; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر - الطاف ابڙو

24 September, 2018

پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر - الطاف ابڙو


پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر
تعليمي تفصيل تعارف بابت سندس ڳالهيون
الطاف ابڙو
مير منصف علي ٽالپر جو جنم خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو ۾ سن ۸ مئي ۱۹۶۰ ۾ ٿيو. سندس تعلق خيرپور تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپر خاندان سان آهي. پرائمري تعليم، گورنمنٽ پرائمري اسڪول سوڀوديرو مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوڀوديرو مان ڪري، انٽر جي تعليم، خيرپور جي قديمي ڪاليج گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل شعبي ۾ حاصل ڪيائين. انٽر جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪئمپس واري دور ۾، ڪيمسٽري شعبي ۾ بي ايس سي ڪيمسٽري فرسٽ پوزيشن ۽ ايم ايس سي آرگنيڪ ڪيمسٽري ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۶ع ڌاري مير منصف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. سال ۱۹۹۴ع ڌاري، مانسچر يونيورسٽي آف پولينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. مير منصف ٽالپر، سال ۲۰۰۶ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽريٿ پولينڊ يونيورسٽي انگلينڊ ويو. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد واپس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي شعبي کي سنڀاليائين.


مير منصف علي ٽالپر جا، انٽرنيشنل جرنلس ۾، ۳۵ کن آرٽيڪل ڇپيل آهن. روس، انگلينڊ، جرمني، اٽلي، چائنا، سعودي عرب، ايران، عراق، شام، ترڪي، پولينڊ ۾ پنهنجيون ٿيوريز، پيپرز، ريسرچ ورڪس، پلاننگس پيش ڪيون ۽ ڪيترا ئي سيمينارز ورڪشاپ، سميت ٻيون ڪانفرنسون پڻ اٽينڊ ڪيون.
ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر جون ڳالهيون: موجوده ڊين آف نيچرل سائنس مير منصف علي ٽالپر ڏانهن جڏهن سندس آفيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي پهتاسين ته سندس مزاج خوشگوار هو. هو پنهنجي ڪم ۾ ڪافي مصروف هو. پنهنجي زندگي بابت مير منصف علي ٽالپر ٻڌايو ته؛ مان هڪ وچولي طبقي جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهيان. طبيعت ۾ تمام حساس ۽ نازڪ نفيس ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ رهيو آهيان. اسان کي ڪجهه زمينون هيون، جنهن سبب وڏڙن مونکي اعلي تعليم ڏياري. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون آهن. ان جي باوجود پنهنجي حوصلن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو آھي. مونکي شاگردن کي پڙهائيندي ۳۲ سال ٿي چڪا آهن. هن وقت منهنجا ڪيترا ئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻهراڙيءَ واري علائقي سان واسطو هجڻ ڪري به آئون پنهنجي منزلن کي طئي ڪرڻ لاءِ سموري عمر جاکوڙ ڪئي. منهنجي رٽائرمينٽ ۾ باقي ٻه سال بچيا آهن. پر آخري ڏينهن تائين مان پنهنجي محنت کي جاري رکندس. لطيف يونيورسٽيءَ جي شاگردن مان، مان پهريون ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري آهيان. مان پنهنجي هٿن سان انبن ۽ کجين جا باغ لڳايا. مان ننڍي لاءِ ڊاڪٽر بڻجڻ چاھيو پئي پر بڻجي نه سگهيس. پروفيسر بڻجڻ جو ذهن ۾ خيال ئي نه هو، پر ٿي ويس. مون کي، ٻن پٽن ۽ ھڪ نياڻيءَ جي اولاد آھي. وڏي پٽ، مھراڻ يونيورسٽيءَ مان بي اي ميڪينيڪل ۾ ڪئي آھي. جڏھن ته ٻيو نمبر پٽ وري بي اي سول جي آخري سال ۾ مھراڻ يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪري رھيو آھي. نياڻي، مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ ايم بي بي ايس جي آخري سال ۾ آھي. پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري آهي. مان پنهنجي تعليم دوران، ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو پر پنهنجي اولاد کي هر طرح جي سهولت ڏني.
مير منصف علي ٽالپر، سنڌ جي نوجوانن کي پيغام ڏنو ته؛ توهان حالتن کان ڪڏهن به نه گهٻرايو. تڪليفون توهان جي پريشان ٿيڻ سان ختم نه ٿينديون، پر محنت ۽ تعليم جي حاصلات سان ئي تڪليفن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته؛ شاگردن کي گھرجي ته ھو ڪامپيٽيٽو، سي ايس ايس امتحان ۾ ضرور حصو وٺن. اسان جي معاشري ۾ ايلاز منٿ ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جو ٽرينڊ وڌي رهيو آهي. پر يقين ڄاڻو، محنتي نوجوان ڪڏهن به روزگار جي تلاش نه ڪندا آهن. بلڪ روزگار، انهن جي ڳولها ڪندو آهي. اڄوڪي دور ۾ جيڪڏهن غريب سٺي نموني تعليم حاصل ڪندو ته انهيءَ جو سمورو گهر خوشحال بڻجي ويندو. ڇاڪاڻ ته موجوده دور، ٽيڪنالاجي ۽ ميرٽ جو دور آهي.
مير منصف علي ٽالپر، پنهنجي پسند جون شيون، ٻڌائيندي چيو ته؛ سبزين ۾ مونکي ڀينڊي ۽ گوشت ۾ ٻاڪرو گوشت پسند آهي. پهرڻ ۾ سفيد ڪپڙا، جانورن ۾ مينھن ۽ ٻڪري، پکين ۾ ايراني تتر ۽ چڪور پسند آهن. جڏهن ته منهنجي پسنديده ڊرائيو، موٽر بائيڪ هلائڻ آهي. پسنديده راند، ڪرڪيٽ ۽ پسنديده گيت، سنڌي لوڪ گيت آهن. پسنديده ڪتاب، ڪرنٽ افير ۽ ڪيمسٽريءَ متعلق ڪتاب آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا