راشد مورائي
دل جو شهر
غلام حسين خاصخيلي
’مان باغي هان، مان باغي هان‘ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر راشد مورائي
جنهن کي باغي شاعر به سڏيو وڃي ٿو. راشد مورائي جي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن سان محبت سان
گڏوگڏ سنڌ جي حسن ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي مسئلن تي سندس شاعري ۾ گهڻو ڪجهه ملي ٿو. شاعر قومن
جا عظيم هيرو هوندا آهن، انهن عظيم شاعرن ۾ راشد مورائي جو نالو به تاريخ ۾ سونهري
لفظن سان هر وقت ياد رکيو ويندو. شاعر راشد مورائي وڏي دليريءَ سان شاعري لکندو رهيو.
سندس شاعريءَ جي آواز کي سنڌ جي فنڪارن انهن ماڻهن تائين شاعريءَ کي پهچايو، جتي ڪتابي
صورت ۾ شاعريءَ کي اُهي ماڻهو پڙهي نٿا سگهن، جيڪي اڻ پڙهيل آهن. سنڌ جي يڪتاري ۽ چپڙي
جي مشهور فنڪار جلال چانڊيو جنهن کي شهر توڙي ٻهراڙي جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ وڏي چاهه
سان ٻڌندا هئا ۽ موجوده ڪمپيوٽر واري جديد دور ۾ جلال چانڊيو جا ڳايل ڪلام موبائل فون
يا ڪمپيوٽر تي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر نوجوان نسل جلال چانڊئي کي گهٽ ٻڌي ٿو. پڙهيل لکيل
ماڻهو جلال چانڊيو ڀلي نه ٻڌن پر اڄ به ٻهراڙي ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار کان ويندي ٻنيءَ
۾ ڪم ڪندڙ هاري اڄ به وڏي چاهه ۽ محبت سان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سنڌ جي شاعرن جا ڪلام
ٻڌن ٿا. راشد مورائي پنهنجي شاعري جلال چانڊئي جي آواز ۾ به رڪارڊ ڪرائي ۽ سندس اُها
شاعري جهرجهنگ ۾ ٻڌي وئي. راشد مورائي سان منهنجي ملاقات اُن وقت ٿي جڏهن اڄ کان ۲۰ سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ
جو سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ مون راشد مورائي کي هڪ ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سندس
شهر موري پهتس. راشد مورائي سان موري ۾ ملاقات ٿي ۽ کيس ادبي پروگرام جي دعوت ڏنم.
راشد مورائي ملڻ ۾ تمام محبت ڪندڙ ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. راشد مورائي کان جڏهن
مون اهو پڇيو ته آئون پنهنجو هڪ گيت جلال چانڊئي جي آواز ۾ ڳارائڻ چاهيان ٿو، جنهن
تي راشد مورائي دير ئي نه ڪئي ۽ پاڻ اهو چيائين ته جلال چانڊيو اُهو ماڻهو آهي جيڪو
ڪنهن به شاعر کي واپس ناهي ڪندو. سندس اُهي جملا ٻڌي جلال چانڊئي سان منهنجي ملاقات
ٿي ۽ کيس هڪ گيت لکي ڏنم ۽ اُهو گيت جلال چانڊيو ڳايو:
”دلبر دلبر ڪيڏانهن وئين،
ڪو نه آئين ڪو نه آئين.“
اهو ڪلام مون جڏهن رڪارڊ ڪرايو ۽ محفلن ۾ جلال چانڊئي ڳايو ته منهنجي
ڪافي حوصلا افزائي ٿي وئي. راشد مورائي جو آئون وڏو احسانمند آهيان، جو سندس اهڙي ڏس
تي جلال چانڊئي کان ڪلام ڳارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. راشد مورائي پنهنجي ڌرتي سان سچو
پيار ڪرڻ وارو املهه ماڻڪ شخص هو. راشد مورائي جنهن جذبي سان دليري سان، بهادري سان
شاعري لکندو رهيو. اُن دليريءَ تي سنڌ جا ماڻهو به کيس وڏي محبت ڏين ٿا. راشد مورائي
جنهن سنڌ کي شاعريءَ وسيلي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر وڏي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته راشد مورائي
ڪافي ڏينهن کان ساهه جي تڪليف سبب بيماريءَ جي بستري تي موجود هو. راشد مورائي موري
کان نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هو ۽ اُتي سندس طبيعت وڌيڪ خراب
ٿي وئي ۽ سندس پٽ راشد مورائي کي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري شهر جي اسپتال راجپوتانه
کڻائي آيا. حيدرآباد جي ان خانگي اسپتال ۾ راشد مورائي علاج هيٺ رهيو، پر سنڌ جا اُهي
ادارا جن جي مٿان اُها ذميواري آهي، ته اُهي شاعرن جي پرگهور لهن، شاعرن جو علاج ڪرائين،
انهن راشد مورائي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. زندگي ۽ موت ته خدا جي هٿ ۾ آهي. گهٽ ۾ گهٽ
انهن ادارن کي ايترو ضرور ڪرڻ گهرجي ها ته راشد مورائي کي علاج لاءِ حيدرآباد کان ڪراچي
جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي ها ۽ سندس صحيح نموني سان علاج ٿئي ها ته شايد
اڃان ڪجهه ڏينهن راشد مورائي جسماني طور اسان وٽ موجود هجي ها. پر هاڻ راشد مورائي
جسماني طور اسان کان ايترو پري هليو ويو آهي، جو هاڻ راشد مورائي سان ڪا به ملاقات
نه ٿي سگهندي. بس راشد مورائي جون يادون ۽ سندس شاعري اُن وقت تائين موجود رهندي جيستائين
هي ڪائنات موجود آهي. راشد مورائي جون هيءَ شاعريءَ جون سٽون اندر ۾ ائين لهي وڃن ٿيون
۽ انهن سٽن کي ڳائڻ يا پڙهڻ سان آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي ڪارونڀار سامهون اچي وڃي ٿي.
دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا
ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي پوي ها.
راشد مورائي دل جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ڪارونڀار ڪندڙ ڪڪرن کي به
مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان شاعريءَ جون تشبيحون جيڪڏهن ٿرپارڪر جي اُڃايل ڌرتيءَ سان ٺهڪي اچن
ٿيون ته ڪڪر جيڪڏهن ٿر جي وارياسي ڀٽن مٿان وسي پون ها ته ڇا ٿي پوي ها.
راشد مورائي بيماريءَ جي حالت ۾ به پنهنجي علاج لاءِ ڪنهن کي به ڪا اپيل
نه ڪئي. هو باقاعده دلير شاعر هجڻ سان گڏوگڏ زندگيءَ کي الوداع ڪندڙ دلير ماڻهو هو.
بيماريءَ جي حالت ۾ به گهٻرائڻ وارو نه هو، راشد مورائي حيدرآباد جي خانگي اسپتال
۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل هو. آئون جڏهن کيس ڌسڻ ويس ته مون کي لڳو ته
راشد مورائي ڪنهن جي به اڳيان جهڪڻ وارو ماڻهو ناهي. راشد مورائي جون اکيون اهو ئي
چئي رهيون هيون ته:
”مان باغي هان، مان باغي هان،
تون مارڻ چاهين ٿو، مان باغي باغي هان،
مون سان ڪئين باغي آهن“
راشد مورائي پنهنجي ضمير ۾ مطمئن هو، راشد مورائي کي سنڌ ۽ سنڌي قومي
تي فخر هو. ان کي سنڌي قوم سان تمام گهڻو پيار هو. راشد مورائي نوابشاهه جي اسپتال
۾ بيماريءَ جي بستري تي سندس آخري لفظ به اُهي هئا ته آئون پنهنجي ضمير مان مطمئن آهيان
آئون موت سان مرڪندي مرندس. واقعي راشد مورائي جيئن دليريءَ سان شاعريءَ ۾ حقيقت لکي
آهي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به دلير شخص هو. راشد مورائيءَ جي پروفائيل تي نظر وجهنداسين
ته پاڻ ۵ مارچ
۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻا لوئي تعلقي مورو ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ پرائمري ماستر هو.
راشد مورائي قومي شاعر طور مشهور ٿيو. سندس ڪيترائي شعر مشهور آهن ”مان ڇا ڪريان“ سندس
طويل نظمن جا عنوان آهن. ”مان به هڪڙو ماستر آهيان“ اهڙي طرح راشد مورائي جا ڪتاب
”سنڌڙي جو سوداءُ“، ”ميندي سدا گيت“، ”دل جو شهر“، ”گيت غزل ڪافيون“ ۽ نثر جو هڪ ڪتاب
”جهڙي آيس جيئن“ وڏي مڃتا حاصل ڪئي. راشد مورائي کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ايوارڊ مليا
۽ سمورن فنڪارن سندس گيتن کي ڀرپور نموني سان ڳايو. راشد مورائي ڪتاب ”دل جو شهر“ عنوان
ائين لڳي ٿو ته راشد مورائي دل جو شهر اُهو آهي، جنهن ۾ شاعري جون سٽون هر وقت سنڌ
ڌرتي، ماروئڙن جو درد ۽ محبت عشق سمايل هو.
خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن ڪڏهن
رکيل مورائي
هو ڪالهه شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس
موڪلائڻ جو وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به
نه ڏٺي هئي، جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي
لاءِ سموري زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چيئن بيمارين ۾ ورتل
هوندي به موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو ڪالهه موت کان پنهنجي ويڙهه هارائي
ويو پر هن آڻ نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين
هو به ان کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساهه ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ
نه مڃي هوندي ۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته:
مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.
موت ٽارو نه ڪيو ۽ ساڻس ويڙهه ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾
پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ
نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران
ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار نه ڪي ڪيو.
سنڌ سان سدائين دلي توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو.
مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو،
۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي.
سائين راشد، پنجين مارچ اوڻيهه سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري
تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيهه سئو ستر واري ڏهاڪي
جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه ان ڳوٺ کي پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو
۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل
آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي. سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد
سعيد علي خادم ”پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي
شاهه ”روشن“ ۽ ”معصوم علي شاهه“ ”نماڻو“ پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته
هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي
شاهه خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار
علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي. جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد
جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي
سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن
به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي،
سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي سگهجن ٿا.
سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا
بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن
هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر مان،
مان باغي هان مان باغي هان، جن به اسٽيج تي شعر پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن
به وساري نه سگهندو. هو سنڌي ادبي سنگت سان به آخري گهڙي تائين جڙيل رهيو نه رڳو پاڻ
جڙيل رهيو، پر کانئُس پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساهه ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي،
اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ
سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو،
پوين ڏينهن ۾ خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت
ڊائري لکڻ به هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي ٿيندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي
ڏني هئي.
شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت
جوڙيائين جنهن پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپيا سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان ”باک“
نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جا ڪيترائي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب
کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲
منڊيءَ سندا گيت (شاعري)
3 دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵
درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) 8
پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰
خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل
آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط
ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو.
پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان
مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن
ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو انهن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست
جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي
آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو
سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي.
مون ارادو ڪيو هو پڪو مرڻ جو،
شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو،
مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين هان ته ڇا ٿي ٿيئي.
دِل جي ويران رڻَ تي ڪَڪر بانورا....!
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
۰۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم پُرڻ پتڻ لڳ ڳوٺ
جوڙالو ۾ سعيد علي شاهه ”خادم“ جي گهر ۾ اک کوليندڙ راشد علي شاهه لکي پڙهي نه رڳو
هڪ اُستاد ٿي پاڻ مڃرايو پر پاڻ ادبي کيتر ۾ به وڏو نانءُ ڪمايو. مَٿس ڪَلا جي ديوي
هميشه مهربان رهي. دل جو شهر، شعلا شعلا واءُ ۾، ديوان راشد، اڳتي تاڻ اُمنگ جي، درد
۾ دل جوئي، خط خوشيءَ مان کول، ڏات جو ڏيهه، راشد جي رهاڻ ۽ پاڻيءَ تي پهرو“ سميت هڪ
درجن کن شاعري، نثر، مقالا، انٽرويو ۽ خطن تي مشتمل ڪتاب لکيائين. قومي نظرئي سان سَلهاڙيل
هِي ارڏو انسان ڄڻ سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو، تڏهن ته پُٽڙن جا نالا به سرمد
(جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو)، شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين. راشد مورائي هڪ سُٺو
اُستاد، بهترين نثر نويس، باغي قومي شاعر، هڏ ڏوکي سماجي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان
نواز پڻ هو، سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي
هاري تنظيم جي دورن دوران اسٽيج تي اهڙي نموني ٿي هن جابرن کي للڪاريو، جو کيس اُن وقت باغي شاعر
جو لقب ڏنو ويو. علمي، ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ راشد جو والد سعيد علي ”خادم“، ڀاءُ
روشن علي شاهه، معصوم علي شاهه پڻ شاعري سَرجيندا رهيا پر جيڪا راشد کي شاعريءَ ۾ موٽ
ملي، اها سنڌ جي گهٽ شاعرن کي نصيب ٿي هوندي. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ جي همعصر
هن شاعر جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ انقلاب سان گڏ پيار، پاٻوهه، ميٺ ۽ محبت پڻ سمايل آهي.
ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ واري دور ۾ انقلابي
شعرن جو هِي سرجهڻار، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري
ڪيترن ئي ناليوارن راڳين ڳائي ڳائي آهي. مزاحمت جي علامت بڻيل هن شاعر سنڌ جي حقن جي
هر تحريڪ ۾ حصو ورتو. ”پرو“ جي حلوي، هادي جي ”ڇولن“، ”غفاري“ جي مٺائيءَ واري شهر موري جي راشد کي ساهه جي تڪليف سان گڏ سائي، شگر ۽ فالج جو پڻ
حملو ٿيو، نوابشاهه جي اسپتال بعد کيس حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو،
سندس طبعيت بهتر ٿيڻ بعد وري اوچتو خراب ٿي وئي ۽ کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو. لکين
سنڌين جي مارچ ڏسڻ بعد جڏهن ڪالهه شهيد مقصود قريشيءَ ۽ شهيد سلمان وڌو جا مڙهه مِٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيا پئي ويا، ان مهل هن سنڌ جي مزاحمتي شاعر جي ساهه جي تند به ٽُٽي پئي،
سندس شاعريءَ ڄڻ چيو پئي ته،
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽَ آ ٺاهي،
اُنَ واٽَ تا گذرين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر،
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشد،
سو سبق جي سمجهين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
سندس لاڏاڻي
جي خبر ٽي وي چينلز تي نشر ٿيڻ سان ئي سڄي
سنڌ سوڳوار ٿي وئي، ”پيرن کي روڪجي، نيڻن کي ڇا ڪجي“ ڄڻ نيڻ اياڻا ٿي ٻوٽجي ويا. سنڌ
هڪ وڏي اديب، شاعر ۽ ليکڪ کان محروم ٿي وئي.
موري جي ملڪ ڪالونيءَ کان ويندي کير ٿر کان پارڪر تائين راشد مورائيءَ جي اوچتي
لاڏاڻي تي هر ادب دوست انسان جي اک آلي آهي، سنڌ جي هن البيلي مزاحمتي باغيءَ جي موڪلاڻيءَ
تي اسين سڀ سوڳوار آهيون، دعا آهي ته، رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽
پونئيرن کي صبر ۽ همت عطا فرمائي.
