شيخ اياز
ويھين صديءَ جو ارڏو
شاعر
يوسف شاهين
مون کي ويھين صديءَ جي وڏي ۽ ارڏي
شاعر شيخ اياز لاءِ ٻه اکر ڳالھائڻ جو حڪم ٿيو آھي. شيخ اياز منھنجو انتھائي قريبي
دوست ھو. شيخ اياز سچو ۽ ڪٽر سوشلسٽ، سيڪولر، ترقي پسند ۽ انسان دوست شاعر، عالم ۽
اديب ھو. جنھن پنجاه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جنھن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا. ڪمال
اھو آھي ته شيخ اياز جو نثر سندس شاعريءَ جيان انتھائي طاقتور ۽ پراثر ھو، جنھن ڪيترائي
مزاحمتي ڪردار ۽ لاتعداد چور ۽ ڌاڙيل پيدا ڪيا. جيڪي علي الاعلان چوندا ويا تھ:
”جيڪس حق نه ڏيندئو ته اسان اھي ڦري به وٺنداسين.“