۾.

شاعرِ سرمست آهيان، گـرچه هـــــان،

سرمد و منصور عـــــرفِ عــــــام ۾.

سانگھڙ جي نوجوان شاعر ربنواز لغاري هڪ نظم ۾ چيو آهي: “ڀلي خوشيون نه ڏيندو ڪر. ڊسمبر! ڪُجھ ڇڏيندو ڪر. اچين ٿو تون وڇوڙڻ لئي، سدائين جوڙ ٽوڙڻ لئي، کڻي خوشيون وڃين ٿو تون، ڏيئي باهيون وڃين ٿو تون، اسان جا گھر ڪچا ساڙي، جگر، جيرا، پڪا ساڙي، نه ايڏا ڏنڀ ڏيندو ڪر، ڊسمبر! ڪُجھ ڇڏيندو ڪر.” مون کي به ڊسمبر سان شديد شڪايت رهي آهي. ڊسمبر وڏا وڍ ۽ وڇوڙا وجھندڙ ثابت ٿيو آهي. اڄ کان ۲۶ سال اڳ، اڄوڪي تاريخ تي، شيخ اياز اسان کي چُپ چاپ ڇڏي هليو ويو هو. جنهن جو غم و الم اندر ۾ اوتي، اسان اڃان جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهيون. شيخ اياز ڪينري جي تمثيل سان، جڏهن چارڻ سان چار چڱيون ڳالهڙيون ٿي ڪيون، تڏهن اُهي اسان کي صحي سمجھ ۾ ڪو نه ٿي آيون. ڪراڙ جي ڪپ تي، ابدي آرامي فلسفي شاعر جون ٻه ٽي ٻولڙيون، معني! ۽ مفهوم سميت، اڄ آهستي آهستي اسان کي سمجھ ۾ اچڻ لڳيون آهن. اُهي ڳُجھ ڳُجھاندر ڳالهڙيون پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهايو. لکيو هئائين: “اڄ تنهنجي ڪُڙتي ۾ ڪيئي ڪَتيُون جَڙيل آهن ۽ تنهنجي ڪُلهي تي هي ڪينرو چنڊ جيئن چمڪي رهيو آهي. ڪٿي ڌوئي آئين ڌرتيءَ جي ڌوڙ او چارڻ! هو ماڻهو ماڻهو جو ميرو من. هو ديس ديس جي نيتيءَ جو ڪارو ڄارو. جنهن ۾ ڪُوڙ جا ڪوريئڙا، پنهنجا ڄار ڦهلائي ويٺا آهن. ڪيترو نه پري آهي، انهن کان تنهنجو پاند! ڪنهن ڄاتو آهي، ته سماج جي ڪِني ڪَسِيءَ کان دور، سنگيت کير ڌارا ۾ وِهنجندي آهي.”

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



شيخ اياز

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اَمر شاعر!

حسيب ناياب منگي

شڪارپور، جنهن کي شيخ اياز هڪ ذهني ڪيفيت سڏيو، سو ماضيءَ ۾ سنڌ جو پئرس جي لقب سان ڄاتو سُڃاتو ويندو هو، جنهن جو واپار پرڏيهه تائين بُلندين تي پهتل هو. شهر تعليم، صحت ۽ صفائي توڙي امن جي حوالي سان مشهور هو. پيار ۽ محبت وارو شهر پنهنجي مٺڙي سنڌي لهجي جيان مُنفرد هو، جنهن جي لاءِ شڪارپور ڄائي فارسي ڪوي محمد عارف ”صنعت“ اعواڻ پنهنجي هڪ فارسي قصيدي ۾ لکيو ته شڪارپور جنت اڪبر آهي.

خوانند هست جنت اکبر شکارپور،

واز هشت در بهشت نکوتر شکارپور!

(سَڀ ٿا چون آ جنت اڪبر شڪارپور، تسنيم سلسبيل ۽ ڪوثر شکارپور).

شڪارپور اُنهن ڏينهن ۾ هئي به بهشت جهڙي. شڪارپور، جنهن جي لاءِ ديس پرديس ۾ اُهو مشهور هو ته توهان کي خوبصورت باغ ۾ وڃڻ جي ضرورت هُجي ته شڪارپور هليا وڃو. قلات جو رهواسي مرزا احمد علي ”احمد“ جيڪو شاعر به هو، تنهن پنهنجي هڪ فارسي قصيدي ۾ شڪارپور جي تعريف ڪئي آهي ۽ اُن ۾ اظهار ڪري ٿو:

اگر ز روضه ءِ مينو سواد گفتندي،

يقين شدم ڪه همين گلشن شڪارپور است!

(پُڇو جي مون کان ته ڇاهي بهشت جو روضر، يقين آهي يقين گلشن شڪارپور).

شڪارپور جو شاهي باغ به پنهنجي اوج ۽ عُروج ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪونه هو. سَڀني شڪارپورين جي دل ۽ جان سَمجهيو ويندڙ شاهي باغ شيخ اياز جي شاعريءَ جو موضوع به بڻيو:

سرتا شاهي باغ ۾ انبن جي هيٺان،

او شال ٻڌان مان ٽپ ٽپ سانوڻ مينهن جي!

نه صرف شاهي باغ، پر لکيدر، ڪاري نهائين محلي، ڍڪ بازار، هاٿيدر وغيره کي به شيخ اياز ساراهيو آهي. واقعي ئي شڪارپور سنڌ جي مُنفرد شهرن مان هڪ آهي. شيخ اياز جي شعرن جي چاشني کي چکيندي لکيدر، ڪاري نهائين محلي، ڍڪ بازار ۽ هاٿيدر جي ذڪر کي پسي وٺون:

ڌرتي تي ڌرڻو ڪري تيسين شل ترسان،

جيسين ميڙاڪا ڏسان، ”لکيدر“ ڀرسان،

ڇڳل ڪنڊين جان، جيڪي ڇُڙ ڇڙ ٿي ويا!

جنهن مان رستو ٿي ويو، تنهنجي گهر تائين،

”ڪاري نهائين“ وسري- وسري ڪينڪي!

ڄڻ ڪا ”ڍڪ بازار“ آهي تنهنجي جندڙي،

نيٺ ته ويندين پار، سَڀُ ڏي وٺ پٺتي ڇڏي!

وسرن نه گهٽيون ۽ گهر،

تون آن اکين اڳيان، هِن وقت به هاٿيدر!

شڪارپور سُونهن جو شهر آهي، ڪاٺيءَ واري خُوبصورت ڪم سان دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي اُجاگر ڪرڻ وارو شڪارپور شهر ناميارن شاعرن، اديبن، صحافين، واپارين، تعليمي ماهرن، سماجي سُڌارڪن ۽ سياستدانن جو جنم ڀومي آهي، تن ۾ شيخ اياز اُهو گُل آهي، جنهن جون ادب ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اسان کيس ياد ڪندي خدمتن جو اعتراف ڪري رهيا آهيون. شڪارپور جي شيخ محلي ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ شيخ واجد علي وڪيل پنهنجي سياسي ۽ سماجي واقعن جي ڪري گهڻو مشهور هو، اُتي ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي غلام حسين شيخ جي گهر ۾ مبارڪ علي جو جنم ٿيو. شيخ اياز جو پيءُ غلام حسين شيخ لا ايجنٽ هو ۽ شاعري به ڪندو هو. پنهنجي لاڏلي پٽ کي پاڻ سان گڏ گهمائيندو هو، ۽ ڳالهيون هُجن يا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻُڌائيندو هو، پٽ جي تعليم تي ڌيان ڏيندو هو. ابتدائي تعليم لاءِ ننڍڙي مبارڪ علي کي پنهنجي پيءُ ورنيڪيولر اسڪول نمبر ۲ ۾ داخل ڪرايو، جنهن اسڪول کي هاڻي جماڻي هال پرائمري اسڪول ڪوٺيو وڃي ٿو. پرائمري تعليم دوران ئي فارسي جي تعليم ڏيارڻ لاءِ کيس قاضي عبدالغفور وٽ ويهاريائين، ڇو جو اُنهن ڏينهن ۾ عام يا عربي سکيا سان گڏ فارسي جي تعليم به ڏيارڻ لازمي هوندي هئي. سيڪنڊري تعليم لاءِ نيو ايرا هاءِ اسڪول جو انتخاب ٿيو. هِي اسڪول شڪارپور ۾ تعليم جي حوالي سان بُلندين تي پهتل هو، تنهن اسڪول کي هاڻي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول چيو ويندو آهي. مبارڪ علي شيخ اُتي اڃا هڪ سال مس پڙهيو هو ته سندس والد گذاري ويو. پيءُ جي وفات جي صدمي سان گڏ سندس ننڍڙن ڪُلهن تي آيل بار مبارڪ علي مٿان صدمن جو پهاڙ اُڇلايو. پنهنجي همت ۽ والده جي حوصلا افزائي کيس اڳتي آندو. مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۴۱ع ۾ پاس ڪيائين، مئٽرڪ ڪلاس ۾ پڙهڻ کان اڳ ئي شيخ مبارڪ علي اياز شعر چوڻ لڳو هو، سندس ادبي رهبر کيئلداس فاني هو، جيڪو سندس مڪتبي معلم پڻ هو. مئٽرڪ کانپوءِ چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي محمد نعيم ”وجدي“ صديقي ۽ لعل محمد ”لعل“ جهڙا شاعر سندس دوست بڻيا. تن ڏينهن ۾ ڪاليج جي مئگزين کي ايڊٽ ڪرڻ جو بار به سندس حصي ۾ آيو هو. اهڙي طرح هُو پنهنجي اُنهن ٻنهي دوستن سان گڏ لکندو ۽ اڀياس به ڪندو هو. سندن هر روز اُهو معمول هو ته هڪ هڪ ڪويتا لکي شاهي باغ ويندا هئا ۽ اُهو غزل يا نظم هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا. ۱۹۴۳ع ۾ شيخ اياز انٽر پاس ڪئي. ڪُجهه وقت لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت به ڪيائين ۽ تعليم کي به جاري رکندو آيو. شڪارپور مان آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ ”اڳتي قدم“ رسالو جاري ڪيائين، جنهن نه صرف ادبي حلقي ۾ مڃتا ماڻي، پر شيخ اياز جي ادبي حيثيت کي به اُجاگر ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”سفيد وحشي“ به تن ڏينهن ۾ ڇپيو هو. ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪري هڪ طرف وڪالت ۾ پنهنجو ڌيان ڏيڻ لڳو ته ٻئي پاسي شيخ اياز جي هڪ هڪ سٽ سنڌ ۾ انقلاب برپا ڪرڻ لڳي هئي. هُو پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري چُڪو هو. سنڌ ۾ اهڙي ڪا محفل نه هئي، جنهن ۾ اياز يا اياز جو تذڪرو نه هُجي، پنهنجي ادبي صلاحيتن سبب شيخ اياز شهرت جي بُلندين تي پهچندو ويو. سندس ڪلام نوجوانن جي زبان تي ايندو رهيو ۽ ڊائرين ۾ لکجندو رهيو. هُو اسٽيج جي چڙهي سَچ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو:

ڏات وڏي شئي ناهي،

پر سچ وڏي شئي آهي!

جو سچ مچائي مچ،

سو مچ وڏي شئي آهي!

۱۹۵۳ع کان ڪراچيءَ ۾ ۽ ۱۹۵۲ع کان سکر ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. هُن مختلف مُلڪن جا دورا به ڪيا ۽ ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. ۱۹۶۵ع، ۱۹۷۱ع ۽ ۱۹۸۶ع ۾ جيل ۾ به ويو. ۱۳ جنوري ۱۹۷۶ع کان ۲۲ جنوري ۱۹۸۳ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو، جتي سندس ڪيل فيصلا ۽ کنيل قدم اُن وقت سنڌ جي نوجوانن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اهم هئا، پر سندس اُهو دور اڄ تائين گهڻن جي برداشت کان ٻاهر آهي. اُن وچ ۾ شيخ اياز سنڌ جي سَدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام ”شاهه جو رسالو“ اردو ۾ ترجمو ڪيو. سندس تخليقي مواد به هند ۽ سنڌ ۾ ايتري ته مڃتا ماڻي جو سندس ڪلام جو ڌارين ٻولين ۾ ترجمو به ٿيو ۽ ڪيترائي ڪتاب حڪومت جي طرف کان بندش هيٺ به آيا.

مون هند ڏٺي سنڌ ڏٺي سچ چوڻ لاءِ،

هڪ شيخ اياز آ ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ!

شيخ اياز ۹۴-۱۹۹۳ع ۾ ڏيڍ سال کن ايڊيٽر به ٿي رهيو، جتي سندس لکيل ايڊيٽوريل به ادبي حلقي ۾ مڃتا ماڻي چُڪا آهن. اُن کانسواءِ نثر توڙي نظم ۾ سندس تحرير ٿيل ۵۳ کان مٿي ڪتاب سنڌي ادبي جي دامن ۾ گلاب جي گل جيان لڳندا آهن. ۲۳ مارچ ۱۹۹۴ع تي حڪومت پاڪستان طرفان ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ”هلال امتياز“ سان به نوازيو هو، هُن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين گهرواري زرينه شيخ سان آخري وقت تائين گڏ رهيو، تنهن مان کيس انيس اياز، سليم اياز، ياسمين، روحي ۽ نگهت، ٻي گهرواري اقبال بيگم مان، جنهن کان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي جدا ٿي ويو هو، اولاد: مونس اياز، سرمد اياز ۽ ڊاڪٽر وينگس اياز آهن. شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو، کيس باغي شاعر ڪوٺيو ويندو هو. سندس شاعريءَ کي ئي سنڌي ادب ۾ خاص حيثيت حاصل ناهي، پر شيخ اياز جون لکيل ڪهاڻيون به سنڌي ادب ۾ خاص مقام جون حامل آهن. هُن جو مطالعو ۽ مشاهدو ايترو ته وسيع رهيو جو اياز گهٽ وقت ۾ اُهو گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جيڪو ماڻهو صدين تائين به ڪين ڪري سگهندا آهن. سندس پيغام سان سنڌ جو ٻار ۽ نوجوان، پوڙهو يا عورت ايترو ته متاثر ٿيا جو اياز جي وائي هر ڪنهن جي وات تي اچڻ لڳي. اُهو ئي سبب آهي جو هند يا سنڌ ۾ شيخ اياز جي ادبي حيثيت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. هُن جي جوت مان اڄ تائين گهڻا ئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ اهڙو سلسلو ايندڙ وقت تائين جاري رهندو. شيخ اياز اڳ جيان اڄ به مُنفرد مقام ۽ اعليٰ حيثيت سان پنهنجو پاڻ مڃرائي رهيو آهي:

تون جي مون کي ڪونه مڃيندين،

مون کي ڪا پرواهه نه آهي!

آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،

مون تي ميڙو مچڻو آهي!

