; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

12 February, 2018

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ڀٽائي جو عظيم پارکو عالم
مدد علي سنڌي
اڄ ۱۱- فيبروري  شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي پهريون ڀيرو چئن جُلدن ۾ تيار ڪرائيندڙ عالم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ورسي جو ڏينهن آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڄمڻ جو سال ۽ هنڌ ۸ مارچ ۱۸۸۳ع حيدرآباد آهي. ۽ وفات جو ڏينهن ۱۱-فيبروري ۱۹۴۷ع آهي. سندن وفات ڪراچيءَ جي اڳوڻي پٽيل پارڪ ۽ موجوده نشترپارڪ آڏو، سندن بنگلي مان نڪرڻ وقت، بندر روڊ تي ٽرام جي انتظار ۾ بيٺي روڊ تي دل جو اوچتو دورو پوڻ سبب ٿي. اڌ ڪلاڪ تائين، سنڌ جي عالم کي بندر روڊ تي ڪنهن به نه سڃاتو. بعد ۾ ڪنهن شخص سڃاڻي، سندن مڙهه ڀر ۾ واقع سندن بنگلي تائين پهچايو. وفات کان ٻه مهينا اڳ پاڻ ڪراچيءَ جي مشهور تعليمي اداري ڊي جي نيشنل ڪاليج جي پرنسيپل واري عهدي تان رٽائر ٿيا هئا. ۽ اهڙي ريت  سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جي هڪ بنيادي پارکو جي وفات سان، سندن مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو چوٿون جُلد گم ٿي ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.


ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نالي کان سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڻ واقف ڪونهي. جنهن کي شاهه ياد آهي، اهو ڊاڪٽر صاحب جي نالي کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهتيه لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ميرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، ليلا رام وطڻمل، لالچند امرڏنومل جڳتياڻي. ڊاڪٽر ايم يو دائودپوٽي، ڊاڪٽر ٽرمپ، ايڇ ٽي سورلي، غلام محمد شهواڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، فقير امداد علي سرائي، آغا يعقوب، آغا سليم، ممتاز مرزا، جو ن ڪيل خدمتون سدائين ياد رهنديون ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اهي اسان جا عالم ۽ اديب سموري زندگي بنا ڪنهن اُجوري جي بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي سنڌي ٻولي ۽ ان جي ساهتيه لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا.
ڊاڪٽر گربخشاڻي به سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۾ هڪ جداگانه هستيءَ جو مالڪ هو. هن حيدرآباد شهر ۾ ۸ مارچ۱۸۸۳ع  ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري اعليٰ تعليم ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ ايم اي، ولسن ڪاليج بمبئي مان پاس ڪري انگريزي ۽ پارسي جو پروفيسر ٿيو. ستت ئي پاڻ ڪراچي ويو، جتي هو ڪراچي ڊي جي ڪاليج ۾ پارسي جو پروفيسر ٿيو. جتان پاڻ ۱۹۳۶ع ۾ لنڊن روانو ٿي ويو، لنڊن يونيورسٽيءَ مان وڃي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۲ع تائين ڊين آف آرٽس ڊي جي سنڌ ڪاليج ۽ ۱۹۴۲ع کان ۱۹۴۷ع تائين ڊي جي سنڌ آرٽس ۽ سائنس ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. جڏهن ته انهيءَ سان گڏوگڏ هو فيلو بمبئي يونيورسٽي چيئرمين  بورڊ آف اسٽڊيز ان سنڌي، بمبئي يونيورسٽي، ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز ان پرشن بمبئي يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل بمبئي يونيورسٽي، جهڙن عهدن تي به فائز رهيو. سندس ئي ڪوششن سان پهريون سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد پيو هو ۽ پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جو پهريون صدر مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب پهريون پهريون هڪ تاريخي ناول ”نورجهان“ سال ۱۹۱۵ع ۾ لکيو، جيڪو اڄ به سنڌي ساهتيه جو هڪ املهه خزانو آهي. کيس سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه لطيف سان بي پناهه عشق هو. اهوئي پهريون عالم هو، جنهن شاهه سائين تي جديد طريقن سان ريسرچ ڪري اکين جو نور نچوئي ڊسمبر ۱۹۲۳ع ۾ لطيف سائين جي رسالي جو پهريون جُلد پورو ڪيو، جيڪو ان دور ۾ ظاهر ٿيو،جڏهن شاهه جي شاعريءَ جا سمورا نسخا تقريبن ماڻهن جي دلين تان ميسارجي چڪا هئا. هن شاهه تي پنهنجي لڳاتار جاکوڙ ۽ تحقيق جو ڦل وري ۱۹۲۴ع ۾ ٻيو جُلد ۱۹۳۱ع ۾ ٽيون جُلد پنهنجي هڙان ڇپرائي پڌرا ڪيا. افسوس سندن مرتب ڪيل چوٿون جُلد شايع نه ٿي سگهيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هٿ  اچي نه سگهيو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي، پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي (۳ جُلدن) ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري، شاهه جي صورت ۽ سيرت شاهه جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف،شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت،شاهه جو نظم، شاهه جي سنڌي، شاهه جون نحوي بناوتون ۽ رسالي جي تصنيف تاليف بابت ۱۰ باب نثر ۾ لکيا. ان کانسواءِ شاهه جي ۱۸ سرن جي معنيٰ ۽ شرح پڻ لکي. ڊاڪٽر صاحب پهريون عالم هو،جنهن شاهه لطيف جو رسالو مرتب ڪرڻ وقت شاهه لطيف جو بلڙيءَ وارو ڇاپو، بمبئي وارو سنگي ڇاپو، مير عبدالحسين سانگي وارو قلمي نسخو، ڀٽ وارو قلمي نسخو،لنڊن وارو قلمي ڇاپو ڀيٽي پوءِ رسالو مرتب ڪيو. ان کانسواءِ سندن سندن لکيل ڪتاب ”لنواري جا لال“ ۱۹۳۴ع ۾ شايع ٿيو هو، جڏهن ته انگريزيءَ ۾ لکيل سندن آخري مضمون ”سنڌي“ جوزف شپلي جي ايڊٽ ڪيل انسائيڪلوپيڊيا آف لٽريچر جي پهرئين جُلد ۾ صفحي ۵۵۶ کان ۵۵۷ تائين ڏنل آهي. پاڻ پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي پهرئين جُلد جي مهاڳ ۾ ۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۳ع ۾ لکن ٿا: ”يورپ جو هيڏي وڏي اوج  تي رسيو آهي، تنهن جو هڪ ڪارڻ هيءُ به آهي، جو سڀ ڪنهن علم ۽ هنر ۾ خصوصن علم ادب ۾، سندس عالمن نهايت گهڻي کوجنا ڪئي آهي.“
جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جهڙو عاليشان شاعر يورپ ۾ پيدا ٿئي ها، ته سندس ڪلام جي صحيح نسخي تيار ڪرڻ ۾ ئي ڪيترا عالم پنهنجون حياتيون صرف ڪن ها، ۽ هزار ها ڇاپا معنائن ۽ شرحن سميت نڪري وڃن ها پر سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ شاعر جي، اڃا تائين، پوري قدر شناسي نه ڪئي ويئي آهي. وري به شڪر آهي، جو هاڻ هڪ نئين قسم جي هير لڳڻ شروع ٿي آهي، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي  ءَ مادري زبان کي ترقي وٺرائڻ جو البت اتساهه پيدا ٿيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ واجب ڄاتو ويو، ته هن بزرگ شاعر جي ڪلام کي ذاتي حسن ۾ ظاهر ڪجي. ان سلسلي ۾ سڀ ڇاپا ۽ بلڙيءَ ۽ ڀٽ وارا جهونا قلمي نسخا ڀيٽي، رسالي جو  حتي المقدور، صحيح نسخو تيار ڪيو ويو آهي. مٿين قلمي نسخن مان، بلڙيءَ وارو نسخو سن ۱۷۸۰ع جو لکيل آهي، يعني شاهه صاحب جي وفات کان فقط ۲۸ ورهيه پوءِ گهڻو ڪري سڀ مخلتف پڙهڻيون هيٺ حاشيءَ ۾ ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته اهي سُر ۽ بيت، جي گهڻيءَ تحقيقات بعد معلوم ٿيا آهن ته شاهه جو ڪلام نه آهن، سي رد ڪيا ويا آهن.“
مشهور مورخ پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر بابت لکي ٿو:
۱- ڊاڪٽر گربخشاڻي، ظاهري علم ۾ گهڻو اڳي، دنيوي معاملات ۾ وڌيڪ تکو، گفتار ۾ جاندار، لباس ۾ شاندار، مُنهن تي اڪثر مُرڪ. گفتگو ٻڌڻ جهڙي، ڪلين شيو، جيڪڏهن رنگ جو مسئلو نه هجي ها ته انگريز، پي ايڇ ڊي هو. فارسي ۽ انگريزي شاعرن جا هزارين ٻول ياد، گفتگو ڪندو ته حافظ سعدي، خاقاني، خيام، ملٽن، ورڊس ورٿ، ٽينيسن کي آڻي موجود ڪندو ۽  مزو وٺي هنن جو ڪلام ٻڌائيندو ۽ معنيٰ بيان ڪندو. تصوف جي تاريخ ۽ اصولن جو اهڙو ڄاڻو هو جهڙو ٻيو ڪو ان زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته نظر ڪو نه ٿي آيو.
۲- ڊاڪٽر گربخشاڻي عالم هو. پر سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر تي سندس هڪ اهڙو ايڏو وڏو احسان آهي، جنهن جو بار سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به لاهي نه سگهندا. هن صاحب شاهه عبداللطيف جي رسالي کي چئن جُلدن ۾ مرتب ڪيو. جن مان ٽي جُلد سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، چوٿون جُلد ڇپجي ڪو نه سگهيو. ۽ غائب ٿي ويو.
۳- ڊاڪٽر صاحب جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي ڇپجي نڪرڻ کان اڳ جو زمانو مون کي ياد آهي. هونءَ ڀٽائي گهوٽ جي شهرت عام هئي. پر لکيل پڙهيل طبقي جي ڪتابن شاهه جي رسالي جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ڪلام ڳايو ضرور ويندو هو. پر ڪلام جي ڳوڙهائي ۽ شرح جي پروڙ ڪن ٿورن ماڻهن کي هئي. فارسي اڃا تائين علمي زبان سمجهي ويندي هئي. چٺي چپاٺي فارسيءَ ۾ لکي ويندي هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت جي ناقدريءَ جو هيءُ حال هو، جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو شآيع ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ تي پنهنجي هڙان گهنُ خرچ ڪري چڪو هو. نفعو ته ٺهيو،پر اهو خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هئس. مجبور ٿي هن صاحب پنهنجن ڪتابن جا نسخا، ذاتي دوستن ۽ اڳوڻن شاگردن ڏانهن، جيڪي هينئر سرڪاري عهدن تي چڙهيل هئا، موڪليا ته هو زور مس ڪري سنڌ جي زميندارن مٿان مڙهين ۽ کانئن قيمت وصول ڪن. قيمت به ايڏي وڏي ڪا نه هئي، پر خوشيءَ سان وٺڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي زور بار پوڻ ڪري، ڪيترن وڏيرن ڪتاب خريد ڪيا، پر گهر پهچڻ کان پوءِ ڪنڊ پاسي اڇلائي پئي ڇڏيا.  گهڻن زميندارن جي اوطاقن ۾ مون ان ڪتاب لاجواب تي پکين کي وٺيون لاهيندي ڏٺو. اهڙن ڪن بي قدرن وٽان ڪجهه نسخا وٺي مون پاڻ وٽ آڻي رکيا.
۴- پر وقت گذرندي، هوريان هوريان، ان ڪتاب جي برڪت سان، شاهه صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت ۾ سنڌين جي دلچسپي وڌندي وئي. ۱۹۳۰ع کان پوءِ ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو گويا سنڌين کي ڪو لڪل خزانو نئين سر هٿ آيو آهي. گهڻن ئي مجموعا شايع ڪرايا ۽ شاهه جي ڪلام کي بوڊاڙيندا رهيا،پر ڊاڪٽر صاحب جي موتين مٽ نظر ڪو نه چڙهيو.
۵- ڊاڪٽر صاحب، ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ تي (بطور ٻوليءَ جي به) وڏو ٿورو ڪيو. هن سنڌي تحرير کي نئين طرز عطا ڪئي.جيڪا سنڌي اڳ لکي ويندي هئي سا گهڻو ڪري بي نمڪ ۽ ملپي هوندي هئي. جنهن ۾ نه ساءُ هوندو هو نه ست. نه تندي نه تيزي. نه تازگي نه شفتگي. نه شوڪت الفاظ نه رنگين عبارت. ائين پيو لڳندو هو ڄڻ ڪا مري ويل، زمانه قديم جي زبان آهي، جنهن کي ماڻهو مجبورن پيا ڇيڇاڙين ۽ جيئري رکڻ جي ڪوشش ڪن. اهوئي سبب هو جنهن ڪري سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌيءَ کي رنڌڻڻ ۽ تنجڻن جي ٻولي سمجهي، گهر اندر بند رکي، ٻاهريون ڪاروبار ۽ نوشت خواند فارسيءَ ۾ پيا هلائيندا هئا. پر ڊاڪٽر صاحب رسالي جو مقدمو ۽ اندر ڪي عشقيه ڪهاڻيون، پنهنجي نئين طرز ۾ لکي،هڪ انقلاب آندو ۽ هيءُ ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ مڪمل ،زنده، بي انتها وسيع ۽ زوردار زبان آهي، جيڪا هر ضرورت کي پورو ڪري سگهي ٿي.
ڊاڪٽر سورلي، جنهن شاهه صاحب تي بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو. ان ڳالهه جي تصديق ڪراچيءَ ۾ هڪ ليڪچر جي وسيلي ڪئي، جنهن جي دوران ۾ هن ثابت ڪيو ته سندس سالها سال جي تقابلي تحقيق مطابق، سنڌي ٻولي دنيا جي مڪمل ۽ وسيع ترين ٻولين مان هڪ آهي ۽ هن خصوصيت ۾ ته بلڪل نياريءَ ۽ نرالي ته” دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪو به اهڙو اُچار ڪو نه آهي، جيڪو پنهنجي اصلي صورت ۾ منجهس سمائجي يا ادا ٿي نه سگهي. سندس چوڻ هو ته اها خصوصيت ۽ ايتري وسعت دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪا نه آهي. مگر سورلي به ان ميدان ۾ تڏهن آيو، جڏهن گربخشاڻي اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ تان پرائي ڪفني لاهي، ڌوئي ڌپوئي، سرخي ڪجل لائي، سندس لڪل خدودخال، حسن ۽ رعنائي چمڪائي چڪو هو.
۶- پوئين زماني جي سياسي صورتحال ۽ علمي ماحول کيس بددل ۽ نااميد ڪري ڇڏيو هو. دوستن وٽ اچڻ وڃڻ جهڪو ڪري ڇڏيو هئائين. لکڻ پرهڻ کي به ٻڙي ڏئي ويهي رهيو هو. انهيءَ ئي ذهني ڪوفت اندر سندس دل ٽٽي پئي، ۽ ۱۱ فيبروري ۱۹۴۷ع جو انتقال ڪري ويو. پر سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ جوت جاڳائي ويو. دونهي دکائي ويو.“
اوهان پير صاحب جا ڊاڪٽر صاحب بابت خيال پڙهيا. آخر ۾ فقط هي ڳالهه ڪندس ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجو چوٿون جُلد ڇو نه شايع ڪرائي سگهيو ته ان جا چند ڪارڻ هئا.
شاهه جي ٽن جُلدن تي جيڪي ڪمشنرس پريس ۾ ”امپورٽيڊ“ ڪاغذ تي شايع ٿيا هئا، سندس گهڻو خرچ ٿي ويو هو.
وقت جي بي قدري ۽ سرڪار طرفان بي رخيءَ به کيس گهڻو مايوس ڪيو.
ان وقت جي چند عالمن طرفان ڪجهه غير واجبي ۽ غير علمي تنقيد به کيس گهڻو پريشان ڪيو، اهوئي ڪارڻ آهي ته چوٿين جُلد ڇپرائڻ جي سندس دل مان اميد ئي نڪري ويئي. بهرحال سندس سنڌ تي وڏا احسان آهن، جو نه رڳو هن لطيف جي رسالي کي مرتب ڪيو، پر سندس ئي ڪوششن ۽ سندس انگريزي ۾ لکيل رپورٽ جي بنياد تي ۱۹۳۱ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ جي منظوري ملي.
اهي ڪارناما، اهي ڪوششون يقينن سنڌي ماڻهو لاءِ ڪڏهن به وسرندڙ ناهن. هو هڪ علم دوست، عالم، اديب، مفڪر، انگريزي، ليٽن، عربي، پارسي، سنسڪرت، ۽ سنڌي جو ماهر هو. شاهه جو شيدائي هو، سندس سموريون تخليقون سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ناياب تحفو آهن، هو اسان سڀني جي دلين ۾ شاهه لطيف سان گڏ زندهه آهي، سنڌين کي اڄ به ڊاڪٽر گربخشاڻي لاءِ عقيدت آهي، پيار آهي. ۽ اهو هر وقت ۽ هر دم موجود رهندو.



ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي
رسول بخش ٻگهيو رفيعي گيچيراڻي
ڊاڪٽر هوتچند ولد مولچند هڪ سکئي ستابي خاندان ۾ ۱۸۸۴ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو نئنسکداس زمينداري ڪم ڪندو هو ۽ سندس والد مولچند روينيو کاتي ۾ ملازم هو. پرائمري تعليم مقامي اسڪول مان ورتي. ميٽرڪ جو امتحان اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد مان ۱۸۹۹ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن بي اي ڏيارام جيٺمل آرٽس ڪاليج مان ۱۹۰۵ع ۾ ڪيائين. ان بعد ولسن ڪاليج بمبئي مان انگريزي ۽ فارسي ۾ ايم اي جي ڊگري ۱۹۰۷ع ۾ حاصل ڪيائين ۽ هن ئي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۰۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج فارسي جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۲۸ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان انگريزي شاعري ۾ تصوف جي مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي. وري واپس اچي ڊي جي ڪاليج ۾ پروفيسر، وائيس پرنسپل  ۽ پرنسپل جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سيد ميران محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر عمر بن محمود دائودپوٽي جهڙا شاگرد پيدا ڪيائين. ڊي جي ڪاليج جي پرنسپل طور رهڻ دوران ڪاليجز جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ان وقت لا ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج پڻ برپا ڪيائين.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند جو خاندان صوفي ازم جو قائل هو ۽ حضرت شاهه عنايت شهيد صوفي جو پيروڪار هو ان ڪري هوتچند تي پڻ تصوف جو رنگ ڇانيل هو ۽ ننڍي هوندي کان ئي کيس سندس والد مولچند ۽ ڏاڏي نئنسکداس کان تصوف جي تعليم ملي، مثنوي مولانا روم ۽ ٻين ڪيترن فارسي شاعرن جو شعر ۽ شاهه لطيف جي شعر ۾ خاص ادراڪ هوندو هئس. گفتگو ڪرڻ وقت انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏئي شاهه صاحب جي زندگي جو احوال، مقدمي، معنيٰ ۽ تعليم ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکيو. رسالي کي ترتيب وقت عالمي اصولن کي سامهون رکيائين ۽ سڀني ڇپيل رسالن جو مطالعو ڪيو. پهريون جلد ۱۹۳۰ع ۾ شايع ڪرايائين. ٻيو جلد ۱۹۳۲ع ۾ ۽ ٽيون جلد ۱۹۳۴ع ۾ شايع ڪرايائين. اهڙي طرح ٽي جلد پنهنجي حياتي ۾ ئي شايع ڪرايائين ۽  چوٿون جلد جيڪو پڻ مڪمل هو سو نه  ڇپجي سگهيو جيڪو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سندن پوئينرن وٽ محفوظ آهي، جيڪي هندستان ۾ رهن ٿا. شاهه صاحب جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري  ڌاريون ڪلام رسالي مان جدا ڪيائين. ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت ٽي ڳالهيون هن سامهون رکيون. هڪ شعر جي ٻولي، ۲ ڇند وديا مطابق شعري جي بيهڪ ۽ ۳ شاهه صاحب جي آفاقي اپروچ يا بلند خيالي، هن ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي به ڏني آهي. عربي ۽ سنسڪرت لفظن جا ڌاتو به ڄاڻايا آهن. هن شاهه صاحب جي شاعري جي خوبين تي پڻ بحث ڪيو آهي. جنهن کي بعد ۾ هن ۽ مقدمه لطيفي جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هر سر آڏو قصي کي بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن قصي مان شعر سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. انهن قصن ڪهاڻين کي بعد ۾ الڳ ڪري روح رهاڻ جو نالو ڏئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمه لطيفي ۾ شاهه صاحب جي صورت، سيرت، مذهب، وحدانيت، تصوف ۽ شعر ۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم ان جي  ٻولي نحوي بناوت جو پوري طرح ذڪر ڪيو اٿس. سچ ته ايئن آهي ته جهڙي طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات ۽ اخلاق کي گمنامي جي عالم مان ڪڍي روز روشن وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ غواص جو ڪم ڪيو آهي. جنهن ان بحر بيڪران ۾ ٽٻي ڏئي املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون ڇڏيا آهن. ان کانسواءِ لنواري جا لعل ۽ نور جهان سندس ڪتاب تصنيف ڪيل آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي دل ٽٽڻ جي ڪري ۱۱ جنوري ۱۹۴۷ع تي اٽڪل  ۶۳ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ ئي فرزند موهن نالي هو جو ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويو.



ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
شاهه جو شارح ۽ نقاد
جي ايم سيد
هي صاحب حيدرآباد جي گربخشاڻي عاملن جي خاندان مان هو. سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زمينداري ڪندو هو. سندس والد ديوان مولچند، پڙهي روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪهڙي عهدي تان رٽائر ڪيائين، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي. هي اصل واڌواڻي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا، جتان لڏي پوءِ مارڪيٽ جي ڀر ۾، آغا خاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺا. هن ابتدائي تعليم ڪنهن مڪاني پرائمري اسڪول ۾ ورتي هئي. سيڪنڊري تعليم اين. ايڇ. ائڪيڊمي حيدرآباد ۾ وٺي، ۱۸۹۹ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. هو ۱۹۰۰ع ڌاري، ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان ۱۹۰۵ع ۾ هن بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هي بمبئي جي ولسن ڪاليج ۾ ويو، جتان ۱۹۰۷ع ۾ هن ايم. اي جي انگريزيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ٿوري وقت لاءِ هي انهيءَ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٻئي سال ۱۹۰۸ع ۾ هي موٽي سنڌ ۾ آيو، ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر ٿي، ملازمت ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ سمورو وقت انهيءَ ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو رهيو. انهيءَ ڪاليج ۾ گهڻو وقت وائيس پرنسيپال ٿي رهيو، ۽ ۱۹۳۷ع ۾ پرنسيپال جي عهدي تي مقرر ٿيو. وچ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ هي وڌيڪ تعليم لاءِ ولايت ويو، جتان لنڊن يونيورسٽيءَ مان ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ جي مضمون تي ڊاڪٽريءَ جي سند ورتائين. سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا هئا. جن جي لاءِ، چوڻ ۾ اچي ٿو ته؛ اصل ۾ شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي، ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفياڻي تعليم ۽ تربيت مليل هئي. مثنوي مولانا روم، ٻين پارسي شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص درڪ هوندو هوس. هو گفتگوءَ ۾ اڪثر انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي شاگردن ۽ دوستن جو دائرو نهايت وسيع هو. منهنجي ٽهيءَ ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي صاحب سندس شاگردن مان هئا. سندس شاگردن ۾ هن لاءِ عزت ۽ احترام حد درجي تي پهتل هو. منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان واقفيت ۱۹۲۷ع کان برادرم ميران محمد شاهه جي معرفت ٿي هئي. نومبر ۱۹۲۸ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيس، ان وقت کان پوءِ سنڌ ڪاليج بورڊ تي ميمبر هئڻ ڪري، ساڻس اڪثري ملاقاتون پيئون ٿينديون هيون.
هن جي زندگيءَ جو مکيه ڪم، جنهن هن کي لاثاني شهرت بخشي آهي، سو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇپائي، پڌرا ڪري سگهيو. شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي، پر انهن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو به مقابلو ڪري نٿو سگهي. هن جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مثنويءَ جي شرح، مسٽر برائون جي ايراني شعر جي تاريخ ۽ حڪيم ثنائي جي ”حديته الحقيقت“ جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ شرح لکڻ وقت هن شاهه صاحب جي رسالن ۾ آيلن ڌارين بيتن ۽ سرن جي گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو جو مکيه ڪم هن ڪيو آهي، سو هيءُ ته شاهه صاحب جي ڪلام جي هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ نهايت عمدو مقدمو لکيو اٿس. جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح عمريءَ، صورت ۽ سيرت، مذهب، وحدانت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندس شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي نظر وڌي اٿس. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ، نحوي بناوتن جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. افسوس آهي ته سندس شرح جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ عدم پيدا آهي. هن وقت جڏهن شاهه صاحب تي سوين مضمون، ڪتاب ۽ شرح لکجي چڪا آهن، ته به ڊاڪٽر صاحب جو شرح سڀ کان مٿانهون، مفصل ۽ سٺو پيو نظر اچي. سچ ائين آهي ته جهڙيءَ طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات، اخلاق کي گمناميءَ جي عالم مان ڪڍي، روز روشن وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ غواص يا ٽوٻير جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ان بحر ذخار مان ٽٻي ڏيئي، املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون ڇڏيا آهن. انهيءَ شرح لکڻ ۾ هن جا محنت ڪئي آهي، ان جو پتو انهن کي پئجي سگهي ٿو، جن پوري توجهه سان اهو ڪتاب نظر مان ڪڍيو هوندو. سندس مقدمه شاهه جي ڪلام ۽ مسئله تصوف جي معلومات جو ڪوزه ۾ درياءُ بند ٿيل آهي. شاهه صاحب جي رسالي تي وڏي پيماني تي کوجنا جي اها پهرين ڪوشش هئي ۽ اڃا تائين ڪو به ماڻهو هن کان زياده ان جو سٺو شرح لکي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر مرحوم جا ٻيا هيٺيان ٻه ڪتاب به تصنيف ڪيل آهن: (۱) نورجهان (ناول)، ۽ (۲) لنواريءَ جا لعل. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ڪيترن ئي عالمن پڙهايو، جن ۾ پرنسيپال صاحب سنگهه شهاڻي، صورت سنگهه بٽاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند، پروفيسر اجواڻي، آڏواڻي، ملڪاڻي، پروفيسر شيخ ۽ ٻيا پنهنجو مٽ پاڻ هئا - جي اڪثر صوفي خيالن جا هئا؛ پر پرنسيپال بٽاڻي ۽ پرنسيپال گربخشاڻي ٻيئي انهيءَ رستي ۾ مکيه بزرگ شمار ڪيا وڃن ٿا. ٻيئي شاهه عنايت عرف شاهه شهيد جهوڪ جي سلسله همه اوست سان واسطو رکندڙ  هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو والد ۽ ڏاڏو جهوڪ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ هئا، ۽ پرنسيپال بٽاڻي وري اڻ سڌيءَ طرح ڪنڊڙيءَ جي نصير فقير معرفت انهيءَ تعليم ۽ تربيت مان سبق پرايا هئا؛ ۽ جي چڱيءَ طرح کوجنا ڪبي، ته خود شاهه صاحب به انهيءَ شاهه شهيد جي ميخاني مان مستفيد ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو. ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم پرنسيپال ٿيڻ بعد ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت هن لا ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج برپا ڪرايا. سندس انتقال اوچتو دل جي ٽٽڻ ڪري ۱۱ فيبروري ۱۹۴۷ع تي ڪراچيءَ جي شهر ۾ ٿيو. ان وقت سندس عمر چوهٺ سال هئي.
کيس هڪ فرزند موهن نالي هو، جنهن مسٽر ڀيرومل مهرچند جي نياڻيءَ، ستيءَ، سان شادي ڪئي هئي، جو ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. هن وقت اُهي ٻيئي زال مڙس گذر ڪري ويل آهن. سندن پٽ منگهارام موهنداس هوتچند گربخشاڻي، هن وقت ويراوال اسٽيٽ ۾ ويونگ سپرنٽينڊنٽ آهي. ٽيهه سال کن عمر اٿس، انڊين ريان ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪري ٿو.
(جي ايم سيد جي ڪتاب جنب گذاريم جن سين تان ورتل)



ڊاڪٽر گربخشاڻي
شاهه جو پهريون شارح
شوڪت حسين شورو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سنڌ ۾ هڪ معجزي وانگر آهي ۽ ان معجزي کي جڳ ۾ پڌرو ڪرڻ وارو ڊاڪٽر گربخشاڻي آهي. هو شاهه جي رسالي جو پهريون شارح آهي. شارح ۽ محقق هجڻ سان گڏ هو ادبي تنقيد، علم لسان، تواريخ ۽ سماجيات جو ماهر، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي ادب ۽ تصوف جو وڏو ڄاڻو به هو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۸ مارچ ۱۸۸۳ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. هوتچند جو ڏاڏو ديوان نئنسکداس زميندار هو ۽ سندس زمينون حيدرآباد ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي مرڙاڻين جي ڳوٺ ۾ هيون. سندن گهر پهرين واڌواڻي گهٽيءَ ۾ هو، پوءِ هو ٽنڊي ولي محمد ۾ مارڪيٽ وٽ خواجه جماعت خاني جي ويجهو جاءِ ٺهرائي رهڻ لڳو. پاڻ صوفي خيالن جو هو ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري جو مريد هو. سندس پٽ مولچند پڻ درويش صفت انسان هو ۽ پيءُ وانگر صوفي مت جو هو. مولچند ٽنڊي محمد خان ۾ روينيو آفيسر هو. هوتچند صوفياڻي ماحول ۾ اک کولي. سندس ابتدائي تعليم پنجين درجي تائين مشن اسڪول حيدرآباد ۾ ٿي. سنڌيءَ جو برک اديب پرمانند ميوارام ۽ کيمچند امبرتراءِ (انگريزي ۾ نڪرندڙ هفتيوار ”سنڌ جرنل“ جو ايڊيٽر) سندس استاد هئا. انهن ٻنهي ڄڻن عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو. هوتچند جو گهڻو وقت هنن جي صحبت ۾ گذرندو هو، ان ڪري اهي افواهه به هليا ته هوتچند ڪرسچن ٿيڻ وارو آهي.
هوتچند کي پنهنجي مادري زبان ۽ ادب سان محبت پرمانند ميوارام وٽان حاصل ٿي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي، جتي ۱۹۰۰ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو. انگريزي سان گڏ فارسي زبان ۽ ادب سندس مک مضمون هو. هوتچند فارسي ۾ تصوف جو ۽ ايران جي صوفي شاعرن سنائي، عطار، مولانا رومي، حافظ، سعدي ۽ جاميءَ جي شاعري جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان انٽر ڪرڻ بعد هو ولسن ڪاليج بمبئي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۰۵ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. ساڳئي ڪاليج مان ٻن سالن بعد ايم اي ڪيائين. ڪجهه مهينا ولسن ڪاليج ۾ پڙهڻ کانپوءِ ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، ڪراچي ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، هو هڪ ماهر ۽ رعبدار پروفيسر ليکيو ويندو هو. مولانا رومي جي مثنوي پڙهائيندي پاڻ وجد ۾ اچي ويندو هو. ان ئي ڪاليج ۾ ۱۹۲۷ع ۾ وائيس پرنسپل، ۱۹۴۰ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ۽ آگسٽ ۱۹۴۳ع کان ڪاليج جو پرنسپل ٿي رهيو. ان وچ ۾ هو تعليمي موڪل تي لنڊن ويو، اتي هن ۱۹۲۸ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان: “Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England” هو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي يار ويس هو. دل جو صاف ۽ دوستيءَ جو پڪو، هندو مسلم ايڪتا جو حامي هو. سندس اسلام دوستي مشهور هئي. ايتريقدر جو کيس هوتچند بدران هوت خان به سڏيو ويندو هو. هن جي دوستن جو حلقو نهايت وسيع هو. خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽ سيد ميران محمد شاهه سندس شاگرد هئا ۽ پوءِ دوست بڻجي ويا. جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پرنسپل ڀارواڻي، گوبند رام ڪرپالاڻي ۽ ٻيا هن جي دوستن مان هئا، جيڪي سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. جيتوڻيڪ سر غلام حسين هدايت الله کائنس عمر ۾ وڏو هو، پر تڏهن به کيس ڊاڪٽر صاحب لاءِ نهايت ئي گهڻي عزت هئي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو دلي لڳاءُ پنهنجي مادري زبان جي خدمت ڪرڻ سان هو. هن جي دلچسپي جو مرڪز تصوف ۽ سنڌي صوفياڻو ڪلام هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سان لنئون لڳل هئس. ان ئي عشق کيس شاهه جي رسالي کي جديد نموني سهيڙڻ ۽ شرح لکڻ تي آماده ڪيو. هن ئي پهريون دفعو ادبي تنقيد جي مغربي اصولن ۽ خالص ادبي ماڻن سان شاهه جي رسالي تي ڪم ڪيو. پير حسام الدين راشدي جي چوڻ موجب ”ڊاڪٽر گربخشاڻي، خدا بخشيس، پهريون سنڌي آهي، جنهن انگريزي وضع قطع تي اسان کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريو ۽ راز سمجهايو.“ ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ڇپيل توڙي قلمي نسخن سان گڏ شاهه جي گنج کي به آڏو رکيو. هن شاهه جي رسالي جو پهريون ڀاڱو ۱۹۲۳ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪيو. ٻيا ٻه ڀاڱا ۱۹۲۴ع ۾ ۽ ۱۹۳۱ع ۾ شايع ڪيائين. ٽنهي جلدن ۾ ۲۰۳۹ بيت ۽ ۱۴۷ وايون آهن، ۽ ڪل ۱۸ سُر تصحيح ٿيل آهن، جن جي شرح ۽ معنيٰ ڏني ويئي آهي. رسالي جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ ان جو مسودو غائب ٿي ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي جو جيڪو مقدمو لکيو آهي، سو شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. اهو مهاڳ بعد ۾ ”مقدمه لطيفي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو آهي، جيڪو سنڌالاجي طرفان ڇپيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري ۾ تواريخي ثبوتن ۽ ڏند ڪٿائن کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن شاهه جي شاعريءَ جي هر پهلو جو جديد ادبي تنقيد جي ڪسوٽي تي جائزو ورتو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي ۾ لفظن جي بڻ بنياد ۾ وڃي، سندن اُچار ۽ معنيٰ قائم ڪرڻ ڪاڻ فارسي، عربي ۽ سنسڪرت کانسواءِ ترڪي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي، هندي، گجراتي ۽ مرهٽي وغيره جي لغتن جو به سهارو ورتو. هن شاهه جي رسالي مان ڌارئي ڪلام کي الڳ ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪيو، جنهن تي ڄيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ”ڀارت-واسي“ ۾ هن خلاف سخت ليک لکيا. جڏهن ته وقت ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي صحيح هو. هن لکيو آهي ته”هي ڪم نهايت ڪٺن آهي، ڪماليت ڪنهن کي حاصل نه آهي، عيبن ۽ اوڻائين ٿيڻ جو امڪان آهي. فقط سنڌي ساهت جي خدمت جي شوق وچان هي ڀاري ڪم پاڻ تي هموار ڪيو اٿم... جڏهن اهڙو ڪو عالم ساماڻبو جو رسالي جو هن کان به بهتر نسخو تيار ڪري ڇپائيندو، تڏهن ئي چئبو ته هي پورهيو سجايو ٿيو.“ رسالي مرتب ڪرڻ جي ڪم ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي پنهنجن ٻن شاگردن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ غلام دستگير پانڌياڻي جو ساٿ حاصل رهيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي بابت پير علي محمد راشدي لکيو آهي ته”سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر تي سندس هڪ اهڙو وڏو احسان آهي، جنهن جو بار سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن لاهي نه سگهندا... هونءَ ته ڀٽائي گهوٽ جي شهرت عام هئي، پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ سندس ڪلام جي مقبوليت اهڙي نه هئي، جهڙي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتابن جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ٿي. شاهه جو ڪلام ڳايو ضرور ويندو هو، پر ڪلام جي ڳوڙهائي ۽ شرح جي پروڙ ڪن ٿورن ماڻهن کي هئي. اڪثر مجلسن ۾ حافظ، جامي ۽ سعدي جي ڪلام جو تذڪرو هوندو هو. فارسي اڃان تائين علمي زبان سمجهي ويندي هئي، چٺي چپائي به فارسي ۾ لکي ويندي هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت جي ناقدري جو حال اهو هو جو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو شايع ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائي تي گهڻو خرچ ڪري چڪو هو. نفعو ته ٺهيو، پر اهو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هئس... پر وقت گذرندي، هوريان هوريان، ان ڪتاب جي برڪت سان شاهه صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت ۾ سنڌين جي دلچسپي وڌندي ويئي. ۱۹۳۰ع کان پوءِ ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ سنڌين کي لڪل خزانو نئين سر هٿ آيو آهي، گهڻي تحقيق ان کانپوءِ ٿيندي رهي.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي رسالي ۾ قصن وارن سُرن جو تمثيلي پاسو چٽائي سان ظاهر ڪيو آهي. شاهه سائين جي ڪلام ۾ لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن کي تواريخي پسِ منظر ۽ سمجهاڻين سان گڏ ”روح رهاڻ“ نالي جدا ڪتابي صورت ۾ سن ۱۹۳۳ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٻين تصنيفن ۾ ”نورجهان“ (ناول) ۽ ”لواريءَ جا لال“ شامل آهن. لواري شريف جي صوفي درويشن جي حياتي ۽ فڪر تي ”لواريءَ جا لال“ ڪتاب ۾ تصوف تي عالماڻي مهاڳ کانسواءِ خواجه محمد زمان رحه جي سوانح عمري ۽ سندس ۱۵ بيت ڏنا ويا آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۱۱ فيبروري ۱۹۴۷ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچي ۾ گذاري ويو. سندس ۳۹ ورسيءَ جي موقعي تي مدد علي سنڌي پاران حيدرآباد ۾ هڪ ادبي تقريب ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن جي صدارت محمد ابراهيم جويي ڪئي ۽ خاص مهمان سيد ڏنل شاهه درٻيلي وارو، اڳوڻو سيشن جج هو، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاگرد هو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ياد ۾ ڪڏهن به ڪا تقريب نه ڪوٺائي ويئي آهي.




هوتچند گربخشاڻي
هِنئون هڪ هُئومِ
شعبان وسطڙو
جڏهن ڌرتي جي مٽي مان گلابن جو ڦوٽهڙو ٿيندو آهي، تڏهن چوڏس هڳائن جي هٻڪار واسجي ويندي آهي ۽ اسان جي ڌرتي سنڌ به انهي سٻند سان سلهاڙيل رهي آهي، جتي گلابن جي ڦٽڻ جي ڪمي محسوس ناهي ٿي- پر انهن گلابن جي واس هر طرف اهڙي ته سرهاڻ پکيڙي جنهن سان ڏيهه ته ڏيهه پر پرڏيهه به واسجي ويو. اهڙو گل سنڌ ڌرتي جي اڱڻ ٿي ڦُٽو، جنهن پنهنجي مهڪ سان ديس پرديس مهڪائي ڇڏيو، ۽ اهو گل مولچند گربخشاڻي جي آڳنڌ تي ٽڙيو، جنهن پنهنجي روح کي راحت ڏيندڙ خوشبوءِ سان ڏيهه کي واسي ڇڏيو. هوتچند گربخشاڻي ۸ مارچ ۱۸۸۴ع حيدرآباد ۾ پئدا ٿيو.
سنڌي ڌرتي سدائين امن جي ڌرتي ته رهي آهي پر هن ڌرتي جيڪي ذهن پئدا ڪيا آهن، سي به توهان کي دنيا ۾ ڳولي نه لڀندا. حيدرآباد جهڙي تاريخي شهر ۾ هڪ اهڙي ٻار جو جنم ٿئي ٿو، جيڪي تعليمي اعتبار کان هڪ ڏياٽي جيان روشني پکيڙي ۽ علم جو عَلَمُ هٿ ۾ کڻي اها صدا هڻي ٿو ته اسان کي جهر جهنگ، وستي واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر ۾ اهو ڏيئو روشن رکڻو آهي، جنهن جي تڙپ ۾ هو پاڻ پهريائين پتنگ جيان پچي راس ٿئي ٿو، تڏهن هن علم جو در کڙڪائڻ لاءِ حيدرآباد جي پرائمري اسڪول کان شروعات ڪئي. بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڄيٺ مل سنڌ ڪاليج مان ۱۹۰۵ع ۾ بي اي پاس ڪيائين ۽ ممبئي جي ولسن ڪاليج مان ۱۹۰۷ع ۾ ايم اي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. برصغير جو پهريون شخص هو، جنهن انگريزي ادب ۾ انگريزي شاعري ۾ تصوف جي عنوان تحت مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
گربخشاڻي صاحب کي تعليم پرائڻ کان پوءِ نڄاڻ ڪيئن سمورو علم سندس نسن ۾ انهي رت جيان گردش ڪرڻ لڳو، جيڪو پورو جسم کي سپلاءِ ڏئي هشاش بشاش رکي ٿو ۽ پوءِ هن علم حاصل ڪري، علم ورهائڻ شروع ڪيو ۽ پيغمبري پيشو اختيار ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ولسن ڪاليج ۾ انگريزي ۽ فارسي جو استاد مقرر ٿيو، ۱۹۲۸ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ جي لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. ولايت مان واپس اچڻ کانپوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ مختلف منصبن تي فائز رهڻ کانپوءِ پرنسپال مقرر ٿيو.
ادب ۽ علم سان لنؤ ڊاڪٽر صاحب کي رچائي ريٽو ڪيو، جڏهن قلم سندس هٿن ۾ آيو ته هن اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جنهن هزارين حيران ڪري ڇڏيا. هن پنهنجا اهڙا پڙهندڙ پئدا ڪيا جيڪي سندس لکت سوچ ۽ ساڃاهه تي مريد بنجي پيا. گربخشاڻي صاحب سنڌي ادب جو هڪ وڏو دانشور ۽ محقق اديب ۽ ڏاهو ٿي رهيو آهي. شاهه جو رسالو ٽن جلدن ۾، لنواري جا لال ۽ نورجهان ناول جهڙا بهترين ڪتاب لکي ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. زندگيءَ ۾ مالڪ جڏهن ڪنهن کي عزت بخشيندو آهي، تڏهن کانئس اهڙو ڪم وٺندو آهي جنهن ۾ انسانذات جو ڀلو ٿيندو هجي ۽ جنهن ۾ روشن راهه ۽ واٽ ڏيکاريل هجي ۽ ڊاڪٽر صاحب به پنهنجي قلم جي ڏات ۽ ڏانءُ سان ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. گربخشاڻي صاحب، شاهه صاحب جي رسالي جي شرح لکي ڪمال جو ڪم ڪيو. انهيءَ ڪم کيس شهرت جي بلندين تي آڻي ڇڏيو. هيتري وقت گذرڻ کانپوءِ به ڪيترن ئي محققن عالمن ۽ ڏاهن شاهه صاحب تي تمام بهتر ۽ سهڻو ڪم ڪيو آهي پر ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪم واري سطح تي اڃان ڪو به رسي نه سگهيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي لکت ۽ ان منجهه استعمال ٿيندڙ ٻولي اهڙي ته وزنائتي ۽ مضبوط هوندي آهي، جيڪا اندر ۾ ڄڻ ڇيت بڻجي لهي ويندي آهي ۽ ان جو ڇُهاءُ هر وقت هر لمحي اهو احساس ڏياريندو آهي ته هي جيڪا پڪي پختي لکت آهي سا آوي ۾ پڪل ڪنهن ٿانوَ جيان آهي.  ڊاڪٽر صاحب جيڪا سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪئي آهي، ۽ جيڪو نور نچويو آهي، سچ پچ ته جهڙو اسين ان جي ڪمائي کائي رهيا آهيون. جهڙوڪ هر شي اسان کي آسان ۽ سولي ڪري ڏئي ويو هجي. ڇو ته هن ٻولي ۾ لکت کي هڪ نئون موڙ ڏنو.
جيڪو ماڻهو فقيري طبيعت رکندڙ هجي اهو هر ڪنهن جو ڀلو ئي چاهيندو آهي ۽ جيڪو ڏينهن رات انسانن جي ڀلي لاءِ راهون پيو هموار ڪندو ته يقين ڄاڻو ته ائين ڀانئبو ان جي سموري وجود ۾ صوفياڻا رنگ ئي پيا ڀربا. ڊاڪٽر صاحب جو مطالعو نهايت ئي وسيع هو ۽ انهي وسيع مطالعي ۾ شاهه جو رسالي جي ترتيب به سندس ڪمال آهي.
جيڪو ماڻهو جنهن سان عشق ڪري ٿو ان ۾ معشوق واريون خصلتون به روح اندر رچي وڃن ٿيون. ڊاڪٽر صاحب به شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان روحاني جذبي وارو جنون جي حد تائين عشق ڪيو. جنهن کيس روحاني رمزن سان اهڙو ته کڻي سوگهو ڪيو، جو شاهه جي رسالي واري شرح ڪمال جي حد تائين لکي ويو، ڊاڪٽر صاحب جي لکيل ٻولي نهايت ئي سادي سلوڻي ۽ عام فهم واري آهي، جيڪا ڊاڪٽر صاحب جي ڪماليت آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لکت ۾ اهڙو ته چس رکيل آهي جو پڙهندڙ جهڙوڪ سندس مداح ٿيو وڃي. سندس ٻولي پختي آهي جيئن نورجهان ناول ۾ سندس لکيل ٻولي پڙهڻ سان ئي من کي اُتساهه ڏئي ٿي ۽ پڙهندڙ سندس ٻوليءَ مان لطف اندوز ٿئي ٿو ته ڪيئن نه هن سنڌي ٻولي کي نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهڻو ۽ سيبتو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو کيرون لهڻي ۽ اهو ڊاڪٽر صاحب جو اسان جي ٻولي تي ۽ اسان تي وڏو ٿورو آهي.ڊاڪٽر صاحب ننڍي هوندي کان صوفي منش ماڻهو هو، انهي ڪري تصوف جي مضمون تي تمام گهڻي دسترس رکندو هو ۽ هن ان صوفياڻي علم تي عمل به ڪري ڏيکاريو، بلڪل ائين جيئن،
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو
جڏهن صوفي رنگ ۾ رنڱجڻ لڳو تڏهن ڊاڪٽريٽ به تصوف واري موضوع تي ڪيائين ۽ انهيءَ تصوف ۽ صوفياڻي رنگ جي ڪري خيام ۽ حافظ سعدي کي ڏاڍي عشق جي حد تائين پڙهندو هو.
ڊاڪٽر صاحب جو لکت ۾ جيڪو وڏو ڪارنامو ڳڻايو وڃي ٿو، سو آهي شاهه صاحب جي رسالي جي شرح، جنهن ۾ نهايت مدبرانه ۽ عالمانه صلاحيتن سان لکي شاهه صاحب جي سوانح حيات کي جنهن انداز سان پيش ڪيو آهي، انهي لاءِ جيتري به واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. ڇو ته ان مان ايندڙ نسل ايترو ته لاڀ حاصل ڪيو آهي جو جيڪا شاهه صاحب تي تحقيق ٿي رهي آهي، ان لاءِ محقق سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪم جو حوالو ڏئي ٿو ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ آساني رهي ٿي.  ڊاڪٽر صاحب جي انهن مڙني ڪمن کان جيڪو بهتر ڪم هو، اهو هو انسان ذات سان محبت. هو ڏاڍو محبتي ماڻهو هو، جنهن کي پريشاني ۽ تڪليف ڏسندو هو ته هن کي اهو پنهنجو درد محسوس ٿيندو هو. ماڻهن سان تعلق جوڙي رکڻ وارو شخص هو، هونءَ به چوندا آهن ته دنيا جو سڀ کان خوبصورت ٻوٽو تعلق قائم رکڻ سان قائم رهي ٿو، جيڪو سچ پچ به ته، زمين مان نه پر دلين ۾ ڦٽي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جي محنت سچائي ۽ حب الوطني وارو جذبو ڏسي مون کي هي سٽون من تي هُري اچن ٿيون ته،
هِنئو هڪ هُئومِ، جو مون ڏنو پرين کي،

ٻيو تان ڪو نه ڪِئومِ، جو آءٌ آڇيان عام کي.



ڊاڪٽر گربخشاڻي
سندس گم ٿيل ڇهه ڪتاب
مختيار ملاح
هوتچند مولچند گربخشاڻي (۱۸۸۴_۱۹۴۷ع)، جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سال ۱۹۰۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي اي، ۱۹۰۷ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم اي پاس ڪيائين. ۱۹۲۸ع ۾ انگلينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي آيو. ڊي جي ڪاليج ۾ فارسي ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي ڪاليج ۾ ۱۹۲۷ع ۾ وائيس پرنسپال، ۱۹۴۰ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ۽ ۱۹۴۳ع کان ۱۹۴۴ع تائين ڪاليج جو پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هو محقق، مترجم، ناول نگار ۽ شاهه جو شارح هو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ  شاهه جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي دلي لڳاءُ هو، هن شاهه جي شاعريءَ کي جديد نموني سهيڙڻ ۽ شرح لکڻ  جو ڪم شروع ڪيو. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇپائي، پڌرا ڪري سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ  شاهه جي شاعريءَ جو مقدمو ”مقدمه لطيفي“ ۽ ”روح رھاڻ“ لکيا. هڪ ناول ”نورجهان“ جي نالي سان به لکيو. هڪ ٻيو ڪتاب ”لنواري جا لال“ به شايع ٿيل آهن.
افسوس آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي عظيم عالم جا ڪي ڪتاب شايع ٿيڻ کان پهرين يا پوءِ گم ٿي ويا، جنهن لاءِ اسان جي ادارن کي ڪوشش وٺڻ گهرجي، انهن جو مختصر  احوال هيٺ ڏجي ٿو:

۱. شاهه جي رسالي جو گم ٿيل چوٿون جلد
هي شاهه جو رسالو ڊاڪٽرهوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ٽن جلدن ۾ ترتيبوار پهريون جلد ۱۹۲۳ع ۾، ٻيو جلد ۱۹۲۴ع ۾ ۽ ٽيون جلد ۱۹۳۱ع ۾ شايع ٿيو. رسالي جو چوٿون جلد پڻ تيار ڪيو هئائين، جيڪو ڪن سببن جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو . ۱۱ فيبروريءَ تي سندس ديهانت ٿي ويو ۽ چوٿون جلد خبر نه آهي ڪٿان کان ٿيندو هميشه لاءِ گم ٿي ويو. مدد علي سنڌي صاحب، رسالي جي نئين ايڊيشن ۾ تفصيل سان چوٿين جلد جا پيرا کنيا آهن. اڃا به وقت ويو نه آهي، سنجينده ڪوشش ڪري چوٿين جلد کي تلاش ڪري سگهجي ٿو.

۲. تتسم شبدن جي تدڀو ٿيڻ جا نيم
هن ڪتاب جو ذڪر، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“  ۾ ڪيو آهي، وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي.

۳. Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England
ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن  انگريزي ادب تي ڊاڪٽريٽ ڪئي. هن ۱۹۲۸ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ. ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان: “Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England”  هو. سندس پي.ايڇ. ڊي ڪيترائي سال شايع ٿي نه سگهي هئي. بهرحال، ۱۹۸۴ع ۾ هندستان مان شايع ٿي، جنهن کي ۲۰۱۸ع ۾  سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد  پاران پهريون دفعو  سنڌ ۾ ڇپايو ويو. ان ڪتاب جي مهورت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نياڻي گل هوتچند ڇڳاڻي سنڌ آئي هئي. ان جي اشاعت جو سهرو ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سابق چئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي  جي سر تي آهي.

۴. A Brief  Survey of published  Sindhi Literature
هيءَ هڪ دراصل رپورٽ آهي، جيڪا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ صاحب ۱۴ نومبر ۱۹۲۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ڏانهن موڪلي هئي، جنهن جي آڌار تي بي اي جي ڪورس ۾ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو مضمون شامل ڪيو ويو هو. هيءَ رپورٽ ڊي جي ڪاليج جي مسيلنيءَ ۾ ٽن قسطن ۾ شايع ٿي هئي. ان کان علاوه  بمبئي يونيورسٽيءَ جي جرنل ۾ مڪمل شايع ٿي هئي. هيءَ رپورٽ هن وقت اڻ لڀ آهي. ان کان علاوه جوزف شپليءَ جي ۱۹۴۶ع ۾ ايڊٽ ڪيل ENCYCLOPEDIA OF LITERATURE جي پهرين جلد ۾ سنڌي ادب تي مضمون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شامل ڪيل آهي. اهڙي طرح، هن ڊي.جي ڪاليج جي ميگزين ”مسيليني“ ۾ ڪي انگريزي ۾ مضمون لکيا هئا ۽  ڪن انگريزي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا، انهن سڀني کي گڏي هڪ مڪمل ڪتاب تيار ڪري سگهجي ٿو. مگر اهي شيون تلاش ڪير ڪندو؟

۵.   طيبات/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:۱۲۹۲ع/۶۹۱هه)
 ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ انگريزي زبان ۾ سعدي شيرازيءَ  کي ” طيبات سعدي“ (۱ کان ۷۵ غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي)
 Persian text with introduction translation and notes by H. M. Gurbaxani Complete Translation of Saadi's Tayyibat
جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو  ۱۹۱۸ع ۾ يونين اسٽيم پريس لاهور، طرفان ليٿو  ڪرايو  ويو. (حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -۲، پارٽ ۶، فارسي ڪتاب، ص -۵۱۲)

۶. شاهه نامه/ابو القاسم حسن فردوسي
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ فردوسي جي ”شاهه نامه“  کي ۱۹۱۲ع ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ميٽرڪ جي امتحان لاءِ نصاب ۾ داخل، سمجهاڻي سميت، ڪراچي سنڌ: يونين اسٽيم پريس شايع ڪيو. (حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري (واليوم -۲، پارٽ ۶، فارسي ڪتاب. ص – ۴۷۴)



ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
[۱۸۸۴ع – ۱۹۴۷ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاه جو شارح، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ۸ مارچ ۱۸۸۴ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. مئٽرڪ ۱۹۰۰ع، بي اي ۱۹۰۵ع، ايم اي ۱۹۰۷ع، ۽ لنڊن مان ۱۹۲۸ع ۾ پي ايڇ ڊي (ph: D) جي اعليٰ سند حاصل ڪندي؛ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون بجا آڻيندو رهيو، جتان پرنسپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين.
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين ئي خوبين ۽ صفتن جو صاحب هو. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ نه ٿئي، ”ڊاڪٽر صاحب جو هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ئي ”علم“ هو“. فيبروري ۱۱، ۱۹۴۷ع تي سرڳواس ماڻيائين. سندس لکيل ڪتاب حالانڪ ٿورا آهن، جن جو تعداد فقط پنج آهي، جيڪي: ”شاه جو رسالو“[1] (مڪمل چئن جلدن مان، ٽي جلد ڇپجي چڪا آهن)، ”روح رهاڻ“، ”نور جهان“، (۱۹۱۵ع) ۽ ”لواريءَ جا لعل“، (۱۹۳۴).
ڊاڪٽر صاحب جون مذڪوره تصنيفات، موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ غير فاني حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جي مڪمل شرح ۾ ساڻس اڃا ڪو ٻيو برميچي نه سگهيو آهي. خود يورپ وارن به سندس محنت کي داد ڏنو هو. شمس العلماع علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب (۱۸۹۶۱۹۵۸) به سندس شاگردن مان هو.









[1] پهريون جلد ۱۹۲۳ع، ٻيو جلد ۱۹۲۴ع ٽيون جلد ۱۹۳۱ع ۾ ڇپيو آهي. افسوس جو چوٿون جلد پڇاڙيءَ تائين شايع ٿي نه سگهيس. ضروري ڄاڻندي، ۱۹۶۷ع ۾ ”اداره آواز ادب حيدرآباد“ طرفان پهريون جلد ٻيهر شايع ٿيو آهي. تازو، ۱۹۷۹ع ۾ ”شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪزي ڪميٽي، حيدرآباد“ مذڪوره ٽنهي جلدن کي يڪجاءِ ڪري، وڏي تختيءَ تي نئين آب و تاب سان شايع ڪرايو آهي. البته پروف جون منجهس وڏيون غلطيون ٿيل آهن. ثابتيءَ لاءِ شروعاتي بيت ڏسڻ ڪافي ٿيندو





No comments:

راءِ ڏيندا