مزاحمتي شاعر مررائيءَ جو وڇوڙو
مصطفيٰ ملاح
سنڌ جي مزاحمتي شاعر، خوددار طبيعت جي مالڪ راشد مورائي، جڏهن ۵ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي ۷۰
هين سالگرهه موري ۾ گهر ڀاتين
۽ دوستن سان ملهائي رهيو هو ته، هن کي ڄڻ الهام ٿي ويو هو ته، هِيءَ سالگرهه هن جي
زندگيءَ جي آخري سالگرهه آهي، هر ڪنهن مٽ مائٽ يار دوست سان سالگرهه واري ڏهاڙي تي
ڀاڪر پائي ملي رهيو هو ۽ اهو ۵ مارچ وارو پورو ڏينهن هن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان
مصروف گذاريو. مان سمجهان ٿو ته، اها هن جي سالگرهه جو يادگار ڏهاڙو هو پر سالگرهه
جي هڪ هفتي کانپوءِ هِي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو،
جتي هن جو ۱۰ ڏينهن
علاج هلندو رهيو پر راشد مورائيءَ جو سئوٽ ڪمشنر حيدرآباد سيد جمال مصطفيٰ شاهه راشد
مورائيءَ کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي اتي علاج ڪرائيندو رهيو، حيدرآباد ۾ صحت
جي بهتري ڪونه آئي، گذريل ۵ ڏينهن کان بيهوش پيل هو ۽ آخرڪار هن ڪالهه اسپتال
۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
راشد مورائيءَ سان گذريل ٽن سالن کان ملاقاتون ٿينديون رهيون، هو جڏهن
به بيمار رهندو هو ته، ڪڏهن به سندس حڪومت کان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو
ڪونه ڪيو. ٽي سال پهرين هن مونکي اهو ئي چيو هو ته، جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي منهنجو ايترو
ئي خيال آهي ته، پٽ شاهه لطيف کي نوڪري ڏين ۽ پوءِ ان وقت ڊي جي ثقافت کاتو مونس اياز،
راشد مورائيءَ کان ڪاغذ گهرائي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڏانهن موڪليا،
جنهن هن جي پٽ جو آرڊر جاري ڪيو....هڪ ڏينهن پهرين جڏهن منهنجي هن سان ملاقات ٿي، ته
هن ڪنهن جي به شڪايت نه ڪئي، بلڪ سنڌ ۽ سنڌ واسين بابت ڳالهيون ڪندو رهيو، چيائين ته،
سنڌ سدائين سُورن ۾ آهي، سنڌ واسين کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهي،
مان سنڌ جي سونهن سندرتا تي گيت لکندو رهان، سنڌو دريا سدائين مست رهي ۽ مان ان جي
لهرن ۾ مڌر موسيقيءَ تي جهومندو رهان، هن کان جڏهن سوال ڪيم ته، زندگيءَ کان ڪهڙيون
شڪايتون آهن؟ چيائين ته، ڪابه نه پر مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ضمير مطمئن آهي، جيڪڏهن
موت آيو ته ان جي خوشيءَ مان آجيان ڪندس. هاڻ ڪابه ڳڻتي نه آهي. راشد مورائيءَ جي زندگيءَ
۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ کان شڪايت نه ڪيائين. سندس زندگيءَ
۾ هن کي ٻن وڏن حادثن جهوري ڇڏيو هو، پهريون صدمو سندس نوجوان پٽ سرمد جو دبئي ۾ حادثاتي
موت ٿيو، ان صدمي مان اڃا نڪتو ئي مس هو ته، مٿس ۲۰۰۹ع ۾ اڌ رنگ جو حملو ٿيو، جنهن کيس اپاهج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس همت
۽ حوصلي ان کي شڪست ڏني. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر راشد
مورائيءَ کي بيماريءَ دوران ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي راشد مورائي جي
پٽ شاهه لطيف سان فون تي سندس پِيءَ جي طبعيت پڇا ڪئي، هن کاتي پاران علاج لاءِ ۲ لک روپين جوچيڪ پڻ موڪليو
هو.
راشد مورائي سنڌ جو واحد شاعر هو، جنهن جي اوطاق تي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن
جو ميڙو متل هوندو هو. قومپرستن سان پاڻ گهڻي ويجهڙائپ رکندو ته، اديبن شاعرن سان ته
روزانو ڪچهريون معمول بڻيل هونديون هئس. موري شهر مان جيڪڏهن ڪوبه سنڌ جو شاعر اديب
گذرندو هو ته، راشد مورائيءَ جي گهر جو پاڻي ضرور پي پوءِ اڳتي ويندو هو. پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ مان مايوس
نظر ڪونه آيو. راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع
تي سنڌو درياهه جي ڪپ ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ جوڻالو تعلقو مورو ۾ جنم وٺندڙ راشد مورائيءَ
جو اصل نالو سيد راشد علي شاهه آهي، سندس والد جو نالو سعيد علي شاهه آهي، سنڌي ٻولي
۽ شاهه لطيف جو سچو کاهوڙي، ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مٽيءَ سان محبت کيس راشد
مورائي بڻائي ڇڏيو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ خلاف اٿندڙ هر ميري اک لاءِ ڪنڊو
بڻجي ويو، صوفي منش انسان، طبيعت ۾ خوش اخلاق ننڍي توڙي وڏي سان هڪ جهڙي راشد مورائيءَ
جي مزاحمتي شاعريءَ جو مزاج هر محاذ ۽ هر فورم تي ظاهر ٿئي ٿو، سن جي سائين جي ايم
سيد سميت تمام قومپرست لڏي سان گهڻي ويجهڙائپ هئڻ سبب سنڌ جي هر ان درد کي هن پنهنجو
سمجهيو. راشد مورائي تعليم ۾ بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ ۱۹۶۱ع کان پرائمري استاد طور نوڪري ڪيائين ۽ ۲۰۰۴ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، هن ۱۹8۲ع ۾ شادي ڪئي، کين ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد آهي، هن جي ڪلامن جو
تعداد 3۰۰ جي
لڳ ڀڳ آهي، ۽ ۵۰ کان
وڌيڪ هن جي ڪلامن کي فنڪارن ڳايو آهي، سندس ڇپيل لکڻين ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون،
مضمون ۽ خاڪا وغيره سنڌ جي تقريبن سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن.
راشد مورائي جي شاعري جو نظريو
سجاد ظهير
سائين راشد مورائي به وڇڙي ويو سائين راشد مورائي ڊگهي عرصي کان بيمار
هيو، پر هو ان ڳالهه تي بيٺو رهيو ته ڪنهن به سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي علاج واسطي اپيل
ڪانه ڪبي. سندس سياسي نظريو سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جو اپٽار ڪرڻ
هو. سائين راشد سنڌ جي مختلف ٽهين جي نمائندگي ڪندو رهيو. سندس شاعري جو محور امن انسانيت
،جمهوريت ۽ سنڌ جي بقا هئي. هو انهن منجهان خاص ماڻهو هيو جن سائين جي ايم سيد کي ويجهڙائي
سان ڏٺو. سائين راشد مورائي جي زندگي ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها ايندارهيا پر هو پنهنجن
ارادن تي قائم ۽ دائم رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون وار سنڌ ٻولي تي ٿيو اڳتي
هلي ون يونٽ نالي ۾ ان طوفان جڏهن سنڌ جي وحدتن، تمندن ۽ ٻولين جي تڏا ويڙهه شرو ع
ڪئي. سنڌين ان جي خلاف وڏي بغاوت ڪئي. سائين جي ايم سيد، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
۽ سنڌ جو آواز بڻيل شيخ اياز سنڌ جي دورن تي نڪري پيا سنڌ نالو لکڻ تي سڌو جيل هجي
ان ويل مورو جي مين پرائمري اسڪول ۾ جيڪو جلسو ٿيو ان ۾ جيڪي بينر لڳل هئا انهن تي
”مورو سنڌ“ واضح طور لکيل هيو حيدر بخش جتوئي هڪ دم چئي ڏنو ته موري وارن ون يونٽ ٽوڙي
ڇڏيو آهي. ان دور جي شاگرد ن قاضي نذير سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌي، سڪندر زمان
جهڙن کوڙ سارن کي ان ڳالهه جي سڌ ضرور هوندي. سائين راشد به انهي مانڊاڻ ۾ شامل رهيو.شهيد
عبدلرزاق سومرو کي جڏهن حيدر آباد جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ شهيد ڪيو ويو ته کيس سنڌي ٻولي
جو پهريون شهيد قرار ڏنو ويو سموري سنڌ سڏڪي اٿي. شهيد عبدالرزاق جنهن جو جنم ڀومي
مورو هو. هو
اڄ به موري جي وچ چوڪ تي آرامي آهي سندس نالي
ڪيل چوڪ پڻ ان قومي تحريڪ جي پيڙهه جي پٿر ۾ شمار ٿئي ٿو، راشد مورائي لاءِ
عبدالرزاق سومري جي شهادت پڻ هڪ وڏو الميو هو. راشد مورائي ان واٽ کي اڳتي وڌائيندو
رهيو. عبدالرزاق سومري جي ياد ۾ هر سال تمام وڏا ميڙاڪا ٿيندا رهيا.
راشد وٽ موجودهه دور لاءِ انيڪ سوال هئا. سنڌ جا اهڙا ڪردار ۽ بي مثال
شاعر جيڪي خود راشد لاءِ اتساهه جو باعث رهيا انهن ۾، شيخ اياز، شمشير الحيدري محمد
خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ عبدالحڪيم ارشد سرفهرست
هئا ڇاڪاڻ جو انهن جو محور سنڌ هئي .مختلف ڪچهرين دوران هو ان نتيجي تي پهتو هيو جنهن
جو اظهار هو ڪندو رهيو ته هن وقت سواءِ نعري بازي جي ڪابه شاعري نه آهي. هن وٽ شاعري
جا معيار بين الاقوامي تحريڪن مطابق هئا هوءُ سمجهي پيو ته جيستائين سنڌ ڀوڳي پئي ايستائين
انقلابي شاعري ۽ قومي جاڳرتا وارن گيتن جو باب بند نه ٿيڻ گهرجي. هو ڪيترن نوجوانن
شاعرن کان متاثر پڻ هيو. اها ئي ڳالهه هئي جو هو اڪثر ڪري انهن مشاعرن ۾ به ضرور ويندو
هيو. سائين راشد سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هيو ايتري تائين جو
شيخ اياز جي جي ”گيت مان ڏوهي هان“ بنياد بڻائي
مان باغي هان لکيائين. اسان سائين راشد کي تمام ويجهو کان ڏٺو هو انڪار کي پسند ڪندو
هو پر ڪوڙ سان مرڻ گهڙي تائين ويڙهه ڪندو رهيو. سندس گيت سنڌي نوجوانن لاءَ ٿرين جي
همرچن وانگي هئا. هن جي شاعري سنڌ جي بغاوت جو ڪيڏارو به هئي ٻئي طرف امن جي جاکوڙ
ڪندڙن لاءِ چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ هئي، جنهن جو
اظهار ظلم جي خلاف بغاوت جو الم کڻڻ جي تبليغ
هئي.
ڪجهه شاعرن جو خيال آهي ته شاعر لاءِ نطريو ڪا به اهميت نٿو رکي پر راشد ان ڳالهه تي سڌو ڳالهه ڪرڻ
جو عادي هو. هيءُ نظرئي کي شاعرن سميت سمورن
ماڻهن لاءِ ضروري سمجهندو هيو، شاعر ڀلي ڪنهن پارٽي ۾ ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽
عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، جنهن جو اظهار راشد جي شاعري ۾ ملي ٿو، نظرئي کان بغير
شاعر راشد لاءِ حيوان واري زندگي گذارڻ برابر هئا سندس منزل عوامي مسئلن کي سمجهڻ هوندو
هيو، جنهن جو اظهار شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لازمي آهي راشد مورائي ان خيال جو هيو، جنهن
جو اظهار سندس شاعري ۾ نظر اچي ٿو. سائين راشد جيڪو اسان منجهه هاڻي نه رهيو آهي سندس
فڪر عوام کي سجاڳ ڪرڻ هيو، هو عوام کان ڪن لاٽار ڪرڻ وارن کي غدارن جي لسٽ ۾ رکندو
هيو. راشد مورائي مرڻ گهڙي تائين انهي اصول تي قائم رهيو. سندس وقت ڏاڍو قيمتي هو،
هو اڪثر ميڙاڪن ۾ پنهنجي پوري وقت تي پڄندو هيو ڪابه محفل وقت تي شروع نه ٿيڻ جي ڪري هو رسي گهر هليو ويندو
هو، کيس روڪڻ جي سگهه ڪنهن ۾ به نه هُئي جو، ڪو گستاخي ڪري سائين کي پرچائي سندس اصولن
کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري .اسان کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته تخليق جي ميدان ۾ انهن هيرن
جي پورهئي تي ڳالهائڻ وارا نقاد آهن ئي ڪون جيڪي شاعر جي ان علمي سطح تي پهچي تحقيقي
فن سان سندس لکڻين کي پرکين تاريخ
ضرور عوام دوست نقاد پيدا ڪندي، جيڪي نالي، ذات، ننڍي وڏي جي ڪنهن به فرق کان مٿاهون
ٿي پنهجي قلم جو درست استعمال ڪندا.
راشد مورائي
جنھن کي سنڌ ياد ڪري ٿي
گُل مورو
ٿيندي
چانڊاڻ هن چوڦير ۾،
اچ ته
نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾.
مهراڻ
جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي سائين سعيد علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد
مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي جوڀن وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن
رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:-
آ دنيا
جي رسم ڪين ناراض ٿي،
هرڪو ڇاڙپ
هڻي ٿو پڪل ٻير ۾!
سائين
راشد، ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت
جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن
نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجندو
رهيو. سندس ڪڙڪيدار آواز جي گوجن صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو
ايمان، سنڌ ۽ سيد هو،
وڃن
شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون،
ڪيون
اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون،
وري دل
۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون،
ڌڪاري ڪڍي
ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون،
اوهان
وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون،
اسان وٽ
جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون،
سڏي ڪي
سڄڻ سان سڄي رات راشد،
ڪبيون
سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون.
سنڌ جي
سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ
جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا.
راشد
جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو
دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو
انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي
ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته:
پرين
پنهنجي عزت جو خيال رکجو،
لکن جي
ڪارپت جو خيال رکجو.
قومي
تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن واري سفر هميشهه شامل رهيو سڄي عمر اهوئي فڪر
سندس رت ۾ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد
شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد
روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي
الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ
جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد
پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ
ته هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا نوجوانن جي رهبري ڪئي
اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون،
مضمون، مقالا به لکيا.
سائين
راشد، سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ شاعري (۲)
مينديءَ سندا کيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل
جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴)
ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد
۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ
تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا
(۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات
(۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو)
(۱۳) سڄڻ جي موڪلاڻي شامل آهن.
لڳ ڀڳ
ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي
به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن
لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪميٽ مينٽ جي
جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي
ضلعي رابطه سيڪريٽري تان مون گل مورو ۽ ٻين دوستن کي بنا جواز معطل ڪري جعلي شاخون
موري نوشهري ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ته پاڻ احتجاجن استعيفا ڏئي ڇڏي. هن مهان شخص کي
نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي
جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:-
اٿو ته
ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي،
ڪو
نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي.
ڪين
چريي کي چور چڱو آ،
چوري
چاڪ چڪائي وجهندين،
هوريان
ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
مستقبل
تي سوچيان ويٺو،
ڏاڍو
آءُ ڏکايل آهيان،
دوست
گهڻو ڪجهه گهايل آهيان.
هي گهڻو
گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن،
پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي
۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين
هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واري واءَ گهلڻ جيان هليو ويو.
راشد
مورائي جي مشهور نظمن ۾ ضمير چهنڊڻيون هيون، مون کي ياد ڪندو ڪر، آءٌ وڏو ڏوهاري
آهيان، مان باغي آهيان، مان هڪڙو ماستر آهيان عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. راشد
مورائيءَ ۱۹۶۶ کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي
جيڪا مسلسل لکندو رهيو. سنڌ جو هي انمول شاعر راشد شهيد عبدالرزاق سومري اڪيڊميءَ
جو سيڪريٽري، باک رسالي جو ٻانهه ٻيلي، پ ٽ الف سکر ڊويزن جو چيئرمين، ۽ آئيني ڪميٽي
جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو سيڪريٽري
رهيو. راشدي مورائي جي شاعري ريڊيو ٽي وي تان نشر ٿيندي رهي. سرمد سنڌي جي آواز ۾،
دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، آ پهچ سگهو دلدار، ۽ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي بيحد
مقبول ٿيا. ان کان سواءِ جلال چانڊئي ۽ سنڌ جي هر فنڪار سندس شاعري ڳائي. هن ڪيترن
شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا.
راشد
مورائي کي ماروي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ايوارڊ، شاهه عبداللطيف
آرٽ سرڪل پاران ايوارڊ، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران گوبند مالهي ۲۰۰۶ ۾ ايوارڊ پڻ مليا سنڌ جو هي عوامي قومي ۽ باغي شاعر آهي هن قومي تحريڪ کي
پنهنجي عمل ۽ شاعري جي ذريعي وڏي هٿي ڏني استاد بخاري جيان اسٽيج جو راڻو رهيو. جن
۾ سندس ڪيترا ئي قوامي تحريڪي توڙي ادبي شاگرد اڄ به موجود آهن جن ۾ خاڪي جويو ۽
تاج جويو جا نالا نمايان آهن، سائين راشد مورائي جي اڄ ۷۳هين سالگرهه تي کيس سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي.
راشد
مورائي جي ياد ۾!
علي ڏنو جروار
سنڌ
سونهاري صدين کان ڪيترا اديب، شاعر، ڏاها، عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا آهن. راشد مورائي
به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي سڃاڻپ گهڻ رُخي آهي. راشد مورائي هڪ ئي وقت استاد به
هو ته وري شاعر ۽ نثر نويس پڻ. ان کانسواءِ سنڌ جي قومپرست سياست سان به سلهاڙيل
رهيو. اڄ سندس چوٿين ورسي آهي. ان حوالي سان ڪجهه سٽون پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿيون.
راشد
مورائي سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جيڪي بحر، وزن، رديف ۽ ڪافيي
جا ماهر سمجهيا ويندا آهن. تنهن کانسواءِ راشد انهن مزاحمتي شاعرن مان هڪ آهي جن
ون يونٽ واري دور کان وٺي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون آهن. ون يونٽ هڪ اهڙو دور هو
جنهن ۾ سنڌ سميت باقي صوبن جي آزادي کسي انهن کي هڪ ئي لڙي ۾ پويو ويو هو. يعني ملڪ
کي ٻن حصن طور رکيو ويو هو. هڪ اولهه پاڪستان ۽ ٻيو اوڀر پاڪستان. جڏهن ته پاڪستان
ٺهڻ وقت ملڪ پنجن صوبن واري ايڪي جي حيثيت سان سامهو آيو. جڏهن سنڌ جي آزاد حيثيت
ختم ڪئي وئي، تڏهن کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي،
تنوير عباسي، ابراهيم منشي، سيد اڪبر، نبي بخش همدرد، سوز هالائي ۽ ٻين ڪيترن ئي
شاعرن مزاحمتي شاعري تخليق ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجڻ شروع ٿي. هي
اهو دور هو جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ برابر هو پر ان وقت به سنڌ
جي اديبن ۽ شاعرن پاڻ ملهايو. جيلن کي پنهنجي لاءِ نعمت سمجهيائون ۽ صاف اعلان ڪندي
چيائون ته “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو” ته اهڙي قسم جي شاعري
سنڌ جي ٻين شاعرن به بهترين انداز ۾ ڪئي آهي. راشد به انهن مان هڪ آهي، جنهن ان
وقت جي سنڌ متعلق ڪجهه سٽون هن ريت تخليق ڪيون آهن.
جهڙو
نقشو سنڌ جو تهڙي تنهنجي سونهن
منهنجي
روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي!
ان
کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهي ڏسو. هُن لکيو آهي ته
هڪڙو
نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون،
جنين ڪاڻ
مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي!
ته اهڙي
قسم جي شاعري سنڌ جي سڀني سرموڙ شاعرن ان وقت کان وٺي تخليق ڪئي، جيڪا اڄ تائين
جاري آهي. ان ۾ اڄ تائين جيڪي به نوان شاعر پيدا ٿيا يا اُڀري رهيا آهن انهن جو به
حصو آهي ته وري ۵۵-۱۹۵۴ واري دور ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر يونيورسٽين ۾ پڙهندا هئا ۽ عملي زندگي ۾
پير پائي رهيا هئا، انهن به سنڌ متعلق شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن آخر تائين سنڌ ڌرتي
سان پاڻ نڀايو. ان دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پيون. جيلن جون اذيتون ۽
صعوبتون ڀوڳڻيون پيون. ڪيترن کي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو پر هُنن سنڌ سان عشق ۽
محبت واري تعلق تان ڪنهن به ريت هٿ نه کنيو ۽ اهي پنهنجي ڪِرت ۾ لڳا رهيا. راشد
مورائي به انهن ئي ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي جنهن تڪليفون به ڏٺيون، پريشانيون به ڏٺيون
پر پوءِ به پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ان کان ڪڏهن به منهن نه موڙيائين. اهو ئي ڪارڻ
آهي جو زندگي جي آخري گهڙين ۾ هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چيائين ته “هِن دل
تي ٻيا ته کوڙ سارا داغ آهن پر ندامت جو داغ ڪونهي ڪو” ته انهي قسم جي ارڏائي ۽
سچائي سان زنده رهڻ فقط راشد جهڙن ئي شخصيتن جو ڪمال آهي. راشد ڪيترن ئي هنڌن تي ڪجهه
اهڙيون سِٽون به سرجيون آهن، جيڪي پڙهڻ سان جيءُ جهري پوي. هُن ڌرتي توڙي سونهن
سان ڀرپور محبت ڪئي آهي. سندس سڄي شاعري توڙي نثر ان جو اُپٽار آهي. سندس هي سٽون
پڙهي ڏسو
دليون
قبرستان بڻجي ويون ماڻهن جون،
شهر-
خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي!
تنهن
کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهڻ جهڙيون آهن ته
ڀاڳ
وارن جا ٿين ٿا يادگار،
زندگي
۽ موت ٻيئي شاندار،
راشدا!
شل موت ٿئي مانائتو،
جِئن
حياتي آهه گذري پروقار!
سو
راشد جهڙن شاعرن جي ڪري ئي اڄ اسان جو سنڌي ادب شاعري ۽ ٻولي شاهڪار ليکي وڃي ٿي.
راشد جا اڄ تائين جيڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، تن ۾ مينديءَ سندا کيت، دل جو شهر، گيت
غزل بيت ۽ دوها وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس نثر به ڇپيو آهي، جنهن ۾ هُن جا خط ۽
ڪجهه خاڪا توڙي مضمون شامل آهن. تنهن کانسواءِ سندس گهڻي مقدار ۾ شاعري توڙي نثر اڻ
ڇپيل به موجود آهي. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. اڄ سندس چوٿين ورسي ملهائي پئي وڃي.
جنهن ۾ سندس شاعري جي هڪ ڪتاب “ڳاڙهي باک ڦٽي” ۽ “سڄڻن جا سنيها” جنهن ۾ راشد
مورائي ۽ قادر بخش طالباڻي جا هڪٻئي ڏانهن خط آهن. ان جي مهورت به رکيل آهي. اها
تقريب راشد مورائي يادگار ڪاميٽي مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو پاران منعقد ڪئي پئي
وڃي. هن تقريب ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي عالم، ڏاها، اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ مفڪر شرڪت
ڪندا.
راشد
مورائي يقيني طور تي سنڌ جي اهڙن آفاقي شاعرن مان آهي، جن جي شاعري جنهن به وقت پڙهبي،
ڳائبي ۽ ٻڌبي آهي ته بلڪل نئين نڪور محسوس ٿيندي آهي. راشد جي شاعري سنڌ جي ڪيترن
ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي آهي. راشد کي پنهنجن ۽ پراون طرفان جيڪي وقت به وقت گهاءَ
ملندا رهيا، تن جو نقشو ڪجهه هِن ريت چٽيو اٿائين.
مونکي
ماري پوءِ منهنجو غم ڪيائون،
چڱو ٿيو
ڪو ته سهڻو ڪم ڪيائون،
مُئي
کانپوءِ اچي راشد! قبر تي
مونکي
ئي حال جو محرم ڪيائون،
چوڻ جو
مقصد هي آهي ته راشد مورائي سميت سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن اهنج ضرور رسيا آهن. جيڪي
اهنج رسائڻ ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
راشد
جي هڪ نظم جون سٽون آهن،
دل جي
ويران رڻ تي ڪڪر بانورا،
ٿورڙو
ئي وسين ها ته ڇا پئي ٿيئي.
آئون
ذاتي طور تي انهيءَ خيال جو آهيان ته اسان جا جيڪي به شاعر آهن انهن جو مقصد ساڳيو
آهي پر رڳو لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪجهڙائي هوندي آهي ته ڪٿي وري اهي مختلف انداز ۾ تخليق
ڪندا آهن. اڄ راشد جي ورسي آهي جنهن حوالي سان آئون سنڌ جي سڀني دوستن کي گذارش ڪندس
ته راشد مورائي سميت سنڌ جي سمورن شاعرن جي شاعري ڌيان سان پڙهن ۽ ان ۾ جيڪا
جدوجهد جاکوڙ جي راهه ڏسيل آهي ان بابت عملي ثبوت ڏين.
سيد راشد مورائي
سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ اديب
گل مورو
ٿيندي
چانڊاڻ هن چوڦير ۾،
اچ ته
نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾.
سائين
راشد سان راجپوتانه اسپتال ۾ اڃا صبح جو سوير عيادت ڪري چنڊ جي چانڊاڻ جون ساروڻيون
ساري کائنس موڪلائي پنهنجي شهر نوشهروفيروز پهتس ته اوچتو مئسيج آيو ته سائين راشد
زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو آهي. اهو ٻڌي نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويا. اڃان سنڌ
مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ شهيد مقصود قريشيءَ جي
جنازي نماز دوران ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي ته مٿان وري راشد جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي روئاڙي
ڇڏيو هو.
مهراڻ
جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع سائين سيد خادم علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد
مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي ڀڪن ۽ آنڀن پچندڙ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو
سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:-
آ دنيا
جي رسم ڪين ناراض ٿي،
هرڪو ڇاڙپ
هڻي ٿو پڪل ٻير ۾!
سائين
راشد ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت
جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن
نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجيندو
رهيو. سندس گونجندڙ آواز جي گونج صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو
ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به هن آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو.
هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو
تمام گهڻو فڪر هوندو هو. اهي ساروڻيون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيون آهن:-
وڃن
شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون،
ڪيون
اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون،
وري دل
۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون،
ڌڪاري ڪڍي
ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون،
اوهان
وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون،
اسان وٽ
جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون،
سڏي ڪي
سڄڻ سان سڄي رات راشد،
ڪبيون
سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون.
سنڌ جي
سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ
جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا.
راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو.
دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون
ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه
هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته:
پرين
پنهنجي عزت جو خيال رکجو،
لکن جي
ڪارپت جو خيال رکجو.
قومي
تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو روح سندس جسم ۾ سڄي عمر اهوئي سندس رت
سان گڏ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر
ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد خادم علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن
علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف
ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي
قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت
تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ هن اڏول
انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا هن رهبري ڪئي، اها اسان سڀني
لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا
به لکيا.
سائين
راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ، شاعري (۲)
مينديءَ سندا گيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل
جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴)
ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد
۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ
تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا
(۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات ۽ (۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) شامل آهن.
لڳ ڀڳ
ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي
به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن
لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ جي جهلڪ
نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن
جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين
تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:-
اٿو ته
ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي،
ڪو
نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي.
ڪين
چريي کي چور چڱو آ،
چوري
چاڪ چڪائي وجهندين،
هوريان
ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
مستقبل
تي سوچيان ويٺو،
ڏاڍو
آءُ ڏکايل آهيان،
دوست
گهڻو ڪجهه گهايل آهيان.
هي گهڻو
گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن،
پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي وڌيڪ جهوري وڌو هو. اهي درد و
سور کڻي ۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين
هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. اڄ هو جسماني طرح
هت موجود نه آهي پر لطيف ۽ جي ايم موجود آهن. جن ٻنهي جي اکين ۾ سائين راشد وارو
تيج ۽ پاڻي آزاديءَ وارو عشق موجود آهي ۽ رهندو.
راشد مورائي
سنڌ جو مزاحمتي شاعر
ساجده چنه
ڪي
ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها
مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه
راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ
آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي
پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع
۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو.
پاڻ
شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي. اڄ به راشد مورائي ڪيترا ئي گيت سنڌ جا سرجي پيو. هن
وقت تائين راشد مورائيءَ جون ڇپيل لکڻيون؛ جنهن ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون،
خاڪا وغيره سنڌ جي سڀني رسالن توڙي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا موجود آهن. 3۰۰
جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس گيت، غزل ۽ ڪافيون ڳايون آهن.
جڏهن
ته ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”شاعري“، ”مينديءَ سندا کيت“، ”غزلن جو
مجموعو“، ”سل
جو شهر“ موجود آھن.
مختلف
صنفن تي ڪيل شاعري؛ ديوان راشد، شعلا شعلا واءَ ۾، اڳتي تاڻ امنگ جي، پاڻيءَ جو
پهرو، ڏات جي ڏيهه ۾، راشد جي رهاڻ، انصاف جو گهنڊ، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌي ادب
جي ارتقا، يتيم جذبا، عشق جو آواز، هو جي ٻول ٻريا شامل آهن.
جڏهن
ته اڃا به سندس ڪيترو ئي تخليقي مواد، اڻ ڇپيل آهي. جنهن ۾؛ خط خوشيءَ مان کول،
تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، جهڙيون انمول لکڻيون وٽس
موجود آهن.
راشد
مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون
سرانجام ڏنيون آھن.
کيس
سوين ايوارڊ؛ سنڌي ادبي سنگت، سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران
ڏنا ويا آهن.
اڄ
به سائين راشد، ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو سهارو آهي. کيس نوجوان پٽ، شاه عنايت جي وڇوڙي
جهوري ڇڏيو. تنهن
جي باوجود مورو ناهي ٿورو ۾، هن مزاحمتي شاعر جي مهمان نوازي ۽ ڌرتيءَ سان عشق ڏسڻ
وٽان آهي. ھو اڄ به چوي پيو ته؛
”مان باغي هان! مان باغي هان!“
راشد مورائي
رکيل مورائي
سنڌ جو ارڏو شاعر شائين راشد مورائي،
ان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ڄائو، جنهن سنڌوءَ ڪپ تي ويهي دنيا جا قديم ترين ويد لکيا
ويا. شايد اهو ئي سبب هئو جو سندس شاعري ۾ توڻي طبيعت ۾ آخر تائين سنڌوءَ واري گجگوڙ
رهي. هن جو شعر پڙهڻ سنڌوءَ جي گجگوڙ جو احساس ڏياريندو هئو ۽ هن جي طبعيت جيڪا ڪڏهن
غضبناڪ هوندي هئي ته ڪڏهن ڪچي جي چيڪي مٽيءَ وانگر نرم ۽ نفيس.
پڪ سان سائين راشد آخر تائين پهنجي
مزاج ۾ نرمي توڻي سختيءَ سان نڀاءُ ڪندو آيو. سندس مزاج ان آب هوا ۽ جي علامت هئو،
جيڪو اڪثر دريائن جي ڪنارن سان رهندڙ ماڻهن جو هوندو آهي. هن جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو،
ان کي جوڻالوءِ چوندا آهن.
شاعر ابن شاعر سائين راشد مورائي،
جوڻالوءِ ۾ پيدا ٿيو. جنهن گهر ۾ هن جنم ورتو، ان ۾ علم ادب ۽ شاعري اڳ ئي موجود هئي.
ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب ۽ ٻه وڏا ڀائر شاعر هئا. جنهن ڪري ننڍپڻ ۾ ئي هن کي شاعريءَ
سان پالو پيو. هن ڪيترا عشق ڪيا، اهو ڳجهه اڄ تائين سندس همعصر سلي نه سگهيا آهن. پر
سندن سنڌ سان عشق عالم آشڪار آهي. سندس ڳوٺ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو شاعرن جو
ڳوٺ هئو، جنهن لاءِ سنڌي ٻولي جي، پنهنجو لهجو رکندڙ شاعر مشتاق باگاڻيءَ لکيو هيو
ته
سج لٿي
کانپوءِ،
جرڪيو جوڻالوءِ،
ميڙا ٿيا
مچ تي.
اهو جوڻالوءِ جڏهن سنڌوءَ جي تيز
وهڪري هيٺ اچي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو، تڏهن سائين راشد موري لڏي آيو ۽ سدائين لاءِ
موري جو ٿي ويو. موري جيڪو کيس مانُ بخشيو، اهو اڄ سنڌ جي هر لکئي پڙهئي جي آڏو آهي
۽ هن جيڪو موري سان پيار ڪيو اهو به اسين سڀ ڄاڻون ٿا.
سائين راشد وطن دوست اديبن ۽ شاعرن
جي سٿ جو شاعر هئو. جن سنڌ جي آجپي لاءِ سموري عمر جاکوڙيو ۽ ڪڏهن به طمع جي طلب نه
ڪئي. شاعري ۾ هو ان قبيلي جو شاعر آهي، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، ابراهيم
منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. هي سڀ اهڙا شاعر آهن، جن
جي گيتن ۽ نظمن سنڌ جي قومي تحريڪ کي جلا بخشي. هنن جي نظمن سان قومي جلسن جون اسٽيجون
گونجي اٿنديون هيون، سندن وڃڻ سان اهي اسٽيجون ٻسيون آهن.
سائين راشد هڪ شاعر طور سنڌ جي اهم
شاعرن جي قطار ۾ شامل آهي. هن هڪ پاسي قومي تحريڪ جي اسٽيجن کي سونهن بخشي ٻئي پاسي،
سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ درجن جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڏنا آهن. ساڳئي وقت سنڌي نثر ۾ پڻ سندس
اڌ درجن کن ڪتاب موجود آهن، ان ڪري هن جو ادب ۾ به ايترو ئي حصو آهي، جيترو قومي تحريڪ
۾.
ادبي تحريڪ جي حوالي ۾ مورو سندس
احسامند رهندو، هن جي اوطاق سموري سنڌ جي اديبن شاعرن لاءِ هڪ گهاٽي بڙ وانگر هئي،
جنهن جي ٿڌي ڇانو ۾ اتر کان ڏکڻ ايندڙ توڻي ڏکڻ کان اتر ويندڙ عالم، اديب ۽ شاعر اچي
ڏينهن گاريندا هئا ۽ علم ادب ۽ شاعري جو واس وٺي، اڃ اجهائيندا هئا. هيءَ اوطاق اسان
لاءِ هڪ درسگاهه جو درجو رکندڙ هئي، جتان اسان ڪيترن ئي علم حاصل ڪيو، اهو سماجي علم
هجي، سياسي علم هجي يا ادب جو علم ۽ شاعريءَ جو علم هجي سچ پچ ته اڄ موري ۾ اهڙي ٻي
ڪا به جڳهه نه آهي، جنهن سان هن درسگاهه جي ڀيٽ ڪري سگهجي، ها ساڻس ڪيئي سهمتيون/ اسهمتيون
رهيون پر مورو اهو ڪئين وساريندو ته ان ۾ هڪ راشد مورائي به رهندو هئو، جنهن موري کي
واڌو هڪ سڃاڻپ ڏني ۽ شاعراڻي آواز جو پڙاڏو ڏنو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ گونجندو رهيو ۽ اڄ
به گونجي رهيو آهي، جنهن گونج ئي کيس سنڌ ۾ باغي شاعر جو اعزاز ڏياريو.
اڄ به هو باغي شاعر جي نالي سان
سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر هو هڪ بيحد ئي رومانوي شاعر به آهي، هو جتي نظم جو باڪمال
شاعر آهي، اتي عزل جو به بي مثال شاعر آهي ٻي طرح هن سڀني شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي
ڪئي آهي، سندس، ڇپيل ڪتاب ۽ انهن کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل ڪتاب اهڙي شاهدي ڏيندا، جيڪي
ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن، پڪ سان جڏهن اهي ڇپجندا ته سنڌي شاعراڻي ادب جو مرتبو اڃا به
وڌندو.
ڪتابن جي چپجڻ جو جوڳو بندوبست نه
هجڻ سبب ڪي اهم ڪتاب ڇپجڻ کان رهجي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ئي غير اهم ڪتاب ڇپجي اها جڳهه ولارين
ٿا، جتي اهي هجڻ يا نه هجڻ واري هڪ ئي حالت ۾ موجود هجن ٿا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ سڪن
ٿا ۽ سائين راشد جي شاعراڻن ڪتابن جو اهو عالم آهي ته اهي ڇپجڻ کان ستت پوءِ پڙهندڙن
جي دلين ۽ اکين تائين ته پهچي وڃن ٿا پر مارڪيٽ مان غائب ٿي وڃن ٿا.
اهڙو اعزاز سنڌ جي گهٽ شاعرن کي
نصيب ٿيو آهي ۽ جن کي پڙهندڙ ن پاران اهڙو مرتبو عطا ڪيو ويو آهي، يقين سان سائين راشد
انهن مان هڪ آهي، اڄ سندس ٻي ورسي آهي، جيڪا سموري سنڌ جي الڳ الڳ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملهائي
ويندي ۽ کيس ڀيٽا ڏني ويندي. کيس ڀيٽا ڏيندي،
هيءَ لفظ لکندي هڪ آٿت محسوس ٿي رهيو آهي ته
اسان سڀ جن ساڻس عمر جو لڳ لڳ وڏو حصو گذاريو
آهي، اڄ کيس پاڻ سان گڏ محسوس ڪريون ٿا، سندس شاعريءَ توڻي طبعيت جي
سڀني سختگيرين توڻي نفاستن سان گڏ ٽهڪن توڻي ڳوڙهن سان گڏ! سنڌ تو راشد جهڙا پٽ ڄڻيا.
پڪ سندس شعر جي ڀيٽا تو کي به هجي.
سنڌ تو کي عظمتون نيبهه هجن!
ڇاڪاڻ ته تو اعليٰ عظمتن کي ڇهندڙ
شاعر پٽ ڄڻيا، جن تنهنجي سينڌ ۾ پنهنجي گيتن جا ڪيئي گل سجايا آهن ۽ تنهنجي پوتيءَ
جي پاند ۾ ڪيترا ئي نظم ستارن جيان سڃايا آهن، جن جي چمڪ ايستائين رهڻي آهي، جيستائين
هيءُ جرڪندڙ جڳ آهي، جيستائين سنڌي ٻولي آهي ۽ جيستائين هن ديس جو هڪ به ٻچو سلامت
آهي.
راشد مورائي
الوداع راشد ڪيون ٿا ساٿ کان
مظهر خاصخيلي
اڄ ۲۴هين مارچ جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ڌرتي کان ارڏو مزاحمتي باغي شاعر
راشد مورائي جسماني طور تي وڇوڙو ڪري ويو هو. شايد ان جي لاءِ هن پنهنجن هيٺين سٽن
۾ چيو هو ته،
الوداع
راشد ڪيون ٿا ساٿ کان
زندگي ان
موڙ تي پهچي وئي.
شاعري ڏات آهي پر هي ڏات به هر شاعر
کي پنهنجي ڏانءَ ۽ ٿانوَ جيتري ملي ٿي. ڪٿي اڏ جيتري اوت، ڪٿي واهڙ وارا وهڪرا ته ڪٿي
بنهه مهراڻ جون موجون! مطلب ته وس آهر رس ۽ هستي سارو مستي ڏسجي ٿي ۽ شاعر اهو به آهي
جو پنهنجي قوم بلڪه سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي امن جو آواز اٿاري، ظلم سان جنگ جوٽي
۽ ان جي ڪري شايد جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ۽ زندگي
شڪست کائيندڙ ۽ فتح ماڻيندڙ سياستدانن جي ڪري برقرار نه رهندي آهي پر اها شاعرن ۽ فنڪارن
جي ڪري زندهه رهندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ اهو دور اچي جو نهرو کي ڪو سڃاڻي به
نه پر ٽيگور ۽ پريمچند ان دور ۾ به زندهه هوندا ۽ ان جي ڪري اسان پنهنجي سنڌ تي جڏهن
نظر وجهون ٿا ته مون کي لڳي ٿو ته راشد مورائي انهن شاعرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي
ويو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ ان جا رهواسي ڪڏهن وساري يا ڀلائي نه ٿا سگهن ۽ ان جي لاءِ
راشد مورائي شايد هيٺيون سٽون چئي ويو آهي،
ڀاڳ وارن
جا ٿين ٿا يادگار
زندگي
۽ موت ٻئي شاندار
راشد! شل
موت ٿئي مانائتو
جيئن حياتي
آهه گذري پروقار.
۽ شايد ان جي ڪري آخري ڏينهن ۾ جڏهن
هن کي ساهه جي تڪليف سبب نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، تڏهن هن جا جذبا بيحد
اتم هئا. هن چيو پئي ته مون کي موت آيو ته منهنجو ضمير مطمئن هوندو ۽ مان مرڪندي مرڪندي
مرندس ۽ ائين ئي هو خوددار شاعر جي حيثيت سان مرڪندي اسان کان موڪلائي هليو ويو، جيئن
سندس مشهور غزل آهي، جيڪو سنڌ جي سمورن سريلن فنڪارن ڳايو آهي.
تنهنجي
محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين
ڀونئر آهيون
وٺي سرهاڻ هليا وينداسين
پاڻ وڻجارا
گهڙي پل مسافر راشد
رڳي ڀرجي
وهي مهراڻ هليا وينداسين.
راشد جو جنم مورو تعلقي جي ڀرسان
سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ جوڻالي ۾ سنڌ جي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر سيد سعيد علي شاهه خادم
جي گهر ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي ٿيو. شاعري ۾ سندس استاد به سندس والد هو ۽ ان جي ڪري راشد مورائي پنهنجي
شروعاتي دور کان آخر تائين حسن انقلاب ۽ مزاحمت پنهنجي تخليق جو موضوع بڻايو. هن جو
نظريو آدرش ۽ مسلڪ سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتي هئي. هن سنڌ جي حُسن ۽ ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ
لکيو ۽ قدرت راشد سائين کي جتي شعر چوڻ جي ڏات سان نوزايو هو، اتي ساڳئي وقت کين هڪڙو
عجب جهڙو مٺڙو ۽ گرجدار آواز ۽ مشاعري ۾ شاعري پيش ڪرڻ جو زبردست ڏانءُ پڻ ڏئي ڇڏيو
هو. سندس اهڙي شاعري ۾ برابر ته ڊائريڪٽ شاعري جو نمونو هوندي هئي پر شاعراڻي ترنم،
لفظن جي موسيقيت ۽ سٽ سِٽ ۾ سمايل سنگيت سبب مشاعري مان اٿندي مهل هن جون ڪيتريون ئي
سِٽون ڄڻ ذهن ۾ دير تائين پڙاڏو ڪنديون رهنديون هيون ۽ ڪو وقت هو جڏهن قومي مشاعرن
جي بي پناهه ڀل ڀلان هوندي هئي، تڏهن اهڙي هر مشاعري ۾ ”سرويچ سجاولي“ محمد خان مجيدي،
استاد بخاري ۽ راشد مورائي هزارن جي هجوم ۾ مائيڪ تي اچي جڏهن قومي شاعري پڙهندا هئا
۽ خاص ڪري راشد مورائي جڏهن پنهنجا هي نظم پڙهندو هو ته:
جهنگ جهر
۾ روشنيون اڀري پون
بر پٽن
۾ زندگيون اسري پون
ماڻجن جيئري
ئي جڳ ۾ جنتون
سنڌ جا
ڳوٺ جي سڌري پون.
ان وقت ماٺ ڇانئجي ويندي هئي. هي
قومي نظريي سان سلهاڙيل ارڏو انسان سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو. تڏهن ته پنهنجي
پٽڙن جا نالا به سرمد جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو. شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين.
راشد مورائي هڪ سٺو استاد، بهترين نثر نويس، باغي ۽ قومي شاعر، هڏڏوکي انسان، سماجي
اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز پڻ هو. سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي
هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽي جي دور دوران اسٽيج تي اهڙي نموني هن جابرن
کي للڪاريو هو جو کيس ان وقت باغي شاعر جو لقب ڏنو ويو ۽ سائين راشد مورائي ۱۹۷۴
ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ ايم آر ڊي جي
تحريڪ ۽ ون يونٽ جي دور ۾ انقلابي شاعرن جو هي سرجڻهار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي
جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي سنڌ جي ناليوارن راڳين ڳائي آهي. جڏهن
ته سندس شاعري جا ۷ ڪتاب ڇپيل
آهن، جن ۾ پهريون سنڌڙيءَ جو سوداءُ ٻيو مينديءَ سندا کيت، ٽيون دل جو شهر، چوٿون شعلا
شعلا واءُ ۾، پنجون ديوان راشد، ڇهون ڪافيون گيت غزل، ستون درد ۾ دلجوئي کان سواءِ
جڏهن ته نثر ۾ خاڪن جو مجموعو اڳتي تان امنگ جي ڪهاڻين جو، پاڻيءَ تي پهرو خطن جو مجموعو،
’خط خوشيءَ مان کول‘ ڇپيل آهن. سائين راشد مورائي ۱۹۶۲ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پنهنجي پوري نوڪري دوران نهايت ئي ايمانداري سان تعليم
جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. پرائمري استادن جي تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن
سان سندس گهري وابستگي رهي، جن شخصيتن پ ٽ الف ۾ روح ڦوڪيو تن چند شخصيتن مان سائين
راشد مورائي به هڪ هو. پاڻ ۲۰۰۴ ۾ گورنمينٽ
مين پرائمري اسڪول موري مان رٽائرڊ ٿيا ۽ ائين سائين راشد پنهنجي پوري عمر علمي ۽ ادبي
خدمت ۾ گذاري ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جو ميمبر رهيو. هي جتي به رهيو دل کولي قومي ڪم ڪيائين.
سنڌي ماڻهن جو ويساهه بحال رکيائين. هن جيڪو به ڪم ڪيو، پنهنجي دل جي چوڻ تي ڪيو هو،
ڪڏهن به ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه هليو. اهڙي ريت راشد قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو ۽ ڪيترو
عرصو جيئي سنڌ محاذ ۾ رهي ڪم ڪيائين. دوستن سان گڏجي ڪيترن ئي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ حصو
ورتائين ۽ سنڌ جي آزادي جو پرچار ڪيائين ۽ هن سنڌ جو وڏو حصو پيرن هيٺان لتاڙي، جهرجهنگ
جهاڳي سنڌ جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو. وقت جو انتهائي پابند ڪيترن ئي ڀلن دوستن
کيس پنهنجن پروگرامن جون صدارتون ڏنيون پر وقت تي پروگرام نه ٿيڻ جي ڪري راشد اتان
هليو ويندو هو ۽ اڄ جڏهن ۲۴هين مارچ
جو ڏينهن آهي ته سائين راشد مورائي جون يادون تري آيون آهن ۽ سندس اهي سٽون ورجائڻ
تي دل چوي ٿي ته:
مون ٻڌو
آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي
موت ٽارو
ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.
راشد مورائي
سماجي تبديلي جو شاعر
اظفر ميمڻ
انسان پنهنجي فڪري ارتقا ۾ سماج
جي حالتن کي سمجهندو رهيو آهي سندس لقاءَ ڏسندي ان جو جائزو وٺندو رهيو آهي سماجي حالتن
جو اثر انسان تي تمام گهرو پيو آهي، سماجي اثر انسان جي فڪري ارتقاتي پڻ گهرو اثر ڇڏيو
آهي هر دور م فطري طور غير معمولي ماڻهن جو جنم ٿيوآهي جن سماجي حالتن جو جائزو وٺندي
پنهنجي فڪري اڏام جي ذريعي سماج کي بدلائڻ جي ڀرپور ڪوشس ڪئي آهي.
سنڌ جي مٽي ۵
مارچ ۱۹۴۴ع ڌاري
هڪ اهڙي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن جي شخصيت پنهنجي مزاج ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
ان شخصيت جو ڇٽيءَ جو نالو “راشد
مورائي” سجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، راشد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ته ان کي ورهاڱو نصيب
ٿيو سنڌ جو مڊل ڪلاس هتان لڏي وڃي چڪو هو، سندس تربيت هڪ صوفي گهراڻي ۾ ٿئي ٿي، اڳتي
هلي سماجي حالتن جو اثر ۽ سياسي پختگيءَ جي ڪري ترقي پسند فڪر جي اثر هيٺ زندگيءَ جي
گاڏي کي گهلي ٿو ڇوته ان سڄي دور جي اٿل پٿل جو دور چئجي ٿو ته وڌاءَ نه آهي.
غير معمولي ماڻهو سماجي ۽ سياسي
حالتن جو گهرو اثر وٺندا آهن، راشد تي ان دور جي حالتن جو اهڙو ته اثر ٿيو جو هو هڪ
ترقي پسند ۽ سماجي سجاڳيءَ جو شاعر ٿي سامهون اڀري آيو، ۽ زندگيءَ جي آخري حصي تائين
انهي عمل ۾ پيرا رهيو هن جو پڻ سماجي سجاڳي ۽ سماجي حالتن جو جائزو مقصد بنجي ويو،
ساڳئي وقت هي محبِ وطن ۽ انسان دوست شاعر جي صورت سامهون آيو.
راشد مورائيءَ جنهن دور ۾ سماجي
حالتن جي گهيري ۾ رهيو ۽ پنهنجي شعوري ارتقا سان لکندڙ اياز به هو، جنهن جي فڪري پختگيءَ
کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي، انهي دور جا ٻيا فڪري ۽ پختا ڪردار استاد بخاري، نياز
همايوني، ابراهيم منشي، امداد حسيني، عبدالڪريم ارشد، مير محمد پيرزادو، تنوير عباسي،
شمشيرالحيدري ۽ ٻيا کوڙ سارا مضبوط ماڻهو رهيا، جن جي لکڻين ۾ پڻ هڪ وڏو سحر وهيو آهي،
فڪري پختگي ۽ سماجي شعور جي ڳوڙهي اڀياس جي ڪري چمڪندڙ ستارا رهيا آهن، جن جي لکڻين ۾ پڻ سماجي تبديلي
طرف حالتن جو جائزو ورتل آهي.
اتي راشد مورائي پنهنجي فڪر جون
ارتقائي منزلون طي ڪندي، هڪ الڳ جاءِ ٺاهي ٿو.
راشد مڃتا جي گهوڙي تي چڙهي جيڪو
سير ڪيو آهي اهو گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي، راشد انهيءَ دور ۾ پنهنجي حيثيت مڃائيندي
اڳتي وڌندڙ رهي ٿو.
راشد هارين ۽ پورهتين تي ظلم، جاگيرداري
نظام، سنڌي هندن جي لڏپلاڻ،سنڌي ٻولي تحريڪ چوٿين(۴) مارچ جو ڏهاڙو، غربت ، مفلسي، ڏاڍ، جبر ، محڪوم طبقي جي پيڙا، ون يونٽ جو
قيام ايم آر ڊي تحريڪ وغيره راشد جي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو اٿن، راشد حساس دل رکندڙ
شخص انهن حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪندي پنهنجي ترقي پسند فڪر سان جيڪا شاعري ڪئي ان سماج
۾ وڏي اٿل پٿل آڻي ڇڏي، ۽ انهن سڀني ظالم ڪردارن کي سڌو طرح حصو رهيا آهن.
راشد مورائي جي فڪري اڏام ۾ سنڌ
جي عظيم ماڻهو سائين جي ايم سيد جو به هڪ وڏو حصو رهيو آهي جنهن ساب وابستگي جي ڪري
هن جي شخصيت ۾ الڳ رنگ ملي ٿو ۽ ائين تمام گهڻين شخصيتن هن جي شعوري سگهه ۾ ڪردار ادا
ڪيو آهي پوءِ اهي شخصيتون زنده هجن يا انتقال ڪري ويل هجن ڇونه ڇو ته راند انتقال ڪري
ويل شخصيتن جي لکڻين جي گهرو مطالعو ڪري پنهنجي سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو پئي ڪيو هو۽ زندگيءَ
جي آخري وقت تائين اهو عم جاري رهيو.
راشد پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ پڻ اهڙي
قسم جي گفتگو ڪئي آهي، راشد پنهنجي زباني ٻڌايو ته آءُ سنڌي ادب، سياست، تاريخ جو سٺو
مطالعو ڪيو آهي ۽ ڪيان پيو، راشد ٻڌائيندي چيو ته آنءُ اردو ۽ روسي ادب جو پڻ چڱو مطالعو
ڪيو آهي.
جنهن عمل جي ڪري راشد جي زندگي فڪري
پختگيءَ سان ڀرپور رهي.
راشد جي زندگيءَ توڙي شاعريءَ جا
اهم پاسا مضبوط آهن، جن ۾ هڪ آهي مزاحمت ۽ ٻيو آهي ترقي پسند.
سندس شاعريءَ جي گهرائيءَ سان مطالعو
ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ ٻين لاڙن رجحانن ۽ فڪرن سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو
حصو انهن ٻن پاسن جو آهي.
مزاحمت صرف اهانه آهي ته ظلم سهي
وڃجي يا لٺ ڏڪو کڻي ويڙهه ڪجي، بلڪه مزاحمت جو هڪ ٻيو رخ اسان صوفين ڏسيو آهي، جيڪو
آهي جانوراڻي، يا وحشي جبلت خلاف مزاحمت جو انا، اهنڪار، حسد، ڪينو، لالچ ، دغا، هرس،
ساڙ خلاف مزاحمت.
اهو فڪر پڻ راشد کي ورثي ۾ مليو،
ڇوته سنڌ جي مجموعي شعور جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اها ڳالهه واضع طريقي سان
سمجهه ۾ اچي ٿو.
راشد هڪ باشعور شاعر هو، جنهن جيڪو
به لکيو اهو سوچي سمجهي ۽ مقصد سان ڀرپور لکيو، راشد جي شاعريءَ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي ابدي
جنگ ملي ٿي، راشد جي شاعريءَ ۾ نظرياتي پختگي ۽ سگهاري سوچ جي عڪس نظر اچن ٿا، راشد
جا نظم هن ڌرتي مان ڦٽي نڪتل گلاب جي خوشبوءَ وانگر ٽڙيل نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ
۾ تخليقي ارتقا سان گڏوگڏ جدوجهد جو درس ملي ٿو.
راشد جي شاعريءَ جي هر سٽ وڏي معنيٰ
۽ مفهوم رکڻ سان گڏ اتساهه پڻ ڏئي ٿي.
اڄ سندس ٻين ورسي آهي، کيس کي ڪجهه
سٽون لکي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڦل منهنجي محنت جو، منهنجي پوئيرکي
مليو ته به ٺيڪ ٿيو
مون پنهنجي حياتي منجهه ڏٺو، ميوو
نه سهي ڪو ٻور سهي
”راشد“
سائين راشد مورائي
جڳ ۾ جيئندس ھمت حشمت سان
وزير فرهاد سولنگي
سائين راشد مورائيءَ جو جنم ۵
مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ “خادم”
جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. اهڙي طرح راشد مورائي کي
شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم
جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
راشد مورائي نه صرف شاعر آهي پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا
مال ڪيو آهي. سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت آهي، جنهن کيس پنهنجي پيار
۽ شفقت جي اثر هيٺ، سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو آهي. جنهن ڪري پاڻ هن وقت سنڌ
۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به آهي ته محبوب به آهي.
سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻو هئڻ سان
گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ آهي. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق
تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن
۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا آهن.
جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا آهن. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي
ماڳن تي روانا ٿيندا آهن.
سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ، انتهائي شفقت وارو هوندو
آهي. پاڻ سندن غمين ۽ خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو آهي. سندس چوڻ هوندو آهي ته
جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا
ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو آهي. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ،
وسنديون گهمي ڏٺيون آهن ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون آهن. پاڻ
ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آهي. جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان
کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبًا ڏهاڪو کن ڪتابن
کان مٿي آهي.
سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هي اسٽيج
جو بادشاھ شاعر آهي. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءَ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي
محبت ۽ مقبوليت ملي آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
هڪ ڀيري کانئس نجي ڪچهريءَ دوران پڇيم؛ ”سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان
ڪا شڪايت آهي؟“ پاڻ موٽ ۾ چيائين؛ ”سنڌي قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب
کان ڪا به شڪايت نه آهي. سنڌي ماڻهن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي. جنهن کي
مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو.“
سائين راشد مورائي، سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون
خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت
هوندي به پاڻ هن وقت تائين سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي
قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ
سان گذاري آهي. هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ ناهي جهڪيو. هن سدائين سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ
جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن. دعا آھي ته رب پاڪ کيس سالم صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا
فرمائي ته جيئن سنڌي قوم کي اڃا به پنهنجا گيت ارپيندو رهي.
راشد مورائي
سنڌ جو يگانو شاعر
خليل عارف سومرو
محبت بخشو ماڻهپو، اُنس ڪيو انسان،
هيس اڳي حيوان، عشق بڻايو آدمي.
مان پنهنجي مٺڙي ماتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جهڙي آ سونهاري سُهڻي،
تهڙا آهن هن جا ماڻهو مٺا ۽ ملوڪ. اصل مکڻ جا چاڻا ۽ موتين جا داڻا. دل جهڙي اهڙي
ديس کي هن وقت امن، ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ضرورت آهي هينئر وقت جي تقاضا آهي ته
سجاڳ ٿيجي ۽ وطن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي مورو تعلقي جي جوڻالي ڳوٺ ۾ جنم
وٺندڙ سائين راشد مورائي جنهن جون جوتون هاڻي ساري جڳ ۾ ڦهلجي ويون آهن ان ارڏي ۽
انقلابي مرد مجاهد سائين راشد کي سلام طور ٻه اکر ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو، شال قبول
پون. سچ چوندا آهن مورو ناهي ٿورو اهو ئي مورو ۽ اتي ڳڻن ۾ سڀني کان ڳورو سائين
راشد مورائي سنڌ جو سچو عاشق صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سورمو آهي. سنڌ جو هي سيد ڀٽ ڌڻي
وانگي سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آبادي لاءِ دم دم دعاڳو آهي، سائين راشد مورائي سنڌ
جي عظيم روايتن کي نه رڳو قائم رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي بلڪه روشن ضميري جي روشني
جهڙين انهن روايتن کي جنم به ڏئي رهيو آهي. عطا محمد ڀنڀري سنڌ امڙي جي ٿڃ
ملهائيندي ايوارڊ ٺڪرايو موٽ ۾ مٽي کيس مان ڏنو. مريم مجيدي ايوارڊ قبول نه ڪيو قوم کيس سلام پيش ڪيو
سائين راشد مورائي ۰۶ آڪٽوبر تي پنهنجي رٿيل
رهاڻ ملتوي ڪرائي اهڙي عمل سان ديس واسي سرها به ٿيا سُرها به ٿيا. سائين راشد
مورائي سان ۰۶ آڪٽوبر تي ساڃاهه وند سوسائٽي
مورو طرفان رهاڻ هئي جنهن جو ڪارڊ سڄي سنڌ وانگر مون تائين به پهچي چُڪو
هيو پر سائين پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي اهو چيو ته (سنڌ هينئر تمام
ڏکئي وقت مان گذري پئي کيس ٻٽي نظام جي
صورت ۾ ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري
آئي آهي ڌرتي جا ڳڀرو شهيد ٿي رهيا آهن سنڌ جي هن سڏڪندڙ صورتحال ۾ مان پنهنجي
رهاڻ نه ٿو ڪرائي سگهان منهنجو ضمير ئي گوارا نه ٿو ڪري ته جيجل جنجل ۾ هجي ۽ مان
گلن جا هار پائي اجرڪ اوڍي خوشيون ملهايان.) مون سان اها ڳالهه سائين منظور علي
شاهه منظور جڏهن فون تي ڪئي ته منهنجي دل ۾ سائين راشد لاءِ احترام ۽ عزت اڳي کان به اڃان گهڻو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته سائين
راشد مورائي هن وقت جنهن پير سنيء جي موڙ تي آهي يا سندس بيماري جنهن اسٽيج تي آهي
جتي دنيا جو ٻيو ڪوبه ماڻهو هجي ته اهو سوچيندو ته گهڙي پل جو مهمان آهيان جيترو گهڻو کائي سگهان
کاوان. ڏسي سگهان ڏسان، گهمي سگهان گهمان مطلب ته وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ مزو ماڻيان پر
سائين ان جي ابتڙ پنهنجي رهاڻ ٺڪرائي نه رڳو سنڌ پرستي جو ثبوت ڏنو پر پنهنجي
ويڙهيچن سان وفا جو وچن ورجائي ڏيکاريو، سائين راشد توکي سلام آهي.
ساهه برابر سنڌڙي آهي
سنڌڙي راشد جندڙي آهي.
سنڌ کي ساهه کان وڌيڪ مٺو ڀائيندڙ سائين راشد پنهنجي ڌرتي سان Committed آهي
ماتا تو کان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ
سنڌڙي مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت سان
اڄوڪي هن دور جي اڳ ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ئي ڪئي هئائين
هي دور آ بد اخلاقي جو
هي دور ڪميڻو دور آهي
سنڌڙي جي سيني تي سائين پيا ٿا سَپ سُرن
الاڙي هي شل چپ چُرن
اسان سنڌي تصوف ۾ يقين رکون ٿا اسان جون سوچون به صوفياڻيون آهن امن
پسند ۽ محبت جا متوالا به آهيون پر جڏهن
ڌارين، ظالمن، غاصبن جا ڏاڍ ڳچي ۾ پئجي
وڃن ته وڙهڻ لاءِ پنهنجا جيڪي لوڪ هٿيار آهن تن جو اظهار به ڏسو.
نظر سنڌ ڏي جيڪي بدڪن انهن جي
اکين جي ڪڍڻ لاءِ اُماڙي ته آهي
نه بندوق ڀالا نه ڪي بم نه گولا
وڙهڻ لاءِ راشد ڪهاڙي ته آهي
منزل ٿيندي ويجهڙي ، جيئن جيئن پنڌ ڪبو،
ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو.
الا سنڌ جيئي، جيئي نظارو نور،
اڪن جهليون ڦلڙيون، ٻيرن جهليو ٻُور،
چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.
هيئنر ته ڄڻ سڄي دنيا جون بد نظرون سنڌ ۾ کپي ويون آهن ۽ ڏائڻ ماڻهو
پنهنجون وحشي نگاهون سنڌ مان ڪڍن ئي ڪون ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سائين راشد سان ڪچهري ۾
ويٺو هيس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس محبت ۽ سيڪس جي فلسفي بابت پڇيم ته سيد بادشاهه
جلالي ۾ اچي ويو چئي ماڻهو پيا ٿا مرن،
سنڌ اچي وئي آ سورن ۾ توکي پئي آ محبت ۽ سيڪس جي چڏيو انهي بحث کي جتي هُجو جتي
ويهو مائٽن سان، دوستن سان جيڪا ڪچهري ڪيو اها سنڌ بابت هجي سنڌ جي حالتن تي هجي ۽
سنڌ جي سجاڳي لاءِ هجي محبت کانسواءِ جي ويندوء سنڌ کانسواءِ جي نه سگهندوء سندس
دڙڪن ۾ به ناصحانه نُڪتا هيا جيڪي مون
هيانءُ سان هنڍائي ڇڏيا سندس شعر دل تي تري آيو ته.
نئين نسل جي راشد سائين
سرت سنواري وينداسين
سائين ته شاعري لاءِ به هيئن چوندو آ ته:
گل ۽ بُلبُل جي قصي تي پاڻ ڇو جهُومي اُٿون
دانهن جي ڌرتي جي هوندي شعر تي وهوا ڪبي
جسم ٿو ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي
سائين راشد مورائي جي شاعري سماجي نا انصافين خلاف جنگ جو اعلان آهي،
اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون،
عقل علم عمل کي، هڪٻئي سان واڻيون،
ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان
جوکي ۾ وڌم جيء، ڪيم جنگ اُمن لاءِ
انياءُ سان اٽڪين ته مونکي ياد ڪندو ڪر
سڄي سنڌ کي خبر آهي ته سائين راشد مورائي گهڻي وقت کان مسلسل بيمار
رهي ٿو منهنجو جڏهن به موري وڃڻ ٿيندو آهي ته سائين جي مزاج پُرسي لاءِ سندن
اوتاري تي پيرين پوڻ ضرور ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هُو لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف هوندو آهي بيماري جي ان حالت ۾ به سائين وٽ جيتري ڳڻتي مون سنڌ لاءِ
ڏٺي آهي اوتري پنهنجي صحت لاءِ به ڪونه اٿس.
هو ته ههڙي حال ۾ به لکي ٿو ۽ بجل
جي لوڊ شيڊنگ جي پرواهه به نه ٿو ڪري چئي ٿو :
بجلي وارن جي مرضي آ گهٽ لکجي
ڏيئا جلندو رهه ڳچ تائين لکڻو آ
ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان
مس کُٽي وئي آ،
لکيم ريٽي رت سان
باک ڦٽي وئي آ
تازي هن صورتحال ۾ به جڏهن
سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن به سائين
راشد قلم سان ۽ پنهنجي عمل سان ميدان تي لٿل آهي وڏي واڪي للڪاريندو رهي ٿو.
پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيون ٿئون نه ڪبو
بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو
سنڌ جي ڄڻين سان ڪو ليکو نه اٿئون
پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئو ن نه ڪبو
ڇاڪاڻ ته سندس هي ويچار به آهن ته:
تنهنجو منهنجو ٺاهه، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي
مونکي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساهه،
ٿيندو ڪيئن نڀاهه، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو
سائين راشد مورائي لاءِ محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو
آهي ۽ روح جو آواز هي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو ته:
راشد مورائي،
اهڙا ماڻهو سنڌ ۾
هوندا ٿورائي.
راشد مورائي جون
کريون ڳالهيون
مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي دل تائين
پهچي وئي آهي!
انٽرويو:
الهه بخش راٺوڙ
سوال: ماضيءَ جي جوش
۽ جذبي واري سياسي ۽ ادبي ماحول جي ڀيٽ ۾ هينئر جيڪا صورتحال آهي، ڇا ان ۾ ساڳيو
اتساهه ملي ٿو؟
جواب: ماضيءَ جي ڀيٽ
۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي، ان دور ۾ جيڪي اتساهيندڙ ڪردار هئا، انهن ۾ محمد خان
مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ استاد بخاري
قومي شاعري ڪندا هئا. هينئر اهي اتساهيندڙ ڪردار هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جنهن ڪري
ماضيءَ جهڙي شاعري به نه ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڪجهه سرڪاري اديبن قومي شاعريءَ کي
نعري بازيءَ جو نالو ڏنو ۽ مخالفت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اهو ادب نه آهي، پر
نعريبازي آهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪي قومي شاعري ڪندا هئا، انهن مان به ڪيترائي مايوس
ٿي اها شاعري ڇڏي ويا. منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيستائين سنڌ جا مسئلا موجود آهن،
تيستائين اها شاعري ڪرڻي آهي، ان کي پوءِ سرڪاري اديب ڪهڙو نالو ڏين ٿا، ان سان ڪو
به فرق نه ٿو پوي. جيڪي قومي شاعر يا اديب ان تان هٿ کڻي وڃن ته ان کي ڀاڙيائپ يا
بزدلي چئي سگهجي ٿو ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ ادبي ديانتداري نه آهي.
سوال: اهي ڀاڙيا يا
بزدل ڪهڙا سرڪاري اديب هئا، ڪجهه نالا کڻندؤ؟
جواب: انهن جا نالا
نه کڻبا، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي لانڍ آهي، مان توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ماضي ۾ پ
ٽ الف جي هڪڙي هڙتال هئي، سيوهڻ ۾ هڪڙو ڏنڊي وارو مولائي استاد هوندو هو، اهو ڏنڊو
لهرائيندي چوندو هو جيڪو به هڙتال ختم ڪندو ان کي منهنجو ڏنڊو سجهي ٿو. ان دوران
ويهن استادن جي نمائندن گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڙتال ختم ڪئي وئي. پوءِ
مولائيءَ کي چيو ويو ته مولائي هڙتال ته ختم ٿي وئي ۽ تنهنجي ڏنڊي کان ڪو به نه
ڊنو، ان تي مولائي چوڻ لڳو ڀائو ڏنڊو هڪڙو، ماڻهو ۲۰ آهن، ڪنهن ڪنهن کي
ڊيڄاريان. اڄ به بااخلاق ۽ باڪردار اديب تمام گهٽ آهن، بد ڪردار تمام گهڻا آهن،
جيڪي ٻوليءَ جا دشمن آهن ۽ اهي ٻوليءَ کي بگاڙي رهيا آهن. اهي رڳو سرڪار جي تعريف
۾ پورا آهن ۽ عوام جي مسئلن کان وانجهيل آهن. اهي اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ عوام جا مسئلا
هاڻ رهيا ئي ڪو نه آهن ۽ سنڌ جو ماڻهو آزادي ۽ مزي سان زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيو
آهي، اهڙا ڪردار جتي ڪٿي اوهان ڏسي سگهو ٿا.
سوال: مارشل لا جي
دور ۾ اديبن ۽ شاعرن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هوندو هو ۽ شاعر عوام کي متحرڪ ڪرڻ
لاءِ انقلابي شاعري ڪندا هئا، هينئر اهڙو ماحول به نه آهي ۽ ڪجهه لبرل ماحول آهي.
ان صورتحال ۾ توهان ڪهڙي اميد ڪيو ٿا؟
جواب: لبرل ماحول ۾
ته وڌيڪ آزاديءَ سان لکڻ گهرجي، پوءِ اديب ۽ شاعر ڇو نه ٿا لکن، اصل ۾ هو ذهني طور
ڀاڙيا آهن، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي اديب کي سرڪار وڏي ڪرسي ڏئي ڇڏي، ته اهڙو ليکڪ
ڇو لکندو، اهڙا اديب ڀلا حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڇو ڪندا؟ جڏهن مارشل لا هئي تڏهن
به سهڻي، روح رهاڻ ۽ مهراڻ رسالا شايع ٿيندا هئا، اهي رسالا جيڪي ماڻهو ڪڍندا هئا
اهي سمورا ختم ٿي ويا. ان ڪري سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيو آهي.
سوال: ماضيءَ ۾
سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ به سائين عطا محمد ڀنڀري پ پ
حڪومت کان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، توهان ان عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: مون سائين عطا
محمد ڀنڀري کي فون ڪري ايوارڊ نه وٺڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ کيس چيو ته توهان وڏو ڪم
ڪيو آهي، ان موٽ ۾ چيو ته سنڌي سمورا قوم پرست آهن، مون هڪ وڏو نالو کڻي چيو ته
اهو به قوم پرست آهي؟ چوڻ لڳو ها آهي. ان تي مون وڏا ٽهڪ ڏنا ته چوڻ لڳو پوءِ
توهان چنيسر جو ڪو نه پڙهيو آهي، آخر ۾ اهو به وڙهيو هو. اسان سائين کي جس چيو ته
اهو هڪ سٺو قدم هو. اهي ڪردار معاشري ۽ سنڌي سماج لاءِ اتساهيندڙ آهن. اهڙن قدمن
سان نوجوانن کي اتساهه ملندو. جيڪڏهن اسان ايوارڊن تي خوش ٿي ويهي رهياسين ته
نوجوانن کي ڪو به اتساهه نه ملندو.
سوال: توهان اهو
ٻڌايو ته سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ گهرجن يا نه؟
جواب: وقت وقت جي
ڳالهه آهي، جيڪڏهن مون کي اهو ايوارڊ ملي ها ته مان اهو چوان ها ته پهريان ڪامريڊ
غلام رسول سهتي جا مطالبا پورا ڪريو، ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد
ڀنڀري به ان ڪري ئي چيو ته سنڌ ڏکن ۾ آهي، پهريان ان جا ڏک، سور ختم ڪيو ان کان
پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀرو پهريان اهڙي نوعيت جو ايوارڊ وٺي چڪو
آهي، ايوارڊ وٺڻ وقت اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو ڪنهن جي هٿان ملي ٿو. ماضي ۾ مون سان
شام ملهائي وئي ۽ پڇيو ويو ته توهان ڪنهن جي هٿان ايوارڊ وٺندؤ. پوءِ مون جنهن جو
نالو تجويز ڪيو ان جي هٿان ايوارڊ ڏنو ويو. انهي ڪري ڏسڻو اهو هوندو آهي ته وقت
ڪهڙو آهي ۽ مسئلا ڪهڙا آهن. ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪبو ته اهڙو ايوارڊ وٺجي يا نه.
منهنجي خيال ۾ ايوارڊ وٺڻ گهرجن، اسان هن ملڪ ۾ رهون ٿا، اسان جو حصو هر ڳالهه ۾
آهي. انهيءَ ڪري اسان کي به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي.
سوال: سائين کي اهو
ايوارڊ وٺڻ گهربو هو يا نه ؟
جواب: سائين ماضيءَ
۾ جيئن مون چيو ته ايوارڊ وٺي چڪو آهي، هن ايوارڊ نه ورتو، ان تي مان کيس سلام پيش
ڪيان ٿو، هيءَ به هڪڙي بهادري آهي، سائينءَ به سٺو قدم کنيو آهي، جيڪڏهن سائين
ايوارڊ وٺي ها تڏهن به اسان ان جي مذمت نه ڪيون ها، جمهوري حڪومت آهي ۽ اسان جا به
ان تي حق آهن، سائينءَ جيڪا ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جي عيوض ايوارڊ ان جو
حق هو.
سوال: توهان جنهن
ماحول ۾ شاعري ڪئي اهو ڏاڍو گرم هو ۽ توهان جهر جهنگ وڃي ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش
ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي، ڇا اهڙو ماحول ٻيهر جنم وٺي سگهي
ٿو؟
جواب: جيترو اسان تي
ڏکيو وقت هو اوترا اسان جا جذبا جوان هئا، هينئر ٿورو گهڻو جمهوري دور آهي، جنهن
جي ڪري به اديب آرام ۾ آهن، ڪن کي ته وري سرڪاري نوڪريون مليون آهن، ان ڪري هو
آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن ڏکيو وقت آيو ته پوءِ ظلم جي خلاف سڀئي اٿي
پوندا.
سوال: توهان جيڪا
شاعري ڪيو ٿا، ان ۾ اتساهه جو ذريعو ڪهڙو آهي؟
جواب: مون ٻڌايو ته
ماضيءَ ۾ اسان جا قومي شاعر اتساهه جو وڏو ذريعو هئا، جيڪي هاڻ نه رهيا آهن، مان
شروع ۾ شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن جون سٽون پنهنجي ڊائري
۾ لکندو هئس ۽ مون کي اڄ به انهن جا ايترا گهڻا شعر ياد آهن جيترا پنهنجا به ناهن.
اتساهه ڏياريندڙ ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا آهن، هينئر منهنجو عقيدو ايترو پختو ٿي
ويو آهي، جو جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي، پوءِ به منهنجو عشق قائم هوندو. ان ۾ ڪا
به ڦير ڦار نه ايندي.
سوال: ڇا شاعرن لاءِ
به نظريا ضروري آهن؟
جواب: نظريو، شاعرن
سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ڪنهن نظرياتي پارٽي ۾ شاعر ڀلي ڪم نه ڪري، پر
پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، حيوان واري زندگي گذارڻي ڪانهي،
عوام جي مسئلن کي سمجهڻو آهي ۽ اهي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻا آهن. عوام کي سمجهائڻو
آهي، عوام جي سجاڳيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻي نه آهي. جيڪو عوام
سان ويساهه گهاتي ڪري ٿو، اهو غدار آهي.
سوال: سنڌ جي موجوده
صورتحال کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اسان کي ڀٽائي
دلاسو ڏنو ته :
هيٺان به ان، مٿان
به ان،
گري ڪانو پن، وچان ويندا
نڪري.
هي اهڙا آسرا آهن،
جنهن جي سهاري تي جيئون ٿا پيا، ته من ڪا مستقبل ۾ ڀلائي ٿئي ۽ اها اسان کي نصيب
ٿئي، مجموعي طور تي اسين آرام ڪرڻ واري قوم آهيون، امن پسند آهيون ۽ جهيڙي مان
ڄاڻون ڪو نه، موهين جي دڙي مان سڀ ته شيون مليون، پر ويڙهه ڪو اوزار نه نڪتو، مطلب
ته ماضي بعيد کان وٺي هينئر تائين وڙهي نه سگهيا آهيون. سڪندر اعظم جڏهن سيوهڻ آيو
۽ اتان جي قلعي ۾ ويڙهه ٿي، تيستائين سنڌين تلوار نه ڏٺي هئي، سڪندر جا فوجي قلعي
مان ٽپي اندر آيا، سنڌي انهن کي ٻک پيا هڻن ته سڪندر جي سپاهين تلوار لهرائي ۽ کين
مارڻ شروع ڪيو. پوءِ کين خبر پئي ته هي تلوار ته خطرناڪ آهي. انگريزن سنڌ جي تاريخ
۾ لکيو آهي ته سنڌين انهن تي گهوٻاٽن سان حملا ڪيا. سنڌ جي زرخيزي ۽ امن پسنديءَ
جي ڪري ماضيءَ کان سنڌ تي ڪٽڪ ڪاهيندا آيا، سنڌ کي لتاڙيندا ڦريندا رهيا ۽ اسان
هميشه لٽبا رهيا آهيون. هينئر سنڌ ۾ سجاڳي ڪافي گهڻي آهي، ماضيءَ ۾ لاڙ ۾ جنگ
ٿيندي هئي ته اتر وارن کي ڪا خبر به نه هوندي هئي، اتر ۾ ڌاريجا رهن ٿا، ان جي لاڙ
وارن کي خبر ئي ڪا نه هئي، هينئر سموري سنڌ جو ساڳيو مسئلو آهي، توهان کي سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪهاڙيءَ وارو جهنڊو ملندو. نظريو جتي ڪٿي پکڙيل آهي، جڏهن ته امن پسندي
اسان جي خون ۾ شامل آهي، ويڙهه جي عمل ۾ گهڻا باشعور نه ٿيا آهيون ۽ نه ئي وري
وڙهڻ جي ٽريننگ آهي، پر نظرياتي طور تي پختگي ايندي ٿي رهي ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا
اڳڀرا آهيون.
سوال: توهان وٽ
ويڙهه جو تصور ڪهڙو آهي ڇا هٿيار کڻي وڙهجي؟
جواب: نه نه! ضروري
نه آهي ته هٿيار سان وڙهجي، ڪجهه هٿيارن سان به وڙهڻو پوندو، ڪلاسيڪي شاعر دادن
فقير جون ٻه سٽون آهن ته:
نه اوڀارو نه
لهوارو،
لڙي چؤطرف چوڌارو.
ان ڪري وڙهڻو چئني
ڪنڊن تي آهي، ان ۾ قلم جي جنگ به شامل آهي، هٿيار جي ويڙهه به شامل آهي ۽ زبان جي
جنگ به اچي وڃي ٿي، مطلب ته هوشيار قوم ۽ ماڻهوءَ کي هر وقت نظرياتي طور تيار رهڻو
آهي. پوءِ هو ڪٿي قلم استعمال ڪندو، ڪٿي زبان استعمال ڪندو ته ڪٿي ڪٿي هٿ به
استعمال ڪرڻا پوندا. رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم، رحمت اللعالمين هئا، پر
احد جي جنگ ۾ ويڙهه دوران هڪ ڪافر ماري وڌائون، جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اهو کين
نقصان پهچائي ها، اهو اسلام لاءِ وڏو خطرو ٿي وڃي ها، تنهن ڪري رحمت اللعالمين به
هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو. ان ڪري جيڪڏهن اسان جي سر تي اچي وئي ته پوءِ هٿ به
استعمال ڪرڻو پوندو. ڇو ته قلم ۽ زبان جي جنگ وقت تي وڙهڻي آهي. قلم ته تلوار کان
به تکو آهي، ان جو زوردار طريقي سان استعمال ٿيڻ گهرجي. قلم کي ته ڪجهه ماڻهو
سمجهي سگهن ٿا، پر زبان کي هر ٻهراڙيءَ جو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو.
سوال: توهان ڪيترين
ئي نسلن جا شاهد آهيو ۽ هڪڙي جنريشن کي توهان ذهني طور تيار ڪري ميدان ۾ لاٿو، ان
جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: سئو سيڪڙو ته
اسان جو ڪو به نسل صحيح نه رهيو آهي، پر اڪثريت چڱي پاسي آهي، اسان نئين نسل مان
نااميد نه آهيون، اهو چئون ته جن کي پڙهايوسين اهي سئو سيڪڙو صحيح آهن، سا ڳالهه
صحيح نه ٿيندي. هڪڙا وڃي روزگار سان لڳا ۽ کين سڻڀي نوڪري ملي وئي ته اتي خوش ٿيا،
انهن کان نظريا وغيره سڀ وسري ويا، اهڙا ماڻهو هينئر به موجود آهن. ٻيا اهي جن
سٺين نوڪرين کي لت هنئي ۽ اهي فيلڊ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙا ماڻهو به
اسان وٽ آهن. نااميديءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي ڌرتي زرخيز آهي ۽ اها اسان کي
بک مرڻ ڪا نه ڏيندي، اسان جو نئون نسل نوان نوان ٻوٽا پوکيندو ۽ ان مان نوان سلا
پيدا ٿيندا. اسان پراميد آهيون.
سوال: توهان شروع
کان وٺي فيلڊ ۾ هئا ۽ توهان کي خبر آهي ته هر جاءِ تي سياست حاوي هوندي هئي، پوءِ
اها شاعري هجي، ادب يا وري زندگيءَ جو ڪو ٻيو شعبو، توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي
ڏکن سورن کي وڌيڪ بيان ڪندا هئا، ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه
ڪيو اهو صحيح هو؟
جواب: مان پنهنجي
زندگيءَ مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، جيڪڏهن منهنجو سمورو پورهيو قوم جي اڳيان اچي
ته سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا، جن مون جيترو پورهيو ڪيو هوندو. هارين
سان گڏ لابارا ڪرڻ، اسٽڊي سرڪل هلائڻ، ماڻهن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۽ ٻيا گهڻا ڪم ڪيا
تنهن تي مان گهڻو خوش آهيان. مان هينئر به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان. سائين جي
ايم سيد جي شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن کان اديب اتساهه حاصل ڪندا هئا، زندگيءَ کان
مايوس اديب رات سائين وٽ رهندا هئا ۽ ڪچهري ڪري اتساهه حاصل ڪندا هئا، اهي وري اچي
ان اتساهه کي اسان ۾ ورهائيندا هئا. هينئر سائينءَ جي شخصيت به نه آهي جنهن کان
اتساهه حاصل ڪجي. هاڻي چڱائيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ۽ جتان ملي اها وٺڻي پوندي.
ائين ڪري گهڻي چڱائي گڏ ڪري وٺنداسين.
سوال: توهان ماضيءَ
۾ انقلابي ۽ رومانوي شاعري ڪندا هئا، پر هاڻ عمر سان گڏ ڪٿي رومانوي رنگ ته توهان
جي شاعريءَ تي حاوي نه ٿيو آهي؟
جواب: نه ائين نه
آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري. اهي منهنجي شاعريءَ جا محرڪ آهن. اهي جيئن
ئي شروع کان وٺي منهنجي شاعريءَ ۾ هئا هينئر به آهن، پيريءَ ۾ ذاتي عشق گهٽجڻ
گهرجي، ماروي جڏهن پنهنجي وطن ۾ هئي ته ان جي ذهن ۾ رڳو کيت جو تصور هو ۽ اهو ئي
هن جو محبوب هو. جڏهن عمر جي جيل ۾ پئي ته ان جو عشق وسيع ٿي ويو، هن جي سمورن
ماروئن ۽ ٿر جي ڀِٽن، ڇيلن، ٻڪرين مطلب ته هر شئي سان محبت ٿي وئي. تيئن، جيئن عمر
گذري ٿي عشق مجازيءَ کان حقيقيءَ ڏي وڌي ٿو.
سوال: سنڌ جو جيڪو
لبرل ۽ صوفي ازم وارو رنگ هو، توهان سمجهو ٿا ته مذهبي انتهاپسنديءَ ان کي به
متاثر ڪيو آهي.
جواب: ها بلڪل!
مذهبي انتهاپسندي اسان جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته اها سنڌ
جي دل تائين پهتل آهي ته غلط نه هوندو. مذهبي انتهاپسند ان ڪري وڌيا آهن ڇاڪاڻ ته
اسان جي ترقي پسند تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ ان گوڏا کوڙي ڇڏيا.
سوال: ماضيءَ جي
ترقي پسندن جي پاسيري ٿيڻ جا سنڌ جي معاشري تي ڪهڙا ناڪاري اثر پيا آهن؟
جواب: اسان جي
ڪامريڊن ۽ ترقي پسندن کي روس جي ٽٽڻ سان گڏ ڀڄڻ نه گهربو هو ۽ کين پنهنجي موقف تي
قائم رهڻ گهرجي ها، اهي انتهاپسنديءَ اڳيان بند ٻڌي بيٺا هئا، جيڪو ٽٽي پيو آهي،
اهو ئي سبب آهي جو هاڻ مذهبي انتهاپسند اسان کي جتي ڪٿي ملن ٿا ۽ ان سان سنڌ جي
لبرل سوچ به متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ان سوچ کي ٻيهر اڀارجي ان وقت
جڏهن اسان پرڀرا بيٺا هئاسين ته ڪامريڊ يا ڪميونسٽ اڳتي هئا ۽ جڏهن اسان انهن سان
ويجهڙائپ ڪئي ۽ ان موقف کي پنهنجو ڪيو ته هو ڀڄي ويا. جنهن ڪري سنڌ کي گهڻو نقصان
پهتو آهي، پر اڄ هر سنڌي ماڻهوءَ جي اک ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي رهيو آهي.
راشد مورائي
قومي شاعر جي اڄ پنجين ورسي آهي
وزير فرهاد سولنگي
جڏهن مان ڳوٺ مياڻيءَ کان لڏي اچي موري ۾ رهائش اختيار ڪئي تڏهن منهنجي ڳوٺ
جا سنگتي ساٿي، گهر گهٽيون ۽ ڳوٺ جا منظر ڏاڍو ياد اچڻ لڳا. ۽ منهنجي ڳوٺاڻي زندگي
جا ساٿي موري اچي مون سان ملي ويندا هئا. انهن ساٿين ۾ مسرور پنائي به مون سان گڏ
موري ۾ ملڻ ايندو هيو. هڪ ڀيري سائين مسرور پنائي موري آيو ۽ مون کي ساڻ ڪري سائين
راشد مورائي سان منهنجي ملاقات ڪرايائين. هونئن ته سائين راشد مورائي کي مان ننڍپڻ
کان ئي سڃاڻندو هيس پر ساڻس ڪڏهن به نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ جو موقعو نه مليو
هيو، هيءَ ساڻس سان ڪيل پهرئين ملاقات هئي جنهن جو سبب مسرور پنائي هيو.
سائين راشد مورائي انهن ڏينهن ۾ جسماني طور گهڻو ڏٻرو هوندو هيو. پر سندس
اندر جي ڏات ان کان ابتڙ هئي. گرجدار آواز ۽ خيالن ۾ پهاڙ جيڏي مضبوطي هئي. اهڙي
طرح هن جي ڏات به سندس مزاج سان ٽهڪندڙ هئي. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان والهانه
پيار جو اظهار هيو. جيڪا هن وقت تائين پنهنجي عروج تي پهتل آهي.
راشد مورائيءَ جو جنم ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ "خادم”
جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. ۽ اهڙي طرح راشد مورائي
کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، ۽ پنهنجي پوري سروس دوران
نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
راشد مورائي نه صرف شاعر هو، پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال
ڪيو ، سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت هئي جنهن کيس پنهنجي پيار ۽
شفقت جي اثر هيٺ سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو جنهن ڪري پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
جو عاشق به هو ته محبوب به هو. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ،
تاريخ جو ڄاڻون هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ هو. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو
هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو هو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان
ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ
۽ قومي ڪارڪن هوندا هيا. جيڪي هن سان ڪچهري
ڪري اتساھ وٺندا هئا. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا
هئا.
سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ انتهائي شفقت وارو هوندو
هو، پاڻ سندن غمين خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو سندس چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن
ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو.
جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو هو. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ،
وسنديون گهمي ڏٺيون ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون. پاڻ ڪيترن
ئي ڪتابن جو خالق هيا جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان
علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبا ڏهاڪو کن ڪتابن
کان مٿي آهي.
سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. هي اسٽيج جو
بادشاھ گر شاعر. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءِ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي
محبت ۽ مقبوليت ملي آهي سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
هڪ ڀيري سندس کان نجي ڪچهريءَ ۾ پڇيم ته سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان ڪا
شڪايت آهي؟ پاڻ وراڻيائين ته؛ ”سنڌي
قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب کان ڪا به شڪايت نه آهي ۽ سنڌي ماڻهن
مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي جنهن کي مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو”.
سائين راشد مورائي سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون
خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي
به سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ٿيندو هو. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري، هي ڪڏهن
به ڪنهن آمر وٽ نه جهڪيو. سدائين سنڌ جي
خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن.
سنڌ جو هي عظيم ۽ قومي شاعر ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن ڪري کيس ساھ
جي تڪليف وڌندي وئي ۽ پاڻ نوابشاھ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٿيو. هڪ هفتو علاج کان
پوءِ سندس طبعيت ۾ بهتري نه آئي ۽ راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، بيماري
سان ويڙهاند ۾ چڙهي نه سگهيو ۽ آخر پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر سان گڏ زندگي جو سفر به
پورو ڪيائين. پاڻ ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ واسين کان جسماني طور وڇڙي ويو، اڄ سندس ۵ ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.
راشد مورائي
خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن
ڪڏهن.
رکيل مورائي
هو ۲۴ مارچ ۲۰۲۱ جي شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس موڪلائڻ جو
وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به نه ڏٺي هئي،
جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي لاءِ سموري
زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چئن بيمارين ۾ ورتل هوندي به
موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو موت کان پنهنجي ويڙھ هارائي ويو پر هن آڻ
نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين هو به ان
کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساھ ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃي هوندي
۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته:
مون ٻڌو آ ته اڄ هو
پڇڻ ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين ها ته
ڇا ٿي ٿيئي.
موت ٽارو نه ڪيو ۽
ساڻس ويڙھ ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به
آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ
کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا
کي ڪڏهن به پار نه ڪيو.
سنڌ سان سدائين دلي
توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو. مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن
کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو، ۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان
بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي.
سائين راشد، پنجين
مارچ اوڻيھ سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ
نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيھ سئو ستر واري ڏهاڪي جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياھ ان ڳوٺ کي
پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو ۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي
ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي.
سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي خادم “پنهنجي دور جو
قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي شاھ “روشن” ۽ معصوم علي شاھ
“نماڻو” پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ
جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي شاھ خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ
جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي.
جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر
اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي
تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين
سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي
سگهجن ٿا.
سنڌ جي قومي تحريڪ
سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ
آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم
مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر ۾، “مان باغي هان مان باغي هان، ” جن
به اسٽيج تي کيس پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هو سنڌي
ادبي سنگت سان به آخري گهڙيءَ تائين جڙيل رهيو، نه رڳو پاڻ جڙيل رهيو، پر کانئُس
پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساھ ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ
به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به
لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو، پوين ڏينهن ۾
خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت ڊائري لکڻ به
هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي پيئندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي ڏني هئي.
شهيد عبدالرزاق سومري
جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت جوڙيائين جنهن پاران ڪيترا ئي ڪتاب
ڇپيا، هن سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان “باک” نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن
جا ڪيترا ئي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن
انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲ منڊيءَ سندا گيت (شاعري) ۳ دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵ درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) ۸ پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰ خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن،
جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو
ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو. پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي.
اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو
وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو، انهن
۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ
ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو
احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي.
مون ارادو ڪيو هو پڪو
مرڻ جو،
شوق جاڳي پيو آ وري
جيئڻ جو،
مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ
ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين هان
ته ڇا ٿي ٿيئي.
اڄ سندس ستين ورسي
راشدي مورائي يادگار ڪاميتي مورو سنڌي ادبي سنگت موري پاران موري شهر ۾ ملهائي پئي
وڃي، جنهن ۾ ڪل سنڌ مشاعرو پڻ رکيو ويو آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي
۾ ۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
راشد مورائي
سونهن ۽ سنڌيت جو شاعر
اسد چنا
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪک
مان ڪيترن ئي سچن سپوتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ، ڏات سان سنڌ جي
سينڌ سنواري آهي، اهڙا ڪيترائي علم جا اڪابرسنڌ جي شهرن، واهڻ وستين ۾ پيدا ٿيندا
رهيا آهن جن پنهنجي اظهار جي بهترين ڏانو سان سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب جي
آبياري پئي ڪئي آهي. سنڌ ڌرتي جو ساهتي پرڳڻو (ضلعو نوشهرو فيروز) اهڙن مڻيادار ماڻهن،
عالمن، ڏاهن شاعرن، اديبن، سنڌيت جي پروانن دانشورن سان مشهور آهي. سائين منهنجا
سنڌ ۾ جيڪڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالھ ڪنداسين ته اسان کي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري
جا جزا شاھ لطيف کان پڪا پختا ملن ٿا، اها مزاحمتي شاعري پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي
۽ اتساهيندي ملندي، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جتي ون يونٽ جي خلاف سياسي جدوجهد
پنهنجا جلوا ۽ جوهر ڏيکاري رهي هئي ان سان گڏوگڏ اسان جي اديبن، شاعرن جي مزاحمتي
شاعري، ادب جي تخليق پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ مزاحمتي شاعري
جو تاج شيخ اياز جي مٿي تي سونهين پر ٻيا به ڪيترائي سر موڙ شاعر، اديب پنهنجي ڏات
وسيلي سنڌ جي نوجوانن جي دلين کي گرمائي ۽ اتساهي رهيا هئا ۽ انهن شاعرن ۾ سائين راشد
شاھ مورائي سڀني کان اڳڀرو، مٿڀرو ڪردار ادا ڪيو. سائين راشد مورائي جي پنهنجي
بقول ته (منهنجي نظر ۾ پراڻا يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو آهي جيڪو
سوچي سمجهي ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل
ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو، باقي جيڪڏهن ڪو به ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي عڪاسي
لاءِ لکي ٿوته پاڻ ڄاڻي اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون).
سائين راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي جوڻالو نالي ڳوٺ ۾
جنم ورتو ۽ ان کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري موري شهر ۾ آباد ٿيو ۽ آخري گهڙي تائين
مورائي ٿي رهيو. سائين راشد خانداني اديب، شاعر هو، پيشي جي لحاظ کان هڪ قابل
استاد هو پاڻ هڪ منفرد ۽ پر وقار شخصيت جو مالڪ، نطم ۽ ضبط جو قائل، وقت جو پابند
هو سائين حسن صوفاڻي جي چواڻي ته سائين راشد ايترو ته وقت جو پابند هوندو هو جو ماڻهو
کيس ڏسندي پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سيٽ ڪندا هئا. سندس شخصيت ۽ شاعري کي پڙهندي اهو
چئي سگهجي ٿو ته سائين راشد مورائي نه رڳو پنهنجي علائقي موري جي هڪ دور جي تاريخ آهي
پر هو پوري سنڌ جي مستقبل ۾ لکجندڙ ادبي ۽ علمي تاريخ جو هڪ لاجواب حوالو آهي، سائين
راشد مورائي جي ڪتابن ۾ ديوان راشد، سنڌڙي جو سوداءُ، مينديءَ سندا گيت، دل جو شهر،
گيت، غزل ۽ ڪافيون، درد ۾ دل جوئي ۽ شعلا شعلا واءُ، ڇپيا ۽ پنهنجي مقبوليت سبب مارڪيٽ
مان وڪرو ٿي ويا. سائين راشد مورائي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي پر سندس تخليق ڪيل
نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سائين راشد مورائي شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽
ان سان پاڻ ملهايو، پر جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو، اها سندس قومپرستي، سنڌ
دوستي واري انقلابي شاعري آهي، سندس شاعري اسٽيج جي هر پروگرام گهڻي پڙهي ويندڙ
شاعري آهي، جيڪا نوجوانن جي دلين کي گرمائي ٿي، سندس انهيءَ انقلابي شاعري جي ڪري
کيس باغي شاعر جو لقب مليو. ان باغيانه شاعري ۾ سائين راشد مورائي ظالم، تي غاصب تي
لعنت ملامت به ڪري ٿو، ته معاشري جي مظلوم ۽ مجبور طبقي کي نجات حاصل ڪرڻ جو درس ۽
گسُ به ڏئي ٿو.
عياش لعنتي اڳيان
نه لوئجي نه لوڙجي،
اٿو ته ظالمن کي
باھ ٿي وڪوڙجي،
غريب کي جنجهوڙجي ۽
ننڊ کي نهوڙجي،
بجو ڪو ٻوٿ ڏاڍ جي
تي راشدا گهروڙجي،
اچو ڪو نئون سماج ڪو،
نئون جهان جوڙجي،
سائين راشد مورائي
هڪ جيءَ جيارو ماڻهو هو سندس شاعري مان فڪر مان ۽ سندس پر وقار شخصيت مان پڙهندڙ
کي شعور، اتساھ، محبت، سڪ، ۽ ڏاهپ جون هٻڪارون اينديون رهنديون. سائين راشد مورائي
سنڌ جو سر موڙ شاعر، محبتن جي مٽيءَ مان ڳوهيل شخص هو، سنڌ جو برک ڏ جامي چانديي سائين
راشد لاءِ پنهنجي ڪتاب (سندي جوڳيان ذات) ۾ لکي ٿو ته (هو دل جو بادشاھ هو، سنڌ ۽ ان
جي سدورن پٽن تان جند جان گهورڻ وارو هو، سندس دل جي اڱڻ جي ڪائنات ايڏي ته ڪشادي
هئي جو سنڌ جو هر سيبتو، سچيت ۽ سلڇڻو اتي پکا اڏي ويهڻ ۾ پاڻ کي سڀاڳو سمجهندو. سندس
نسل جا ڪيترائي شاعر شاعري ۾ ته قدآور هئا پر وچين ته روزو ڀڳائون)
سائين راشد مورائي
پاڻ هڪ جاءِ تي ڪنهن تقريب کي خطاب ڪندي شاعرن بابت چيائين ته (شاعر ٻن قسمن جا
آهن هڪ اهي جيڪي شاعر ته ڀلا آهن پر ماڻهو ڀلا ڪونه آهن، ٻيا اهي جيڪي شاعر ته جڏا
آهن پر ماڻهو ڏاڍا سيبتا آهن.)سندس ئي لفطن کي جيڪڏهن ڀيٽيون ته سائين راشد مورائي
جهڙو سيبتو شاعر اوڏوئي فقير منش محبتي ماڻهو، نهٺو ساڳي جاءِ تي ارڏو ۽ قومي غيرت
سان ٽمٽار هڪ سگهارو ماڻهو، هڪ بهترين شاعر، قومي ڪارڪن ۽ مثالي استاد هو. سائين
راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۽ نوجوانن
جي ڀرپور رهنمائي ڪئي. سندس گهر جو دروازو سڀني اديبن شاعرن جي آجيان لاءِ کليل هوندو
هو.
سنڌي ادبي سنگت کي ڪجي
سرگرم،
هل سکر سومرو اڄ
ادل ڳولجي.
سائين منهنجا، سائين
راشد مورائي جيئن ته پاڻ هڪ سرگرم قومي ڪارڪن هو سندس دل ۾ سنڌي قوم جي ڏکن، دردن
اهنجن جي آزارن جا انيڪ انواع هئا، ته سندس شاعري به انهيءَ قومي غيرت جي جذبي سان
ڀرپور ۽ اتساهيندڙ آهي سندس شاعري سنڌ سان سچي عشق جو چٽو ثبوت آهي. سندس شاعري ۾
ديس لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي درس سان ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ٻاري ڇڏڻ لاءِ پيغام آهي، سندس
هنن شعرن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همٿائي پيو.
اي سنڌ مون تو سان
قول ڪري ڪجهھ پاڙيو آ، ڪجھ پاڙيندس،
مون ديس جي دشمن
لاءِ ٻارڻ ڪجھ ٻاريو آ، ڪجھ ٻاريندس.
سندس لفظ لفظ ۾ان
سنڌيت جو عشق جهرڻن جيان ڇلڪي ٿو ۽ سنڌ سان ڪيل عشق کي انجام تي پهچائڻ جو وچن وڏي
واڪي ڪري ٿو.
ماتا توکان منهڙو
موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ،
سنڌڙي مان ته سڃاپان
ٿو، تنهجي نسبت ساڻ،
سائين راشد مورائي
جي عشق جي ابتدا به سنڌ آ، ته انتها به سنڌ آ، سندس هنن سٽن مان سندس ان ازلي عشق
کي پروڙي سگهجي ٿو.
هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو
آهين تون،
جنين ڪارڻ مون، جيئڻ
لاءِ جاکوڙ ڪئي.
_
جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي
تنهجي سونهن،
منهنجي روح ورونهن ڏسن
پسڻ ٻنهي کي.
سائين راشد مورائي
جو محبوب سنڌ آهي، هو سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پر اميد آهي سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ سان اٽوٽ
عشق سمايل آهي. سندس شاعري ۾ اسان کي جتي ٻيا انيڪ پهلو ملن ٿا اتي سنڌ جي روشن
آئيندي لاءِ لڇندڙ لوري ملي ٿي، هو پنهجي ڌرتي تي ڪو به تاءُ نه ٿو سهي سگهي ۽ ڌرتي
لاءِ جاکوڙيندڙ، ان جي سلامت رهڻ جي لاءِ به پر اميد آهي ته جيڪو پنهنجي وطن خاطر
مشڪلاتن جو منهن ڏسي ٿو ان جوان کي ڪڏهن به ڪجھ ناهي ٿيڻو اهو هميشه سلامت رهڻو آ،
سندس هنن سٽن کي پڙهڻ سان نوجوانن جي دل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو، همٿ ٻيڻي ٿي
پوي ٿي.
اي سنڌڙي جندڙي سست
نه ٿي ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن توکي دل سان پوڄيو
آ، سو جوان سلامت رهڻو آ،
جي ڪوماڻو ڪو گل
دستو، خوشبو ٿي ختم پرواھ نه آ،
گل تازا آڻي رکبا کڻي،
گلدان سلامت آهي اڃا.
سندس مشهور نظم (مان
باغي هان، مان باغي هان) ۾ سنڌ جي وڏيرڪي نظام کي نندي ٿو، هو انگ اگهاڙن، پيٽ
بکايل سانگيئڙن جي ڏکن، سورن، کي جڏهن پنهنجي ڏات جي خوبصورت ڏان سان موتين وانگي
پروئي ٿو ته پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سندس هنن سٽن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه ظلم، ڏاڍ
جي خلاف بغاوت علم کڙو ٿيل آهي.
هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن
جي ۽ سائي جيپ وڏيري جي،
مان باغي هان سو
باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار
بکيا هت توکي تياري نيرن جي،
اڄ دنيا ڏسي ڪيئن ٿيندي
آ جهڙپ بکايل شينهن جي،
مان باغي هان مان باغي
هان مان باغي هان مان با غي هان.
سائين منهنجا، سائين
راشد مورائي جي شاعري جي ٻولي نج سنڌي، عام فهم آهي ٻولي جون اهي سڀ رنگينيون، حسناڪيون
اسان کي ملن ٿيون جيڪي هڪ ٻولي جي وڏي عالم وٽ هونديون آهن ۽ وري مٿان انهن جو سهڻو
استعمال، ڪيترين جاين تي سنڌي ٻولي جا اصطلاح، پهاڪا اسان کي موزون ۽ وقتائتا استعمال
ٿيل ملندا جيئن ته هو پاڻ استاد هو ته هو بهترين طريقي سان انهن سڀني ٻولي جي گڻن کي
استعمال ڪرڻ ڄاڻي پيو، هنن شعرن کي ڏسو ته تشبيھ طور استعمال ڪيل اصطلاح ۽ پهاڪا، مروج
گفتا ڪيڏي سهڻي نموني استعمال ڪيل آهن.
هيئنر ڪل پوي ٿي گهڻي
ويهين سئو آ.
اڳي عشق جي هئي نه
آزار جي سُڌَ.
_
لٺين سان پاڻي جدا ڪين
ٿيندو،
جيئن شال جاني نه، ليڪو
وچان ڪُڍ.
_
چئون ڪيئن گهنور
خان جو کوھ کارو،
اگر سچ چوان ها
ناراض ٿين ها،
ڪٽي کائو ناهيون ڏئي
رت سگهون ٿا،
نه ٿئي پڪ آزمائي ڏسين
ها،
سائين منهنجا سنڌ ڌرتي
سان عشق، حسن سان چاھ سائين راشد جي زندگي جو سمورو سامان آهن، سندس محبوب سنڌ آهي
۽ حسن جو هو سلامي آهي، سندس شاعري ۾ اهي رنگ نروار آهن.
ظلم، ڏاڍ، جبر، نفرت
۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ وطن جي خوشحالي جي ڳڻتي سان، حسن پرستي سان، رومانس سان ڀرپور
سائين راشد مورائي جي شاعري جدوجهد جو درس ڏئي ٿي، محبت جو درس ڏئي ٿي ۽ انهن مڙني
اندر جي ڪيفيتن جي ترجمان شاعري آهي. سائين راشد وٽ سونهن جي پوڄا ۾ حسن کي سجدا
ثواب آهن هو سونهن وارن سان ڪچهري کي عبادت سمجهندي حسن تان سر گهوري ڇڏڻ جي ڳالھ ڪري
ٿو، سندس هيٺين شعرن ۾ ڏسو ته حسن کي ڪيڏو نه اهم سمجهندي ان جو رتبو ڪيڏو مٿانهون
ڪري پيش ڪري ٿو.
اي عابد عبادت سندو
ڏس نه ڏي،
حسن کي ٿو سمجهان
مان سجدو ثواب.
_
سڄي رات جاڳي عبادت
ڪبي،
ڪچهري رڳو سونهن
بابت ڪبي،
راشدا سونهن جي نان
تان سر فدا،
جي حسن کي کپي ته سر
ته گهوري ڏجي.
_
ڀرن جا ڀالا دوناليون
ديد جون دلبر ڏسو،
ڪيئن کنيو ڦرندو
وتي همراھ هڪ هٿيار ٻه،
_
مون ٻڌو آ ته اڄ هو
پڇڻ ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين ها
ته ڇا ٿي ٿيئي.
سائين راشد جي شاعري
۾ اسان کي حسن جي هاڪ، عشق جون مهميزون، فطرت جي رنگن سان گڏوگڏ سماجي مسئلا، سياسي
لاها چاڙها به نمايان نظر اچن ٿا، سندس لهجو ڪٿي رعبدار ته ڪٿي انتهائي نفيس، جماليات
سان ڀرپور آهي، هو حسن، سونهن جي حضور پنهنجا سڀ تخليقي غزل، گيت هڪ نذراني طور
پيش ڪري ٿو.
سارا سونهن حضور ۾
راشد،
گيت غزل نذرانه آهن،
سائين راشد مورائي
جي فرزند شاھ لطيف سان ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته سائين جي ٻين سڀني سهڻين خصلتن مان
هڪ هي به هئي ته هو تمام گهڻ مطالعاتي شخص هو رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ۷۰، ۷۵ صفحا روزانو ضرور پڙهندو هو.
ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا
يادگار،
زندگي ۽ موت ٻئي
شاندار،
راشدا شل موت ثئي مانائتو،
جيئن حياتي آ گذري پروقار،
سائين راشد مورائي ڪڏهن
به مايوس نه ٿيو، هميشه بهتر مستقبل جي اميد رکي جدوجهد جو درس سندس شاعري ۾ ملي ٿو،
نه ئي هن وري ڪنهن حڪومتي ڌر کان پنهنجي بيماري جي علاج لاءِ ڪنهن قسم جي مدد جي
گهر ڪئي، ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ ع تي بيماري سان جهيڙيندي سائين راشد مورائي هميشه لاءِ
موڪلائي ويو، پر سندس شاعري ۾ ڏنل پيغام، درس، سندس پروقار شخصيت هر سنڌ پرست، حسن
پرست، جي دل ۾ محفوظ آهي، ۽ جڏهن ڪڏهن به سرمد جي آواز ۾ سندس گيت گوجندو.
هو ارادو ڪيو مون پڪو
مرڻ جو،
شوق جاڳي پيو آ وري
جيئڻ جو.
ته سائين راشد
مورائي اسان کي پنهنجي ويجهو ڀاسندو، هو پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾، سنڌي ادب افق
تي روشن ستاري جيان هميشه جرڪندو رهندو، بقول ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي ته (سندس ڪردار
وهنوار۽ مڻيادار شاعري، هميشه اسان جي قومي رهبري ڪندي رهندي.)
جو سبق سچائي جو ڏنو
آ مون راشد،
سو سبق جي سمجهين ته
مون کي ياد ڪندو ڪر.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سائين تمام سٺو
ReplyDelete