شيخ اياز ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، وصيت هئڻ باوجود به مرحوم کي شڪارپور بدران آلين اکين سان ڀٽ شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شيخ اياز جي حياتيءَ توڙي وفات کانپوءِ فن ۽ فڪر تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر پوءِ به سندس شاعريءَ جي اڀياس ۾ مختلف پهلوئن تي اڃا به لکي سَگهجي ٿو. سندس هيٺ ڪلام پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو:

الائي وري رات ايندي نه ايندي،

اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي!

ڀلي ڏي نه ورندي تمنا نه ورندي،

پئي دل اسان جي اوهان کي سڏيندي!

بهار آيو آهي اگر تون به آئين،

گلن سان محبت به جهولي ڀريندي!

سدا تنهنجو حسن و حيا ياد ايندو،

وري دل نه ٻي ڪا مکڙي پٽيندي!

وري تنهنجي در تي ”اياز“ آيو آهي،

سندس اک نه ٻي ڪا به چانئٺ چُمندي!

 

(ڏھاڙي ڪوشش حيدرآباد ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) 




شيخ اياز

(رُت بدلي او! - اسٽيٽسڪو جو انڪاري هڪ عالمگير شاعر)

اسحاق سميجو

شيخ اياز کي جيڪڏهن اسين رڳو هڪ شاعر طور به وٺون، ۽ سندس ٻئي غير معمولي تاريخي ڪردار کي في الوقت پاسي تي رکون، تڏهن به هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي جيترين نين فني ۽ فڪري حُسناڪين ۽ دلڪشين سان ڀريو آهي، سو کيس سدا حيات رکڻ لاءِ ڪافي آهي. عنات، ڀٽائيءَ، سچل، سامي ۽ خليفي نبي بخش کان پوءِ، سنڌي شاعري پنهنجي ڪلاسيڪل فني روايتن کان جهڙوڪ مُنهن موڙي چڪي هئي. درگاهن سان لاڳاپيل اهي شاعر، جن کي فقط ’ڪافي‘ لکڻ ڪري، ’صوفي شاعر‘ سڏيو ٿي ويو، تن ۽ سگهڙن ئي هڪ حد تائين پنهنجي شاعريءَ جي اصلوڪي رنگ ۽ سڀاءَ سان نڀائڻ جي جهڙي تهڙي ڪوشش پئي ڪئي. جڏهن ته مستند، استادالشعراءَ، تاج الشعراءَ، غالبِ سنڌ ۽ حافظِ سنڌ سڏجندڙ شاعرن جو سمورو زور پنهنجي فارسي داني جو دهمان ويهارڻ، گهڻي مان گهڻا بحر استعمال ڪري، پنهنجن شاگردن کي متاثر ڪرڻ ۽ بنا نُڪتي مسدس، مسمط ۽ مثنويون لکي، هڪ فضول ۽ بي معنيٰ شعري ڪاريگريءَ تي وقت صرف ڪرڻ تي هو. ايئن به نه آهي، ته اياز کان اڳ ۾ ڪلاسيڪل روايتن کي ڪنهن شاعر نئين سر ڇُهيو ئي نه هيو يا انهن طرف ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويو هو. بيت ته اياز کان اڳ ۾ ڪشنچند بيوس به نئين سر لکي چڪو هو، ۽ بيت کي روايتي سسئي ۽ سهڻيءَ وارن قصن ۽ داستانن کان ٻاهر آڻي، منجهس پنهنجي دور جي موضوعن کي شامل ڪرڻ جو ڪم به هو بخوبي سرانجام ڏئي چڪو هو، پر سچي ڳالهه اها آهي ته بيت کي جيڪڏهن اياز جا پارس هٿ نه ڇُهن ها، ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئين زندگي نه ماڻي سگهي ها. اياز ان ۾ گوناگون موضوع ئي نه آندا، منجهس همعصر زماني جي ٻولي ۽ ڪردار به کڻي آيو. هن بيت کي نظم وانگر هر موضوع ۽ مضمون لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جي ڪلاسيڪل فارم کي قائم رکندي، منجهس قافين رديفن، ترڪيبن تشبيهن، تمثيلن ۽ لفظي تڪرارن جا سهڻي کان سهڻا مثال قائم ڪيا. هن بيت جي ڪلاسيڪل گُڻ تجنيس حرفيءَ کي به ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو، جنهن سان بيت جي تخليق ۾ ٻيڻو ٽيڻو اضافو ٿئي ٿو. اياز بيت جي انفرادي فني سٽاءَ ۽ قافيي جي منفرد ترتيب کان به گهري نموني واقف هو، ان ڪري ئي هن پنهنجي هن ورثي جي شعوري طور وارثي ڪئي. هو پنهنجي پهرئين مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو: ”بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم-قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي.“(۱) هنن سٽن ۾ اياز بيت سان محبت ۾ ڪجهه مبالغي آرائيءَ جو شڪار ٿو ڏسجي، ڇو ته بيت خود دوهي ۽ سورٺي جو ميلاپ آهي، جيڪي اسان کان اڳ ۾ هندي شاعريءَ ۾ موجود آهن. سورٺي جي ٻنهي سٽن ۾ قافيو وچ ۾ ئي استعمال ٿيندو آهي. گڏوگڏ شعر ۾ رواني ۽ ترنم جو تعلق سٽن ۾ ماترائن جي ترتيب سان آهي. بيت کي پڙهندي، وچ ۾ ساهي لازمي طور پٽڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهرئين پد ۾ ۱۰ ماترائن کان پوءِ هڪ ڇڙي ماترا ان جي روانيءَ کي ڌڪي ٿي- ان ڪري هم آهنگي ته پنهنجي جاءِ تي، بيت ۾ رواني ۽ ترنم ٻيءَ هر صنف کان وڌيڪ هجڻ بحث طلب آهي. اياز ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعريءَ ۾ بيت جي نئين سر بحالي ٿي چاهي، شايد تنهن ڪري ئي ان جي حمايت ۾ اهو ڪجهه به لکيو اٿس.

اياز پنهنجي ڪلاسيڪل روايت کي جدت سان ڳنڍڻ جي ڏس ۾ رڳو بيت جو ئي سهارو نه ورتو، پر هن وائي، لوڪ گيت، دوهن ۽ ڏيڍ سٽن (سرائڪي-پنجابي ماهين جي طرز تي لکيل) کي به ڪم آندو، ته گڏوگڏ آزاد نظم، نثري نظم، منظوم ناٽڪ جهڙين صنفن کي به ان قابل بڻايو جو کانئس پوءِ ايندڙ شاعرن توڙي سندس همعصر شاعرن سندس پيروي ڪئي. اياز جي دوهن ۾، جيڪي هن جي پهرئين ڪتاب “ڀؤنر ڀري آڪاس” ۾ شامل آهن، موضوعن جي ندرت ۽ ٻوليءَ جي سلوڻائي ۽ ميٺاڄ ڪمال جو آهي:

کاڻي هير، وساڻو رانجهو، سارو ’جهنگ‘ تباهه،

رک ۾ پنهنجون ڪافيون ڳولي، ويٺو وارث شاهه!

..

ويو وسامي ’سامي‘، هن جي رلي پئي اڄ رک،

ڪنهن ۾ ناهي پيار پرينءَ جو، ڪنهن ۾ ناهي پرک!.

..

شال کسي مان تو تي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ،

.... هاءِ، پکيئڙا پيارا پيارا، اڏري ويا نادان!

هي دوها، ڪنهن به صوفي شاعر جي دوهن جو گهڙيٽو ئي رکن ٿا، انهن ۾ مواد، ٻولي ۽ فڪر پنهنجي دور جي ٻرندڙ زندگيءَ سان واسطو رکي ٿو. ايئن اياز پنهنجي ڪلاسيڪل شعري گهاڙيٽن جو ئي نه، فني مهارتن جو به مثالي استعمال ڪيو ۽ هڪ اهڙو تخليقي ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن کي سنڌيءَ جو ”نئون ڪلاسڪ“ سڏيو ويو.

هوڏانهن فڪر ۽ خيال جي سطح تي به اياز بلڪل نين واٽن جو مسافر بڻجي آيو. هن کي چڱيءَ ريت خبر هئي، ته فارسي آميزي شاعري هاڻ پنهنجي سموري نواڻ ۽ تازگي ختم ڪري، فارسي زدگي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ان ۾ ڳالهين ۽ خيالن جي ورجاءَ منجهس فرسودگي پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري هاڻ اهو ئي رنگ گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندو. تنهنڪري هن پهريون ئي ڪم اهو ڪيو، ته ان کان مڪمل واقفيت حاصل ڪري، ان جي جهان جو حصو بڻجي، فارسي شعري روايت کان چڱيءَ ريت آگاهي حاصل ڪري، ان جي يڪ رنگي ۽ غلبي خلاف احتجاج جو جهنڊو بلند ڪيو. ”ڪلهي پاتم ڪينرو“(۱۹۶۳ع) تائين ايندي، هن غزل ۾ ايتري ته موضوعاتي جدت ۽ ٻوليءَ جي پنهنجائپ ۽ اصليت پيدا ڪري ورتي، جو روايتي حلقن ۾ ڇرڪ پئجي ويا. تغزل جي پرلوڪ پڌارڻ جي رڙ و رڙ پئجي وئي. فارسي جبو پهريل غزل، سنڌ جي گيڙو رتي ڪفني اوڍي، نئون جنم وٺي بيٺو. موضوع ته ايترا نرالا ۽ خطرناڪ، جو سنڌي شاعريءَ جو رخ ئي تبديل ٿي ويو.

پنهنجي سياست باد-فرنگ،

ڪوڙهي پوڙهيءَ رنڊيءَ جو.

مذهب ويٺو پاڻ مَکي،

چوراهي تي آ چڪلو.

-

دير و حرم ۾ هانءُ منجهي،

اچ اچ ٻاهر کاءُ هوا.

ڪنهن جي مسجد، ڪنهن جي بانگ؟

ٺاهه ٺڳيءَ جا، هاهاها!

...

او ڌرتي، او گرڀ وتي،

ڏسجي، نيٺ ته ڄمندو ڇا!

شايد ڪوئي نئون انسان،

شايد ڪوئي نئون خدا!

-

هي ڪفر کان ڪڙي آ، اسلام کان بڙي آ،

تون پيءُ، جيءُ، ڀر ڀر، اي گهوٽ هيءَ گهاٽي!

-

ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان!

توکي ڪهندو، تنهنجو ڀاءُ.

اندر سِيخون، ڪوٽ-ڪڙا،

ٻاهر ڪونجون، هير-هڳاءُ!

او زندان جي ڪاري ولهه،

تو ۾ آهيان آءٌ الاءُ!

رَت ۾ لت پت پنهنجو موت،

ڄاڻان ٿو، پر منهنجي ماءُ:

منهنجي من ۾ آ منصور،

سُوري جنهن جو جيءُ جڙاءُ!

هيءَ شاعري، روايتي داخلي ۽ رومانوي طرز جي غزليه شاعريءَ کان بلڪل جدا مڪتب جي شاعري آهي. پنهنجي دور جي سياسي ۽ شعوري بٺيءَ مان پچي نڪتل شاعري آهي، جنهن ۾ درد جو گهرو احساس ۽ ٻوليءَ جي حسن جو نرالو ذائقو ۽ سواد نظر ايندو. اياز کان اڳ ۾ سنڌي غزل ڪا سڃ جي دنيا نه هئي، پر ”هي ڳاٽ، ڳاٽ ناهي، آ ڏِيلَ تي ڏياٽي“ يا ”رت ۾ لت پت پنهنجو موت“ جهڙي ادراڪ کان وانجهيل هو. اياز مٿس اهڙن موضوعن جو دروازو کولي، سنڌي غزل کي نئين دور جون ذهني گهرجون پوريون ڪرڻ جي اهل بڻايو. اڳوڻو غزل ”دل جي ڳالهه“ هيو، اياز ان تي ذهن جي حڪومت قائم ڪئي. جذبي تي شعور کي فوقيت ڏني. داخلي موضوعن تي خارجي موضوعن کي اهميت ڏئي، هن صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي آواز کي هڪ ترقي پسند شاعر جو آواز بڻايو. البته ان لب لهجي ۽ انداز ۾ اها روايتي غزل واري نفاست يقينن قائم رهڻ ممڪن نه هئي، جنهن جي عام طور غزل مان توقع رکي ويندي آهي.

هن مقاميت ۽ علائقائي موضوعن کي به ڳايو، پر پنهنجو پاڻ کي عالمِ انسانيت جي شاعر طور به ڏٺو. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعري آفاقي ۽ عالمگير موضوعن سان سينگاريل نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جا موضوع ۽ ڪردار به عالمگير آهن، پر اهي بنيادي طور، سنڌ سان ئي تعلق رکن ٿا. فقط ’ڪيڏارو‘ ئي هڪڙو سُر آهي، جنهن ۾ سنڌ کان ٻاهر جي هڪ سانحي، ڪربلا ۾ ٿيل ڪِيسَ کي ظلم خلاف وڙهڻ ۽ حق لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي تمثيل طور ڪتب آندو اٿس. وڻجارا به ڀلي ته سموري دنيا گهمندا رهن ٿا، پر اهي سنڌ جا مقامي ۽ اصلوڪا ڪردار آهن. اياز دنيا جي مظلوم ۽ پيڙيل طبقن سان گڏ محڪوم ملڪن جي آزاديءَ ۽ اتي وڙهندڙ انقلابي ڪردارن کي فنڪارانه ٽربيوٽ پيش ڪري، سنڌي شاعريءَ کي عالمي ادبي جاتيءَ جو حصو بڻايو. اياز کان پوءِ ئي سنڌيءَ جا شاعر دنيا جي سياسي اٿلن پٿلن، اتي ٿيندڙ انياءَ ۽ جبر کي به هڪ موضوع طور اختيار ڪرڻ لڳا. اياز جي وچين دور ۾ هن جي انقلابيت ان درجي کي پهتل آهي، جڏهن هو پنهنجي دور جي دهشت پسند انقلابي قوتن جي حمايت کي به جائز سمجهندو هو، البته آخر ۾ هو پاڻ انهن جو سخت مخالف بڻجي ويو هو.

هي بيت اٿئي، هي بم گولو،

جيڪي به کڻين، جيڪي به کڻين.

مون لاءِ ٻنهي ۾ فرق نه آ،

هي بيت به بم جو ساٿي آ.

جنهن رڻ ۾ رات ڪيا راڙا،

تنهن هَڏ ۽ چم جو ساٿي آ.

هن بيت سڄي ڦهلاءَ مٿان،

جا ضرب هنئي، سا ڪاري آ.

هي بيت انهيءَ انياءَ مٿان،

بيدرديءَ سان بمباري آ.

جو ماني تنهنجيءَ پنڊيءَ مان،

هر روز ڪتن جي وات وجهي،

۽ تنهنجا گيت ڇني توکان،

ننهن کوڙي تنهنجي نڙگهٽ تي،

هي بيت ڪپهه جو بيت نه آ،

مون ان ۾ رُڪ ڀريو آهي!

