; سنڌي شخصيتون: July 2026

01 July, 2026

مولوي محمد ابراهيم

مولوي محمد ابراهيم

شاھ جو رسالو مرتب ڪندڙ

عبدالحسين شاھ موسوي



مولوي محمد عمر ۽ مولوي محمد اسماعيل ٻه ڀائر ۽ ذات جا ڏيٿا هئا.

هيءُ علمي گهراڻو منڍ کان ڪري "ڳوٺ ميان موٽڻ" جو رهواسي آهي. البت زير قلم شخصيت - مولوي محمد ابراهيم جڏهن شاھ جو رسالو مرتب ڪيو ته ان جي سرورق تي پنهنجي نالي سان رهائش جو هنڌ "بختيارپور" لکيائين. مون جڏھن بختيارپور جي مشاهيرن متعلق پڇائون ڪيون تڏهن مانائتي امام علي ڏيٿي ٻڌايو ته مولوي محمد ابراهيم بختيارپور جو نه بلڪ ابي ڏاڏي ڳوٺ ميان موٽڻ جو رهاڪو هو. مون سوال ڪيو ته پوءِ هن پاڻ کي بختيارپور واسي ڇو لکيو؟ ان تي وراڻيائين هڪ ته ڳوٺ ميان موٽڻ بنھ ننڍڙو ۽ غير معروف آهي ۽ ٻيو بختيارپور جي لڳ آهي ان ڪري مولوي محمد ابراهيم پاڻ کي بختيارپور جو ڪري لکيو. هي پاڻ، سندس والد، چاچو، ڀاءُ ۽ گهراڻي جي ٻيا سڀئي افراد به ميان موٽڻ ۾ ئي مدفن آهن.

نعيم احمد کرل

نعيم احمد کرل

دل جو رستو ويران ڪرڻ وارو شخص - سسي کرل جي، ڌڙ اسان جو.

ابراھيم کرل


اھو ۲۱ جون جو سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينھن ھو، جيڪو اڃا به تيز تپي ساڙي رھيو ھو. منھنجي مٿي تان شفقت ۽ ڇانوَ جو پاڇو پري ٿي چڪو ھو.... آخري ڏينھنن ۾ سندس آواز جهيڻو ۽ ماٺيڻو ٿي ويو ھو، نه ته سندس آواز جي گونج ۽ پڙاڏو ڪڏھن ڊرائنگ روم ۾ ڪڏھن ڪچي واري اوطاق تي، ڪڏھن سائديءَ جي سرد ھوائن ۾ پيو گونجندو ھو: ”ادا..... ادا.... مٺا ڀاءُ..... ڀلي ھلي آءُ..... تنھنجو پنھنجو تڏو آ....“

ڪڙڪيدار آواز ۾: ”ڇوڪرا.... بابا ادا لئه ڪيڪ، چانھ.... پاڻي.....“