; سنڌي شخصيتون: سوز ھالائي، نصير مرزا،
Showing posts with label سوز ھالائي، نصير مرزا،. Show all posts
Showing posts with label سوز ھالائي، نصير مرزا،. Show all posts

30 September, 2018

سوز ھالائي - نصير مرزا


سوز ھالائي
دل جي حالت عجيب تر آھي
نصير مرزا
گلن، اجرڪن ۽ خوشبوئن سان واسيل، ڏوليءَ ۾ ڪانڌين جي ڪلهن تي سوار هيءُ اسان جو سجيلو ۽ سُريلو سرجڻهار “سوز هالائي” پنهنجي جنم واري ڀٽي پاڙي هالا پراڻا منجهان نروار ٿيو ۽ پوءِ امام بارگاهه فيض شاهه جو سلامي ٿي، سنڌو درياهه جي بند تي آيو، جتان پنهنجي آخري آرامگاهه “کُڏي کٿوري” قبرستان ڏانهن روانو پئي ٿيو، تڏهن ڪانڌين جي جلوس ۾ آلين اکين سان، سندس غزل جو هيءُ شعر چپن تي چڙهي آيم:
شهرِ جانان مان ٿيو گُذر آهي
دل جي حالت عجيب تر آهي