...

هن ڪيئي قلعا مسمار ڪيا،

انڌير نگر جي برجن تي،

مون ان سان ڪيئي وار ڪيا.

هي بيت اٿئي، هي بم گولو،

جيڪي به کڻين، جيڪي به کڻين!

اياز جي هن قسم جي نظمن تي پروپيگنڊه جو به الزام لڳو، جو اهي نج سياسي نوعيت جا نظم هئا. پر انهن ۾ موجود فني عنصرن ۽ شعري حسن کان انڪار به ممڪن نه آهي. پر ڇاڪاڻ ته هي موضوع عام روايتي حسن، عشق ۽ فطرت جي رنگينين سان وابسته نه آهن، تنهن ڪري انهن ۾ روايتي تصور تي ٻڌل نزاڪت ۽ نفاست جي ڳولها به اجائي هئي. محمد ابراهيم جويي مطابق، ”ادب جو انقلاب سان ساٿ ۽ ان لاءِ بهترين پروپيگنڊه ٿي ڪم اچڻ فقط ان صورت ۾ ممڪن آهي، جو ادب پهريائين ادب هجي. عالمي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي زنده سالار مائوزي تنگ، چيني اديبن جي ينان ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ’فن جيسين پهرين فن نه آهي، تيسين اهو پروپيگنڊه جو اهل ٿي نٿو سگهي.‘ اياز جي فن کي سنڌي قوم جي انقلابي تحريڪ لاءِ بهترين پروپيگنڊه جي اهميت انهيءَ ڪري ملي آهي، جو اهو پهرين فن آهي، پروپيگنڊه پوءِ آهي.“ (۲) اياز پنهنجي دؤر جو سڀ کان سُجاڳ ۽ باشعور شاعر هو. جيڪو نه رڳو عالمي ۽ علائقائي تاريخ کان چڱيءَ ريت واقف هو، پر هُو پنهنجي دور جي حالتن تي به گهري نظر رکندو هو. هُو هن خطي ۽ دنيا جي تاريخ کان چڱيءَ ريت آگاهه هو. سندس ئي دور تاريخ جو ڀيانڪ ۽ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا دور هو، جنهن ۾ ٻي عالمي جنگ لڳي ۽ ننڍو کنڊ ورهاڱي جهڙي دردناڪ ۽ ايذائيندڙ حالتن جي ور چڙهيو. جديد شاعريءَ ۾ هُن جي پيش رو ڪشنچند بيوس ٽائيٽنڪ جهاز جي ٻڏڻ واري واقعي تي بيت لکي، پنهنجو پاڻ کي عالمي برادريءَ جي هڪ فرد طور ڏٺو هو، ۽ اياز هندستان کان لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا کان فلسطين تائين هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن کي ڳائي، پنهنجو تعارف هڪ انسان طور ڪرائيندي، سڄيءَ دنيا کي پنهنجو ديس بڻائي ڇڏيو:

اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان،

منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،

منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي مان آهيان انسان،

”منهنجو هي انجيل، نه منهنجي گيتا يا قرآن،

ڌرتي منهنجي ماءُ، انهيءَ تي آ منهنجو ايمان!“

پگهري ويا زنجير صدين جا، رهه نه اڃا نادان،

اڄ ته ڀڃي ڇڏ، اڄ ته ڀڃي ڇڏ، زور ڏئي زندان،

اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان!

”اياز وٽ شاعريءَ ۾ اسان کي انسانيت جو عالمگير تصور ملي ٿو. هو بين الاقوامي برادري ۽ انسان دوستيءَ جو طرفدار آهي. انسان جو غم هن جو پنهنجو غم آهي. اجتماعي انس کي، انفرادي الفت تي ترجيح ڏئي ٿو. (۳) انفراديت تي اجتماعيت کي ترجيح ئي روشن خياليءَ جي اولين سڃاڻپ آهي. روشن خياليءَ جي اها ئي شمع اياز جي شعر ۾ جابجا جهلڪندي نظر ايندي.

هن جي شاعري سنڌي شاعريءَ ۾ رڳو عالمگيريت ۽ آفاقي قدرن جي ئي پوئواري نه ڪئي، پر ان کي پنهنجي دور جي انسان دشمن نظام ۽ جابرانه حڪومتي سرشتن کي لوڏڻ ۽ ڌوڏڻ جو ڪم به ڪيو. ان لاءِ ”هن نوجوان نسل ۾ مزاحمت جو روح ڦوڪيو. سندس ڪلام جو جادو اهڙو ته ڦهليو، جو سنڌي نوجوان سُڌ ٻُڌ وڃائي نسنگ نروار ٿي بيٺا، تحريڪن جنم ورتو، ويڙهاندون ٿيون، نوجوان مُئا، ڦٽيا ۽ جيلن ۾ پيا. هر تقريب، هر فنڪشن ۽ هر تحريڪ ۾ اياز جو شعر گونجڻ لڳو. هڪ مستيءَ واري ڪيفيت هئي، جيڪا اياز جي ڪلام سڄيءَ سنڌ تي ڇانئي ڇڏي هئي. سندس شعر تي ڇوڪرا بي خود ٿي جهومندا هئا، نچندا هئا ۽ پتنگن وانگي پچندا هئا. هو سنڌ جو راڳي ۽ انقلابي شاعر ٿي پيو.“ (۴) هن پاڻ ئي اهڙي ڪيفيت جي ترجماني ان نموني ڪئي هئي:

ٿي ساري سنڌ اياز نچي،

ڇا ڇم ڇم آندءِ ڇيرن جي!

اياز ساري سنڌ کي رڳو ڇيرن جي ڇم ڇم سان ئي نه نچايو هو، پر هن پنهنجي دور جا ڪيترا ئي بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيا هئا ۽ اڪيلي سر هڪ پوري دور جي جنگ وڙهي هئي. ان جنگ جي نتيجي ۾ هن ايترو ڪجهه سَٺو، جيترو ننڍي کنڊ جي شاعرن مان ورلي ڪنهن سَٺو هوندو. هُن جڏهن چيو پئي:

آءٌ اڪيلو سامهون سَٿ،

خنجر خنجر ڪئي هٿ.

ته اها ڳالهه گهڻيءَ حد تائين درست به هُئي. ’سامهون سٿ‘ ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ وطن دوست فڪر جا دشمن ئي نه هئا، پر انهن ۾ ڪيئي هُن جا بظاهر دوست به هُئا. جن اياز کي ڊاهي، ڪيرائي، هيٺاهون ڪري، پنهنجو قد وڌائڻ پئي گهريو. هن پاڻ لکيو آهي:

”ٽيپو سلطان کي مير صادق مارايو، سراج الدوله کي مير جعفر مارايو. منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيترا ئي مير جعفر ۽ مير صادق آيا، انهن جي وچور اجائي آهي. حضرت عيسيٰ جوڊاس کي پهرين نظر ۾ سڃاتو هو ۽ پنهنجي هڪ ساٿي پيٽر کي چيو هئائين: ”جڏهن عصر جو ڪڪڙ ٽي ڀيرا ٻانگ ڏيندو، تڏهن هي مون کان ڦِري ويندو.“ پر حضرت عيسيٰ ته خدا جو پيغمبر هو، اها ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي ته بُري دوست جي اندر جو ايڪسري ڪري سگهي.

بهرصورت ايتري قنوطيت سان دنيا نه هلندي، دوست تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو، جيستائين هو غدار ثابت نه ٿئي. انگريزيءَ جو هڪ پهاڪو صحيح آهي ته دوستي سِتار جي تار وانگر آهي، ان کي گهڻو تاڻبو ته اها ٽٽي پوندي. ڪڏهن ڪڏهن مون اها تار ايترو تاڻي آهي جو اها ڇڄي پئي آهي، پر گهڻو ڪري اها بروٽس جي خنجر وانگر منهنجي پٺيءَ ۾ اهڙو گهاءُ ڇڏي وئي آهي، جو ڇُٽي نه ٿو ڇُٽي.“ (۵)

بنگال ۾ ڪيل رتوڇاڻ دوران اياز ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ هيٺ مئي ۱۹۷۱ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ اٺن مهينن تائين جيل ۾ بند هو. هن هڪڙو ڏوهه اهو ڪيو هو ته سکر بار پاران اوڀر پاڪستان ۾ ڪيل فوجي ڪارروائيءَ جي حق ۾ ٺهراءُ بحال ڪرائڻ لاءِ گهرايل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هُئي. جيتوڻيڪ هو بار جو صدر هو. ان کان اڳ ۶۵ع واري جنگ دوران هو اڪيلو شاعر هو، جنهن کليل لفظن ۾ جنگ کان نفرت جو اظهار ڪندي چيو هو:

هــــي سـنــگــــرام!

ســامـهـــــــون آ

نــارائڻ شـيــــــام!

هـنـجــا مـنـهـنـجــــا،

قــــول بــــه ســـاڳـيا،

ٻــــول بـــه اڳــيــــا،

هو ڪوتا جو ڪاڪ- ڌڻي پر،

منهنجا رنگ- رتول به ساڳيا.

ڍٽ بــه ســـــــاڳيو،

ڍول بــه ســــــاڳيو،

هانءُ بـــه ســــــاڳيو،

هول بــــه ســــــاڳيا.

هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!

هن کي گولي ڪيئن هڻان مان.

ڪيئن هڻان مان!!

ڪيئن هڻان مان!!

ڪيئن هڻان مان....

هن نظم تي ان ئي زماني ۾ هند جي هڪ رسالي پنهنجي تبصري ۾ لکيو هو:”سنڌي شاعريءَ ۾ صوفين ۽ سنتن جي ان رواداريءَ جي جذبي جي اعليٰ روايت موجود آهي، اياز ان روايت جي نه رڳو نقش قدمي ڪئي آهي، پر اُتم بي باڪيءَ جي جديد اظهار سان اضافو به ڪيو آهي. ڪهڙي سنڌيءَ جو سِر، انسان دوستيءَ جي ههڙي اظهار اڳيان جهڪي نه ويندو؟“ اها جُرئت ۽ اُتم بي باڪي فقط اياز جي حصي ۾ آئي هئي ۽ هن پنهنجي دور جي سمورن رواجن کي ٿڏي، ان ڏس ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو هو. هُن جي اهڙي نظم جا پوسٽر ٺاهي، سڄي ملڪ ۾لڳايا ويا، هن خلاف صحيحون ورتيون ويون، مٿس باغي، غدار ۽ وطن دشمن جا الزام هنيا ويا ۽ پراڻي سکر ۾هن جي گهر تي ”غدار جو گهر“ چئي پٿر اڇلايا ويا. ٻئي طرف اياز جي فنڪارانه انا ۽ ارڏائي ساڳئي اوج تي رهي. ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جي نوٽ بُڪ وارن صفحن ۾، جيڪي هُن جيل جي دوران ئي لکيا، پنهنجي وابستگيءَ کي هن نموني واضح ڪيو:

”مون هميشه سوچيو آهي، ته ڇا شاعر سماج سان ذميدار آهي؟ مون شاعر جي ذميداريءَ کان ڪڏهن انڪار نه ڪيو آهي، پر هن جي ذميداري نهايت وسيع آهي. هن جي ذميداري انسان ذات سان آهي ۽ نه ڪنهن خاص سماج سان، ۽ جي ڪوئي سماج انسانيت جو ويري آهي، ته شاعر ان جو واهرو ٿي نٿو سگهي. ڪنهن به سياڻي سمجهوءَ جي، پاڳل خاني سان ڪهڙي ذميداري ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هو پاڳل خاني جي نيم انوسار هجي؟ جي چريا رنڀڻ لڳن، ته هُو به گلو ڦاڙي رنڀي؟ ڇا، هو ڪُوڙ جي هر ڪنگري ۽ ڪَلس تي سونو پاڻي چاڙهيندو رهي، ۽ اُن جي بي معنيٰ مانڊاڻ کي ڊاهي ڍير نه ڪري؟ جي ڪنهن به سماج سان ذميداريءَ آهي، ته هرعظيم شاعر لاءِ انهي سماج سان بغاوت ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي چارو نه آهي“. (۶)

اياز پنهنجي ان فڪر ۽ نڪتئه نظر ۾ پنهنجي ڪنهن به همعصر کان وڌيڪ واضح ۽ چٽو هيو. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي ابتدائي ڪلام توڙي نثري تحريرن مان

هڪ باغي، نئين دنيا جو سپنو ڏسندڙ، آزادي، انساني ڀائپي، برابري ۽ پُرامن انساني سماج جو خواهشمند ڪلاڪار نظر اچي ٿو. هن ”اڳتي قدم“ ۾ هڪ هنڌ لکيو هو:

”هن سماج جي نظام جو سارو مانڊاڻ اڏايو وڃي ۽ هڪ نئين دنيا ٺاهي وڃي، جنهن جو بنياد ڀائپيءَ، هڪ جهڙائيءَ ۽ آزاديءَ تي هجي.“ (۷) ايئن پنهنجي شروعات ۾ ئي هن پنهنجي فلسفي ۽ نُڪتئه نظر جي وضاحت ڪري، پنهنجي فني مقصدن جي نشاندهي ڪري ڇڏي هئي. هن کي باغي ۽ انقلابي خيال، ويچار، ڪردار ۽ ڪوششون روح تائين متاثر ڪندا هئا. هو حيرتناڪ حد تائين آزادي ۽ انقلاب جي عشق ۾ مبتلا شاعر نظر ٿو اچي، جنهن جي سموري شاعري توڙي زندگي، آزادي دشمن قوتن سان جهيڙيندي گذري وئي. جيتوڻيڪ هن سموري زندگي ڪنهن به مخصوص ازم جي يا نظريي جي پوئلڳي ڪندي نه گذاري، پر جيئن هن پاڻ پنهنجو پاڻ کي ”اناالانس“ جو پوئلڳ سڏيو آهي، تنهن مان سمجهي سگهجي ٿو، ته انسان ئي هن جي سمورن ويچارن جو اصل مرڪز هو. هن شعر ۾ به ان جو کليل پرچار ڪيو.

عشق تنهنجو اياز آهه انسان سان،

هو چون ٿا ته تون نانهه ايمان ۾.

...

اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان،

منهنجو ڪو ئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان،

منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان!

