استاد بخاري
روشن
پيشاني
پروفيسر
نذير احمد سومرو
۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو
زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي
رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور
نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ
جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي
ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا
رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي
مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي
ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾
به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس
لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ
متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين
ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.
اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾
چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس
ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان
موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ
سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا
کيس خيال آيو؛ ”اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.“
جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي
واتان ٻڌيون ناهن. پو باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ ”اهي
سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.“
ڪيئي ورهيه پرائمري
اُستاد رهڻ کانپوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن
۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ بي ايڊ جي بنياد
تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو.
ون-يونٽ جو دور هيو.
سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هئو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي.
ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني
امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه-ماهي
مهراڻ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هيو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽
ميمبرن/ سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه
(المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هيو ۽ چڱو
ادب دوست ماڻهو هيو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا - ب - ت
ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهن ڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هيو. الف- ب – ت،
اصل ۾ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميروخان جو هيو.
تونيه صاحب، اُستاد بخاريءَ کان نئين زندگي ۽
مهراڻ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌي طرح اُستاد بخاريءَ کي
مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ
شاعر، جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.“
اُستاد بخاري کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو. جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ غزل جون هي
سٽون جهونگاري ٻڌاءِ.
پڇيــو يـارن ته
عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا
چيـم؛ آزادگي، نه هو
گهــرجي نه هي گــهــــرجي.
الائـي ڇـــا جــو
ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســــوچـــيــون ويـــٺــا
صـدي ويهيـن جي
انســانن کـــــي ڪهــڙي شــيءِ نه ٿي گهرجي.
اُستاد کان شاعري
ٻڌڻ کانپوءِ ڪميشن جي چيئرمين، کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو
معروف شاعر، بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هيو، سو ڪنهن
سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح
ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي
چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر
آهيان.“
ويٺلن چيس؛ ”خير ته
آهي؟“
چيائينِ؛ ”اُستاد
بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر
آهي.“
جنهن تي چيئرمين
چيس؛ ”هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ
لاءِ کيس ويهاريو آهي.“
استاد بخاريءَ جي
شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ
کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق
روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي،
پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري
سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد
جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي.
لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽
موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ
الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو، سندس هر شعر، دل ۽ دماغ کي
ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ
۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ
جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي
شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد
جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هيو. اُستاد
بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽
شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هيو. بلڪ اهي سڀ، سندس
ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾
ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو
نالو وٺڻ ڏوهه هيو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ ”خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو
وڃي!“ تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد
بخاري به هڪ هيو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا:
جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي،
سنـــڌي ٻـــولي،
قومي ٻـــولي.
کيس سنڌ جي شاعرن جي
هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن،
جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه
رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان
جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد
بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ
تاجل کي ائين چوڻو پيو؛
بيوس
مان، بخاري نه ٿي پوي.
استاد بخاريءَ جي عشقيه
شاعري پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب
لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس. جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد
آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار
جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه
نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت
سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽
روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي!!
استاد بخاريءَ ڀيري،
شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کانسواءِ، عوام
۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت
۽ محبت ملي. ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ
ٻولهائيندڙ تصوير بڻجي پيا هيا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽
ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/ تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي
ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا پر هتي
آءٌ فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي)
هڪ پڃرو ٻيو، پَــرَ
به ڪٽيائين
هــــاڻــــي مـــري
ويـــاســـين، ماتو
ٿَـــــــرَ
تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي
خـــــان
عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو
اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت
لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ
زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي
آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ ”اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.“
۱۹۶۴ع ۾ اُستاد بخاري،
گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هيو. تڏهن اسڪول جي
ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه
بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ
جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار
رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي.
ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن
وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي.
نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري،
ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هيو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت
ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد
بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ، هڪ شاهڪار نظم لاش جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر
ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ ”نظم
کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.“
اُستاد بخاري جو نظم
چوي ٿو:
هڪ طرف هن جي خطا
ڦٿڪي پئي
ٻي طرف هـــــن جــي
وفـــا ڦــٿڪي پئي
ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا
ڦٿڪي پئي
هـــــڪ ســـزا وار
۽ ســــزا ڦــــٿـــڪـــي پـــئي
هـــــو
جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو
ريــــشــــمـــي
چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو
۽ بــــــــدن
نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو
لاش هـــــي ڪنهن
ڪنوار جو آ ڇا پتو؟
ڇــــــو تـــــه
هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي.
اُستاد بخاريءَ جو
شعري سفر، امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق
جي روشنين ۾، اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب
سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن
۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هيو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ
لڳندا هيا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ
وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري،
انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد
بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غم جانان به غم دوران
بڻجي پيو.
محترمه بينظير ڀٽو
(شهيد -۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع لياقت باغ، راولپنڊي) جڏهن
ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾ استاد
بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو، ڏينهون ڏينهن
وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن
لفظن ۾ ياد ڪيو هيو، سندس ساڳيا الفاظ آءٌ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو:
The
Pilgrim of Eternity, whose fame
Over
his living head like sky is bent.
ابديت جو پانڌيئڙو
(زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي.
استاد بخاري
ڪجهه
يادون
پروفيسر
نذير احمد سومرو
پاڪستان ٺهئي کي ٻه
چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان
شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي
مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا
آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو
آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪهنه مشق شاعر
آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي
کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ
ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن
کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي
ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر
ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”ههڙي
طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن
سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي
ڄمندا؟“ پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ ”آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي
رات خير سان گذري.“
پنهنجن ئي خود ساخته
سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي
گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾
کيس داد ملي ٿو. جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل
ٻڌائي ٿو؛
رات
کــــــــــــڻــــــــــــي آئــــــــي اڌ رات،
مون ڏي سوچڻ جي سوغات
چــــــئــــن گهڙين
۾، ڪهڙي چُرپُر،
چـــــــــوڳــــــو،
چــــــاهت، اُڏرڻ، لات
گھُگهه اونداهين ڏي،
جو گھُوريان،
جوت ڪــــــري پئي
مُرڪي؛ هات
تـــــنـــهــنـــجـــو
هــــي انــــداز اســــتاد
تـــــــوبـــــهه!
مُـنهن جي ناهي بات
ان
مشاعري جي ويهن ورهين کانپوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾،
عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان
جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾
مرحوم غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد
احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير
سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي
شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر
پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به
لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي
ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي
ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد
بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد
بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد
بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ "واه اُستاد،
شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسين پارا کوڙ شاعر...!!"
لاڙڪاڻي
کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ
لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ "جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيو ته قرب ڪري هن فقير (طالب
الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل
گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير
لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي."
اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر
سانڍي رکيو.
دادوءَ
۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ
ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ "بخاري صاحب، هڪڙو سوال
ڪريان؟"
چيائين؛
"سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟"
چيومانس؛
"هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا
اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ
اياز؟"
چيائين؛
"نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛
اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو
عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو
آهي." وڌيڪ ٻڌايائين؛ "شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي
چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن
کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو."
۱۹۵۵ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو
ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو
درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن
ظاهر ٿيو:
ڳــــــاڙهــــا
ڳوڙهــا هـــيڏهـــون، هوڏهـــــــن ڳاڙِهـــا ڳلَ
هــــيڏهــــن
ســـادا سُـــودڙا، هــــوڏانــــهـــن پِير پڙهـــيــل.
هــــيڏهن
ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل،
هيڏانهن
حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن "دادا"
دَلَ
هـــيـــڏهـــن
ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل
ڪهڙيءَ
ڀر "اُستاد" آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ
هــــيڏهــــن
گـــــهـــوڙا گـــهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن
هڪ
دفعي پڇيومانس؛ "جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي
ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟"
جواب
۾ چيائين؛ "مان ته هرگز هرگز 'نَوَبل پرائيز` جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ
۾ ڪو نه وجهندس. مونکي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو!
ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف
لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي."
هڪ
دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ "ننڍڙو هوس
ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کانسواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ
سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ
هڪ سهرو ٻڌايو. جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛
آءٌ
ٿــــي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو
مان
ٿي ڀانيان "پنهل" منهنجي راڄ سڏايو
"امڙ
سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي.
الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي
۾ کيس چيو؛
"امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي."
راڄ
رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي
جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي
نه؟"
مئي
مهيني ۱۹۹۰ع جي ڳالهه
آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو
هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ "نذير! اتي بيهه!" ڏسان
ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛
"چڱو
ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل
ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي." مون ڳوٺ وڃڻ جو
ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾
ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ "هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر
پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو
ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي ته ذهن ۽ دل جي پردي تي
تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو."
لنڊن
کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ "اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو"
ٻيهر
به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ "ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟"
چيائين؛
"اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر
انور هاليوپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال
ابڙو سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي
لنڊن هليو آيو آهي." پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني،
بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، ۹
آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي رات جو
پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي
هيئن چئي هليو ويو؛
الائي
ڇا ٿيندو هن خطي جو؟
مُئو
اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو.
اڄوڪي
سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي
ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا
جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد
بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽
پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو
تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها
ساراهڻ جوڳي آهي.
عالمي
شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي
جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي
ڦير ڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛
"اُن
خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو،
جنهن
ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي،
پنهنجي منفرد،
روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان،
هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين،
سيراب ڪيو!"
استاد بخاري
خبر ناهي
ته ڇا ٿيندو خطي جو!
پروفيسر
نذير احمد سومرو
ويهين صدي پڄاڻيءَ
ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ
بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن
اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن
ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد
بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو.
وســــوســــو اڄ
بــــه (ڀــــــي!) ٽـــــٽـــــل امـــــيــــــد تـــــي،
دل جــي مــرضـــي،
مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار!
حاڪم علي شاهه ڪاڳر
هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات
ڪري پڇي ٿو؛ ”وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن.
ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟“ ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي
نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: ”ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان
کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض اسين توهان کي مهمان طور
ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!“
ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو،
ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد
جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: ”فڪر ڪرڻ دي ڪائي
ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا
پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.“
اُستاد بخاري پنهنجو
ئي شعر جهونگاري ٿو:
بــــجــــنــــســــي
بــــاهــــه بَــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــوان
حــــيــــاتــــي
پــــوءِ بــــه مــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــــوان
ڪـري پـئـي آڳ تـي ”مـاتـم“، تـڪـي پـئي ”عـيد“
اڳيان،
”بــــخــــاري“ زنــــدگــــي هــــيءَ آهــــي،
مــــان چــــوان نـه چــــــوان
ٻارنهن مهينا به نه
ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: ”ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست
دادوءَ ويا هئا. پر اُستاد ڪو نه ملين.“
سندس باقي لفظ ڪو نه
ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس.
سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد
بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ
تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستاد بخاري نڪري چوندو هو: ”اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟
هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته
اچان ٿو.“
ڪا دير خاموشي
ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر
نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ ”اُستاد کي ٻڌا ته نئون ديرو مان نذير سومرو آيو
آهي.“
ڇوڪري اندر وڃي، گهر
لڳ ڪمرو/ اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ ”ٿوري دير لاءِ ويهو“. جهٽ رکي،
ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو
اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي
ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار
هو. ان ڪري آءُ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته
چيائين؛ ”ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!“
سندس جسماني صحت کي
ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي
آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ ”اُستاد ئي آهي.“
ڳالهين ڳالهين ۾
هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين:
”دُنيا
مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي“
پوءِ چيائين؛ ”نذير!
تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر. ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ
ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان
ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي“.
آلين اکين سان بي
دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ ”ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان
آهي!“ اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون.
نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر
جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري
۽ پوءِ سائي. جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي،
ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ ”عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار
آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.“
اُستاد
بخاريءَ
جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ،
شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن
جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾
زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين
معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽
بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن.
پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد
بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي
فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد
ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو
مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي
هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي.
اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن
مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس
همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم ! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو
ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي
(شل) زماني جي نظر نه لڳي!
سنڌ ۾ ابتر حالتون
ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ ”اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو
اسان جو نشان ٿي ويو آهي.“
نئين نسل کي
گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ ”اسان جي قوم ڪُڪڙ
قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.“ مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽
منشيات جو وڪرو عام جام.
سنڌي سماج کي
ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين:
ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر
۾ وڃان ٿو،
ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾
وڃان ٿو؛
خبر ناهي ته ڇا
ٿـيـندو خـطـي جـو،
مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو.
اُستاد
بخاريءَ
جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ
کان پوءِ، هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي
واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي
ها.
سندس موت جي ڪري،
اسين سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي!
هُو ته زندهه آهي. پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسانجي دلين ۾. آءُ هر روز اهو سوچيندو آهيان
ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري
ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو
چپن تي مُرڪ آڻي ٻاهر اچي چوندو؛ ”ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟“
(ٽه ماهي مهراڻ، سرءُ ۲۰۰۵ تان ٿورن سان کنيل)
استاد بخاري
سنڌ جو لافاني شاعر
ابراهيم لاشاري
هر سال
جيان ۱۶ جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين
جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي
عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ پيدا ڪيو جنهن جو والدين
(ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان (عرسو) جي
نالي سان سڏيندا هئا پر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد
صاحب کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي سندس احمد شاهه نالو لکرايائينس.
سيد احمد شاهه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي
سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ حاجن شاهه ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون،
تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي
مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي،
عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين
اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري
سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري
پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀانءِ
نه پئي، جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو. انهن
ئي ڏينهن ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ڌاري انٽر، بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين ۽ وري
استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي ۱۹۶۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان (سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن
سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال ۱۹۶۷ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر
ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ، دادو ۽ سيوهڻ ڪاليجن ۾ ليڪچرر ٿي رهي
آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. استاد
بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀني
کان مٿي ٿئي ٿو. سندس دل دردن سان ڀريل هئي، استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر
موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني
شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته:.
تنهنجي
تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو ته
هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي،
عشق جي
آڳ ڪچهري کي بنايو آوي،
جو هتي
آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي،
سونهن
۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي،
ايترو
يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي.
ڪو ٻري
پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون ،
تنهنجي
پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي .
عشق جو
آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد،
سونهن
جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي.
سندس
پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد (دردي) ۽ (بخاري) به
استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني
(استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هن مشهوري ماڻي. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن،
محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد
بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃا پنجين ڪلاس جي تعليم
حاصل ڪري رهيو هو. استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾
به نمبر اول تي هوندو هو. جڏهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنڊ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد
دلچسپي هوندي هئي ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ
نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو. ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري
جا آلاپ پيو ورجائيندو هو. اڪثر استاد سڳورا
سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي
فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين
شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ عيسوي
۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي
پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد
بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي
واري زماني ۾ ڪري چڪو هو پر علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو موقعو کيس
۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي هئائين. ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهوٽڪي
مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر
وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي
ڏيندو هو ته هو اتي وڃي پهچندو هيوس. استاد بخاري بزم طالب المولي انجمن
،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو
۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽
پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان
چوي ٿو ته:.
دوست ڪيا
سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري،
چنڊ جهڪيو
هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري،
ڪوئل ڏئي
ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس،
جنهن
جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري،
تنهنجو
منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني،
هي
ياري هڪ ٻي ياري آ،
ناهي ماڻهن واري،
اوکي
بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري،
هي جن
جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري،
پيار
جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد،
عاشق
ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري،
استاد
بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان
هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِ بجاءِ ملي ٿي، جنهن پنهنجي
شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان
استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت
عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان سندس شاعري ڇپائڻ
۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي
ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي،
قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.
شعر جي
ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي
انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن
سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري تشبيهن ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي، کيس (استعارن جو بادشاهه) چئجي
ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ
امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءَ هو، استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به
سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي، استاد بخاري
شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري سونهن جو پوڄاري هو، استاد بخاري
جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن
محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو، انهن کي پنهنجي حق وٺڻ
لاءِ راهه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏئي ته :
سون
بازار مان ڳنهي وٺبو آ ،
فيض
مرشد کان پني وٺبو آ،
جو
سمجهو ته اوهان جو حق آ،
حق مڙسي
سان ڇني وٺبو آ،
استاد
بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا
بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن
جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ
چوي ٿو ته:.
پڇن ٿا
سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين.
چيم هڻي
پڇاڙي آ،
عبادت
جي ضرورت آ.
سندس
شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾
ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتون جوتون، لهر لهر درياهه سوچون ڀڻڪا
واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽
ووڪ، ميلا ملهالا، لهر لهر لالاڻ ،وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه
مارئي، هڙئي هيج وطن جا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت
وغيره سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف
اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري
حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج
واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيا جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن
بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جيئڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد
بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق ۱۱ ربيع الاخر ۱۴۱۳هه تي ڪراچي
۾ ۶۲ سال ۸ مهينا ۲۳ ڏينهن
زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني وڃي، مالڪ
حقيقي سان مليو، سندس مرئتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن
زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾
ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏينهن، ۸۸ سالگرهه، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي، سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري، شخصيت
۽ فن، فڪر تي روشني وجهندا.
استاد بخاري
”زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو“
ابراهيم لاشاري
سونهاري
سنڌ جيڪا صدين کان قدرت جي سمورن رنگن سان مالا مال لڳي پئي آهي هي ڌرتي جيڪا
ولين، بزرگن، شاعرن، درويشن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي ڪيترن ئي ڏاهن علم جي اڪابرن
کي وقت به وقت پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي حصي جي ڪيل ڪمن ذريعي
پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو هن سڄي ڏيهه ۾ جرڪائڻ ۾ ڪا ڪم ناهي ڇڏي اهڙي ريت وادي
مهراڻ جي ڌرتي کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن دنيا جي وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز ۽ سنڌ جي اربيلي شاعر استاد بخاري کي پنهنجي سيني تي
جنم ڏنو. جن شاعري وسيلي پنهنجي من جو آواز ڪڍي پنهنجي معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي
آهي
استاد
بخاري جنهن جي گيتن، غزلن، نظمن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل
رهي آهي. سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ
غلام محمد چانڊيي کان شروع ڪيو. جنهن جو والدين آذان (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو
هو، سندس مٺڙي امڙ وري پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندي هئي جڏهن استاد
بخاري پڙهڻ جي عمر (وهي) تي پهتو ته سال ۱۹۳۶ع ڌاري سندس والد صاحب اسڪول جي محنتي ۽ شفيق استاد (خدابخش کٽي) وٽ اسڪول
۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو تنهن زماني ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر محمد حسن ڪوري هو اسڪول ۾
داخل ڪرائڻ وقت سندس والد صاحب پتاشا ورهائي (احمد شاهه) نالو لکرايائينس. استاد
بخاري جا والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا. پر استاد بخاري جي سار سنڀال
تمام بهتر نموني سان ڪيائون، ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون،
تاريخي واقعا ٻڌائي سندس ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري
پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي
هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي
بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري
سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري
پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبيعت کي ڀانءِ
نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .
ستت ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت
سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي استاد بڻجي ويو. استاد بخاري سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر
طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي
نمائندو شاعر هو. ۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد
بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽
درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته :.
تنهنجي
تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي،
ڇو ته
هر تير لڳو ٺيڪ نشاني تي گٿو ڪو ڪونهي،
سندس
پهريون (تخلص) آسي ان بعد (دردي) استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين.
سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي
۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. استاد بخاري واقعي پوري قوم جو سجاڳ استاد هو. سندس شاعري
جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت، درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو
پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي
واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. پوءِ
ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ ع ۾
پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعدي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو
تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري)
سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري
چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ
ڪاليج مان تربيت پئي ورتي ۱۹۵۰ع
واري زماني کان وٺي گهڻي ڀاڱي مشاعرن ۾
پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو. سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو
به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته اتي وڃي پهچندو هيس. پاڻ بزم طالب
المولي انجمن، آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ
سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو
وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد
بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته
دوست ڪيا
سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري،
چنڊ جهڪيو
هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري،
استاد
بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين
جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽
بلاغت جي سونهن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي پنهنجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي
احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي
مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب
مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي
پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد
بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع، ٽيڙو ۽ آزاد
نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل
۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ ٻٽو شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو.
سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي
سندس کي (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾
پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد
بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا
آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي. استاد بخاري، شاعرن منجهه
سمورين خوبين جو مالڪ هو. استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو.
هڪ سونهن
جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي،
تعريف
تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي،
توڙي
جو پاڻ تو به چيو ٿي وڌاءِ آهي.
استاد
کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا،
چوٽي
تي برف آهي اندر ۾ الاءُ آهي.
استاد
بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار
ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ
لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح ٿو ڏي ته:
سون
بازار مان ڳنھي وٺبو آ.
فيض
مرشد کان پني وٺبو آ.
جو
سمجهي ته اوهان جو حق آ،
حق مڙسيءَ
سان ڇني وٺبو آهي.
هو ڌرتيءَ
سان ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست
شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته
هو عوامي قومي شاعر طور نظر ايندو هو، نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو.
سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾
ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، او تون جو تون، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا
واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽
ووڪ، ميلا ملهالا، لهري لهري ۾ لالڻ، وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي
نه مارئي، هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت
وغيره.
سندس ٻيو
ڪافي اهڙو ڪلام جيڪو شعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽڙيل
پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم
شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ
برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي
سمهاري ڇڏيو موت جو راڪاس سندس حياتيءَ مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو. آخر ڪار سڀ ڪنهن کي
اوڏانهن ئي هلڻو آهي، استاد زبردست نموني ڪري ٻڌائي ٿو ته: .
هڪ موت
مئي جو ڀئهُ سهڻا،
ٻيو تو
مان نه ٿو ٿئي ڍءُ سهڻا.
استاد
بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ڪراچي ۾ سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ
راهه رباني ٿي ويو، سندس مرتئي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين
به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي. اڄ سندس سڄي سنڌ ۾ ورسي ملهائي
ويندي. سنڌ جا سڀئي اديب سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا.
استاد بخاري
ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر
ادريس عاجز عباسي
هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن
انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار
جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري
۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن
سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي
سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ
۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان
لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ
جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق
پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ
نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته:
بهشت
ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،
جهان
کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،
جوان
لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون،
حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو.
ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري
شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن
به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾
غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري
کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو.
سامان
تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون،
خرچن
ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون،
گولين
۽ بمن لاءِ خزانا کليل،
ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون!
سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج
محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾
ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو
سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون
ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر
جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي
عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
ڪو به
ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي،
ڏک
سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي
ها
جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي،
مون
کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو
ڀيڙ
آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي،
ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو
منهنجو نالو لکو.
استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي
به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾
ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.
مون
لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو،
جيجل
جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ،
تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ
ڪوهيار ۾.
ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه
ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي
به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو
آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته:
تڏون
ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾
تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾
جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي،
ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي
آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو
ته:
يارو
اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو
پير
پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو،
ڪجهه
ته اڳتي وڌو.
جو
هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو،
ڪجهه
ته اڳتي وڌو.
هي جو
اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو.
هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو،
ڪجهه ته اڳتي وڌو.
سنڌي شاعرن ۾ شاهه،
سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي
پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي
شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو
شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو
وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي.
استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ
زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو
ته:
جو اٿيو ڳاٽو،
اهو ناهي جهڪيو،
دار
تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو،
پنج
کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه،
ڀونءِ
جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو،
انگ
گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا،
سنڌ
جو عاشق سچو ناهي جهڪيو.
سنڌ
جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي،
جو
تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو.
مرسون
مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو،
جو به
هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو
روپلو
ڪولهي سلي ساٿي نٿو،
آڱريون
شعلو الو ناهي جهڪيو.
لئمبرڪ
لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون،
وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو.
تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو.
ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه
ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا
فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون
آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ
اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ
هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي.
استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان
روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ
مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ....؟؟“ ڇو ته
استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته:
مون
کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان
زندگي
موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان،
ڇا
ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو
وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو
هان.
مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي
جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي
هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن.
جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل
آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه
جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري
پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته:
امير
پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا،
ملون،
بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا.
امير
پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو،
مريض
ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو.
استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ
پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو
زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر
سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ،
جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري
ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين.
سڳو
نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس،
رسيم
سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان،
حبيب
تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس،
وري
وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون،
ترار
ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس.
استاد بخاري
عوامي ۽
مزاحمتي شاعر
رضوان گل
شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي
ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن
جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري، داٻن ۽
دهمانن کان گھٻرائجي، سچ
چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت
ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ-ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي. جنهن
پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا
هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽
مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو
پنهنجن شعرن ۾ ستايلن
جي ڳلن
تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي
دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو:
وڌا وات ۾
ڇو اٿئي مُڱ زمانا،
ستايو
غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر!
ڇڏي ڏي
اجايا سجايا بهانا،
حقيقت کڻي
اڄ ته، کيرئون اڇي ڪر!
استاد جو انداز ئي نرالو آهي.
هو عوامي شاعر آهي ان ڪري سندس
ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي
ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته؛ ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو
ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي.
حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد-امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو،
تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ
سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
تنهنجي اک ۾
پُتـلي ناهي، پٿـري آهي،
سنڌ سڙي پئي،
تنهنجي دل روئي به نه ٿي.
تنهنجي بت ۾
رت جي بدلي، ريتي آهي،
خلق لڇي پئي،
تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي.
استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ
لکيو هو ته؛ ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳاءَ،
شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان.
حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار
بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو
آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي
ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ
کان.“
استاد قوم پرست شاعر هو، جنهن
وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ
پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي
روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي
۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ
عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان
ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو
اظهار هن ريت ڪيو:
ڪنول گل
مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو،
بخاريءَ
کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
ملهائي
نه جو ٿــڃ جيجــل جي لوڪو،
اهڙو ڪو
به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
استاد بخاري جو اصل نالو احمد
شاهه هو. سندس جنم ۱۶
جنوري ۱۹۳۰ع تي
ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو
درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد ۱۹۵۰ کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي
شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي
شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي
شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر
هيٺ“،”ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“،
”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيج
وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“،
”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري
لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو، جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن.
استادُ، شاعر سان گڏ بهترين
موسيقار به هو، جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به
هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ
سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو؛ ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي. سندس
ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو.
اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي، تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي،
ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي.
سندس شاعريءَ ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو
روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“
استاد هر وقت ماڻهن کي همتون،
حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي
پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽
جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي
منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن.
کڻي ڪنڍيون،
گلابي موسمون پهتيون،
ڪري سينگار
سهڻيون منزلون پهتيون.
مڃينديون
مات، جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
جتي تنهنجون
۽ منهنجون جرئتون پهتيون.
استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي
جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪو به ميڙ استاد
جي شاعريءَ کانسواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا
تيزيءَ سان استاد جي وڇوڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن سندس شاعريءَ مان نيون
نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي، اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ
پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي
امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي.
نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر
تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو؛ ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام
کان پوءِ، استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ
اهم باب پورو ٿيو. استاد خود-دار ۽ حوصلي وارو انسان هو. اهڙا انسان ئي موت کي
شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان مخاطب ٿيندي چيو:
مٿي ۾
اٿئون زندگيءَ جي هوا،
اسين
تيز رفتار آهيون سو آهيون.
اڙي!
موت ساهت جي رستي مٿان،
اسين
توتي هسوار آهيون سو آهيون.
استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي
شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو. اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن
ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو. هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي
قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان
سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر، گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم
جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندڙن کي
مانُ ڏنو.
جو قوم
جياري، جيئندو رهندو،
جو عام
اجاري، اهو جيئندو رهندو.
مون کي
تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي،
جو سنڌ
سنواري، اهو جيئندو رهنـدو.
استاد، قوم کي جيئارڻ جي
ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾
موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيستائين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به
جوڌو ۽ جوان هوندو، تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ
ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه
ڪئي.
استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون
مارچ ۱۹۹۰ ۾ ۽
ٻيو ڀيرو فيبروري ۱۹۹۲
۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ تي اسان کان استاد کسي ورتو.
استاد
بخاري
هالار جي هستي
آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر، استاد بخاريءَ جو جنم
شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه
جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ احمد شاهه هو. ايم.اي،
ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي.
استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب
جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي
سان لکيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد
بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا، جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو.
استاد بخاري هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽
عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترا ئي ڊرامه
لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري
به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب
ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن
ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام، غلام قادر ميرپور خاص واري به ڳايو. استاد جي
شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپور خاص واري ۽ محمد يوسف،
عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري
فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ، ديبا سحر
سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي.
استاد بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾؛
·
اوتون جوتون (۱۹۸۳ع)،
·
بخاري جا قطعا (۲۰۰۰ع)،
·
پير نه هٽن پوئتي (۲۰۰۲ع)،
·
تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (۲۰۰۰ع)،
·
جستجو لاتقنطو (۱۹۹۳ع)،
·
ڌرتي سرتي (۱۹۹۱ع)،
·
ڌوڙ دل تي درد جي (۲۰۰۸ع)
·
زندگي زندگي (۱۹۹۲ع)،
·
سوچون ڀڻڪا واڪا (۱۹۹۰ع)،
·
ڪاري ڪڪر هيٺ (۱۹۹۱ع)،
·
ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ (۱۹۸۶ع)،
·
گلدستي ۾ گيت (۱۹۹۶ع)،
·
گهڙيا سي چڙهيا (۲۰۰۲ع)،
·
گيت اسان جا جيت اسانجي (۱۹۷۱ع)،
·
ڳائي پيو جاڳائي پيو (۱۹۹۹ع)،
·
لهر لهر دريا (۱۹۹۰ع)،
·
لهري لهري ۾ لالاڻ (۱۹۹۵ع)،
·
ماندي ٿي نه مارئي (۱۹۹۴ع)،
·
ميلا ملهالا (۱۹۸۸ع)،
·
نه ڪم نبريو نه غم نبريو (۱۹۹۳ع)،
·
هڙ ئي هيج وطن جا (۱۹۹۸ع)،
·
هي گجرا هي گولا (۲۰۰۴)،
·
هي گيت گلابي ٻارن جا (۱۹۸۰ع)،
·
وطن ۽ ويساهه (۱۹۹۷ع)،
·
ولولو ۽ ووڪ (۱۹۹۴ع)،
۽ ٻيا شامل آهن.
استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي. سندس
شاعراڻي عظمت کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو. استاد بخاريءَ جنهن لڳاتار دليري ۽
سورهيائيءَ سان موت سان مقابلو ڪندي پتي جي پٿريءَ کان ڪينسر جي بيماريءَ باوجود ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو
ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته؛ هو
گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو.
جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري،
ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ!
پٺيان پاڻهي نقاد، ”فيئر“ ڪندا پيا،
تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!.
هالار جي هستي، استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن.
ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاريءَ جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي
شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا
آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏئيا روشن ٿيندا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ
جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي.
عزتون، محبتون، احترام گهرڻ سان ناهي ملندو. ائين شهرت ۽ عظمت به گهرڻ سان نه پر
عمل ۽ ڪردار سان حاصل ٿيندي آهي. استاد بخاريءَ کي به عزت، شهرت ۽ عظمت پنهنجي اڌ
صديءَ تائين سنڌي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت سبب ملي. کيس حياتيءَ ۾ به ادبي
ميڙاڪن، ڪانفرنسن، مشاعرن، قومي ڪاڄن ۽ عوامي جلسن ۾ جيڪا محبت، عزت ۽ مان مليو،
اهو سندس وڇوڙي کانپوءِ به ساڳئي جذبي سان ملندو رهي ٿو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ خراجِ
تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويل استاد
بخاريءَ کي اکرن سان عشق هو. هو لفظن ۾ ساهه وجهڻ جو ڄاڻو، شاعر، قلڪمار هو. هن
لکڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ۽ لکڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. ڇو ته هو قلم جي
طاقت کان واقف هو ۽ هن پنهنجي قلم جو مان به رکيو. استاد اڌ صديءَ کان وڌيڪ پنهنجي
تخليقن، شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌ واسين جي فڪري رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. هو رهبر شاعر ۽
قلمڪار هو..
لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي،
لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکئي کان ڏکيو عشق، اکرن جو آ،
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟
استاد
بخاري
هالار جي هستي
آزاد انور ڪانڌڙو
استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر
شاعر آهي جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائي سان موت سان مقابلو ڪندي ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو
ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته هو گهڻو وقت جيئرو
نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو:
جيئن
زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري،
ائين تون
به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ!
پٺيان
پاڻهي نقاد ”فيئر“ ڪندا پيا.
تون ”رف“
جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!.
اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾ ۱۰ شعري مجموعا گيت اسانجا جيت اسانجي، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ،
گيت گلابي ٻارن جا، ٻاراڙا گيت، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ،
ڌرتي سرتي، زندگي زندگي ڇپيا، جڏهن ته سندس وڇوڙي بعد ۱۵ کان به وڌيڪ شعري مجموعه نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه
مارئي، لهري لهري ۾ لالاڻ، هي گجرا هي گولا، ميلا ملهالا، ولولو ۽ ووڪ، جستجو
لاتقنطو، گهڙيا سي چڙهيا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، گلدستو، بخاريءَ
جا قطعا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهايان، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي ۽ ٻيا شايع
ٿيا آهن.
استاد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس نثر ۾ تحريرن،
مضمونن، مقالن، ڪتابن جي لکيل مهاڳن، تقريرن،انٽرويوز ۽ ٻين تحريرن تي مشتمل راقم
پاران مرتب ڪيل ڪتاب سمي صحرا، سمي دريا سال ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري
جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادو جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه
جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه، اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو.
ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر
ٿيو.
استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي. هن جي ادب جي دنيا ۾
پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو.
استاد بخاري جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“
رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو.
استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت
اسانجا جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو.
استاد بخاري هڪ گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو.
هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد
ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين
ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هيو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون
پاڻ ترتيب ڏنائين.
سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين،
پيار نه ٿو پلجي“ ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام غلام قادر
ميرپورخاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر
ميرپورخاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد
گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي.
هالار جي هستي استاد بخاري جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاري جي
لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي.
استاد بخاري جو وڇوڙو
ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ...
آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاريءَ
جي وڇوڙي کي ۲۱ سال گذري ويا آهن. اڄ استاد بخاريءَ جو
۸۳ هون جنم ڏينهن آهي. استاد بخاري اهڙو
قومي ۽ عوامي شاعر هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ قومي فڪر ۽ شاعريءَ سبب هميشه ياد رهندو،
سندس شاعري، فڪر ۽ پيغام اڄ به سنڌي قوم لاءِ
مشعل راهه آهي.
هونئن ته مٽيءَ
چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته
سڀڪي آهيان،
سانگين سان
گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي ويمس
ته ورسي آهيان.
استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين
دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ
۾ نالو احمد شاهه هو، ايم اي ۽ ايم ايڊ پاس
استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، استاد بخاري لکڻ جي شروعات
۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي ايس بخاري، بعد ۾ بخاري دادوي
۽ آخر ۾ استاد بخاريءَ جي نالي سان لکيو، استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“
رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعري
مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع
ٿيو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ
قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊراما رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو، هن اسٽيج جي ”سسئي
پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، هو سٺي آواز جو مالڪ به هئو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن
جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين، سندس پهرين ڪلام
”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو، استاد
بخاريءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر لنجواڻي ميرپوخاص واري،
محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، جيجي زرينه بلوچ، انور وسطڙو، استاد گلزار علي،
مُني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي،
ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ ۽ ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي
فنڪار ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا،
لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي
ٿي نه مارئي، وطن ۽ ويساهه ۽ ٻيا شامل آهن.
استاد جنهن دور ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور
۾ سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو گهرو اثر هو ۽ سنڌي شاعري فارسيءَ جي اثر ڪري بي رنگ
ڪافين ۽ رديفن جو سڪار هئي. ان دور ۾ ڪشنچند بيوس ۽ ان کانپوءِ شيخ اياز اهڙا شاعر
هئا، جن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو ۽ شاعريءَ کي نئين ٻولي، نئين ڊڪشن ۽ نئين
لهجي ۾ تبديل ڪري ورتو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن
۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏيئا روشن ٿيندا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي
کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي، استاد اهو
مان مرتبو ڪو هڪ ڏينهن، هڪ رات، هڪ مهيني يا هڪ سال ۾ نه پر اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو
سنڌي شاعري، ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي حاصل ڪيو هو.
لکڻ زندگي،
زندگي ڪيئن ڇڏجي،
لکڻ بندگي،
بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکئي کان ڏکيو،
عشق اکرن جو آ،
رکي دوستي،
دوستي ڪيئن ڇڏجي؟
استاد بخاري
بخاري بي وفا نڪري پيو
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڪيترن غمين ۽ ورسين تي ماڻهن مون کي گهٽ ڏٺو
هوندو. سمجهندا هوندا ته مان ڪو دل جو ڪٺور آهيان، يا مون کي مرڻو ئي ناهي. آئون
جڏهن ڪنهن ٻئي جي مرڻي تي نه ٿو وڃان ته منهنجي تڏي تي ڪير پير ڀريندو؟ هر ڪنهن کي
راءِ رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق رسي ٿو. پر حقيقت ۾ ڳالهه اور آهي.
آئون سواءِ شيخ اياز جي، باقي پنهنجي دور جي
وڏن وڏن عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين جي تمام ويجهو رهيو آهيان. هنن جي عظمت
ڀرين ڪمن ۽ ڪارنامن کي سرجندي ڏٺو اٿم. موت برحق آهي، پر منهنجو من سندن مئل وجود
کي ڏسڻ جي سگهه ئي ساري نه سگهندو آهي. هو طبعي ۽ جسماني طور تي مري ويا، مگر
پنهنجي فڪر ۽ ڪم سبب زنده آهن ۽ آئون اهڙن زنده ماڻهن کي مئو سمجهي تڏي تي وڃي نه
سگهندو آهيان، تن من ته اڳي ئي جهيريو پيو آهي. پر تڏي تي وڃي ان ۾ لوڻ وجهڻ جي
همت ساري نه سگهندو آهيان، ان ڪري پاڻ کي آٿت ڏيندو آهيان ته اهي مئا هوندا ماڻهن
لاءِ، پر هنن جون سوچون ۽ لوچون ته مون سان گڏ آهن.
استاد بخاري ۽ مان ڀريا پنج سال گڏ رهياسين.
سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ سنڌيت جي تحريڪ ۾ ٻنهي جهڙوڪ ناچوءَ جيان نچي قومي ڪاڄ ۾ هڪ ٻئي
جو هٿ ونڊايو. فنڪشنن ۾ گڏ ويندا هئاسين. گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ کلندا هئاسين.
هي اهو زمانو هو، جڏهن آئون سنڌالاجي ۾ ڊپٽي
ڊائريڪٽر ٿي آيس. اڙٻنگ اديب ۽ ليکڪ طور اڳ ۾ ئي نالو ڪمايل هو، ويتر سنڌالاجي ۾
جو بنهه نئون ڪم هٿ ۾ کنيم ته ساڃهه-وند قلم-ڌڻين جو دادلو بڻجي ويس. انهن ڏهاڙن ۾
استاد بخاريءَ جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن هو پنهنجي نياڻيءَ کي
وٺي منهنجي سنڌالاجيءَ واري آفيس ۾ آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هيءَ اوهان جي ڀائٽي
آهي“. مون بي بي کي ڏٺو ۽ بخاريءَ کي وراڻي ڏني ته، ”سيدن سان ڪهڙو سڱ سياپو.
اوهان پاڪن جو اولاد اسان اوهان جي پيرن جي خاڪ“. ان کانپوءِ بي بي به آفيس يا
بنگلي تي ايندي رهي ۽ استاد بخاري به پنهنجي نياڻيءَ سان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ
ايندو هو ته مون ڏي به ڀيرو ضرور ڪندو هو.
مون سنڌالاجي ۾ جيڪا ”ڏات-ڌڻين واري رٿا“
شروع ڪئي ته استاد بخاري پهريون ڏات-ڌڻي هو. جنهن منهنجي ڪم جي تاريخي ۽ تحقيقي
اهميت جو ڀرپور اندازو لڳايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهڙو ته مثالي
۽ تاريخ وار رڪارڊ/ وچور ٺاهي ڏنائين، جيڪو آئون ٻين شاعرن ۽ اديبن کي ڏيکاري
پنهنجي ڳالهه سمجهائيندو هئس. منهنجو اڳ به اهو ايمان هو ۽ هاڻي به سوچ ساڳي آهي
ته سنڌ ۾ جيڪي به علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي وغيره واقعا جنم وٺن ٿا. انهن جو
رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو هڪ واقعو به رڪارڊ ٿي نه سگهيو ته ڄڻ اسان کان هڪ
خون ٿي ويو ۽ ارتقا جي عمل واري اسان هڪ ڪڙي وڃائي ڇڏي.
استاد بخاريءَ ڪڏهن به مون سان انهيءَ
پراجيڪٽ تي بحث نه ڪيو، بلڪ ويهي مون کي ٻڌندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون ڳالهيون ڪندي کيس چيو: ”سائين! جيڪڏهن لطيف
جي زماني ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هجي ها ته کانئس ڪوائف نامو ڀرائي وٺي ها. هاڻي جو
اسان سندس ولادت جي تاريخ، تعليم ۽ ٻين ڳالهين تي ڪج بحثي ڪندي، اٺ ڪتابن جا لکي
وڃون ٿا، سي لکڻا نه پون ها. ڇو ته انهيءَ ڪوائف نامي ۾، شاهه لطيف پنهنجي هٿن سان
پاڻ ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي چڪو هجي ها.“
جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن آئون
استاد بخاري جي عظمتن جو قائل ٿيندو ويس ۽ اسان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻبا وياسين.
سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي مهورتي موقعي تي سندس مرضيءَ ۽ چوڻ تي آئون به وڃي
شريڪ ٿيو هئس. استاد بخاريءَ جي هن ڪتاب مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
بخاري شاعري شوق لاءِ نه پر شعور ڏيڻ لاءِ ڪرڻ چاهي ٿو. هو قوم جو نظرياتي پورهيت
آهي. هو سنڌ کي دنيا جهان کان ڪٽيل گرهه نه ٿو ڄاڻي، پر کيس عظيم قومن جي قطار ۾
آڻي بيهارڻ لاءِ پاڻ سان ۽ پنهنجي ڏات سان وچن ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب جي اچڻ
کان پوءِ منهنجي ساڻس محبت ۽ عقيدت واري کير ۾ جهڙوڪ کنڊ پئجي وئي.
استاد بخاري ۽ مون ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾
گڏجي شرڪت ڪئي. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ رات اسان خيرپور واري پاسي ممتاز رڏ جا
مهمان هئاسين. هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو سڏايو هو. تقريرون ٿيون،
مشاعرو ٿيو، شايد راڳ رنگ به ٿيو. سياري جي رات هئي، پر استاد بخاري ۽ آئون بي
آرامي هئاسين. گرم گرم بسترو ڇڏيوسين ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪ موريءَ تي وڃي
ويٺاسين. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا، پکي پکڻ به آرامي هئا ۽ هر طرف سانت ئي سانت
هئي. ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ اغوا جي واردات شروع ٿي. ڪلاشنڪوفن جون
ٻرندڙ گوليون ڪرندڙ ستارن جيان اڏري وسامي ٿي ويون. پر اسان انتهائي خاموشيءَ سان
هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا هئاسين. ٻنهي کان ٻڙڪ نه پئي نڪري، پر چپ چپات ۾ هزارين
داستان هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا هئاسين. نيٺ مون ماٺار کي ٽوڙيو: ”سائين! ڪٿي ويٺا
آهيون، ڪهڙي مهل جو ويٺا آهيون ۽ ڇو ويٺا آهيون؟“
اونداهي رات ۾ سندس اکيون ڄڻ چمڪي رهيون
هيون. هن جي اکين ۾ دکن جا شعلا هئا ۽ مستقبل جي روشني هئي. چيائين: ”انهن سوالن
جا جواب بڻجي ته هت اڪيلا ويٺا آهيون. رات جي هن پهر کي پيرن فقيرن جو پهر ڪري
چئبو آهي. لطيف سائين پنهنجي منگتي کي هن وقت اٿي سئن هڻڻ ۽ سوال ڪرڻ جي صلاح ڏني
آهي. منهنجي سنڌ جي پيرن فقيرن واري انهيءَ پهر کي رهزنن ۽ ڌاڙيلن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو
پهر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌين جو ساهه مٺ ۾ آهي. شهرن ۾ وڃن ٿا ته لاش بڻجي ڳوڻين ۾
بند ٿي موٽن ٿا. ٻهراڙين ۾ هي حشر پاڻ ٿو ڏسين. گولين جو وسڪارو ته ڏس، ڄڻ ڳوٺ فتح
ڪرڻ لاءِ ڌارئي ملڪ جي فوج ڪاهي آئي آهي.“
”گولين جي آواز آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي.
ڇا اهو آواز ڀرپاسي وارن ڳوٺن يا پوليس تائين نه پهچندو هوندو؟ اسان بي حس ڇو ٿي
ويا آهيون؟ اسان مان ناحق ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي سگهه ڇو ختم ٿي وئي آهي؟“ سندس
ڳالهين ۾ شامل ٿي ويس.
”ڊاڪٽر! تون ڄاڻين ٿو ته تون ۽ مان ڪي ڀٽڪيل
روح ناهيون، خاموش تماشائي به ناهيون، تو ۽ مون وٽ قلم جي ڪلاشنڪوف آهي. اسان
ايماندار قومي پورهيتن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.“ بخاري منهنجي پهرين سوال جي
هڪ حصي جو جواب ڏيندي چيو.
”سائين! تون ۽ اسان پيرن ۾ مقصدن جا گهنگهرو
ٻڌي، ناچوءَ جيان نچندا رهيا آهيون. شهر شهر نگر نگر وستي وستيءَ سنڌ جا گيت
گونجائيندا رهون ٿا. ڪنهن موٽ کان سواءِ، ڪنهن نتيجي کان سواءِ. روئڻ جهڙيون
ڳالهيون ڪريون ٿا ته ماڻهو تاڙيون ٿا وڄائن، کلڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته نچڻ شروع ڪن
ٿا.“ مون پنهنجي راءِ ڏني.
اونداهي رات ۾ بخاريءَ جي اکين مان ٽانڊن
جيان ٻرندڙ ڳوڙها اچي، منهنجي هٿن تي ڪريا. چيائين: ”ڊاڪٽر! اها مجبوري آهي، اهو
چئلينج آهي ۽ اها ايجنڊا آهي، تنهنجي ۽ منهنجي. هتي ڀر ۾ گولين جي گجگوڙ لڳي پئي
آهي ۽ ان تي پکي پکڻ ته پنهنجا واهيرا ڇڏي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، پر ڪنهن کي
ڀاڄ نه ٿي اچي ته ڏاڍ جي ڏونگرن کي ڊاهڻ لاءِ ڪانڀو ڪڍي ٻاهر نڪري اچي. تون سچ ٿو
چئين ته جنهن ڳالهه تي ماڻهن کي روئڻ اچڻ گهرجي، ان وقت اهي خوش ٿي پون ٿا. هن کان
حالتن دک ۽ سک جي تميز کسي ورتي آهي. اسان وڏي نفسياتي ۽ نظرياتي بحران مان گذري
رهيا آهيون. پر توکي ۽ مون کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.“ بخاريءَ مون کي آٿت
ڏيندي چيو.:
سسئيءَ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪهڙي هنڌ تي
پهتي آهي ۽ مٿان ڪهڙي مهل آئي اٿس. هن جي دل ۽ دماغ تي پنهل جي ڇاپ لڳل هئي. بنهه
ائين ۽ اهڙي طرح مون کي ۽ بخاري کي مهل ۽ ماڳ جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. اسان ٻنهي
تارن ڀري رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي آس کي اميد ملي ته اونداهي رات
جو نيٺ ته انت ايندو.
پر اهو اڏول، برجستو ۽ ڪامل شاعر ائين هليو
ويو. هن کي ائين رڻ ۾ رولي وڃڻ نه گهربو هو. بخاري وقت کان اڳ مري ويو. وڏي بي
وفائي ڪيائين.
سڄي ڄمار روئندي روئندي منهنجا ته ڳوڙها ئي
سڪي ويا آهن. ان ڪري روئڻ ايندو ئي نه آهي. پر ٻن ماڻهن جي موت تي اکيون ڀرجي آيون
۽ آئون پاڻ پلي نه سگهيس. پهريون دفعو استاد بخاريءَ جي موت تي ۽ ٻيو دفعو بينظير
ڀٽو جي موت تي. آئون ڪو بينظير ڀٽي جو نظرياتي پوئلڳ نه اڳ هئس ۽ نه هاڻي آهيان،
پر جڏهن هن جي سياست، تدبر ۽ عمر جا گل ٽڙيا ته هٿراڌو بي دردي سان مرجهايا ويا. مون
کي وڏي ڪهل آئي ۽ مان روئي پيس. بنهه ائين جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعري اڳ کان
اڳري، پختي ۽ عوامي ۽ نظرياتي شاعريءَ جو روپ ورتو ته هو اسان کان جدا ٿي ويو.
هو قادر الڪلام شاعر هو. هن کي ڪوزي ۾
درياهه کي بند ڪرڻ ايندو هو. هن جي شاعري هڪ ئي وقت تي ذهن ۽ زبان، ضمير ۽ نظرئي
کي ڇهي وٺندي هئي. هن جي اسان کي ههڙين حالتن ۾ سخت ضرورت هئي. هاڻي اسان ايترو بي
حس ۽ بي وس ٿي چڪا آهيون جو معذور مورڙو ته مانگر مڇ کان پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي
سگهيو، پر اسان ڏنڊا مسٽنڊا ماروئڙن ۽ سڄي شهر کي بچائي نه ٿا سگهون.
جڏهن جمشيد مهتا ڪراچيءَ جو ميئر هوندو ته
روزانو ڪراچيءَ جا رستا ۽ روڊ پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا. پر هاڻي اسان جي ڏينهن ۾
روز نه پر هر هر ڪراچي جا رستا انساني رت سان ڌوتا وڃن ٿا. هجي ها استاد بخاري ته
ڪراچيءَ جو ڪيڏارو لکي ها.
اڄ جڏهن هڪ کان وڌيڪ نظامن جا لٽا ڪپڙا سبي،
مون کي چڍي هٿ ۾ ڏئي چون ٿا ته؛ اها قميص ڪري پاءِ، ته اهڙين اڍنگين حرڪتن تي
استاد بخاري ئي مون کان وڌيڪ سٺو لکي ٿي سگهيو. هو به ڪو نه وسرندو ۽ سندس ياد به
ڪو نه وسرندي. هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويو ۽ هاڻي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو
آهي.
استاد
بخاري
ڌرتي جو شاعر
ڊاڪٽر محمود بخاري
لکڻ وڏي ڏات آهي پر اها ڏات جي ديوي جنهن تي
مهربان ٿئي. دنيا جا عظيم شاهپارا تخليقڪارن جا ئي تخليق ڪيل آهن. صدين جو اهو سفر
نه رڳو تاريخ جي ورقن ۾ ساهه کڻي پيو پر وقت سان گڏ اتهاسڪار شخصيتن پڻ جنم ورتو
آهي. اسان جي ٻولي ڏاڍي ڀاڳوند چئبي جو اُن جي آبياري لاءِ کوڙ سارن شخصن پنهنجن
ڪلهن تي وڏا بار کنيا آهن. سنڌي ٻولي جي عوامي لب لهجي وارو هڪ خوبصورت شاعر استاد
بخاري به ٻولي جي اهڙن ساهتڪارن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.
استاد بخاري سنڌي عوامي شاعري جو بنهه منفرد
نانءُ آهي. هن جي شعر ۾ ترنم، رواني ۽ ٻولي جي وسعت آهي. هو سونهن، سچ، انسان
دوستي ۽ ڌرتي جو شاعر آهي. هن وٽ انهن موضوعن متعلق منفرد خيال آهن. هن مختصر
مضمون ۾ اسان استاد جي ڌرتي سان محبت جا چند خيال پيش ڪنداسين.
ڌرتي آدجڳاد کان انسان جي نه رڳو محبت جو
محور رهي آهي پر انسان جي ترقي ۽ سڌاري جي به اهم ڪارڻ پڻ آهي. دنيا جا سڀ موضوع/
مسئلا ڌرتي سان لاڳاپيل آهن. انسان دوستي، تهذيب، ثقافت، ادب، شعاري، آرٽ، مصوري،
حسن سڀ ڌرتي مان ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ڌرتي سان انهن جو گهرو ناتو رهي ٿو. دنيا جو بهترين
ادب توڙي شاعري جا موضوع ۽ پسمنظر ڌرتي سان ئي سلهاڙيل رهن ٿا. اسان جي هن شاعر
استاد بخاري جو فڪري ۽ روحاني رشتو ڌرتي سان آهي. هن بيماري جي بستري تي موت سان
منهن مقابل ٿيندي هي لفظ لکيا:
خوشبوئن
کان سواءِ
جڳ ۾
ڪا شيءِ
ڪانه رهندي
مان سمورا
خواب ۽
ڪتاب
اوهان کي
ٿو ارپيان،
منهنجا
اوهان سان
قوم سان
ڌرتي سان
رشتا ناتا
لڳ لاڳاپا
۽ تعلقات
اڻ ٽٽ آهن
ڇو ته اهي
رشتا
موت جي
سرحدن کان گهڻو دور آهن
جي سدائين
قائم رهندا
جي سدائين
قائم رهندا.
استاد بخاري جي شاعري ۾ ڌرتي توڙي ڌرتي
واسين لاءِ وڏي تڙپ آهي. هو سانگيئڙن جي پيڙاءُ کي محسوس ڪري ٿو. استاد جي نظم ’قوم
چوي ٿي ٻول‘ ۾ هيڻن سان، ڏاڍن جي ڪيل ناانصافين، فريب ڪارين جو عڪس پسجي ٿو. اتي
هڪ تخليقڪار کان سماج ڇا ٿو گهري، ان ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي، سندس لفظ آهن:
قوم چوي
ٿي ٻول
او شاعر
ٻول
اسان جي
ٻچڙن جي لئي ٻول
ٻاهر
اُجرا اُوچا ماڻهو
اندر
نيرا، نيچا ماڻهو
للڪاريون
لاحول
رسي ماحول
او شاعر
قوم چوي ٿي ٻول.
گيرا
نعرا، کيرا هوڪا
خالي کوکا
تن ۾ دوکا
جي ٿا
کوليون پول
ته ڍانڍا
ڍول
او شاعر
قوم چوي ٿي ٻول!
ڪهڙا
رهزن، ڪهڙا رهبر،
دهرا روپ،
دغارا دلبر
مُڻهن تان
گهونگهٽ کول
لهي ڀل
ڀول
او شاعر
قوم چوي ٿي ٻول!
هيڏي
ڌرتي، هيڏا دريا
هوندي،
دڙدون کائي دنيا
هي ڳجهارت
ڳول
وڏو ڪنهن
ڏول
او شاعر
قوم چوي ٿي ٻول!
او
انڌاري، او اونداهي!
ايندي سچ
کي ڪهڙي ڦاهي،
سچ جو
بالا بول،
ڪبو سر
گهول
او شاعر،
قوم چوي ٿي ٻول!
ڌرتي جتي ڪونڌر ڄڻي ٿي اتي ڪي ڪانئر به جنم
وٺن ٿا. استاد اهڙي ئي ٻاگهي ۽ مارئي جو ذڪر ڪري ٿو:
معافي
نامي تي
تنهنجي هٿ
صحيح ڪئي
هٿ نه
لاءِ مون کي
گيد- پڻي
جي گپ
ٿڦيل
تنهنجي منهن تي
توکي چمن
ڪيئن چپ
ڪانئرتا
تنهنجي
منهن تي
آهه ٿڦي پئي
ڪيئن چمان
توکي.
ڌرتي/ سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائڻ وارا جوڌا
اڃا جڳ ۾ جيئرا آهن. اهڙن جوڌن جون مائرون به پنهنجي اندر ۾ نه رڳو ماءُ جي محبت
رکن ٿيون، پر اهي پنهنجي مٽي لاءِ به پنهنجن جوڌن پٽن جي جان جو نذرانو به ڏيڻ کان
نٿيون ڪيٻائن. استاد به اهڙي ماءُ جي ٿڃ پيتي آهي، هو اُن اڏول ماءُ جو ذڪر ههڙي
ريت ڪري ٿو:
رڻ ۾ رُڪ
هوندو،
گهر ۾
ريشم پَٽ،
منهنجو پٽ
سمجهو.
سرگم ڌڙ
چچريل،
ريٽو
جهنڊو ڪڇ ۾
ٿڃ منهنجي
پيتل.
سنڌ سڏي
ٿي وڃ
اٿ پٽ جهٽ
ڪر نه ته
آءُ نه
بخشان ٿَڃُ.
استاد بخاري جي شاعري جو محور گهڻو تڻو سنڌ
۽ سنڌ واسي آهن پر اُن سان گڏوگڏ هو پوري انسان ذات جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد لاءِ لکي ٿو: ”استاد جي شاعري قوم لاءِ نهايت ڪمائتي ۽
انتهائي جديد پڻ آهي. جنهن جا موضوع انسانيت جي عظمت، انسان جي همت، قوت ۽ تعمير
صلاحيت کان سواءِ انساني دک، درد، ڏولاوا، سور سڪرات، پيڙا ڏيکاريندڙ ڀرپور تخليقي
صلاحيت جا پرتو آهن“. (اوتون جوتون مهاڳ)
استاد سنڌ جو آهي ۽ سنڌ استادن جي. هن جي
شاعري نج عوامي لهجي ۾ آهي. هن جي تشبيهن توڙي استعارن ۾ سچا پچا عڪس پسجن ٿا. هن
ماڻهن جي وچ ۾ ويهي انهن جا خيال، ڏک، درد، احساس توڙي خواب پنهنجن لفظن ۾ اُڻيا
آهن. هن جو آواز هن جو پنهنجو نه آهي بلڪه اهو آواز انهن ماروئڙن، جهانگيئڙن،
سانگيئڙن جو آهي، جن جي وچ ۾ ويهي استاد شاعري جو هي سارو ڪارونڀار جوڙيو. هن جا
ڌرتي سان اڻ ٽٽ رشتا آهن انهي لاءِ ڌرتي واسين سان هن جي حب فطري لڳي ٿي ۽ هو انهن
جي ذڪر کي ڪنهن عبادت کان گهٽ نٿو ڀائين. هن ڪڏهن به انهن کان پاڻ کي ڌار نه
سمجهيو آهي.
پڇن ٿا سنڌ
۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين،
چيم، هاڻي
پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.
’بخاري‘
سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌو ندي دائم!
نه ڪوثر
جي، نه حورن جي، نه جنت جي ضرورت آ.
استاد بخاري
(۱۹۳۰ع کان ۱۹۹۲ع تائين)
مختيار ملاح
استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو.
سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾
پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو
۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔.
استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ
لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري
مجموعن ۾ ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ۱۹۹۱ع ، ”ڌرتي
سرتي“ ۱۹۹۱ع، ”نه ڪم نبريونه غم نبريو“ ۱۹۹۲ع، ”زندگي زندگي“ ۱۹۹۲ع ، ”پير
هٽن پوئتي” ۱۹۹۲ع، ” اوتون جوتون“ ۱۹۹۴ع، ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۱۹۹۴ع، ”ولولو
۽ روڪ“ ۱۹۹۴ع، ”وطن ۽ ويساهه“ ۱۹۹۷ع ، ”هر ئي هيڄ وطن جا“ ۱۹۹۸ع، ”ٿڙ ٿڙ
تيڏيان ڳالهايان“ (۲۰۰۰)، ”گهڙيا سي چڙهيا“
(۲۰۰۱)، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر
دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهر لهر ۾ لالاڻ“،
ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔.
استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو
شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت
جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار
جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي
سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان
وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔.
او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه
ڇڏ پاسو
نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي
دهڪن کان
استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو
به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن
۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛
زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو،
حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو
ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان،
ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان،
حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان،
حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو
استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ،
پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي،
برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين.
جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر
ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر
ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت
کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي
منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي
رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛
اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو
۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو
استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو
ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو
سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر
تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ”استاد“ چوي ٿو ته؛
سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا،
منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا
مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن
اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا
استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان
جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛
مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن
استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي،
سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ
چوي ٿو
سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ
فيض مرشد کان وٺبو آ
جو به سمجهو اوهان جو حق آ
حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ
استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور
۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛
جو قوم جياري جئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جئندو رهندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو
استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري
ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن
تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ
هاڃو ٿو سمجهي؛
ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو
لعنت لعنت
ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون
ڇيڙا
ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب
فني بازيون
سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون
ڇيڙا
جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني
تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛
ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري
يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري
مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت
۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي. سندس شاعري جي
سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري
جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا.
استاد بخاري
چون ٿا زندگي سپني سمان آهي، ائين ناهي
محمد صديق منگيو
انسان جي
مٽي ڀورو آهي ۽ ان مٽيءَ مان جڙيل هر جيءَ کي اوسر جهڙي مٽيءَ سان ئي دائمي سڱ نڀائڻو
آهي. انساني جيون جي سفر جي اها ئي پڄاڻي آهي. هن ڪائنات جي ڪنڊن ۽ پاسن ۾ وسندڙ اربين
انسانن جي انبوهه مان هر روز سوين بلڪه هزارين انسان پنهنجي جيون جو پنڌ پڄائي ڪنهن
رمتي فقير وانگر رمندا رهن ٿا، پر انهن سون هزارن انسانن جي وڇوڙي تي اکيون آليون نه
ٿيون ٿين، پنبڻيون پسن نه ٿيون، ڇاڪاڻ ته موت هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، پر
انهن جوڻ مٽائيندڙ انسانن جي انبوهه ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي وڇوڙي تي
لکين اکين مان لڙڪن جون لارون لڙي پونديون آهن، جيءَ جهري پوندا آهن. ڪو رت جو سڱ سياپو
نه هوندي به اندر جو انسان ائين روئي پوندو آهي، ڄڻ ڪا ملهائتي شيءِ هٿ مان ڪري پئي
هجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا انسان سڀني جي گڏيل ملڪيت ۽ ميراث هوندا آهن. انهن جي جيون جو هر
ساهه پساهه ٻين لاءِ هوندو آهي. اهڙن ئي مانجهي مردن ۽ تاريخ جوڙيندڙ مهان انسانن لاءِ
لطيف به چيو هو ته:
جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ،
جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا،
مٽي تهه ماڳاءِ، اصل هئي ايتري.
انهن مهان انسانن جي سٿ جو هڪ جرڪندڙ ستارو استاد
بخاري به هو، جنهن جي مرتئي جي خبر هند سنڌ جي سڄاڻ طبقي سان گڏ عام ماڻهوءَ تي پڻ
وڄ وانگر ڪڙڪي آهي.
استاد بخاري جنهن جي شاعري جي اکر اکر سان سنڌوءَ
جي لڙاٽيل پاڻي ۽ چيڪي مٽيءَ جو واس اچي ٿو ۽ سندس شاعري جي هر سٽ ۽ هر پد نه رڳو جذبن،
اڌمن، ڏڍ ۽ آٿت سان ڀرپور آهي، پر دعائن ۽ خواهشن جو ڀنڊار پڻ آهي. ان سنڌ جي عظيم
۽ ڏاهي انسان لاءِ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. چاچي گدائي کان وٺي بردي سنڌي،
استاد گلزار علي خان ۽ استاد بخاري تائين سنڌي ادب جا واهڙ جي هٿن مان واري جي مٺ وانگر
کسڪندا پيا وڃن ۽ اسان رڳو انهن جي وئي پڄاڻان پريس رليزن وسيلي مصنوعي ڏک جا گٺل پيٺل
جملا لکي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارن جي لسٽ ۾ پاڻ ڳڻائيندا رهيا آهيون. اصل ڳالهه
اها آهي ته اسان جو هر عمل مصنوعيت سان ڀرپور آهي. اسان جا رويا پنهنجن محُسن، ادب
۽ ڏات ڌڻين ڏانهن درست نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجن ڏات ڌڻين جي حياتين
کي ڪا ٽيڪ يا ٿوڻي نه ڏئي سگهيا آهيون. اها حقيقت آهي ته موت اٽل آهي. ڪوبه ڪنهن جي
حياتيءَ کي بچائي نٿو سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ئي ڪري سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي عمل
وسيلي پنهنجن محسنن کي سرڪاري واهر جو ڳيجهو بڻجڻ کان بچائي سندن موت کي آسان ڪري سگهون.
کين موت جي بستري تي سڏڪي سڏڪي پساهه ڏيڻ بدران علاج جون بهتر سهولتون ڏئي سندن حياتي
جي بچيل ڏهاڙن کي آسان بنائڻ ۾ مدد ڏيون. پر ان ڏس ۾ اسان وٽ سچائيءَ جي وڏي کوٽ رهي
آهي. نه ان ڏس ۾ انفرادي ڪوششون ٿيون آهن ۽ نه وري ادبي، سماجي ۽ عملي تنظيمن پاران
ڪو ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ساڃهه وند ماڻهوءَ کان وٺي تنظيمن
تائين سڀ ذميوار آهن. استاد جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ جيڪي تعزيتي بيان ڇپيا آهن، رڳو
هڪ بيان ڏيندڙ تي ڏهه رپيا ٻڌون، تڏهن به هوند لکين رپيا گڏ ٿي پون ۽ اها رقم سنڌ جي
ڪنهن ڪلاڪار، اديب، شاعر جي حياتي جي گهڙين کي وڌائڻ لاءِ ايترو ڪافي ٿي پوي جو هوند
وڌيڪ امداد لاءِ سرڪار کي اپيلن ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
استاد بخاري نه رڳو سنڌ جي سڄاڻ ذهن رکندڙ لکين
دلين تي راڄ ڪندڙ عوامي شاعر هو، پر هڪ باعمل انسان پڻ هو. هو اهڙو ڏات ڌڻي هو، جنهن
جيڪو ڪجهه شاعري ۾ لکيو، ان جي سٽ سٽ تي پاڻ عمل ڪري ٻين لاءِ دڳ گهڙيو. هونئن ته سندس
سموري زندگي هڪ نمونو هئي، پر سندس عملي زندگيءَ جي ٻن ڳالهين مون تي وڏو اثر ڇڏيو
آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس شخصيت جي انهن ٻن پهلوئن ئي کيس سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ
هڪ جهڙي مقبوليت ۽ مڃتا ڏياري ۽ منفرد مقام ڏنو. سندس پهرين خوبي اها هئي ته هو وڏو
شاعر هئڻ جي باوجود ”وڏو ماڻهو“ نه هو ۽ نه ڪڏهن ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪيائين. هن ٻين همعصر
ليکڪن ۽ شاعرن جي ان کيپ سان بغاوت ڪئي، جيڪي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي لکارين ۽ شاعرن
کان ڇرڪندا ۽ ٽهندا هئا، پر هن نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي تخليقي خدمتن کان متاثر
ٿي کين ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو، سندن جديد ادبي لاڙن کي مقبول ڪري کين اتساهيو ۽ همٿايو.
مون پير حسام الدين راشدي کانپوءِ اگر ڪنهن سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ شاعر کي سنڌ جي
نوجوان نسل جي ادبي خدمتن جو معترف ڏٺو ته اهو استاد بخاري هو. هڪ ڀيري ۱۹۹۰ع ۾ سانگهڙ ۾ نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن جي ادبي ميڙاڪي ”سرهي سانجهه“
۾ تاج جوئي ٻڌايو ته ”استاد بخاري سنڌ جي نوجوانن لاءِ سنيهو ڏنو آهي ته ”منهنجي زندگي
جا ڏينهن ڳڻڻ جيترا رهجي ويا آهن. منهنجي خواهش آهي ته مون کي ڪو جهاز هجي ته سنڌ جي
شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي نوجوانن کي ڀاڪر پائي مٺيون ڏيان.“ ڪيڏي نه سڪ، اڪير ۽ مڃتا
سمايل آهي سندس انهن جملن ۾ سندس ان نوجوانن لاءِ سنيهي مان ئي اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته استاد بخاريءَ وٽ سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن لاءِ ڪيتري قدر مڃتا هئي.
سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي
مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا
آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر
وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب
۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي
خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي
انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي
گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. ان وقت به سندس
چهري تي موت جي وحشتناڪيءَ بدران حوصلو ۽ مرڪ موجود هئي. موت پڇاڙيءَ تائين سندس اوچن
خيالن کي بدلائي نه سگهيو. سندس سرجيل بيماري وارن شعرن ۾ به اوترو ئي حوصلو ۽ جذبن
جي جوالا ڏسڻ ۾ ايندي جيترو سندس آڳاٽن شعرن ۾. اها خوبي تمام گهٽ شاعرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي.
جڏهن ته موت جا ڇانورا ڏسي گهڻا اديب ۽ دانشور ٻوڙ هاري ويهندا آهن ۽ همت، جرئت ۽ حوصلي
بدران مايوسي سندن شعرن مان بکڻ لڳندي آهي. هو موت کان ڪڏهن به نه ڊنو. هن زندگيءَ
سان گڏ موت جي موضوع کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس شاعري جو
ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ ان قسم جي شاعريءَ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هن مرڻ جون ڳالهيون اهڙي
پيرائي ۾ ڪيون آهن ڄڻ پرينءَ جي پار اسهڻ جون ڳالهيون ڪندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو
هن عظيم انسان کي موت به نه ماري سگهيو آهي. هن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس چٽ ڪري
پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شايد اهڙن ئي امر ۽ مٺڙن ماڻهن لاءِ لطيف به چئي ٿو ته:
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙئو مهراڻ،
وه وڃائيو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
(شاهه)
سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي
مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا
آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر
وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب
۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي
خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي
انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي
گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو.
استاد بخاري
سنڌ جو سونهون ۽ ويڄ شاعر!
جامي چانڊيو
انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين
اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ
کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن
جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر
دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ
ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي
حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ
اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل
جا به آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا انيڪ ۽
باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا؛
هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهي جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به.
شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو
مقبول ٿيو. پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام
۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو
آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي. پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ
تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي، ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو،
هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد
بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو سندس گهڻ-رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي.
ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا.
حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر
آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي
سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو
هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان
تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خود-فريبين
جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد
بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه، پر انقلابي معنيٰ ۾.
(۱) مان سمجهان
ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي
ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي
لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار
۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو
هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي،
سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان
کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي
ٿو، پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي، تيسين عظيم فن
يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال، سگهه ۽ نفيس
توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن
جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ
۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ
جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل
خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو
نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري
آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال
درجي تي پهتل نظر اچي ٿو.
منهنجي نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين
پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ
جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي. جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن
کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري
پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب
نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏئي،
پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو:
وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ،
ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا،
ذِهَن جتي اُونداهيون غارون،
فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا.
استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته
هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي ”ڪاريهر فڪر“ سان تشبيهه
ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري، گهٽ ڳائي وئي آهي.
(۲) ان ۾ ڪو
به شڪ ناهي ته بخاري هڪ غير معمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت، هن جي شاعريءَ سان
گڏ، هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي
ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪ روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن،
پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي.
اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ
سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي، عوامي ۽ قومي رومانويت
ته ڇا پر ڪائنات-گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ
کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران، هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر
جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي، پر
هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي.
(۳) استاد
بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ
۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان موجود آهي. پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي
طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود
آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو
روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو:
اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو،
ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو،
ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي،
مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم
جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي، جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ
جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري
ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي
همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ
شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي.
(۴) استاد
بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي
به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خود قياسيءَ جو
رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي،
جنهن جي فڪر جي ”دين“ ۾ خود-قياسي ”ڪُفر“ آهي. ان
نقطي تي استاد بخاري، شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اياز صاحب جي شاعريءَ
۾ خود-قياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو. پر استاد بخاريءَ لاءِ خود-قياسي
ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم
عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجيون مخصوص ڪمزوريون به هجن
ٿيون. بخاري، قوم يا عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ، هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ
پاڻ تي ٿو کڻي. چوي ٿو:
مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير!
مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان،
پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير!
(۵) استاد
بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو
اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن،
سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو
شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو
سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. استاد بخاريءَ
جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت
به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي. هو ”هيڻن“ کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي
روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾
عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ
غير معمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان
وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غير
معمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ
تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران،
ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي. ۽ لطيف جي ٻوليءَ
۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي. چوي ٿو:
مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو،
ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو،
بنا ڪاوشن جي، ڪرشمو ٿئي ڇو؟
ڏُکن کان لِڪي، پوءِ خوشي ٿا گهُرو.
(۶) استاد
بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ
کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو
سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي
مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي.
حقيقت ۾ تخليقي ادب، زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به
تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي. نه ته ٺلهي دل جي وندر
جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟ استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءَ، سوچ ۽ گفتگوءَ
۾ تمام سادو لڳندو هو. حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ
نه ٿيو تهه ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي
آهي. اهو ادراڪ، مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ، سندس شاعريءَ جو گهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ
ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ؛
جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن. پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي
”فڪري استاد“ به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو ”سُونهون“
۽ ”ويڄ شاعر“ ڪوٺيو آهي.
(۷) استاد
بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن
جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترا ئي باڪمال آهن، جيترا هن جا فڪري
يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غير روايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن،
بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون، نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال
آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ
سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي
حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ
جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز
کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا.
مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد
بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن ”استاد“ شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي
سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي
سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو
شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو!
استاد بخاري
بخاري باغ الفت جو، وفا ۽ واس جو نالو
مقصود گل
هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾، ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي
جالڻ ۽ گذارڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪوٺبو ئي ان کي آهي، جيڪو ماڻهپي
جو مان بڻجي، هن دنيا ۾ ماڻهن ۾ مانائتو ماڻهو ٿي، جالي ۽ گذاري.
هونءَ ته تاريخ جي ورقن ۾ چڱن سان گڏ مَٺا ۽
اڻ سيباڻا ڪردار به موجود آهن. پر چوندا آهن؛ ”ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ پنهنجو لڇڻ آهي“. ان ڪري
جيڪي سهڻا، سچا ۽ سنوترا ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ آيا آهن، انهن نوَ لکن ڪردارن کي پنهنجي
سيني ۾ سونهري حرفن ۾ سانڍيو آهي.
استاد بخاري اسان جي دؤر جو اهو سهڻو ۽ ڇٽيهه
لڇڻو ڪردار آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سونن اکرن ۾ لکي، پنهنجي ساهه ۾ سمايو،
جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجو مان وڌايو آهي.
استاد بخاري بهتر، اهم ۽ عظيم شاعر ته هيو
ئي، پر هو هڪ اعلى قدرن وارو آدرشي انسان به هو. پاڻ استاد بخاري پنهنجي گفتگو ۽ تحريرن
۾ اڪثر هي جملا ورجائيندو هو: ”سٺو شاعر، اديب يا استاد ٿيڻ ته آسان عمل آهي، پر هن
ماڻهن جي جيئري جهان ۾ سٺو انسان ٿيڻ تمام اوکو عمل آهي.“
۽ ... .. ها... .!!! واقعي سندس ئي چواڻيءَ جيڪو
ڏاڍو ڏکيو عمل هو، سو پاڻ ڪري ڏيکاريائين ۽ ها بخوبي ڪري ڏيکاريائين... .!!!
سچ پچ استاد اعلى قدرن وارو عظيم آدرشي انسان
به هو ۽ جن دوستن کي استاد سان ويجھي رهڻ جو مان حاصل آهي، انهن کي سموري خبر هوندي
ته استاد پاڻ ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون خوبيون رکندو هو. مان به انهن خوش بخت انسانن مان
آهيان، جن کي استاد جو قرب حاصل هو. جيئن ته مون استاد کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو، ان ڪري
مون کي به سندس ڪجھه خوبيون، عجيب عادتون ۽ احساس ڏسڻ جو موقعو مليو. جن جي وچور بيان
ڪرڻ لاءِ ته ڪتاب لکجي ويندا، پر بس هتي مان سندس ڪجھه محبتي ڳالهيون ونڊيندس.
استا بخاريءَ جي محفل ۾ سڀ ماڻهو هڪ جيترو ئي
مان حاصل ڪندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا سندس ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. سندس ڪچهريءَ
۾ سينئر شاعر ۽ اديب به هوندا هئا ته ان وقت مون جهڙا نوان ۽ سيکڙاٽ شاعر به. پر ڪو
به ماڻهو سندس ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ کان وانجھو يا محروم نه رهندو هو. هو ڪنهن کي
به نظر انداز ٿيڻ جو احساس نه ڏياريندو هو. سماجي يا ادبي حوالي سان ڪير ڪيترو به ننڍڙو
ماڻهو ڇو نه هجي، سندس قرب ۽ ڪچهريءَ مان هڪ جيترو فيض حاصل ڪندو هو. وري وري، واري
سان، سڀني حاضرين جو نالو وٺي پيو مخاطب ٿيندو هو.
استاد بخاريءَ جي ملڻ ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز به
ڏاڍو پنهنجائپ وارو، سيبائتو ۽ دلپذير هوندو هو. ساڻس ملڻ وارو هر فرد، توڙي جو هو
اوپرو ۽ ساڻس پهريون ڀيرو ئي ملڻ وارو ڇو نه هجي، پر هو ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ استاد
سان سندس سالن کان واقفيت ۽ ويجھڙائي هجي.
هڪ ڀيري منهنجي ڀاءُ قاضي اختر حيات جي شاديءَ
جي موقعي تي اسان جي هڪ هندو دوست ڪرتال لعل جي نئين ديري ۾ استاد بخاريءَ سان پهرين
ڪچهري ۽ ملاقات ٿي. اسان جي ان دوست کي استاد سائينءَ اهڙو ته قرب ڏنو، جو اهو سمجھڻ
۽ سوچڻ لڳو هو ته استاد سان سندس ورهين جي واقفيت آهي، جيڪا هو شايد زماني جي گردشن
۽ ڪمزور حافظي ڪارڻ وساري چڪو آهي ۽ پوءِ اها پهرين ملاقات اهڙي ۽ ايتري پائدار ثابت
ٿي، جو ڪيترا ئي ڀيرا اهو دوست پنهنجي گونان گون مصروفيتن مان ڪجھه پل آزاد ڪري استاد
جي درشن لاءِ دادوءَ ڪهي ويندو رهيو.
سائين سرڪش سنڌي، مختار گھمرو ۽ مان، گھڻو ڪري
گڏ ئي استاد سائينءَ سان ملندا هئاسين. پوءِ اها ڪچهري دادوءَ ۾ هجي، رتيديري ۾ يا
وري ڪنهن ٻئي هنڌ ادبي ميڙاڪي ۾. اسان جي ويجھڙائيءَ ۽ مشترڪه ادبي سفر يا هم خياليءَ
جي ڪري، استاد سائين پيار مان اسان ٽنهي کي ٽمورتي ڪري ڪوٺيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سبب
جي ڪري اسان مان ڪو به هڪ ڪنهن پروگرام ۾ اسان
جو همسفر نه ٿي سگھندو هو ته، استاد سائين سراپا انتظار بڻجي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. خاص طرح سان سرڪش جي بيماريءَ سبب سندس طبيعت جو استاد کي گھڻو انتظار رهندو
هو.
استاد بخاري، گھڻو ڪري ڪنهن کان ناراض نه ٿيندو
هو ۽ نه وري ڪو ڪنهن کان ڪو شڪوو شڪايت ئي ڪندو هو. مولى علي عليه السلام جي قول مطابق،
سندس دل ۾ هڪ وڏو قبرستان هوندو هو، جنهن ۾ دوستن توڙي دشمنن جون اوڻايون ويندو هو
دفن ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن احساسن کي الفاظن جو روپ ڏيندي چوندو هو: ”ابا ميڏي دل وچ
مڪلي هي.“
استاد بخاري جي پنهنجي ئي ضلعي جي ڪجھه اديبن
۽ شاعرن کي ساڻس بي سبب ڪي رنجشون ۽ ناراضگيون به هونديون هيون. استاد جي شفيق ۽ مهربان
طبيعت جي ڪري، کين شڪايت ڪرڻ جو موقعو ته ڪو نه
ملندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا اجايا اعتراض مشاعرن يا ادبي ميڙاڪن جي صدارت
يا ٻين امتيازي نشستن واري معاملي جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندا هئا ۽ چوندا هئا: ”بس! هر
مشاعري جي صدارت استاد ڪري... !!!“ پوءِ ٻه ٽي ماڻهو ان مشاعري جي بانيءَ کي ڪنڊ سنڊ
۾ گھرائي زور وجھندا هئا ته استاد صدارت نه ڪري، نه ته اسان مشاعرو نه پڙهنداسين.
”ڀريو مَٽُ استاد“ جيڪڏهن خبر پوندي هيس ته مشاعري
جي ميزبان کي ڳراٽڙي پائي مرڪي چوندو هو: ”ابا ڪائي ڳالهه ناهي، صدارت انهن کي ڏي،
مان هيٺ ويهي مشاعرو ٻڌندس ۽ پڙهندس“. پوءِ عجيب مزيدار عالم ٺهي ويندو هو، استاد جاتي
به ويٺو هوندو هو، اتي ئي صدر هوندو هو ۽ شاعر کيس ئي مخاطب ٿي شعر پڙهندو هو ۽ هو
هٿرادو صدر مٿي ويٺل هوندي به ويٺو شڪي ۽ شرمندو ٿيندو هو.
استاد بخاري دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ غيرن
جو به همدرد هوندو هو. ان ڪري ته هن همدردي ۽ پيار جي حيثيت ۽ حقيقت کي پنهنجي لفظن
۾ ئي نمايان ڪري ٻنهي لفظن جي تفريق کي واضع ڪيو آهي ته
هـمـدريءَ کــي پـيـار نـه چـئو او چريا.
جنهنکي تنهنکي يار نه چئو او چريا.
يارن دوستن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنا ڪنهن
دير جي وٽن پهچڻ استاد جو محبوب مشغلو هوندو هو. دوستن سان گڏ خوشين ۾ جھومڻ ۽ مرڪڻ
سندس پهرين ترجيح ۽ دوستن جي ڏک ۾ تڏي تي پهچڻ سندس اولين فرض هوندو هو. اسان سندس
قرب ۽ ويجھڙائيءَ کي سندس احساسن ۽ امنگن جي حوالي سان محسوس ڪيو هو.
استاد بخاري، بابا سائين ’قاضي عبدالحي قائل‘
جي مڪي شريف ۾ مرتئي جي خبر ٻڌي، سخت ۽ تيز چوماسي برساتن باوجود، پهرين فرصت ۾ رتيديري
پهتو. ڏک سور ونڊيائين، آٿت ڏنائين ۽ ڌيرج جون نصيحتون پڻ ڪيائين. پنهنجي احساسن جو
اپٽار ڪندي، بابا جي وفات واري تاثراتي ڪتاب ۾ لکيائين:
”سائين قائل صاحب سنڌ جو سٺو خدمتگار، جيڪو هاڻي
اسان ۾ نه آهي ۽ نه وري اسان ۾ ڪڏهن موٽي ايندو، اهو پرديس ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي.
اهو روحاني طرح ته سنڌ ۾ آهي ئي، پر مذهبي حوالي کي ڇڏي، ان کي جسماني طرح به سنڌ
۾ هئڻ گھربو هو. بهرحال مان سندس تڏي تي سندس پٽن سان غم شريڪ آهيان.“
استاد بخاري خط لکڻ جو به ڪوڏيو هو. هر هفتي
سندس خط ضرور ايندو هو ۽ اسان وٽان به سندس خطن جي موٽ سلسليوار ايندي ويندي رهندي
هئي. سندس خط، ادبي صحيفو بڻجي اسان وٽ ايندو هو، جنهن ۾ ادبي خبرون، سماجي، ذاتي
۽ قومي ڳالهيون، مشاعرن جون دعوتون ۽ دنيا
جا وچور ونڊيل هوندا هئا. ڪنهن سبب جي ڪري، هڪ ڀيري الائي ڇو مهينو ٻن جو وقفو ٿي ويو
۽ مان سندس مسلسل ٻن خطن جو جواب نه ڏئي سگھيس. هڪ ڏينهن سندس ٽيون خط آڊوکن اکرن سان
اچي نڪتو، جنهن منهنجي اکين جون پڇڙيون به آڊوکيون ڪري رکيون هيون. استاد لکيو هو:
”اڃا ته استاد جيئرو آهي، ان کي جيئري ته نه وساريو... .!!! تنهنجي خط جي اوسيئڙي
۾ منهنجون اکيون رستو ٿي پيون.“
منهنجي ٽئين نمبر پٽ نادر ۽ ٻن ڀائٽين آڪاش اختر
۽ نقاش اختر جن جا طهر هجن. استاد بخاريءَ کي منهنجي پاران دعوت عرض رکي وئي. انهن
ڏينهن ۾ استاد جي طبيعت ناساز هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي ويو هو. ان ڪري استاد پروگرام
۾ اچڻ کان معذرت ڪئي هئي. پر جيئن مقرر ڏينهن ۽ وقت تي پروگرام شروع ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ته اچانڪ استاد کي پروگرام جي پنڊال
جي ٻاهران ڪار مان لهندو ڏسي، سڀني کي انتهائي حيرت-گاڏڙ خوشي محسوس ٿي هئي. استاد
وقت تي پهچي حيران ته ڪيو هو، پر اکين کي خوشيءَ جا ڳوڙها به ڏنا هئا. ڀاڪر ۾ ڀريندي
چيو هئائين: ”استاد جيئرو به هجي ۽ سائين قائل جي ڪهول جي خوشيءَ ۾ نه اچي، اهو کوڙو
ئي نه ٿو لڳي.“ استاد ان وقت صرف اڌ ڪلاڪ ترسيو، پنهنجي ڪمزور هٿن سان گھوٽن کي ڳانا
ٻڌائين ۽ بنا ڪجھه کائڻ پيئڻ جي وري اکين کي ڏکارا ڳوڙها ڏئي رمندو رهيو.
استاد سائينءَ جي ٻارن سان پيار واري خاص خصلت
۽ محبت کي به وساري نه ٿو سگھجي. مون ته سندس روين مان اهو محسوس ڪيو هو ته ٻارڙن سان
سندس قرب ۽ پيار ظاهري نه پر اتساهڪ هو. جيترو مانُ، هو وڏن لاءِ رکندو هو، اوترو بلڪ
ان کان به وڌيڪ ئي هو ٻارن سان پيار وارو جذبو رکندو هو. استاد جي ٻارڙن سان پيار واري
جذبي جو هڪ مثال هي به آهي ته جڏهن به استاد اسان جي غريب خاني تي ايندو هو ته خاص
ڪري منهنجي ٻئي نمبر پٽ ناصر کي ضرور ۽ خاص وقت ڏئي ان سان ڪچهري ڪندو هو. ناصر جي
ان وقت عمر ست يا اٺ سال مس هوندي هئي. ناصر جو ننڍي لاءِ کان وٺي ئي ڳائڻ سان شوق
هوندو هو ۽ هو ڪئسٽ تان استاد بخاريءَ جا منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڳايل گيت ياد ڪري
پنهنجي طوطلي ۽ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ اڪثر گنگنائيندو رهندو هو. ان ڪري استاد بخاريءَ جي
ناصر سان خاص ڳائڻ وڄائڻ جي ننڍڙي محفل ضرور مچندي هئي. استاد پنهنجي هٿ سان پنهنجي
ڊائري ئي وڄائي ڍولڪ جو رڌم ٺاهيندو هو ۽ ننڍي لاءِ ئي سر گر جو پختڙو ناصر پنهنجي
ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ استاد جا گيت ڳائيندو هو: ”روز بهانا نوان نوان، ماريو تنهنجي نمان
نمان“ ۽ حاضرين سڀ هڪ مهان ڪويءَ ۽ هڪ ننڍڙي ٻارڙي گائيڪ جي محفل کان محظوظ ٿيندا هئا
۽ ان وقت استاد بخاريءَ جا مزيدار ٽهڪ ۽ ڳريليون تاڙيون به ٻڌڻ وٽان هونديون هيون.
حقيقت اها آهي ته استاد بخاري هڪ اهڙو گھڻ-گُڻو
۽ گھڻ-پاسائون ماڻهو ۽ عجيب آدرشي انسان هو، جنهن ۾ انڊلٺ وارا رنگ سمايل هئا. جن کي
هڪ ئي وقت چند پنن جي سينن ۾ سمائي هرگز نه ٿو سگھجي. بخاري عجيب رمزن، مختلف سرهاڻين،
۽ گھڻن ئي ورنن جي گلن جو گلدستو هو، جنهن جي رنگ، خوشبو ۽ خوشنمائيءَ کي اندر جي اتساهه
واري اندريءَ ۽ احساسن سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
پرينءَ جي پياس جو نالو، عجب احساس جو نالو،
بــخــاري بــاغ الــفــت جــو، وفــا
۽ واس جـو نالو.
استاد
بخاري
هڪڙو هو
رکيل مورائي
اڄ استاد بخاريءَ جي
ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ
ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به
آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب
اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا
آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي اندر نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي
رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو
ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي.
اڄ جڏهن استاد بخاريءَ
جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو،
ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين
آڪٽوبر ٻه هزار تيرهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف
هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي،
جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس،
نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ
ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي،
ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ
جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن.
اڄڪلهه اسانجي شاعرن،
عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي
ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو
وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب
۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو
ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي
جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ
جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ
جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن
جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي.
اياز، تنور، شمشير
۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي
ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ
پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل
اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي
روايت شآعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي
محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي
سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو
پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي
وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعرن ڪوٺي سگهجي. شايد
اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعر جي ان لسٽ ۾ نه آهي،
جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قدر ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه
ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو.
استاد بخاري سنڌي شاعريءَ
۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ
ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا.
گهڻن ئي شهرن وانگر
دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري شاھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي
ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون
ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان
سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽
پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ
جڳائي ۽ استاد کي انهن جو وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن
ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ
ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري
هئي.
استاد جي شاعري سنڌ
جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي
دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ
هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو
جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو.
سانگين
مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.
اُستاد بخاري
سونهن ۽ سچ جو شاعر
ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ
استاد بخاري ولد حاجن شاهه جديد
شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي. ادبي تاريخن موجب هو ۱۶
جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ
غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ ڄائو هو، پر تازو عزيز ڪنگراڻيءَ جي تحقيق موجب ته، استاد
بخاري مٿين تاريخ کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي مختلف انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ٻڌايو آهي ته،
”اسڪول رڪارڊ موجب ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع آهي، پر بابا سائين جي قول مطابق منهنجو جنم اڃان سال کن اڳ ٿيو, جنم جي تاريخ
اٽڪل ۶ مهينا اڳ
۷ آگسٽ ۱۹۲۹ع بمطابق پهرين ربيع الاول ۱۳۴۸هجري آهي“
سندس ڇٽيءَ جو نالو پنهل شاهه هو ۽ اسڪول ۾ والد کيس احمد شاهه جي نالي سان داخل ڪرايو.
استاد بخاريءَ پرائمري کان سنڌي
فائينل ۱۹۴۴ع تائين ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادوءَ
۾ پڙهيو. ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ان دوران
پڙهندو آيو، ۱۹۶۴ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، آخر ۾ دادو ڪاليج (جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج
دادو سڏيو وڃي ٿو( مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ۱۹۹۰ع ۾ رٽائر ڪيائين. ۹ آڪٽوبر، ۱۹۹۲ع تي ۶۳
سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي. آخري وقت هو ڪينسر جهڙي موذي
مرض ۾ مبتلا هيو ۽ شديد بيماري ۽ تڪليف کان پوءِ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
استاد بخاري ننڍي لاڪون راڳ سان
رغبت رکندڙ ٻار هو. پنهنجي ماءُ کان هن ڪافيون ۽ مولود ڳائڻ سکيا. سندس يادگيري غضب
جي هئي، کيس ٿورو پڙهيو ياد رهندو هو. هن جو آواز ايترو ته مٺو هوندو هو جو هم جماعت
ڇوڪرا توڻي اسڪول جا استاد کانئس موڪل مهل يا رسيس ۾ ڪو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا. هن جي
تربيت محبت ۽ نهٺائيءَ واري هئي کيس سندس والد قصا، تاريخي ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته
واري سندس والده مذهبي تربيت ڪئي، جنهن جي ڪري هو نيڪ نمازي هيو. کيس ننڍپڻ کان ئي
ڳائڻ جي ڪري شعر جوڙڻ جو شوق ٿيو، سندس پهرين شاعري ۱۹۴۲ع جي آهي، جنهن وقت هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هو. جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، تڏهن پنهنجو تخلص پڻ ”استاد“ رکيائين. هن جي شاعريءَ
جو سفر پنجاهه سالن جي عرصي تي محيط آهي، جنهن ۾ هن هزارين نظم، آزاد نظم، چوسٽا، گيت،
غزل، بيت، رباعيون، ٽيڙو، قطعا، وايون ۽ ڏوهيڙا چيا آهن. ان کان سواءِ ترائيل، سانيٽ
۽ هائيڪو جو پڻ شعر چيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. پهريون ڪتاب ۱۹۷۱ع ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ڇپيو جنهن ۾ سندس شاعريءَ جون مختلف صنفون شامل
آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جي ڪتابن ۾ ”گلدستي ۾ گيت“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ٻاراڻا
ٻول“، ”اوتون جوتون“، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”ولولو ۽ ووڪ“، ”زندگي زندگي“، ”ڌرتي سرتي“،
”ميلا ملهالا“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”گهڙيا سي
چڙهيا“، ”هي گجراهي گولا“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”تڙ تڙ تيڏيان
ڳالهيان“، ”ڌوڙ دل جي درد جي“، ”لهر لهر دريا“، ”بخاري جا قطعا“، ”سوچون ڀڻڪا، واڪا“،
”نه ڪم نبريو، نه غم نبريو“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”ڌري سرتي“ ۽ ٻيا
ڪتاب آهن، ٻن چئن ڪتابن کان سواءِ استاد جا گهڻا ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيا ۽ عوام ۾
بي حد مقبول ٿيا آهن، سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو سنڌ جي اهم فنڪارن سريلي آواز ۾ ڳائي
هن ڌرتيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ تائين پهچايو آهي، ڪابه اهڙي موسيقيءَ جي محفل نٿي
هجي جتي شاهه صاحب ۽ شيخ اياز جي ڪلام سان گڏ استاد بخاريءَ جو شعر ڳاتو نه ويو هجي،
هو شاهه ۽ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو، جيڪڏهن استاد بخاريءَ جو مڪمل
ڪلام اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد سميت ڇپايو وڃي ته هن جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه
کان مٿي ٽپي ويندو، روزانه هلال پاڪستان ۾ سندس ڇپيل چؤسٽا، جيڪي پابنديءَ سان ڇپبا
هئا، سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ آهن. اهي ايترا ته وافر مقدار ۾
هئا جو انهن ۾ سنڌ جي ڪيترن اهم واقعن ۽ حالتن جي وڏي پئماني تي نشاندهي ٿي آهي، استاد
انهن چؤسٽن معرفت سنڌ واسين کي جاڳايو، اُتساهيو ۽ قوميت جي جذبي سان مالا مال ڪيو،
ڌرتيءَ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ همٿايو جيئن چوي ٿو ته،
تنهنجي اک ۾ پتلي ناهي، پٿري آهي،
سنڌ سڙي پيئي، تنهنجي اک روئي به
نٿي،
تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آهي،
خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به
نٿي.
”بخاري صاحب جي سولي ٻولي ۽ الڳ
انداز جي ڪري سندس چؤسٽي گهڻي مقبوليت ماڻي. هر چؤسٽي ۾ استاد جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي
آهي، سا بلڪل واضح آهي، تنهن ڪري هر چؤسٽو هڪ مڪمل نظم جي صورت وٺيو بيٺو آهي، روزانو
اخبار ۾ لکڻ جي ڪري ان ۾ موضوع به ايترا پکڙيا پيا آهن، جيتري زندگي ۽ ڪائنات. هو ڳائڻ
۽ جاڳائڻ وارو شاعر آهي“.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ موضوع
کي اهميت آهي، هن شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ مقصدي طور جيڪي چوڻ چاهيو، اهو واضح چيو
آهي هو عوامي شاعر ته آهي پر سنڌي قوم جو قومي شاعر پڻ آهي، جنهن ڌرتيءَ جي سونهن کي
۽ پوري سنسار کي چٽيو آهي ۽ ڌرتيءَ واسين کي علم جا، عمل جا، اڳتي وڌڻ جا، دشمن اڳيان
فولاد ٿي بيهڻ جا، حوصلي ۽ همت جا سبق مختصر نظمن، چوسٽن ۽ رباعين ۾ چيا آهن، چوي ٿو
ته،
وقت جي ويٺي لکي مون واردات،
لک اصول استاد، ڀڻڪيو مشڪلات،
”عزم“ جي سامهون جهڪيو آفت پوي،
ڏينهن کي روڪيندي ناهي ڪابه رات.
استاد بخاري طنزيه ۽ مزاحيه شاعري
پڻ ڪئي ۽ ٻارن لاءِ پڻ لکيو آهي، سندس شاعري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران نصاب ۾ شامل آهي،
استاد جا شعري مجموعا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ مقرر آهن. هن جي شاعريءَ جو فڪري
پهلو وڌيڪ اهميت جوڳو آهي، مٿان هن لفظن جي جوت پڻ پيش ڪئي آهي ۽ قومي شاعريءَ ته هيڪاري
سندس شعر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. تڏهن ته خود ئي چوي ٿو ته،
منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو،
ڪلڪ جي صر صر به ظالم- ذهن ۾ خنجر
ته آ،
نظم تي پيو نظم جوڙيان، مورچي تي
مورچو،
هر اکر هڪ سولجر، مون وٽ وڏو لشڪر
ته آ.
”استاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر
آهي، هن جي شاعريءَ جو رنگ عوامي، ٻولي سادي ۽ ڳوٺاڻي، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور
آهي، استاد جي ڪيل قومي شاعريءَ جو رنگ ئي پنهنجو آهي، حقيقت ۾ استاد هڪ ئي وقت پيار
جي پچار ۽ وقت جي پڪار آهي، سندس پنهنجي لفظن ۾ ته وقت جي پڪار ۽ پرين جي پچار منهنجي
شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن.“
سنڌي ادب جي هن باشعور شاعر نه فقط
پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي سندن مسئلا کولي ٻڌايا، پر انهن مسئلن جا حل پڻ کين سمجهايا
آهن. هن سنڌ جي خدمت کي عبادت سمجهيو، هتي ٿيندڙ هر ظلم کي پنهنجو پاڻ تي ٿيندڙ ظلم
سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي چيائين ته،
پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح
پيو سورين،
چيم هاڻ پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت
آ.
استاد بخاري
سچ ۽ سونهن جو شاعر
وفا رضا
اڄ سنڌ جي سڪيلڌي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي جي تاريخ آهي،
جنهن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، پڙهيو ۽ پرکيو سو هو اسان کي ائين کڻي چئون ته
شاعري جي صورت ۾ لکي ڏئي ويو آهي. استاد بخاري
جنهن جو اصل نالو احمد شاهه هيو، تنهن جو جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ضلعي دادوءَ جي هڪ
ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو.
تنهن سنڌ جي محبتي انسان جي شاعري جڏهن به پڙهڻ توڙي ٻڌڻ
لاءِ ملندي آهي ته دل چوندي آهي بس، استاد ئي هجي سو ان گهرج تحت ئي هڪ ڀيري وڃي استاد
جي آشياني تي پهتس. مون سان منهنجو دوست خالد خاصخيلي گڏ هجي . دادو پهچڻ بعد ٽانگي
واري کي چيوسين غريب آباد هلڻو آهي، جنهن مسڪرائي
چيو استاد بخاري جن جا مهمان ٿا ڏسجو؟ مون هائوڪار ڪندي چيو، بلڪل استاد سان ملڻ ٽنڊي
آدم مان پنڌ پيا آهيون. سو جڏهن استاد بخاري اسان سان ملندي ڀاڪر ۾ ڀريو ته ”ايتري خوشي ٿي“ جنهن جو ڪوئي
ڇيهه نه هيو. استاد ئي ته چيو آهي،
’هلي آ هلي آ، پير ڀري هلي آ.‘
خير عافيت بعد استاد سان ملڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي عرض ڪيم ته
اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ چاهيون ٿا، باقي مڙوئي خير!
استاد وراڻيو قرب ڪري آيا آهيو، صحت ساٿ ڏنو ته ضرور اوهان
وٽ اچبو- ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن استاد اسان جي اڱڻ ڪهي آيو.
دادو مان ايس آر ٽي سي جي بس ۾ سوار ٿي ڀٽ شاهه پهچي، لاکيڻي
لطيف جي حاضري ڏئي استاد بخاري جڏهن ٽنڊي آدم جي شاهه عبداللطيف لائبريريءَ وٽ پهتو ته سندس آجيان ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي
۽ پوءِ تقريب جي هال ۾ موجود سڀئي ماڻهو جيڪي استاد جي احترام ۾ اٿي بيهي کيس کيڪاري
رهيا هئا تن کي استاد ٻاجهاري ٻولي ۾ چيو پئي سڄڻو اوهان جا لک قرب.
هيترا ورهيه گذرڻ باوجود به مونکي استاد بخاري جون دادو توڙي
ٽنڊي آدم ۾ ڏنل محبتون ياد آهن. استاد بخاري جي شاعري سچ ۽ سونهن جي شاعري آهي. سندس
اکر اکر ۽ سٽ سٽ مان پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان پنهنجائپ جي
ئي آڌار تي، بخاري جي شاعري اڄ به دل سان پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي. استاد بخاري جو
پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليو سين پيار نٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ ۾ استاد محمد جمن ريڊيو
تي ڳايو، بعد ۾ ان ڪلام کي ٻين فنڪارن خاص
طور تي غلام قادر ميرپورخاص واري به پنهنجي انداز ۾ واهه جو ڳايو آهي.
”گيت اسانجا جيت اسانجي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا
ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿي نه مارئي، گلدستي ۾ گيت
وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳائي پيو“ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ استاد بخاري کي
سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي فنڪار ڏاڍي چاهه سان
ڳايو آهي.
مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته مائي الله وسائي جي آواز ۾ ڳايل، بخاري جو ڪلام،
”پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي.“
ور ور ڪري ٻڌندو آهيان.
ائين ئي وري نوجوان
راڳي ضامن علي به استاد جو ڪلام
تون ڀلي دلربا ناز ڪر دير ڪر
ايتري سوچ ڪر زندگي مختصر
ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آ.
- آئون ڪيئن سيج سمهان
- نالو لکو منهنجو نالو لکو
- ڏس ڪير ٿو پرچائي
- تون مڃين مڃين نه مهربان
جهڙا خوبصورت گيت ۽ ڪلام لکندڙ استاد بخاري جيڪو ۹ آڪٽوبر
۱۹۹۲ع تي راهه رباني ٿي ويو، تنهن جي اڄ ۲۹ ورسي جي موقعي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي، هنن
ڪجهه اکرن سان گڏ استاد بخاري جو سندن هٿ اکرن سان مون ڏي لکيل خط ڏسندي اهو لمحو به
ياد اچي ٿو، جڏهن ٽپالي پاران آندل اهو خط کولي پڙهيم، نيڻن ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا
هئا. آّخر ۾ استاد بخاري جي هن چوسٽي سان موڪلاڻي
ڪيون ٿا،
جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
استاد بخاري
پر جي منهنجو يار سڏائين
ڇا ٿو ڀانئين
وفا رضا
اڄ سنڌ
جي مٺڙي شاعر استاد بخاري جي جنم جو ڏهاڙو آهي، سنڌ، سونهن ۽ سچ جي هن سٻاجهڙي
شخصيت جو جنم سورهين جنوري اڻويهه سو ٽيهه تي دادو ضلعي جي ننڍي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾
سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. استاد بخاري ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هيو، اهوئي سبب هيو
جو پاڻ پهرئين درجي کان سنڌي فائنل تائين پهرئين پوزيشن کڻندو رهيو، پڙهائي بعد هن
پهرئين نوڪري روينيو کاتي ۾ ڪئي، اڳتي هلي ڪري پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت
سان پنهنجا فرض نڀائڻ لڳو. استاد بخاري اوڻيهه سو ڇائيتاليهه کان شاعري شروع ڪئي،
استاد جي شاعري جو پنهنجو رنگ آهي. سندس شاعري اڄ به وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ڳائي وڃي
ٿي:
پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي،
نيٺ انسان آ، انسان به مٽجي ٿو وڃي.
چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هٽي ويندي آ،
گهور گهٽجي ٿي ته انسان به گهٽي ٿو وڃي.
جهڙيون
سٽون لکندڙ استاد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهي، جن ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان
جي“، هي گيت گلابي ٻارن جا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ،
سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ميلا
ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، ماندي ٿيءُ نه مارئي، بخاري جا قطعا، پير نه
هٽن پوئتي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي
پيو، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
ڪير ڪوڙو
آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو
پاڻ کي
ٿو کپي ڀروسو، پر ڪٿي ڀروسو ٿو اچي
يا وري
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ،
گفتگو لوڪ گيت جهڙي آ.
------
گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين،
وڏو جهان آ غم جو وڃائجي نه وڃين،
بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل،
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين،
------
دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي،
ڪيترو به نقصان ٿي پر فائدو آهي،
سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر،
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي.
جهڙيون
سدا امر سٽون لکندڙ استاد بخاري وڏو محبتي انسان هيو. ساڻس ٿيل ملاقاتون، ڪچهريون
سدائين ور ور ڪري ياد پونديون آهن. ساڻن منهنجي پهرئين ملاقات دادوءَ ۾ تڏهن ٿي
هئي، جڏهن اسان سندس مانَ ۾ ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي دعوت کڻي ساڻس ملڻ ويا
هئاسين. هو اهڙي ته اڪير سان مليو هو جو اڄ به اهي گهڙيون مون کي ياد ٿيون اچن،
پوءِ هو ڪيئن نه دادو کان پنڌ پئي لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري اسان جي اڱڻ تي ڪهي
آيو هو. سندن اهي محبتون ۽ چاهتون جهٽ منجهه وسري وڃن، اهو ناممڪن آهي.
سنڌ جو
هي ڀلوڙ شاعر نائين آڪٽوبر اوڻيهه سو ٻيانوي تي اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري
سدا امر رهڻي آهي.
بخاري کي اوهان سڀني کان يارو مان گهڻو ڄاڻان،
ڀلو جي ڀائرن سمجهيو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو.
-----
واقف آ استاد بخاري تو فرمائي دلڙي ٺاري،
پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀائين.
استاد بخاري
موجوده سنڌ
جو يگانو قومي عوامي طبقاتي ۽ انقلابي شاعر
زاهده شيخ
استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي
زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري
انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ
به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي.
استاد جڏهن چوي ٿو:
سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند،
گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند،
پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي،
سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند!
يا جڏهن چوي ٿو:
ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ،
ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ،
وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ،
وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ!
ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي
ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد
پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي
محبت ٿي اچي.
جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو،
سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا.
جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو،
ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا.
ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي
ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف.
يا وري:
ٽهڪين ته ٽڙن موتيا
سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا،
من، تون ته نه منجهندي ڪر!
مان منهنجون ستئي پيڙهيون،
رانڀاٽ ڪري روئينديون،
او سنڌ! نه روئيندي ڪر!
ڪنهن شهر ۾ محلي ۾،
ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾،
توکي ته ڇپايان مان!
ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا،
چؤڦير لکين جهاٽا،
ڪٿ سنڌ لڪايان مان!
لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي
تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته
وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو:
وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن،
ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن،
هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم،
هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن.
يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ
ساڳيا ڏوجهرا.
استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو.
چئي ٿو:
ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا،
ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا.
انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟
فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا.
وري پڇي ٿو:
واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري،
سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو.
غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون،
جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون!
ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون،
جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون!
اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون!
پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون!
پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون،
پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون!
هٻڪندڙ، سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا
ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو.
هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو،
کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو،
شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو،
پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو.
۽ کين سمجهائي ٿو:
جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو،
هي خوف به طاري رکڻو آ.
جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي،
هي جوش به جاري رکڻو آ.
ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي
فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي:
ڌوڏيئين نه درختن کي،
ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي،
طوفان اهو ڪهڙو!
آزار ڪٿي ڦٿڪيا،
پر مار ٻڌي ٽهڪيا،
اعلان اهو ڪهڙو!
استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽
طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن
وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽
اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين:
حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي،
پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟
ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم،
حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟
ڳڻتي به ڪري ٿو!
اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟
هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟
وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ
ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو.
او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ،
سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي.
دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ،
ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي.
اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر
وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي
نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي:
حاسد جي دل وک وک ڇلڪي،
ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر.
ساٿين جي دل ڇوليون ماري،
هيڏي ساري ساگر وانگر.
استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو
وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو
عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني
پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو:
منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ،
تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ،
مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون
تون ٿو مارين زهري نانگ.
شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا،
زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا،
شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان،
اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا.
او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور!
اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي.
توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون،
توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي.
استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي
روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي
ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو
آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو
عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو.
سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو:
زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا،
لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا.
فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو،
سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو.
فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو،
قوم جرمانو حقارت جو ڪيو.
فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا،
سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا.
فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو،
پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو.
فيصلو آزادگي برپا ڪجي،
عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي.
واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا!
دلفريبي، دوکيبازي فيصلا!
مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا،
انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا.
انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ!
انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ!
انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ!
پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ
انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ!
جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
اجتماعي، انفرادي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
دور کي ڌوڏڻ جو عادي هوندو آ.
انقلابي، انقلابي هوندو آ،
غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ.
انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي،
انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي.
انقلابيءَ جي بغاوت بندگي.
او زندگي!
او زندگي!
استاد بخاري
عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد
ادل سولنگي
عشق جيڪو
مقتلن ۾ به ناچ نچايئندو آهي، عشق جيڪو ڪڏهن، منصور ته ڪڏهن سچل، بڻجي ان الحق ۽
حق موجود جي سدا بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو ڪربلا جي ميدان تي سسي نيزي پاندِ هوندي
به حق جو آواز بڻجي صدين جي تاريخ مٿان ڀاري بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو جهونا ڳڙهه
کي جهوري وجهندو آهي ۽ عشق جهوڪ کي جيئاري ڇڏيندو آهي، عشق بلاول بڻجي گهاڻي کي گهائي ڇڏيندو آهي. عشق سرمد ۽ دارا شڪوهه بڻجي
اورنگزيب جي ميرين اکين ۾ گهوُر وجهي گهوريندو آهي ۽ سدائين مرڪندو رهندو آهي.
شاعري
انساني روح مان ڦٽي نڪرندڙ اونهي احساس جو نالو آهي يا شاعري ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي
نڪرندڙ کيتن جي خوشبو آهي. ڌرتي جي هزارين سالن جي عرصي تي ڦهليل حب الوطنيءَ جي
اعليٰ روايتن جي پاسداريءَ جو لفظن جي روپ ۾ اظهارڻ جو نالو آهي شاعري، شاعري جيڪا
فلسفي کان گهڻي گهري ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي. قومن جي تهذيب، ڪلچر،
روايتن ۽ مزاحمتن جو پس منظر پيش ڪندڙ، اهڙي منظوم ڪٿا ڪاري، جنهن کي شاعري چيو وڃي
ٿو. سنڌي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾کتل آهن. صدين کان وٺي سنڌي
شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪن جي اندر جي
احساسن، اڌمن ۽ امنگن جي ترجمان رهي آهي.
سنڌي شاعري ڪڏهن سهرا، لاڏا، ڳيچ ۽ جمالا به رهي آهي ته وري ڪڏهن شاعري قومن جي
اندر ۾ پلجندڙ آزاديءَ جي تڙپ به رهي آهي. آرڻ ۾ ڪڏي ڪاهي پوندڙ جهونجهارن جي نعرن
جو روپ سروپ به آهي، شاعري لطيف جا بيت ۽
وايون ۽ڪيڏارو به آهي ته اياز جا نظم، اوپيرا ۽ همرچا به آهي.
استاد
بخاريءَ جا نظم، گيت، وايون، بيت ۽ لوليون ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ قومن
جو فطري آواز آهن. استاد بخاري عوامي
روايتن جو پاسدار شاعر آهي، جنهن جي شاعراڻي عظمت اها به آهي ته هن سنڌي ادب خاص ڪري
شاعريءَ جي زمين ۾ جيڪي کيت کيڙيا آهن، انهن جي خوشبو سڄي ديس کي واسي ڇڏيو آهي.
استاد بخاري ڌرتيءَ جو رکوال شاعر آهي، جنهن چيو ته:
اغيار
سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو،
۽ يار سان انڪار
اهو ڪيئن ٿيندو.
استاد
بخاري کي کڻي دفن ڪيو،
ڌرتي
کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو.
آڙاهه
۾ آلاڻ، اها اڻ ٿيڻي،
۽ سون ۾ ڪاراڻ،
اها اڻ ٿيڻي،
جنهن
وقت سڏي سنڌ بخاري ڀڻڪي،
ڇا
لاءِ ۽ ڇاڪاڻ اها اڻ اٿيڻي،
يا
استاد
بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار هو ڪيئن ٿيندو،
احمد
شاهه بخاري جنهن جو جنم ۱۹۳۰ع ۾
دادو شهر ويجهو ڳوٺ غلام محمد چانڊيي ۾ سائين حاجن شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ ٿيو،
جنهن جو ڇٽي جو نالو” پنهل رکيو ويو، جنهن کي پنهنجي امڙ ”عرسو“ جي نالي سان سڏيندي
هئي، استاد بخاري جنهن امڙ جا لوڪ گيت ۽ لوليون ٻڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ پير پاتو
۽ هن راڻي جيان شاعريءَ جون طلسماتي رمزون
ڄاڻي، شاعراڻي ڪاڪ محل کي فتح ڪيو. ۱۹۴۷ع واري
زماني ۾ استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي مهريءَ جون واڳون سنڀالي ڀوءِ جي فڪر جي ڦرهي کڻي ڌرتيءَ جي ڀٽن ۽ بيابانن ۾ رند ۽ پنڌ ڪيا ۽ پنهنجي
مقصد جي مومل کي ماڻيائين. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو.
تازو هڪ
ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته” ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسان کي اهڙو پيپر نه
ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا ويا هجن. شايد
ايئن ئي هجي ته استاد بخاري جي شاعريءَ تي جن به لکيو آهي، اهو روايتي انداز ۾ ساڳين
ڳالهين جو ورجاءُ ڪيوويو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻه ڏهاڪا تمام وڏو عرصو آهي ۽ انهن ٻن ڏهاڪن
۾ به جيڪڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف ۽ نون رخن تي اڀياس/تحقيق نه ٿي
آهي ته پوءِ آخر ڪار جن استاد بخاريءَ جي شاعري، فن، فڪر ۽ شخصيت جي مختلف رخن تي لکيو آهي، اهو ته ڄڻ
اجائي لکيو ويو آهي، اسان جا عالم ۽ اديب جيڪي به اڄوڪي ادب بابت رايو ڏين ٿا،
”اهو رايو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي دائري ۾ رهي ڪري ڏين ٿا. باقي علم، ادب، فن،
تخليق، تنقيد جي پس منظر ۾ اهو چوڻ ته ٻن ڏهاڪن
۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي ڪو به اهڙو پيپر نه پڙهيو ويو آهي، جنهن مان استاد
بخاري جي شاعريءَ جا نوان رخ، نوان خيال، احساس، فلسفا چٽا ٿي سامهون اچن“ . خبر ناهي ته اها ڪهڙي قسم
جي ادبي يمانداري آهي! جو هڪ ٻن سٽن ۾ ڪنهن
جي علمي ادبي پورهيي کي رد ڏئي ڇڏجي.
استاد
بخاري ڪيترو گهڻ پاسائون شاعر آهي، ان
بابت ڪا به غلط فهمي ناهي، هو پڪ سان گهڻ پاسائون شاعر آهي، جنهن ۾ ٻولي، محاورا،
اصطلاح، تشبيهون ۽ ترڪيبون، شاعراڻي سٽاءَ يا اڻت جنهن کي شاعراڻي صنعت گري به
چئجي، استاد بخاري سنڌي ٻولي جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي ٻولي جي بيهڪ ۽ ٻوليءَ جي
ترنم، لفظن جي مزاح ۽ معنيٰ سميت موسيقيءَ جي ڄاڻ به آهي ته شاعراڻين صنفن جي به مڪمل
فني ڄاڻ آهي، جنهن جي هر هڪ نظم، گيت، غزل، وائي، چوسٽي ۾ شاعراڻو ترنم، ڌرتيءَ جي
احساسن ۽ اڌمن جي اُپٽار ملي ٿي، هڪ ئي وقت استاد ڪيترن ئي محاذن تي پنهنجي فني ۽
فڪري ويڙهاند ڪندي ۽ نظر اچي ٿو. مثال پنهنجي ڌرتيءَ جي دردن ۽ پيڙائن کان ويندي پرينءَ جي پرچار،
پرينءَ جي رسامن ۽ پرچاڻن کان ويندي، عشق جي اتامرائيءَ جي پڻ ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو.
عشق
هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو،
باهه
جو شعلو هو، گلدستو نه هو.
عشق جو
آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد،
سونهن
جي ذات نه ڪا پات پتوڪو ڪونهي،
پيار ڏئي
پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد،
عاشق
ناهين شايد آهين، يار وڏو واپاري.
استاد
بخاري، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل، ڏوهيڙو، ٽيڙو، چئو سٽا، رباعي، گيت، غزل، نظم، آزاد
نظم، بيت، وائي جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجي شاعراڻي فن کي سموهيندي سنڌي شاعريءَ جي
چنريءَ ۾ احساساتي حسناڪين جا ڪيترائي چٽ چٽيا آهن.سنڌي شاعريءَ جو هي” پنهل“
استاد بخاري پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي، جُنگن ۽ جهونجارن جو شاعر، جنهن سنڌ کي سسئيءَ
جيان پهاڙن ۾ پڪارون ڪندي، مرن سان مهاڏو اٽڪائيندي جهد جا جبل جهاڳيا آهن. ان سنڌ
ڌرتيءَ جي ڏکن درن جو درمان ڪندڙ ۽ چڪندڙ ڦٽن مٿان پنهنجي شعوري لفظن جي مرهم هڻندڙ
اهڙو ويڄ، اهڙو حڪيم، اهڙو طبيب شاعر آهي،
جنهن پنهنجي هر هڪ شعر ۾ سنڌ جي مارو ماڻهن جي مسيحائي ڪندي سنڌ جي سورمن جي
ساراهه ۽ سورهيائيءَ جي مڃتا ڪئي آهي، ،
آجپي جي گهر ۽ عام لوڪن سان گڏجي ڌرتي جي ڌوڙ
کي طورسينا جي سرمي کان وڌيڪ اُتم ڄاتوآهي.
ڌرتيءَ
پنهنجي ڌوڙ سڃاتي،
آئون
ته اهڙون ناهيان،
استاد
بخاريءَ کي پنهنجي ڌرتي واسي لوڪن جيڪو مان ۽ مريادا ڏني آهي، ان جو ڪير به انڪاري
ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جو هو عام لوڪ سان گڏ هيو، عام سان سلهاڙيل هئو، عام جي
اهنجن ۽ ايذائن کي دور ڪرڻ وارو مسيحا هئو، جنهن لفظن جي ڪٿائن ذريعي لوڪ کي همت ۽
آٿت ڏني، جنهن چيو:
”او اٽل آدمي
دل شڪستو نه ٿي“
جڏهن
ته هن کان اڳ بخاري صاحب ” آسي“به رهيو ته
” دردي“ به رهيو پر استاد بخاري ٿيڻ کان پوءِ استاد بخاري ئي سڏجڻ لڳو، جنهن جو پاڻ
ئي اقرار ڪيو اٿائين.
منهنجو
نالو احمد شاهه آهي،
استاد
بخاري سڏجان ٿو.
استاد
بخاري چيو ته پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي تسبيح پيو سورين؟،
چيم هاڻي
پڇاڙي آ،
عبادت
جي ضرورت آ.
سنڌ ڌرتيءَ
جي حقن جي رکوالي ڪرڻ کي عبادت سمجهندڙ استاد بخاري ته حُب الوطن من الايمان کي
اوليت ڏيندڙ اهڙو ڪوِتاڪار آهي، جنهنجي گيتن جي گونجار جهنگن جهرن ۾ ٻڌجي رهي آهي،
وقت جو ڪو به وڌاءُ ڌرتي جي ان الستي آواز کي ڌرتي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.
استاد
بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو،
ڌرتي
کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو؟،
شيخ
اياز، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، امداد حسيني، جهڙن وڏن شاعرن جي
وچ ۾ پنهنجي الڳ رستو ڊڪشن اسلوب اختيار ڪرڻ ۽ پاڻ مڃائڻ استاد بخاريءَ جي فني ڪمال
يا ٻوليءَ جو معجزو آهي، جو هڪ ئي دور، هڪ ئي زماني ۾ شاعريءَ جي آسمان تي ڪئي، ڪهڪشائون
اڀريل هيون، جن ڌرتي جي انڌيرن سان مهاڏا اٽڪائي سنڌ جي لوڪن جي مُکن تي مرڪن جا
مينهن وسائي ڇڏيا هئا، جن قومي سجاڳيءَ جون مشعلون ٻاري اونداهين کي للڪاريو ۽
روشنين جي پانڌيئڙن جي اڳواڻي ڪئي. استاد بخاري ان سٿ، زماني ۽ قد ڪاٺ جو شاعر هو.
استاد
بخاري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعراڻي ورثي کي ساڻ کڻي نئين زماني ۽ نئين دور جي انسان
لاءِ قديم شاعراڻي ورثي کي هڪ نئين نڪور شاعراڻي دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾
هن ڪاميابي ماڻيندي ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي ڀرپور جدوجهد ڪئي،
جنهن کي هر دور جو انسان مڃتا ۽ قبوليت ڏيندو. استاد بخاريءَ چيو ته: .
هونئن
ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئن
سنڌ ته سڀ ڪي آهيان،
ساٿين
سان گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي
ويس ته ورسي آهيان.
استاد بخاري
زندگيءَ جو شاعر - (۱۶ جنوري جنم ڏينهن جي حوالي
سان)
ھمير گاد
سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا
ته شاعر ۽ آدرشي انسان پيدا ٿيا آھن جن جي فن ۽ ادب سنڌي ادب ۽ فن کي بين الاقوامي
تاريخ ۾ اوچو مقام ڏياريو آھي.
سنڌ ڌرتيءَ اهڙن
شاعرن کي جنم ڏنو آھي جن جي شاعريءَ تي سنڌي زبان کي فخر آھي ۽ فخر تا قيامت تائين
رهندو اهڙن شاعرن مان سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ پڻ آھي.
استاد بخاري پنهنجي
شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ, تمدن, تهذيب ۽ معاشري کي پنهنجي شاعريءَ جو عنوان بڻايو. هو
غريبن جو, سچائيءَ جو ۽ عوامي شاعر آھي.
استاد پنهنجي
شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آھي اها تمام سادي ۽ سٻاجهي ٻولي استعمال ڪئي آھي
جنهن کي هر ماڻھو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.
هن جي شاعريءَ ۾
زندگيءَ جو صحيح عڪس نظر ايندو تڏهن ته ٻڌندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي.
استاد پنهنجي شاعريءَ
جي شروعات تقريبن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي
پاڻ هڪ ڀيري ڪٿي
چيو هيائين؛ ”ان زماني ۾ اهو ڪو اهڙو ڌماڪيدار حادثو نه هو بلڪ اندر ۾ ڪو لڪيل درد
هو جو دکيو ۽ ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو. “
تمام ٿورن ماڻھن کي
اها خبر هوندي ته استاد بخاري هڪ سٺي شاعر سان گڏ هڪ بهترين موسيقار به هو. هو
پنهنجي ڪلام جون ڌنون اڪثر پاڻ ئي تيار ڪندو هو.
بقول منظور سخيراڻي
ته ”استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته
هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره“
منظور سخيراڻيءَ جو
ڳايل ڪلام " سچي پچي چين نه آيو" جنهن جي ڌن استاد بخاريءَ تيار ڪئي
هئي.
استاد جي سٽن ۾ رڳو
سونهن ئي سونهن آھي.
هن جي شاعريءَ ۾
ائين ئي خوشبو آھي جيئن گلاب جي گل ۾.
منهنجي ان ڳالھ کان
ڪوبه انڪار نه ڪندو ته استاد بخاري شاعر عشق آھي ۽ هو ته هيو ئي محبت جو متوالو.
۽ هي سٽون جڏهن
پهريون ڀيرو محمد يوسف جي آواز ۾ ٻڌيون هيون ته انهن سٽن منهنجي اندر جي پيڙا کي
به تڙپائي ڇڏيو هو..
”صبح جي هير
يار جي خوشبو
منهنجي چاهت جو
ناشتو آھي.“
استاد جي شاعري سنڌي
زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي.سندس جي شاعري کي وڏي سڪ ۽ چاھ سان ڳايو وڃي ٿو.
استاد جي شاعري ستل
جذبن کي جاڳائي وجھي ٿي. مون ڪٿي پڙھيو هو ته محترم رسول بخش پليجو صاحب سندس ورسي
جي صدارت ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته ڀٽائي کان پوءِ استاد بخاري هن دؤر جو وڏو شاعر
آهي.مون کي يقين آ ته اها ڳالھ ڪافي ماڻھن کان هضم ڪانه ٿي هوندي.ڇاڪاڻ ته جتي هڪ ٻي
شاعر جا هفتا ۽ ميلا ته لڳايا وڃن ٿا پر اتي استاد بخاريءَ جهڙي عظيم ۽ عوامي شاعر
کي ياد به ڪونه ٿو ڪيو وڃي ائين لڳندو آ ڄڻ استاد بخاري سنڌ جو نه پر بنگلاديش جو
شاعر هو.
استاد بخاري
وقت روان جو وڏو شاعر
عزيز ڪنگراڻي
استاد بخاري جديد
سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ
جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي
ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ
۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي
شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو.
شاهه لطيف کان پوءِ
استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف
پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو
پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا
تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو.
استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب
تجربا پڻ ڪيا.
جهڙي ريت ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽
وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل
کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم
۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار
تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن.
استاد بخاري گائڪ
به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ
۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا
آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي
استاد بخاري جي ڪتابن
“گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو
بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا
مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي
نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به
بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه
ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي
هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث
منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾
تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي،
ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي.
استاد بخاري هونئن ته
ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ
شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود
آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور
۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو،
ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽
رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي:
صد فخر جو آهيان
اوهان جو شاعر
ماضي جو نه وقت
روان جو شاعر
استاد بخاري
پورهيت يار شاعر
جاويد شيخ
احمد شاهه المعرُوف اُستاد بُخاريءَ
جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي خُوبصُورت، ڪارائتا ۽ فڪري موضُوع آهن جھڙوڪ رومانس، سنڌي
سماج، ٻولي، ثقافت، انسانيت، فطرت، مزاحمت، ايڪتا، اتحاد ۽ محنت ڪش يا پورهيت طبقو.
اُستاد بُخاريءَ مٿين مڙني موضُوعن
سان خُوب ملهائي پاڻ مڃرايو آهي پر هُن وٽ محنت ڪش يا پورهيو ڪندڙ طبقي لاءِ نرالي،
خاص ۽ خالص سوچ آهي. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ هُو ڪِٿي هُنن لاءِ نرم ۽ پيار ڀريو گوشو اختيار
ڪري ٿو ته ڪِٿي ساڻن هُجت هلائي ٿو. ڪِٿي سندن عظمت بيان ڪري ٿو ته ڪِٿي کين چوڏهن
چوسٽن جي سلامي پيش ڪري ٿو ته ڪِٿي سندن مضبُوط ۽ گهاٽيءَ دوستيءَ جو دم ڀريندي
نظر اچي ٿو جنھن جو مُکيه سبب اهو ئي آهي ته شاعر قلم ڪار پڻ پورهيت طبقي ۾ شُمار ٿئي
ٿو.
گُذريل ڪيترين ئي صدين کان هُو ٻئي
مظلوم ۽ محڪُوم بڻجي رهيا آهن. هنن ٻنهي جا سُور ۽ پُور ساڳيا ئي رهيا آهن. اڄ
تائين هڪ مزدُور کي سندس محنت جو ڦل ۽ کيس جائز مقام ناهي مليو جڏهن ته هڪ قلم ڪار
پورهيت وري پاڻ مسڪين، محڪُوم، مجبُور غريب هُوندي به پاڻ مٿان ۽ پورهيت سان ٿيندڙ
ڏاڍاين تي احتجاجي (قلمي) پورهيو ڪري سندن سُورن ۾ شراڪت داري ڪري ٿو. ڀلا هڪ پورهيت
ٻئي پورهيت لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ڪيئن نه ڪھڪاءُ رکندو؛ ساڻس اخلاقي تعاون ڪندو! آخرڪار
ته ٻئي پورهيت ڀائر آهن.
اُستاد بُخاري به صاف دل ۽ سچو پورهيت
يار شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ محنت ڪش طبقو خاص ۽ نروار نظر اچي ٿو. جيئن مينھوڳيءَ
کان پوءِ صاف سُٿري ۽ وشال آسمان تي ست رنگي انڊلٺ بي حد معصُوم ٻار جي مِٺڙيءَ
مُرڪ وانگر مُک تي پکڙجي ۽ پڌري ٿي پوَندي آهي. هيٺ اُستاد بُخاري (هڪ قلم ڪار پورهيت)
پنھنجي ساٿي پورهيت (ڏاٽي، مُترڪي، ڇيڻيءَ، بُرش، پاني، ڪُھاڙيءَ واري) جي نه رُڳو
ڪم ڪار کي ساراهي ٿو پر پنھنجي قلمي پورهئي جو به مان ۽ حيثيت مڃرائي ٿو. هيٺئين
قطعي ۾ ٻنهي جي خوشگوار موڊ، فڪري ۽ محنت ڀريل مڪالمي سان گڏ سندن سچيءَ ۽ کريءَ
دوستيءَ جي لازوال ثابتي پيش ڪئي اٿائين جنھن جو مقصد آسان ۽ واضح آهي ته ڪو به ڪم
ايترو سوَلو ناهي پر محنت ۽ محبت سان ڏُکيو ڪم به سوَلو ٿي سگهي ٿو.
چيائون او شاعر! اوهان ڌر تتيءَ
جو
مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندئو
مڃيوسُون او ساٿي! مگر رات آڌيءَ
اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندئو
بُخاري چوسٽن جو ڀٽائي چئجي ته
وڌاءُ نه ٿيندو. ڀٽائيءَ پنھنجي بيتن کي آيتُن سان ڀيٽيو آهي. سندس بيت سنڌي قوم
جي صدين تائين رهبري ۽ راهنمائي ڪندا رهندا. ڀٽائيءَ جي برعڪس اُستاد وري پنھنجي بعضي
ڏاٽن، پانن، ڪاتن ڪُھاڙن ۽ مُترڪن سان مشابھت ڏئي ٿو ته ڪنھن جاءِ تي لفظ کي تير ۽
شعر کي بم گولي جيان ڀيٽ ڏئي ٿو. هڪ جاءِ تي ته اُستاد حد ڪري ڇڏي آهي. ڀٽائيءَ جي
فڪري پوئلڳي ڪندي مُختصرن چئي ڏنائين:
ڪيو ٿم بيت ڀالو زمانا!
مُون پنھنجي هِن مضمون ۾ اُستاد
بُخاريءَ کي پورهيت دوست / يار ڪري سڏيو آهي جنھن جي گواهي سندس ئي شعر مان ملي ٿي.
هُو پاڻ دعوا سان چوي ٿو آءٌ شاعر آهيان ۽ تُون آهين هاري! تُنھنجي مُنھنجي ياري
گھري گهاٽي آهي. اُستاد وڌيڪ پنھنجي ۽ پورهيت جي حيثيت واضح ڪندي چوي ٿو مُنھنجي هٿ
۾ ڪِلڪ ۽ ڪانو يعني قلم آهي جنھن جي ذريعي آءٌ اهڙا انقلابي گيت لکان ٿو جيڪي وقت
جي جابر ۽ رهزن جي ناپاڪ ارادن، اٽڪلُن ۽ قھر برپا ڪندڙ سوچن جو خاتمو آڻي سگهن ٿا
جڏهن ته تُنھنجي وَس ۽ هٿ ۾ دُنيا جھان کي باغ و بھار (بھشت) بڻائيندڙ، انقلاب ۽
زندگيءَ جا اُهڃاڻ ڏاٽو ۽ لٺ آهن جن سان تون انسانن جي ويري ۽ خطرناڪ قسم جي زهريلن
نانگن کي مارين ٿو.
هاڻي ڏِسجي ته هڪ پورهيت ۽ قلم ڪار
جو ڪم ۽ ڪردار سماج ۾ مثبت ۽ مثالي تبديلي آڻڻ آهي.
مان هان شاعر، تون آن هاري،
تُنھنجي مُنھنجي گهاٽي ياري
مُنھنجي هٿ ۾ گيت گُلابي
تُنھنجي هٿ ۾ باغ بھاري
مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ڪانگ
تُنھنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ
مان ٿو ڪاٽيان قھري سوچون
تُون ٿو مارين زهري نانگ
ڪنھن به قوم جو شاعر ان قوم جو
اهم سُونھون ٿيندو آهي. هُو فقط دڳن ۽ دشائن جو تعين ڪندو آهي. باقي منزل تي پھچي
مُسافر کي پنھنجي پاڻ کي ملهائڻو ۽ مڃرائڻو پوَندو آهي. منزل تي پھچي پير پساري ويھي
سوچڻ سان ڪُجهه ٿئي ها ته پوءِ دُنيا جو هر شاعر، فلسفي، قلم ڪار بادشاهيءَ جا مزا
ماڻي ها ۽ هر ڪم ڪار ڪندڙ (محنت ڪش) ڪنھن نه ڪنھن ديش جو راجا مھا راجا بڻجي پوي
ها پر اياز جو فڪر اهو ٿو ٻُڌائي ته ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سِوا ٻي واهه!
اُستاد بُخاريءَ چواڻي هِن سنسار
کي سُھڻو بڻائي ۽ اُوندهه انڌڪار کان آزادي فقط هڪ قلم ڪار ۽ هُنرمند ئي ڏياري
سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ سچي قلم ڪار کي پنھنجو قلم ٻاري حق سچ جو هوڪو ڏيڻو پوَندو؛
شمع جلائڻي پوَندس ۽ هڪ دلير ۽ برجُستي محنت ڪش کي پنھنجي پگهر کي ٻرنديءَ تي تيل ڪري
هارڻو پوَندو. پوءِ پڪ ڄاڻجو ته گهر گهر اُوندهه واري سماج ۾ دائمي سوجهرو يقيني
آهي.
اديبن، شاعرن جو شمع جان پنھنجا
قلم ٻاريا
ته ڪوجهي ڪاري انڌاري ۾ سُھڻو
سوجهرو ٿي پيو
هُنرمندن، مزدُورن، راهڪن
پنھنجا پگهر هاريا
محبت سان جو محنت پيچ پاتو، مُعجزو
ٿي پيو
هاڪاري سوچ رکندڙ شاعرجو هر شعر
انقلاب، تبديليءَ ۽ تغير جي تارازيءَ ۾ تُرندو آهي جنھن کي هڪ پارکُو خريدار جي ضرورت
پوَندي آهي. پوءِ اهڙو گوهر ئي ميري ۽ گدلي پاڻيءَ کي صاف ڪري شفاف بڻائڻ جي سگهه
حاصل ڪري وٺندو آهي. هُو لوهه کي موڙي مَروڙي سگهڻ جي شڪتي رکندو آهي. هُو اُوندهه
۽ انڌ کي ٽاري ڀڄائي سگهي ٿو. مطلب هُو هر اُهو ڪم باآساني ڪري سگهي ٿو جنھن جو ڪنھن
کي وهم، گُمان، خواب ۽ خيال به ٿي نه ٿو سگهي پر ان لاءِ اُستاد بُخاريءَ جو هڪڙو
شرط آهي ۽ شرط به اهڙو اڻانگو نه پر فقط جذبي ۽ مثبت ارادي جو آهي. اسان سڀ ڄاڻئون
ٿا ته ڇڙو ويھي روئڻ، پنھنجو مُنھن مٿو پِٽڻ، پنھنجا سٿر سينا ڪُٽڻ يا ائي لي گهوڙا
ڪرڻ سان سينواريل سماج نه ٿو بدلجي؛ حق حاصل نه ٿا ٿين بلڪِه حقن لاءِ اسان کي اُٿي
پوَڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ اُٿي پوَڻ ۾ ئي اسان مسڪينن، محڪُومن ۽ مظلُومن جو صحيح
علاج آهي. پائدار ڪاميابيءَ لاءِ ٻن لفظن اُٿي پوَڻ تي عمل ڪرڻ سستو سودو آهي. دُنيا
جي مزدُورن، مسڪينن کي هڪ ٿيڻ گهُرجي ته پوءِ سنڌ جا مزدور؛ دُنيا جا مزدور اُٿي
پئو؛ اُٿي پئو؛ شڪاگو جي انقلاب کي ياد ڪري اُٿي پئو!
نه روئڻ، پِٽڻ ۾ اسان جو علاج
نه سٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج
ڌيون، پُٽ سڀئي سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا
اُٿي پَئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج
دُنيا نه رُڳو چنڊ تي وڃي پھتي
آهي پر ويڙهجي سيڙهجي جديد قسم جي هڪ عالَمي ڳوٺ ۾ پڻ تبديل ٿي چُڪي آهي. ڪائنات جي
ڪنھن به ڪُنڊ پاسي ۾ ڇا وهي ۽ واپري ٿو؛ ڇا ڊهي ۽ ٺھي ٿو سا ڄاڻ سيڪنڊن ۾ بار بار
ماڻهوءَ جي سماعتُن ۽ اکين اڳيان ايندي رهي ٿي. دُنيا ايتري ترقي ڪئي آهي جو ماڻهوءَ
جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه آهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ دُنيا جي ترقي آخر ڪٿي دَنگ ڪندي؟
پر ايتريءَ انوکيءَ ۽ اچرج جوڳيءَ ترقيءَ ۽ تبديليءَ باوجُود سامراجي ۽ پرماري قوَتون
اڄ به بنا ڪنھن لڄ لحاظ، ڊَپ ڊاءَ ۽ خوف خطري جي ناجائزين جا روز نوان باب رقم ڪنديون
رهن ٿيون. اڄ به ڪيترا ئي محڪُوم مظلوم، مسڪين، مجبُور، پورهيت پنھنجي حقن جي
حاصلات لاءِ وِڙهن پيا ۽ لڙندي وِڙهندي ڪربلا کان شڪاگو ۽ شڪاگو کان بلديا فيڪٽريءَ،
گڏاڻيءَ تائين گهاءَ کائيندا انقلاب ۽ انصاف جي اُميد تي اڳتي وڌندا، هلندا رهن ٿا.
خُدا ڄاڻي اهڙن ماڻهن جي مسيحائي ۽ داد فرياد ڪڏهن ٿيندو؟ هر محنت ڪش سوچي ٿو......
ته پُورن جي پُڄاڻي ڪڏهن ٿيندي ۽ سُورن جو سلسلو ڪڏهن رُڪبو ۽ ڪربلا کان شروع ٿيل
حق جي ويڙهاند شڪاگوکان پوءِ ماٺي ڇو ٿي وئي آهي؟
مظلوم ڪربلا کان لڙندي لڙيا شڪاگو
عالَم ۾ انقلابن جو سلسلو ته آهي
ڏات شعُور، شعور وري سوچ فڪر ۽
سوچ فڪر وري تحرُڪ، لوچ ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي جيڪو تحرڪ تبديلي پيدا ڪري سوڀ
تائين رَسائي حاصل ڪري وٺندو آهي پر اهو سڀ ڪُجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي پوَندو آهي جڏهن
پورهيت پنھوار، ڪُڙمي ڪاسبي ذي شعُور هُوندو؛ پنھنجي هيڻي، غريب ۽ خستي حاليءَ تي
سوچ وِيچار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو؛ ظالم کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاءِ ڍَر ڏئي ڇڏيندو ته پوءِ
اسان توهان (مظلوم ۽ محڪُوم طبقو) پنھنجي حقن، ننگن، دَنگن، ٻنيءَ ٻارن، کاڻين،
کُوهن، مِلن ۽ ڪارخانن جي حساب ڪتاب کان سواءِ شھرن، پاڙن، چونڪن ۽ دُڪانن جو قبضو
ڪيئن ۽ ڪير وٺي ڏيندو؟ حق خيرات وانگر ناهي گهُربو. ڇِني ڇِڪي ۽ وِڙهي وٺبو آهي. وِڙهڻ
لاءِ وري سَندرو ٻَڌي سُرڻو ۽ رِڙهڻو پوَندو آهي. تڏهن ئي ڪاميابي ۽ ڪامراني قدم چُمي
پُٺي ٺپيندي آهي.
هاڻي به جي نه وٺندءُ پنھنجي
حقن جو قبضو
کاڻين، ٻنين، مِلن ۾ کاتن پڪن
جو قبضو
شھرن ۾ پنھنجي پاڙن، چونڪن، هٽن
جو قبضو
پوءِ سمجهو سِر تي هُوندُوَ ڌارين
ڌڪن جو قبضو
پر جي پنھنجي حقن لاءِ هٿ پير
نه هنياسين، رِڙهيا وِڙهياسين نه ته پوءِ پَڪ ڄاڻي ڇڏجو ته اسان ۽ اسان جي ايندڙ
نسلن جي نِرڙن تي غيرن، غاصبن جا گهاءَ ۽ ڌارين جا ڌڪ ئي ڌڪ نظر ايندا جيڪي نشان اسان
جي بُزدليءَ ۽ ڀاڙيائپ جا کُليل ثبُوت هُوندا جنھن کان پوءِ اسان ڪنھن کي مُنھن ڏيکارڻ
لائق نه رهنداسُون. تنھن ڪري اچو ته اُستاد جي مٿئين مُختصر طاقتور فڪر جو فائدو وٺي
سندس سڏ وَرنايون جيڪو سڏ پڙاڏو بڻجي اسان جي دردن جو درمان بڻبو. سنڌ ۽ دُنيا جھان
جا مزدورو! هوش ڌاريو؛ هاڻي ته اَکيون پَٽيو! هاڻي گهڻو ٿي چُڪو آهي جنھن کي صاف ڪرڻو
آهي...... وِک وڌايو..... جند بچايو!
پورهيت زندهه آباد
انقلاب زندهه آباد
استاد بخاري
شعر کي پنهنجي سُڃاڻ ڏيندڙ
تحرير: رکيل مورائي
اڄ استاد بخاريءَ
جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي
هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ
به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ
سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان
ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي ايندڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن
به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز
ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي.
اڄ جڏهن استاد
بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي
خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا
نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار ارڙهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار اڻويهن تائين
پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي
۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان
نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن
ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون
ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر
نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن.
اڄڪلهه اسانجي شاعرن،
عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه
تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي
لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي
ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي
نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾
پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص
۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ
جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن،
هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ
گهرجي.
اياز، تنوير، شمشير
۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي
ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا
سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل
اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي،
ٻي روايت شاعري ۾
شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو
رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان
قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري
بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي.
سنڌي ٻولي وري
استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد
اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه
آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو.
استاد بخاري سنڌي
شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو
ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا.
گهڻن ئي شهرن وانگر
دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي
ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون
ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو.
ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي
۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان
ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾
لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي
حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها
سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي.
استاد جي شاعري سنڌ
جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي
دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين،
اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون.
هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو.
سانگين مان گڏ سالگرھ
مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.
اڄ اسين ان جي ورسي
ملهائي رهيا آهيون!
استاد بخاري
پنهنجي لهجي جو شاعر
رکيل مورائي
اسين سڀ استاد
بخاريءَ جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ گڏ ٿيندا آهيون. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي
ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ
جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ
محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان
پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي انيدڙ نسل کي
رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن
۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي.
اڄ جڏهن استاد بخاريءَ
جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو،
ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين
آڪٽوبر اوڻيهه سئو ٻيانوي کان اڄ تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن
درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽
نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ
ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي
وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي
نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن.
اڄڪلهه اسانجي
شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه
تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو، لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي
لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي
ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي
نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾
پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص
۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ
جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن،
هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ
گهرجي.
اياز، نياز تنور،
شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو
گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي روايت تي بيٺل آهي. اها
روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي.
پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسماني طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي
آڏو آهي، ٻي روايت مشاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد
پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي
شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي
شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ
محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ
عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد
بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي پري کان
ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو.
استاد بخاري، سنڌي
شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو
ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا.
سنڌ جي گهڻن ئي شهرن
وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽
محسوس ٿئي ٿي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ
کي ياد ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر
محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي
ڳالهايو ٿو وڃي لکيو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا
کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن
استاد کي ادب ۾ لاوراثيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ
جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي
۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي.
استاد جي شاعري سنڌ
جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ
پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس
هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي
رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو.
(ڏيھاڙي
عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
استاد بخاري
سندس شاعريءَ جو فني ۽ فڪري
جائزو - نائين آڪٽوبر ورسيءَ جي مناسبت سان
يوسف ڀٽو
استاد بخاري سنڌ جي
اُنھن سدا ملوڪ شاعرن مان آھي، جنھن کي وستي وستي، واھڻ واھڻ مقبوليت ۽ مڃتا ملي. ھر
سُٺي ۽ سُڄاڻ پڙھندڙ استاد کي پڙھيو، پڙھي اِئين محسوس ڪيو ھوندو ته ڄڻ استاد جي
ھن شعر ۾ سندس ئي احساسن جي ڳالهڙي ھجي. استاد اھو ساڃاھ وند شاعر ھو جنھن وطن ۽ وطن
جي ماروئڙن تي لکيو. ساڻيھ جي سُرھاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ائين رچي وئي، جيئن سانوڻ
جي پھرين وسڪاري ۾ مٽيءَ ۾ اٿندڙ دلفريب مھڪ. استاد جي شاعراڻي سگھ، فن ۽ فڪر دراصل
سندس شاعري، عام فھم لفظن، اصطلاحن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ
کي موھي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھُو بي اختيار “واھ واھ” ڪندو ٿو رھي.
استاد بخاريءَ جو اصل
نالو سيد احمد شاھ بخاري آھي. سندس والد صاحب جو نالو سيد حاجن شاھ آھي. ھُو ۱۹۳۰ع ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ڄائو.
ھُن نوڪريءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد
ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۴ع ۾ حاصل ڪئي. استاد بخاري جي شاعريءَ جا ۲۵ مجموعا ڇپيا. سندس پھريون شعري مجموعو “گيت اسان جا جيت اسان جي” ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سندس مشھور شعري مجموعن
۾ “نه ڪم نبريو، نه غم نبريو”، “اوتون جوتون”، “لھري لھري ۾ لالاڻ”، “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ”،
“زندگي زندگي”، “ميلا ملھار”، “ڳائي پيو جاڳائي پيو” ۽ ٻيا شامل آھن. استاد جي شاعريءَ
جي خوبي آھي جو ان اسان کي پنھنجو گرويده بڻائي ڇڏيو ۽ ان تي ھي چند سٽون لکڻ کي
پنھنجو اعزاز سمجهوسين. ھو ھڪ بلند فڪر شاعر ھو، سندس ٻول اندر جي احساسن کي بي اختيار
ڇھن ٿا ۽ جنھن جي خوبصورت شاعريءَ جو سحر برقرار رھندو اچي.
ادب جي ڪنھن به صنف
۾ لکڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. پر جڏھن ڳالھ شاعريءَ جي ھُجي ته اھا رڳو ڪو حسين احساسن
تي ته مشتمل نه ھوندي آھي پر شاعر زندگيءَ جي تلخ تجربن کي به بيان ڪري ٿو. اھا ئي
ڳالھ استاد پنھنجي ھن چؤسٽي ۾ ڪھڙي نه خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو:
چيائون او شاعر اوھان
ڌرتتيءَ جو،
مٿي تي تغاريون رکي
ڪونه سگهندو.
مڃيوسين او ساٿي، مگر
رات آڌيءَ،
اوھان تڙپي تڙپي
لکي ڪونه سگهندو.
ڀلوڙ شاعر فيض احمد
فيض ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته: “ٻڌندا پيا اچون ته ڪنھن شاعر يا اديب جو صحيح مقام ايندڙ
نسل متعين ڪندا آھن، اھا ڳالھ پنھنجي جڳھ تي مڃيل آھي پر اھو ڏسڻ به لازم آھي ته
سخنور پنھنجي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيترين دلين ۾ گهر ڪيو آھي ۽ ان جي چيي سان ڪيترن
پڙھڻ وارن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھي به منھنجي دل ۾ آھي” استاد جي شاعري به ان معيار
جي ثابت ٿي جو کيس ايتري ڀرپور عوامي موٽ ملي. استاد يقينن خوش قسمت آھي جو کيس نه
صرف ادبي حلقن پر عوامي سطح تي به پذيرائي ملي. ادبي تجزئي نگارن موجب ته توڙي جو
ھُن حُسن پرست ھُئڻ ڪري عشقيه شاعري به ڪئي ۽ سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر به نمايان
آھي پر بنيادي طور تي استاد ھڪ انقلابي شاعر آھي.
سنڌي شاعريءَ جي مطالعي
دوران جنھن شيءِ مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آھي، اھا آھي اُميد پرستي. حضرت شاھ عبداللطيف
ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ ته اميد پرستي ڪمال جي آھي. بلڪ اميد جا اھڙا عڪس ٻي ڪنھن
شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن به اميد پرستيءَ تي سُٺو لکيو. ڇو
ته اھا اميد ئي آھي جيڪا انسان کي ڪنھن به طرح مايوس ٿيڻ نٿي ڏي، ھر بار جيئاري ٿي.
اميد پرستي اھا آھي ته انسان تي لازم آھي ته اُس جي سفر ۾ وڻن جي گهاٽي ڇانوَ جي
آس جو حوصلو ڌاري ۽ ان کي من ۾ سمائي رکي، خود ھلندو رھي، اُھا ڇانوَ ان کي ضرور ملندي.
سو استاد جي شاعري به اميد جي ان تخيل سان مالامال نظر اچي ٿي. سندن ھڪ شعري مجموعي
جو ته نالو ئي “پير نه ھٽي پوئتي” آھي. سو استاد جي شاعريءَ ۾ اميد جا اھي سوجهرا
ضرور آھن. اميد، ناڪاميءَ جي انڌيرن کي مات ڏيندڙ صبح جي چِٽن سوجهرن جيان آھي. جيڪي
واپس ورڻ ڄاڻن ئي نٿا. استاد بخاري ڪيڏو نه خوب چيو:
اسان ارتقا جا پڪا عاشق
آھيون،
ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو
اچي ڙي.
استاد بخاري جيڪي
شعر چيا، انھن ۾ اميد سان گڏ ھمت ۽ حوصلو آھي. سندس ھڪ نظم “ارمان نه ڪر، ارمان نه
ڪر” ۾ ھُو جيئڻ تي اُتساھيندي چوي ٿو ته:
ڪنھن غفلت ۾ غيباڻو
ٿي،
گگدامن جان گذران نه
ڪر.
انھيءَ نظم ۾ ھُو اڳتي
ھڪ مصرعه ۾ چوي ٿو ته:
ڪا جوت جاڳائي جيئڻو
اٿئي،
ھي ماڳ ملھائي جيئڻو
اٿئي.
سندس اِنھن ئي شعرن
۾ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته استاد اميد سان گڏ زندگيءَ جو به شاعر آھي. منجهس عاجزي به
اھڙي جو استاد “چوٽ کائي درگذر” جو به قائل آھي.
جيءُ جنھن کي چيم، جهڻڪ
تنھن کان مليم؛
چوٽ ڏاڍي لڳم، پر ڪيم
درگذر.
استاد جو شاعراڻو
شعور، فڪر ۽ ڏات بلند پايي جي آھي. درحقيقت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سُرت سڄاڻ
جا اھي ڏيئا روشن آھن، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن کي بھار جي ترو تازگي عطا ڪن
ٿا. استاد شاعريءَ جي تقريبن ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ھُن جنھن به صنف تي
لکيو عمدگيءَ سان لکيو. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ ۾ ھجر جو عنصر به محسوس ٿئي
ٿو ته ان کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به نرالو آھي:
مون ٿي پڇيو، ھن
کان سائين،
مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو
ڀانئين،
ھُو به کلي پيو، مان
به کلي پيس،
کلندي کلندي روئي ڏنائين.
ڏسجي ته شاعري
انسان جي احساسن جي اظھار جو ذريعو آھي. جنھن شاعر وٽ اظھار جي جُرئت ۽ بيان جو سليقو
۽ عمدگي ھجي ته پوءِ اھو شاعر عوام وٽان قدرداني ۽ مڃتا ته ضرور ماڻيندو ۽ استاد
بخاري به سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ئي ھڪ معتبر نانءُ آھي، جنھن وٽ اھي خوبيون آھن. استاد
پنھنجي خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو اظھار ۽ عام ماڻھن جي ڏکن ۽ سُورن جي ڳالھ کي شاعريءَ
۾ وڏي خوبيءَ سان بيان ڪيو آھي. استاد تقريبن شاعري جي ھر صنف ۾ طب آزمائي ڪئي ۽
سندن شاعري سنڌي ادب جو لازمي سرمايو بڻجي وئي آھي. ھُو انسان جي مختلف ڪيفيتن عشق
و محبت کان وٺي حقن جي حاصلات، اميد کان وٺي اتساھ تائين کي شعر جي سانچي ۾ وجهي وٺڻ
جي صلاحيت رکندڙ آھي. لفظن تي سندس گرفت به آھي، لفظن جي استعمال ۾ شاعراڻي ھنر کان
به واقف آھي. اھو به ائين جو شاعريءَ جي جنھن به صنف ۾ ڳالھ جو اظھار ڪرڻ چاھي ته ان
لاءِ ھُو آسانيءَ سان لکي سگهي. استاد محبتن جو به شاعر آھي. خود به محبت بابت اظھار
ڀلوڙ شاعراڻي رنگ ۾ ھن ريت ٿو ڪري:
ھڪ پيار يار ڄاڻان،
ٻي ڪار ڪانه ڄاڻان.
استاد بخاريءَ جي شاعري
پڙھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به لڳندو آھي ته ھو لفظن جي ذخيري ۽ تشبيھن جي مالها سان
مالامال آھي، ڄڻ ته لفظ سندس آڏو احترامن بيٺا ھُجن. ان کان علاوه ھيءَ ڳالھ به محسوس
ٿئي ٿي ته استاد عام ماڻھوءَ جي درد جو شعور رکندڙ شاعر آھي ۽ عام ماڻھوءَ جي مزاج
موجب ئي عام فھم شعر سرجيا، جيڪي سولائيءَ سان سمجھ ۾ ايندڙ آھن. ڪنھن سُٺي شاعر
جي اھم خوبي اھا ئي ته آھي! ڪنھن رسالي ۾ ھڪ ھنڌ تي اھو به پڙھي معلوم ٿيو ته استاد
ھڪ وڏو ۽ سُٺو موسيقار به ھو، جو ھن ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ پنھنجي گانن/ شاعريءَ جون ڌنون پاڻ ئي ترتيب ڏنيون
ھُيون. اُستاد جا ڪي ته شعر اھڙا آھن، جو بار بار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ تي دل پئي چاھيندي آھي.
استاد ھن ڌرتيءَ جو باڪردار ۽ صحيح معنيٰ ۾ عاشق شاعر به آھي. سنڌ ته ڄڻ سندس شاعريءَ
جو محور ھجي!
جو قوم جيئاري اھو
جيئندو رھندو،
جو عام اجاري اھو
جيئندو رھندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير
ڏني پڪ آ،
جو سنڌ سنواري اھو
جيئندو رھندو.
استاد کي جيتري قدر
پيار، محبت جهڙن جذبن کي شاعريءَ ۾ اُڻڻ جو احساس ھو، اوترو ئي استاد کي صحيح
معنيٰ ۾ ماڻھپي، ٻولي، امن ۽ جستجو جهڙن موضوعن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائڻ جو
ھُنر پڻ آھي. ھُو زندھ دل شخص طور زندگيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ واقفيت رکندڙ شاعر آھي.
ھُو انسان لاءِ ھر حال ۾ پيار، امن، ڀائپي ۽ جُستجو ضروري سمجهندڙ شاعر طور ڏسجي ٿو.
وڌيڪ اھو ته استاد کي اميد جي آگهي رھي، ائين جيئن گُل ٽڙي ته ان جي رنگ و بو ان
جو تعارف ڪرائي.
استاد جي شاعريءَ ۾
عجيب خوشبو آھي. ھڪ الڳ رنگ آھي. ھُن ته سنڌي شاعريءَ کي اھڙا نوان لاڙا ۽ رنگ ڏنا،
جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ سان گڏ خود سندس به سڃاڻپ بڻجي ويا. قوم جي شعور جا سوجهرا
سندس ئي شاعريءَ ۾ وڌيڪ واضع انداز ۾ پسي سگهجن ٿا. ھُو سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو
اھو ستارو آھي، جنھن جي روشني ھتان جو عام ماڻھو به آسانيءَ سان پسي سگهي ٿو. استاد
بخاري جي شاعريءَ جي عظمت ان مان به چٽي آھي جو فنڪار سندس شاعري ڳائڻ پاڻ لاءِ
اعزاز سمجهن ٿا.
اردو شاعريءَ جي
حوالي سان فيض احمد فيض جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “لفظ ان جا غلام ۽ تشبيھون ان جون ڪنيزون
آھن. ” اگر اھا ڳالھ آھي ته پوءِ سنڌي شاعري جي حوالي سان اھا ڳالھ استاد بخاريءَ
لاءِ چوڻ اجائي نه ھوندي. استاد سنڌي شاعريءَ جي اھا خوشبو آھي جيڪا ھر سُٺي پڙھندڙ
توڙي ٻڌندڙ کي فرحت بخشي ٿي. يقينن ھر دؤر ۾ استاد جي شاعري مڃتا ماڻيندي رھندي.
استاد ۾ بظاھر ٻي ڪا
به خوبي ناھي،
ھڪ سونھن جو پوڄاري
ٻيو سنڌ يار آھي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد
۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
استاد بخاري
پِرهَه جا پيغام
پُهچائيندڙ شاعر
تحرير: سرمد کوسو
ڪنهن ٿي ڄاتو ته
دادوءَ ۾ سائين حاجن شاھ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍڙو ’پُنهل شاھ‘، ’احمد شاھ‘، ’آسي’۽
’دردِي ‘ٿيندي، “اُستاد بخاري” بڻجي ويندو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ وڏي مقبوليت ماڻيندو!
استاد بخاريءَ جو نانءٌ ذهن ۾ ايندي ئي خوبصورت سنڌ جو تصوّر ذهن ۾ ترِي اچي ٿو، جيڪا
هر قِسم جي بيمارين، بُراين، بُڇڙاين، ڏاڍين ۽ ناجائزين کان پاڪ سنڌ آهي. . . سرسبز
۽ شاداب آهي. . . جنهن ۾ هر طرف خوشحالي آهي. هر طرف حُسن آهي. . . سونهن آهي. . .
پيار ئي پيار آهي. . . . تڏهن ته پاڻ چوي ٿو:
ڇا قوم تي لکان
مان! ڇا حُسن تي لکان مان!
افسوس. . . ! زندگي
هڪَ. . . پُورو نٿو پوان مان. . .
استاد بخاريءَ کي
اسان کان جسماني طور وڇڙئي ۲۹ سال ته ٿي ويا آهن، پر استاد پنهنجي ڪمال جي شاعريءَ
ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آهي. منهنجي خيال ۾ استاد بخاري ڪنهن روايتي تعارف جو
محتاج ناهي، جو ويهي سندس پيدائش جي تاريخ يا ملازمت جي ريڪارڊ بابت لکجي، استاد ان
تعارف کان گهڻو مٿانهون آهي. استاد کي اڃا فڪري طرح دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي. استاد
کي رڳو عوامي ۽ رومانوي شاعريءَ تائين به محدود نٿو ڪري سگهجي. عوامي ۽ رومانوي
رنگ سندس وسيع ۽ گهڻ رخي شاعريءَ جو فقط هڪ پاسو آهي، جڏهن ته استاد هڪ مفڪّر ڪوي
آهي. استاد بخاري سنڌي سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سچو رهبر آهي. جيڪو اتساهي به ٿو، دشمن
کي للڪاري به ٿو. . . پنهنجن دردن تي ڪُوڪارَي به ٿو. . . کِلائي به ٿو، روئاري به
ٿو، ته سمجهائي به ٿو.
استاد بخاريءَ جي شاعري،
گهڻ پڙهيو توڙي گهٽ پڙهيو ٻئي شوق سان پڙهن به ٿا، ته آسانيءَ سان سمجهن به ٿا. اِهو
استاد جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو پاڻ وڏي ۾ وڏي ۽ گَهِري ڳالھ ۽ فڪر کي به آسان ٻوليءَ
۾ پڙهندڙن تائين پُهچائي ٿو ڇڏي. انهيءَ ڪري ئي سندس ڪلام کي تمام گهڻن فنڪارن ڳائي
تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ
جي سادگي ئي انهيءَ جي سُونهن آهي. هر ٻچو ٻُڍو پيو کيس جُهونگاريندو آهي. مان نه
ئي شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعريءَ جي اصولن ۽ قاعدن جي ڄاڻ اٿم، پر پوءِ به هڪ پڙهندڙ
جي حيثيت ۾ مون اِهو محسوس ڪيو آهي ته، استاد بخاريءَ جي ترجيح، شاعريءَ جي اصولن
۽ قافيي. . رديف ۾ پاڻ کي الجهائڻ بجاءِ پنهنجي پيغام کي اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن
تائين پُهچائڻ آهي.
اسان وٽ هِن وقت وڏو
مسئلو اهو آهي، ته هر شخص بهتريءَ لاءِ پنهنجي وڙان ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءِ رڳو روئڻ پِٽڻ
يا ٻين کي ڏوراپا ۽ مهڻا ڏيڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ ۾ پورو آهي. استاد بخاري اهڙي منظر کي
شاعراڻي پيرائي ۾ ڪجھ هِن طرح چِٽيو آهي:
نه روئڻ پِٽڻ ۾
اسان جو علاج
نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾
اسان جو علاج
ڌيئون پُٽ سڀيئي ته
– ڌرتيءَ ڄڻيا،
اُٿي پئو! اُٿڻ ۾
اسان جو علاج!
عام طرح به، هر استاد
جو ڪم رهنمائي توڙي نصيحت ڪرڻ ۽ سنئون گس ڏَسڻ هوندو آهي. هيءَ شاعري نصيحت ۽ رهنمائي
ناهي ته ٻيو ڇاهي! اسانجي هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ هر مسئلي جو جواب به اهو ئي بيوسي وارو
هوندو آهي ته “ڇا ڪجي!”، پر استاد اهڙن مايُوس ماڻهن کي چوي ٿو:
“ڇا ڪجي!” کي
ڇڏ بخاري! اُٿ، اُٿون!
ڪر تِکي تڪڙي تياري.
. اُٿ، اُٿون!
سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون،
برسات ٿيون!
ظلم آهي ڀُونءِ ٻاري،
اُٿ اُٿون!
پنهنجيءَ قوم ۽ ديس
سان ايڏو پيار ۽ اُنسيت تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي. استاد کي هر خوبصورتيءَ سان
عشق آهي. هُو شعور ۽ اندر اُجارڻ واريءَ تعليم جو حامي آهي. کيس خبر آهي ته سماج
جي اونداهين جو سبب جهالت ئي آهي ۽ جيستائين انهيءَ اوندھ مان جان نه ڇٽندي، تيسين
اسان جو معاشرو ايئن ئي سُورن ۾ هوندو. تعليم جي اهميت بابت پاڻ ڪجھ هيئن ٿو چوي:
جِهِلَ جي اُونداھ کي
تيلي هڻو!
علم جُون ڏياٽيُون کڻو.
. . ڏياٽيوُن کڻو!
خود اوهين استاد آهيو
سوجهرو
سنڌ کي ٺاهي وٺو. .
. ٺاهي وٺو. . .
استاد بخاريءَ پنهنجن
خيالن ۽ احساسن کي قوم جي امانت سمجهندي، اها ڪوشش ڪئي، ته سندس شاعري گهڻن ماڻهن
تائين ڪتابن جي صورت ۾ توڙي گيتن جي صورت ۾ پُهچي. انهيءَ ڪري ئي استاد جي شاعريءَ
جا جهجها ڪتاب شايع ٿيا بلڪ اڄ تائين ٿيندا رهن ٿا. سندس ڪافي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ
ايڊيشن به شايع ٿيا آهن. اها مقبوليت تمام گهٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي.
ڪهڙي انساني ڪيفيت
آهي، جنهن تي استاد ناهي لکيو. . . . . ڏُک هُجي، سُک هجي، پيار جو اظهار هجي! يا
وري ديس جو درد. . . استاد هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. استاد هر فرد جو آواز آهي، سندس
مزاج ۽ ڪيفيت جهڙِي به هُجي، هُو ان ڪيفيت جي اظهار لاءِ استاد جي لفظن جو ئي سهارو
وٺي ٿو.
استاد بخاري ان حوالي
سان به عظيم آهي، جو پاڻ پنهنجي طبيعت جي ناچاقيءَ باوجود سرڪار کي امداد ۽ وظيفن جي
اپيل ڪرڻ بجاءِ واضح لفظن ۾ اهو چيو ته: “مونکي سرڪاري امداد ۽ وظيفن جي ضرورت ناهي!”
نه ته اڪثر سرنديءَ وارا فنڪار ۽ اديب به هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي صورت ۾ به پيا سرڪار
کي اپيلون ڪندا آهن.
شاعرن توڙي فنونِ لطيفه
سان واڳيل ڪنهن به فنڪار جي ٻين فنڪارن سان ڀيٽ ڪرڻ هڪ ناڪاري عمل آهي، ته فلاڻو، فلاڻي
کان وڏو شاعر آهي، يا فلاڻو، فلاڻي کان پُختو شاعر آهي. شاعر، شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو
پنهنجن خيالن جو اظهار پنهنجي انداز ۾ ڪري ٿو. اُهو انداز ڪيترو مقبول ۽ ديرپا آهي،
ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو. جيئن جيئن وقت گذرندو، تيئن تيئن استاد بخاريءَ جي شاعري
نون رنگن سان اسان جي سامهون ايندي ويندي. استاد رڳو ٻين کي نصيحت ۽ ميارون نٿو ڏئي،
پر پنهنجو پاڻ کي به چوي ٿو ته:
مان ٻين وانگر اکيون
ٻوٽي سُمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو
ڪير!
آنءُ جي مدهوش ٿي ليٽي
پوان،
پرھ جا پيغامَ
پُهچائيندو ڪير!
(ڏھاڙي عوامي
آوز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
استاد بخاري
سندس شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا
- ورسي جي مناسبت سان.
ستار سروهي
سنڌ جو ڪلاسيڪل ادب
هجي يا جديد ادب، سماج ان جو مُک موضوع رهيو آهي. ادب ۾ موجود سموريون تحريڪون خاص
ڪري ترقي پسند تحريڪ جو ڄڻ ته بنياد ئي نج سماجي حقيقت نگاري تي بيٺل آهي. شاعريءَ
جو سماج سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي؟ ان جو پيرو کڻنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو
ئي ادب صدين تائين جيئرو رهندو آيو آهي، جنهن ۾ سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي يا ماڻهن
جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
شاعري جو سماجي ڪارج
ڇا آهي؟ ان لاءِ ڪئين ڪتابن جو جائزو وٺڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگي آهي ۽
جيتري زندگي گوناگون آهي، اوترو ئي ادب به گوناگون آهي. ادب جي گوناگوني سبب شاعري
جا ڪارج به گهڻا ٿي پون ٿا. خود استاد بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”شاعري اندر
جون دونهون آهي، ان دونهي کي ٻاهر نڪرڻو آهي. اهو به هڪ ڪارج آهي. ٻولي آهي، محاورا
آهن، اصطلاح آهن، ٻولي جو واڌارو آهي، شاعري ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪري ٿي“ (۱)
سنڌ جي جديد ادب ۾
قومي ۽ سماجي جاڳرتا ڪيتري آهي؟، ان جو اندازو استاد بخاري کي پڙهڻ کانپوءِ لڳائي سگهجي
ٿو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کانپوءِ نج عوامي سطح تي اچي عوام جي مسئلن تي جهڙي
ريت استاد بخاري دل کولي لکيو آهي، ٻئي ڪنهن به نه لکيو آهي، ايتري قدر جو هڪ ڀيري
بخاري صاحب کي پاڻ اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته هن پنهنجي شاعريءَ جا ۳ حصا قومپرستيءَ واري فڪر تحت لکيا آهن. آئون
پنهنجي هن ريسرچ مقالي ۾ استاد بخاري جي شاعري ۾ موجود قومي جاڳرتا ۽ سماجي شعور کي
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ مان ئي مثال کڻي اهو تجزيو ڪنداسين
ته استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترو جاندار۽ اثرائتي نموني قومي جاڳرتا جي ڳالهه ڪري
سگهيو آهي.
استاد بخاري جي
شاعريءَ ۾ هڪ لحاظ کان جماليات ۽ رومانونيت کان وڌيڪ هڪ منظم ڪوششن سان سماجي پهلو
ملي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته استاد سنڌي قوم جي ڏکندڙ رڳ تي وڃي هٿ رکيو آهي. هن
سنڌي قوم جو نبض شناس بڻجي هن قوم کي لاحق بيمارين ۽ مسئلن کي چڱي ريت ڄاتو ٿي. استاد
هڪ باهمت، بهادر ۽ بيباڪ قلم ڌڻي هو، جنهن وڏي جرئت ڪري قوم کي وقت ۽ حالتن سان
مهاڏو اٽڪائڻ جو سبق ڏنو. استاد جي شاعري ۾ آمريت خلاف جڏهن نفرت ڀڙڪو کائي شعر جو
روپ ڌاري ٿي ته ڄڻ استاد هڪ پاسي ڏکويل ۽ پيڙيل ديس واسين جي ڦٽن تي پها رکندو هجي
ته ٻئي پاسي وري کين چوندو هجي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿين.
استاد جيئن ته عوام منجهان ئي هو، ان ڪري هو پيڙيل،
بکايل، ڏکايل، غربت ۽ بدحالي جي ور چاڙهيل ماروئڙن سان هر محاذ تي گڏ بيٺو نظر اچي
ٿو، سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد ناهي، تڏهن ئي ته هن لکيو:
ڪنول گل مان ڪوڪو
نه ٿيندو نه ٿيندو،
بخاري کان دوکو نه ٿيندو
نه ٿيندو،
ملهائي نه جو ٿڃ
جيجل جي لوڪو!
اهڙو ڪو به ٿوڪو نه
ٿيندو نه ٿيندو. (۲)
استاد هڪ وطن دوست،
جمهوريت پسند ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار قلمڪار هو، جنهن سمجهيو پئي ته قوم
سان غداري ۽ ڌرتي ماءُ سان بيوفائي جهڙو ٻيو ڪو به ڏوهه ناهي، اهو ئي سبب هو جو مٿئين
شعر ۾ هن ڌرتيءَ سان دوکو ڪندڙن جي نندا ڪئي آهي.
استاد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، سياسي ۽ سماجي طور
تي سنڌ لاءِ اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، ان ڪري هو پنهنجي شاعري ذريعي جاڳرتا جي هڪ
تحريڪ بڻجي پيو، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻيو. گونگن ۽ گگدامن جي زبان بڻجي
پيو، استاد مڪمل طور تي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ فڪرمند تخليقڪار هو، تڏهن ئي ته
هن لکيو هو:
هيءَ قوم پئي ڦٿڪي،
هي دل به پئي ٿي تڙپي،
هن قوم تي روئان يا،
هن حال تي روئان مان!(۳)
استاد قوم کي جاڳائڻ
پنهنجي لاءِ بنيادي فرض پئي سمجهيو، هن ڄاتو پئي ته کيس ئي پنهنجي ماڻهن لاءِ لکڻو
آهي، ڪُڇڻو آهي يا تڙپڻو آهي، ٻيو ڪير ڀلي لِکي نه لِکي، ڪُڇي نه ڪُڇي ۽ تڙپي نه تڙپي،
پر کيس ئي اهو قومي فرض نڀائڻو آهي.
مان ٻين وانگر
اکيون ٻوٽي سمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو
ڪير؟
مان به جي مدهوش ٿي
ليٽي پوان!
پرهه جا پيغام
پهچائيندو ڪير؟(۴)
فطرتي حسناڪين جي
شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته شاعر انسان جي جذبات ۽ فطرت ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ٿو،
هو ماڻهن جي شعور کي منظم ڪري نون نون احساسن کان واقف ڪري ٿو، شاعر جي سوچ ۽
احساس ۾ انساني امنگن جو روح رچيل هوندو آهي، شاعر فقط شاعرن لاءِ نه پر عام ماڻهن
لاءِ لکن ٿا. وليم ورڊس ورٿ جي هڪ شاعر لاءِ پيش ڪيل مٿئين وصف استادي بخاري تي
سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. بخاري صاحب به اجتماعي ۽ عوامي امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. ٽي
ايس ايلٽ پنهنجي مضمون ”شاعري جو سماجي ڪارج“ ۾ لکي ٿو ته شاعري پنهنجي زورَ ۽
تاثير جي مناسبت سان سڄي قوم جي ٻول، چال، شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي.
شاعريءَ جو سماجي ڪارج
جي حوالي سان هيل تائين جيڪي ادبي تحريرون سامهون آيون آهن، يا گفتگو ٿي آهي، ان
جو سمورو تت اهو آهي ته شاعر بنيادي طور تي ماحول جي نمائندگي ڪندڙ، قوم جي مسئلن
جو ادراڪ ڪندڙ ۽ انهن تي لکندڙ ئي هوندو آهي. شيخ اياز ڪنهن هنڌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ
لکيو هو ته ”مان ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، ساڳئي طرح بنا ڪنهن
وڌاءَ جي استاد لاءِ چئي سگهجي ٿو ته استاد به اسان جي ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي
مستقبل جو شاعر آهي“(۵)
استاد فطري طرح نه
رڳو سنڌ جي اجتماعي شعور جو نمائنده شاعر آهي پر هو رهبر به آهي، جنهن هڪ راهه ڏني،
ويساهه ڏنو ۽ اتساهه ڏنو آهي. ناز سنائي پنهنجي مقالي ”استاد سنڌ جو پورهيت شاعر“ ۾
استاد لاءِ زبردست ڳالهه ڪئي آهي، سا اها ته” استاد سنڌ جي سموري جدوجهد ۾ پوءِ
اها سياسي جدوجهد هجي، سماجي جدوجهد هجي، علمي ۽ ادبي جدوجهد هجي، ان سموري جدوجهد
۾ هو سنڌ جي ويڙهاڪ ماڻهن، سياسي ڪارڪنن سان گڏ رهيو آهي، سنڌ تي جنهن وقت به
سامراج طرفان وار ٿيو ۽ سنڌ جي جن به ماڻهن سرڪار سان سينو ساهيو، استاد بخاري
انهن سان گڏ بيهي رهيو“. (۶)
استاد ڄاتو پئي ته
سماج ۾ طبقا ئي رڳو ۲ آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، هڪ ڦرجندڙ، ٻيو ڦريندڙ، هڪ شاهوڪار، جاگيردار، امير
۽ ٻيو غريب، ڏتڙيل ۽ هيسيل. استاد اهو به ڄاتو پئي ته سنڌي ماڻهو ڪيڏو نه پوئتي
پيل آهي، ان ڪري ئي هڪ هنڌ هن لکيو هو ته:
“قيادت تي
ميار ضرور آهي پر اسان جي قوم ٻيو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، اسان جي قوم اديبن
جون لکڻيون پڙهي ٿي پر ٻڪرين جي ڌڻ وانگر مدي خارج قيادت کي چنبڙي پئي آهي. انهن
کان اڳتي نه ٿا وڌن، انهن جو احتساب نه ٿا ڪن، جيڪڏهن اسان جي قوم انهيءَ قيادت کي
ڳلي کان جهلي چوي ته اسان کي نٿا کپو ته قيادت خود بخود پويان لڳي ويندي. (۷)
استاد پنهنجي ٻولي،
قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ لکيو، پرمارن سان ويڙهاند ۽ پورهيت عوام سان ساٿ ڏيڻ
واري شاعري ڪئي، سندس وکر ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. استاد جا هيٺيان شعر سندس
قوم لاءِ اُلڪي کي چٽيءَ ريت بيان ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت اهو به ٻڌائين ٿا ته قومي ٻڌي،
ايڪي ۽ جدوجهد کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
جيڪو ڌارين جو
محتاج،
ڪڍڻو آ سو، رسم
رواج،
پنهنجا وَڍَ ۽
پنهنجو ويڄ،
پنهنجو سوچيو، پاڻ
علاج (۸)
يا وري هي ڪمال جون
سٽون، جيڪي پنهنجي جدوجهد جو ڏس ڏين ٿيون.
پنهنجون راهون پاڻ ٺاهيو
ساٿيو!
قافلي کي تيز ڪاهيو
ساٿيو!
ڄاڻ پهتئو، دور
ناهيون ساٿيو!
دل نه لاهيو، دل نه
لاهيو ساٿيو! (۹)
استاد ڪيڏي نه ڪمال
سان هڪ طرف پنهنجي مسئلن جو پاڻ علاج ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي وري اهو به چوي
ٿو ته ڌارين تي نه ڀاڙيو، قافلي کي تيز ڪاهيو ته جيئن منزل ماڻي سگهو. استاد حقيقي
معنيٰ ۾ سنڌي قوم جو وڏو نبض شناس هو، جنهن وڏي سليقي سان سنڌي ماڻهن جي ڪوتاهين ۽
ڪاهلي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ان تي ٽوڪ ڪئي اٿس ته هڪ پاسي سڄي سنڌ سورن ۾ آهي ته ٻئي
پاسي وري اسان شهپر وٽيندا هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون.
سنڌ جي سورن جو، ڪونهي
آند پاند،
گهر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي،
ڪمزور ڏاند،
پوءِ به شهپر کي وٽيندي
پيو چوي،
سئوٽ سان ڪرڻو اٿم
جلدي پلاند (۱۰)
قوم لاءِ هن کان وڌيڪ
ڀلا ٻيو ڪهڙو فڪر ٿي سگهي ٿو جو ان کي مڙسيءَ سان ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ
سان محبت ڪرڻ جو درس ڏجي. جيئن هيٺين شعر ۾ استاد اهو فرض نڀايو آهي.
پوک، مزدوري، هُنر،
ڌنڌو، پڙهو!
رات توڙي ڏينهن، مڙسيءَ
سان ڪمايو دوستو،
جهنگ ۾ پکڙي وڃو، شهر
کي چُهٽي وڃو،
پنهنجي ڌرتيءَ تي
قدم، پنهنجا ڄمايو دوستو. (۱۱)
قومي شعور جو هي ٻيو
مثال به ڪيڏو نه ڪمال جو آهي، جو ماڻهن کي استاد چوي ٿو ته سڄي سنڌ کي سنواريو ۽
نينهن نڀايو.
مٺيءَ کان ڇِني، شاهبندر
کان ر يتي،
سڄي سنڌ پنهنجي
سنواريو، سجايو،
ٻنين ۾، مِلُن ۾، ڪمايو،
ڄمايو،
”سدا سنڌ
جيئي“ جو نعرو لڳايو. (۱۲)
استاد هڪ معاشيات
جي ماهر جيان اهو ڄاتو پئي ته قوم جي گهڻن مسئلن جو حل ان جي معاشي طور تي مضبوط
هجڻ سان آهي. بيروزگاري جي خاتمي ۽ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهو علم به
حاصل ڪري ته هُنر به، ٻنين کان ويندي مِلُن تائين ۽ ٻهراڙين کان ويندي شهرن تائين
وڃي ڪمائي ۽ ڌرتي سان نينهن نڀائي.
استاد قوم ۾ هر وقت
عزم، حوصلو، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو آهي ته جيئن قوم مايوسي کي ڇڏي نجات لاءِ اڳتي وڌندي
رهي.
هي ضروري ناهي، هر
هر زلزلو پيدا ڪجي،
قوم ۾ ليڪن، مسلسل
ولولو پيدا ڪجي،
مشڪلاتون اينديون
رهنديون، پر ٻڌو مشڪلڪشا!
هر قدم تي هوش سان
گڏ حوصلو پيدا ڪجي. (۱۳)
يا وري هن شعر ۾ ڪيڏو
نه قومي شعور ڏنو اٿس.
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو،
ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگي جي آرزو ۾، جستجو
ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا
هلو، وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا
جڏهن بيهي نه ٿي). (۱۴)
استاد هڪ نفسيات
دان جيان سنڌي قوم کي مايوسي ڇڏي ڪنهن بيساکي بدران پنهنجي پيرن تي پاڻ هلڻ به
سيکاري ٿو ۽ اهو طريقو ٻڌائي ٿو ته ڪيئين مسلسل ميدان ۾ هلڻو آهي ۽ رڳو حوال ڪرڻ
بدران عمل جي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي.
ويٺي ويٺي وات جي
رَد ڪَدُ مان ڪهڙو فائدو،
جو ڪِري، اٿندو، اُٿي
هلندو، اهو وڌندو پيو. (۱۵)
۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿورڙي ئي عرصي ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو.
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ڪات ڪهاڙا کنياويا ته اهي سياسي حالتون سنڌ تي گهرو اثرانداز ٿيون.
هڪ خوف طاري ٿي ويو ته ٻولي به شل زندهه رهي. ان وقت استاد بخاري به ٻين قلمڪارن
سان گڏ ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ اڳين محاذ تي بيهي رهيو. اهڙي ريت استاد هڪ رهبر
شاعر جي حيثيت سان عمل جي ميدان ۾ اچي للڪاري ٿو ۽ هڪ قومي تحريڪ بڻجي پوي ٿو.
قوم زندهه ٿي رهي، جي
زبان زندهه رهي،
مامتا مَرڪي مَلهي،
پر جي امان زندهه رهي،
توسان، ها توسان، او
سنڌي قوم، آ منهنجو وجود،
تنهنجو شان زندهه
رهي، پوءِ منهنجي ”مان“ زندهه رهي. (۱۶)
استاد سنڌيت جي
جذبي سان سرشار هڪ مڪمل قومي شاعر آهي، جيڪو چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته هڪ شاعر کي
پنهنجي ٻولي جي دفاع لاءِ ڪيئن ۽ ڪيترو اڳتي اچڻو آهي ۽ اهو ئي ستل قوم کي جاڳائي
سگهي ٿو. ان ڪري ئي سنڌي ٻولي تي جڏهن وار ٿئي ٿو ته استاد هينئن به صدا هڻي ٿو.
مري غالب نه ٿو، مان
ڇو مران،
فراز ۽ فيض وانگر، پيو
جِيان،
ڀٽائي کي چيم، بابا
ٻڌو،
بچي سنڌي ته مان ڀي
ٿو بچان. (۱۷)
استاد سڏڪڻ، روئڻ
يا رڳو خواب ڏسڻ جي مرحلي مان نڪري عملي جدوجهد ڪرڻ جو به سڏ ڏئي ٿو، جنهن جو
زبردست مثال هيٺيون شعر آهي.
ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ
ڇڏي ڏيو،
سڀاڻي جي خوابن تي ٽهڪڻ
ڇڏي ڏيو،
اڄوڪو ڏهاڙو، اُٿڻ
جو اَٿوَ،
سوالن جوابن تي
اُلجهڻ ڇڏي ڏيو. (۱۸)
استاد بخاري پنهنجي
شاعري وسيلي اهو شعور به ڏنو ته ڪيئن مشڪل حالتن مان به دليري سان لنگهي منزل طرف
وڌي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هيٺيون شعر آهي.
لنگهي لَڪ سوڙها، وڌي
دَڳَ ڀرا ٿيو،
تِکي ڊوڙ پائي، وڌي
جَڳَ ڀرا ٿيو،
جا منزل ملي ٿي، اها
ئي چوي ٿي،
اڃا اڳڀرا ٿيو، اڃا
اڳڀرا ٿيو. (۱۹)
نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان
جو علاج،
نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾
اسان جو علاج
ڌِيون پٽ، سڀئي، سنڌ
ڌرتي ڄڻيا،
اٿي پئو، اٿڻ ۾
اسان جو علاج. (۲۰)
آمر ضياءَ جي
مارشلا وقت جڏهن سنڌين کي پيڙيو ۽ هيسايو پئي ويو، تڏهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪا
ايم آر ڊي تحريڪ هلائي وئي، ان ۾ عوامي سطح تي جوش به استاد بخاري پنهنجي جوشيلن
شعرن وسيلي پيدا ڪيو، سندس شعري مجموعو ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ ان جي گواهي ڏئي ٿو.
ڊڄي ڪينَ ڊُڪيا، سٺئون
گوليون سامهون،
جُهريا ڪينَ جهُڪيا،
سنڌو تنهنجا سورما. (۲۱)
استاد بخاري ”هڙئي
هيڄ وطن جا“ ۾ چٽيءَ ريت پنهنجو فلسفو بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته جيڪو محنت ڪندو،
سو ئي منزل ماڻيندو، سو ئي سُک ماڻيندو ۽ سو ئي بخت تي حڪمراني ڪندو.
صبح سانجهيءَ هلو،
زندگي ۽ ٿَڪو، ؟
ڊوڙ پايو، وڌو!
ڇو ته مشهور
آ، جو اڳي سو تَڳي
وقت ڪنهن جو نه آ،
بخت ڪنهن جو نه آ،
تخت ڪنهن جو نه آ،
ڇو ته مشهور آ، جو
وهي سو لهي. (۲۲)
هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو
شعور ٿي سگهي ٿو ته استاد قوم کي چوندو هجي ته دشمن ۽ سڄڻ جي شناس ڪيئن ڪرڻي آهي؟”
ڪو ڪِيلي چيڀاٽي ته
پاپي چئون ٿا،
ڪو قومون ئي ماري ته
پوءِ ڇا چئون؟
ڪو هڪ ٽار ساڙي ته
ناحق سڏيون ٿا،
ڪو ٻيلا ئي ٻاري ته
پوءِ ڇا چئون؟. (۲۳)
بخاري مٿئين شعر ۾
انهن حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن آمريت جي دور ۾ سنڌ تي ظلم ۽ ستم جو دور هلي
رهيو هو.
فقط هڪڙو گهر ڪو لُٽي
ڪو ته ڊاڪو،
سڄي سنڌ جيڪي لُٽن ٿا،
اهي ڇا؟. (۲۴)
استاد هڪ مزاحمتي ڪردار
آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ غاصب، لُٽيري، غدار ۽ ماڻهن جا حق کائيندڙ وڏيري لاءِ للڪار
بڻجندي رهي آهي.
منهنجا مارو مرده
باد ته تون به وڏيرا مرده باد،
حق جا نعره مرده
باد ته تنهنجا عهدا مرده باد. (۲۵)
ٻڌي ۽ ايڪتا جو سڏ هن
کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو استاد عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي سادي، سولي لهجي
۽ انداز سان پئي سمجهايو آهي ته ڪيئن مِڙي مُٺ ٿجي.
وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏو
ميڙ ٺاهيو،
جهُڪي ڏاڍ، ايڏا، وڏا
ٿي وڃو،
ڪراچي کان ريتي، يڪو
ميڙ ٺاهيو،
ڪروڙين ملو، ايڪتا ٿي
وڃو. (۲۶)
”حب الوطني
انسان جي هڪ قديمي جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي، جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽
انهن جون مخصوص تهذيبون، ملڪ ۽ انهن جون سرحدون زمانن کان پنهنجي جاءِ تي موجود
آهن. حب الوطني انسان جي عظيم ميراث آهي. (۲۷)
استاد بخاري ويهين
صديءَ جي شعور کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي، سماج کي اهو پيغام ڏنو اٿس ته وقت جي رفتار
سان نه هلندئو ته پوئتي رهجي ويندئو.
ڊُڪو نه ته يار، پويان
اڳ ڪڍي ويندا،
اسان کي ڌوڙ، اکين
۾ وجهي ويندا،
سنڀالي ڊوڙجو، رستو
ڏکيو آهي،
جي ٿاٻڙيا، ڪِري، چِپِجي،
مري ويندا،
ٻريو ٻاريو، ڏيئي
مان آ ڏيئو ٻرندو،
ائين اونداهه جا لاشا،
سڙي ويندا،
خلائي دور آ، ويهين
صدي آهي،
جي ماضيءَ ۾ لِڪا، ٻوساٽجي
ويندا. (۲۸)
سراج استاد بخاري
جي شعري مجموعي ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جو مهاڳ ”جهرمر تارا جهول ۾“ جي نالي سان لکيو آهي،
جنهن ۾ سراج لکي ٿو ته ”شاعري پيغمبري تڏهن بڻجندي آهي، جڏهن اها انسان جي اجتماعي
جذبن، احساسن، ڪرب ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ۽ هم قدم هجي، اها ئي ڪسوٽي آهي، جنهن تي ڪنهن
به شاعر جي عظمت ۽ اهميت کي پرکبو آهي. استاد بخاري جي شاعري به ائين لڳي ٿو ته سنڌ
جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي لفظن ۾ اوتجي ويو آهي“.
استاد قوم جو وڏو
نبض شناس ٿو ڏسجي، تڏهن ته هن ان تي ڳوڙهو اڀياس ڪريو هو ته ڪيئن نه سنڌي ماڻهو
خسيس جهيڙن، تڪرارن، ڦڏن ۽ فسادن ۾ ڦاٿل آهن. ڪيئن نه اهي انفرادي مفادن کي قومي
مفادن تي ترجيح ڏين ٿا. سنڌين کي اجتماعي قومي شعور ڏيڻ لاءِ بخاري کي پنهنجي ڪل
شاعريءَ جا ۳ حصا قومي فڪر جي جاڳرتا لاءِ ڏئي ڇڏيا.
آئون ٺاهيان گيت ٿو،
استاد ڳاءِ،
ڪنهن نموني قوم کي
جاڳائجي. (۲۹)
استاد قوم کي مسلسل
محنت ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو سبق هن ريت ڏنو.
پڙهيل ماڻهو، ڀُليل
ماڻهوءَ کي سمجهائي،
پڙهائيءَ جي ائين
تحريڪ ٿي ويندي. (۳۰)
محنت ۽ سخت محنت، هن
وقت جي تقاضا،
جو وقت کان لنوائي،
سو پاڻ کي گنوائي. (۳۱)
علي دوست عاجز
پنهنجي ڪتاب ” آديسي استاد“ ۾ لکي ٿو ته “بخاري صاحب جي ڌرتي ۽ مٽيءَ سان محبت ۽
تعلق تي غور ڪبو ته حيرت جي ڪا حد ئي نظر نه ايندي، کيس ان ڳالهه جو پورو پورو يقين
هو ته سندس وجود سُڃاڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، هن ئي مٽيءَ سان آهي، ان جا هن وٽ واضح دليل
به هئا، جيڪي دلي به هئا ته فطري ۽ سائنسي به. (۳۲)
نتيجو
مٿئين سموري بحث، مثالن
۽ سمجهاڻين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته استاد بخاري سنڌ جي ضمير جو آواز آهي. استاد سنڌ
جي دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي ۽ سندس شاعري ۾ جيڪا قومي جاڳرتا ملي ٿي، ان جو
مثال ورلي ملي ٿو. هن تحقيق جي نتيجي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته استاد سنڌ جو اهو قومي
شاعر آهي، جنهن قوم کي جاڳائڻ، جنجهوڙڻ کان علاوه کيس جدوجهد جي ميدان ۾ اچي
پنهنجا حق وٺڻ جي به تاڪيد ڪئي آهي ۽ پاڻ به اڻانگهن پيچرن تي انهن سان گڏجي پئي هليو
آهي. استاد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهڙو شاعر آهي، جنهن فڪر ۽ فلسفي سان سنڌ جي آجپي جي
راهه ڏني، جنهن راهه تي هلندي سنڌ لاءِ سک ۽ آجپو آڻي سگهجي ٿو.
ببليو گرافي
۱. ڪانڌڙو انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۴۵/. . ۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن
۲. بخاري استاد -لهر لهر دريا/ ۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۳. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۱۴/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ
۴. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ ص ۱۵/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ
۵. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۴۰/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ
۶. ڪانڌڙو آزاد انور/استاد بخاري، فن ۽ شخصيت/ ص ۲۲/۲۰۱۰/ثقافت کاتو سنڌ
۷. ڪانڌڙو آزاد انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۶۸/۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن
۸. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۱۳/۲۰۰۴
۹. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۳۲/۲۰۰۴
۱۰. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ ص ۲۰۷/۲۰۰۴
۱۱. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص/۲۰۷/۲۰۰۴
۱۲. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۲۰/۲۰۰۴
۱۳. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۳۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۱۴. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۴۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۱۵. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ ص ۴۳/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۱۶. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۵۴/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۱۷. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۶۵/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن
۱۸. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۴۱/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر
۱۹. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۳۵/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر
۲۰. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص/۴۲ / ۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر
۲۱. بخاري استاد/ڪاري ڪڪر هيٺ/ص۹۷/۱۹۹۱
۲۲. بخاري استاد/هڙئي هيڄ وطن جا/ ص ۱۵۸/۱۹۹۸/سنڌي ساهت گهر
۲۳. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/ ۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر
۲۴. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر
۲۵. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۲۸/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر
۲۶. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۴۴/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر
۲۷. شمشيرالحيدري/سنڌي شاعري جو اڀياس/ص ۱۲۲/
۲۸. بخاري استاد/گيت اسان جا جيت اسان جي/ص ۸۴/۱۹۷۱
۲۹. بخاري استاد/اوتون جوتون/ ص ۲۳۵/۱۹۸۵
۳۰. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۵۷/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد
۳۱. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۶۴/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد
۳۲. عاجز علي دوست/ آديسي استاد/۲۰۰۵/روشني پبليڪيشن
استاد بخاري
مچن ۾ شوق نچيو هو
علي دوست عاجز
”آئون شاعري،
موسيقي ۽ مهريءَ سان ليکا نه ڪري سگهندو آهيان ۽ ان مان عيب، وڏون به وس ڪندي نه ڪڍندو
آهيان ۽ انهن جي انتخاب ۾ انصاف به نه ڪري سگهندو آهيان. “ انهن نثري جُملن کي ڇڏي،
بخاري صاحب جي شاعريءَ کي جاچبو ته اها عشق ۽ موسيقي جي رنگن جو اهڙو شاهڪار نظر ايندي،
جهڙو وٽس ڏات ۽ فن جو سنگم هو- استاد جي زندگي توڙي شاعري عشق جو هڪ اهڙو اعلي
نمونو هئي، جنهن کان سواءِ ڪو شهپارو جنم وٺي ئي نه ٿو سگهي! عُمر جي آخري ڏينهن ۾
مون کانئن پڇيو ته: سائين، هن عُمر ۾ به عشقيه شاعري تخليق ٿئي پئي؟
پاڻ مرڪيو ۽ تازي
غزل جون ڪجهه سٽون ٻڌايائين:
عشق کي شرمسار ايڏو
نه ڪر!
هاڻ پيري ۾ ته خوار
ايڏو نه ڪر!
استاد هميشه عشق ئي
ڪيو،
پوءِ اهو دلبر جو هو
يا ڌرتيءَ جو!
سنڌ ۾ ڪو عشق ڪندو،
ته چوندا، ’ڪاري (بلا) تي پير پيو ٿس!’ پر هُو ان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو!
بلا تي پير نه پيو
هو، جو ڇال ڏئي بچجي،
کنوڻ کي ٻانهن ٻکيو
هو، اهو به ٿو وسري!
هُو عشق کي پنهنجو
پڳ مٽ يار چوندو هو، پر جڏهن کانئُس ڪنهن پُڇيو ته، عشق ڪنهن سان ٿو يا محبوب ڪير ٿو،
ته جواب ۾ نٽاءُ! ڪجهه به نه چوڻ جي باوجود سڀ ڪجهه چوڻ سندس طبيعت هئي. ڪنهن شيءِ
کي بلڪل واضح ڪرڻ جي باوجود ڪنهن پرٽيڪيولر شيءِ ڏانهن اشارو نه ڪرڻ سندس انداز
هو:
جيڪو ڏاڍو محجُوب آ،
سو منهنجو محبوب آ،
ڏسون ڪير ٿو شرمائي،
هن هيڏي محفل ۾!!
سو هُن ڪڏهن به
نالو نه کنيو، ته متان ڪنهن جي ذات تي حرف اچي!
شريعت ظاهر تي آهي،
تنهن ڪري هُو به هميشه جسماني جوڙ، سُونهن ۽ لاڳاپي جو قائل رهيو. ”شادي هجي يا
غمي، اسپتال هجي يا ڪنهن سياسي جلسي جو پنڊال، بهرحال مرد، عورت جو لاڳاپو هڪ ٻئي ڏانهن،
ڪشش جو جذبو اٽل آهي!“
۽ محبت جي سهڻي،
سڀاويڪ، سرهي ۽ پياري لاڳاپي ۾ عورت کي بنيادي، سگهارو ۽ اڳڀرو سمجهندو هو. سسئي
جي لائڻ، توڙ نڀائڻ کي هزار داد ڏيندو هو ۽ کيس عورت جي غيرت جو تاريخي مثال ڪوٺيندو
هو. سهڻيءَ کي سو سلام ڪندو هو. “سهڻي سنڌي عورت جي اندرين ديد ۽ عشق جي نمائندي
نار آهي. ” زليخا کيس بار بار ياد ايندي هئي. استاد جي محبوب جو پيرو کڻڻ بجاءِ
استاد جي نظرن جو پيڇو ڪبو، ته خبر پئجي ويندي ته اهي ڪٿي هُيون! سندس عُقابي
نظرون سندس دل جي شوق جو پتو ٻڌائن ٿيون. ”نه جي دل عقابي نظر ڇا ڪري!“
جُهڙ، واءُ ٿڌو، مينهن
جي ڦوهار آئي،
هڪ سيءُ سنهو، ٻيو
توکي چولو سنهڙو،
ٽيون سرنهن جي ڦُولار
جو اولو ڇڊڙو،
مون تون کي اچي
گاهه ڀري ٻڌرائي،
هٿُ هٿ سان مليو شاڪ
لڳي، لهر آئي!
سونهن پرست ۽ حسن
پُڄاري ته مشهور هو، پاڻ چوندو هو، ’جيڪڏهن قبر به سهڻي هجي ته، مان مرڻ ۾ هوند دير
ئي نه ڪريان. ’ کيس خبر هئي ته، اهڙو گل ئي ڪونهي، جنهن تي ڀنئور ڀيرو نه ڏٺو هجي،
اهڙو وڻ ئي ڪونهي، جنهن کي واءُ نه لوڏيو هجي، اهڙو گهر ئي ڪونهي، جنهن سڪ جو سودو
نه ورتو هجي، اهڙي دل ئي ڪانهي، جنهن ڪو صدمو نه سٺو هجي!’ ”اهڙي نڀاڳي نرڄي جواني
مون کي نه ٿي سُجهي، جنهن جي لڱن کي لهس نه آئي هجي!“
دل ڦُري ناهي جنهن
کان ڪنهن ڦوروءَ،
ڪا بلا آهي، آدمي
ناهي!
سهڻي صورت جي جادوءَ
۾ ته آدم، حوا جا سڀ پوٽا پوٽيون سوگها آهن. اهڙو ڪو نڀاڳو چنڊو مون کي نه سُجهي، جو
خوبصورتيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيل نه هجي. “
بخاري جنهن مڪتبه فڪر
جو رهيو، ان بابت تحرير فرمايائين ته:
”آئون پروفيسر
فرهاد ايرانيءَ جي محبت، محنت ۽ فن گاڏڙ فلسفي جو پوئلڳ پئي رهيو آهيان. صفا سنڌي
نڪتئه نظر کان بيدل، بيڪس، سچل، لطيف (جي سونهن پرستي) جو پرتوو مون تي به پيو آهي.
شروعات ۾ بيدل، بيڪس ۽ پوءِ پڇاڙيءَ تائين سچل ۽ لطيف سڀني وصفين حاوي رهيا. “
سهڻي صورت سان گڏ
جن نقشن ۽ انگن سندس نگاهه کي ونگيو ٿي، تن جو ذڪر به سندس تحرير ۾ موجود آهي:
”هن ذري ذري
سندس سنهڙن چپن جو ذڪر پئي ڪيو. ان مان ظاهر پئي ٿيو، ته هن شاعر يا ليکڪ جي پسند
سنهڙا چپ آهن. ڪاش، اهو کولي پُڇانس ها ته ٻيو توکي سهڻن يا سهڻين جا ڪهڙا اطوار، اُهڃاڻ
وڻندا آهن! ڇو ته، مان سنهڙي چيلهه، وڏين کليل روشن اکين، موزون ٿُلهن (ڀريل) چپڙن
۽ ڏندن جو ماريل يا موهيل آهيان. ايئن ٻيا وري ڪن ٻين وصفن جا! افسوس ته، هنن
همراهن ڀُلجي به ناريءَ نازڪ اندامن جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيو. شايد ان ڪري جو اسان وٽ
اهي ڪارن ڪوٽن، ڪارن پردن، ڪارن برقعن ۽ ڪارن قانونن ۾ قيد آهن. اهي اسان سان کُلي
گڏجي کلن، اٿن ويهن، گهمن ڦرن ئي ڪٿي ٿيون، جو اسان ان ميوي جي مٺاڻ، رس، خوشبوء
کان ڀرپور سرور وٺون. . !“
استاد جي اندر جي
عشق ۽ حسن جي ڪشش کيس زندگيءَ جو عاشق بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ هو هر تڪليف کي تفريح
سمجهڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جو هيءَ زندگي کيس ڏاڍي مختصر لڳي. ’هجن لک حياتيون ڪو
لُطفڙو ٿئي!’
موهه ۽ محبت جي لطف
۽ لئه جي ڪري هي دنيا سُهڻي ۽ پرڪشش ٿي پئي هئي:
جيئن سندس طبيعت ۾
جذبات ۽ شوق سان گڏ فڪري گهرائي وڌندي وئي، تيئن سندس محبت ۾ به وُسعت ايندي وئي ۽
سندس دل جي دائري ۾ ڪانهه توڙي ڪتيون، ستارا ۽ ٻارا، چيٽ ۽ چانڊوڪيون هڪ ٿي ويا!
”سرتيءَ، سونهن
سان گڏ، ڌرتيءَ، سونهن، پنهنجي لُونءِ لُونءِ جي لوڇ سان لوءِ، لوءِ جي لوڇ شامل ٿي
وئي ۽ مجاز حقيقت جي صورت ورتي!“
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
استاد بخاري
زندگي سج ٿي اڀري وڃي
نياز مسرور بدوي
سنڌ جي مهان ڌرتيءَ
تي ڪيترن ئي دولهه دريا خانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ـ سرتي جي سينڌ سنوارڻ
لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ڪارن ڪڪرن هيٺ جھيڙيندي، گولن کي گجرن تي ترجيح ڏيندي، گجرا
قربان ڪري گولن سان ياري رکي، پير نه پوئتي هٽايا هوندا ۽ وطن ۾ ويساهه رکندي، زندگيءَ
جي آخري پهر تائين مارئي کي ماندي نه ٿيڻ جي پڪ ڏياري هوندي ۽ هر لمحي کيس آٿت ڏيندي
بار بار اهو چيو هوندو ته جي گھڙيا سي چڙهيا. دل ۾ ولولو ۽ ووڪ رکندي پنهنجي جيون
بابت چيو هوندو ته “هڙئي هيج وطن جا”. اهڙن محبتي ۽ گڻوان انسانن منجھان استاد
بخاري به هڪ هو، جنهن جي جيون سرشٽي ۾ پيار، محبت، خلوص، انسانيت، سچائي، سورهيائي،
سنڌ پرستي، عزم، خودداري، درشٽي بڻجي، سنڌ ڌرتي جو آواز بڻجي جھنگ جھر ۾ گونجڻ لڳو.
استاد بخاريءَ جي
شاعري پنهنجي اندر ۾ هزارين درد سانڊي رکيا آهن ۽ انهن جو درمان بڻجي، سندن مسيحا
بڻجي، کين خوابن جي دنيا مان جاڳائڻ لاءِ احمد شاهه مان استاد بخاري بڻجي ويو.
استاد بخاريءَ جي
شاعريءَ ۾ گوناگون رنگينيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا، جذبا، حقيقتون،
محبتون، نفرتون، سچايون، ايمانداريون واضح طور تي نظر اچن ٿيون. استاد جي ادب سان،
ڌرتيءَ سان جيڪا وابستگي ۽ عشق آهي، اهو تمام گھٽ شاعرن کي پلئه پوندو آهي ۽ ان
عشق محبت ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي موٽ ۾ سنڌي سٻاجھڙن ماروئڙن جيڪو پيار استاد
بخاريءَ کي ڏنو آهي، اهو پيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي.
استاد بخاريءَ جو
زندگيءَ بابت تصور واضح هو ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت چٽو موقف رکندو هو. استاد بخاري
قول سان گڏ فعل جو به حامي هو. استاد زندگيءَ بابت سدا بهار نظريو رکندو هو. سندس
اهو ايمان هو ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري وڃجن جو زندگي سدا جوان رهي ۽ ماروئڙن جي مٿان
ڇپر ڇانورو ڪري سندن زندگيءَ ۾ سوين سج اڀاري وڃي. استاد بخاريءَ جي نظر ۾ زندگي ٿڌڙي
هير نه آهي. جيڪا گھلي هلي وڃي. بقول سندس زندگي جدوجھد ڪشمڪش جو نالو آهي. زندگي
خوابن جي دنيا ۾ رهڻ جو نالو نه آهي، بلڪ زندگي حقيقتن جي جھان کي فتح ڪرڻ جو نالو
آهي. غمن ۽ ڏکن کي تسخير ڪرڻ جو نالو آهي.
زندگي ڪا هير نه
آهي جو گھلي گذري وڃي.
زندگي پاڻي پکي نه
آهي، جو اچي اڏري وڃي.
زندگي ڪو فصل نه
آهي، جو پچي لٽجي وڃي.
زندگي جڳ جڳ جوان، جي
سج ٿي اڀري وڃي.
استاد بخاريءَ جي
شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز فقط ۽ فقط عشق ۽ پيار آهي. اهو پيار جو حسن کي پوڄي ٿو، ڌرتيءَ
تي سر نوائي، پنهنجي پيشانيءَ کي ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي رکي، ان کي سجدا ڪري ٿو ۽ بوسا
ڏئي ٿو. ماروئڙن جي سڏڪن تي سندس فن به رانڀان ڪرڻ لڳي ٿو ۽ سندس قلم سڏڪن جو ساٿاري
بڻجي انقلابي گيتن جو ساڪشي بڻجي اهڙا ته نظم ۽ گيت لکرائي وڃي ٿو، جيڪي استاد
بخاريءَ جي اندر جو آواز هجڻ سان گڏوگڏ غريب لوڪ جو آواز بڻجي، آمرن جي ظالم
ايوانن کي ڍير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن رهن ٿا.
ديس جي دز سڏ ڪندو،
سنگھندو وتين،
دودي، هوشو جي مٽي
ميڙيان ٿو پيو،
سنڌ جي تاريخ ۾
ترندي سڄي،
رهزني ۽رهبري ميڙيان
ٿو پيو.
سامراجي دٻدٻو
دفنائبو،
انقلابي آدمي ميڙيان
ٿو پيو.
لفظ لاٽون لاٽون
شعلا شعلا شعر،
شاعريءَ ۾ روشني ميڙيان
پيو.
استاد بخاريءَ جي
شاعري غريبن جي خلاف يزدان خلاف فرياد آهي. استاد بخاريءَ پنهنجي سونهن ورني
شاعريءَ ۾ هر ان دانهن کي ورنايو ۽ ورجايو آهي، جنهن غريبن لاءِ آزار پيدا ڪيو آهي
۽ انهن جي زندگيءَ کي اجيرن بڻايو آهي. استاد بخاري انهن مظلومن جو آواز بڻجي ظالم
خلاف ڪوڪاريو آهي ۽ انهن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي ۽ پنهنجي عمل سان اهو باور ڪرائڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته مقدر جي تقدس کي تدبير سان بدلائي سگھجي ٿو.
يزدان ٻڌيون ڪو نه
ته بس مان ئي ٻڌان ٿو،
مظلومن جي ڪوڪن کي
ننڌڻڪو نه ڇڏيان ٿو،
جي ڪوڙ سڙي ٿو ته سڙڻ
ڏينس سڳورا،
سچ، مچ لڳي ٿو تهلڳڻ
ڏينس چوان ٿو،
ڇا عرش ڪڏهن فرش جي
لاشي تي لڇيو آ،
هن هن جو چوان ڪو
نه ٿو “اصغر” جو چوان ٿو،
زنجير ستمگر حق، مقدر
جو تقدس،
ڪا وڏي ڳالهه ناهي،
ڇڪي نوڙ ڇنان ٿو،
“استاد” کي
هن دور جو فرياد ئي سمجھه،
ايوان ۽ انڌير مگر ڪيس
وڙهان ٿو.
استاد جي شاعري حسن
جي تعريف ڪندي ڪڏهن به نه ڍاپي آهي ۽ نه ئي حسن جي ساراهه ڪندي استاد بخاريءَ جو
قلم لرزيو آهي ۽ نه وري لفظن کي ٿيڙ آيا آهن. پر استاد بخاريءَ وٽ لفظ قرب ڪڏندي ۽
نچندي نظر اچن ٿا. لفظن ۾ خوشبوئن جا هڳاءَ شامل آهن، جيڪي روح طراوت بخشي ڇڏين ٿا.
هڪ حسن جلوو، پنهنجا جلوا پسائيندي، اکين آڏو رقصان نظر اچي ٿو. ان حسين محبوب جي
حسن جي واکاڻ ۾ به پنهنجي پڊن، ماڳ مڪانن کي استاد بخاريءَ نه وساريو آهي. محبوب
جي حسن جي ساراهه ۾ اهڙيون ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ عام تشبيهون ڪم آنديون اٿائين،
جيڪي استاد بخاريءَ کان اڳ، اهڙيون ڪنهن به استعمال نه ڪيون آهن ۽ اهي تشبيهون سندس
تخيل جي طاقت سان عام بدران خاص بڻجي ويون نآهن.
بدن تنهنجون ڀوريون
ڀٽون ٻيٽ جون،
مٿان ويس چوڏهينءَ
جون چانڊوڪيون،
وڏا وار ساگر جون
لهرون ڊگھيون،
سنهي چيلهه ٻيڙيءَ
جي سڙهه جون رسيون،
ڇهيو نرم ڪرڻن
چريون آڱريون،
سڄي جان ڇوليون مٿي
کان تريون،
وڳا انگ تي چنگ
لهرا ته هئا،
ڇهاون جا نغما
سنهرا ته هئا.
استاد بخاري سنڌ جو
هڪ عظيم شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي
اڏام تمام اونچي آهي ۽ گھرائي بي انت آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي جيترو غور
۽ فڪر سان پڙهيو، سمجھيو ۽ پرکبو، اوترا ئي معني جا موتي پلئه پوندا. سندس شاعريءَ
۾ تشبيهون، تمثيلون، تلميحون سمايل آهن، جيڪي استاد جي شاعريءَ جي روشنيءَ کي جھڪو
ٿيڻ نه ڏينديون. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو سندس
شاعريءَ ۾ ڪم آندل لفظ تمام سادا ۽ عام فهم آهن ۽ پنهنجي اندر گھرو مفهوم سنڀاليون
ويٺا آهن. استاد جي شاعريءَ ۾ قهر جي رواني آهي، جيڪا انسانيت جي معراج آهي.
شيطان ڇا يزدان کي
شڪايت آهي،
ڪنهن جي به اڳيان ڪو
نه جھڪي پيو آهي.
(هي مضمون اڱارو ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع روزاني سوڀ ڪراچي ۽ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع ٿيو)
استاد بخاري جي شاعري ۾
انسانيت جو فڪر!
فاروق احمد سرگاڻي
استاد بخاري جي نالي چوندا آھن
ته ھو عوامي شاعر آھي، جنهن عام ڳوٺاڻي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي.
مان استاد کي عوامي نه بلڪه
طبقاتي، رومانوي، انقلابي، مزاحمتي، وطن دوست، سچ جي پرچار ڪندڙ شاعر چوندو آھيان،
ڇو ته استاد اسان جي وچ ۾ صدين تائين زنده رھندو.
اھا ڳالهه شيخ اياز به لکي آھي،
ھو پنهنجي ڪتاب“ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو. “عوامي شاعر وقتي
ھوندا آھن، شاھه لطيف عوامي شاعر نه ھو، جي عوامي شاھر ھجي ھا ته ھن جون ايتريون
تشريحون لکيون نه وڃن ھا”.
جيڪڏهن استاد جي شاعري ۾ سونهن ڏسجي
وري فني حساب سان جيڪي لفظن جو ويس پارايون اٿس ان جو مثال ھن جي شاعري آھي. وري ٻولي
ته ايڏي سولي سھنجھي اٿس. جنهن جي ڪري سنڌ جي ھر عام ھاري ۽ ناري کي ان جا شعر ياد
ھوندا آھن.
استاد پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏاڍ
۽ ڏھڪاءَ جي نظام جي نندا ڪري ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اھو ٻڌائي ٿو ته اسان جي بقا
انهيَ ۾ آھي، اسان اھڙي ڪني سماج مان جان آجي ڪرايون.
ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست
ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان!
ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت
ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان!
سنڌ جي شاعرن وٽ عالمي ليول جو فڪر
ھوندو آھي، اھو کڻي لطيف، اياز ڇو نه استاد بخاري ھجي، انهن وٽ سموري انسان ذات
لاءِ محبت آھي.
اھي پنهنجي شاعري ۾ سموري انسان
ذات کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيندا آھن ته امن پيار محبت ۾ ئي انسانيت ۽ انسان جي ڀلائي
شان مان آھي.
پر دنيا جي تاريخ شايد آھي ته
اھو انسان ئي آھي جنهن ھماليه جبل جي چوٽي سر ڪئي آھي اھو بھادر، ھمت ڀريو آھي.
اھو به انسان ئي آهي جيڪو ماضي
جي ڀيانڪ دور کي ختم ڪري اڄ جي دور ۾ پھتو آھي، انسان بھادر به آھي، دلير به آھي، ڊڄڻو
به آھي، فسادي به آھي، ويڙھو به آھي. دنيا جي تاريخ ۾ يونان کان ويندي فرانس تائين
جنگيون لڳيون آھن.
اھو به انسان آھي جنهن ٻئي
انسان جو رت وھائي خوشي ماڻي آھي، اھو کڻي قديم روم جو زينو بادشاھه ڇو نه ھجي
جنهن ٻين جي گهر کي ساڙي خوشي ڪئي ھجي ٽھڪ ڏنا ھجن. انسا جو دشمن به انسان ٿيو
آھي.
ڪنهن آھه ھماليه جي ڪئي سر چوٽي
ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي:
ھي حضرت انسان آ، ھن ئي آھي
دنيا جي تباھي لئي وڏي کڏ کوٽي:
بخاري جي سوچ ترقي پسندي واري
ھئي، ھو ڪوڙن مذھبي ريتن رسمن کي مڃي ڪو نه پيو. ھو چاھي پيو ته ھر شيءَ ۾ ريفارم
اچڻ گهرجي ۽ عقل جي بنياد تي شين کي جاچڻ کپي.نج تحقيق ڪري پوءِ ئي نتيجي تي پھچجي.
استاد لکي ٿو ;
انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون
ٿا.
ڌرتي کان ھلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون
ٿا.
تحقيق جي مضبوط ھٿوڙي سان ٽڪوري
وھمن جا ٺلھا ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون
ٿا.
دنيا جي وجود کان وٺي جھيڙا، ڦڏا
انسان جي فطرت ۾ رھيا آھن ۽ رھندا اچن پيا ۽ ھزارن سالن کان وٺي انسان رت جي راند ڪندا
آيا آھن. ڪجهه ماڻهو ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙا به پيدا ٿيا آھن جن امن کي برقرار رکڻ
لاءِ سر جي قرباني ڏني آھي پر بخاري پنهنجي شاعري جي ذريعي اھو سيکاري ٿو ته ڦڏن، فسادن
کي ختم ڪرڻو آھي، امن جو پرچم بلند ڪرڻو آھي. استاد لکي ٿو:
استاد ڇڏي ڏينس، پراڻو ساڳيو
منصور ۽ ملا جو ھي قصو آھي
انسان جو انسان سان آھي جهيڙو
مان ڪيئن ڇڏيان منهنجو به حصو
آھي.
جتي استاد انسان کي پيار، محبت
جو درس ڏئي ٿو اتي ئي اھو جوش جذبو ولولو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڪرڻ چاھي ته
اھو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي عظمت کي مڃي وٺي ته ھن لاءِ جھان ۾ ڪجهه
ڏکيو ناھي. بخاري لکي ٿو;
آ عرش، نشين عرض اگھائي ڪوئي!
آ اھل، زمين ظلم مٽائي ڪوئي!
ٻي رب جي مخلوق کي طاقت ناھي
انسان کي انسان مڃائي ڪوئي.
بخاري وڙھڻ به سيکاري ٿو جيڪو
توھان جو حق ھجي اھو وڙھي وٺو ڀلي دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇونه ھجي، اسان کي ھر حالت
۾ ان سان مھاڏو اٽڪائڻو آھي، نه ظلم پاڻ تي برداشت ڪرڻو آھي ھر حالت ۾ ان جي نندا ڪرڻي
آھي، ھن وقت معاشري ۽ سماج جي ضرورت آھي. بخاري لکي ٿو:
جو ظلم ڪندڙ آھه اھو آ شيطان
جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان
جو امن ڏئي امن گهري امن وٺي
ھن دور جو انسان اھو آ انسان
استاد بخاري جھڙا شاعر صدين کان
پوءِ ھن ڌرتي تي جنم وٺندا آھن.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
استاد بخاري
دادا سنڌي
”استاد بخاري سخت
بيمار آهي. دادو جي ڊي سي آفتاب ميمڻ کيس ڏهه هزار روپيا علاج لاءِ ڏيڻا ڪيا ته پاڻ
کيس چيائون ته هنن پئسن مان منهنجو ڪتاب ڇپرايو.
استاد بخاري سنڌ جو
عوامي، انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. وڏي ڳالهه ته منجهس سياسي شعور ۽ قومي درد
آهي. استاد سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ڌاري ٿي هئي. تقريب دوران مون کي جڏهن آل سنڌ ٻالڪ
ايوارڊ مليوته تڏهن پهرين مبارڪ استاد ئي مون کي ڏني هئي. ان کان پوءِ سچل جي ورسي
جي موقعي تي ٻه دفعا گڏ هئاسين ۽ گهڻي وقت تائين ڪچهري ڪئي هئيسين. ڏاڍو پيارو ماڻهو
آهي. ۱۸ گريڊ ۾ پروفيسر آهي. پر هڪ دفعي ڊي سي ڪوٽڏجي اڳين پيل ڪرسين جي قطار مان
کيس اٿاريندي چيو ته؛ ”بابا هت آفيسر وهندا“، ته استاد معصوميت مان چُپ ٿي ويو ۽
آئون پٺيان ئي ويٺو هئس ۽ مون پٺيان چيو ته سائين هي محترم به آفيسر آهي ۱۸ گريڊ جو ”استاد بخاري“. ڊي سي وائڙو ٿي ويو
۽ ڪاوڙ مان چيائين؛ ”ڪهڙو استاد بخاري“. هي آهي سنڌ جي بيروڪريٽ جو حال. هي سچل جو
ڪتابچو پگهر سُڪائڻ لاءِ هوا طور استعمال ڪندا رهيا. (۱۹۸۹ع )
(سڄڻن ۽ ساڻيھ جون
ساروڻيون تان کنيل)
استاد بخاري
سندس جنم ڏهاڙو
مظهر خاصخيلي
اڄ ۱۶ جنوري جو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن تي۱۹۳۰ ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾
سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ موجب احمد شاهه
جنهن کي سڄي سنڌ استاد بخاريءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سڄي سنڌ ۾ سندس چاهيندڙ ۽
سندس خاندان هر سيال جيان هن دفعي به استاد بخاري جي ورسي ملهائي رهيا آهن.
استاد بخاري سنڌ جو
اهو شاعر هو جنهن پنهنجي قلم جي پورهئي وسيلي سنڌ ڌرتي جي رهواسين کي ۳۰ کان مٿي ڪتاب ڏنا جن ۾ هي گيت گلابي ٻارن
جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه ڪم
نبريو، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ڪاري ڪڪر هيٺ، گلدستي ۾ گيت، ڳائي پيو جاڳائي پيو،
لهري لهري ۾ لالاڻ، وطن ۽ ويساهه، پيرن هٽن نه پوئتي، هڙئي هيج وطن جا، گهڙيا سي چڙهيا،
ڌوڙ دل تي درد جي، ماندئي ٿي نه مارئي سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو آهي. ۹ آڪٽوبر جو ڏينهن اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن
اڄ کان ۲۴ سال اڳ ۱۹۹۲ تي ڪينسر جي موذي مرض سبب هي مٺڙو ماڻهو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو
پر سندس روح اڄ به سنڌ ڌرتي سان سلهاڙيل آهي ۽ هن جي شاعري سنڌ جي جهرجهنگ ۾ نه رڳي
ڳائي وڃي ٿي پر احترام سان ٻڌي به وڃي ٿي ۽ هر ماڻهو استاد بخاريءَ جي شاعري کي
آساني سان سمجهي وڃي ٿو۽ پنهنجي منهن جهونگارڻ به لڳي ٿو اهو ئي سبب آهي ته استاد
بخاري جي شاعري هر ماڻهوءَ جي اندر جو آواز هوندي آهي.هن جو هر بيت، چئوسٽو، غزل،
گيت، وائي ائين محسوس ٿيندي آهي ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بخاريءَ جي شاعري ٿيل ناهي.
ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته استاد بخاري پنهنجي زندگي مشاهدن ۾ گذاري ڇڏي. هن کي
پيار، محبت، عشق، درد پيڙا پنهنجي پرائي واري پرک ڪرڻ واري دل هوندي هئي. هو سنڌ ۽
سنڌي ماڻهن سان پنهنجي جان ۽ جيءَ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو.
جڏهن دادوءَ جي اڳوڻي
ڊي سي مير محمد پرهياڙ دادو ضلعي جي سمورن ملازمن کي هڪ ليٽر ڪڍيو هو ته هر محڪمي
جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ڪٽرائن ۽ اهي پئسا استاد بخاريءَ کي علاج طور ڏجن،
پر اها ڳالهه ڪنهن کان وسرندي جڏهن استاد بخاريءَ اهي لفظ ورجايا هئا ته مان جيڪي
به ڏينهن باقي جيئرو هوندس اهي ائين ئي جيئندس، اوهان جي مهرباني پر منهنجي پاران
اوهان جي هڪ ڏينهن واري پگهار کڻڻ نامناسب آهي اوهان وڃي هن مان پنهنجي ٻارڙن کي ڪپڙا
وٺي پارايو مان تڏهن خوش ٿيندس، اهو سچ هو ته استاد بخاريءَ کي ان ڳالهه جي خبر
هئي ته غربت ڇا ٿيندي آ ۽ غريب جون خوشيون ڪهڙيون هونديون آهن، هن کي پنهنجي ڌرتي
۽ ڌرتي ڌڻين سان جيڪو پيار هو ان جو مثال نه ٿو ملي ڇو ته بخاريءَ جون پنهنجون سٽون
آهن ته..
ڏينهن جو ڪم آ، رات
جو غم آ سنڌو تنهنجو،
منهنجو هڪڙو هڪڙو
دم آ، سنڌو تنهنجو.
گيت لکان پيو، جنگ
لڙان پيو، ڏيهه ڏسي پيو،
ڪن تي قلم آ، هٿ ۾
علم آ، سنڌو تنهنجو.
هن پنهنجي سڄي
زندگيءَ ۾ ٻين جيان اکيون نه ٻوٽيون ۽ هاڻي به جڏهن هو لوڪ ليکي هميشهه لاءِ اکيون
ٻوٽي هي جهان ڇڏي هليو ويو آهي تڏهن به هن جون کليل اکيون اسان ماڻهن جو پيڇو ڪري
رهيون آهن ۽ اسان کي احساس پيون ڏيارين ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مدهوش ٿي
پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن پر بخاري جهان ڇڏڻ کان پوءِ به اکيون نه ٻوٽيون آهن،
ڇو ته بخاريءَ کي اهو احساس آهي ته هو به ٻين سمورن وانگر مدهوش ٿي اکيون ٻوٽي
سمهي پيو ته پوءِ رات جي تارن کي ڪير تڙپائيندو.
بخاري رات جي تارن
کي به تڙپائي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو ته هو ماڻهن جي نرم ۽ نازڪ دلين کي ڇو نه تڙپائي
سگهندو هوندو ۽ هن جي شاعري ۾ جيڪي پرهه جا پيغام آهن اهي اسان سمورن ماڻهن لاءِ
آهن جن مان اميد هوندي آهي ۽ اميد جي ئي آسري ماڻهو جيئندو آهي بخاري به اهڙو
سونهن پرست شاعر هيو جنهن کي جتي به سهڻي شيءِ نظر ايندي هئي ان جي تعريف ڪرڻ بنا
رهي نه سگهندو هو. استاد بخاري ڪيترو عظيم ۽ محبوب شاعر هو ان جي پرک ان جي مارڪيٽ
۾ موڪليل ڪتابن مان ئي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته موجوده هلندڙ وقت ۾ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب
ڇپجي اچي ٿو جيڪڏهن هو معياري ناهي ته گهڻي ڀاڱي اهي شاعر دوست اعزازي طور ڪاپيون
ورهائي ڇڏيندا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن شاعرن جي شاعري معياري ۽ ديس ڌڻين تي
هوندي آهي انهن جي شاعري جا ڪتاب مارڪيٽ مان وڪرو ٿيو وڃن باقي سنڌ ۽ ان جا رهواسي
اڄ به پنهنجي ڀلوڙ شاعر استاد بخاريءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيو اچن ٿا ۽ اڄ به ان جي
انهن سٽن کي ورجائڻو پوي ٿو ته:
سانگين سان گڏ
سالگرهه مان
وڇڙي ويس ته ورسي
آهيان.
استاد بخاري
عظيم شاعر عظيم ماڻهو
سحر وشال
هو استاد هيو، هو
صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هيو. هُو ڊبل استاد هيو، هڪ
ته هو پروفيشنل استاد هيو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استا د هو. هُن جي ڏات ڏونگرن
کي ڏڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندو ته سن
۱۹۳۰ع جي جنوري مهيني ۾ ۱۶ تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي
گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳالھ پئي هلي.
جيئن ته استاد
پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن
جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ
فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي
فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون
حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۶ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري
۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي
طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي
سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي.
هونئن ته استاد شاعري ۱۹۴۶ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ
وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي
اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون
محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ
جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو.
استاد جي شاعريءَ
جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل
وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري
۾ سلاست، بلاغت، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر
کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان
جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي
سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ
کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ”ڌرتي سرتي“ جي
ارپنا ڪجھ هن طرح ڪئي آهي:
” پنهنــجي
دل جي نالي،
منهنـجي دل دادو
آهي
دادو ســنڌ جي دل
آهي
۽
سنڌ وري ڪائنات جي
دل آهي.“
هن مان صاف ظاهر ٿئي
ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن
لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي
(هاڻي به ڪجھ حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي.
استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن
هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو
آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن.
ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ
موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان
مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ
پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول
آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ
پهريون سيڪنڊري ۽ ۱۹۶۳ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾
خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي
خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.
استاد بخاري نه صرف
لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجن ڪيترن ئي گيتن
جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا.
شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا
ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن
به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي
استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانسفيوشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي
بيٺو رهيو ۽ نيٺ ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو
ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ
سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن ۱۳ سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه
۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي.
بات بُخاري سُونهن جي...
تاج جويو
گُذريل وقت جي باري
۾، انگلينڊ جي عظيم شاعر ۽ ڊراما نگار، شيڪسپيئر، ڪنهن ڊرامي ۾ لکيو آهي:
“O, call back yesterday, bit
time to return!”
”ڪالهه“ جڏهن
اُستاد بخاري اسان جي وچ ۾ هو، ۽ ’اڄ‘ جڏهن اُستاد بخاري اَسان جي وچ ۾ نه آهي؛ اُن،
وقت جي وقفي ۽ وٿيءَ کي 19 سال گذري چڪا آهن، يقين نه ٿو اچي! ڪالهه کي موٽائڻ جي
خواهش ته ڪري سگهجي ٿي، پر ’ڪالهه‘، ’اڄ‘ نه ٿِي ٿِي سگهي ۽ نه ئي موٽي سگهي ٿي؛ ڇو
ته اَياز جي لفظن ۾: ”موت نه ڪئلينڊر ڏسي ايندو آهي ۽ نه وِزٽنگ ڪارڊ موڪلي ايندو
آهي.“
اُستاد جي انساني
قَد ۽ اُستاد جي شاعراڻي قَد جو رُڳو تصور ئي ڪجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، بلڪ اها
حقيقت به آهي ته اُستاد پنهنجي زندگيءَ ۾ ته وڏو انسانُ ۽ وڏو شاعر هو، پر پنهنجي
موت کان پوءِ ڏهه ڀيرا وڏو اِنسانُ ۽ وڏو شاعرُ ٿي اُڀريو آهي:
همالي جي چوٽي ڏٺي ٿئي؟
مٿاهين ڪويتا جي
عظمت-
۽ ڪيلاش وادي
ٻُڌي ٿئي؟
مزيدار آ فن جي
فطرت-
ڪَلا خُود به هوندي
آ قدرت!
اُستاد فطرت، محبت،
سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو. سو سڄو وقت، سڄي ڄمارَ، سُونهن- نينهن، پرينءَ ۽ پيار
سان نِڀائيندو رهيو:
مُنهنجو نالو
نينهُن، منهنجو پاڙو پيارَ سان،
پِيو ٿو يارَ
وَسائيان، ماڪَ چئو يا مينهن،
راتِ هُجي يا ڏينهن،
باتِ بُخاري سُونهن جي!
هُن جو فن، هن جي
شاعري، هُن جا غزل، هُن جا گيتَ، هن جا دوها، هن جا چؤسٽا/ قطعا، هن جا نظمَ، هن
جون رُباعيون، هن جا آزاد نظمَ، هُن جون وايون، هُن جا بيتَ، ۽ هُن جا ڪتاب- هُن
جي سڃاڻپ جا صحيفا آهن. هڪ اديب ۽ شاعر جي سڃاڻپ، سندس تخليقن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ ڪهڙي
ٿي سگهي ٿي؟ اها به حقيقت آهي ته هر ڪتاب سهڻو نه هوندو آهي ۽ هر تخليق ڪارائتي ۽
سُڪارتي نه هوندي آهي؛ پر اُستاد بخاري اُهو شاعر، اُهو تخليقڪار ۽ اُهو ماڻهو هو،
جو جنهن جي ڪتاب جو هر عنوانُ ۽ هر بابُ، سورج جو سوجهرو ۽ ڏات- سانوڻ جو وسڪارو
هو. هن رڳو ڏيڻ ۽ ورهائڻ سِکيو هو. هُو اُهو ڏاتيار هو، جيڪو ڏيئي نه پچاريندو هو.
هُو چوندو هو:
جنهن وٽ جهڙي ڏاتِ،
عالَم کي آڇي اُها،
تارن آندي راتِ،
سورجُ سعيو سُونهن جو!
ـــــ
ڪا ڪا ڏاتِ ڪڪرُ،
رِڻن ۾ رِم جهم ڪري،
چارئي پار چڪرُ،
پياسن جو پُڇندي وتي!
ـــــ
هن جي ڏاتِ ڪَڪرُ
بنجي، هن ديس جون چارئي ڪنڊون، چارئي ڏِسائون ڏسندي، چڪر هڻندي، پياسن جو پُڇندي
رهندي هئي، پر، هن جي ڏات کي اهڙي ديدَ هئي، ۽ اُن ۾ سوچ جو اُهو سدا اُجرو سچُ
سمايل هو، جيڪو وقت جي دَز ۽ لُڙاٽ هٿان ميرو نه ٿيڻو هو، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميرو ٿيندو.
تڏهن ئي ته اُستاد بخاري پاڻ وڏي اعتماد ۽ ويساههَ سان چئي ڏنو هو:
آڇيم اهڙي ديدَ،
اَدب سان اِتهاس کي،
مُنهنجي سوچ سعيدَ،
صديون ميري نه ٿئي!
اُستاد بخاري، وقت
جو شاعر هو، وقتُ هِن جي مُٺِ ۾ بند هو، وطن لاءِ وقتائتي شاعري، جهڙي اُستاد ڪئي،
اهڙي ڪنهن شاعر مشڪل سان ڪئي هوندي. هو هر موقعي ۽ مهل تي، هڪ رهبر ۽ مفڪر شاعرُ
بنجي، غافلن ۽ سُتلن کي سجاڳ ڪندو رهيو. هُن جا ’حاذق هٿ‘، هر ڏکويل جي ڏيلَ کي ڇُهي،
ڏڍُ ڏيڻ سان گڏ، اڳتي وڌڻ جو ڏسُ ڏيندا هئا. سندس ئي هيٺيون بيت، سندس ’صورتگري‘ ڪري
ٿو:
حاذق تنهنجا هٿَ، ڇُهڻ
ريءَ ڇُهيو وٺن،
رَنڙَ اکِ جي
آرزُو، نؤ- ورنيءَ جي نَٿ،
ڪهڙِي تن جي ڪٿَ،
موقعا جن جي مُٺِ ۾!
اُستاد بخاري، جهڙو
حسينُ شاعر هو، اهڙو ئي سندس ديسُ حسين هو. هن پنهنجي ديس سنڌ جي سونهن کي، جنهن
حسين شاعراڻي اک سان ڏٺو هو، اهڙيون اکيون اڄ اڻلڀ آهن. اهڙي ديدَ اڄ ناپيد آهي.
اُهي اکيون، جن جي.ايم.سيد، حسام الدين راشدي، اياز، شيام، نياز، تنوير ۽ استاد
بنجي، سنڌ کي ڏٺو، الائي ڇو اڄ ڳوليون به نه ٿيون لڀن. اُهي اکيون جنهن نظاري کي ڏسنديون
هيون، اُهو ڪنهن مصور جي تصوير بنجي پوندو هو. اُهي اکيون، ديس جي جاگرافيءَ ۽
سرحدن طرف ڏسنديون هيون ته اُهي ديس جي حفاظت لاءِ محفوظ رنيڪوٽ ۽ کيرٿر بنجي
وينديون هيون؛ ڇو ته اُنهن اکين ۾ حُسن ۽ آرٽ هو. آرٽ جي تخليق ۽ تخليق جو حُسن، ڪازان
زاڪس جي هن شعر جي زنده تصوير سڏي سگهجي ٿو:
مون بادام جي وڻ
کان پڇيو:
”خدا ڇا
آهي؟“
بادام جو وڻ گلن
منجهه جِهنجهجي ويو!“
اِئين اُستاد، جڏهن
هٿ ۾ پنو کڻي، وطن جو قصيدو لکندو هو ته سندس هيٺيون شعر بنجي پوندو هو:
هي هٿ ۾ پَنو، سنڌ
جي سمجهو وادي،
مضبوط قلعو ڄڻ ته
رَنيڪوٽ آهي.
هر لفظ بُخاريءَ جو
وطن دوست مجاهد،
بـيـبــــــاڪ آ،
جانبـــــار آ، اڻموٽ آهي!
اُستاد، جڏهن شاعري
ڪندو هو ته هيءَ مٽي، هي نظارا، هي ڪچا، هي ڪوڇا ۽ ڪاڇا، هي وڻراهه ۽ درياهه، هي
گل ڦل ۽ ٻوٽا، هي وَسيون ۽ واهڻ، سڀ ساڻس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ متحرڪ بنجي پوندا
هئا، هو سنڌ جي هر نظاري ۽ هر واقعي کي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ ريت زنده جاويد ڪري ڇڏيندو
هو، جيئن ڪو صنم تراش، ڪنهن وينگس کي پٿر ۾ زنده جاويد بنائي ڇڏيندو آهي يا ڪو
مصور، ڪنهن شيءِ، ڪنهن واقعي يا ڪنهن عڪس کي ڪينواس تي رنگن جي زبان ۾ جيئرو ڪري
وجهندو آهي.
اُستاد کي ساري سنڌ،
هڪ تصوير وانگر نظر ايندي هئي، اُها خوبصورت تصوير نه رڳو هن جي شاعريءَ تي اڻمٽ
اثر ڇڏيندي هئي، پر هُو خود حسين سنڌ جو ذڪر ڪندي، اُن جي حُسن ۾ پنهنجي تخليقي
حسن جا رنگ ڀري، اُن کي وڌيڪ سُندر ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن وقت ايازَ اهڙي ئي ڪيفيت ۾
محو ٿي چيو هو:
ڪُجهه شاههَ ڏني، ڪجهه
شيخَ ڏِني،
هــن سـنــــڌڙيءَ
کـــــي صورت لوڪو!
اَهڙيءَ طرح اُستاد
بخاريءَ لاءِ به آءٌ، اوهان يا اسان مان ڪي به اها دعويٰ ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته
اُستاد به سنڌ کي هڪ ’صورت‘ ڏيڻ جو آسروند ۽ خواهشمند هو. هن به چاهيو ٿي ته سندس
وطن ’جنت‘ جو روپ وٺي. وطن سنڌ جو قصيدو هجي ۽ لفظَ مصور ۽ صورتگر شاعرَ اُستاد جا
هجن ته يقيني طور اُهو وطن جو نغمو، آرٽ ۽ ادب جو شاهڪار بنجي پوي ٿو. سندس نظم
’وطن‘ جا هيٺيان ٻه بند ته پڙهي ڏسو:
تُنهنجي ساراهه جو
سِلسلو،
سو به مون لئه وڏو
مسئلو،
تنهنجي تعريف، تڪميل
ٿئي،
ڪوبه مون کان نه ٿو
ٿئي بِلو:
لفظ ڳوليان، ٿا مشڪل
لڀن،
منهنجا محبوب،
منهنجا وطن!
ويسَ، ڪِرڻا اُڻائي
وجهان،
توکي جوتين سان
جاني جهنجهيان،
توکي اَرپيان رُڳو
روشنيون،
ايترا آڻيان سُورج ڪٿان؟
چنڊّ تارا ٿا ميرا
لڳن،
منهنجا محبوب،
منهنجا وطن!
اُستاد وڏو مصور، وڏو
آرٽسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ آرٽُ ڪمال درجي جو آهي، جيڪو هڪ طرف فن ۽ جماليات
جون آخري حدون ڇُهي ٿو ته ٻئي طرف اُن جي سگهه، اُن جي اُڏار ۽ اُن جو اثر، وقت جي
هٽلرن گوئرنگن کي ڏڪائي ۽ ڪنبائي ڇڏي ٿو. اُستاد جهڙن آرٽسٽن ۽ اُرڏن شاعرن جي ادب
۽ آرٽ لاءِ، هٽلر ۽ گوئرنگ، فتوائون ڏنيون هيون، هٽلر چيو هو ته:
“Let us beat the refractory
skulls with resounding blows”
يعني: ”اچو ته اسان
سرڪش دماغن کي اهڙو ڪُٽيون، جو اُن جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ اچن.“
جڏهن ته گوئرنگ ڇِتو
ٿي هيئن اظهاريو هو ته:
“When I hear the name of Art, my hand goes to pistol.”
يعني: ”جڏهن مان آرٽ
جو نالو ٻُڌان ٿو ته منهنجو هٿ پستول ڏانهن وڃي ٿو.“
اُستاد جي زندگي،
اُستاد جي شاعري، لوڪ لاءِ پيارُ ۽ ڏاڍَ خلاف ڌڪارَ ۽ مزاحمت جو کليو اظهار آهي،
پر اُن ۾ آرٽ/ ڪلا ڪمال جي آهي!
گُلاب لفظ ڪڍان، ٿيو
پون رُڳا ٽانڊا،
گلي کي آڳِ لڳِي
آهه، مان چوان نه چوان!
ـــــ
ڪا گهڙي مُحب ساڻ
محفل ۾،
ڪا گهڙي لوڪ لاءِ
مقتل ۾،
پيارَ ۾ ٿي پَتي
پَتي هوندي،
ها، اُها منهنجي
زندگي هوندي!
اُستاد سڄي ڄمارَ،
ماڻهن سان گڏ بيٺو رهيو. مچ هُجي، مقتل هجي، هن جو پيرُ پاهون نه ٿيو!
محبوبَ چيو: پهچ،
اَچي پهتو هان،
تَنور هُئي واٽ،
پچي پهتو هان!
چڪچور ڏسي حال، نه ڪر
غم دلبر،
تو وٽ ته بهرحال،
بچي پهتو هان!
مقتل کان ٿورو اڳتي،
محفل جو ڏس مليو آ،
مان موت کي لتاڙي، ٿو
زندگيءَ کي ڳوليان!
اُستاد بخاري همه
وقت، همه تن شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا ڪيترائي رُخ ۽ روپ هئا، ۽ اُن جو هر روپُ ۽
هر رُخ ايترو ته حسين هو، جو اُن جو اظهار نثر جي زبان ۾ ڪرڻ ڏکيو آهي، اُن ڪري
آءٌ فارسيءَ جي هڪ نامعلوم شاعر جا لفظ اُڌارا وٺان ٿو، جيڪي اُن جي بيان جو حقُ، ڪجهه
قدر ادا ڪري سگهن ٿا:
دامانِ نظر تنگ و
گُلِ حُسنِ تُو بسيار،
گلچين نظر از تنگئي
دامان گله دارد
يعني: ”(منهنجي)
نظر جو پاند سوڙهو آهي، ۽ تنهنجي حُسن جا گُلَ سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي
سُونهن جا گُل پٽي ٿي ته اُن کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چِڙ اچي ٿي!“
لکجو سدائين سچ
يادون بخاريءَ
جون
وفا رضا
هن سنڌ جي سهڻن
ڀينڊن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان
گلشن ته ٺهيو پر
ڪک پن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان
جيڪي سانوڻ ۾
درياهه لڳن، ۽ سياري ۾ آڙاهه مچن
استاد انهن جي تن من تان، مان گهور
وڃان مان گهور وڃان
هي سٽون سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر استاد بخاري جون آهن، جنهن
جي شاعري جنهن وقت به پڙهجي يا ٻڌجي ٿي وهه واهه چوڻ کان
رهيو نٿو ٿئي. استاد جي شاعري سان تڏهن کان چاهه ٿي ويو هو، جڏهن کان مون سندس
ڪلام ”تون مڃين مڃين نه مهربان، مان ته عرض ٿو ڪري
ڇڏيان“ ٻڌو هو.
ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جتي به ڪنهن راڳي کي ڳائيندي
ٻڌندو آهيان ته دل ۾ اها ئي تمنا هوندي آهي ڪاش ڪو بخاري جو ڪلام به محفل منجهه
هجي. يادگيري ٿي اچي ته هڪ دفعي آئون لاڙڪاڻي جي پاسي ٻيڙو چانڊيو هڪ فنڪشن ۾ ويو
هوس. تقريب جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي سو اسان وجهه ڏسي چانهه پيئڻ نڪري
پياسين. مون سان منهنجو ڳوٺائي دوست شفيع ٻجورو پڻ گڏ هيو. چانهه پي پنڊال طرف
موٽياسين ته منهنجي نظر غلام مصطفيٰ جانوري تي پئي، جنهن سان منظور سخيراڻي به گڏ
هيو. پوءِ اسان گڏجي ٻيڙو چانڊيو جي ريلوي اسٽيشن تي ويهي رهياسين جتي ڪچهري هلندي
مون چيو ”اڄ ته دادو
جي دلبرن سان واهه جي ملاقات ٿي آهي.“ جنهن تي مصطفيٰ جانوري کلندي چيو ”هائو هائو حاضر اڄ عرض اگهامندو.“ پوءِ
فنڪشن ۾ منظور سخيراڻي سرن جي ورکا دوران استاد بخاري کي ڳائيندي جڏهن ”تون مڃين مڃين نه مهربان“ ڳايو ته وهه واهه
ٿي وئي.
وهه واهه ته ان ڏينهن به واهه جي ٿي جڏهن اسان استاد
بخاري سان ملڻ دادو ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ اسان ٽنڊي آدم ۾ استاد بخاري سان شام
ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. مون ۽ دوست خالد حسين خاصخيلي تي اها ذميواري رکي وئي
ته دادو وڃي استاد کان پروگرام وٺون. سو اسان لاري ۾ چڙهي کيبر وياسين، جتان وري
حيدرآباد مان ايندڙ ٻي لاريءَ منجهه سوار ٿي موري پڳاسين. اتان ڊاٽسن ذريعي دادو
موري واري پل تان سنڌوءَ جون ڇوليون ڏسندي دادو شهر ۾ پهچي هڪ ٽانگي واري کي
چيوسين، غريب آباد هلبو. جنهن وراڻي ۾ چيو استاد بخاري ڏي ته ڪونه ٿا وڃو؟ کيس چيم
بلڪل پر اوهان ڪيئن سمجهيو؟ جنهن تي ٽانگي واري چيو ”ابا اوهان غريب آباد چيو آئون
سمجهي ويس پڪ اوهين استاد جا مهمان آهيو.“ ڪجهه گهڙين ۾ هڪ گهٽي ۾ پڳاسين ته ٽانگي
واري چيو، او اهو سامهون اٿو، استاد جو گهر.
اسان اوطاق ۾ ويٺاسين ته ڪجهه گهڙين ۾ استاد اچي سلام ورائي
چيو؛ ’نوجوانو ڀلي ڪري آيا.‘ ان لمحي ايتري ته خوشي ٿي جنهن جو ڪو ڇيهه ڪونهي. جهٽ
۾ چانهه بسڪوٽ به اچي ويا. جنهن تي استاد چيو؛ وٺو بابا. پوءِ استاد کي اسان
پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو؛ سائين اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي تمنا
آهي، سو ان ڪري پنڌ پيا آهيون.
استاد مسڪرائيندي چيو؛ مهربانيون، حاضر هلبو. ڀلا سائين
محسن علي شاهه ۽ عبدالله ورياهه جن ته خوش آهن نه. استاد اسان کان پڇيو؛ اوهان جي
ڪرت ڪهڙي آهي؟ وراڻيم؛ سائين اخبار ۾ لکندا آهيون ۽ خالد سونارڪو ڪم به ڪندو آهي.
جنهن تي استاد چيو؛ ها بابا، جيتري محنت ڪندئو اوترو ڪامياب ويندئو پر قلم سان
لکجو، سدائين سچ. ائين ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ اسان استاد کان گهڻو ڪجهه سکيو.
استاد سان رهاڻ جي تاريخ طئي ڪري چيوسين؛ رکيل تاريخ تي
اوهان کي وٺڻ اينداسين. جنهن تي استاد چيو؛ ٽنڊي آدم کان دادو جو پنڌ سرس آهي. هاڻ
اوهين تڪليف نه ڪجو. آئون پاڻ اچي پهچندس. اسان چيو؛ سائين گاڏي جو بندوبست ٿي
ويندو. جنهن تي وري استاد چيو؛ اوهان به مون وٽ لاريءَ ۾ آيا آهيو، سو آئون به ان
رستي ايندس. بس اوهان اهو ٻڌايو، حيدرآباد واري لاريءَ ۾ سوار ٿي اوهان تائين پهچڻ
لاءِ ڪٿي لهجي؟ جنهن تي اسان وراڻيو؛ ان لاريءَ مان اوهان ڀٽ شاهه يا کيبر جي
اسٽاپ تي لهندؤ، جتان ٽنڊي ڏي رستو وڃي ٿو. جنهن تي استاد چيو؛ بس پوءِ ڀٽ شاهه
لهي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري، پوءِ اڳتي اچبو. جنهن تي مون چيو؛ سائين هاڻ هڪ
عرض آهي ته اوهين جيئن ڀٽ شاهه پهچندا ته اتي اسان اوهان سان ملنداسين. استاد چيو؛
ها اهو صحيح.
پوءِ اسان استاد کان دعائون وٺي، موڪلائي، واپس ٽنڊي اچي
دوستن سان حال احوال اوريو. رهاڻ جا ڪارڊ ڇپائي تيارين ۾ لڳي وياسين. نيٺ اهو
ڏينهن به اچي ويو، جنهن جو اوسيئڙو هيو. استاد کي ڏنل وقت تي گل حسن لاکو دادوءَ
ويو جتان هو ۽ استاد گڏجي ڀٽ شاهه پڳا، جتي نبي بخش ڏهراج ۽ ولي محمد لاکو ڀٽ شاهه
بائي پاس تي اوسيئڙي ۾ هيا. سج اڃا لٿو ئي ڪو نه هيو ته رهاڻ واري هنڌ، استاد جا
مداح پهچڻ شروع ٿي ويا. هوڏانهن، گل حسن لاکي ۽ نبي بخش ڏهراج فون ڪري ٻڌايو ته؛
استاد سان گڏ مرشد لطيف جي حاضري ڀري اٿئون ۽ هاڻ اچون پيا. اهڙو اطلاع اسان مائيڪ
رستي رهاڻ ۾ موجود ماڻهن تائين پهچايو. انهن ئي گهڙين ۾ غلام حسين رنگريز ۽ رسول
بخش درس جن به اچي پڳا. ان دوران شاهه عبداللطيف لائبريري جو سڄو هال ماڻهن سان
ڀرجي چڪو هيو.
ڪجهه وقت ۾ محفل جو مور به اچي ويو. جنهن جي گلن جي ورکا
سان، شانائتي آجيان ڪئي وئي. رهاڻ ڪلاڪ سوا مس هلي ته اوچتو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ
مان باهه لڳي، جنهن جي ڪري مجبورن تقريب اڌ ۾ ختم ڪئيسين. جنهن کان پوءِ غلام رسول
چانڊئي جي اوطاق تي وياسين، جتي استاد جي رهائش جو بندوبست هيو.
رات جو دير تائين استاد سان ڪچهري ٿي. استاد پنهنجي
شاعري ۽ هڪ راڳي، جيڪو شايد غلام شبير شاهاڻي هيو، وري استاد جا ڪلام ٻڌايا. ان
ڪچهريءَ ۾ علي شير بهڻ، امداد راهي، ذاڪر بلوچ، شاهه عبيد، غلام رسول شاهه فاضلاڻي
۽ ٻيا دوست پڻ موجود هيا. جتان صبح جو استاد علاج جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانو
ٿي ويو. پوءِ هن واپس دادوءَ پهچي، مون کي هڪ خط لکيو ته خير سان هو گهر پهچي ويا
آهن. جنهن کان پوءِ استاد سان خطن ذريعي رابطي جو سلسلو جاري رهيو.
هڪ ڀيري استاد منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتي خط
پڻ لکيو هيو. وري 91ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ سچل ايوارڊ جي هڪ تقريب دوستن رٿي، جنهن ۾
مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. شاعري جي ايوارڊ لاءِ چونڊ استاد بخاري جي
ٿي، جنهن بابت استاد کي آگاهي ڏنيسين پر فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ استاد فون تي ٻڌايو
ته علاج جي سلسلي ۾ شايد ڪراچي وڃڻو پئي. ايڏانهن اوهان جي ڪوٺ به آهي جنهن تي کين
چيوسين؛ سائين پهريان علاج، باقي اوهان جون دعائون کپن، اوهان جو ايوارڊ اوهان
تائين پهچي ويندو. پوءِ ان بهاني وري استاد سان ملڻ ٿيو. مون ۽ سائين عبيدالله
شاهه دادو وڃي استاد تائين ايوارڊ پهچايو ۽ ڪلاڪ سوا تائين ساڻن ڪچهري ڪئيسين.
موڪلاڻي مهل استاد دعائون ڪندي چيو؛ شال ڏکيو ڏينهن نه ڏسو.
سو اڄ سنڌ، سچائي ۽ سونهن جي ٻهڳڻي شاعر کي محبتن جي
ڀيٽا ڏيندي. پڇاڙي ۾ استاد جون هي سٽون به ياد اچن ٿيون ته؛
منهنجا شعر منهنجون تصويرون،
جتي پڙهندين من جتي ٻڌندين من،
اتي ايندئي تري يادگيريون، منهنجا شعر منهنجون
تصويرون.
No comments:
راءِ ڏيندا