; سنڌي شخصيتون: گوندر حسين 'گوندر' هالائي

02 July, 2026

گوندر حسين 'گوندر' هالائي

گوندر حسين 'گوندر' هالائي

مرثياگو شاعر

عبدالحسين شاھ موسوي


اسان جو زير قلم شاعر - گوندر حسين هالا جو پيدائشي نه هو؛ پر هن ننڍپڻ کان حياتيءَ جي پوئين وقت تائين هالا ۾ زندگي گهاري. هن پنهنجي تحريرن ۾ پاڻ کي هالائي لکيو آهي.

ميان گوندر حسين جو والد - مٺو فقير لاهوتي اهلبيت عليهم السلام جو وڏو محب هو. پنهنجي ڳوٺ نور شاھ تعلقي سنجهوري ۾ سندس مڪان قائم ڪيل هو، جتي علم پاڪ پڻ نصب ڪيو هئائين. ابي امڙ پٽ جي ڇٺيءَ جو نالو الله بخش رکيو. مٺي فقير لاهوتيءَ پٽ کي سنڌي تعليم پڻ ڏياري. الله بخش ننڍو ئي هو ته پنهنجي ماءُ سان گڏ هالا هليو آيو. سندس امڙ مخدوم صاحبن جي حويليءَ ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. مخدوم صاحبن کين مصري گهٽيءَ ۾ هڪ واڻڪي جاءِ ڏني هئي جنهن ۾ ماءُ ۽ پٽ رهندا هئا. جنابان الله بچائي چانڊئي ۽ امتياز حسين ٻڌايو ته الله بچايو اوائل جوانيءَ ۾ شادين ۾ نچندو ۽ ڳائيندو هو. کيس راڳداريءَ مان گهڻي واقفيت هئي. اسان جي راوي استاد الله بچائي جو گهر ۽ اسان جي شاعر الله بخش جو گهر مصري گهٽيءَ ۾ آمهون سامهون هئا. راقم الحروف کي راويءَ ٻڌايو ته سندس ننڍي هوندي جي ڳالھ آهي ته ميان الله بخش پنهنجي گهر ۾ راڳ جو رياض ڪندو هو ته سندس ڳائڻ وڄائڻ جو آواز اسان گهر ۾ ٻڌندا هئاسون. ان کان پوءِ ميان الله بخش جي زندگيءَ ۾ ڦيرو آيو ۽ مڪمل طرح تبديل ٿي ويو. اها تبديلي منجهس ڪيئن آئي ان بنسبت ڄاڻ ملي ناهي سگهي. بهرحال روايت مطابق شهدادپور ۾ ڪنهن اردو عالم کان ديني تعليم ڀليءَ ڀت حاصل ڪيائين. کيس عربي ۽ فارسيءَ تي سٺو عبور حاصل ٿيو. هفتيوار اخبار "پنجتني" ۱۶سيپٽمبر ۱۹۶۹ع جي پرچي ۾ ميان الله بخش جو ليک: "پنهنجي حال جي حقيقت" شايع ٿيل آهي. ان ۾ ميان الله بخش، حجة الاسلام مولانا محمد زڪي کي پنهنجو استاد ڄاڻايو آهي.

ميان الله بخش جي رهائش هالا ۾ ئي رهي. ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ انجمنِ حيدري هالا جي انتظام هيٺ مسجدِ ابوتراب ۾ امام جماعت ٿيو. اتي پنج وقتي نماز کان علاوه جمعي نماز ۽ عيدين به پڙهائيندو هو.

هالا ۾ مذهبي لحاظ نهايت فعال رهيو. هالا ۾ مڪتب تشيع لاءَ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ پاڻ پتوڙيائين. کيس علم سان چاھُ ۽ مطالعي جو انتهائي شائق هو، انهيءَ شوق ۾ هن مذهبي ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو گڏ ڪيو. ڪيترائي ڪمياب ڪتاب عاريتا وٺي انهن کي پنهنجي ڪتب خاني لاءِ نقل ڪري رکيائين. شهر ۽ آس پاس ۾ اڪيچار ڪامياب مناظرا به ڪيائين. موصوف ڪيترن ئي مسلمانن کي ولايت اميرالمومنين علي عليه السلام جو قائل بڻائي مڪتب تشيع ۾ وٺي آيو. رجب علي 'جليس' ۽ خليفي ڪريم بخش قمبراڻي کي به هن ئي تشيع ۾ آندو.

زوار الله بچائي (جنم: ۱۶ ڊسمبر ۱۹۵۲ع) ٻڌايو ته هالا ۾ جي ماتمي جلوسن ۾ نوحي خوانيءَ جو بنياد وجهڻ وارو به مولوي الله بخش ئي هو. پاڻ ئي پهريون نوحو پڙهيو هئائين. البت خليفو آچر رند ساٽين جي پڙ تي ذوالجناح جو خدمتگار هو، اهو مذڪور پڙ تي نوحا پڙهندو هو. £

ميان الله بخش جي طبيعت موزونيت هئي، ان ڪري شاعري به ڪندو هو. اوائلي دور ۾ شعر چيائين الائي نہ. البت مذهبي رنگ چڙهڻ کان پوءِ پاڻ منقبت، مرثيا ۽ نوحا لکيائين. سندس جيڪي مرثيا دستياب آهن اُهي اردوءَ تان ترجما آهن. غالبا حزنيه طبيعت هجڻ ڪري پنهنجو تخلص 'گوندر' رکيائين. هن جهان ۾ ڏک ۽ گوندر جي جهڙي نسبت امام حسين عليه السلام سان آهي اهڙي شايد ئي ڪنهن سان هجي ۽ لا اله جي بنا به امام حسين عليه السلام ئي آهي. پڪ سان اها ڳالھ ڳڻي هُن پنهنجي نالي کي الله بخش مان مٽائي "گوندر حسين" ڪيو. سندس شُهرت به انهيءَ نالي سان ٿي.

مولوي گوندر حسين ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي ڳوٺ - "محمد خان رند"، جيڪو ڪُرڪلي شهدادپور کان ڪجھ اڳتي آهي، اُسهيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اتي کيس سندي پٽ ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي شهيد ڪري وڌو. ڪي چون ٿا ته قاتل ڪي ٻيا هئا الزام سندس پٽ تي ڌريو ويو. والله اعلم بالصواب. پاڻ رند قبيلي مان هو.

سندس شهادت جو پڪو سال هٿ اچي نه سگهيو آهي. چيو ويو ته پاڻ اڻويھ سو ستر ڌاري شهيد ڪيو ويو. سندس غسل ۽ ڪفن جناب ميوه خان 'موج' ڪيو ۽ جنازي نماز به ميوه خان ئي پڙهائي. کيس ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.

تصنيفي سرمايو

مولوي الله بخش عرف گوندر حسين شاعر هجڻ سان گڏ ڀلو ليکڪ به هو. ڇهن مختلف عنوانن تي مضمونن کان علاوه ڪجھ ڪتابچا به لکيا. سندس مضمون ۽ شاعري هفتيوار اخبار "پنجتني" جي ستر واري ڏهاڪي ۾ ڇپي هئي. هيٺ سندس ڪتابن جو تعارف پيش ڪريون ٿا:

۱- "ماتم حسين جائز آهي"

ليکڪ هيءُ ڪتابچو پهرين فيبروري ۱۹۶۹ تي لکيو.

مصنف پيش لفظ ۾ ڪتاب جي نوعيت بابت هن ريت ڄاڻايو آهي:

"هن خاڪسار ذره بيمقدار هي ڪتابچو اهڙي نوعيت تي لکيو آهي، جنهن ۾ نه مناظرانه ڍنگ آهي ۽ نه ڪنهن فرقي تي تنقيد آهي. صرف عزاداريءَ جي جواز تي دليل و دلائل ڏنل آهن، جن کي مطالعي ڪرڻ كان پوءِ هر باشعور انسان ايترو ڄاڻندو ته عزاداري قرآن ۽ حديث جي روءِ سان نه گناھ آهي، نه بدعت آهي، ۽ جيڪا عزاداري جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي، سا غلط آهي ۽ صرف تعصب آهي."

مصنف هن ڪتاب ۾ هيٺيان ڇھ عنوان قائم ڪري انهن ڇهن عنوانن تي دليل دلائل ڏنا آهن:

۱- امام بارگاھ ڇا لاءِ ٺاهي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن كان مروج ٿي، ۲- علم، ۳- مرثيه خواني، نوحا خواني ۽ مجلس ۴- ذوالجناح، ۵- تعزيه ۽ تابوت، ۶- ماتم.

عنوانن بابت قدري تفصيل هن ريت آهي:

▪︎ امام بارگاھ واري عنوان تحت ڪتابن "قصص الانبياء"، "تاريخ الانبياء، ج ۲"، مولوي سلامت علي بنارسي: "تبصرة الايمان" مان حوالا ڏنا آهن.

▪︎ علم واري عنوان تحت "صحيح بخاري" مان حوالو آندو ويو آهي

▪︎ مرثيه ۽ نوحه عنوان تحت "کامران لغت"، قرآن ڪريم مان آيت ۽ ان جو سنڌي ترجمو مولوي عبدالرزاق تان کنيو اٿس. علاوه

"روضة الشهدا، ج اول"، ينابيع المودة"، "مدارج النبوة"، "ديوان علي"، "الفاروق" مان حوالا ڏنا آهن.

مصنف ان عنوان ۾ سانئڻ زهرا ۽ حضرت علي عليهما السلام جا رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي وصال تي چيل عربي مرثيا، حضرت عبدالله بن عمر جو مرثيو ڏنو آهي ان کان علاو حضرت بلال ۽ امام شافعي جي مرثين جا حوالا ڏنا آهن.