ٻئي پاسي بغاوت، مزاحمت ۽ آزادي هن جا سڀ کان مرغوب موضوع رهيا آهن. جديد دنيا جي شاعرن ۾ ورلي ڪو شاعر هوندو، جنهن آزاديءَ جي حق ۾ ايترو ڪلام لکيو آهي، جو آزاديءَ جو تصور محبوب جي تصور کان به وڌيڪ حسين محسوس ٿيڻ ٿو لڳي. عشق جي شاعريءَ جو مرڪز محبوب جي ذات هوندي آهي، پر مزاحمت جي شاعريءَ جو ڪعبو قبلو آزادي آهي. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ محبت کي ڳايو ويو آهي، تنهن ڪري انسانن وٽ خدا کان پوءِ، ۽ ڪٿي ڪٿي ان کان به اڳ ۾، محبوب جو ذڪر ٻڌجي ٿو. اياز آزاديءَ کي پنهنجي تخيل ۽ تفڪر ۾ ايترو ڳوهيو آهي، جو اها هن جي ڪل ڪائنات بڻجي پئي آهي. هن تند کي تلوار ٺاهيو، ته آزاديءَ لاءِ، ڪوڙ جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڊاهيا، ته آزاديءَ لاءِ، ظالم ۽ ڦورو طبقن سان ويڙهه کاڌي، ته آزاديءَ جي لاءِ، غلاميءَ ۽ محڪوميءَ سان نفرت ڪئي، ته آزاديءَ جي لاءِ-

مون آزاديءَ جي سئن هنئي،

مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هيا يا جادو ها،

زنجير ٽٽا ايامن جا

سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،

اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا!

....

پير ڪڙين ۾، چنگ چپن تي، مَڌ ۾ آلو ويس،

چاهين ڇاٿو، چارڻ؟ توکي چريو چوي ٿو ديس.

....

جنهن تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو،

سو مون تي ظلم ٿيو آهي.

ڪا ٻانهن وڍي، مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن ڪپيو،

سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.

ڪوئي به ڪٺو، جيڪو به ڇرو، جنهن تي به هليو،

سو منهنجي رت- رتو آهي.

جنهن وقت به ڪو مون گيت چيو، هن ڌرتيءَ جو

ڄڻ ڪوئي قرض چڪو آهي!

جيتوڻيڪ اياز زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ اشتراڪيت کي پسند نٿي ڪيو ۽ ان جي رد ۾ هن ڪيترا ئي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو اشتراڪي نظريي جو ئي گهرو اثر هو، جنهن سندس ابتدائي شاعريءَ ۽ فن ۾ نکار پيدا ڪيو ۽ ان کي هڪ دور جي ادب جو ترجمان ۽ نمائنده بڻايو. ادب جي سياسي، سماجي ۽ رهنما هجڻ واري خيال جي حمايت جو پس منظر به سندس اشتراڪين سان ويجهڙائي ۽ انهن جي اثر جو ئي نتيجو هو.

”ادب فقط هڪ زلزلي- ماپ جي اوزار وانگر نه آهي، جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر هڪ قطب نما وانگر به آهي، جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آهي.“ (۸)

...

”مان ڄاڻان ٿو ته اهنسا چڱي آهي، پر هن دور ۾ جتي نه مريادا آهي، نه نياءُ، لهو وهائڻ کان سواءِ به ڪجهه ٿي سگهي ٿو ڇا؟“ (۹)

...

”جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اميد پلي ڇڏي، ان ڏينهن قيامت ايندي. ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪو به ڪارڻ نه رهندو.“ (۱۰)

...

”فاشزم جي دور ۾ سرڪاري ٻوليون حرامي اصطلاح پيدا ڪنديون آهن، جي هر حلالي لفظ کان پنهنجو جائز مقام کسي وٺندا آهن.“ (۱۱)

...

”مان سياسي جانور نه آهيان، پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. سرمد به سياسي ماڻهو نه هيو، پر پوءِ به هو تاريخ جي طوفان ۾ ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو. مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪوئي دارا شڪوه آهي، ۽ ها، ڪوئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي. مان اربندو گهوش نه آهيان، ته پٺ تي موٽي سگهان. مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي. هاڻي پٺ تي موٽ جو سوال ئي نٿو اٿي. پر ڇا منهنجي تقدير ائين نه ٿيڻ گهربي هئي؟ هيءَ شاعري انهيءَ پيڙا جو پڙلاءُ ئي ته آهي، جا سياست مونکي ڏني آهي. جي مان سياست ۾ ڇڪجي نه وڃان ها ۽ پنهنجي قول ۽ عمل سان پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها، ته منهنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان ملي ها، جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي.“ (۱۲)

اياز کي سياسي فڪر جي اڀياس ۽ ترقي پسند سياست سان وابستگيءَ پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو دانشور شاعر ۽ پنهنجي دور تي وڌ ۾ وڌ اثر انداز ٿيندڙ شاعر ٿيڻ ۾ مدد ڏني. هن جي شاعري ٻوڏ وانگر پنهنجي دور جي روايتي قسم جي ادبي نظرين ۽ ويچارن کي لوڙهي ڇڏيو. هن گلن ڦلن، پوپٽن ۽ پکين، لبن ۽ رخسارن، رنگن ۽ هولين جي جاءِ تي گيتن جا نوان قلم پوکيا، ۽ انهن ۾ جيڪي گونچ ۽ مکڙيون کڙي بيٺيون، تن سنڌي شاعريءَ ۾ آزاديءَ، بغاوت ۽ مزاحمت جي سحر انگيز ۽ جنون خيز رنگت ۽ مهڪار پيدا ڪري ڇڏي.

هي گيت ڌياڻيءَ ڌرتيءَ جا

۽ داڻي پاڻيءَ ڌرتيءَ جا

هي گيت لهوءَ جي لڙڪن جا

هي گيت سلهاڙيل سڏڪن جا

هي گيت اڏاڻل ڳيرن جا

۽ آنڌيءَ ۾ آکيرن جا

هي گيت بکايل ٻارن جا

۽ مستقبل جي تارن جا-

درماندن جا، مزدورن جا

۽ کيتيءَ کيتيءَ کورن جا

زنجيرن جا، زندانن جا

۽ لوههُ لڱين انسانن جا

۽ سوريءَ تي سرواڻن جا

هي گيت امر اهڃاڻن جا

۽ جندڙيءَ جي جولانن جا

هي گيت اجهل آزاديءَ جا

۽ ٻانهُن- ٻل آزاديءَ جا

جو ڪيري ڪوٽ غلاميءَ جا

هي گيت انهيءَ هر عاميءَ جا-

اياز پنهنجي دور جو واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجن ويچارن ۽ گيتن سبب بار بار جيل جو منهن ڏٺو. الزام، تهمتون، گاريون، گهر تي حملا ۽ ٻيون اذيتون پنهنجيءَ جاءِ تي، پر هر ڀيري جڏهن ڪنهن نئين گيت، ڪتاب ۽ ويچارن سبب ڪي لانگ بوٽن وارا وڃي، هن جي در تي بيهندا هئا، ته اياز جو گهر ٻيهر عجيب سوڳوار فضا جي ور چڙهي ٿي ويو.

سرديءَ ۾ سنگينون آهن

ورديءَ وارا بوٽ اچن ٿا-

اوٺا پير، پري کان پڌرا

منهنجيءَ چانئٺ تي ترسن ٿا-

هيسيل هانوَ، اٻهرا لڪا

سارا ڀاتي ڏڪ ڏڪ ڪن ٿا-

۽ هو در تي

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا!

”مون ته چيو هو توکي بابا!“

۽ پو ٻوڙا لڙڪ لڙن ٿا-

”اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجهن ٿا!

توکي ديس دروهي ڪوٺي،

ڪوڙا ڪانئر بَڪ بَڪ ڪن ٿا!“

۽ هو در تي

ٺَڪ ٺَڪ ڪن ٿا

ٺَڪ ٺَڪ ڪن ٿا!

ايئن ڪيترا ئي ڀيرا ٿيو، پر اياز جي بغاوت ۽ آزاديءَ لاءِ تڙپ جهيڻي نه ٿي. هن رڳو گيت نه لکيا، پر انهن جي بدلي تعذيرون به سَٺيون. محمد ابراهيم جويي جي بقول: ”اسان جا سمورا ساٿي خود اهي جيڪي بنهه مُهڙ ۾ هئا، سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇُٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا. ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پڻ پنهنجو سينو سپر بنائي بيٺو. پاڪستان جي ۲۳ سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄيءَ تاريخ ۾، نجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني ڪڏهن گهري ويئي ۽ نه ورتي ويئي.“ (۱۳) اياز اها قرباني ڏيئي، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ جنهن نئين روايت جو بنياد وڌو، اها ئي روايت اڳتي هلي ۽ ان پنهنجي دور جي سڀ کان نمائنده ۽ مقبول روش جو درجو حاصل ڪيو.

ان ڏس ۾ هن کي هن جو مطالعو ۽ تاريخي شعور به تمام گهڻو ڪم آيو. جيل دوران لکيل پنهنجي نوٽ بڪ جي ورقن ۾ هن هڪ هنڌ لکيو آهي:

”ٿامس مئن(Thomas Mann) هڪ جرمن يهودي هو. هن ٻيءَ عالمي جنگ کان ڪجهه وقت اڳ هٽلر کي لکيو هو، ’تون پنهنجيءَ پوريءَ قوم کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهيو آهين.‘ اهو خط دنيا جي عظيم خطن مان آهي. پر ٿامس مئن هٽلر جي ڀوَ کان آمريڪا ڀڄي ويو هو ۽ اتان اهو خط لکيو هيائين. کِل جهڙي ڳالهه آهي. لکين جرمن يهودي گئس چيمبر ۾ ماريا ويا، پر ٿامس مئن نه فقط ڀڄي ويو، پر هن کي نوبل پرائيز به مليو.

ائني فرئنڪ به ڀڄي وڃي ها ته شايد هوءَ ٿامس مئن کان به وڏي ناول نويس هجي ها. فن کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻ لاءِ وڏي ڄمار ڪيڏي نه ضروري آهي! هو مارڪسوادي جينيس، ڪرسٽافر ڪاڊويل به ته اسپين ۾ فاشزم خلاف لڙندي جوانيءَ ۾ مئو هو. ڪيڏيون نه سياسي، سائنسي ۽ ادبي صلاحيتون هيون هن ۾! پر ڇا، حق ۽ انصاف جي جنگ کان ڀڄي، ڪوئي به عظيم ادب تخليق ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جي ڪري به سگهي، ته ڇا هن لاءِ اهو سودو سهانگو نه آهي؟ انساني عظمت کان سواءِ فن جي تخليق ڇا ڪبي! ۽ اها عظمت ته انهيءَ گهڙيءَ جي حاصلات آهي، جڏهن انسان ظلم جو مقابلو ڪندي، موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. سچ چوڻ لاءِ پوري زندگي ضروري نه آهي، فقط هڪ گهڙي ڪافي آهي. اها گهڙي پنهنجي عظمت جي مُهر تاريخ تي هڻي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فن کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ زندگي ضروري آهي.

ٽئگور جي فقط ’مالهي‘ لکي مري وڃي ها، ته مها ڪوي نه ٿي سگهي ها. پر ڪانئرتا به ته ڪويتا جو موت آهي. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪوئي ڪانئر به مها ڪوي ٿيو آهي؟ هر عظيم شاعر آزاديءَ جو پروانو هوندو آهي، ۽ پروانو ان تي نه سوچيندو آهي ته هن جي موت وقت شمع ڪيترو نه پگهرجي چڪي آهي!“ (۱۴)

ائني فرينڪ سان مخاطب ٿي، هڪ هنڌ اياز چوي ٿو:

هاءِ يهودي ڌيءُ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،

ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جهڙا مون جيءَ،

روز سُڪايا سيءَ، ڳاڙها گل گلاب جا.

اياز عالمگير انساني قدرن ۽ آزاديءَ ۽ امن لاءِ زندگيون قربان ڪندڙ ڪردارن کي نهايت پيار ۽ احترام سان ياد ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به آزاديءَ جي شمع جو ئي هڪ پروانو هو. جتي جتي به غلاميءَ، محڪوميءَ ۽ محتاجيءَ جو ذڪر هن جي شاعريءَ ۾ اچي ٿو، هن جي ڏات جي ڏيئي جي وَٽ ويئي تهائين اُڀي ۽ اُونچي ٿيندي ٿي وڃي، جنهن جي روشنيءَ ۽ اُهاءَ منجهان هڪ نئين، جرڪندڙ ۽ صاف شفاف سنڌ جي صورت منڪشف ٿيندي نظر ٿي اچي.

جنهن وقت لڪن ۾ لوساٽيل،

انسان ڳلين مان نڪرن ٿا،

جنهن وقت دکن ۾ دونهاٽيل،

مزدور ملين مان نڪرن ٿا،

مان پنهنجي تند تپايان ٿو،

۽ درد دلين مان نڪرن ٿا،

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان!

-

گيت منهنجو ڌرتتيءَ جي دانهن آ،

ڪا ڳڻن واري ائين ڳائي نٿي.

اي ٻڏي! ٻاڪار، ٻانهون هڻ، رڳو،

پريت ڪنهن کي پار پهچائي نٿي.

-

ڪياسين اڀا رَت ريٽا جهنڊا،

وياسين مٺي ديس جي ماڙ ۾.

-

اوندهه اجاربي نه اڳوڻي چراغ سان،

نيزي مٿان اڀار نئون سج نوڪَ ۾.

سنڌي غزل جو اهو لهجو ۽ رنگ، ون ۽ واس، روپ ۽ رنگ فقط اياز جي ئي دَين آهي. غزل جهڙي بظاهر نفيس صنف کي، اياز پنهنجي دور جي خوفناڪ سياسي معاملن جي اظهار لاءِ اهڙي ته حسن ۽ سليقي سان ڪتب آندو آهي، جو خود غزل کان پنهنجو اڳوڻو رنگ وسري ويل محسوس ٿيندو. ايئن لڳندو ته غزل آهي ئي پنهنجي دور جي پيڙا ۽ درد جو آواز. هڪ داخلي صنف کي ان حد تائين خارجي بڻائڻ جو ڪريڊٽ اياز ڏانهن ئي وڃي ٿو.

اياز وٽ سياسي معاملن ۽ تاريخ جو شعور ايترو ته گهڻ طرفو هو، جو هن جي نظمن تاريخ جي ڪيترين ئي ڪوڙين حقيقتن تي منڌيئڙو ڦيرائي ڇڏيو ۽ ”سنڌ جي فتح“ بابت اسلامي مورخن جي هٿ ٺوڪين وضاحتن کي ٺٺول جوڳو بڻائي ڇڏيو. ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۾ هو پنهنجي ڪوتائن جي، راجا ڏاهر جي نياڻين سان ڪهڙي نه حيرتناڪ مماثلت ڪڍي آيو آهي:

راجا ڏاهر!

تنهنجون نياڻيون،

سهڻيون سياڻيون،

ڪنهن هئن آنديون،

مانديون، بانديون!

چيلهه ۾ رسا،

ڇڪبا چوٽا،

اڳتان گهوڙا!

پٺ تان پياريون،

راج-ڪماريون،

ننگيون ساريون!

ها، پر آهي،

پو به انهن جي،

منهن تي نفرت،

عظمت، جرئت!

آهن منهنجون،

ڄڻ ڪوتائون!

جيتوڻيڪ سنڌي شاعري ابتدا کان ئي پنهنجي روايتي طرز فڪر ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند رهي آهي ۽ سنڌ جو قديم سماجّ ان جي رهڻي ڪهڻي، ماحول ۽ معاشرتي ڍانچو، تهذيب ۽ تمدن، سنڌي ماڻهوءَ جي زندگي بخش قدرن سان محبت ۽ گڏيل انساني ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ان جو تاريخي ورثو رهيا آهن، پر اياز اهڙو شاعر هو، جنهن ان سموريءَ تاريخي حقيقت جي وارثيءَ سميت جديد دؤر جي انساني سماج جي گهرجن کي به پورو ڪيو ۽ جديد ترقي پسند سوچ کي اپنائيندي، مثبت ۽ اعليٰ تبديليءَ لاءِ پنهنجي تخليق کي ٻارڻ طور ڪم آندو. هن ئي سنڌي شاعريءَ سان گڏ مجموعي سنڌي ادب کي سڄيءَ دنيا ۾ اُڀريل نين تحريڪن ۽ اُٿلن پـُـٿلن سان واقفيت ڪرائي. هن جي شاعري ڪنهن عام ترقي پسند شاعر وانگر فقط نعريبازيءَ جو شڪار نه آهي، بلڪه ان ۾ تخليق جو حـُـسن ۽ فني خوبيون فڪري گهرائيءَ کان به وڌيڪ گهاٽيون ۽ پختيون آهن.

امير علي چانڊيي جي بقول: ”اياز جو فڪر ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو ۽ گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هو غمِ زندگيءَ بجاءِ غمِ دوران کي ترجيح ڏئي ٿو. اياز ذاتي غمن ۽ سورن جو روئڻو نٿو روئي. ڇاڪاڻ ته سندس زندگي به سنڌ لاءِ وقف آهي. ان ڪري هو اجتماعي مسئلن کي کڻي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري، خاص طور نظمن ۾ انقلاب پسنديءَ جو غلبو نظر اچي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ استحصال پسند ۽ موقع پرست ماڻهن کي موقعو ملي ويو، جيڪي حڪومت ۽ ذرائع پيداوار تي قابض ٿي ويٺا ۽ ڦرلٽ ڪندا رهيا. ملڪ ۾ استحصال پسند طبقو اعليٰ بيوروڪريٽ، فوجي جرنيل ۽ ڪارخانيدار جي صورت ۾ واضح ٿي سامهون آيا. جن ملڪ جي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ٻين اسلام جي ٺلهي نعرن هڻندڙن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ نتيجتن معاشري ۾ طبقاتيت جي ڦوٽ وڌيڪ وسيع ٿيندي وئي. غريب، غريب تر ۽ امير، امير تر ٿيندو ويو، ۽ ٻئي طرف انهن مان هڪ طبقي جي حمايت ۽ مدد ۾ سفيد سامراج پيش پيش هو، جيڪو تجارتي منڊين، امداد، قرضن، نو آبادين، فوجي اڏن ۽ سي آئي اي جي ايجنٽن جي صورت ۾ سرگرمِ عمل هو. اهڙي عوامل اياز کي محنت ڪش، مزدور، هاري ۽ پيڙيل عوام جي حمايت ۾ قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو.“ (۱۵) امير علي چانڊيو، اياز جي مشهور نظم ”مزدور جي ٻار جو گيت“ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو: ”اياز معصوم ٻار جي سوچن کي هن نظم ۾ نهايت فنڪاريءَ سان چٽيو آهي. ’طرو وڏو جو‘ ۽ ’رئو وڏو امان جو‘ ۾ کيس پنهنجي پيءُ ماءُ جي عظمت نظر اچي ٿي. ٻئي طرف ’ڇُرو وڏو ابا جو‘ ۽ ’پيٽ وڏو سيٺ جو‘ هڪ عجيب تلازم پيدا ڪن ٿا. سيٺ جي وڏي پيٽ کي ڏسي، ڇوڪري جو ذهن يڪدم ’ڇُري‘ ڏانهن هليو وڃي ٿو. ’ڇُرو‘ بغاوت ۽ تشدد جي علامت آهي. ان کان پوءِ ٻار اڳتي ڳائي ٿو:

ڳڀا ڳڀا روٽلا

کسي ويو ديس جا

بک بري ديس جي

نک بُري سيٺ جي

پيٽ بُرو سيٺ جو

پيٽ برو سيٺ جو

نيٺ اهو سيٺ جو

پيٽ وڏو ڦاٽندو-

ڇُرو وڏو ابا جو!

’پيٽ وڏو‘، ’سيٺ‘، ’بک‘، ’مزدور‘ ۽ ان جو بک ۾ پاهه ٿيندڙ ٻار ۽ ان جون سوچون، نئين نسل جون سوچون آهن. جنهن جي ذهن ۾ استحصال، ڦرلٽ ۽ هڪ طبقي جي اجاره داريءَ (Monopoly) جي خلاف ايتري شديد آهي، جو اهو نفرتن جو سلسلو ’وڏي ڇري‘ ۽ ’وڏي پيٽ‘ جي تلامذي تائين پهچي چڪو آهي. اياز معصوم ٻار جي طوطلي زبان مان ’ڳڀا ڳڀا روٽلا‘، ’کسي ويو ديس جا‘ ۾ هڪ طرف روٽيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي ته ٻئي طرف نئين نسل جي نظر ۾ ان سموري صورتحال جو پيدا ڪندڙ اهو ئي سيٺين وارو استحصال پسند طبقو آهي، جيڪو ٻئي جي مزدور ۽ محنت جي زور تي دولت ڪمائي ٿو. اياز هن نظم جو ڪلائيميڪس به خوبصورت رکيو آهي، جنهن ۾ جذبن جي شدت جي صحيح عڪاسي ڪئي ويئي آهي ۽ جديد نظم جي تقاضائن کي پوريءَ ريت نڀايو ويو آهي.“ (۱۶) اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ بک، غربت، مفلسي ۽ استحصال جو شڪار ماڻهن جي زندگيءَ جون اهڙيون اهڙيون تصويرون پيش ڪيون آهن، جن کي ڏسي هر سوچيندڙ ذهن ۽ دردمند دل رت جي گرڙي بڻجي وڃي ٿي. ظلم، استحصال ۽ ڦرلٽ سان نفرت ۽ پورهئي سان محبت اياز جي شاعريءَ جو ابتدا کان وٺي مرغوب موضوع رهيو آهي، جنهن جو ڪارڻ به پنهنجي دور جي شعوري وهڪري سان هم آهنگ ٿي، نئين دنيا جي اڏاوت جي سپني کي ساڀيا ڪرڻ جي تمنا آهي. غمِ جانان تي غمِ دوران کي فوقيت ڏيڻ جو اصل ڪارڻ به اهو آهي ته اياز پنهنجيءَ ذات جو سک ۽ خوشي به جڳ جي چرخي تبديل ٿيڻ ۾ ئي ڏسي ٿو. هو رومانوي ضرور آهي، پر داخليت پسند هرگز نه آهي.

تڙڦي ٿي تهذيب اڃا،

ڪيڏو وحشي آ انسان!

ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ،

ساڳيو زر جو آ زندان.

ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ،

هيڻو اڳ جهڙو حيران.

ساڳيءَ سوريءَ تي منصور،

ساڳيو سرمد تي بهتان.

ساڳي گانڌيءَ لئه گولي،

ساڳيو لال لهوءَ سان گيان.

ساڳي چارڻ جي چکيا،

ساڳيو شاعر جو شمشان.

اڄ ڀي ڏات مصور جي،

رت ۾ ٻوڙي کائي نان.

ناگا ساڪي ڪافي ناهه،

سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان!

اياز جنهن زماني ۾ اک کولي، اهو گهڻو ڪري ته، هڪ واضح لڪير تحت ماڻهن جي ٻن گروهن ۾ ورهايل هو. هڪڙا اُهي هئا، جيڪي، چاهيندي نه چاهيندي، ڪنهن نه ڪنهن جنگ جو حصو هُئا ۽ کين ايتري به خبر هئي ته، هو ڪنهن جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ۽ جن سان وڙهي رهيا آهن، تن جو ڏوهه ڪهڙو آهي. ڏکڻ ويٽنام جي سپاهيءَ کي ذهن ۾ رکي لکيل اياز جو هيٺيون نظم، اڄ به دنيا جي لاتعداد ملڪن تي صادق اچي ٿو. صوماليه کان سنڌ تائين، اهڙا سوين واقعا، ڪردار ۽ سانحا آهن، جيڪي اياز جي هن نظم جي روح ۾ سڏ پڙاڏا بڻجي گونجي رهيا آهن:

ڳڀرو ڪيئن ڳڀا ٿئين پٽ!

ڪنهن جي لاءِ مُئين؟

چانڊوڪيءَ جئن تن آ تنهنجو

ڪاري رات ڪفن آ تنهنجو

ڪنهن جي لاءِ مُئين؟

تون به بکايل، هو به بکايل،

تنهن کي ڪيئن ڪيو تو گهايل!

جنهن جي ساڳي ڌرتي ماتا

جنهن جا ساڳيا ڏک جا ناتا!

ڪنهن جي لاءِ مُئين!

اڄ اوڀر جو بکَ وطن آ،

هيءَ بندوق بکئي جو ڌنُ آ-

گوليون ڪيئن وڃايئه پيارا

پنهنجا ڀائر گهايئه پيارا!

ڪنهن جي لاءِ مُئين!

 اها صورتحال عالم کان وٺي علائقي تائين، جيئن جو تيئن موجود هئي. اياز ان صورتحال کي باڪمال فني سانچي ۾ پيش ڪري، پنهنجي دور جي مظلوم ماڻهن جو هڪ نئين سچائيءَ طرف ڌيان ڇڪايو. نظم ”او انسان، او انسان، ڪنهن کي ٿو مارين!“ پڻ ساڳئي درد مان ڪيل ڌوڏيندڙ دانهن آهي. انسان ۽ انسانيت اياز جي شعر جو ڪعبو قبلو آهن. انهن سان شديد محبت هن جي ڪلام جو روح ۽ فڪر جو نچوڙ آهي. سندس مشهور نظم ”هي قابيل/ هو هابيل/ ساڳيءَ ڪک جا ٻئي رهواسي/هڪڙو ٻئي جي رت جو پياسي!“ تي تبصرو ڪندي، امير علي چانڊيو لکي ٿو:”هابيل ۽ قابيل، انساني سماج جا ٻه ڪردار آهن، جن ۾ مفادات جي جنگ جاري آهي. قاتل ۽ مقتول، ٻئي انساني اولاد آهن ليڪن پوءِ به هو هڪ ٻئي جي خون جا پياسا آهن. اياز انهن کي آدميت جو مصحف پڙهڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان کي ستارن جي جهان کان به مٿي جنت تائين ترقي ڪرڻي آهي. اياز جي شاعريءَ جو اهو روپ انسان دوستي ۽ امن جو مظهر آهي. اياز جي اها انسان دوستي ۽ عالمي برادريءَ جو سڏ مذهبي ڪٽرپڻي کان بالاتر آهي. اها همه گير دعوت محض انسانيت تي مبني آهي.“ (۱۷) اياز جي انسان دوستي ۽ ان جي عظمت ۾ ايمان جي حد تائين يقين جو ئي نتيجو آهي، جو هن جي شاعري گذريل سٺ سالن کان به وڏي عرصي کان هر دور ۾، زنده شاعريءَ طور متحرڪ ۽ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي اچي ٿي.

چي گويرا جي موت تي لکيل هن جو نظم ”جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي“ يا دولهه دريا خان جي پٽ جي نالي لکيل نظم”تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾، اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي، تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾“ سندس باغي ڪردارن سان محبت ۽ وابستگيءَ جو بي مثال نمونو آهن. هن کي ”چڙيا گهر ۾ واگهه“ به ان ڪري ئي وڻي ٿو، جو:

”انهيءَ جي وک، انهيءَ جي تک، انهيءَ جي گهُور“ ۾ کيس ڪنهن انقلابيءَ جي ادا ۽ ارڏائي نظر ٿي اچي.

نامور دانشور محمد ابراهيم جويي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي:

”انقلابي شاعر جي دنيا جون ٻه صورتون ٿين ٿيون: هڪ داخلي ۽ ٻي خارجي، ۽ هو هڪ ئي وقت پنهنجي دنيا جي انهن ٻن نظارن منجهه رهي ٿو. داخلي صورت هـُـن جي دنيا جي اُها آهي جتي هو حقيقتن جي تلخيءَ کان بيزار ٿي، پنهنجي عوام ۽ دنيا جي مستقبل جا خواب لهي ٿو ۽ اهي خواب سندس من جي پيڙا جا پاڇا بڻجي، هن جي شعر ۾، ظاهر ٿين ٿا، ۽ هيءُ سندس شعر يا اهو ان جو ڪيف ۽ رنگ عالمي ۽ آفاقي ٿئي ٿو. هن جي دنيا جي خارجي صورت اها آهي، جڏهن هن جي پنهنجي سماج جون انقلابي قوتون ايتريون اڀريل هونديون آهن، يا هو سمجهندو آهي ته اڀريل آهن، جو اهي اڳتي وڌي، پنهنجي وس ۽ مرضيءَ سان سماجي ڦير گهير آڻي سگهن، تڏهن هو پنهنجي شاعريءَ کي انهن ميدانن ۾ بيٺل، جهيڙي ۾ رڌل ۽ اڳتي وڌندڙ انقلابي قوتن جي جولاني امنگن ۽ اٽل ارادن جو ترجمان بنائي، ويڙهاند جي ميدان ۾ انهن سان گڏ آڻي بيهاري ٿو ۽ سندس اها شاعري، سندس سماج جي پوري عوام جي پنهنجي شاعري بنجي وڃي ٿي.“ (۱۸)

هن پنهنجن نظمن ۾ جيڪي تصويرون ٺاهيون، سي هن جي انقلابي سوچ ۽ سماج کي ڌونڌاڙي جاڳائڻ جي ئي ڪوشش آهن. سندس نظم ”تون ديوانو آنهه مصور“ سنڌيءَ جي انقلابي شاعريءَ جو مثالي نمونو سڏي سگهجي ٿو.

تون ديوانو آنهه مصور!

هيءَ ڪائي تصوير ته ناهي،

چئه هيءَ ڇاهي؟

سو ته ڏسان ٿو سج لٿو آ،

رت ورنو آ، دل جهڙو آ،

پر هي ڪنهن جو لاش پيو آ؟

ڇا هيءَ جهانسيءَ جي راڻي آ؟

چتر ته ناهي، ڳڙ ڌاڻي آ!

رَت آ! پَرلئه جو پاڻي آ؟

هي ٽيپوءَ جو ڪنڌ پيو آ،

ٽيپو ساڳيءَ جاءِ مُئو آ!

۽ هي ڇاهي؟ ۽ هي ڇو آ؟

هي ته ’مسدس حالي‘ آهي!

ڳاڙهي رَت ۾ آلي آهي-

۽ هيءَ ڳجهه نرالي آهي-

شيخ اياز نه فقط طبقاتي جبر، ڏاڍ ۽ انياءَ خلاف پنهنجي انقلابي شاعريءَ وسيلي مزاحمت ڪئي، پر دنيا جي مظلوم انسانن ۽ قومن جي حقن جي حمايت جو عَلم پڻ بلند ڪيو. ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ويٽنام جي آزادي، ويٽ ڪانگ جي سائگان تي حملي، چي گويرا جي موت تي، پوڙهو باغي، لممبا جي آزادي ۽ دانانگ تي ويٽ ڪانگ جي حملي تي لکيل هن جا نظم هن کي عالم کي پنهنجو سمجهندڙ هڪ آدرشي ۽ سياسي بصيرت رکندڙ عالمگير شاعر ثابت ڪن ٿا. دانانگ تي ويٽ ڪانگ جي حملي واري نظم ۾، هن جي انقلابيت جو عجيب سرخوشيءَ ڀريو رنگ آهي.

دور ڪنهن ديس۾

سرخ پرچم کڻي

شير ’دانانگ‘ ڏي

ڪالهه آيا وڌي:

سامراجي ڪتا

چيرجي، ڦاڙجي

ڍير ٿيندا ويا

ٿي ڌنوي ڌرتتي

۽ ڳجهون ٿيون لمن

ڍونڍ تي ڍائجي.

گيت ڦولاربا

امن ايندو وري

شهر ٻهه ٻهه ڪندا

چهڪندي زندگي

ٻر جي ٽهڪ ۾

امن جي آرسي

ماءُ جي مهڪ ۾

امن جي تازگي-

امن ايندو وري

امن ايندو وري!

هيءُ هڪ نج انقلابي نظم آهي، جنهن ۾ سرخ پرچم کان وٺي، سامراجي ڪتن کي چيرڻ ڦاڙڻ جهڙي ڳالهه به آهي، جيڪا عام طور شاعريءَ ۾ نعري بازي سمجهي ويندي آهي. اياز جي خاص طور تي ون يونٽ جي دور واري شاعري، ۽ پوءِ بنگال جي ڌار ٿيڻ واري عرصي ۾ لکيل ڪلام سندس اهڙي انقلابي ۽ مزاحمتي لهجي سام ڀريل آهي.

سرديءَ ۾ سنگينون آهن

ورديءَ وارا بوٽ اچن ٿا

آئوٺا پير، پري کان پڌرا

منهنجيءَ چائنٺ تي ترسن ٿا

هيسيل هانوَ، اُٻهرا اُلڪا

سارا ڀاتي ڏڪ ڏڪ ڪن ٿا

۽ هو در تي

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا.

”مون ته چيو هو تو کي، بابا!“

۽ پو ٻوڙا لڙڪ لڙن ٿا

”اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون

جو توتي زنجير وجهن ٿا

تو لي ديس-دروهي ڪوٺي

”ڪوڙا ڪانئر بڪ بڪ ڪن ٿا

۽ هو در تي

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا.

*

ڏات وڏي شيءِ ناهي

پرسچ وڏي شيءِ آهي

۽ جو سچ مچائي

سو مچّ وڏي شيءِ آهي.

اياز اهڙن نون ۽ ڇرڪائيندڙ موضوعن تي قلم کڻي، نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو مزاج تبديل ڪري ڇڏيو، پر ان ۾ پنهنجي دور سان اکيون اکين ۾ ملائڻ جي جرئت به پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجن همعصر شاعرن توڙي نون شاعرن جي شاعريءَ تي گهَرا فڪري اثر ڇڏيا.

هيءَ رت ورني رات، سڏڪا ڪيئي سانت ۾،

ساري رين صليب تي، بيٺي نه برسات،

ڏس ڏس، مون کي ڏات، ڪوڪا هنيا ڪارڻي!

هڪ ڀيرو وري مان جويي صاحب جو حوالو اڌارو وٺڻ چاهيندس: ”فرانس جي اديب زان ڪاڪشـُـو کان ڪنهن پڇيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي، اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟“ جواب ڏنائين، ته ”آءٌ اتان باهه کڻي ايندس.“ اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر ان ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ. اياز اُها باهه، ڏاڍ ۽ ڪـُـوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، ان ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو. ڇو ته اتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙبا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا.“ (۱۹)

اياز پنهنجي دور جي شمشان گهر مان نه رڳو اها باهه ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن جوکم کنيو ۽ قرباني ڏني، پر هن ان باهه جي ڄڀين سان پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ اها تپش ۽ روشني به پيدا ڪئي، جنهن سان سندس پورو دور زندگيءَ ۽ تحرڪ جو لافاني مثال بڻجي پيو.

حوالا

۱-شيخ اياز، ڀونر ڀري آڪاس (ٽيون ايڊيشن)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۹۵، ص:

۲-جويو، محمد ابراهيم، (مهاڳ) ڪي جو ٻيجل ٻوليو (ٻيو ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۸، ص: ۲۵

۳-پريم ڊاڪٽر هدايت/ هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار، شيخ اياز هڪ منفرد قلمڪار، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ۲۰۰۵،ص: ۵۷

۴-شهباز قمر، اياز سان انصاف ڪريو (مضمون)، ڪتاب: آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر، شيخ اياز فائونڊيشن، حيدرآباد، ۲۰۰۳،ص: ۱۴۳

۵-شيخ اياز، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر(چارئي ڀاڱاگڏ)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۸، ص : ۴۱۹

۶-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶،ص : ۲۲

۷- شيخ اياز، اڳتي قدم (نئين سر ڇپايل-مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)،شيخ اياز فائونڊيشن حيدرآباد، ۲۰۰۱، ص ۲۴

۸-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶،ص ۴۲

۹-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶، ص ۴۱

۱۰-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶، ص ۳۱

۱۱-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶، ص ۲۹

۱۲-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري (ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶، ص ۲۲-۲۳

۱۳-جويو، محمد ابراهيم، (مهاڳ) ڪي جو ٻيجل ٻوليو(ٻيو ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۸، ص: ۱۶-۱۷

۱۴-شيخ اياز، ڪپر ٿو ڪن ڪري(ٻيو ڇاپو)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، ۱۹۸۶، ص: ۵۱-۵۲

۱۵-چانڊيو، امير علي، اياز جي شاعري: هڪ مطالعو(مضمون)، ڪتاب: شيخ اياز(مرتب: جامي چانڊيو)، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، ۱۹۹۸، ص: ۳۵۷-۳۵۸

۱۶-چانڊيو، امير علي، اياز جي شاعري: هڪ مطالعو (مضمون)، ڪتاب: شيخ اياز(مرتب: جامي چانڊيو)، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، ۱۹۹۸، ص: ۳۵۸-۳۵۹

۱۷-چانڊيو، امير علي، اياز جي شاعري: هڪ مطالعو(مضمون)، ڪتاب: شيخ اياز(مرتب: جامي چانڊيو)، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، ۱۹۹۸، ص: ۳۴۹-۳۵۰

۱۸-جويو، محمد ابراهيم، (مهاڳ) ڪي جو ٻيجل ٻوليو (ٻيو ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۸، ص: ۲۳-۲۴

۱۹-جويو، محمد ابراهيم، (مهاڳ) ڪي جو ٻيجل ٻوليو (ٻيو ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۸، ص: ۲۴-۲۵


شيخ اياز

اياز ۽ ان جو فوڪ وزڊم/ لوڪ ڏاھپ - سالگرھ جي نسبت سان

عزيز گوپانگ

نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ فرينچ ناول نگار ميڊيانو پيٽرڪ، ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري پروگرام ۾ تقرير ڪندي چيو ھئو؛

” لکڻ مون لاءِ ايترو ڏکيو آھي، جيترو ڪنھن ڊرائيور لاءِ ڪار ھلائڻ ۽ اھو بہ ان وقت جڏھن ڪار جي ونڊ اسڪرين تي ماڪ ڄمي وڃي، رستو چِڪڻ سان خراب ٿيل ۽ پُرپيچ ھجي، ۽ ڪار جون بريڪون بہ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين! “

شيخ اياز جي شخصيت يا شاعري بابت لکڻ پڻ، منھنجي واسطي بہ ايترو ئي ڏکيو آھي، جيترو ميڊيانو پيٽرڪ پنھنجي لکڻ بابت ٻڌايو ھئو.

شيخ اياز سندءِ شاعري جي حوالي سان، مون کي ھميش حيران ڪندو پئہ رھيو آھي، مون جڏھن بہ کيس پڙھيو آھي تڏھن سندس شاعري مون کي نہ رڳو پنھنجا نوان رنگ پَسايا آھن پر ھر ڀيري مون سان پنھنجو ھڪ نئون ۽ حيران ڪندڙ تعارف پڻ ڪرايو آھي.

سندس شاعري جا نت نوان مُک ۽ رُخ پسڻ لاءِ مون سدائين پنھنجي ديد جي تازگي ۽ دل جي ڪشادگيءَ کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اياز جي شاعريءَ مان حِظ وٺڻ، ان کي سمجھڻ ۽ ان منجھان نيون راھون ڳولي لھڻ لاءِ، انھن ٻن خوبين جو ھئڻ لازمي آھي.

جھڙي ريت اياز جي شاعري ھمہ گير آھي، اھڙي طرح ان مٿان لکڻ جا موضوع بہ سندس شاعري جي سٽن ۾ جتي ڪٿي ڦھليا پيا آھن. ھو پاڻ مٿان لکندڙن ۽ پنھنجن پڙھندڙن لاءِ موضوئن جي وسعت سان گڏ Multiple choices جو الڳ جھان پڻ ڇڏي ويو آھي.

مون گھڻي وقت کان سوچيو پئہ تہ، اياز تي پروفائيل لکان، مگر سچ اھوئي آھي تہ اياز تي پرفائيل لکڻ منھنجي لاءِ اصل ڏکيو ثابت ٿيو، پر اھڙي ھڪ ڪوشش دوران مون کان ھيءُ مضمون لکجي ويو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ موجود Folk wisdom ۽ اساسي جوھر بابت آھي.

اياز جي شاعري ۾ فوڪ ۽ ڪلاسڪ جو امتزاج ھر جاءِ ملي ٿو. ڪنھن بہ شاعر جو فن، ان ۾ موجود اھڙن حسين لقائن جي پس منظر ۾ ئي پرکي سگھجي ٿو، جيڪي لقاءُ ان کي ابديت جي ماڳ ۽ مڪان کان بہ اڳتي جو ڏس ڏين.

اياز جي شاعري ۾ اھڙا لقاءُ جابجا ملن ٿا. سندس شاعري ۾ Folk wisdom ۽ Classic essence جي امتزاج کي سمجھڻ کان اڳ ۾، اھو ضروري آھي تہ اسان فوڪ ۽ ڪلاسڪ جي معنيٰ کي بہ چڱي ريت سمجھون.

”فوڪ“ جي معنيٰ ۾ لوڪ، ماڻھو، قوم، ملڪ ۽ ان ۾ موجود عوام ۽ ان جا اجتماعي احساس اچي وڃن ٿا، ٻين لفظن ۾ فوڪ جو مطلب، عوام جو يا عوام لاءِ، آھي.

”فوڪ“ جي جھلڪ، اھڙي شاعر جي فن مان ئي اڀري ٻاھر اچي سگھي ٿي، جنھن جو حافظو مضبوط ۽ ماضيءَ جي يادگيري پختي ھوندي آھي.

عوامي حافظي يا ماضيءَ جي يادگيريءَ کان ماوره ۽ بيگاني شاعري انڌي شيشي ۾ منھن ڏسڻ جي برابر ٿيندي آھي.

جڏھن تہ ادب ۾ ڪلاسڪ جو مطلب اھو قديم ادب آھي، جنھن جا موضوع اڄ بہ تازا، عنوان اڄ بہ مُروج، مواد اڄ بہ نئون ۽ ان ۾ موجود جماليات اڄ بہ جوان ھجي. ۽ اھڙا آفاقي قدر، جيڪڏھن جديد دور جي ڪنھن شاعر جي شاعريءَ ۾ موجود آھن تہ اسان ان کي پڻ ڪلاسڪ جو درجو ڏيئي سگھون ٿا.

ان حوالي سان ھڪڙي ڳالھہ سمجھڻ لازم آھي تہ سمورو پراڻو ادب ڪلاسڪ ناھي، ساڳي ريت پورو نئون ادب پڻ ڪلاسڪ جي درجي کي نٿو ماڻي سگھي. ان لاءِ، موضوئن جي چونڊ، ٻولي کي جاوداني يا امرتا بخشڻ واري خوبي ۽ خيال جو آفاقي ھئڻ بنھہ لازمي آھي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ”فوڪ وزڊم“ سَرِ دست موجود آھي، جنھن کي اسان سندس شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھون ٿا. دراصل شاعري ۾ موجود Folk wisdom واري خوبي ئي آھي، جيڪا اياز جي شاعريءَ کي ”ڪلاسڪ“ جي درجي تي آڻي بيھاري ٿي.

دودي سومري تي لکيل اوپيرا کي اسان اياز جي فوڪ وزڊم ۽ ساڳئي وقت سندس ڪلاسڪ ھئڻ جو دستاويز قرار ڏيئي سگھون ٿا.

سندس لکيل مذڪور اوپيرا ۾، ھڪ فرد جي خودشناسي، ابديت ۽ فنائيت جي حقيقت، وطن دوستيءَ جي پاسداري، رشتن جي عظمت ۽ موت توڻي زندگيءَ سان گڏ جيت ۽ ھار جھڙن ازلي موضوئن جي، جنھن طريقي سان اوک ڊوک ۽ تشريح ڪئي ويئي آھي، اھا ڪلاسيڪل ادب جي جوھر ۽ فوڪ وزڊم وارين خوبين جو حسين امتزاج ۽ نمونو آھي.

فقط ماضيءَ جي ياد پنھنجي ليکي فوڪ ناھي ھوندي، مگر ان جي پيشڪش ۽ مواد ۾ بيان ڪيل قدرن کي سنڀالي بيھڻ واري خوبي ۽ صلاحيت ئي ان يادگيري کي فوڪ ۽ ڪلاسيڪل بنائي سگھندي آھي.

مثال طور؛

مارُئيءَ جو قصو، ھڪ قصي طور فوڪ يا ڪلاسڪ ناھي، پر شاعر جو، مارئيءَ جي وطن کان جدائي واري سانحي، عمر ھٿان زور ۽ زبردستي سان کڄي اچڻ جھڙي الميئي، مسڪين مارُن جي بي وسي ۽ لاچاري ۽ سندس درد توڻي اڪيلائيءَ سان گڏ بيھڻ وارو احساس ئي ان کي ڪلاسڪ ۾ شامل ڪري ٿو.

ظاھر آھي، عمر بادشاھہ، مارئيءَ کي سندس خوشي ۽ راضپي سان تہ کوھہ تان ڪونہ کڻي آيو ھئو، بلاشڪ ھن ساڻس عشق ڪيو ھئو، مگر جڏھن سندس عشق ۾ جبر ۽ ڏاڍ لھي آيو تہ اھو بي معنيٰ ۽ ڇَسو ٿي بيٺو، ۽ مارئيءَ جو انڪار عظيم ٿي ويو. ماضيءَ جي يادگيريءَ مان انڪار جو اھڙو حسن ڪڍي اچڻ ئي اصل ۾ فوڪ وزڊم آھي.

عشق جي قدامت جو سمورو حسن ان ڳالھہ ۾ آھي تہ اھا نواڻ سان بہ ڀرپور ھوندي آھي. شاھہ لطيف وانگر، اياز وٽ پڻ قديم موضوع، جديد اظھار سميت موجود ھئا.

عشق جي اھڙي يادگيريءَ کي اياز بنھہ خوبصورتيءَ سان اظھاريو آھي؛

اياز چوي ٿو؛

ڇو تون منھنجي سڏ تي ايندئينءَ

سک جي سيج ڇڏي

منھنجي چلھہ ۾ چڻنگ نہ ڪا ئي

تنئوري ناھہ تڏي.....!!!

ھتي اظھار عشق جو آھي، جنھن کي اثرائتو ۽ معنيٰ خيز بنائڻ لاءِ اياز، پنھنجي ادراڪ مان سماجي درجہ بندي ۽ طبقاتي متڀيد وارو احساس کڻي آيو.

محبوب سان اھڙي طرح مخاطب ٿيڻ پويان اياز جو اھو سماجي شعور بيٺل نظر اچي ٿو، جنھن جي حافظي ۾ صدين کان موجود طبقاتي ستم سٿيا پيا آھن.

ھتي عاشق ۽ محبوب جي وچ تي رُو سِياه رقيب نہ، پر ان جي جاءِ تي طبقن ۾ ورھايل اھو سماج موجود آھي، جنھن جي ھٿان ھر دور ۾ انسانيت جي تذليل ٿي آھي.

اياز جو عشق، حسن اڳيان Surrender ڪري ٿو. اھو ”سرينڊر“ دراصل ماضي جي اھڙي يادگيري آھي، جنھن جي بنيادن تي سنڌ جو سماج صدين کان بيٺل آھي..

فقط سٺ ستر سال اڳ تائين، فارسي شاعري جي اثر ھيٺ آيل سنڌي شاعرن، پنھنجي سخن جي ذريعي محبوبائن يا معشوقن سان ايتريون تہ جنگيون ڪيون آھن، جنھن سان ڪيئي ملڪ فتح ٿي پئہ سگھيا، پر دليون نہ...!

شيخ اياز، اک کي تير، ڀرون کي تلوار، زلف کي زنجير، ساھ کي آه، ۽ آه کي باھہ بنائي رکڻ واري رواج کان انڪارڪري، اھڙن بيٺل تلائن جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا آھن.

ھن ادب ۾ مروج فرسوده ۽ ڌپ ڇڏيندڙ خيال ۽ اظھار جو انڪار ڪيو، سندس اھڙي انڪار کيس آفاقي قدرن جي پاسدار ۽ جديد شاعرن جي مھندار طور متعارف ڪرايو.

ھن اھو سچ چڱي ريت ڄاتو پئہ تہ عشق اصل ۾ حسن جو ئي ٻيو نالو آھي. ھن اھا حقيقت ڄاتي پئہ تہ عشق حسن کان ٻاھر ڪٿي بہ، ۽ ڪڏھن بہ ناھي ھوندو.

”فوڪ“ رڳو ماضيءَ جا ڪوٽ، قلعا ۽ قصا ناھن ھوندا، پر انھن ڪوٽن، قلعن ۽ قصن ۾ قيد ٿيل ماڻھن جي درد کي محسوس ڪري، ان کي اظھار جي صورت ڏيڻ بہ ”فوڪ“ آھي.

فقط دودي سومري جو قصو ئي فوڪ يا ڪلاسڪ ناھي، پر ان قصي مان ٻاھر نڪري ايندڙ، سندس چيتي واري چنگھاڙ بہ فوڪ آھي، جنھن خلجيءَ جي بدن ۾ رڦڻي پيدا ڪري ڇڏي ھئي، جنھن کي شيخ اياز پنھنجي اوپيرا ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آھي.

ساڳي ريت، رڳو عشق جي ڪنھن قديم ڪھاڻي، غزل يا ادب جي ڪنھن اظھار کي ئي فوڪ ۽ ڪلاسڪ جو درجو ڪونہ ملي سگھندو، جيستائين اياز جھڙو شاعر ان جي ڪردارن جي اکين کي آرزو ۽ التجائون نٿو لکي، ۽ انھن اکين مان صدين جون صدائون نٿو لھي اچي.

جيئن؛

اکيون آرزو

اکيون التجائون

اکيون يار تنھنجون

صدين جون صدائون....!

افساني جي طلسم ڪدي مان حقيقت جا جواھر کڻي ٻاھر اچڻ وارو ڪمال، اياز جي فن جو ھڪ دل آويز پاسو آھي.

اياز ماضيءَ جي يادن ۽ انھن يادن جي قدرن جو اھڙو امين شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ عظيم انساني جذبن جي قدامت پوري ندرت سان موجود آھي.

ھونئنءَ تہ ”فوڪِش“ ھجڻ، روايتي يا فطري ھجڻ جي معنيٰ ۾ ليکجي ٿو، مگر اياز ان روايتي ۽ فطري وھڪري ۾ وڃي، ان جي جامد صورت تبديل ڪري، اتي پنھنجو تخليق ڪيل نئون ۽ متحرڪ فڪر رکي اچي ٿو.

خيال ۽ شاعري کي بہ پنھنجو ماضي ٿئي ٿو، مگر ساڳئي وقت ان ۾ جدت جا رنگ ڀري، کيس وڌيڪ خوبصورت بنائي، نکاري بيھارڻ واري گنجائش ھر وقت موجود رھي ٿي.

جيئنءَ حُسن، ڪنھن ڪريم يا پائوڊر جي دٻي ۾ موجود ناھي ھوندو، ائين حُسن بہ اکين کان ٻاھر ئي ھوندو آھي، جنھن کي ڪنھن عظيم شاعر جي بصيرت ئي پسي سگھندي آھي.

اياز روايتي شاعرن جي پرھيزگاري ۽ ڪجھہ نئين نہ ڪرڻ جي خوف کان گھڻو اڳيان بيٺل ھئو، ھو فرد جي جنياتي يا خمير جي اصل کي سمجھڻ ۽ ان جي بيان ۾ انتھائي انوکو ۽ منفرد ھئو.

اياز چوي ٿو؛

ذرا اک ٻوٽ، تون پيارا، تہ ڪجھہ ناھي

ڏسين سارا، ککيءَ کارا، تہ ڪجھہ ناھي

اھا دولت، اھا طاقت، اھو سڀ ڪجھہ

ڏسين جي تون، ھلڻ ھارا، تہ ڪجھ ناھي.....!

رڳو شاعري ڪرڻ ئي وڏي ڳالھہ ناھي ھوندي، پر شاعريءَ جي ابدي سچ سان گڏ بيھي، ان جي اساسي قدرن جي پاسداري ڪرڻ وڏي ڳالھہ آھي، جيڪا اياز جي دور ۽ ان کان بعد، اڄ ڏينھن تائين، کائونس کان بھتر ٻيو ڪير بہ ناھي ڪري سگھيو...!

اياز جي شاعريءَ ۾ ھڪ دل ڌڙڪي ٿي، جيڪا پڙھندڙ جي دل سان ھم آھنگ ٿي بيھي ٿي.

شيخ اياز پنھنجي دور جو نہ رڳو ھڪ دل آويز انسان ھئو، پر ساڳئي وقت ھڪ عھد ساز ۽ عظيم شاعر پڻ ھئو.

ھڪ اھڙو شاعر جنھن شاعري بہ دل وٽان ڪئي ۽ عشق بہ دل وٽان...!

 

(عزيز گوپانگ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۲ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)


 

شيخ اياز

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي ‘اياز’

رام اوڏ

سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب ‘ڀونر ڀري آڪاس’ ۱۹۶۴ع ۾، ‘ڪلهي پاتم ڪينرو’ ۱۹۶۸ع ۾، ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ ۱۹۸۶ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر ۱۹۶۵ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر ۱۹۶۸ع کان فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي ۱۹۸۱ع کان جنوري ۱۹۸۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.

شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر آهي ۽ وقت جي ارتقا سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هن ساڻ تصورن ۽ ويچارن جو وهڪرو وقت ۽ حالتن مطابق رهي ٿو. اها ئي منزل جي جستجو آهي، جو هو جامد ٿي نٿو رهي. هن جي آرٽ ۾ شد ڪلا يعني فن براءِ فن جهڙا اصطلاح گهٽ اهميت رکن ٿا، سندس شاعري سماجي ڪارج جي بهترين پروپگينڊا آهي. هي قومي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ ڪويتا لکي، عوام ۾ اُتساهه پيدا ڪري ٿو. ديش ڀڳتي، انسانيت ۽ محبت جهڙن موضوعن ۾ مڌرتا سان سچائي جي وسعت تخليق ڪري ٿو. شاعرِ محبت شيخ اياز هڪ باغي بڻجي جمودي سماج جو ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو:

روح هڻي تون روڻ، ٻوڙان ٻوڙ ڪري وئينءَ،

ڪيا پيار پروڻ، سارا بند سماج جا

(سورج مُکيءَ سانجهه(

هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:

“مون ته چيو هو تو کي، بابا”

۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا-

“اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجهن ٿا!

توکي ديس- دُروهي ڪوٺي،

ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا

۽ هُو در تي

ٺَڪ ٺَڪ ڪَن ٿا.

(هي گيت اڃايل مورن جا)

اياز جي احساساتي اُڏار ۾ سنڌ جو عڪس آهي، جيڪو پنن تي پنهنجا پانڌ پکيڙي ذهنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. هو ڪوتا جي ترنم ۾ استحصال پسند طبقي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٿو. هو نه صرف پنهنجي دور جي ادبي لڏي کي متحرڪ ڪري ٿو، پر سياسي تحريڪن ۾ به اُتساهه پيدا ڪندو رهي ٿو. اسيرن جي ذهنن جا بند کولي چوي ٿو:

تون هونءَ به مرندين ڪاڇي ۾،

اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،

تون آءُ پهاڙي پاڇيءَ ۾.

(وِڄُون وَسڻ آئِيُون)

اياز قومپرست، سوشلسٽ، انسان دوست ۽ سيڪيولر لاڙن ۽ رجحانن کي اُڀاري مضبوط ڪيو، هن جو شعر ڌرتي ۽ مظلوم ماڻهو جي پُڪار جو پڙاڏو ٿي گونجندو رهيو. ‘ڳڀا ڳڀا روٽلا، کسي ويو ديس جا’ جي ردِ عمل ۾ گيت، غزل، وايون ۽ رزميه داستان ضميرن جا زنگ لاهڻ لڳا. هيڻي کي ڏاڍي سان وڙهڻ جي سگھ ۾ اياز جي انوکي ڏات اڏول بيٺي رهي. پنهنجي دور ۾ اياز ذهني سجاڳي جو دليل ٿي پيو هو. جنهن دور جا جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جون هڏيون ماس ڪُرٽي ڇڏين ۽ انهن لاءِ جياپو به جنجال ٿي پوي، ته ان دور جو شاعر سماجوادي نه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿئي؟ جنهن دور جا رجعت پسند ڪٽرپڻو ڦهلائي، انسانيت تي ويساهه وڃائي ڇڏين، ان دور جو شاعر سيڪيولر ۽ انسان دوست نه ٿئي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿئي؟ اياز الزام تراشيون، عقوبتون ۽ سزائون سهي ٿو، ڀوڳي ٿو، پر شاعري ۾ باغي خيال سموئي هن سماج کي بدلائڻ جي بات ڪري ٿو:

تِکا ڪِئن نه ماري ويا، تاڙ ۾

لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي لاڙ ۾.

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي ‘اياز’

بغاوت ڪري گيت جي آڙ ۾!

(ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز فن ۽ فڪر جي سطحي حدبندين کي ٽوڙي، مروج شاعري جي روايتن ۾ جدت آڻي نئون اسلوب ۽ نوان موضوع متعارف ڪيا، آرٽ جي تقاضا مطابق موضوع ۽ هيئت ۾ اِها نواڻ فارسي ۽ اردو جي ڇاپ کي ٽوڙي هڪ نئين خوشبوءِ ارپي وئي. سنڌي ٻولي کي به سگهه ملي. اياز وٽ نه رڳو خيالن جي نواڻ هئي، پر شاعري جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ ۾ به تبديليون آنديون، جيڪي هن جي پنهنجي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرن جي نسل لاءِ موزون ۽ مقبول رهيون آهن. اهو عمل نه صرف لئي، ترنم ۽ خيال ۾ هو، پر اياز رواني سان جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها تشبيهه، تمثيل، استعاري ۽ علامت ۾ ڏاڍي پُر اثر ۽ دلربا آهي:

هَيءِ هَيءِ ڏاڙهون جهڙا ڳل،

هَيءَ هَيءِ جوڀن جاڙ ڪئي!

نچڻي ٻيهر اچڻي ناهي،

هيءِ هيءِ پايل جهڙا پل!

(وِڄون وَسڻ آئيون)

اياز پنهنجي تصورن ۽ ويچارن جي وسعت ۾ منفرد آهي، ته ڪٿي ڪٿي متضاد، منجهيل ۽ غيرمنطقي به آهي. هو شاعري جي ولهار ۾ نظرياتي موقف تبديل ڪندو رهي ٿو، سياسي نظرين ۽ آدرشن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهي نٿو رهي. هو قومپرستي جي رنگ ۾ رڱيل آهي، ته سوشلزم جي به ڳالهه ڪري ٿو ته ان کان خفا به ٿئي ٿو. هو صوفي ازم جي چادر هيٺ گيڙو رتا گيت لکي ٿو، ته دعا به گھُري ٿو. اسي جي ڏهاڪي کانپوءِ اياز جي جذبن جو جوهر جَھڪو ٿيڻ لڳو. ۱۹۸۵ع کانپوءِ واري اياز کي پڙهجي ته سوال اٿن ٿا ته ڇا واقعي اهو ساڳيو شاعر آهي، جنهن بيت ۾ رُڪ ڀرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي:

ڪُوڪرا ڪن پيا

سامراجي ڪُتا

شير جمهور جا گرجندا ٿا وڌن.

(هي گيت اڃايل مورن جا)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

سندس شاعريءَ ۾ ٿرپارڪر جو پسمنظر

رام اوڏ

سنڌ جي وشال ڌرتي جا طبعي ڀاڱا اُتر، ڪاڇو، ڪوهستان، لاڙ ۽ ٿر آهن، ٿر جي علائقي ڍاٽ جي ڳوٺ جالو جي چونرو ۾ ويهي مون موسم جي اعتبار کان محسوس ڪيو آهي ته اپريل کان جولاءِ تائين ٿر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اُڃ ۽ لُوءَ جو احساس وجود تي واسو ڪندو آهي ۽ اها ويلا وڇوڙي جي ڪنهن پل کان وڌ تڙپائيندي آهي. انهن ڏينهن ۾ اپريل مئي جي ڪنهن شام مان ڪجھ دوست ساڻ ڪري پيرون چونڊڻ نڪري ويندو هئس. ائين اسان ڪنڊي جي وڻ تي چڙهي سنگريون لاٿيون، پيرون چونڊيا، ته برسات کان پوءِ کنڀيون به ڳوليندا هئاسين. لُڪ جُهولو ۽ تپندڙ واري جو احساس مئي جي مهيني ۾ وڌيڪ ٿيندو هو. ان وقت آئون اياز جو نثر ۽ نظم گهڻو پڙهندو هئس. اياز ٿر آيو، هتي عوامي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏٺائين ۽ انهي سڄي منظرنامي کي شاعري جي روپ ۾ اظهاري ويو. ٿر جي دلڪشي، نرملتا ۽ درد تي اياز جا شاعرانه ويچار تجزياتي پرک جا طلبگار آَهن. منهنجي خيال ۾ شاھ لطيف کانپوءِ سنڌ جو ڪو به شاعر شيخ اياز جيان ٿر جو درد بيان نه ڪري سگهيو آهي:

نه هو چونري ۾ ڪٿي، راتڪو چوڻو!

نه اڄ ولوڻو، نه سي وايون وانڍ ۾.

اياز دنيا جو سير ڪري، جڏهن ٿر تي ٿاڪ ڪري ٿو، ته هو واري تي موجود گهر کي باغ عدن سمجهي ٿو. نما شام ويلي ڪوي جي جيون جي گهڙي واري تي امرتا ماڻي ٿي. اياز ٿر جي وڻن، ڏهرن، ڀٽن، کيتن ۽ برساتن جو ذڪر راڳ ۽ ويراڳ جي لهجي ۾ تخليقي جماليات جي تلفظ سان ڪري ٿو. لئه ۽ سَرلتا جو هي بي ساخته اظهار شام ويلي ڪنهن بانسري نواز جي صدا بڻجي پوي ٿو:

ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان، آ واري تي هي گهر،

سانجهي وير امر، آهي رتيءَ ريت تي.

اياز جي شاعرانه سُريلي مڌرتا ترتيب ۽ توازن ۾ فڪري وشالتا جا اهڃاڻ گڏ کڻي هلي ٿي. هو ٿر جي ڀٽن تي بيهي وڄ وراڪا ڏسي ٿو ته سندس ذهني ڪيفيت جي وسعت وشال ٿي وڃي ٿي. ٿر جي لوڪ ساهت ۾ هو ڪجليو، ساوڻ ٽيج، ۽ راسوڙي جي گيتن جهڙي نرملتا پنهنجي ڪويتا ۾ پيدا ڪري ٿو. اهڙي رڌم ۽ ترنم ۾ جواني محو رقص ٿئي ٿي، ۽ ڪجھ اهڙا ورلاپ آلاپي ٿي:

سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،

منهنجا نيڻ نٿا بس ڪن!

ٿر سنڌ جي ثقافت ۾ سونهارو اضافو ڪري ٿو. ثقافت زندگي جي ارتقا جي تحرڪ جو نتيجو آهي. اها وجود جي بقا جي عوامي تاريخ به هجي ٿي، ان ڪري ثقافت جو پاڙون ڌرتي ۾ کُتل هجن ٿيون. ان سبب جي ڪري هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال ثقافت ۾ سامراجي غلبي جي خلاف مزاحمتي عنصر به هجي ٿو. ثقافت ذريعي مذهبي ۽ سماجي تضاد گهٽائي اتحاد ۽ امن جي آبياري ڪري سگهجي ٿي، ۽ مختلف طبقن کي گڏ ڪري هم آهنگ سوچ پيدا ڪري سگهجي ٿي. هڪ سگهاري شاعر جي وڏي خوبي اها هجي ٿي ته هو تصورن جي اُڇل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ اِتهاس جو اهڙو خوبصورت اظهار ڪري ٿو جو ان ۾ اُٺي جي خوشبوءِ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. اياز جي ڪوتا ساگر ۾ ثقافتي ويس، لوڪ ناچ، گيتن، پولڪن، چوڙين، راسوڙن ۽ تهوارن جو ذڪر ملي ٿو. ٽيج سانوڻي جو موسمي تهوار آهي، هن ڏڻ تي ڇوڪريون وڻن ۾ لوڏون ٻڌي جُهولا جهولينديون آهن. اياز اهڙو منظر ٿر جي هڪ ڀاڱي ڍٽ ۾ ڏسي ٿو. ڍٽ جو علائقو ڇاڇري جو ڏاکڻو الهندو، مٺي جو اتريون ۽ عمرڪوٽ جو ڏاکڻو ڀاڱو آهي. اهڙي جُهونگار ۾ سيڪيولر ثقافتي عڪس رقص ڪن ٿا. ڇو ته نم جي ٽارين ۾ لوڏن تي لڏڻ ۽ رسيلا گيت آلاپڻ سان زندگي جهومي اُٿي ٿي:

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!

توريءَ اُوساٽ ڙي!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي.

سيڪيولر ثقافتي رجحان حقيقت ۾ روشن خيالي ۽ تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏين ٿا. سيڪيولر ثقافت تعصب، جنونيت، فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسندي جي اثر کي گهٽائي انسان دوست سماج جي تعمير ڪري ٿي. اهڙي ريت جمهوري فڪر کي تقويت ملي ٿي. ثقافت جي باري ۾ عوام حساس به هجي ٿو، ڇو ته ان جو ثقافت سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو. ان ڪري ثقافت اقتدار لاءِ حڪمران طبقي جي مدد ڪري ٿي. اهو تسلط ۽ راڄ عوام ان ڪري قبول ڪري وٺي ٿو جو ان ۾ اوپرائپ جو عنصر گهٽ هجي ٿو، پوءِ ان ۾ معاشي استحصال جو عنصر وڌيڪ ڇو نه هجي. ان ڪري ثقافت، سياست ۽ معيشت جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. اياز ثقافتي رنگ چٽيندي ٿڌڙي جي رات جو ڪولهڻين جي تاڙين، لوهاڻين ۽ ٺڪراڻين جي گهاگهرن ۽ سومرين جي ڪنن جي پاپڙين ۾ پاتل جهومڪ جا بصري منظر چٽي ٿو. هي جمالياتي سنگتراشي ڪجھ ايئن به آهي:

وينگس ڦُلڙي نڪ ۾ پايو لڏي ٿي،

سانجهي ٻڏي ٿي، تارا اُڀريا اُڀ ۾.

شيخ اياز شاعري ۾ ٿري زندگي جا ڏکيا ۽ سُکيا ڏينهن بيان ڪري ٿو، يعني شاعر وٽ ڏڪار ۽ سُڪار جي وقت جنم وٺندڙ ڪيفيتون الڳ الڳ آهن. ڇو ته شاعر سماجي ۽ معاشي حالت جي لاهن ۽ چاڙهن تي مختلف ردِعمل ڏيکاري ٿو. لفظن ۾ بيان ڪيل احساس من کي جهير ڏين ٿا، ته اهي ولهار تي وسڪاري جي صورت ۾ جياپي، وجود جي بقا ۽ تازگي جو به احساس ڏيارين ٿا. هڪ طرف اياز جي شاعري پڙهي خوشي ۽ خوشحالي جو احساس جاڳي ٿو ته ٻي طرف بک، غربت ۽ مظلوميت کي ڏسي ڏک ٿئي ٿو. اياز جي عمل، مطالعي، مشاهدي سان گڏ تصور ۽ تخيل جي اولڙي ۾ سرجيل درديلي دانهن ڪجھ اهڙي ئي آهي:

جت ڪيئي صدين سالن کان،

پولارن کان، پاتالن کان،

ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!

صحراء ٿر جو هڪ ڀاڱو پارڪر آهي. ڪارونجهر جو جابلو پهاڙي سلسلو ننگرپارڪر شهر جي ويجهو خوبصورتي جو عاليشان مظهر آهي. رڻ ڪڇ کان اتر الهندي پاسي انهن ماٿرين ۾ گاھ، ٻوٽا ۽ وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. هي ٽڪريون پکين ۽ جانورن جو به پُرسڪون آستانو آهن. برسات جي موسم ۾ هن جبل مٿان هريالي جو منظر پري کان به پُرڪشش لڳندو آهي. ڀٽياڻي، گوڙڌرو ۽ ٻيون نيئون جبل تان وهندي هيٺ لهن ٿيون. ڪارونجهر تان ڪڪريون گذرن ٿيون ۽ اَڪ جي نيري ڦُلي تي ورشا ٿئي ٿي:

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.

جنم ڏينهن کان نابين يوسف فقير ٿر ۾ انتهاپسندي خلاف روشن خيالي جو استعارو آهي. هو ڪارونجهر جي ڪس تي ڪاسٻي جي ڳوٺ ۾ وڻ هيٺ رومال وڇائي هارمونيم جي ڪي بورڊ تي آڱريون رکي سُرن ورکا ڪري ٿو. ۽ برکا رُت ۾ سُر سارنگ ڇيڙي پنهنجو روزگار به ڪري ٿو. ورشا مند پُڄاڻان هو غُربت ۽ بيروزگاري ۾ جيئي ٿو، البت موسيقي سان سندس ناتو الستي آهي. يوسف جي لوڪ موسيقي ۾ رچيل درد جو رِڌم اهو سمجهي سگهي ٿو، جيڪو نيو لبرل ‘لاهوتي’ مصنوعي ميوزڪ اسٽائيل جو قائل نه هجي، ڇو جو فقير وٽ پنهنجو منفرد انداز ۽ سُريلو آرٽ آهي، هو ڪمپني ۽ سرمائي جو پيدائشي فيشني فنڪار نه آهي, بلڪه انهن خلاف ڀرپور احتجاج آهي. شيخ اياز اهڙا ئي پُرڪيف شعر لکيا آهن، جيئن پرسوز آواز ۾ يوسف جي صدا فضائن ۾ درد جو پڙاڏو ٿئي ٿي. ان لحاظ کان اياز جي شاعري ۾ ٿر جو ذڪر رومانوي ۽ جمالياتي آهي ته المناڪ ۽ درديلو به. ڪجھ اهڙا سچ آهن، جن تي صرف سوچي سگهجي ٿو، پر ماڻهو جيڪو سچ ڳالهائيندا آهن، اهو ئي انهن جي ضمير جو آواز هوندو آهي.

ڪارونجهر تي ايندڙ سير ۽ تفريح جا شوقين سياح جبل جي اوچائي ۽ منظرنگاري مان مستفيض ٿي ورن ٿا، پر اُتي عام لوڪ جي سماجي ۽ معاشي حالت بدتر آهي. پورهيت پرتن ۾ غربت ۽ بک واڪا پئي ڪري. ڪارونجهر جبل معدني دولت سان مالا مال آهي، ۽ هتي ڀليون پوک لائق ٻنيون به آهن، پوءِ به هتي اڪثر ماڻهو معاشي بدحالي سبب تعليم ۽ صحت کان محروم آهن. کين بدحال ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ هن خطي جا قصا، ڪهاڻيون، رومانوي ۽ جنگي داستان پنهنجي جاءِ تي، پر هن وقت هتي ڪنهن جو راڄ ۽ رواج آهي؟

ڪارونجهر جي پٻ، جهور نه تن جون جهوپڙيون،

تن ۾ ڪائي رٻ، هو جي ڏويون ڪاٺ جون.

ٿر ۾ رائج طبقاتي نظام جي ڪشمڪش ڪنهن به منظم سياسي تحريڪ کي جنم نه ڏئي سگهي آهي، پر ساڄي ڌر جي اقتدارپرست سياست ويتر مضبوط ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر گهڻ رخن مسئلن جي منهن ۾ ڌڪجندو پيو وڃي. ٿر ۾ هڪ ته پٽيل گهڻا آهن، جن جا ڏڪار ۾ به جاوا ٿين ٿا. اهڙي سماجي طبقي تي ڏڪار خطرناڪ اثر مرتب نٿو ڪري. اهي پٽيل هاڻ نه صرف ملازمت تي چنبا کوڙيو ويٺا آهن، پر شهرن ۾ ڪاروبار ۽ قبضاگيري به انهن جي دلربا ڪِرت آهي. معاشي طور تي واپاري، ملازم ۽ ٻنيءَ ٻاري جي ذاتي ملڪيت رکندڙ طبقو موچارو ۽ مواڙ آهي، جڏهن ته ٻني ۽ مال مويشي کان محروم پورهيت طبقو غربت جي بدترين شڪل ۾ مبتلا آهي، ان جو نتيجو ٻارڙن جي موت ۽ عورتن جي خودڪشين جي صورت ۾ روز ظهور پزير ٿئي ٿو. اياز جي شاعري جي پسمنظر ۾ ٿري هاري ۽ مزدور آهي، جنهن وٽ بک ۽ ڏک مستقل مهمان ٿي رهن ٿا. انهن وٽ ٿر جي ڪا ٻني ناهي، ۽ انهن جي ٻاجهري ۽ گوار جي اُپت سيٺين جي ٽجوڙي ۾ هلي وڃي ٿي. اهي پورهيت ٻج قرض تي کڻي پوک ڪن ٿا. جتي عورتون خوشي ۽ مناسب خوراڪ کان محروم هجن، انهن جي جسامت ڪجھ اهڙي ئي هجي ٿي:

مٿن رکي موٽيون، کاڄ بنان کارا،

ٿري ويچارا، ڪاٺين جهڙيون نينگريون.

ٿر جو لينڊ اسڪيپ وسيع آهي، جتي هاڻي سوچ ۾ رجعت پرستي پيرا پختا ڪري چڪي آهي، ان ڪري سائنسي منطق ۽ سبب تي گهٽ ويچار ڪيو وڃي ٿو. جتي وڻن جي واڍي ڏڪارن جو ڪارڻ بڻي آهي، اُتي سائنسي فڪر ۽ طبقاتي شعور جي اڻاٺ سبب “ماحولياتي آلودگي” به موجود آهي. ذهني ۽ موسمي ڏڪار جي جدليات جو به هي پسمنظر آهي. رڻ اجهاڳ جو پنڌ اڃان گهڻو پري پيو آهي:

ڀٽون ٽپي ڪيتريون، واريءَ وڳ ويو!

اڃا پنڌ پيو، آهي رڻ اجهاڳ جو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا