پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف
علي ٽالپر
تعليمي تفصيل تعارف بابت
سندس ڳالهيون
الطاف ابڙو
مير
منصف علي ٽالپر جو جنم خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو ۾ سن ۸ مئي ۱۹۶۰ ۾ ٿيو. سندس تعلق خيرپور تي حڪمراني
ڪندڙ ٽالپر خاندان سان آهي. پرائمري تعليم، گورنمنٽ پرائمري اسڪول سوڀوديرو مان
حاصل ڪيائين. جنهن بعد ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوڀوديرو مان ڪري، انٽر جي تعليم،
خيرپور جي قديمي ڪاليج گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل شعبي ۾ حاصل ڪيائين.
انٽر جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪئمپس واري دور ۾، ڪيمسٽري
شعبي ۾ بي ايس سي ڪيمسٽري فرسٽ پوزيشن ۽ ايم ايس سي آرگنيڪ ڪيمسٽري ۾ فرسٽ پوزيشن
حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۶ع ڌاري مير منصف شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. سال ۱۹۹۴ع ڌاري، مانسچر يونيورسٽي آف پولينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
جنهن بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. مير
منصف ٽالپر، سال ۲۰۰۶ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ
لاءِ اسٽريٿ پولينڊ يونيورسٽي انگلينڊ ويو. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد واپس شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي شعبي کي سنڀاليائين.
