سوز ھالائي
دل جي حالت عجيب تر آھي
نصير مرزا
گلن،
اجرڪن ۽ خوشبوئن سان واسيل، ڏوليءَ ۾ ڪانڌين جي ڪلهن تي سوار هيءُ اسان جو سجيلو ۽
سُريلو سرجڻهار “سوز هالائي” پنهنجي جنم واري ڀٽي پاڙي هالا پراڻا منجهان نروار ٿيو
۽ پوءِ امام بارگاهه فيض شاهه جو سلامي ٿي، سنڌو درياهه جي بند تي آيو، جتان
پنهنجي آخري آرامگاهه “کُڏي کٿوري” قبرستان ڏانهن روانو پئي ٿيو، تڏهن ڪانڌين جي
جلوس ۾ آلين اکين سان، سندس غزل جو هيءُ شعر چپن تي چڙهي آيم:
شهرِ
جانان مان ٿيو گُذر آهي
دل جي
حالت عجيب تر آهي
سوز
هالائيءَ کي سترهين فيبروريءَ جي شام حيدرآباد شهر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ آندو ويو،
اطلاع ملڻ تي آءِ سي يوُ ۾ هن جي بستري جي پيراندي وڃي بيٺو هوس. تڏهن هن جو مٿي ڄاڻايل
غزل جو هيءُ آخري شعر چپن تي هئم:
ڪا گهڙي
سوز دل ڀري ته ڏسان
زندگي ڏاڍي
مختصر آهي
سوز
هالائي، جنهن جو اصل نالو الهه ڏنو ڀنڀرو هو، پر “پُرسوز” آواز ۾ جهونگارڻ سبب
جوهيءَ ۾ سندس ڪنهن تپيدار ساٿي کيس “سوز” جو تخلص ڏنو هو. هاڻي درياهه جي بند تان
ڪانڌين جي جلوس ۾ هلندي هلندي، سرهاڻ واسين سوز مٿان پيل اجرڪن کي ڏسي، سندس هي ٻيو
شعر مون کي ياد پيو
اوڍيل
اجرڪ جون ڦُلڙيون ائين لڳن
چنڊ ڄڻ
تارن ڀريل چادر ڍڪي
ڪيڏو
نه پيار ڪندڙ شاعر هو اسان جو سوز...جنهن سدائين چيو
پريت
جي ريت، ڪُريت جون رمزون
جنهن
نه سڃاتيون، سو سڌڙيو
سوز،
جيڪو هالا پراڻا جي عظيم شاعر خليفه گل هالائي جي ڌرتيءَ جي مٽيءَ پنوڙو هئو،
۽ جنهن هالا نوان جي روايتي ۽ طرحي، غير
طرحي مشاعرن وچ ۾ اکيون کوليون هيون، ان ۾ حيرت انگيز طور تي جديد شاعري سان چاهه
پيدا ٿيو ۽ ان طرح سان، هالا جي روايتي رنگ ۽ پنهنجي سڀاءَ جي جدت سان، هُن پنهنجي
شاعريءَ لاءِ هڪڙو منفرد ۽ سُريلو اسلوب سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو، جنهن کي مون سڏيو
سوز هالائي اسلوب...
بهارن
۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
اکين ۾
اشڪ باريءَ جي کڻي آلاڻ ملنداسين
۱۹۸۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تان فيروز گُل جي آواز ۾ مون سوز جو اهو غزل رڪارڊ ڪيو
ته هن شاعر ۽ گائڪ فيروز گُل، ٻنهي جي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان بعد مون سندس ٻيا
گيت، غزل به رڪارڊ ڪيا....”چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو”....”مارن مون ڏي موڪليا
انبن جا تحفا”.....”نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو”...”مُند موٽي آئي ڙي راڻل، کِلڻ
مِلڻ جي”...”مالڪ مُنهنجي وطن جا سڀ رنگ رک سلامت”...سوز صاحب جي ڏهوڻي ڏات جو اهو
ڪرشمو هو، جو ويهين صديءَ ۾، هالا نوان ۽ هالا پراڻا جي حوالي سان مخدوم سائين
طالب الموليٰ جن کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾، ان ديار مان وڌ ۾ وڌ شهرت سوز هالائي
کي ئي حاصل رهي. سوز صاحب جي پهرئين شعري مجموعي “رنگ رتا پيچرا” جو مهورت مخدوم
صاحب جن هالا پراڻا پهچي پاڻ ڪيو هو. ان بعد سوز صاحب جو ٻيو خوبصورت شعري مجموعو “درشن
ڌارو ڌار” کي به بيحد پذيرائي ملي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شيخ عزيز صاحب ۽ ممتاز مرزا
صاحب بعد سوز هالائي سنڌ جي اهڙي چوٿين وڏي موسيقي پارکو شخصيت ثابت ٿي، جنهن
همعصر دور جي گائڪن ۽ وڄتن بابت ٽي شاندار ڪتاب تحرير ڪيا...”ڪارون وس ڪيام” ...”ساز
۽ آواز” جيڪو ثقافت کاتي وٽ اشاعت لاءِ ورهين کان پيو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سوز
صاحب ڪيڏو نه واجهائيندو رهيو. سوز صاحب پورا ۲۱ ورهيه، هالا جي سب جيل جو، جيلر به رهيو ۽ هن ان دوران هر قيديءَ جي عزت
نفس جو هميشه اهو سوچي احترام ڪيو ته ممڪن آهي اهو قيدي بي ڏوهي هجي، متان ظلمن جو
شڪار ٿيل هجي. سوز “ڪويءَ جي ڪٿا” نالي سان دلفريب نثر ۾ پنهنجي آتم ڪٿا به اسان
جي وچ ۾ ڇڏي آهي. نما شام وقت، جڏهن پکي پنهنجي واهيرن ڏانهن موٽي رهيا هُئا، تڏهن
اسان پنهنجي هن محبوب شاعر سوز کي “کُڏي کٿوري” نالي واري قبرستان ۾ سنڌو درياهه
جي بند ڀرسان لحد ۾ سمهاري رهيا هُئاسين، تڏهن اوچتو مون کي هن جي شاهڪار غزل مان
هي شعر ياد اچي ويو:
ڏکڻ جي
هيرَ ٿڌڙيءَ ۾، ملي وڇڙي ويا هاسين
اُتر
جي اوت ۾ پيارا پرين، پڪ ڄاڻ ملنداسين
No comments:
راءِ ڏيندا