▪︎ ذوالجناح جي عنوان تي قرآن مجيد مان لاڳاپيل آيتون آنديون آهن.

▪︎ تعزيه ۽ تابوت عنوان تحت قرآن مجيد جي آيت کان علاوه "ڪنزالعباد في شرح الاوراد"، "فتاوي عالمگيري"، "مطالب المومنين"، "خزانة الروايات" ۽ "ڪفاية الاصول" مان حوالا ڏنا آهن

▪︎ ماتم عنوان تحت قرآن مجيد جون آيتون ڏئي انهن جا ترجما شاھ عبدالقادر دهلوي، مولوي عبدالرزاق ۽ ملڪ دين محمد لاهوري واري ڇاپي تان ڏنا آهن. جڏهن ته "مدارج النبوة"، "صحيح بخاري"، "مشڪواة" ۽ "جامع ترمذي" کان علاوه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪيڏاري ۽ مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي مرثئي مان هڪ بند ڏنو آهي.

ٽيويهن (۲۳) صفحن تي مشتمل هي ڪتابچو حيدري پرنٽنگ پريس، لجپت روڊ حيدرآباد مان مصنف خود ڇپرائي پڌرو ڪيو.

مولوي گوندر حسين 'گوندر' حضرت ابوطالب عليه السلام جو مرثيو پڻ لکيو هو. مذڪور مرثيو هفتيوار اخبار "پنجتني"، ۱۶ جون ۱۹۶۹ع جي ڇپيو هو. •• جيڪو هت پيش ڪريون ٿا:

 السلام اي والدِ شير خدا

 السلام اي نگهبانِ رسول دوسرا

 السلام اي حاميءِ دين خدا

 السلام اي سيدِ بطحا ڀلا

 تون اميرِ عرب هئين ۽ تون سخي

 ڪو نه خالي ٿي ويو سوالي وري

 جي چون مفلس توکي مرندا پني

 تون ئي دولت جو ڌڻي ٻيا سڀ گدا

 تون نبين جو ٿيو وصي هئين آخري

 ۽ امانت نور جي تو کي ملي

 سا سندُئي اولاد ۾ دائم رهي

 ٿيا سندءِ اولاد ۾ ٻارهن اوصيا

 جن کي شڪ آهي سندءِ ايمان ۾

 تن کي ڄڻ شبھ آهي فرقان ۾

 ڪئي صفت تن جي خدا قرآن ۾

 نيڪ والد ولد جو سڏايوئي خدا

 تو محمد جي مدد ان وقت ڪئي

 هُئي جڏهن اسلام جي شروعات ٿي

 ڪونه ياور تو سوا هو ان گهڙي

 تنهنجي همت کي هئي صد مرحبا

 تو ڏني پنهنجي نبيءَ تي جان ٿي

 تو پٽن کي ڪيو مٿان قربان ٿي

 تو نبيءَ جي سک جو ڪيو سامان ٿي

 تو حمايت دين جي ڪئي ٿي سدا

 تو قريشن سان ڇڏيا ناتا ڇني

 پر ڪفارن جي نه تو هڪڙي مڃي

 تو پهاڙن کي وسايو هو وڃي

 تو وڻي سا جا محمد جي رضا

 تو ڏني اولاد کي اهڙي سکيا

 جو ٿيا اسلام تان قربان سدا

 رات هجرت کان وٺي تا ڪربلا

 آھ نصرت جو ڪيو تن حق ادا

 تنهنجيون پوٽيون واسطي اسلام جي

 قيد ٿي وييون ڪچهريءَ شام جي

 ٿيون مبلغه بهرِ خاص و عام جي

 ۽ ڏياريئون دين کي دائم بقا

 سال جنهن ۾ دارِ فاني تو ڇڏيو

 هو نبيءَ عام الحزن تنهن کي سڏيو

 داغ فرقت جو ڏئي تو هو لڏيو

 تنهنجي غم مرسل ۽ حيدر ٻئي رُنا

 تو ڪيو مرسل ۽ حيدر کي يتيم

 تنهنجي فرقت ۾ ٿيا ٻئي دل دونيم

 ٿيو ٻنهي کي آھي ڏاڍو ڏک عظيم

 تنهنجي غم ۾ ٻئي سدا محزون ٿيا

 تنهنجي صدقي ۽ سندُئي اولاد جي

 عرض هر 'گوندر' سندو مقبول ٿئي

 ٿي ثنا تنهنجي سدا مون کي وڻي

 تو مٿي تحيات طالب جا ابا

--------------------------------------

حوالا

£ زوار الله بچايو ولد خدا ڏنو ولد محمد عثمان (المتوفي: ۱۹۵۳) چانڊيو، آواز سنيهو، بتاريخ ۱۸ جون ۲۰۲۶ع

•• مانائتي جاويد احمد شيخ مذڪور مرثيو دستياب ڪري ڏنو

مانائتي جاويد احمد شيخ هيءُ ڪتابچو PDF جي صورت ۾ دستياب ڪري ڏنو.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱ جولاءِ ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا