; سنڌي شخصيتون: September 2018

30 September, 2018

شميم آرا


شميم آرا
علي ڳڙھ جي پتلي ٻائي
نصير مرزا


هِتي ان جو اهو مقصد ته قطعي نه، ته ڪا اها پُتلي ٻائي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿي ڪراچي پهتي هُئي. هوءَ ته انهيءَ ڳڙهه جي سانوري سلوڻي مٽي هُئي ۽ جتي هُن جي والده ماجده نازڪ نفيس رقاصه ۽ ناني “بلما بيگم” وري ڪرسيءَ واري سڏبي هُئي. ورهاڱي بعد نيپيئر روڊ کي هن ڪٽنب پنهنجو مسڪن بنايو ته بس ان ئي بازار ۾، ڀارت مان آيل فلم هدايتڪار نجم نقوي هن کي ڏٺو ۽ فلم “ڪنواري بيواهه” لاءِ چونڊي مٿس نالو رکيو شميم آرا! هوڏانهن وارين اداڪارائن مان حُسن جي ديوي مڌو بالا تي جيڪڏهن حُسن ختم ته هيڏانهن فلم “لاکون مين ايڪ” جي هن هيروئن پُتلي ٻائي آف علي ڳڙهه عرف شميم آرا تي وري جذباتي ڪردار نگاري خلاص! هونئن هي شميم آرا نالو وري اهڙو ڄڻ اکين آڏو ريشمي اطلس و ڪيمخواب جو ڪو تاڪيو کُلندو وڃي. شميم آرا جا پُرڪشش ساروپا ته پنهنجي جاءِ تي، پر سنهڙي ڳچيءَ ۾ جهولندڙ سونو لاڪيٽ، بدن تي ڪڏهن ساڙهي ته ڪڏهن علي ڳڙهه ڪٽ غرارو، مٿان گنگا جمني اردو ۾ ڊائلاگس، پر هي ويٺي ويٺي شميم آرا ۾ اڄ اها مُنهنجي ايڏي دلچسپي الائي ڇو؟! اصل ۾ هي تازو جيڪا هر پاسي ادبي ميلن جي بهار ۽ ڀرمار هئي، انهن منجهان ڪنهن ميلي مان فيض احمد فيض صاحب جي نياڻي منيزا هاشميءَ جي مختلف علمي، فلمي ۽ سياسي شخصيتن کان ورتل انٽرويوز وارو ڪتاب مون خريد ڪيو هو “ڪون هون مين؟” ته بس پُتلي ٻائي عرف شميم آرا جو پورٽريٽ ۽ انٽرويو ته ان ڪتاب ۾ مون کي ڏاڍو موهيو هو. فلمن ۾ پنهنجي پهرئين انٽريءَ بابت منيزه صاحبه کي شميم آرا ڳالهه ئي ٻي ٻُڌائي آهي، جنهن جو لب لباب هي ته، ڪنهن بهاني ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ساهيڙيءَ جي گهر ملڻ لاءِ آئون وئي هئس. خبر پئي ته هندستان مان تازو پهتل ڪو فلم هدايتڪار نجم نقوي منهنجي ساهيڙي کي فلم ۾ هيروئن جي ڪردار لاءِ ڏسڻ پيو اچي. جيڪو نيٺ آيو، هاڻي ڇا ڏسان ته نجم نقوي صاحب ڳالهائي منهنجي ساهيڙيءَ سان پيو ۽ اک وري مون مان نه پيو ڪڍي. نيٺ چئي ويٺو، توُن منهنجي فلم “ڪنواري بيواهه” جي هيروئين ٿيندينءَ!؟ هاڻي ان فلم معرفت فلم اسٽوڊيوز جا دروازا مون تي کُليا ته بس کُلندا ئي ويا. هاڻي ٻي فلم “سهيلي” جنهن جو گيت گهڻو مشهور ٿيو “هم ڀول گئي هر بات، مگر تيرا پيار نهين ڀولي” ۽ ان کان پوءِ فلمن جي قطار لڳي وئي. پاڪستاني ديوداس فلم ۾ هن کي “پارو” جو ڪردار مليو. بقول شميم آرا ته، پاڪستان جي پهرين رنگين فلم نائله ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته هيروئن طور منهنجو انتخاب ٿيو. سڀني چيو ته هيءَ ته سانوري آهي ۽ فلم رنگين.

سوز ھالائي - نصير مرزا


سوز ھالائي
دل جي حالت عجيب تر آھي
نصير مرزا
گلن، اجرڪن ۽ خوشبوئن سان واسيل، ڏوليءَ ۾ ڪانڌين جي ڪلهن تي سوار هيءُ اسان جو سجيلو ۽ سُريلو سرجڻهار “سوز هالائي” پنهنجي جنم واري ڀٽي پاڙي هالا پراڻا منجهان نروار ٿيو ۽ پوءِ امام بارگاهه فيض شاهه جو سلامي ٿي، سنڌو درياهه جي بند تي آيو، جتان پنهنجي آخري آرامگاهه “کُڏي کٿوري” قبرستان ڏانهن روانو پئي ٿيو، تڏهن ڪانڌين جي جلوس ۾ آلين اکين سان، سندس غزل جو هيءُ شعر چپن تي چڙهي آيم:
شهرِ جانان مان ٿيو گُذر آهي
دل جي حالت عجيب تر آهي

27 September, 2018

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ
منصوري صدا جهڙو شاعر
حفيظ چانڊيو

پوري قوم جون اکيون، شاعرن جي قلم واري اک مان نڪتل انهن لفظن منجهه کتل هونديون آهن، جيڪي سندن سجاڳي لاءِ لکيا ويندا آهن، شاعر ئي قومن جا اصل وارث بڻبا آهن، جيڪي سندن وارثي ڪندي ابن الوقت سان اکيون اکين ۾ ملائي قوم جي بقا جي جنگ وڙهندا آهن، شاعرن جي شاعري عظمت ڀري هوندي آهي، ڇو جو ان منجهه ماڻهن کي مسلسل جدوجهد لاءِ اتساهه ملندو آهي، شاعر وٽ پنهنجي ڪيفيتن، پيار ۽ پيڙائن، ڪومل جذبن،اندر ۾ ذهن ۽ ضمير جي جهيڙي ۾ اٿندڙ اڌمن ۽ اڻپورن احساسن جو اظهار سندس اها شهڪار شاعري ئي هوندي آهي، شاعر ته ٺهيل ئي ڪيفيتن جا هوندا آهن، اهو شاعر جيڪو مختلف ڪيفيتن مان نه ٿو گذري، سو سٺو شايد نه لکي سگهي، آءُ پنهنجي راءِ رکندي هيئن لکندس ته جيڪو شاعر ڪيفيتن جو يار آهي، سو ئي سگهارو نظم توڙي نثر سرجي سگهي ٿو، هونئن به ڪيفيتون، جن جا رنگ ۽ روپ ئي نرالا هجن ٿا، سي رنگ جڏهن تخليقار جي تخليق ۾ رچي وڃن ٿا ته اها تخليق اوج پسندي آهي، ڪيفيتن مان ڦٽي نڪتل نظم ۽ نثر جا ماڻهو، پنهنجي دور جا تمام وڏا ۽ سگهارا تخليقار بڻبا آهن، جيڪڏهن شاعر کان ڪيفيتون ڌار ڪري ڇڏيو ته هو روايتي ماڻهو بڻجي ويندو، اهو ڪمال حقيقت ۾ ان تخليقار جو ناهي، پر ان ڪيفيت جو آهي، جيڪا مٿس طاري ٿي، کيس لکڻ تي آماده ڪري کيس قلمي ۽ قلبي قرار بخشي، سڪون ۽ آنند بخشي ٿي.

25 September, 2018

استاد فتح علي خان


استاد فتح علي خان
سُرن جو بادشاھه
استاد عبدالغفور سومرو
۷۶-۱۹۷۵ع واري زماني ۾ گهڻو ڪري مارچ اپريل جا ڏينهن هئا. هڪ ڀيري ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، لڳ محمد فقير کٽياڻ جي درگاھ تي فقير سائين جي ميلي ۾ استاد فتح علي خان کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس کي ٻڌڻ جو موقعو مليو هيو. هتي راڳ ڏينهن جو ٿيندو آهي. صبح تقريبن ۹:۰۰ بجي کان سج لٿي واري نماز تي ختم ٿيندو هيو. هن درگاھ جي مين گيٽ کان داخل ٿيندي بلڪل سامهون محمد فقير کٽياڻ جي مزار واري چوڪنڊي آهي سندس ڀر ۾ برصغير جو تمام وڏو گائڪ استاد سينڌو خان دفن ٿيل آهي. اهو به وڏو سبب آ جو گوالياري گهراڻي جا سڀئي ڳائڻا جن جو خاص ڪري حيدرآباد ۽ ٽنڊو آدم سان تعلق آهي، اهي سڀ هن ميلي ۾ حاضري ڀرڻ فرض ۾ شمار سمجهندا هئا ۽ آهن. استاد منظور علي خان، غلام رسول خان، وزير علي خان، استاد فدا حسين، نياز حسين، وحيد علي خان، مختيار علي خان، شاگردن مان محمد عرس، دين محمد دمساز، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي، لياقت علي وقت بوقت شرڪت ڪندا رهن ٿا.

24 September, 2018

شبنم موتي - سڪينه امام


شبنم موتي
املهه موتين جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت
سڪينه امام
شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ ادبي، حلقو شبنم موتي جي شخصي، علمي ۽ سماجي کيتر ۾ ڏنل خدمتن کان چڱي ريت واقف آهي. شبنم موتي جو ڳاڻيٽو انهن جديد سنڌي عورتن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌي نياڻين جي ترقي جي راهه ۾ آيل سموريون رنڊڪون پنهنجي همت ۽ طاقت سان هٽائي پاڻ کي رول ماڊل بڻائي اتساهه جو سبب بڻيون.

پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر - الطاف ابڙو


پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر
تعليمي تفصيل تعارف بابت سندس ڳالهيون
الطاف ابڙو
مير منصف علي ٽالپر جو جنم خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو ۾ سن ۸ مئي ۱۹۶۰ ۾ ٿيو. سندس تعلق خيرپور تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپر خاندان سان آهي. پرائمري تعليم، گورنمنٽ پرائمري اسڪول سوڀوديرو مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوڀوديرو مان ڪري، انٽر جي تعليم، خيرپور جي قديمي ڪاليج گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل شعبي ۾ حاصل ڪيائين. انٽر جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪئمپس واري دور ۾، ڪيمسٽري شعبي ۾ بي ايس سي ڪيمسٽري فرسٽ پوزيشن ۽ ايم ايس سي آرگنيڪ ڪيمسٽري ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۶ع ڌاري مير منصف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. سال ۱۹۹۴ع ڌاري، مانسچر يونيورسٽي آف پولينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. مير منصف ٽالپر، سال ۲۰۰۶ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽريٿ پولينڊ يونيورسٽي انگلينڊ ويو. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد واپس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي شعبي کي سنڀاليائين.

17 September, 2018

مشتاق احمد راهو - مقبول راهو


مشتاق احمد راهو
ڀٽائي جي ڪردار ڄام راهوءَ جو تسلسل
مقبول راهو
هڪ اهڙي سخي مرد پنهنجي اندر ۾ زرخيز شخص مشتاق احمد راهوءَ جي آتم ڪٿا ڊگهي عرصي کان نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۽ سندس پسگردائي سميت نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ضلعي مٽياريءَ جي ماڻهن کي متاثر ڪندي رهي آهي، جنهن پنهنجي خوبصورت شخصيت جي بدولت، وت ۽ وس آهر، پنهنجي علائقي جي غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وجود جو حصو سمجهندي، ساڻن محبت جي انتها ڪندي نه رڳو سندن مالي ۽ اخلاقي مدد پئي ڪئي آهي پر تعليمي ترقي لاءِ پڻ سندس ڪاوشون تاريخ جو حصور رهيون آهن. هن شعور جي اک کوليندي ئي ڄاڻي ورتو هو ته ترقي جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي. تنهن ڪري هن تعليم لاءِ هر کڄندڙ نٻل وک ۾سگهه پيدا ڪئي ۽ ان کي مضبوط بڻايو ته جيئن تعليم لاءِ کڄندڙ قدم اونداهي سماج جي راڪاسن هٿان ڪٿي هار نه کائي ويهي رهي  پوءِ هن ڌڙا ڌڙ پنهنجي علائقي جي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اتساهيو۽ پنهنجا دروازا هنن لاءِ هميشه کولي رکيا ته جيئن هو ڪٿي ڪمزور ٿي ڪري نه پون ۽ سندن تعليم اڌ ۾ نه رهجي وڃي. بنا لوڀ ۽ لالچ جي مشتاق احمد راهوءَ سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ پنهجو انقلابي ڪم جاري رکيو ۽ اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي توڙي جو هو پنهنجي سماجي حوالي سان جاگيرداراڻي سماج جو حصو ته رهيو پر هن پنهنجي ذات جي حساسيت سبب اهو ليبل ڪڏهن به پنهنجي مٿاڻ چاڙهڻ نه ڏنو ۽ ان جي ابتڙ هن اهڙا عملي قدم کنيا جن روايتن جا بت ڊاهي ڇڏيا. هن سماج جي اٿندڙ هر آڱر کي ڪٽي ڇڏيو ۽ هن نه رڳو مظلوم عوام پر مظلوم عورتن جي حقن کي پڻ پنهنجي ايجنڊا جو حصو بڻايو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ۽ ڏسندي ئي رهجي وئي ته هن پنهنجي نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم ڏياري ۽ اڄ سندس اهي نياڻيون ڊاڪٽر آهن.