شيخ اياز
اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر
ڊاڪٽر فهميده حسين
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز
جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال
اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو.
تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.
تازو حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش
پاران ٿيل ”اياز ميلي“ سندس چيو سچ ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ سنڌ ۾ سندس اهڙي مڃتا ٿي آهي جهڙي
شايد اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي، زنده قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجن قومي
هيرن کي اهڙي مڃتا ڏين ۽ ڏيارين جيڪا اهي لهڻن ٿا، شيخ اياز سنڌ جو آواز بڻجڻ وارو
اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وطن جي سونهري مستقبل ۽ سماجي انصاف واري آدرش جا سپنا پنهنجي
اکين ۾ سجائي انهن جي ساڀيان لاءِ انقلاب جا گيت ڳايا، هن پنهنجي سماجي، سياسي ۽ قومي
فڪر کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ لاءِ قوميت ۽ قوم دوستيءَ جي رومانس کي سنڌي شاعريءَ جو
حصو بنايو، جيئن لاکيڻي لطيف مارئيءَ جي ڪردار کي مارن ۽ ملير سان محبت جو استعارو
بنايو هو، تيئن اياز پنهنجي شاعريءَ کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي آزاديءَ، سماجي انصاف
۽ طبقاتي برابري واري سنڌ جي علامت بنايو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي علامتي مفهوم سان سنڌ
جي نوجوانن کي ڀرپور نموني اتساهيو.
قوميت ۽ وطنيت جو رومانس به اهڙُو
جو پنهنجي اهڙي ديس سان دل لڳائڻ لاءِ ٿو چوي جتي لڱ لوساٽيندڙ لُڪ ٿي لڳي، جتي ڏينهن
ڪڙهائي جيئن ٿا ڪڙهن، جتي ڏڪار جي حالت اهڙي جو نه ڪنڊيءَ ۾ سڱري آهي، نه ٻٻر ۾ پلڙو
۽ نه ئي ڪو سائو سلڙو، جتي سندس ديس واسي، سندس مارو اڪيلا ۽ ناخوش آهن، ايتريقدر جو
سندن ڇيلڙن به ڇانگون ڀرڻ وساري ڇڏيون آهن، انهيءَ درد جو احساس ڏيارڻ لاءِ هو اهڙي
رومانس کي عام ڪرڻ ٿو چاهي بلڪل ايئن ئي جيئن ڀٽائيءَ چيو هو ته ”جيها جي تيها، مون
مارو مڃيا!“
آءُ سمجهان ٿي ته اسان کان اڳ، اسان
واري پيڙهي ۽ اسان کان پوءِ واريون ٻه يا ٽي پيڙهيون اياز کان ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور
متاثر ٿيون، سندس شاعريءَ ۾ موجود قدر، علامتون، استعارا ۽ حقيقتون ايتري قدر اتساهيندڙ
هيون جو هڪ مسلسل تحريڪ جو روپ وٺي سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جي راهه هموار ڪري چڪيون آهن
۽ جيستائين سندس شعر سنڌ ۾ ڳائجندا رهندا هو صدين جو سرجڻهار به زنده رهندو ۽ هڪ اهڙي
مشعل ٻرندي رهندي، جنهن کي پنهنجي وطن جي وجود ۽ ٻوليءَ جي تسليميءَ تائين ڪو به وسامڻ
ڪو نه ڏيندو، سندس شعر ۽ نغما ايندڙ هر پيڙهيءَ جون دليون گرمائي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ
آڀاريندا رهندا، اڄ ڪو به سنڌ جو حلالي پٽ
يا ڌيءَ ڇا سندس سڏ ته ” سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو “ کان انڪار
ڪري سگهي ٿو ؟ ڪو سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نمائڻ کان منهن موڙي سگهندو؟ هر نئين دور
جا نوان نسل اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما ڳائيندا رهندا ۽ وطن دوستيءَ جا جذبا جاڳائيندا
رهندا، هن ادب ۾ ترقي پسند لاڙي کي به هٿي وٺرائي ته تبديليءَ جي راهه به ڏسي ۽ سندس
نظم توڙي نثر پنهنجي ستل قوم ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳايو، سنڌي ادب، ثقافت ٻوليءَ ۽ قومي
سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪري انهن کي جدت بخشي.
اڳ جا توڙي اڄ جا ڪي مت جا موڙهيا
اياز جي شاعريءَ کي پروپيگنڊا ۽ پرچار ۽ وقت ۽ نظريي جي بدلجڻ سان گڏ جُهڪي ٿي ويندڙ
جوت سمجهندا رهيا آهن، اهي هن اياز ميلي جي ڪاميابيءَ مان ئي اندازو ڪري سگهن ٿا ته
اها جوت ڪڏهن به جهڪي ناهي ٿيڻي ڇو جو ان ۾ اهڙا عالمي ۽ آفاقي قدر آهن، اهڙي فني
۽ فڪري سگهه آهي جو سندس مخالف بدحواس ٿي سندس پٺيان ڪاهي پيا ته به هن جي اهميت کي
گهٽائي نه سگهيا، اياز جي شاعري ٺلهو پرچار هجي ها ته هو به کيس لفظن جي مار ماري سگهن
ها، پر اياز جو فن ۽ ان جي سگهه ۽ سونهن بي مثال هئا ۽ آهن ان ڪري هو ڪجهه به نه ڪري
سگهيا، جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن کي اها به خوشفهمي آهي ته هاڻي اهو نظريو ئي وائوکر ٿي ويو
آهي جنهن جي پرچار لاءِ اها شاعري ڪم آندي وئي هئي، پر اها سندن خام خيالي آهي، نظرين
جا نالا ڀلي ته وقت سان مَٽجي ۽ مٽجي وڃن پر جن بنيادي متن ۾ اياز جو يقين هو اهي سدائين
رهڻا آهن جن ۾ انسان جي عظمت ۾ يقين ۽ طبقاتي برابري، سماجي انصاف ۽ هر انسان سان محبت
شامل، آهن انهن کي ڪنهن هڪ يا ٻئي ”ازم“ سان ڀلي سڃاڻو پر اهي ان وقت تائين مڃيا ويندا
جيستائين ڪو هڪ به باضمير ماڻهو هن ڌرتيءَ تي موجود آهي، اياز جو فن اول آخر اعليٰ
تخليق آهي جنهن کي سنڌي قوم پنهنجي آدرشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ ڳائي سگهي ٿي،
ضرورت پئي ته پرچار ۽ پروپيگنڊا لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿي پوءِ ڀلي پيا مخالف ڇا
به چون، هو اياز جي فني ادبي تخليقي اوچائيءَ کي پهچي ڪو نه سگهندا.
اياز جي ساهه ۾ ”ساري ڏيهه جا ڏکڙا“
سانڍيل هئا پر هن هر وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي کِههَ کي اکين سان چمي سُنهن کنيو ته ”ڌرتي
منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان“ يا ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ“ وارو
وچن ورجايو. اهو دور عجيب دور هو جنهن ۾ اديبن ۽ شاعرن قوم پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ
جي نظرين کي هڪ ٻئي ۾ ايئن سمائي ڇڏيو هو جو اهو خالص ”سنڌ جو نظريو“ بنجي ويو، بلڪل
ايئن ئي جيئن ڀٽائيءَ تصوف جي سمورين صورتن منجهان هڪ خالص ”سنڌي تصوف“ جو نئون ۽ انوکو
فلسفو جوڙيو هو. غور ڪري ڏسو ته اياز جي سٽ
”ڌرتي منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان“ ۾ ڀٽائيءَ جي بيت وارو پڙاڏو پيو ٻڌجي
ڄڻ ته هو به سنڌي سان گڏ سموري دنيا جي مظلوم انسانن جي نجات ٿو چاهي ته شال عالم سڀ
آباد هجن پر منهنجي سنڌ به سکي ستابي هجي.
اڄ سنڌ جي حالتن کي ڏسي اسان مان
ڪيترا ئي ماڻهو مايوس ٿيڻ لڳندا آهن اڄ اياز جي لفظن ۾ ”سُک نه سنبري سنڌڙي اڀري سج
لٿا“ وارو منظر آهي پر ان جو جواب به اياز وٽان ئي ٿو ملي جنهن چيو هو ته ”اها سڀ پنهنجي
ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ“، آخر ته تبديلي ايندي آخر ته ڪينجهر ڪنڌيءَ تي
ڪو ئي ته تماچي اچڻو آ، اياز جو هڪ هڪ لفظ، هڪَ هڪَ سٽ هن لاءِ ڌرتيءَ جو ڄڻ ته ڪو قرض آهي تڏهن ته چوي ٿو.
جنهن وقت به ڪو مون گيت چيو
هن ڌرتيءَ جو ڄڻ ڪو ئي قرض چڪو آهي
شيخ اياز هن ڌرتيءَ جي پيڙا کي اندر
۾ محسوس ڪيو ۽ انهيءَ کي ئي لفظن ۾ اوتيو، اياز نه صرف سنڌي قوم جي آزادي، عزت، نفس،
سک ۽ شانتيءَ سان جيئڻ جي حق لاءِ لکيو ۽ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو پر شاهه لطيف جي
جياريل ٻوليءَ کي کنڀ ڏئي اٿاهه بلندين کي ڇهڻ جي سگهه ڏني، ان کي اها فڪري اڏام عطا
ڪئي جو اڄ اها زخمي، ڌڪي پٺتي ڪيل ۽ گُهٽيل هئڻ جي باوجود اڃا زنده آهي، ورنه مخالف
هوائن ان کي نابود ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي، اڄ به جي ڪو ان کي اياز جهڙوڪو نئون
مسيحا ملي پوي ته دشمن جي سيني ۾ سنگين بڻجي سگهي ٿي.
سائين محمد ابراهيم جويي ڪٿي لکيو
آهي ته ”سنڌي قوم واوکر ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بنهه نِست ۽ بي وجود بڻجي وئي
آهي“ ان تاريخي الميي جو رڳو احساس پيدا ڪرڻ به وڏي ڳالهه آهي جيڪو اياز جي پيغام ذريعي
پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ هاڻوڪو هي ميلو پڻ هڪ ڪڙي آهي.
هڪ هنڌ اياز چيو آهي:
ڇا ڪائي رڙو رڙ هن ڌرتيءَ کي ڇرڪائيندي
يا هيءَ سانت وسيهرَ وانگر، ويندي
هر شي ڳڙڪائيندي
هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ترقيءَ جي ويرين
سمجهيو هو ته اياز کي دعائن جو شاعر قرار ڏئي سندس هلچل ۽ جدوجهد جي تاريخي تسلسل واري
شاعريءَ کي به هو ساڻس گڏ دفن ڪري مٿس قل پڙهي ڇڏيندا پر هو ائين ڪري نه سگهيا ۽ هو
ڪالهه ۽ اڄ سان گڏ سڀاڻي جو شاعر امر ٿي ويو، ڇو ته هو سچ جو ساکي آهي، آخر ۾ آءُ سندس
هي نظم ورجايان ٿي.
وڄ وراڪا جيئن کائي ٿي
ايئن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان
رُت ۾ جيئن رابيل ٽڙن ٿا
تيئن ڌرتيءَ جي مهڪ به آهيان
۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي
ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي
آءُ لکان ٿو، جنهن لاءِ هاڻي
شيخ اياز
سدا سار تنهنجي سلامت!
ارشاد ڪاغذي
شيخ اياز سنڌ جي جديد ادب جي تاريخ ۾ خاص طرح
۲۰ هين صدي عيسوي ۾ هن جي شاعري جو اثر سنڌ
۾ ڦهلجي ويو هو ۽ اياز جي شاعري جي جوتِ سنڌ ـ هند ۽ سموري جهان ۾ جرڪڻ لڳي هئي. هن
جي سِرِشت ۾ سنڌ ديس جي سڪ ۽ حب سمايل هئي. هو سنڌ جو آواز ۽ مهان ڪوي آهي. هن جي جديد
۽ انقلابي شاعري جي جولانِي جي بدولت سنڌ جا سڄڻ اَنِياءُ جي خلاف ۽ سنڌ جي وحدت خلاف
سندرو ٻڌي وڙهيا ۽ شاندار فتحون حاصل ڪيون.
اوچو ڪرُ ملهائبو راوت رڱيو روهه
جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾ ڏيهه نسورو ڏوهه
للڪاري ٿو لوههُ اڀريو اڄ انياو تي.
شيخ اياز جنهن پنهنجي علم، مطالعي، مشاهدي، فن
۽ فڪر جي زور تي سنڌي ادب ۾ اعليٰ رتبو ۽ درجو حاصل ڪيو آهي، مهان ڪوي بڻجي ڏيهه توڙي
پرڏيهه ۾ چنڊ جيان ٽڪ پڌرو آهي بيشڪ! هو باڪمال، بي مثل ۽ سدابهار شاعر آهي جنهن پنهنجي
فن ۽ فڪر سان سنڌي ادب ۾ نئين ريت ۽ نئون ٻج ڇٽي نوان سلا ۽ گونچ پيدا ڪيا ۽ سنڌ جي
ماحول کي گرمائي انقلاب جي دڳ تي لاٿو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي سموري فن ۽ فڪر کي
خوبصورت پيرائي ۾ پيش ڪري پنهنجي تخليقي صلاحيتن، مطالعي ۽ مشاهدي جي نئين شاهراه جي
اهڙي نشاندهي ڪئي ۽ ايڏيون ناقابل فراموش تخليقون تخليق ڪري ٻولي ۽ ادب ۾ نئين انقلاب
جي تعمير سان گڏ هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪيو، جو شاهه لطيف کان پوءِ گھڻي ماٺار بعد نئين
سر استوار ٿي سنڌ جي ڏيهه ۾ نئين سجاڳي ۽ نئين روشني ثابت ٿيو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪيئي
نامور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جيڪي مختلف طبقن ۾، ۽ مختلف دورن ۾ مقبول ۽ مشهور
ٿيا، شيخ اياز انهن مهان مهانڊن جو سرموڙ، مهندار ۽ سرتاج آهي. هو سنڌ جي عوام جي اکين
جو ٺار آهي.
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ
جئن زمينَ آسمانَ جي کلي پَئي زبانَ
ڪنڊَ ڪنڊَ، چونڪُ چونڪُ
شهر شهرُ، ڳوٺُ ڳوٺُ!
جئن ڏئي اٿي جواب انقلاب
مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ
ڏٺا
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي
ويا!
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن آنءُ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻو آ هٿيارن سان.
منهنجو اگھ پڇين ٿو آمر
منهنجا گيت ڳنهي سگھندين تون؟
شيخ اياز جي بلند پروازي، دم ۽ حوصلو هن جي شاعري
جو اهم پهلو ۽ رخ آهي، جيڪو هن جي شاعري جو ساکي آهي. هن جا گيت سنڌي عوام جي دلين
کي گرمائي شعلا ۽ ڀنڀٽ بنجي آمرن جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو،
واجهه نه وجهه تون وَڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه
پوئين وير به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي
شيخ اياز جهڙو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو تنهن
ڪري هن جو انداز ۽ اسلوب به اڻلڀ، انمول ۽ انوکو آهي. شڪارپور شهر جيڪو علم و ادب جو
گھوارو هو، اتان جي ماحول، اسڪول، ڪاليج ۽ خاندان پاران تعليم ۽ تربيت جي ڪري ٻاراڻي
وهي کان شاعري جي رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ پهريون شعر لکي وڏن توڙي ننڍن کي حيران ڪري ڇڏيو.
هن شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ پرورش ورتي، پنهنجي جنم ڀومي جي وڻن، ٻوٽن، نظارن
۽ ديوين سان پيار ڪيو، جنهن جو هن ذڪر به ڪيو آهي. نوجواني ۾ ڪراچي پڙهڻ ويو، جتي عالم،
فاضل ۽ اسڪالر سائين گربخشاڻي جي استادي ۽ صحبت ۾ سنڌي ادبي سرڪل کان شروعات ڪئي، سنڌي
ادبي سنگت جي بانين منجهان هو. جويو صاحب ۽ ٻين ادب دوستن سان لهه وچڙ جي ڪري ڌيان
۽ گيان جي بدولت مٿي اڀري آيو. بزم صوفياءِ سنڌ ۽ عوامي ليگ ۾ سرگرم رهيو.
اياز اسان جي زبان جو خوبصورت شاعر آهي. هن جا
ڪتاب سندس زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا شايع ٿيا. هن جي ادبي ڪارنامن تي ڪيترن ناليوارن اديبن
ڪيئي ڪتاب ڇپايا آهن. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ڪتاب ”جنم جنم جي جيت اياز“ جامي چانديو،
نصير مرزا، هدايت پريم، تاج جويو، ۽ ٻين هم عصر اديبن اياز جي فن ۽ فڪر تي زبردست ڪتاب
لکي پاڻ ملهايو آهي. شيخ اياز جي شاعري جون سرحدون ۽ حدون محدود ناهن پر پوري ملڪ
۽ دنيا جي شاندار قدرن، ريتن، روايتن فن ۽ فڪر سان سلهاڙجي هو آفاقي بنجي ويو آهي.
اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا ۽ ملڪ جي عظيم ۽ انقلابي واقعن جهڙوڪ: ادب، اديب، سياست،
فلسفو وغيره تي گھڻو لکيو آهي. شيخ اياز پنهنجن نظمن ۽ نثر ۾ سرمائيداري، اشتراڪيت،
ويٽنام جي جنگ ۽ ٻين واقعن کي خوبصورت پيرائيي ۾ پيش ڪيو آهي. حساسي ۽ تمثيلي انداز
سان انهن کي چٽيو آهي.
ٿي ٻري لينن ـ گراڊ
بم برسن پيا
هي سنگرام
سامهون آ نارائڻ شيام
هن جا منهنجا ٻول به ساڳيا
قول به ساڳيا
هي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي ۽
منهنجا رنگ رتول به ساڳيا
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان.
شيخ اياز گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هُو هڪ ئي
وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي، فيلسوف ۽ ترقي پسند پرچارڪ هو. هن شاعري کان علاوه ڪهاڻيون،
آتم ڪهاڻي ۽ نثر ۾ زبردست ڪتاب تحرير ڪيا آهن.
شيخ اياز ”ڀنور ڀري آڪاس“ ــ ايڊيشن ٽيون جي
مهاڳ ۾ لکي ٿو،
”فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مون کي شاهه
جي سٽ، 'ڪنول پارون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس' ياد پوندو آهي. هر عظيم شاعر جي روح ۾
سندس پوري ماضيءَ، ۽ ان فني تخليقات، روايات ۽ فلسفي حيات جون جڙون آهن، جي هن جي شاعريءَ
جي نشونما ڪري، ان کي شگفته ڪنول جو روپ ڏين ٿيون، ۽ هن جي فن ۽ فڪر جي انفراديت ڀونر
جئن ڀرندي، آڪاش ۾ اڏامندي ٿي رهي. جڏهن 'ٻنهي سندي ڳالهڙي' راس ٿي اچي، تڏهن هڪ فني
شهپارو تخليق ٿئي ٿو. منهنجو ڪلام انهيءَ معيار تي ڪيستائين پورو آهي، ان جو منصف مان
ته يقيناً نه آهيان، پر شايد اوهان به نه ٿي سگھو. منهنجي انسانيت ۽ حد کان زياده خود
اعتمادي (جا گھڻو ڪري هر فنڪار ۾ هوندي آهي) ۽ پنهنجي تخليق لاءِ بي انتها محبت منهنجي
صحيح اندازي جي راهه ۾ ضرور حائل ٿيندي... نه فقط منهنجي تخليق جو پر هر فنڪار جي تخليق
جو منصف فقط وقت آهي. مان فقط ايترو يقين سان لکان ٿو ته منهنجو فن ۽ فڪر ڪنهن به تقليد
۽ مصلحت آميزي کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ مون اهڙي سٽ بنهه نه لکي آهي، جا منهنجي روح جي
گھراين مان چيرجي نه نڪتي هجي...“
بيشڪ! شيخ اياز جيڪو لکيو آهي اهو پنهنجي دل
جي گھراين سان لکيو آهي ۽ ان ۾ اهڙا ته رنگ ۽ چٽ ڀريا آهن جو اصل جو غالب گمان ٿيندو
آهي. هن شاعري جي ذريعي شعور جي وسيع وادين ۽ وشال پرٿوي ۽ سنڌ جي حسين نظارن، ماڻهن،
جيت ۽ جانورن جي دلڪش منظرڪشي ڪئي آهي، جيڪا دل کي ڀانئي ٿي:
سڄڻ جو ساريوم، نانءُ نه آندم وات تي،
ڪنهن جو پڇيو ڪير آ، مامَ اُنهيءَ ماريوم
ڏوران ڏيکاريوم، چوڏهينءَ چنڊُ آڪاس ۾
منهنجا گيت گلابن وانگر
جيڪي چوٽين منجهه لڳائي
تڙ تي ناريون اينديون آهن
پنهنجن پيارن لاءِ سجائي.
منهنجا نيڻ هرڻ
تو پويان ڊوڙيا پرين
ٻيهر اڃ مرڻ
مهان ڪوي شيخ اياز، لطيف جي دڳ جو پانڌيئڙو آهي
۽ لطيف جي فن جي ڦرهي ساڻ کڻي سنڌ کي نئين سر جيئاري ويو آهي. هو چوي ٿو،
ڀٽائي تنهنجي ڀرسان، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئه ٻه ـ ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي.
رشيد ڀٽي، شيخ اياز جي باري ۾ لکي ٿو ته ”شيخ
اياز شاهه لطيف کان پوءِ پهريون شاعر آهي، جنهن صدين کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي جياريو
۽ روشناس ڪرايو آهي“.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو:
مان پنهنجي زندگيءَ جي پوتاميل فقط ڀٽائيءَ کي
ڏيڻ چاهيان ٿو. جيئن ڪازان زاڪس، مصور ايل گريڪو کي ڏيڻ لاءِ تيار هو، جيڪو هن جو پيش
رو يوناني آرٽسٽ هو. ڀٽائي نه صرف منهنجي ٻوليءَ جو شاعر هو، پر هن کان مون ڪافي ڪجهه
پرايو آهي.
شيخ اياز جي شاعري وسيع ۽ وشال آهي، جيئن سندس
زندگي جا رنگ ـ روپ انيڪ آهن. سندس شاعري، نثر ۽ ذاتي زندگي تي ايترو ادبي ڪم ڪونه
ٿيو آهي جيترو ٿيڻ گھرجي. ڇا ٻه چار ڪتاب لکڻ سان اياز جهڙي ورسٽائيل ۽ مهان ڪوي جو
حق ادا ٿيو آهي؟ نه، هرگز نه! اياز گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن جي سمورن پهلوئن
جو ڇيد ڪرڻ، تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا، هڻندا تن جي هام.
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا، بسنت ُرت جا خواب.
شيخ اياز
مان ڀي مرڻو ناهيان!
آصف رزاق عمراڻي
سنڌ کانسواءِ منهنجي شاعري اجائي آ
ڪائنات جي خوشبو سنڌ ۾ سمائي آ
مبارڪ شيخ عرف شيخ اياز سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي سڳند
سان ڀريل چيڪي مٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ان هميشه اهڙين عظيمن هستين کي شاعرن، ڪلاڪارن،
ليکڪن، محققن، اڳواڻن کي جنم ڏنو آهي انهن مان هڪ عظيم هستي ۽ ويهين صدي جي وڏي ۾ وڏي
تخليق شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر جنم ورتو. هيءَ اها ئي ڌرتي جنهن جي چيڪي مٽي کي ڳوهي
ان مان اهڙا ته عظمت ڀريا ڪردار پيدا ڪيا ويا آهن، جنهن جي عظمت ۽ ترقي پسندي کان ڪوبه
انڪاري نٿو ٿي سگهي. شيخ اياز تي جيترو سنڌي قوم کي فخر آهي ايترو ئي وري سندس تخليق
اسان جو قدڪاٺ اوچو ڪيو آهي شاعر ته هونئن ئي قومن جي سڀيتا جا امين ۽ وارث هوندا آهن
جيڪي هر دور ۾ قومي فرض کي پنهنجو مقصد سمجهي
نڀائيندا آهن ۽شاعر سماج جي ڏکائين، اهنجن، خوشين، حسناڪيات، جماليات، رومانوي احساسن،
خيالن، پاڪ جذبن پيڙائن کي دل ۾ اوتي ڪري ڪي خيال پيدا ڪري ڪجهه لفظن جي وهاءُ سان
ڪي انمول شيون ترتيب ڏيئي وٺندا آهن. شاعر قومن جي ستل ضمير کي جھنجھوڙي جاڳائڻ ۽ انهن
جي اعصابن تي پنهنجو اثر ڇڏڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن. شيخ اياز به شاعري ۾ ڪيترن
ئي نون پهلوئن کي جنميو. شيخ اياز جدت ۽ ترقي پسندي جو اعلى مثال آهي. شيخ اياز جي
شاعري گھڻ رخي آهي، هن جي شاعري ۾رومانيت انسان
دوستي ترقي پسندي، وطن پسندي ۽ دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ معروضي حالتن تي به پنهنجو گھرو
ڌيان ارپيو اٿس ۽ دل ۾ اهي سڀ شئيون اوتي انهن کي مختلف پهلوئن ۾ معروضي حالتن پٽائيندڙ
ائين ته پيش ڪيو اٿس جو ڪيتريون ئي ديوارون
برلن ڌماڪن سان ڌڙام ڪري ڪري پيون ۽ ڪئين غلامي جا طوق ٽوڙي وڌائين. شيخ ايازمحبت جو
قائل رهيو آهي. هن محبت کي ڳائڻ ۾ اعلي ڪمال جو درجو حاصل ڪيو آهي. شيخ اياز زندگي
کي محبت سان ڀيٽيو آهي، شيخ اياز محبت کي عظيم درجو ڏيئي ٿو سندس شاعري جو سرچشمو محبت
ئي آهي شيخ ايازچئي ٿو ته،
جنهن محبت نه ڪئي سو اي اياز؛
زندگي جي گناهگارن مان آهي،
اياز وطن دوستي ۾ به پنهنجو پاڻ نڀايوآهي. سنڌ
سان سندس محبت جو لازوال انمول پهلو به هن شاعر جي روح جي رهنڊن مان محسوس ٿئي ٿو.
جڏهن سنڌ تي ون يونٽ جي غلامي جا ڪڙا چڙهيل هئا ۽ وسيلن جي ڦر لٽ سنڌي ٻولي کي ختم
ڪرڻ انهن واقعن اياز جي روح کي جنجھوڙي ڇڏيو، تڏهن اياز سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۽ فرض لاهڻ
جي جيڪا ڪوشش ڪئي ان ۾ به ڪافي ڪامياب ويو ۽ سنڌي ماڻهن جي جدوجھد کي هڪ نئون گس مليو
تڏهن ئي ته اياز چيو !!
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي ،
متان ائين سمجهي مئا مور سارا،،
اياز کي سنڌي قوم جو به وڏو اونو هو. اياز ته
سنڌ جي محبت ۾ پنهنجي پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. هن کي سنڌ جي ماروئڙن، سانگيئڙن، سنڌ جي
مٽي، سنڌ جي جھنگ، برپت، بيابانن ۽ وڻن ٽڻن، پکين کي به ڳايو آهي. هر شاعر پنهنجي ملڪ
جي خوب صورت نظارن کي بيان ڪندا آهن پر شيخ اياز ته سنڌ جي اڪن ، ساڙيندڙ لڪن کي به
ڳايو آهي ته سنڌ جي ذري ذري کي ڳائي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي اياز چئي ٿو ته !!
جت لڪ لڳي جت اڪ تپن،
سو ديس مسافر منهنجوڙي،
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آگ الا ٿي نڪر ي ٿو،
جت ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن،
سو ديس مسافر منهنجوڙي،
اياز جي سوچ ۽ هن جا خيال ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي
يا ڪنهن ڏکوئيندڙ ۽ ايذائيندڙ قوتن جي خلاف
ڪي جذباتي ڪلام به شعرن جي صورت ۾ ڇپيل آهن ته اياز قومي سطح تي ٿيندڙ احساس محروميون
۽ ان خلاف قوم کي جاڳائڻ ۽ انهن جي تن ۾ اولا وسائڻ انهن اجھامندڙ خيالن کي پنهنجي
لفظن ۾ سرجي هڪ ڀنڀٽ بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جيئن اياز چئي ٿو !!!
سچ وڏو ڏوهاري آ،
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ڪڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو آ،
تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو آ،
گھاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽي تان اڇلايو ويو آ،
ها پوءِ به انهي جي ساڳي ،
رهندي آئي ريت اڀاڳي،
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو هيءَ به ڪڏهن سوچيو آ،
ڪنهن سان تنهنجي ياري آ،
شيخ اياز کي قيد ۾ بند ڪري اسيري واري ذندگي
گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو تڏهن اياز چيو ته
مان ڏوهي آ مان ڏوهي آ
مون ڪيئي ڏوه ڪيا آهن
هي ڏوه نه آ آڪاس ڇڏي
مون پريت لڳائي ڌرتي سان
مون ڏات انوکي آندي آ
ٿي تند وڙهي تلوارن سان
ان مان صاف ظاهر آهي ته شيخ اياز صرف هڪ شاعر
نه پر هڪ ارڏو انسان هو ۽ سنڌي قوم جو وڏو اونو هئس ۽اعلي خوبين جو مالڪ هو اياز واقعي
اياز هو هن سنڌ لاء پنهنجو پاڻ وقف ڪري پنهنجي
سنڌ دوستي محبت ۽ ان سان انسيت جو پيغام ڏيندي اهو باور ڪرايو آهي ته سنڌ۽اياز
هڪ آهي اياز سنڌ کانسواء رهي نٿي سگهيو اڄ اياز اسان سان گڏنه آهي پر هن جي شاعري اڄ
به زنده آهي ۽ رهندي .
وقت جيان مان وڃڻو نه آهيان
وڃي وري به ورڻو آهيان
جيسين منهنجا گيت نه مرندا
تيسين مان ڀي مرڻو ناهيان.
شيخ اياز
سنڌڙيءَ جو ساهه
آصف ٿيٻو
ارسطو هڪ فلاسافر جي حيثت ۾ شاعري جي باري ۾
لکيو ته شاعري تاريخ کان وڌيڪ فلسفياڻي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته شاعري پوري ڪائنات کي ظاهر
ڪري ٿي جڏهن ته تاريخ صرف ڪجهه حصن کي ظاهر ڪندي آهي. ان ڪري شاعري ڪائنات جي ٻولي
آهي
سنڌ ڌرتي جي عظيم شاعر شيخ اياز، جنهن پنهنجي
شاعري ۽ ڏات وسيلي سنڌ ديس کي نئون ويس پارايو، جنهن ويس ۾ فطرت جي اعلي پائي جي شاعر
شيخ اياز انڊلٺ جهڙا رنگ ٿر جون چانڊوڪيون، گلابن جي مهڪ، مهراڻ جون موجون، ڪراڙ ڍنڊ
جي خاموشي ۾ ويٺل سنڌ جي گهوٽ شاهه لطيف جي ان ٻولي کي هڪ نئون روپ ڏنو، جنهن جو ذائقو
ماکي کان به مٺڙو آهي. اياز جي شاعري سنڌ جي انهن دردن ۽ پيڙائن کي جاڳايو، جيڪي ڏک
رني ڪوٽ ۽ موهن جي دڙي جي عظيم تهذيب ۾ دفن ٿي ويا هئا. اياز جي وڇڙڻ کان پوءِ سنڌ
۾ اياز جهڙي شاعري جهڙي متبادل شاعري تخليق نه ٿي سگهي آهي.ڇاڪاڻ ته اياز انگريزي شاعري
جي سرتاج شاعرن جان ملٽن،شيڪسپيئر ۽ شيلي وانگر فطرت سان گهرو ڳانڊاپو هو. شاعر اهو
ئي عظيم هوندو آهي جيڪو فطرت کي پنهنجي ماءُ تصور ڪري ڇاڪاڻ ته فطرت پنهنجي پيٽ مان
تخليق کي جنم ڏيندي آهي.
اياز کي هر سال جيان اڄ ۲۸ ڊسمبر تي ياد ڪيو ويندو آهي. اڄ اياز جي شاعري ۽ فڪر کي مڃتا ڏني ويندي، جيڪو فڪر سنڌ جي نوجوانن لاءِ
هڪ عظيم سرمايو آهي. جنهن نظرئي ۽ فڪر جا وارث اسان آهيون. پر ياد انهن کي ڪيو ويندو
آهي جيڪي يا ته وڇڙي ويندا آهن يا وري وسري ويندا آهن. پر اياز اسان کان وڇڙيو ڪڏهن
آهي؟ اياز سنڌ کان ڪيئن وسري سگهي ٿو؟ يا وري سنڌ واسي اياز کي ڪيئن وساري سگهن ٿا.فطرت
جي شاعر اياز پنهنجن لڙڪن مان مٽي ڳوهي سنڌڙي کي جڳ سنڌرتا ڏني، جيڪا مٽي اياز خود
پنهنجي هٿن سان ڀٽ شاهه تان کنئي. ان مٽي ۾ ماري جي ديس جي واري به شامل هئي، جنهن
کي شيخ اياز پنهنجي هٿن سان ڳوهي هڪ نئين ۽ جديد سنڌ جو بنياد رکيو. اياز کي پنهنجي
ديس ۽ لطيف سان ڪيترو چاهه هو ان جو اندازو اياز جي هن شعر مان ڪري سگهجي ٿو.
ڄڻ ماڻهو جو ڳوڙهو ڳوڙو
منهنجي واين مان برسي ٿو،
ويڙهو ويڙهو، لوڙهو لوڙهو
منهنجي گيتن سان گونجي ٿو.
شاعر واقعي پيدائشي هوندو آهي. يارنهن ورهين
جي عمر ۾ ماڻهو شاعري ڪيئن ٿو ڪري سگهي. اياز پنهنجو پهريون شعر يارنهن ورهين جي عمر
۾ لکيو هو. ان وقت اياز فطرت سان مخاطب ڪئين ٿيو؟ جنهن جو اعتراف اياز خود پنهنجن هنن
لفظن ۾ ڪيو آهي ته مان پيدائشي طور شاعر آهيان، ڇاڪاڻ ته مان ننڍپڻ ۾ غزل لکندو هيس،
جڏهن منهنجي عمر صرف يارنهن سال هئي. دنيا جي تاريخ ۽ ادب اياز جي نس نس ۾ سمايل هو.
سنڌ جي هن شاعر سماجي تبديلي ڪارڻ ترقي پسند
وکون به اڳتي وڌايوان. ترقي پسند ادب ۽ فڪر جي انهن وکن ۾ اياز ماهوار رسالي اڳتي قدم
جو بنياد رکيو. اياز ان رسالي جو ايڊيٽر هو، ان رسالي نه رڳو ترقي پسند لاڙن کي متعارف
ڪرايو پر ادبي ڪاوشن ۾ به ڪافي قدم اڳتي رهيو. ادب جي دنيا ۾ نون ليکن ۽ صنفن جو ڪارڻ
بڻيو. اياز جي شعوري ۽ فڪري سطح ايتري ته بلند هئي، جو سنڌ ڌرتي جي ڏاهي ۽ دانشور عبدالواحد
آريسر اياز جي ڏات ۽ فڪر کي هماليه جي پهاڙن سان ڀيٽيو آهي. اياز هن سماج ۾ باغي ٿي
رهڻ کي وڌيڪ اوليت ڏني.هو هڪ آدرشي انسان هو. جنهن پنهنجن عظيم آدرشن سان نوجوانن جا
ذهن بدلائي ڇڏيا.درياهن جا رخ موڙي ڇڏيا. لطيف وٽ جيڪي گيت رهجي ويا هئا. اهي اڌورا
گيت اياز پنهنجي شاعري وسيلي جر جنگ ڦهلايا. جيئن پکي پره جو چون چون ڪري جاڳايئندا
آهن، تيئن اياز کي اڌ رات جو گيت اچي جاڳايئندا هئا.
ٿي ننڊ نه اچي نيڻن کي، هي ڏات ڏهاڳڻ جاڳي ٿي
ٿا شعر اچن برسات جيان، دل ڪيڏا ٿر ڀر جاڳي ٿي.
دور ڀلي بدلجندو رهي ٿو، پر حق انصاف ۽ ظلم جو
فلسفو ساڳيو رهي ٿو. پنڌ ڪيترو به کڻي اڙانگو ڇو نه هجي، پر حق ۽ انصاف جو دڳ پنهنجي
منزل تائين پهچي ٿو. اياز جيڪا جنگ حق سچ ۽ انصاف لاءِ ڪئي، ان جي تاريخي اهميت آهي
ته هڪ شاعر سماج کان باغي ڪيئن ٿئي ٿو.ڪهڙي نه بهترين نموني پنهنجن آدرشن ۽ جذبن جو ڀرپور اظهار ڪري ٿو. اياز
کي اسان رڳو شاعر چئي بس ڪيون ته اها خود اياز جي فن ۽ تخليق سان دشمني ٿيندي، اياز
هڪ بهترين ڪهاڻيڪار به هو ته هڪ بهترين نثر نويس به هو. اياز جو نثر پڙهبو ته محسوس
ٿيندو ته اياز جي لکيڻن ذريعي مان دنيا جي تاريخ علم فلسفي ادب آرٽ ۽ شاعري جو هڪ ساهي
۾ مطالعو ڪيو هجي. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر،جهڙو بهترين نثر مان
نٿو سمجهان ته اياز کان پهرين ۽ پوءِ ڪنهن شاعر تخليق ڪيو آهي. اياز هڪ بهترين ڪهاڻيڪار
به هو، کلڻي جهڙي آرٽ سان ڀرپور ڪهاڻي پڙهجي ته هر ڀيري نواڻ محسوس ٿيندي ۽ ان ۾ هڪ زندگي جو عڪس ملندو آهي. اياز جي محنت جي
هڪ هڪ گهڙي غلامي جي زنجيرن کي ڪمزور ضرور ڪيو آهي. اياز اهو ڏات ڌڻي هو جنهن پنهنجي
ادبي نظرئي فڪر ۽ شاعري کان تلوار جو ڪم ورتو. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اياز جا
لطيف سان روحاني لاڳاپا هئا. اياز کي ڀٽائي سان تمام گهڻي عقيدت هئي. لطيف جي شاعري
۽ فڪر کي جيترو اياز سمجهي سگهيو ايترو ٻيو
ڪير سمجهي ناهي سگهيو. تڏهن ته اياز لطيف کي يار ڪوٺيو آهي.
اياز فطرت جو عظيم ڪلاڪار ۽ شاعر هو. اياز فطرت
جي نظارن ۽ حسن سان حد کان وڌيڪ عشق ڪيو. اياز هڪ اڻ مٽجندڙ تاريخ آهي، اياز جي شاعري
جي گونج صدين تائين گونجندي رهندي. اياز جي شاعري سنڌ جي عظيم تهذيب جي عڪاسي ڪري ٿي.
جيڪا پڙهندڙن تي پنهنجا اثر صدين تائين رکندي. اياز جي شاعري ۾ فطرت جا موهيندڙ رنگ
سمايل آهن.سندس شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ فطرت سان مخاطب
آهي. اياز سنڌ سان گڏوگڏ فطرت جو به وڏو عاشق هو، ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته اياز
وٽ اهڙو تخيل جڙندو هو جنهن سان ڪئي ڪائناتون لتاڙجي وينديون هيون.
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين
ستي ساهه جاڳي وڃي ڏور ڏور
ستارا لتاڙي، اسان جو شعور
شاعري روح جي ٻولي آهي، جيڪا صرف زنده روح ئي
پروڙي سگهن ٿا. آرٽ لاءِ جڳ مشهور فلاسافر برنارڊشا چيو هو ته ”تون آئينو ڏسين ٿو پنهنجي
منهن کي ڏسڻ لاءِ ۽ آرٽ ڏسين ٿو پنهنجي روح کي ڏسڻ لاءِ“ اياز واقعي ۾ جيڪا شاعري تخليق
ڪئي، اها روحن جي زبان بڻي. جيڪڏهن ڪو زبان ڪٽيل ماڻهو به اياز جي شاعري پڙهي ته کيس
ڳالهائڻ جي سگهه ملي ويندي. اياز سنڌ ڌرتي جو جو هڪ سچو شاعر هو. هن کي سنڌ سان عشق
هو. عظيم شاعر ڪڏهن به وڇڙندا ناهن. سنڌ جا ماڻهو هر سال اياز جي ورسي ملهائيندا آهن.
مان کين اهو عرض ڪندس ته اياز کي مرحوم جي نالي سان ياد نه ڪيو وڃِي. ڇاڪاڻ ته اياز
اسان سان اڄ به پنهنجي فڪر ۽ شاعري وسيلي گڏ آهي. دنيا جا عظيم فرد ڪڏهن به ناهن مرندا.
جيڪڏهن اسان اياز جي شاعري کي موٽ نه ڏينداسين ته اها اسان جي اياز جي شاعري سان ويساه
گاتي ٿيندي. اچو ته اياز ۽ سندس لازوال شاعري کي ڀيٽا ڏيون.
شيخ اياز
ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي/ٽنڊو الهيار
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئن هائي ڙي جيئڙا!
مهان ڪوي شيخ مبارڪ علي اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾
جنميو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو.
شيخ اياز جو پهريون غزل ماهوار رسالي ”سدرشن“
شڪارپور جي جنوري-فيبروري ۱۹۳۸ع واري شماري
۾ شايع ٿيو.
ٽهِ ماهي ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ع ۾ سندس ٽيهارو کَن بيت شايع ٿيا ۽ هو ڪوي (شاعر) جي حيثيت ۾ نمايان
اُڀري آيو. شيخ اياز ”ڀونر ڀَري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان وڏي مڃتا ماڻي.
سال ۱۹۶۲ع ۾ شيخ
اياز جا شعري ڪتاب ”ڀونر ڀَري آڪاس“، ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“، ۱۹۶۳ع ۾ خطن تي ٻڌل ”ڪاڪَ ڪَڪوريا ڪاپڙي“. سال ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ع ۾ ضبط ڪيا ويا.
شيخ اياز زندگيءَ جو گهڻو عرصو سکر ۾ گذاريو.
زندگيءَ جا آخري ڪجهه ورهيه، ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ گذاريائين. دل جي بيماري ۽ ٻين
عارضن سان همت سان ويڙهه ڪندو رهيو. هو علاج لاءِ لنڊن پڻ ويو، پر اتان موٽڻ کانپوءِ
به مڪمل صحتياب ڪو نه ٿيو ۽ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ۲۹ ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
شيخ اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ جو باني آهي. هو
بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڍ سٽا، ڪهاڻيون ۽ نثر جا بي مثال
۽ لازوال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ڪٿ اياز جي وڇوڙي کانپوءِ ساڻس پيار ڪرڻ
وارن ۽ پرستارن لاءِ وڏو آٿت ۽ آڌار آهي.
شيخ اياز
ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
شيخ اياز جي وڇوڙي کي۱۶ سال ٿي ويا آهن. ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌي ٻوليءَ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌ
جي قومي ۽ فڪري رهبر شاعر شاهه لطيف رحه کانپوءِ، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فڪري سرواڻي ڪئي.
هن پنهنجي شاعريءَ مان روايتي لاڙن کي ڪڍي، پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي قوم کي نئين
صُبح جا سَبق ۽ ڏَس ڏنا. مهان ڪوي شيخ اياز جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ شيخ
غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو.
هن ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. مئٽرڪ بمبئي
يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. انٽر به شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج مان پاس ڪيائين. بي
اي ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج مان پاس ڪئي. بعد ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شيخ صاحب وڏو
قانوندان به هو.
سندس پهريون شعر، شڪارپور مان بهاري لال هري
رام ڇاٻڙيا جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ”سدرشن“ ۾ جنوري-فيبروري ۱۹۳۸ع ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز جا شاعري ۽ نثر ۾ ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾؛
1.
سفيد وحشي،
2.
پنهل کانپوءِ،
3.
ڀونر ڀري آڪاس،
4. ڪلهي پاتم ڪينرو،
5.
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،
6. ڪي جو ٻيجل ٻوليو،
7.
وڄون وسڻ آيون،
8.
ڪپر ٿو ڪن ڪري،
9.
لڙيو سج لڪن ۾،
10.
پتڻ ٿو پور ڪري،
11.
ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا،
12.
چنڊ چنبيليءَ وَل،
13.
واٽُون ڦلن ڇانئيون،
14.
پن ڇڻ پڄاڻان،
15.
جڳ مڙيو ئي سپنو،
16.
رڻ تي رم جهم،
17.
ڀڳت سنگهه کي ڦاسي،
18.
ساهيوال جيل جي ڊائري،
19.
راج گهاٽ تي چنڊ،
20.
خط، انٽرويو ۽ تقريرون. (ٻه حصا)،
21.
بَڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي،
22.
اَڪن نيرا ڦُليا،
23.
سُر نارائڻ شيام،
24.
ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون،
25.
جُهڙ نيڻان نه لهي،
26.
اُڀر چنڊ پس پرين،
27.
هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن،
28.
الوداعي گيت،
29.
ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن،
30.
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون،
31.
گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا
۽ ٻيا
ڪتاب شامل آهن.
جڏهن ته اياز جي شاعري، اردو توڙي پنجابيءَ
۾ به ترجمو ڪئي وئي آهي.
جهڙيءَ طرح غالب اردو زبان کي نئين سر پيدا ڪيو،
ان کي تخليق ڪيو، هڪ نئون روپ ڏئي ڇڏيو ۽ ماڻهن ۾ مڃتا ڪرائي ڇڏي. بلڪل اهڙيءَ طرح
سنڌي زبان جا جيڪي به ادبي خزانا هئا، پوءِ اهو ڀٽائي هجي، ان کان اڳ جا شاعر هجن يا
سامي هجي، سچل هجي، انهن سنڌين زبان کي جيڪو ورثو ڏنو هو، سو وچ ۾ ڪنهن وڏي تخليقي
قوت واري شاعر جي نه هجڻ ڪري هڪ بيٺل سمنڊ وانگر ٿي ويو هو. اياز ان ۾ ٽُٻي هڻي، جيئن
ٻڏي ويل جهازن جا خزانا ڪو ئي ڳوليندو آهي، اهڙيءَ طرح اياز ٻوليءَ کي دريافت ڪيو
۽ ٻيهر انهيءَ کي چمڪائي، موتين وانگر پنهنجي شاعريءَ ۾ جَڙي ڇڏيو ۽ سنڌي زبان کي هڪ
نئين طاقت ٻيهر بخشي ڇڏي. اهو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ رڳو سنڌي زبان ڳالهائڻ
وارن کي نه پر اسان سڀني کي هن جو هميشه ممنون هئڻ گهرجي.
شيخ اياز، وقت جي آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن سان سان اکيون
اکين ۾ ملائي، ڳالهائيندو، اٽڪندو ۽ نئين نسل کي حوصلو ڏيندو هو. هن سڄي حياتي، سنڌ
۽ سنڌي ٻوليءَ جي دشمنن خلاف لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. سندس گيت گوريلا بڻيا.
اياز اهو شاعر هو، جنهن جي شعري مجموعن تي وقت
جي آمر حاڪمن بندش وڌي. اياز سنڌ سان صرف لفظي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر نه هو، پر هو
سنڌ جو سرواڻ، قومي ۽ انقلابي شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ، همٿ ۽ حوصلو
آهي، فڪر جي گهرائي آهي، اياز سنڌ جو امر شاعر آهي. اياز کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا
سگهون.
تون جو مون کي ڪين مڃيندين،
مون کي ڪا پرواهه نه آهي،
آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،
مون تي ميڙو مچڻو آهي.
شيخ اياز
سنڌ جو
مهان ڪوي
مير نادر علي ابڙو
’پٽ!
نانءُ ڇا ٿي؟‘
’منهنجو
نالو نادر علي آهي.‘
’نالو
ته بادشاهي آهي، انشاءَالله زندگي ۾ به بادشاهي ماڻيندين.‘
اهي
لفظ هئا سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جا جنهن پنهنجي گهر ۾ اسان سڀني گهر ڀاتين جي
وڏي محبت ۽ پيار منجهان دعوت ڪئي هئي. ٿيو هيئن هئو ته منهنجو والد صاحب ڪامريڊ
تاج محمد ابڙو سکر ۾ سيشن جج طور بدلي ٿي آيو، جنهن جا شيخ اياز سان تمام پراڻا ۽
ويجها دوستانه تعلقات هئا. شيخ اياز اسان جي ڳوٺ لاڙڪاڻي جڏهن به ايندو هئو ته
رهندو اڪثر اسان جي اوطاق تي ئي هئو. جتي بابا سائين ۽ شيخ اياز ڪلاڪن جا ڪلاڪ
ڪچهري ۾ مگن رهندا هئا. نوڪر هڪڙا سگريٽ آڻي بس ڪندا هئا ته وري ٻيا پيا سگريٽ
ايندا هئا مگر نه ته سگريٽ کٽندا هئا ۽ نه وري ئي شيخ اياز جي شاعري. البت رات جي
جواني ضرور ختم ٿي ويندو هئي.
سکر
کان بابا سائين جي بدلي تقريبن ۱۹۷۳ع ۾ ٿي وئي ته شيخ اياز وري الوداعي دعوت ڪئي. ڪجهه سالن
کان پوءِ وري ٻيهر بابا سائين اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ٿي آيو. ٻيهر پوسٽنگ
دوران شيخ اياز، فتاح ملڪ، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، برڪت آزاد، رشيد ڀٽي ۽
ٻيا ڪافي اديب شاعر اسان جي اوطاق تي اچي ڪچهريون مچائيندا هئا.
شيخ
اياز کي مون انتها درجي جو سادو محب وطن ۽ سچو انسان ڄاتو. هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان
انتها درجي جي محبت هئي، جيڪا هر وڏي شاعر کي هجڻ به کپي. منهنجي خيال ۾ اها شيخ
اياز جي سنڌ ڌرتي ۽ هتان جي رهواسين سان
محبت ئي هئي. جنهن سندس کي هن پرڳڻي ۾ لطيف سرڪار کان پوءِ شاعرن ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر
بڻايو. هن جو جيئن ته واسطو شڪارپور ضلعي
سان هئو ۽ شڪارپور جي ٻولي سنڌ جي انتهائي مٺڙي ٻوليءَ طور پوري هند سنڌ ۾ مشهور
آهي. منهنجي شيخ اياز سان آخري ملاقات ڪراچي ۾ جمال ابڙي جي فرزند جي شادي جي
موقعي تي ٿي هئي. جتي شيخ اياز سان ڪافي دير ڪچهري رهي. هو مون کان گهرَ جي سڀني
ڀاتين متعلق پڇندو رهيو، منهنجي ۽ منهنجي ننڍن ڀائرن جي مستقبل لاءِ صلاحون ڏيندو
رهيو.
هن
وقت جڏهن ته شيخ اياز اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس هن ڌرتي سان لاڳاپيل شاعري
هميشه اسان توڙي اسان جي ايندڙ نسل ۾ زندهه رکندي. شيخ اياز جهڙا عظيم شاعر ئي
عظيم قومن جو سرمايو هوندا آهن.
منهنجا
هي ڪجهه جملا شيخ اياز جهڙي وڏي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪونه آهن
پر سندس ياد ته تازي ڪن ٿا.
(سنڌ، شام، تعمير
سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، عوامي آواز)
شيخ اياز
عالمي امن ۽ روشن خياليءَ جو شاعر
فياض لطيف
مهذب سماج، ملڪ ۽ قومون، پنهنجي قلمڪارن، عالمن ۽
دانشورن وسيلي سڃاتيون وينديون آهن. جيئن ڪنهن به ملڪ جي سرحدن جا محافظ ان ملڪ جا
جوڌا جوان ۽ جرنيل هوندا آهن، ائين ئي قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽
ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.
ڪنهن به سماج، قوم ۽ ملڪ ۾ هڪ عظيم ۽ آدرشي قلمڪار جو
ڪردار ۽ موجودگي ڪنهن وڏي وٿ جيان ٿي هُجي. سماجن ۾ عام فردن جو جنم افرادي قوت ۽
تعداد ۾ اضافي کان سواءِ وڌ ۾ وڌ اهو ئي ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي، جو سماج
جي روايتي ڌارا جو حصو بڻجي، پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏئي سگهندو آهي، پر هڪ
سرجڻهار ۽ آدرشي انسان پوري ملڪ، قوم، سماج ۽ ماڻهپي جو طرفدار ۽ داعي هئڻ سان
گڏوگڏ پنهنجي وجود ۾ عملي ۽ انقلابي به هوندو آهي، انهيءَ ڪري عظيم ۽ آدرشي سرجڻهار
نه صرف ڪنهن هڪ ملڪ، ڪنهن هڪ قوم ۽ ڪنهن هڪڙي سماج جو سرمايو هوندا آهن، پر اهي
عالمِ انسانيت جو املهه اثاثو هجن ٿا. انهيءَ ڪري ئي سولزي نٽسن چيو آهي ته: ”هڪ
سچو اديب هڪ حڪومت جي طاقت برابر هوندو آهي.“
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾ عظيم ۽ آدرشي انسان روز بروز پيدا
نه ٿيندا آهن. انهن جي جنم لاءِ ڌرتيءَ کي سالن ۽ صدين جا اوسيئڙا ۽ اوجاڳا ڪرڻا
پوندا آهن. تاريخ ۽ تهذيب، امن ۽ آشتي، سندرتا ۽ سچ، محبتون ۽ آجپو انهن جي آمد
لاءِ عرصي تائين منتظر رهندا آهن ۽ جڏهن انهن جو جنم ٿيندو آهي، تڏهن اهي نه فقط
پنهنجي دؤر جا ساکي ۽ سرواڻ بڻجي پيدا ٿيندا آهن، پر هو پنهنجيءَ ذات ۽ حيات ۾
ماضيءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جو تسلسل، نئين ۽ روشن خيال فڪر جا ترجمان ۽ ايندڙ وقت جي
حالتن جو ادراڪ ۽ احساس رکندڙ، اهڙا پُر دماغ ۽ پُر بصيرت پُرش ٿي اُڀرندا آهن، جن
جو عمل ۽ ويچار نه فقط پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ رهنمائيءَ ۽ راهه جو مثال بڻجي پوندو
آهي، پر انهن جي تخليقي صدا سمورين مظلوم قومن ۽ عالم انسانيت جي آواز ۽ احساس جي
ترجمانيءَ جو حق به ادا ڪندڙ هوندو آهي.
قومن ۽ سماجن جا اهي مُحسن فرد، پنهنجي وجودن ۾ سراپا
سمونڊ ۽ فڪري سرڪشي جو نمونو هوندا آهن. هو پنهنجي دؤر جي رواجن، روايتن ۽ طئي ٿيل
تربيتي سرشتي جي پيداوار ڪونه هوندا آهن، پر هو پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ ۾ خود ئي
راهه به هوندا آهن ته روشني به، سُرت به هوندا آهن ته سگهه به، جاڳ به هوندا آهن
ته جولان به، جيت به هوندا آهن ته جرئت به، مطلب ته هو پنهنجي وجود جي قطري ۾ بحرِ
بي ڪران جو محبوب مثال ٿيندا آهن.
چالو ۽ روايتي نظام ۽ سرشتا ته اڪثر گهُمنڊي، کوکلا ۽
تنگ نگاهه ماڻهو پيدا ڪندا آهن، جن جي ذهن ۽ ضمير جون دريون پوريل هونديون آهن. هو
پوري زندگي پاڻ پڻي جي خول ۾ گذاري مٽيءَ ۾ مٽي ٿي ويندا آهن، پر عظيم ۽ آدرشي
ماڻهو روايتي راهن ۽ مروج مرده نظامن کي ٺُڪرائي، زندگيءَ جي روشن راهن کي اپنائڻ
سان گڏوگڏ ٻين لاءِ سُکُ، امن، آزادي ۽ آجپي جا خوبصورت خواب کڻي جيئندڙ هوندا
آهن. هو پنهنجي ذاتي مفادن بدران قومي ۽ انساني قدرن کي اوليت ڏيندڙ ۽ اجتماعي
آجپي جا پاسدار ٿيندا آهن. اتهاس جي اهڙن اڏول ۽ امر انسانن ۾ ڪي ماڻهو ته بنهه ئي
بي مثال هوندا آهن، ڇو ته جيڪا حاصلات هو پنهنجي ملڪ، قوم ۽ ان سان گڏوگڏ پوري
انسان ذات کي ڏئي ويندا آهن، اها حاصلات ايتري ته نرالي ۽ اَملهه هوندي آهي، جيڪا
ڪنهن ٻئي انسان هٿان ناممڪن هوندي آهي. اها املهه ۽ لاڀائتي حاصلات ڪا جسماني ۽ ڌن
دولت جي نه هوندي آهي، پر اها انساني شعور ۽ دانشمنديءَ جي دنيا سان لاڳاپيل ۽
خالص تخليقي ۽ ادبي نوع جي هوندي آهي.
شيخ اياز جو نالو به اهڙن آدرشي ۽ اَملهه سرجڻهارن ۾
شامل آهي، جن پنهنجي تخليقي اظهار ۽ آواز سان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي لاچار، بيوس ۽
اٻوجهه ماڻهن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ ”شاهه، سچل ۽ سامي“ جي ٽه مورتي
وڏي وقعت ۽ عظمت جي حامل آهي. انهن ٽنهي آدرشي سرجڻهارن پنهنجي قلم ۽ ڪردار سان
پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جي مَن ۾ جيڪو شعور، سجاڳي، سُرت، امن، آجپي ۽ اخوت جو
ٻج پوکيو، اهو بي مثل ۽ بي بدل آهي. ڀٽائي پنهنجي نماڻي، فڪري، نفاست ڀرئي ۽ تصوف
جي گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رتل محبتن، عبادتن، عشق، جدوجهد، قرباني ۽ پنهنجن ماڻهن ۽
عالمِ انسانيت سان اُنس جو درس ڏنو آهي ته درازن جي تاج ڌڻي سچل سرمست، منصوري
مستي ۽ عارفانه عشاقيءَ سان ”خود شناسي“ ۽ ”خدا شناسيءَ“ جو فلسفو ۽ فڪر سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. سامي پنهنجي سلوڪن ۾ ويدانت جي ويچارن کي پنهنجي شبدن جي شاعراڻن
آڱرين سان اُٿلائي پٿلائي ”مايا“ جي مُنجهيل سُٽ کي عام اڳيان سُلجهائي عيان ڪرڻ
جي جستجو ڪئي آهي. توڙي جو اندازِ بيان ۽ اظهار جي حوالي سان لطيف سائين جو ”آواز“
سرمست کان ۽ سرمست جي ”صدا“ ساميءَ جي ”سلوڪن“ کان مختلف ۽ نرالي آهي، پر انهن
ٽنهي جي ”سڏ، پڙاڏي ۽ پڪار“ جو فڪري ۽ احساساتي تاثر ۽ مجموعي مفهوم ”امنِ عالم،
انساني اخوت، سنڌ سڪار ۽ عالم سڀ آباد“ هجڻ آهي.
”شاهه، سچل ۽ سامي“ جنهن فڪر ۽ نظريي جي نفيس ڌاڳن سان پنهنجي عشق
۽ اُنس جي آڏاڻي تي سنڌي سماج ۽ عالمِ انسان لاءِ محبتن، امن ۽ آجپي جو لباس اُڻيو
آهي، شيخ اياز جديد دؤر ۾ ان فڪر ۽ نظريي جو وڏو شارح، مدبر ۽ مفسر آهي. اياز
پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو ويدانيت ۽ وحدت الوجود جي رنگن سان گڏوگڏ جديد دؤر جي
زندگيءَ جي مسئلن ۽ مامرن جي اهڙي احساساتي ۽ فڪري سنگم سان جوڙيو آهي، جو هو نه
فقط هِن صديءَ جو تمام سگهارو، سُچيت ۽ عظيم شاعر ٿي اُڀريو آهي، پر سندس شاعريءَ
۾ جيڪا فڪري سگهه، سرلتا، سماجي سُرت، اندازِ بيان جي نُدرت، ٻولي ۽ خيال جي بي
ساخته اُڇل، فني حسناڪي ۽ عالمِ انسانيت جو احساساتي درد ۽ اُلڪو موجود آهي، ان کي
پسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ”اياز صرف موجوده صديءَ جو وڏو
شاعر نه، پر صدين جو سرجڻهار آهي.“ نامياري ليکڪ تاج جويي چواڻي ”جيئن اڍائي صديون
گذرڻ کان پوءِ به ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي، تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به
زنده رهندو، ڇو ته اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي.“
هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾
هي آڌيءَ رات اُڻت لوڪو!
ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني
هِن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!
شيخ اياز پنهنجي ڪوتائن ۾ ڪنهن حد تائين توڙي جو فڪري ۽
موضوعاتي طور ڀٽائيءَ جي صوفياڻي رنگ ۽ لوڪ داستانن کي اپنايو آهي، پر ان جي
باوجود هُن پنهنجي شاعريءَ جي بدن ۾ نون احساسن، نرالين تشبيهن، انوکن استعارن، نج
سنڌي ترڪيبن، تُز ٻوليءَ، حواسن کي ڇهي ويندڙ عڪسن ۽ جمالياتي منظرن کان علاوه
داخلي توڙي خارجي دنيا جي هر ان ڪيفيت ۽ احساس جو روح اوتيو آهي، جنهن جو تعلق
زندگيءَ سان هجي ٿو ۽ اهو عمل سچ ته اياز کي، سنڌي زبان ۾ ”شاهه، سچل ۽ سامي“ جهڙن
ديو قامت ۽ عظيم شاعرن جي موجودگيءَ جي باوجود هڪ الڳ، انفرادي ۽ تمام وڏي شاعر
هجڻ واري شناخت عطا ڪري ٿو.
شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جي مهاڳ ۾
لکيو آهي: ”مون سنڌ جي ڪهاڻين (لوڪ داستانن) وارا سڀئي سُر ٻيهر لکيا آهن ۽ هر سُر
۾ ڪنهن خيال کي ان جي توڙ تائين رَسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر
هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي، پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش
ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي ان کي گهربل نتيجي تي پهچايو آهي. مان ڀانيان ٿو
ته ماضيءَ جي ادبي روايتن کان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي... اهو غلط آهي ته
ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو آهي. جي هُن ۾ ڏات آهي، سچائي
آهي ۽ جي هو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائي سان لکي سگهي ٿو ته هو
ماضيءَ سان رشتو جوڙي به حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.“
بيشڪ اياز ماضيءَ جو حال ۽ حال جو مستقبل سان رشتو جوڙي
سنڌي شاعريءَ کي فڪر ۽ فن جو نئون ۽ انوکو اُفق عطا ڪيو آهي.
هيءَ جا منهنجي شاعري، ڪانڪَهه وارو لَڪُ
جنهن ۾ ڪوئي ٿڪ، مور نه ڏسندؤ ماروئو!
اديب ۽ قلمڪار پنهنجي عوام ۽ انسانيت جو ضمير ٿيندا آهن.
جيڪڏهن سياستدان ۽ سماج جو ڪوئي ٻيو عام فرد وقتي حالتن سان سمجهوتو ڪري خاموشي
اختيار ڪري ٿو ته اها ان جي سياسي ۽ سماجي حرفت ۽ حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهي ٿي، پر
اديب ۽ سرجڻهار لاءِ سچ جي حوالي سان خاموشي ۽ ماٺ ڪوڙ جي برابر هوندي آهي، ڇو ته
هڪ ذميوار ۽ سماج وادي اديب ۽ قلمڪار جي احساس ۽ آواز سان قومي ۽ انساني آجپي جي
صداقت سلهاڙيل هوندي آهي.
”ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سچ وڏي شيءِ آهي
۽ جو سچ مچائي،
سو مچ وڏي شيءِ آهي.
فرانس جي قلمڪار ڪاڪشو کان ڪنهن پڇيو هو ته ”جيڪڏهن ڪنهن
ڪمري ۾ باهه لڳي پئي ۽ ان ڪمري ۾ اندر هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ مورتي هجي ۽ توکي رڳو
ايتري فرصت ملي جو ٻنهي مان هڪ کڻي سگهين ته ڇا کڻندين؟“ ڪاڪشو بنا هٻڪ ۽ سوچ
ويچار جي وراڻيو هو ته: ”مان اها باهه کڻندس، جنهن سان معصوم ٻار ۽ خوبصورت
مورتيءَ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجهه سڙي رک ٿي وڃڻ جو خطرو آهي.“
شيخ اياز پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن جي اهنجن ۽ عذابن
جو پورو احساس ۽ ادراڪ ٿي رکيو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي گيتن کي اها صدا ۽ گونج عطا
ڪئي، جنهن نه صرف مظلوم ۽ ويساهه وڃايل ماڻهن ۾ جرئت ۽ جوان مردي پيدا ڪئي، پر
انهن ۾ جئاپي جو نئون جذبو ۽ جوش به جاڳايو آهي. نتيجي ۾ ڌرم جي نالي ۾ نفرتن جو
پرچار ۽ وقت جي اورنگزيبن سان ٻِٽ ٿي سنڌ جي سرمدن ۽ دارائن خلاف فتوائون جاري
ڪندڙ ٽولو، هميشه اياز ۽ سندس شاعريءَ جو ويري ۽ دشمن بڻيو آهي. اياز جي شاعري فقط
اياز جي داخلي وارتائن ۽ شخصي ڪيفيتن جو عڪس نه آهي، پر اها ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي
دلين جو سُڏڪو ۽ صدين جي اتهاس جي سچائيءَ جو آواز آهي. جنهن تعصب ۽ اوچ نيچ جي
ڪٺورتا سان ڀٽائي اڌ صديءَ تائين جهيڙيو، اياز به انهن محبت، امن، انساني سڪون ۽
شانتيءَ جي ويرين ۽ استحصالين خلاف هميشه ويڙهه ۾ رهيو آهي. پنهنجي فڪري ۽ روحاني
مرشد لطيف سائين سان مخاطب ٿي پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:
”منهنجا گيت ڀٽائي تنهنجي
جنگ پيا جوٽن
تو وٽ جو دنبورو هيو
تو ڪالهه تعصب جي سر تي ڦهڪايو هو
تو جا وائي ڳائي هئي، بيت به جيڪو ڳايو
هو
سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي ڦهلايو هو
ان ۾ ڪائي جنگ هئي، ڌرتي ڪيڏو تنگ هئي
ڪالهه تعصب وارن کان
تن ککيءَ جي کارن کان
ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾
جن ڪا بدبو ڦهلائي هئي
هوءَ جا تنهنجي جنگ هئي
سا اڄ تائين جاري آ........!“
هڪ شاعر، زندگيءَ جي روح ۽ رفتار جو احساساتي ۽ جذباتي
سونهون ٿيندو آهي. هو پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي اندروني اک سان تاريخ جون اهي
سچائيون ۽ سندرتائون پَسي ۽ پُرجهي ويندو آهي، جيڪي سياستدان جي بساط ۽ بصيرت کان
اوجهل هونديون آهن. انهيءَ ڪري ئي چيو ويندو آهي ته هڪ سياستدان مرندو آهي ته ٻيو
پيدا ٿيندو آهي، پر جي ڪوئي سرجڻهار ويندو آهي ته عرصي تائين ڌرتي صدائون ڏيندي ۽
سُڏڪا ڀريندي رهندي آهي.
”اي چنڊ ستارا ساکي ٿيو
اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾.
ڪجهه آهن منهنجون رت ڦڙيون
جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.
شيخ اياز فقط هڪ شاعر، اديب ۽ سرجڻهار جو نالو نه آهي،
پر اياز اُن احساس، اُن آدرش، اُن جذبي ۽ اُن عشق جو نانءُ آهي، جنهن پنهنجي آواز
۽ آلاپ جي تند سان طاقتورن جي تلوارن جا تاب جهُڪايا آهن ۽ جنهن پنهنجي انفرادي
غرض بدران ادب، آرٽ ۽ انساني آجپي جي بقا لاءِ جهيڙڻ کي هميشه اهم ۽ اُتم ڀانيو
آهي. ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ پنهنجي جيون جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو مقصد ۽ تت
ٻڌائيندي اياز لکي ٿو: ”ٻيا اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، پر مان آرٽ لاءِ وڙهي رهيو
آهيان. منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي، جا اڄ نه سڀان، ڪڏهن نه ڪڏهن پوري ٿيڻي آهي.
منهنجا خواب موجوده حقيقت (دقيانوسيت) جا وڏا دشمن آهن. ممڪن آهي ته جڏهن اهي حقيقت
جو روپ وٺندا، تڏهن مان نه هجان، پر جي مان ان جدوجهد ۾ ماريو وڃان يا مري وڃان ته
منهنجي زندگي سجائي ٿيندي.“
جهڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا عظيم شاعر ”شاهه،
سچل ۽ سامي“ سنڌ جي تاريخ جي هڪ انتهائي اوکي ۽ بحراني دؤر جي پيداوار آهن، تهڙيءَ
ريت جديد سنڌي شاعريءَ جي فڪري، فني ۽ احساساتي حوالي سان امامت ڪندڙ سرجڻهار شيخ
اياز به پنهنجي دؤر جي نهايت مشڪل، انقلابي ۽ اڻانگن حالتن جي پيداوار آهي. اياز
جي روشن خيالي، ڌرتيءَ سان والهانه عشق ۽ انسان دوستيءَ جي قدرن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ
لاءِ اياز جي ان سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي حالتن جو مطالعو ۽ پس منظر جاچڻ
ضروري آهي، ڇو ته اياز جي ان دؤر تي طائرانه نگاهه وجهڻ کان سواءِ نه فقط اياز جي
شاعريءَ جي فڪري قدرن، جمالياتي احساسن، فلسفياڻن خيالن ۽ شاعراڻي ادراڪ کي سمجهڻ
۽ ساڃاهڻ ۾ دقت پيش ايندي، پر اياز جي شاعري جو سفر، جيڪو لڳ ڀڳ مني صديءَ تي محيط
آهي، تنهن کي پڻ پوريءَ طور سمجهي نه سگهبو.
شيخ اياز جنهن دؤر ۾ اُسريو ۽ اُڀريو، اهو دؤر ادبي توڙي
سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان انتشار، انتها پسندي، تضادن ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو دؤر هو.
هڪ طرف مذهبي طور اوچ نيچ جا ويڇا پنهنجي انتهائن تي پهتل هئا ته ٻئي طرف نسل ۽
ڌرم جي بنياد تي ورهاڱي جي تحريڪ جو ولولو جنون جون حدون اورانگهي رهيو هو. ماڻهو
ماڻهوءَ جو ويري ۽ خون جو پياسو هو. رشتا، تعلق ۽ دوستيون سڀ خود غرضي، خود مطلبي
۽ جنوني انائن جو بک بڻجي ويا هئا. هر طرف نفسا نفسي ۽ خود فريبيءَ جي موسم ڇانيل
هئي. سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن ۽ اقتداري حوس خاطر سچ جو خون ڪري رهيا هئا، ته
مذهبي بنياد پرست ماڻهن ۾ اشتعال انگيز جذبا اُڀاري، انهن جي روحاني معصوميت سان
کيڏي رهيا هئا. جڏهن اياز پنهنجي دؤر جي ان بي رحمي، انساني درندگي ۽ سفاڪيءَ کي
پَسي ٿو، تڏهن سندس حساس ۽ شاعراڻو روح تڙپي ٿو پوي ۽ بي اختيار سندس من مان هيءَ
دانهن ٿي نڪري:
او انسان!
او انسان!
ڪنهن کي ٿو مارين!
هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهي
هن جو توسان وير به ڪهڙو
هن جو ديس به ساڳي ڌرتي
هي به ته ماڻهو آ تو جهڙو
او حيوان! او نادان!
ڪنهن کي ٿو مارين....!!
امير علي چانڊيو، شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيل پنهنجي
پُر مغز ۽ گهڻ رخي مطالعاتي مقالي ”اياز جي شاعري، هڪ مطالعو“ ۾ لکي ٿو: ”اياز
جنهن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي ته ان وقت ٻي مهاڀاري لڙائي پنهنجي حشر
سامانين سميت ختم ٿي چڪي هئي. غير منقسم هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي جوڀن
تي هئي ۽ سنڌ بمبئي کان آزاد هڪ عليحده پرڳڻي جي حيثيت ۾ موجود هئي. اشتمالي
انقلاب پنهنجا پير پختا ڪري چڪو هو ۽ ان جي لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي
ڇڏيو هو. اڃا جديد سنڌي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جڙي رهيو هو ته مٿان هندستان جو
ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي شاعر پنهنجو ديس ڇڏي هندستان هليا ويا، جنهن ڪري سنڌي
ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي شاعرن کي هندستان ۾ نئين ماحول ۾ اجنبيت جو
شڪار ٿيڻو پيو، پر اياز کي آزاديءَ کان پوءِ وارين حالتن جو ڀرپور Vision هو، ان ڪري هن آزادي
کان پوءِ واري ماحول سان ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر ان جي خلاف ڀرپور ردعمل جو اظهار
ڪيو. ان لاءِ هُن ترقي پسنديءَ جي راهه اختيار ڪئي. هو ان جي ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ
سچي مقصد ۽ سچي لگن سان ڪم ڪندو رهيو يا ائين کڻي چئجي ته واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندو
رهيو.
”آ سچ سنواٽن لاڙن جو
پرکيندڙ پنڌ پهاڙن جو
جي گهوريندين، گهٻرائيندين
پر تنهنجي منزل هڪڙي آ
جيئن ماڻهوءَ ۾ دل هڪڙي آ
تون پُٺِ ڏئي پڇتائيندين
جي ڪوتا تنهنجي ڪاج اچي
مان تولئه ٻيهر ڳائيندي
مان ٻيهر ٻيڙيون پائيندس.“
اياز جي شاعريءَ جو آواز ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي پيڙائن ۽
پڪارن جو پڙاڏو بڻجي نه صرف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين رَسيو، پر ان جي گونج اقتداري
ايوانن تائين وڃي پهتي ۽ نتيجي ۾ اياز کي ٻه مُنهين عتاب ۽ عذاب سان منهن مقابل
ٿيڻو پيو. هڪ طرف رياستي طاقت جون اُرهه زورايون، جبر ۽ ڏاڍ هو ته ٻئي طرف ادب ۾
رُدالين جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ اهي رجعت پرست اديب هئا، جن لاءِ ترقي ۽ تبديليءَ جو
نانءُ ڪنهن وڏي گار جيان هو ۽ جڏهن انهن جي سماعتن تائين اياز جي انقلابي ۽ ترقي
پسند شاعريءَ جو پڙاڏو ٿي پهتو، تڏهن هُنن جون وايون بتال ٿي ٿي ويون ۽ هٽلر جي
سفاڪ آرمي نازي گسٽاپو جي سرواڻ هَرمن گوئرنگ جيان ڇِتا ٿي ٿي پيا، جيڪو چوندو هو
ته ”مان جڏهن به ادب ۽ آرٽ جو نالو ٿو ٻُڌان، تڏهن منهنجو هٿ پستول ڏانهن کڄي وڃي
ٿو.“
شيخ اياز تي ملحد، باغي ۽ ڪافر جون فتوائون مڙهيون ويون.
کيس ڪال ڪوٺڙين ۾ باندي بڻايو ويو ۽ شهر بدر ڪيو ويو. سندس ڪتابن تي بندشون هنيون
ويون، پر اياز جو آواز آمرن، جابرن ۽ ”انڌي اونڌي ويڄ“ نما اديبن اڳيان جهڪڻ ۽
جهڪو ٿيڻ بدران عوام جي زبان ۽ احساسن جو ترجمان بڻجي سنڌ جي شهرن، ٿرن برن ۽ ڀٽن
۾ گونجندو ۽ گجندو رهيو.
”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ايئن سمجهين مُئا مور سارا“
اياز جي پنهنجي شاعراڻن آدرشن ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان اها
فڪري، نظرياتي ۽ روحاني وابستگي ئي هئي، جيڪا هر اوکي ۽ آزمائشي گهڙيءَ ۾ سندس ڏڍ
بڻي ۽ هُن وقت جي فرعونن کي به مُنهن تي سچ چئي ڏنو:
”منهنجو اگهه پُڇين ٿو آمر
منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟“
”سنڌ“ اياز جو عشق هئي ۽ ”اياز“ سنڌ جي عاشقي. اهو ئي سبب آهي جو
بار بار هو پنهنجي تحريرن ۾ چوندو رهيو آهي ته ”هيءَ سنڌ سدائين رهندي. ان تي سج
اُڀرندو ۽ لهندو، رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي. مان ان
مشاهدي کي پنهنجي ”آءٌ“ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي لکيل لفظن ۾ امر ڪري پنهنجي
جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان. مون ان ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن ته
پن - جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا
به ڏٺا آهن. منهنجي اکين اڳيان ڪِرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون
آهن. مون ڏٺو آهي ته جڏهن وِڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ڌمامين، ڌڌڪار ٿئي ٿو. ٿر جا
ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون
سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ ان جا ڪونڌر به ڏٺا آهن. مون
ڏٺيون آهن گهُرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽
انهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چِڪي
رهيو آهي. مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽُٻيون هنيون آهن ۽ ان جي مستقبل ڏانهن اُڏاڻو
آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا
سُنهرا سپنا......“ (ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ص۲۱)
”اُها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن
جڏهن ”ڪُن“ چيائون، اسان کي ملي
اُها ئي ته ڌرتي، اُهو ئي ته ڌن!“
شيخ اياز جي ”سنڌ“ سان ڪميٽمنٽ وقتي، جذباتي ۽ وائڙائپ
واري نه آهي، جيڪا دريائي لهر جيان گهڙيءَ پل لاءِ اُڀامي ۽ پوءِ اُجهامي ويندي
آهي. پر هن جي وابستگيءَ ۾ فڪري، تاريخي ۽ تهذيبي سچائيءَ سان گڏ ”جڙ“ جي ”مٽيءَ“
سان مضبوط ۽ اڻ ٽٽ رشتي واري صداقت به شامل آهي، تنهن ڪري هُن جي شاعري انيڪ
سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪن ۽ تبديلين مان گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي ”مٽيءَ“ جي
سڳنڌ سان واسيل ۽ ماڻهوءَ جي موهه ۽ انساني آجپي جي قدرن سان سلهاڙيل رهي آهي.
هر عظيم ۽ آدرشي شاعر جيان اياز به سڀ کان پهريان پنهنجي
ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار، فڪري ۽ تهذيب روايتن جو امين شاعر
آهي، ڇو ته هُن ڄاتو ٿي ته جنهن وڻ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ اونهائيءَ تان پيهي ويل نه
هونديون آهن، اهو وڻ وقت جي طوفانن سان سينو ساهي نه سگهندو آهي. ان کي وقت جا
واچوڙا ئي پاڙئون پَٽي کڻي پَٽَ تي اڇلائيندا آهن. اياز پنهنجي دؤر جو گهڻ پڙهيو،
پُرجهيو ۽ اهو يگانو ڪوي هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط مشرق ۽ مغرب جي فڪر کي
سنڌ جي لوڪ ورثي، حب الوطنيءَ جي تاريخ ۽ تهذيبي شعور، قديم ديو مالائي تصورن،
تصوف جي سرمدي ۽ سرمستي رمزن، جديد سياسي، سماجي، نظرياتي، ادبي ۽ سائنسي شعور ۽
ان کان علاوه ٻوليءَ جي خوبصورت ندرتن ۽ نزاڪتن ۽ عالمي، انساني قدرن جي اهڙين نين
روشنين سان آراسته ڪيو آهي، جو انهن جي جوت عرصي تائين ”ٻاٽ“ ۾ ”لاٽ“ جيان جرڪندي
رهندي. اياز پنهنجي دؤر جي هر دقيانوسي روش ۽ رسم جي خلاف هو. هُن پنهنجي ڪوتائن ۾
موهه ۽ ماڻهپي جي فڪر جي مٽي ٻيهر ڳوهي آهي. هُن نه صرف سنڌي شاعري جي گيڙوءَ رتن
رنگن ۾ وڌيڪ رونقن ۽ راحتن جا رنگ ڀريا آهن، پر ان کي سرخ ۽ انقلابي رنگن سان به
آشنا ڪيو آهي. اياز جي شاعري فن ۽ فڪر جو انوکو شاهڪار آهي. هو سنڌ جي تاريخي ۽
تهذيبي شعور جو شاعر هو. سندس لائق فرزند مونس اياز جي لفظن ۾: ”اياز سچ جو پارکو،
سچو پچو ديشي ڀڳت، اڌو گابرو ساميوادي، وجودي ۽ وحدت الوجود جي فڪر جو طالب ۽ انهن
کان مٿانهون ”موهن جي دڙي“ جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هو. اياز باغي، انقلابي، انسان
پرست ۽ صوفي هو ۽ اول آخر هڪ سنڌي هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي ملائي ڏسجي ته تضادن جي
ايڪائيءَ تي مشتمل هڪ جدلياتي ايڪائي ملندي ۽ هڪ ’خيال ڪل‘ ٺهندو.“
۽ اياز جو اهو ”خيال ڪل“ ۽ ڌرتيءَ سان انتها درجي جو اُنس ۽ عشق ئي
آهي، جيڪو انسان دوستي، عالمي ۽ آفاقي قدرن سان اياز جي تعلق ۽ رشتي کي نه فقط
ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري ٿو، پر منجهس اها سگهه ۽ سُرت به اُتپن ڪري ٿو، جو هو بنا ڪنهن
جهجڪ جي چوي ٿو:
اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي
الاعلان
منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس
جهان،
منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان
انسان.
شيخ اياز لاءِ ساري ڌرتي هڪ ’وطن‘ جيان آهي ۽ ان جو چپو
چپو هُن جي دل ۾ ڪنهن ’ساهه‘ جيان ڌڙڪندڙ ٿو هجي. هو ظلم، ناانصافي، بربريت ۽
استحصال خلاف هو. پوءِ اهو ظلم ۽ زيادتي ڀل ”لينن گراڊ“ تي حملي جي صورت ۾ هجي يا
جابر هٽلر جي وحشي نازي فوجين جو ننڍڙي ”ايني فرانڪ“ تي ذهني ۽ جسماني تشدد جي
صورت ۾، پر اياز جو شاعراڻو مَن ڪنهن ڪونج جيان انهن جي دک ۽ درد تي ڪوڪي ۽ ڪُرلائي
ٿو. ايترو ئي نه پر جڏهن ڌرتيءَ تي موجود ڪنهن وڻ ۾ به جي ڪوئي واڍو ڪرٽ وجهي ٿو
يا ڪنهن ڪنڌيءَ تان ڪو ڪانهن ٿو ڪپجي، تڏهن به اياز جي دل مان دانهن نڪري ٿي وڃي:
”جنهن تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ
ٿيو،
سو مون تي ظلم ٿيو آهي.
ڪا ٻانهن وڍي، مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن
ڪپيو،
سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
ڪوئي به ڪُٺو، جيڪو به ڇُرو، جنهن تي
به هليو،
سو منهنجي رت رتو آهي.“
شيخ اياز جي انسان دوستي، ترقي پسندي، عالمي امن ۽ روشن
خيالي، جنهن جو ذڪر ۽ فڪر اياز جي شاعريءَ جي جان آهي، توڙي جو انهن سڀني قدرن جو
محور ۽ مرڪز، اياز جي وطن پرستي يعني ’پهريان خويش پوءِ درويش‘ واري ڪول ۽ متي مان
ڦٽي نڪري ٿو، پر اياز جنهن ”آدرشي انسان“ جو پنهنجي شاعري ۾ احساساتي خاڪو ۽ تصور
پيش ڪيو آهي، اهو نٽشي جي ”فوق البشر“ (superman) ۽ اقبال جي ”مردِ مؤمن“ کان بنهه ئي مختلف ۽ نرالو آهي. اياز جي
شاعريءَ جو ”انسان“ مٽي جي ضمير مان ڳوهيل ۽ تهذيبي ۽ تاريخي شعور جي ضمير سان
زنده هڪ متحرڪ ۽ معروضي حقيقت رکندڙ سچائي آهي. اياز جي اظهار ۽ ابلاغ ۾ عصري شعور
۽ معروضي حالتن جي حقائق جو روح اوتيل آهي. انهيءَ ڪري اياز جي شاعري پروپيگنڊه ۽
نعري بازيءَ کان پري ۽ مصنوعي خيال آرائيءَ کان مٿانهين ٿي هجي. ان حوالي سان اياز
جي شارح امير علي چانڊيي، اياز تي لکيل پنهنجي مقالي ۾ چيو آهي ته: ”اياز جي انسان
دوستي ڪا خلا ۾ لڙڪيل شيءِ نه آهي ۽ نه ئي اها ڪا غير مرئي شيءِ آهي، جنهن جو ٺوس
بنياد نه هجي. اياز جي انسان دوستيءَ جو تصور، متحرڪ تصور آهي. اياز جو فڪر ڌرتي ۽
ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو ۽ گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي
ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هو غمِ زندگي بجاءِ غمِ دوران کي ترجيح ڏئي ٿو. اياز
ذاتي غمن ۽ سورن جو روئڻو نه ٿو روئي، پر اجتماعي مسئلن کي کڻي ٿو.“
شيخ اياز جي شاعري مذهبي ڇوت ڇات کان اتم ۽ مٿانهين آهي.
هو ڌرم ۽ ڌن جي بنيادن تي هر وڙهي ويندڙ ويڙهه ۽ جنگ جو مخالف آهي، پر ان سان سخت
نفرت به ڪري ٿو، جنهن جي جهلڪ سندس هن شاهڪار نظم ۾ پَسي سگهجي ٿي:
”هي سنگرام!
سامهون آ
نارائڻ شيام!
هِن جا، منهنجا
قول به ساڳيا
ٻول به ساڳيا،
هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منهنجا رنگ – رتول به ساڳيا
ڍٽ به ساڳيو
ڍول به ساڳيو
هانءُ به ساڳيو
هول به ساڳيو
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان!“
جنگ کان ڪراهت ۽ امن سان محبت جي موضوع تي سرجيل اياز جو
هيءُ علامتي نظم پنهنجي فڪري وجود ۾ نه صرف عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو Symbol آهي، پر ان ۾ مذهبي
مت ڀيد کي وسارڻ ۽ انساني انس ۽ آجپي کي اپنائڻ جو انوکو درس پڻ موجود آهي. هن نظم
۾ هڪ طرف انساني اخوت جي ڳالهه آهي ته ٻئي طرف معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري لاءِ هڪ
شاعر ۽ سرجڻهار جي ادا ڪيل ڪردار جو سوال آهي، ڇو ته اهو اديب ۽ شاعر ئي هوندو
آهي، جيڪو قومن ۽ انسانيت جو حقيقي سفير ٿئي ٿو.
هن نظم ۾ ”نارائڻ شيام“ هڪ اهڙي امن پسند ۽ بي قصور فرد
جي علامت آهي، جيڪو جنگ و جدل جي زد ۾ اچي، هڪ گوليءَ جي نشاني تي آيل آهي. ٻئي
طرف هڪ ”شاعر“ جنگي جوان جي علامت آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق ته آهي، پر ان جو سينو،
محبتن جي روح سان ڌڙڪي رهيو آهي. هن جي هٿ ۾ جهليل بندوق ڪنهن بي گناهه جو خون ڪرڻ
نه ٿي چاهي، پر جڏهن هڪ پنهنجو ئي هم وطن، هم زبان ۽ معصوم انسان ”نارائڻ شيام“
اچانڪ سندس تاڻيل بندوق جي اڳيان اچي ٿو وڃي، تڏهن جنگي سپاهي (شاعر) جون بندوق جي
ٽرائيگر تي رکيل آڱريون ڪنبڻ ٿيون لڳن ۽ هو سوچڻ ٿو لڳي: ”هِن ڪبوترن جهڙو جيءُ
رکندڙ ڪوتاڪار ”نارائڻ شيام“ جو آخر قصور ڪهڙو آهي؟ هن ته سدائين ڪوتائن جي ڌرتيءَ
۾ محبتن ۽ امن جا گلاب پوکيا آهن. هو ته سدائين سرحدن جي پابندين کان بي پرواهه
ٿي، آزاد پنڇين جيان ڪوتائن جي آڪاش ۾ اُڏاميو آهي. هن ته ابابيلن جهڙي ڪومل نيڻن
۾ سدائين سک ۽ سندرتائن جا سپنا ڏٺا آهن. هو نفرتن ۽ جنگين جو حامي نه آهي، پر
پيار ۽ آجپي جو سرجڻهار آهي. پر پوءِ به هن جو قصور ڪهڙو آهي؟ هُن جو قصور......
قصور..... ق.... ص.... و.... ر.... ڪهڙو........؟“ ۽ ائين نظم جا آخري لفظ ”گولي
ڪيئن هڻان مان.....؟ ڪيئن هڻان مان......؟“ جي ورجاءَ سان جنگي سپاهيءَ (شاعر) جي
ذهن ۾ گونجڻ ٿا لڳن ۽ ان جي زورائتي پڙاڏي جي نتيجي ۾ ڄڻ ته هُن (شاعر) جي هٿ ۾
جهليل بندوق به هيٺ ڪِري ٿي پوي. ائين اهو نظم ڪلائيميڪس تي پهچي ٿو. نظم جو
ڪلائيميڪس نه فقط پڙهندڙن جي جيءَ کي جهنجهوڙي ٿو، پر جنگ جي حامين ۽ امن جي ويرين
لاءِ دل ۾ دٻيل نفرت ۽ غصي کي پڻ تيلي ڏئي ڀڙڪائي ڇڏي ٿو.
اهڙيءَ ريت اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا انيڪ گيت، غزل،
بيت، وايون ۽ نظم موجود آهن، جيڪي سنڌ جي دردن ۽ دانهن سان گڏوگڏ عالم انسان جي
آواز جو دلسوز عڪس ۽ اولڙو پيش ڪن ٿا، جن مان آزاديءَ جي راهه ۾، مان ڏوهي هان،
قرطبه، ويٽنام آزاديءَ جي راهه تي، ڪاڇي جو هاري، مزدور جي ٻار جو گيت، فاشيءَ جو
موت، او ڊاير، پوڙهو باغي، ٿري ٻار جو گيت، بودليئر، ويڙهاند کان پوءِ، چي گويرا
جو موت ۽ فلسطين جو گيت وغيره نمايان آهن.
اياز جي ڌرتيءَ سان اُنس ۽ عالمي احساسات جي فڪري حوالي
۾ جيڪو گهرو سُٻنڌ آهي، اهو رڳو اُٻهري جذبات، ذهني تجسس ۽ فڪري تلاش ۽ تشنگيءَ جو
نتيجو نه آهن، پر اهو اياز جي پنهنجي دؤر جي سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي، تاريخي
۽ تهذيبي حالتن جي صداقتن ۽ بين الاقوامي حالتن جي اُٿل پُٿل ۽ تبديلين جي باريڪ
تجزيي تي مبني آهي. توڙي جو شيخ اياز سياستدان نه هو ۽ نه ئي سياست سان سڌيءَ ريت
سندس ڪائي وابستگي هئي، پر ان جي باوجود هو سياسي بصيرت ۽ سياسي شعور جو مالڪ هو.
هو تاريخ جي جدلياتي عمل، سائنسي ۽ سماجياتي شعور سان گڏ قومن جي عروج ۽ زوال جي
اتهاس کان پوريءَ طرح آشنا هو، انهيءَ ڪري اياز جي شاعري نه فقط سنڌ جي معاشرتي
فڪر ۽ تهذيبي اتهاس جو آئينو آهي، پر اها عالمي امن، ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو
ڀرپور ادراڪ رکندڙ ۽ احساس پيش ڪندڙ آهي.
شيـخ اياز
ڌرتيءَ جو مهَان
شاعر
رضوان گل
ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان
تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن
ٿا، سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن
سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن جن لاءِ زندگيءَ
جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا، اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن
جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا
ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر
سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو
پئدا ٿئي ٿو اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا،
اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهَان ڪوي شيخ اياز جو
نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي جنهن تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ جي به ڪنهن امتحان کان گھٽ
نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي
بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي
ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو
انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي. پر شيخ اياز فقط هڪ شخص
نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ
روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن
۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. بر صغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ
تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي“، تنهن تي هن
وراڻيو: ”فيض صاحب اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض چيو؛ ”ها! اها ڳالهه
مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾
هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“
سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا
جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار
سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان
ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي، ان جي معياري هئڻ جو
دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به
اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينارن، عوامي جلسن جلوسن
کان ويندي ادبي ميڙاڪن تايئن اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر
جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي جنهن سان
خود تخليقڪار به زندهه رهي ٿو، جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي
موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي.
سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽
اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو
آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي
ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن“.
شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽
احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي،
جو چيائين:
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
سن ۱۹۶۵ع ۾ سنڌ جي حقن جي
جاکوڙ واري ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان بعد ۱۹۶۸ع ۾ هن کي ساهيوال
جيل موڪليو ويو جيستائين ايوب جي حڪومت هئي تيستائين اياز قيد ۾ رهيو. ۱۹۷۰ع ڌاري پاڻ شيخ مجيب
الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش
ٺهڻ تائين اياز کي مسلسل جيل اندر قيد رکيو ويو. شيخ اياز جي پهرين
شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ۳ ڌيئرون ياسمين،
نگهت ۽ روحي پيدا ٿيون. ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪيائين، جنهن مان به کيس ۳ ٻار مونس، سرمد ۽
وينگس ڄايا.
سن ۱۹۷۶ ڌاري شيخ اياز کي ذوالفقار
علي ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ جتي هن چئن
سالن تائين ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ اياز کي زندگيءَ جا ڪيترا ئي اهڙا تجربا
به ٿيا جي هو ٻين هنڌن تي شايد ائين حاصل ڪري نه سگهي ها، يا وڪالت واري شعبي ۾ ڪم
ڪندي کيس اهڙا مشاهدا ٿي نه سگھن ها، ان دؤران کانئس ڪيترائي ويجھا دوست يار به
ناراض ٿيا ڪي نوڪريون نه ملڻ تي ته ڪي خود وائيس چانسلر واري آڇ قبولڻ تي. سن ۱۹۶۲ ۾ اياز جا شعري
ڪتاب ڀؤنر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، ۱۹۶۳ ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي ۱۹۶۳، ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ ۾ وقت جي آقائن
پاران ضبط ڪيا ويا پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون
مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو
گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽
پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي، آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص
وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته
اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن
جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي ته اها ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو:
اسانجون وفائون نه ساحل نه ڪشتي
اوهانجون ادائون نه ٻوڙيو نه
تاريو
زمين جا ستارا هئا لڙڪ پنهنجا
اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو
ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت
صديون ساهه منهنجي سڪي توکي
ساريو
تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته
توکي
پتو پئي اسانکي آ ڪنهن مُرڪ ماريو
اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميدا
رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو
ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري بر صغير ۾ ان
جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پئدا ٿيا آهن، غالبن اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو
ٻيو ڪوبه شاعر پئدا نه ٿيو آهي“
شيخ اياز جنهن جو اصل نالو
مبارڪ علي، هو غلام حسين شيخ جي گھر ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ تي شڪارپور ۾ پئدا
ٿيو، پرائمري تعليم هندو سنڌي اسڪول شڪارپور ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور نيو ايريا
هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتي ان وقت
ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي شعبي جو شاگردن مان چونڊيل ايڊيٽر هو، اتان فارغ
ٿي قانون جي ڊگري ايل ايل بي ورتائين جنهن جي بنياد تي وڪالت اختيار ڪيائين. کيس
لکڻ واري ڪرت ننڍي هوندي کان ئي هئي جو هن ابتدائي ڪلاسن ۾ پڙهندي به پنهنجي
استادن کان شاعريءَ ۾ رهنمائي پي ورتي، سندس پهريون غزل بعنوان ”مردِ خدا“ شڪارپور
مان شايع ٿيندڙ رسالي ماهوار ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن
روايتن کي ٽوڙي نوان بنياد وڌا اهڙا بنياد جن سان ادب جي ديوار کي هڪ نئون رنگ ۽
ڍنگ مليو، اياز صرف گذريل صديءَ جو شاعر نه پر هو ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين
ڇانيل رهندو ڇا لاءِ ته سندس تخليق ۾ ساهه آهي سندس لفظ جيئرا آهن سندس احساسن جي
ڪوملتا ۽ لفظن جي خوشبوءَ کي هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس فن ۽ تخيل جو
ڪمال آهي.
شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن ۾:
”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ڪپر
ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيون سج لڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”پن ڇڻ
پڄاڻان“، ”واٽون ڦلن ڇائنيون“، ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جھم“، راڄ گھاٽ تي
چنڊ“، ”جھڙ نيڻا نه لهي“، ”سُر نارائڻ شيام“، ”الوداعي گيت“، ”ڪاري ڪهنگ“، ”مينهن
ڪڻيون“، گيڙو ويس غزل“، ”ڪونجون ڪُرڪن روهه تي“، ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾“، ”چنڊ
ڳليون“، ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“، ”سورج مکي سانجھ“، ”سر لوهيئڙا ڳڀيا“، ”ننڊوليون“،
”ڪتين ڪر موڙيا“، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، ”اٿي اور الله سان“،
”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“، ”بڙ جي ڇانون اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦليا“، ”جر ڏيئا
جھمڪن“، ”تون ڇپر تون ڇانون“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شامل آهن. ساڳي طرح سندس
ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، ڊائري جي ورقن ۽ اردو شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن
۾: ”سفيد وهشي“ ڪهاڻيون، ”پنهل کانپوءِ“ ڪهاڻيون ۽ خط، ”بوءِ گل نالائي دل“ اردو
شاعري، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خط، جڳ مڙيوئي سپنو“ آتم ڪهاڻي، ”ساهيوا جي جيل
ڪهاڻي“ ڊائري، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ منظوم ڊرامو، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ (ٻه ڀاڱا)،
”ڪراچيءَ جا ڏينهن ڪراچيءَ جون راتيون“ ڊائري، ”حلقه ميري زنجير“ اردو شاعري،
”رساله شاهه عبداللطيف“ ترجمو، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا) ۽ ٻيا
شامل آهن.
شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽
ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر
اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو:
”شيخ اياز جر شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن
دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي، اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت
سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ
پرگو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو
آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل
آيا.“
نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم
نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته
جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز
تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پئدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت
سان جھنجھوڙي جو تن تن تڙپي اٿي، من من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه
جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي“
اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري
آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت،
هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن جنهن
لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا جو هن سڄي عمر سنڌيت
لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي، راتين جون
ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو
انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي پر اياز کي
سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي، مستقبل ۾ اياز تي اڃا به گھڻو ڪم ٿيڻو
آهي جو هيل تائين اسان اڃا شيخ اياز جي عظمت جو ڪاٿو ئي ناهيون ڪري سگھيا، هن جي
شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو
ڪيترو عظيم هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي، هن پنهنجي حياتيءَ
جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو، آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ وڃي ترسيو جتي دل
جي بيماري سان به جنگ جوٽيندو رهيو. اياز ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي لاڏاڻو ڪيو،
کيس ۲۹ ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪناري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو
ويو.
شيخ اياز جي شاعري
لافاني کان فاني تائين جو سفر
ممتاز بخاري
شاعري پنهنجي ٻوليءَ
جي مزاج کان ٿڙيل ۽ فڪري طور اُلٽي هوندي ته ان کي پنهنجي سماج ۾ اُهو مانُ مرتبو
۽ پذيرائي نه ملندي. شيخ اياز کي اُن جو ڀلي ڀت اندازو هو ۽ اُن ڪري ئي پنهنجي
شاعري جي شروعاتي اسلوب ۾ تبديلي آندي. شڪارپور ۾ جڏهن سندس ويجهڙائپ پنهنجي استاد
کيئلداس فاني سان ٿي ۽ کائنس سکيو به، تڏهن سندس شاعري توڙي اسلوب ۾ روايتي پڻو به
فڪري طور هو، اُن هوندي به هڪ نئين دڳ تي هلي رهيو هو. شروعات ۾ فاني شعري ٽيڪينڪ
۽ ادبي طور سندس سونهون بڻيل هو، پر جڏهن شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي دنيا جوڙي ته
اُن تي اهڙو گهوڙي سوار ٿي ويٺو، جنهن کي هر سرڪشي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڏانءُ هو ۽
پنهنجي خيال جا پکي ٿي اُڏايائين. شڪارپور ۾ اڃان اهو اسڪول موجود آھي، جتي هن
پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. اڳتي هلي اياز اهڙي عظمت کي رسيو جو کيئلداس فاني
جڏهن هتان هليو ويو ته ۱۹۸۸ع ڌاري هن شيخ اياز ڏانهن خط لکيو، جنهن جي متن جو ڪجهه حصو هيئن آھي:
“سچ ته سڀاڳو
آھي اهو هٿ، جيڪو توهان جي هٿ تائين پهچي ٿو سگهي. توهان ته ادب جي واٽ ۾ ڪيئي
وکون اڳتي وجهندا رهيا آھيو، هن هڪ وک ۾ جيڪڏهن مان توهان سان گامزن يا ڪامريڊ ٿي
هلان ته مون کي هڪ عجيب مسرت ملي ويندي. اميد ته منهنجو قلمي نسخو پنهنجي مصروف گهڙين
مان ڪي پل بچائي ضرور نظر مان ڪڍندا. منهنجي جنم جي تاريخ ۴.۴.۱۹۱۴ آهي.”اهو خط سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل ڪتاب منهنجو
ساهه سمونڊ ۾ ڇپيل آھي.
اِن ڳالهه مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾ وڏي فڪري وٿ جي ڪري پنهنجي
استاد لاءِ به محترم بڻجي ويو، جو ان خط ۾ شيخ اياز کي “محترم شيخ اياز صاحب!” ڪري
مخاطب ٿي لکيو. شيخ اياز ورهاڱي اڳ فاني کان سکيو ۽ اڳتي هلي جڏهن هن پنهنجي دنيا
قائم ڪئي ته هو فڪري توڙي شعري فن جي حوالي سان نوان دڳ ۽ رجحان پيدا ڪري چڪو هو.
شيخ اياز ڪاليجي زندگي تائين شڪاپور جا وڻ وسايا پر پوءِ اهو پکي اهڙو اڏاڻو جو ڪراچي
تائين وڃي پهتو. فاني سدائين هُن جي اڳيان اهم رهيو، جنهن لاءِ هڪ شعر ۾ چيو اٿس:
فاني او فاني،
لافاني مون لاءِ تون،
تون جو طوفاني،
آهين منهنجي ڏات ۾.
شيخ اياز جي ڏات
لاءِ طوفاني حيثيت رکندڙ فاني کي ان وقت ئي پڪ هئي، جڏهن ۱۹۳۸ع ۾
شيخ اياز جي پهرين شعري تخليق شڪارپور مان ئي نڪرندڙ رسالي “درشن“ ۾ مبارڪ علي
مبارڪ جي نالي سان ڇپي هئي:
نه غم دنيا جو آان
کي نه دنيا کان ڪنارو آ،
نه ڏيئڻو نه وٺڻو
آ، نه حيلو آ نه چارو آ.
نه پنهنجن سان محبت
آ، نه غيرن سان نفرت ان کي
سڀنن ۾ ذات حق ڏسو،
اهو هن جو نظارو آ.
جڏهن اياز جو اهو
غزل ڇپيو، تڏهن هن جي عمر ۱۵ سال هئي ۽ شاعري جا شروعاتي ڏينهن هئا، پر شروعات ۾ ئي
سنڌ کي سندس اڏامڻ جو سنيهو ملي ويو ته سالن پڄاڻان سنڌ کي عظيم شاعر ملي رهيو
آھي. جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ انٽر ڪري هو ڪراچي لاءِ روانو ٿيو، تيستائين نه رڳو
شاعري پر نثري حوالي سان به هن جو شاعراڻو اسلوب ٺهي چڪو هو ۽ اڳتي هلي هن جي فڪري
طور جيڪا شاعراڻي پهچ ٿي اهو دڳ بلڪل نئون هيو. ڪراچي ۾ تعليمي حوالي سان رهڻ
دوران هن جي شاعري جي وڻ مان نيون ٽاريون ڦٽي آيون، سندس علمي ۽ عملي زندگيءَ جا
نرالا پاسا ظاهر ٿيڻ لڳا. اهو دور اياز جي شاعري ۾ سنڌ سان ڀريل هو پر ان سان گڏ
سندس جدت جو جيڪو سفر شروع ٿيو، ان ئي اياز کي اياز بڻايو.
شيخ اياز جي شاعري
وارو سونهرو دور سکر ۾ رهائش وارو چئي سگهجي ٿو. جڏهن هن پراڻي سکر جي جنات بلڊنگ
سامهون پنهنجو گهر وسايو، جتان سوين سال اڳ سنڌوءَ پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ گجگوڙ
ڪري وهندو هو، پر جڏهن انگريزن ۱۹هين صديءَ ۾ بندن کي قابو ڪيو ته ان علائقي ۾ آبادي شروع
ٿي، اياز ان آڳاٽي جاءِ تان شاعري جي چاڙھه شروع ڪئي ۽ سنڌي شاعري ۾ سندس خيالن
جون ٻوڏون ڪاهي پيون، نوان لڪ ۽ ڍورا ٺهي ويا. شيخ اياز جو آواز ايوانن کي لوڏڻ لڳو.
کيس ساهيوال کان سکر جي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو پر سندس شاعري جي وهڪرن کي روڪڻ ڪنهن
جي وس ئي نه هو. شاعريءَ سان گڏ سندس نثري ڪم به شاعراڻو هو، اُن سان گڏ فڪر ڀريو
به رهيو آهي. پر سنڌ کيس شاعر طور وڏو مانُ ڏنو ۽ هن پاڻ به ڄڻ سنڌ جي سيني ۾ پيل
هي ڳالهه ٿي ڪئي:
ڪالھ ڪَويتا جي ڪَنٺي
تِي،
سَرسِوتيءَ ۽ ڪالِيءَ
بيٺي،
چانڊوڪيءَ ۾ امرت
پيتو!
مُدت کان پوءِ ھِي ويرياڻيون،
ساڳي تَڙَ تي گڏجي
آيون،
پيدا ٿيو آ مَھا ڪَوي
ڪو.!
شيخ اياز پنهنجي
زندگيءَ جا ڳچ ڏينهن ۽ راتيون شڪارپور، ڪراچي ۽ سکر ۾ گذاريا پر سندس شاعري جي
گونج دنيا جي لڳ ڀڳ هر ان سنڌي تائين پهتي، جيڪو سنڌي شاعري بابت ٿوري به سڻڪ رکندڙ
رهيو آھي ۽ اها گونجار اهڙي تخليقي ڏات جو دَين آھي، جيڪا مرڻي ناهي هوندي.
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه
مرڻو هان.
گُنجار ڪندي جا مون
کانپوءِ،
تنهن جندڙيءَ جو
مان جهرُڻو هان.
ٻيو چارڻ بڻجي،
چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان
ورڻو هان.
شيخ اياز پنهنجي
شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ جي حقيقي اشوز جي عڪاسي ڪئي آهي، پر بيباڪ قسم جي شعرن سان
مسئلن لاءِ ويڙهه ڪرڻ جو ڏانءُ به ٻڌايو آهي. هُن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي مظلوم ماڻهن
کي جاءِ ڏني، رومانويت ۽ انساني جبلتن کي بهترين شعر لکيا ۽ وٽس لفطن جو ايڏو ته
ذخيرو هيو، جو هر ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪيترائي لفظ استعمال ڪندو هو ۽ هر لفظ
پنهنجي معنيٰ ۾ ڪيتريون ئي سمجهاڻيون ڏئي ويندو هو. سو فاني جي ابتدائي استادي ۾
رهندر شيخ اياز آخر تائين پنهنجي شاعري کي لافاني بڻائي ويو.
شيخ اياز
مھان ڪويءَ سان گھاريل گھڙين جون ساروڻيون
شبير شر
اهو ۱۹۸۸ع جو سال هو، جڏهن مون جيل مان آزاد ٿيڻ
کانپوءِ انگريزي اخبار ڊان ۾ ضلعي رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. محترمه بينظير
ڀٽو جي نئين حڪومت ٺهي ۽ لطيف يونيورسٽي ۾ڪنوينشن کي ڪوَر ڪرڻ لاءِ ويو هئس، جتي
شيخ اياز صاحب به خاص مهمان طور آيل هئا. اُن وقت جي ڪنٽرولر منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو،
جتي شيخ اياز چيو ته شبير! وڏي گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو دور هوم ساهه ئي کڻي نه سگهندا
هئاسون هاڻ جمهوريت آئي آهي ته ساهه کڻڻ لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون. توهان ته الا ڪڍندڙ
۽ کامندڙ کوري جي وچ ۾ هئا.
نارائڻ شيام مون
سان گڏ پڙهيو ۽ ڀلوڙ شاعر به هو، پر ورهاڱي کانپوءِ ڀارت هليو ويو. ”ٻنهي پاسن کان
بم ۽ گولا پيا هلن، اسان شاعر ته اهڙي قسم جي شاعري ڪنداسين.” اهو جماعت اسلامي
وارن اردو ۾ ترجمو ڪري سڄي سنڌ ۾ ورهايو ۽ مون کي ڀارت جو ايجنٽ لکيو. سي آءِ ڊي ۾
مون لاءِ لکيو ويو ته هي سرخو آهي ۽ ڀارت جي حق ۾ شاعري ڪندو ٿو رهي. “ڳاڙهو جهنڊو
اڀ تائين جهوليندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي”. کي به هنن اردو ۾ ترجمو ڪري
نه رڳو ورهايو پر تڏهوڪي صدر جنرل ايوب خان تائين پهچايو ۽ منهنجي گرفتاري جا حڪم
ناما به اسلام آباد مان جاري ٿيا. ڪامريڊ سوڀو ان وقت ڪميونسٽ پارٽي ۾ هو، هن
منهنجي گرفتاري جي مذمت ڪئي ته جماعتي ان تي به ڏمرجي پيا ۽ سندس خلاف غلط رپورٽون
موڪلي ان کي به گرفتار ڪرايو. اُن کانپوءِ مون کي ۽ ڪامريڊ سوڀي کي ساهيوال جيل موڪليو
ويو.
شيخ اياز مون کي
چيو ته جمال ابڙو سان توهان ڏي ساهيوال جيل جي ڊائري موڪلي هئي، اُن بدر کين ڏني هئي.
۱۹۹۰ع واري دور ۾ هلال پاڪستان تائين پهتس ته چيف ايڊيٽر شمشير الحيدري چيو ته
شيخ اياز تنهنجون پُڇائون ڪيون هيون، اُن سان ملين ڇو نٿو؟ جنهن کانپوءِ هڪڙي شام ڪلفٽن
برج ڀرسان پرنس ڪامپليڪس تي وڃي سائين شيخ اياز کي ڳولي لڌم، مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو
۽ چيو ته سال ڏيڍ کان هتي هجڻ باوجود ملين به نٿو؟ مون وراڻيو جيل مان نڪرڻ
کانپوءِ مائٽن هڪدم شادي ڪرائي ڇڏي، ڪميونسٽ پارٽي جا ٽپڙ گول ٿي ويا. بس روزگار
جي پريشاني ۾ هيس، هاڻ سائين شمشير پاڻ وٽ رکيو آهي. اُن وقت شيخ اياز مون کي چيو
ته جيل تي لک، ڏس انسان جي زندگي مختصر آهي، ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه دنيا لاءِ ڪرڻ ۽
دنيا ۾ ڇڏڻ گهرجي. هڪ ڪتاب ڇڏي ويندين اهو توکي هزارين سالن تائين زندهه رکي سگهي ٿو.
بدر ابڙي جي ڊائري ڇپي آهي. تون جيل ۾ لڳاتار لکندو رهيو آهين، سو تو وٽ هن کان به
وڌيڪ مواد آهي. شيخ اياز چيو ته اسان وٽ جيلن جو ادب صفا گهٽ آهي. سنڌ خبر ناهي اڃا
ڪيتريون صديون ڀوڳيندي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ايندڙ خراب وقتن
لاءِ تيار رکڻ گهرجي. افسوس جو سائين اياز جي حياتي ۾ ڊائري نه ڇپي سگهي.
۱۹۹۲ع ۾ مان خورشيد عباسي ۽ فقير بچل لغاري ڪراچي پريس ڪلب جي مئنيجنگ ڪميٽي جا
ميمبر چونڊياسين، تڏهن پراڻا ترقي پسند صبيح الدين غوثي، مظهر عباس صدر ۽ سيڪريٽري
چونڊيا. شيخ اياز کي پروگرام ۾ دعوت ڏيڻ لاءِ تجويز ٿي ته مظهر عباس چيو اياز جهڙي
ماڻهو کي پريس ڪلب جو ايوارڊ ۽ تاحيات ميمبرشپ ڏيون ٿا. ڪميٽي ۾ اها تجويز اڪثريت
راءِ سان منظور ٿي پر جيڪي پريس ڪلب ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جا گروپ هئا،
انهن سخت مخالفت ڪئي. جماعت اسلامي وارن چيو ڪميونسٽ ۽ دهريو آهي، کيس گهرايو ويو
ته هنگامو ڪنداسين. ايم ڪيو ايم وارن وري چيو هو سنڌي قومپرست آهي. ان کانپوءِ طئي
ٿيو ته ايوارڊ جي شيلڊ ۽ تاحيات ميمبرشپ صدر ۽ سيڪريٽري شيخ اياز کي گهر وڃي پيش ڪندا،
ائين ئي ٿيو. صبيح الدين غوثي، مظهر عباس، خورشيد عباسي ۽ مون سائين اياز کي
تاحيات ميمبرشپ جو سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ وڃي گهر تي پيش ڪئي، هو اهي شيون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو
هو.
ٻئي ڏينهن شيخ اياز
چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ته سنڌين لاءِ ڪوفو بڻيل آهي، اهڙين حالتن ۾ تاحيات ميمبرشپ
ڪيئن ڏياري، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته اهو فتنو عبدالرحمان نقاش جي دماغ ۾ پيدا ٿيو،
تنهن اهو منهنجي دماغ ۾ وڌو. اسان ٽئي سنڌي ميمبر آهيون ٻيو ته صدر ۽ سيڪريٽري
ترقي پسند آهن، ان جو فائدو ملي ويو. سائين اياز ان تي ڏاڍو خوش ٿيو هو ته اهڙي
خوفناڪ دور ۾ جتي روز روڊ تي ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد سوين بي گناهن جا لاش ٿا ڪيرائين،
اتي توهان اهڙي اداري مان مون کي مڃتا ڏياري ڪمال ڪيو آهي.
هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرو
سائين اياز مون کي ضرور فون ڪندو هو ته هڪ ڀيري منهنجي جيون ساٿي حسنه پڇو ايڏو وڏو
شاعر توهان کي فون ڇو ٿو ڪري، اهو واقعي شيخ اياز آهي يا ڪوئي ٻيو. هن کي يقين نه
ايندو هو. سائين اياز سان جڏهن ڪچهري ۾ ويهبو هو ته مصروفيت جي باوجود دل اٿڻ نه ڏيندي
هئي. نيٺ اهو ۲۸ ڊسمبر جو اڀاڳو ڏينهن به آيو. شيخ اياز جهڙو مهان ڪوي
اسان کان وڇڙي ويو. اهڙي خبر مون سميت سمورن سنڌ واسين تي هڪ وِڄ جيان ڪري پئي.
توکي
منھنجي موت تي چڙ ايندي
ادل سومرو
جنهن سماج ۾ عزت ۽
احترام جو ماڻُ، سگهه ۽ مايا هوندو آهي، اتي آرٽسٽ فاقا ڪٽيندا آهن، انهن جون ننڍڙيون
معصوم خواهشون خودڪشي ڪري ڇڏينديون آهن. فنڪارن کي ميراثي ۽ مڱڻهار اهڙي انداز سان
چيو ويندو آهي، جيئن انهن جي عزت نفس مجروح ٿئي. جنهن ديس ۾ ليکڪ، اديب ۽ شاعر کي
واندو ۽ بيڪار سمجهيو وڃي، اتي ڪهڙا اخلاقي قدر پروان چڙهندا؟! انهن ئي حالتن ۾ جڏهن
ڪي ڏاها تخليقڪار، پنهنجي ڏات وسيلي، مروج روايتن کي تبديل ڪرڻ جي جرئت ڪندا آهن
ته انهن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي. اهڙا ڏات ڌڻي، پنهنجي فڪر سان سماج کي لوڏي
ڇڏيندا آهن، مڃتا ۽ محبتن جون ڪهاڻيون به پنهنجي جاءِ تي، پر انهن جي دل آزاري جا
داستان به وسارڻ جهڙا ناهن.
شيخ اياز، جڏهن سکر
جي بازار مان گذرندو هو ته ماڻهو ان کي بيهي ڪو نه ڏسندا هئا، نه ئي وري ٽريفڪ رڪجي
ويندي هئي. ماڻهن لاءِ شاعر بدران، شيخ اياز وڪيل وڌيڪ اهم هو، جيڪو سندن ڪيس وڙهي
۽ ضمانتون ڪرائي.
ڌوڏ هِن سماج کي
لوڏ سامراج کي.
هن سماج کي ڌوڌڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ فڪري محاذ تي سامراج کي للڪاريو ۽ سامراج جي ڇاڙتن کي چيڙائي وڌيو ۽ ڪيترائي
اعزاز هن جي حصي ۾ آيا. ”ڪتابن تي بندش، جيل ياترا ۽ ڪفر جون فتوائون، ” ادبي چُهڙا
ٻهارا کڻي مون تي اُڀا ٿي ويا آهن ۽ چون ٿا ته تون ڪير ٿيندو آهين، رستو صاف ڪرڻ
وارو” . (هرڻ اکي ڪيڏانهن، ص ۱۷۸) .
شاعر جي تخليق ۾
تلخيءَ جو اچڻ فطري هو. هن جي ڏيهان ڏيهه شهرت ۽ ڏات جي مسلسل مهرباني، سندس ئي
قبيلي جي ماڻهن کي نه وڻي، هر پاسي کان لفظن جو پٿراءُ شروع ٿي ويو، ڀتين تي چاڪنگ
۽ سالن ۾ هر قسم جو ڪچرو هن جي نانءُ مٿان اڇلايو ويو. هن ظاهري طرح ته خاموشي سان
اهو برداشت به ڪيو، پر پنهنجن ڪتابن ۾ اهو سڀ لکندو ويو، جيڪو هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي
چڪو آهي.
”مون کي خبر
نه هئي مان جيڪي ابابيل ڪٺا ٿو ڪيان؟ سي ڪنهن وقت مون کي ئي پٿريون هڻندا“. (هرڻ
اکي ڪيڏانهن، ص ۱۸۷).
اهي ابابيل اڃا
تائين ٿڪا ناهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجن چهنبن ۾ لڪايل پٿريون، سندس نالي
تي وسائيندا رهن ٿا.
“حيرت آهي ته
شاهه لطيف بچي ويو هو
هن کي ڪنهن سنڌيءَ
شهيد نه ڪيو هو”
(گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا: ص۱۹۱)
شيخ اياز ته اسان
جي ٻولي جي سڃاڻپ جو حوالو آهي، پوءِ به هي اياڻا انسان هن کي سڃاڻي نه سگهيا، بس ڇا
ڪجي، سنڌي سماج جون ڪجهه روايتون آهن، انهن کي به زنده رکڻو آهي. ڪنهن جي مڃتا، ٻئي
جو انڪار نه هوندي آهي، هي ماڻهو ڪيترا نه هڪٻئي کان خوفزده آهن، سندن ذهنن جي گهٽين
۾ رڳو سازشن جا ٽولا ڦري رهيا آهن، ڪلفٽن جي فليٽ ۾ حساس ڪويءَ کي، ملاقاتين اهڙا
ته داستان ٻڌايا، جو سندس ويساهه ۾ ور وڪڙ پئجي ويا.
مون کي ته کرڙيءَ
جي ميدان ۾ مرڻو هو
مان ڪراچي ڇو ڀڄي
آيو آهيان
(گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا: ص ۳۵ )
ڪراچي ۾ ڪويءَ تمام
گهڻو لکيو به ۽ تمام گهڻو ڀوڳيو به. سندس لکڻين ۾ ڪڙاڻ جو ذائقو، ڪراچيءَ جي ذهني
آلودگي واري فضا (گلا غيبت) ئي ڀريو. نمبرن جي ريس جو پاڻ اهتمام ڪري کيس پوئتي
بيهاريو ويو. هن جي ذاتي روين کي اڀاري، کيس ننڍو ماڻهو ثابت ڪيو ويو. هن جيڪو
عذاب ڀوڳيو، ان جو ازالو ڪير ڪري سگهندو ڇا؟
هي تخليقون ڪهڙن
روين جي عڪاسي ڪن ٿيون؟
هر ڪو ئي آهِل، هر ڪنهن
کي ڇڇڙو کپي
متان لاهين دل، ماڻهو
کي ويجهو ڏسي. ص ۲۹۸
ماڻهو منجهه بگهڙ، ڏند
ڇپا ئي ٿو رکي
جيڏو هن سان وڙ، ڪندين،
تو تي گرکندو. ص ۲۹۹
اهي ديس جا بي درد
ماڻهو ئي هئا، جن ڪويءَ جو ماڻهو مان ويساهه کڻائي ڇڏيو ۽ هن ماڻهو لاءِ هل ۽ بگهڙ
جا استعارا پنهنجي تخليقن ۾ استعمال ڪيا. اهڙن ماڻهن ئي سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي
نفي ڪندي، ڪويءَ کي ايترو چيڙايو جو هو سنئون سڌ سنڌ کي ميار ڏيئي مخاطب ٿيو، اسان
وٽ تنقيد جي نالي ۾ ٻوڙ هارڻ جا ڪيترائي مثال موجود آهن ۽ اهو سلسلو طنز کان توهين
تائين به ڪڏهن ڪڏهن وڌيل نظر آيو آهي.
يا خدا! تو جڏهن ڪتا
پيدا ڪيا ها، تڏهن انسان ڇا جي لاءِ پيدا ڪيئه، تو کي اڳيئي بهترمخلوق هئي”. (هرڻ
اکي ڪيڏانهن، ص ۹۲)
اختلافءِ راءِ جو
حق هر ڪنهن کي آهي، پر ڪويءَ جون تلخيون به پنهنجي جاءِ تي حساس دل جي ترجماني ڪن ٿيون،
سندس اها ڀوگنا ايتري تائين وڌي وڃي ٿي جو هو چئي ٿو.
شاهه عنايت! توکي
خبر آهي ته منهنجو سر،
گهڻا ڀيرا اڏيءَ تي
ڏنو اٿائون.
(گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا ۾ ص ۳۴)
ٻين ته ٺهيو پر
پنهنجن به هن کي اڪيلائين ڏانهن ڌڪي ڇڏيو- بند فليٽ ۽ مسلسل اڪيلائي.
”منصور! جي
توکي ٻي زندگي ملي ته ٻئي گڏجي ڦاهيءَ تي چڙهون، زندگي مان مون کي تنهائي کانسواءِ
ٻيو ڇا مليو آهي. (هرڻ آکي ڪيڏانهن، ص ۱۵۸)
شاعري ته پنهنجي
جاءِ تي پر هو ته سٺو دوست به نه هو. هاڻي ڪهڙي شاعري ٿو ڪري، شاعري هئي ته سندس
شروعات واري، هاڻي ته صرف دعائون آهن، اچو ته سندس ڇنڊڇاڻ ڪريون. “ هي ان ڪري وڙهن
ٿا ته مان توکي مڃان ٿو ۽ هو ان ڪري وڙهندا هئا ته مان تو کي نٿو مڃان. هاڻي، مون کان
هيءَ ڏات موٽائي وٺ، انهي سبب مون کي ڏاڍا عذاب مليا آهن”.
شيخ اياز تي اهي
حملا ابتدا ۾ به ٿيا ، ته آخر ۾ به ٿيا ۽ انهيءَ هجوم ۾ پنهنجا پراوا سڀ هئا.
آءُ اڪيلو سامهون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ.
اياز جي ان کوٽ جي
پورائي وارو لقماني نسخو مانوارو محمد ابراهيم جويو به استعمال ڪندو رهيو آهي،
يعني اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکي، جويو صاحب ٿنڀين ۽ ٿوڻين جي امداد ڪندو رهيو آهي.
ٺاٺاري ٿانو ته ٺاهيا پر انهن کي قلعي لڳائي جرڪائي ڪير؟ (تاج محمد سمون- سهڻي
اياز نمبر ۲، ص-۱۱۳)
اياز جي شاعري کي ٿنڀن
ٿوڻين جي ضرورت آهي ڇا؟ هن جي شاعريءَ اسان جي ٻولي جي ٽيڪ آهي، اڄوڪي دور ۾، پر
هي ڪهڙي راءِ آهي. اهي ئي پنهنج جا رُگها هئا، جنهن ڪويءَ جي دل کي رنجايو ۽ هو
پنهنجي قوم کان گهڻو مايوس ٿي ويو هو. اياز جي خود اعتماديءَ کي به انا سمجهيو
ويو. هن جي مان ۾ تڪبر کي ڳوليو ويو.
“مون اياز کي
ان قسم جا ادبي ڏوهه ۽ غلطيون، ان ڏينهن معاف ڪري ڇڏيون، جنهن ڏينهن سندس لکڻين ۾
مان جو لفظ پڙهيو هو ۽ ان انائيت جو ڪاروبار اياز يڏو ته عام ڪري ڇڏيو آهي، جو اڄ
به اياز ان ”آءُ پڻي“ جي ڌٻڻ ۾ ڳچي سوڌو گتل آهي.” (تاج محمد سمون، سهڻي اياز نمبر
۲، ص ۱۱۳)
اهڙيون ۽ اُنهن جهڙيون
ٻيون ڪيئي سٽون اياز پاڻ پڙهيون هيون، ڪجهه چوڻ بدران هو پنهنجو درد پني تي اتاري ڇڏيندو
هو.
توکي منهنجي زندگي
تي چڙ آهي،
پر توکي منهنجي موت
تي
وڌيڪ چڙ ايندي
ڇو ته موت مون کي
اهو ڪجهه ڏيندو
جو مون کي زندگي نه
ڏئي سگهي آهي
جنهن جو مان حقدار
آهيان”
(گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا: ص ۱۴۶)
جگنو ھڪ به نه جيئرو
اسحاق سميجو
جڏهن ڪا ٽيم راند
هارائي وڃي ته اُن جي رانديگرن جا پورهيا ۽ محنتون به ضايع ٿي وينديون آهن. پوءِ
جيڪي دل جي سچائيءَ ۽ ذميواري سان پنهنجي صلاحيت استعمال ڪندا آهن. هارائڻ جو
سمورو ٺڪر به انهن تي ئي ڀڄندو آهي، نڀاڳن ۽ نڪمن کي ڪو به ناهي چوندو، اسان جي وڏن
ماڻهن سان به ايئن ئي ٿيو آهي. اسان ورلي ئي سوچيو هوندو ته هيءَ جيڪا اڄوڪي سنڌ
اسان جي هٿن تائين پهتي آهي، ڇا اها سدائين اهڙي هئي؟ ماڻهو پيدا ٿيندا ويا، نسل
نسلن کان هٿ ڇڏائيندا ويا، ۽ هڪ ٻئي جي هٿ ۾ تصوف جو تنبورو ڏيندا، اڳتي وڌندا
ويا؟ اڄ به جڏهن سنڌ ۾ مذهبي تنگ نظري، توهم پرستي، پير پرستي، ملائيت، وڏيرا شاهي
۽ جاگيرداريءَ خلاف جيڪا هڪ اجتماعي لهر موجود آهي، اُها پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي
هوندي ۽پاڻ ئي سموري اجتماع کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ورتو هوندائين؟ سنڌ ۾ ساڍا ۹ هزار مدرسا آهن، ۽ اڍائي سئو ڪاليج آهن، پر
سنڌ ۾ ملائيت ايئن پير کوڙي نه پئي سگهي، جيئن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ آهي، پوءِ اهو اهو ٻج
ڪنهن جو ته ڇٽيل هوندو؟ جيڪو هر دور ۾ مزاحمت جو نئون فصل پيدا ڪري رهيو آهي، اهو
سڀ پنهنجو پاڻ نه ٿيندو آهي.
ڪي شفيق، باشعور ۽
مهربان هٿ، ذهن توڻي ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي سماجن کي وهم وسوسن، عقيدن، تنگ
نظرين، جهالتن ۽ تنزلين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، سنئين دڳ لائيندا آهن. اهو سڀ ڪرڻ لاءِ
هنن کي پنهنجون خوشيون، شوق، ذاتي لاڳاپا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پوريون زندگيون به قربان ڪرڻيون
پونديون آهن. شاهه لطيف، سچل، جي ايم سيد، اياز، پليجو، جويو، حيدربخش جتوئي، حشو ڪيولراماڻي،
استاد بخاري ۽ ڏيپلائي سميت انيڪ اهڙا ڪردار آهن، جن کي روايتي ادبي ۽ سياسي
پئمانن کان ٻاهر ڏسڻو پوندو. انهن ماڻهن جو ڪم يا ڪردار ڪنهن مخصوص ازم يا
وابستگيءَ جي اسڪيل سان ڪڇي نٿو سگهجي. پر اسان جهڙن ناڪام، منجهيل، مايوسين،
محرومين ۽ خودرحمين جو شڪار سماجن جا ليکا چوکا ڏاڍا مزيدار هوندا آهن. فلاڻو ماڻهو
هيو، ته وڏو قابل ۽ عظيم، پر گهڻيون شاديون نه ڪري ها ته سنڌ اهڙا ڏکيا ڏينهن نه ڏسي
ها. فلاڻو ماڻهو تمام سچو ۽ سنڌ دوست هو، پر شراب گهڻو پيئندو هو. فلاڻي سنڌ جي مٽي
نئين سر ڳوهي، پر فلاڻي مسجد يا فلاڻي مندر واري واقعي ۾ ملوث ٿي هن ڀينگ ڪري ڇڏي،
فلاڻو شاعر ته تمام وڏو هو، پر وي سي ٿي يا دعائون لکي، پنهنجي شاعريءَ جي ٻيڙي ٻوڙي
ڇڏيائين. اهڙا ليکا اسان وٽ هر وڏي ماڻهوءَ لاءِ لکيا پيا آهن، آخري ليکو اسان شيخ
اياز سان ڪندا آهيون، ۽ اسان کي پنهنجي اهڙيءَ مُوڙهي مت لاءِ، ڪو به افسوس نه ٿيندو
آهي. اهو شاعر، جنهن “ڪپر ٿو ڪن ڪري” جي هڪ وائيءَ ۾ چيو هو:
ڏان نه منهنجي ڏات،
مُلهه چڪايو مون ميان!
مون جو قيد قبوليا،
اٿي آڌيءَ رات،
اڄ به سوگهو
سنگهرين، وهاڻيءَ پرڀات،
سر کي توريم
ساهميءَ، وائي ورتم وات،
اوجل نڪتي آڳ مان،
لهس نه آئي لات،
ملهه چڪايو مون
ميان!
پوءِ به اسان هر
سال هُن جي ورسي يا سالگرهه تي ڪنهن سيمنار، ميلي يا ڪانفرنس ۾ هن کان ضرور پڇاڻا ڪندا
آهيون، مٿس تلوارون ۽ خنجر اڀا ڪندا آهيون، آمرن، ملن ۽ پنهنجي دور جي سياسي پنڊتن
هٿان هن جي ليڙون ليڙون ڪيل لباس تي چتيون ناهيون لڳائيندا، پر انهن کي وڌيڪ تار
تار ڪندا آهيون. هڪ معصوم شاعر ۽ پنهنجي وطن جي مٽيءَ تي سيس نوائيندڙ شخص کي اسان
جا ڄامڙا ذهن، اونچي قد سان نٿا سهي سگهن. هن جا همعصر ته جلندا ئي رهيا، پر هن
کانپوءِ ايندڙ ليکڪن ۽ شاعرن جو چڱو خاصو حلقو به هن جي ساڙ ۾ سڙندو ئي رهي ٿو. ڇا
انهن ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته اڄ جڏهن ٽي ٽي نظم لکڻ وارا ڳوٺ ڳوٺ ۾ شيخ اياز پيدا
ٿي پيا آهن، تڏهن به سنڌي شاعري مک ڌارا ۾ ڳڻجڻ ۾ ڇو نٿي اچي؟ ۽ ٻيو ته ٺهيو، انهن
ايترن شاعرن جي شاعري گڏجي به اونداهيءَ تي ايترو وار ڇو نه بڻجي سگهي آهي، جيترو
وار اياز جي اڪيلي شاعري ڪري سگهندي هئي؟
ايڏو اوندهه مَنڊ،
جگنو هڪ به نه جيئرو،
تارا سڀ تڙجي ويا،
چاري ناهي چنڊ،
هي اونداهو کنڊ، تڙڦي
شل ڪو ترورو!
شيخ اياز کي جيڪڏهن
اسين رڳو هڪ شاعر طور وٺون، ۽ سندس ٻئي غير معمولي تاريخي ڪردار کي في الوقت پاسي
تي رکون، تڏهن به هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي جيترين نين فني ۽
فڪري حسناڪين سان ڀريو آهي، سو کيس سدا حيات رکڻ لاءِ ڪافي آهي. ميين عنايت، ڀٽائيءَ،
سچل، سامي ۽ خليفي نبي بخش کانپوءِ، سنڌي شاعري پنهنجي ڪلاسيڪل فني روايتن کان جهڙوڪ
منهن موڙي چڪي هئي، درگاهن سان لاڳاپيل اهي شاعر، جن کي فقط “ڪافي“ لکڻ ڪري “صوفي
شاعر” سڏيو ٿي ويو، تن ۽ سگهڙن ئي هڪ حد تائين پنهنجي شاعريءَ جي اصلوڪي رنگ ۽ سڀاءَ
سان نڀائڻ جي جهڙي تهڙي ڪوشش پئي ڪئي. جڏهن ته مستند، استاد الشعراءَ، تاج
الشعراءَ، غالبِ سنڌ ۽ حافظِ سنڌ سڏجندڙ شاعرن جو سمورو زور پنهنجي فارسي داني
ظاهر ڪرڻ ۽ گهڻي مان گهڻا بحر استعمال ڪري، پنهنجن شاگردن وٽ پنهنجو شان بلند ڪرڻ
بي معنيٰ روايتون قائم ڪرڻ تي هو. ايئن به نه آهي، ته اياز کان اڳ ۾ ڪلاسيڪل روايتن
کي ڪنهن شاعر نئين سر ڇُهيو ئي نه هو. بيت ته اياز کان اڳ ۾ ڪشنچند بيوس به نئين
سر لکي چڪو هو، ۽ بيت کي روايتي سسئي ۽ سهڻيءَ وارن قصن ۽ داستانن کان ٻاهر آڻي،
منجهس پنهنجي دور جي موضوعن کي شامل ڪرڻ جو ڪم به بخوبي سرانجام ڏئي چڪو هو، پر
سچي ڳالهه اها آهي ته بيت کي جيڪڏهن اياز جا پارس هٿ نه ڇهن ها، ته اهو جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ نئين زندگي نه ماڻي سگهي ها. هن بيت کي نظم وانگر هر موضوع ۽ مضمون لاءِ
ڪتب آندو ۽ ان جي ڪلاسيڪل فارم کي قائم رکندي، منجهس قافين رديفن، ترڪيبن تشبيهن،
تمثيلن ۽ لفظي تڪرارن جا سهڻا مثال قائم ڪيا. هن بيت جي ڪلاسيڪل خوبي، تجنيس
حرفيءَ کي به ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو، جنهن سان بيت جي تخليق ۾ ٻيڻو ٽيڻو
اضافو ٿئي ٿو. اياز بيت جي انفرادي فني سٽاءَ ۽ قافيي جي منفرد ترتيب کان به گهري
نموني واقف هو، ان ڪري ئي هن پنهنجي ورثي جي شعوري طور وارثي ڪئي. هو پنهنجي
پهرئين مجموعي “ڀونر ڀري آڪاس” جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو:
“بيت سنڌي
زبان جي منفرد صنف سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم-قافيه
لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي
پهرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم
۽ هم آهنگي ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي.” انهي سماج سان بغاوت ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي
چارو نه آهي.”
اياز جديد سنڌ جو هڪ
اهڙو ڀرپور، بي مثال، گهرو ۽ گهڻ طرفو شاعر آهي، جنهن کي اسان نه فقط سنڌ جي شاعر
جي حيثيت ۾، پر پوري ننڍي کنڊ جي نمائنده عالمي شاعر طور پيش ڪري سگهون ٿا. فني
گهاڙيٽن ۽ موضوعن ۾ جيتري وسعت، گوناگوني، همه گيري ۽ فنڪارانه ڪمال اياز جي ڪلام
۾ ملي ٿو، ايترو جديد دور ۾ ننڍي کنڊ جي شاعرن مان ورلي ڪنهن شاعر ۾ ملندو. اياز هڪ
اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ همعصر عالمي شعور، تاريخي ۽ سماجي حالتن جي فلسفيانه
گهرائي، گهڻ -نظرياتي سُوجهه ٻوُجهه، لوڪ، ڪلاسيڪل، جدت ۽ شاندار روايتن جو تخيلقي
امتزاج، فني تجربن جا بي مثال نمونا، نئين کان نوان شعري ڪارب ئي نه، بلڪ فطرت
پسندي، سماجي حقيقت نگاري، رومانويت ۽ ٻيون ڪيئي ويچار ڌارائن توڙي فڪري تحريڪن جا
به مٿس چٽا ۽ واضع اثر ملن ٿا. وٽس وطن دوستيءَ سان گڏ عالم گير سوچ به موجود آهي.
هن جي نثر توڙي نظم ۾ دنيا جهان جي شعر ۽ ادب سميت فلسفي، نفسيات، سياسيات، مذهب ۽
تاريخ سميت مختلف علمن تي گهڻيءَ حد تائين گهري ڄاڻ ملندي.
ٿلهي ليکي شيخ اياز
ويهين صديءَ جي چند غير معمولي واقعن مان هڪ واقعو ۽ لقاءُ هو. سندس ڪلام جي دلڪشي،
گهرائي ۽ وسعت ته هونئن به ڏسڻ وٽان آهي، پر منجهس جيڪا اظهار جي جرئت، بغاوت ۽ للڪار
آهي، سا ڌوڏي ڇڏڻ جي سگهه رکي ٿي. هن جي شاعري پنهنجي دور جي سمورين حاوي قوتن ۽
تنگ نظر روايتي سوچن، قدرن ۽ روين لاءِ هڪڙو چئلينج هُئي. هن اسٽيٽسڪو کي ٽوڙيو ۽
شاعريءَ جي ٻولي، موضوع ۽ ڪردار ماڻهن مان کنيا ۽ انهن کي ماڻهن ۾ کڻي آيو. جيڪو
سلسلو ڀٽائيءَ کان پوءِ جهڙوڪ معطل ئي رهيو هو. هُو هڪ ڳوڙهي فلسفي، هڪ بي غرض
شاعر، هڪ پيدائشي باغي ۽ سچي صوفيءَ جي زندگي جيئندو رهيو. جنهن جي دل ۾ پنهنجو
وطن ۽ اُن جا ماڻهو پئي ڌڙڪيا ۽ جنهن جي اکين ۾ ساري دنيا جي شادابيءَ ۽ خوشحاليءَ
جا سپنا هئا. هن پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب“سفيد وحشيءَ” جي مهاڳ ۾ هڪ ڳالهه لکي هئي
ته:
سنڌي اديب ۽ شاعر،
ساهتيڪار ۽ ڪلاڪار ڄڻ ته غير سنڌي آهي. هو سنڌي وايو منڊل، تهذيب، رهڻي ڪرڻي، اُٿ
ويهه، ريتن رسمن، خامين خوبين کان يا ته غير واقف آهن يا وري نفرت ڪن ٿا. ڪائي به
سنڌي ڪهاڻي يا شعرکڻو، لکنئو ۽ مهاراشٽرا ۽ بينگال جي بوءِ پئي ايندي، ايتري قدر
جو اداڪارن جا نالا به سنڌي نه هوندا.” (اياز،۱۹۷۲: ۶)
ان ماحول کي هن مڪمل
طور تي تبديل ڪيو ۽ اهڙي ڌاريائپ واري بوءِ کي هن نفرت آميز بڻائي ڇڏيو. هن سنڌ کي
سڄيءَ دنيا جي حصي طور به ڏٺو، ۽ ايئن هڪ عالمگير شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪم سر
انجام ڏيندو رهيو. خود سنڌ کي هن جيئن پيش ڪيو آهي، تنهن لاءِ فهميده رياض جي لفظن
۾، ڪنهن غير سنڌيءَ کي به سنڌ سان پيار ٿي ويندو. ڇو ته اياز جي سنڌ سان محبت يا
قوم پرستي ڪنهن شائونزم تي ٻڌل نه آهي، بلڪ اها هڪ شاعر جي جنت آهي، ۽ عالمگير
آهي.
ڌرتي منهنجو ديس
مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان، وو!
شيخ اياز
گيت جي آڙ ۾ بغاوت ڪندڙ
رام اوڏ
شيخ اياز آرٽ کي
اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اپٽار نثر ۽ نظم جي
صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحريڪ برپا ڪري سگهجي ٿي. هو عوام
جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پراثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون
ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي
بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:
ناهي پنهنجي ساهتيه
جو ڪو ورهاڱو،
ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن
ناهي پاڻ کي. (جهڙ نيڻان نه لهي)
هن هڪ ئي وقت دنيا
جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻئي پاسي پنهنجي دڳ ۽
ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار
کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ، سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت
پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرازم وغيره کان به باخبر هو. اياز دنيا جي
جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو
نقيب ٿي پيو هو؟ عوام کي اڀارڻ هن جي شاعري جو مينيفيسٽو هو؟
وڃو، ڪنويليو، وڃو!
وڃي پرينءَ کي چئو،
اڃا ته جاڳ ٿي جلي،
اڃا ته ويڙهه ٿي
هلي (رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)
جنرل ايوب خان،
يحيٰ خان ۽ ضياءَ جي آمريتي دورن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جو دور آهي، ان ۾ اياز گهڻو
سٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب “ڀونئر ڀري آڪاس” ۱۹۶۴ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” ۱۹۶۸ع ۾، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۱۹۶۸ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر ۱۹۶۵ع تائين پهريون ڀيرو جيل ياترا ڪرائي وئي.
ايوب شاهي ٻيو ڀيرو نومبر ۱۹۶۸ع کان فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون ڀيرو مئي ۱۹۷۱ع کان جنوري ۱۹۷۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم
صوفياءِ سنڌ، متحده محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.
هن سماجي ناانصافي،
معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو
جو مصداق ٿي پيو:
مون ته چيو هو
توکي، بابا!
۽ پوءِ ٻوڙا
لڙڪ لڙن ٿا –
اهڙا گيت لکين ڇو ٿو
تون،
جو توتي زنجير وجهن
ٿا!
توکي ديس- دروهي ڪوٺي،
ڪوڙا ڪانئر بڪ بڪ ڪن
ٿا
۽ هو در تي
ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا. (هي
گيت اڃايل مورن جا)
شيخ اياز هڪ ترقي
پسند شاعر آهي ۽ وقت جي ارتقا سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هن ساڻ تصورن ۽ ويچارن
جو وهڪرو وقت ۽ حالتن مطابق رهي ٿو. اها ئي منزل جي جستجو آهي، جو هو جامد ٿي نٿو
رهي. هن جي آرٽ ۾ شد ڪلا يعني فن براءِ فن جهڙا اصطلاح گهٽ اهميت رکن ٿا. سندس
شاعري سماجي ڪارج جي بهترين پروپگينڊا آهي. هي قومي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ ڪويتا
لکي، عوام ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿو. ديش ڀڳتي، انسانيت ۽ محبت جهڙن موضوعن ۾ مڌرتا
سان سچائي جي وسعت تخليق ڪري ٿو. شاعر محبت شيخ اياز هڪ باغي بڻجي جمودي سماج جو ڍانچو
تبديل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو:
روح هڻي تون روڻ، ٻوڙان
ٻوڙ ڪري وئينءَ،
ڪيا پيار پروڻ،
سارا بند سماج جا. (سورج مکي سانجهه)
اياز جي احساساتي اڏار
۾ سنڌ جو عڪس آهي، جيڪو پنن تي پنهنجا پانڌ پکيڙي ذهنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. هو ڪوتا جي
ترنم ۾ استحصال پسند طبقي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٿو. هو نه صرف
پنهنجي دور جي ادبي لڏي کي متحرڪ ڪري ٿو، پر سياسي تحريڪن ۾ به اتساهه پيدا ڪندو
رهي ٿو. اسيرن جي ذهنن جا بند کولي چوي ٿو:
تون هونءَ به
مرندين ڪاڇي ۾،
اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،
تون آءُ پهاڙي پاڇيءَ
۾. (وڄون وسڻ آئيون)
اياز فڪري وسعت کي
شعر جي ترنم سان جوڙي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقن جي ڦرلٽ ۽ استحصال پسندي کي وائکو
ڪري، سنڌ ۾ مدي خارج فيوڊل نظام کان بيزاري جا سبب ٻڌائي ٿو. هو جاگيردار جي ظلم
تي خاموش نٿو رهي، پر ان جي خلاف هن جا گيت ٽڪر کائي چون ٿا ته:
هونئن ته وڏيرو هل ڙي!
ڏاڍي جو ڏهڪار، ته
هن جي جهرڪيءَ جهڙي دل ڙي!
بگڙي جو سرڪار، ته
هن جو ساپي وارو
سانگ ڙي! (رت آئي ڳاڙهن
ٻيرن جي)
........
ڏوهي هوندي ڏور وڏيرو
مرڪي ويٺو ماڙيءَ تي.....
چنڊ گهٽا ۾ ٻيرو ٻيرو،
ريٽو رت ڪهاڙي تي.
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
اياز پنهنجي سياسي
۽ سماجي موقف سبب زندگي ۾ ڀوڳيو به گهڻو آهي. اياز سان به اها روش رهي، جيڪا سرمد
۽ دارا سان رکي وئي. سبب اهو هو جو اياز جي گيتن جي گونجار محلن ۽ حويلين ۾ ڏار
وجهي ڇڏيا هئا. نرت، گيت، سر ۽ سنگيت جا ازلي ويري اياز جي فن ۽ فڪر کان خفا ٿي
ويا، سندن رجعتي روايتن تي مترڪا محسوس ٿيڻ لڳا. اياز تعصبي سوچ ۽ سماجي اوچ نيچ
جهڙي ذهنيت کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ توهم پرستي ۽ غلامي جا ڪيئي روپ ۽ ٻهروپ
هئا. اهڙا فتنا اياز جي شاعراڻه جوهر کي جهڪو نه ڪري سگهيا. هو جيلن، شهر نيڪالين
۽ نظربندين جي باوجود پنهنجي اٽلتا تي اڏول رهيو:
پريت ۾ جيترا جيءَ
جوکا کنيا،
اوترو مڌ متو، راڳ
منهنجا رتا! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
اياز قومپرست،
سوشلسٽ، انسان دوست ۽ سيڪيولر لاڙن ۽ رجحانن کي اڀاري مضبوط ڪيو، هن جو شعر ڌرتي ۽
مظلوم ماڻهو جي پڪار جو پڙاڏو ٿي گونجندو رهيو. “ڳڀا ڳڀا روٽلا، کسي ويو ديس جا”
جي ردعمل ۾ گيت، غزل، وايون ۽ رزميه داستان ضميرن جا زنگ لاهڻ لڳا. هيڻي کي ڏاڍي
سان وڙهڻ جي سگهه ۾ اياز جي انوکي ڏات اڏول بيٺي رهي. پنهنجي دور ۾ اياز ذهني سجاڳي
جو دليل ٿي پيو هو. جنهن دور جا جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جون هڏيون ماس ڪُرٽي ڇڏين
۽ انهن لاءِ جياپو به جنجال ٿي پوي، ته ان دور جو شاعر سماجوادي نه ٿئي ته پوءِ ڇا
ٿئي؟ جنهن دور جا رجعت پسند ڪٽرپڻو ڦهلائي، انسانيت تي ويساهه وڃائي ڇڏين، ان دور
جو شاعر سيڪيولر ۽ انسان دوست نه ٿئي ته ڀلا ڇا ٿئي؟ اياز الزام تراشيون، عقوبتون
۽ سزائون ڀوڳي ٿو، پر شاعري ۾ باغي خيال سموئي هن سماج کي بدلائڻ جي بات ڪري ٿو:
تکا ڪئن نه ماري
ويا، تاڙ ۾!
لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي
لاڙ ۾.
اڀاري ويو آگ ڪيڏي
“اياز”
بغاوت ڪري گيت جي آڙ
۾! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
اياز جي شاعري
لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه پر خوبصورت خيالن ۽ سندر تصورن ۾ آدرشي اظهار
آهي. اياز انقلاب ۾ به رومانوي آهي ۽ سندس شعور سياسي آهي ۽ سياست ۾ هو نجات ۽
آجپي جو گس ڳولهي ٿو. ٻئي پاسي رڌم ۽ مڌرتا جي سنسار ۾ فطرت جي سونهن جي حقيقت
ايئن ٻڌائي ٿو ته:
مون، سهڻا! تنهنجي
ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هنئي،
سي ڪانئر ڪنهن ٻئي ڪڙم
منجهان، جي پريت ڪري پڇتائين ٿا. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
اياز سنڌ کي هر دور
۾ ۽ هر نظرئي ۾ ڳائي ٿو، هو جڏهن ولهه ۾ وينا ڇيڙي ٿو، ته شعوري لاٽ جا راڳ ڀنڀٽ بڻجن
ٿا:
انت آهي روپ- مايا،
اڃا ته ڪينر ٻه گيت ڳايا،
اٿي ستي لوڪ ڳاءِ
چارڻ! صدا اڃا تو ڪٿي ڪئي آ!
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
دنيا جي شاعرن لاءِ
سونهن اتساهه پئي رهي آهي، اها سونهن جي سرت ڌرتي لاءِ رهي آهي.
شيخ اياز
ڌرتيءَ جو رهنما شاعر
ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ
شيخ اياز مبارڪ علي، غلام حسين شيخ
جي گهر ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين، اڳتي هلي
بي اي، ايل ايل بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪيائين. سندن شمار سکر جي مشهور وڪيلن
۾ ٿيو. ۱۹۷۶ع ۾ هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر مقرر ٿيو ۽ چار سالن جي مقرر مدي تائين رهيو. ۱۹۹۷ع تي دل جي تڪليف سبب مڊ اِيسٽ اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ۲۸
ڊسمبر تي وفات ڪيائين، کين ڀٽ شاهه تي رکيو ويو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل کان
پوءِ شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهم رتبو حاصل آهي، کيس شاهه صاحب سان وڏي عقيدت هئي
۽ شاهه جي ڪلام جو اردو منظوم ترجمو پڻ ڪيائون، علمي ۽ ادبي طور شيخ صاحب جون خدمتون
سنڌي شاعريءَ ۽ نثر لاءِ بي مثال آهن، سندن ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي آهي،
کين اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي عُبور حاصل هو. هن جيڪو نثر لکيو سو سهڻو ۽ شعري
سڳنڌ سان ڀرپور آهي. اياز جي دور جي وڏن وڏن اديبن ۽ عالمن کين مڃيو ۽ نوجوان طبقي
جو هو پسنديده شاعر رهيو آهي. سندس شاعري انقلابي ۽ قوميت جي جذبي سان سرشار آهي. شروع
واري دور ۾ هن رومانوي شعر چيو پر پوءِ جلد ئي قوميت ۽ وطنيت جي جذبي سان معمور شاعري
ميدان ۾ آندائين. سندس رومانوي شاعري اڄ به ايتري ئي مقبول آهي، جيتري انهيءَ وقت
۾ هئي. اياز جي شاعريءَ جو بنياد ئي محبت جي جذبي تي ٻڌل آهي، چاهي اها محبت مجازي
هجي يا آفاقي، قوم لاءِ هجي يا انسان دوستيءَ لاءِ، وٽس محبت ئي محرڪ آهي، حياتيءَ
کي هرکائڻ لاءِ ۽ جيارڻ لاءِ پڻ. شيخ اياز پنهنجي غزل ۾، نظم ۾، بيت ۾، گيت ۾، مطلب
ته شاعريءَ جي هر صنف ۾ هن محبت جي امر جذبي کي مانُ ڏنو آهي، هو پاڻ ئي چوي ٿو ته،
“جنهن محبت نه ڪئي، سو اي اياز زندگيءَ جي گنهگارن مان آ!”
اياز جي رومانوي شاعري پنهنجي پَرَ
۾ هڪ خاص موضوع آهي، رومانوي شاعريءَ ۾ هن جي لفظن جي چونڊ وڻندڙ آهي، حسن جو تذڪرو
هو مخصوص انداز ۾ ڪري ٿو، ڪنهن جي تلقيد نٿو ڪري، گيتن جي لفظن ۾ موسيقي ڀري ٿو ۽ سٽن
جي وچ ۾ قافيا رکي ٿو جيئن،
تون جي ايندين رات، الا او لات، ته منهنجي رات امر ٿي ويندي، تون جي ايندين ڍول،
ته ٻهه ٻهه ٻرندا منهنجا ٻول،
جهر جهر جرڪي پوندا جن ۾، منهنجا
روح رتول،
وائي اها ئي وات، الا او لات، ته
منهنجي رات امر ٿي ويندي.
اياز جو محبوب او بانورا! او سانورا
آهي. سنڌ ڌرتيءَ لاءِ محبت سندس شاعريءَ جي سِٽَ سِٽَ مان لياڪا پائي پئي. هن سنڌ سان
بي انتها محبت ڪئي. سنڌ سان واسطو رکندڙ هر شيءِ اياز لاءِ اتم آهي، تڏهن ته چوي ٿو
ته،
سنڌ ديس جي ڌرتي ماتا،
توتي پنهنجو سيس نمايان، مٽي ماٿي
لايان.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
توکي چشمن چايان، مٽي ماٿي لايان.
هن کي خبر آهي ته سنڌ واسين جي روح
۾ رچيل شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا ٻول آهن، هو خود به پنهنجو پاڻ کي سندن پوئلڳ ٿو سڏي.
آءُ ڀٽائي گهوٽ، تنهنجي کهه منهنجون
اکيون،
ڏس مون تنهنجو ڪينرو ڀوريو ناهه
ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز
جا.
شيخ اياز هڪ رهنما شاعر ۽ اٽل ارادن
وارو اديب ۽ اڳواڻ هو. جنهن جي سوچ، مشاهدا، خيال ۽ احساس گهڻن کان مختلف هئا، هڪ مختلف
۽ منفرد شخصيت هو، جنهن جي شخصيت جا ڪئين پهلو هئا. هن حياتيءَ ۾ ترقي پسند تحريڪ ۱۹۳۶ع جي جدوجهد، روس جو سوشلسٽ انقلاب، ورهاڱي کان پوءِ گڏيل پاڪستان جي جدا ٿيڻ
مهل جون هلچلون ۽ قوميت جا رنگ، ون يونٽ جا دور، ملڪ ۾ لڳل مارشل لا، بنگلاديش جو ٺهڻ
۽ سنڌي ٻوليءَ تي مڙهيل پابنديون، ۴ مارچ جو واقعو ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيندي ڏٺا ته سندس دل تڙپي ۽ هن بي اختيار
ٿي چئي ڏنو ته،
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا
نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.
شيخ اياز جي فني قابليت ۽ مطالعو اعليٰ درجي جو هو، جيڪو سندس هڪ هڪ شعر مان پڌري پٽ
بکي رهيو آهي. ورڊس ورٿ موجب شاعري اها آهي جيڪا ڳائي سگهجي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو
وڏو حصو غنائي (Lyrical) آهي جڏهن علڻ فقير سندس راڳ آلاپيندو
هو.
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل
تڏهن ملنداسين!
ڄڻ ته هر ٻڌندڙ جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ
رت جو وهڪرو وڌي ويندو هو. اهڙيءَ طرح سندس چڱو ڪلام ڳايو ويو آهي.
هن وطن دوست شاعر آمرن جي حڪومت
۾ پڻ خود کي خاموش نه رکيو ۽ سنڌ جي علمي ادارن ۾، نوجوانن ۾، هنڌ هنڌ تي، هن آزاديءَ
جا گيت وڏي شان سان عام ڪيا.
هي ماڻهو وهه جا ڍڪ ٿيا، جيئن لڪ
لڳي تيئن رُڪ ٿيا، اڄ آزاديءَ جي نعري سان، سڀ درد ويا دلگيرن جا.
اها اياز جي شاعري هئي، جنهن ون
يونٽ کي ٽوڙيو. اياز جي شاعري جتي قديم سنڌي شعر جو مطالعو آهي، اتي بين الاقوامي ادب
جو اڀياس پڻ آهي. هن ڏيهي توڻي پرڏيهي حالتن ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف لکيو. چاهي ويٽنام جي
آزاديءَ جي ويڙهه هجي، چاهي غازي جرمنيءَ جا شڪار ٿيل انسان هجن، هن جنگين کي ننديو
۽ امن جو ساٿاري ٿي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ صدائون ڏنيون. ناگاساڪيءَ جي مظلوم انسانن
کي ياد ڪري ٿو ته سنڌ جي چپي چپي ۾ ٿيل ظلمن، طبقاتي ڪشمڪشن، بک، بدحالي ۽ بي انصافيءَ
کي به وائکو ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ جي اوٽ ۾ منظوم ڊرامن، ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”رني
ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۾ هن جو هڪ هڪ بيت هڪ هڪ سٽ دل کي ڇهندڙ آهي. علمي ۽ ادبي طور شيخ اياز
جون خدمتون سنڌي شاعريءَ لاءِ بي مثال آهن.
شيخ اياز سنڌي ادب کي شاعريءَ جي
حوالي سان مختلف صنفن ۾ وڏو مواد ڏنو آهي. انيڪ غزل، ڪافيون، وايون، گيت، بيت، نظم،
آزاد نظم، نثراڻا نظم، چو سٽا، ٽه سٽا، سانيٽ، ترائيل ۽ منظوم ڊراما ڏيئي سنڌي ادب
کي شاهوڪار ڪيو آهي.
“پاڪستان رائيٽرز ڪلب”، “هلال امتياز”،
“ستاره امتياز” ۽ ٻين ڪيترن اعزازن ۽ تمغن سان نوازيل هن سگهاري شاعر جي شاعريءَ توڙي
شخصيت تي مختلف رايا آهن، ڪنهن کين فيض کان پوءِ پاڪستان جو وڏو شاعر سڏيو ته ڪنهن
کين يگانو، منفرد، خاموش، تيز فهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو ماڻهو سڏيو ته ڪنهن مٿس ناڪاري ريمارڪ
پڻ ڏنا پر ڪنهن به حالت ۾ سندس شاعريءَ جي تاثر، جدت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هو هن
ڌرتيءَ جو رهنما شاعر هو، جنهن پنهنجي قوم کي جيئڻ جو پيغام ڏيئي قوميت جي جذبي سان
مالامال ڪيو آهي.
شيخ اياز
جديد سنڌيءَ جو مهندار!
جامي چانڊيو
قومون ۽ سماج پنهنجيءَ فڪري، ذهني ۽ تخليقي سگهه
جو اظهار ڪجهه فردن جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي غير معمولي سرجڻهار پنهنجي تخليقي
وهيءَ چڙهي، هڪ اهڙي دور کي جنم ڏيندا آهن، جيڪو دور قومن کي تاريخ ۾ فڪر، فن، ٻوليءَ
جي واڌاري جي اوج جون ٻرانگهون ڀرائي اتهاس ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو محرڪ بڻبو آهي. ويهين
صديءَ جي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي فرد هو. هڪ فرد ڇا، هو جديد سنڌي
ادب جي اوسر، تخليقي ۽ مزاحمتي سگهه جو هڪ ڀرپور دور هو ۽ آهي. جديد سنڌي شعري ادب
۾ هونئن ته ڪشنچند بيوس، مير عبدالحسين سانگي، خليفي نبي بخش، عبدالڪريم گدائيءَ، نياز
همايونيءَ، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ، نارائڻ شيام، امداد حسينيءَ، ابراهيم منشيءَ،
سرويچ سجاوليءَ ۽ محمد خان مجيديءَ سميت انيڪ باڪمال ۽ وڏا شاعر آهن پر شيخ اياز ويهين
صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رڳو هڪ وڏو جديد تخليقي شاعر ئي نه پر پاڻ سان گڏ هڪ دور کڻي آيو،
جنهن جا گهرا اثر اڄ سوڌو سنڌي ادب تي آهن ۽ شايد ڪيترا زمانا اڃا رهندا. مان نه ٿو
سمجهان ته جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به شاعر يا اديب پنهنجي هم عصر
۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ ادبي نسلن تي ايترا گهرا ۽ گهڻ طرفان اثر ڇڏيا ۽ اهو ئي سبب آهي،
جو شيخ اياز کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ جينيس جو درجو مليل آهي ۽ اهڙو درجو ادب جي دنيا
۾ ان کي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي باڪمال فڪر، فن ۽ تخليقي ٻوليءَ سان هم عصر
ادب جي ”مِٽي“ نئين سِر ڳوهي رڳو اعلى شاعري ۽ ادب ئي نه پر ڪو نئون دور تخليق ڪيو
هجي. شايد اهو احساس هن جي تحت الشعور ۾ هو، تنهن ڪري ئي ته هن چيو هو ته، ”هي ڏوهه
نه آ، هن ماڻهوءَ جو، مون مِٽيءَ ٻيهر ڳوهي آ“. اهو ئي سبب آهي، جو هر غير معمولي شاعر
۽ آرٽسٽ جيان هو پنهنجي هم عصر دور ۾ بيحد تڪراري به رهيو آهي. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو
پنهنجي هم عصر ۽ پاڻ کان اڳ جي دورن جي تصورن، سوچن، قدرن، روين، لاڙن، فني بندشن
۽ محرڪن کي وڏي تخليقي سگهه سان لوڏيندو ۽ ڌوڏيندو ته پوءِ اهو تڪراري ڪيئن نه بڻبو؟
ماڻهو تخليقي ۽ جينيس به هجي ۽ تڪراري به نه بڻجي، اهو ڪيئن ممڪن آهي! پنهنجيءَ شاعريءَ
۾ ته هن سامراج کي ”لوڏڻ“ ۽ ڌوڏڻ جو سنيهو ڏنو پر دراصل هن پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ذريعي
سنڌي سماج جي مدي خارج فڪر ۽ فن کي بي پناهه ۽ بي ساخته سگهه سان اهڙو ته لوڏيو ۽ ڌوڏيو،
جو اها مدي خارج ۽ رجعت پرست روايت وري پنهنجا فڪري ۽ فني پير جهلي نه سگهي ۽ اهو ئي
سبب هو جو پنهنجي هم عصر دور هن کي تڪراري
هجڻ جو انعام ڏنو. اهم سوال اهو نه آهي ته هو تڪراري ڇو هئو؟ پر بنيادي سوال اهو هو
ته هو ڪنهن جي وِچَ ۾ ۽ ڇو تڪراري هو؟ مان هن جي تڪراري هجڻ کي هن جي عظمت جو اهڃاڻ
۽ سندس ڀاڳ سمجهان ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ اهو ئي سبب هو، جو سنڌي ادب ۾ لطيف سائينءَ کان
پوءِ سڀ کان وڌيڪ شيخ اياز تي لکيو ويو. اولهه جي هڪ وڏي ادبي نقاد ميٿيو آرنالڊ اهو
به چيو آهي ته، ”وڏو شاعر ۽ اديب اهو آهي،
جيڪو پنهنجي دور ۾ وڏي اٿل پٿل پيدا ڪري سگهي“ ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي دور ۾ هميشه
وڏي اٿل پٿل جو محرڪ رهي، سواءِ سندس آخري دور جي، جڏهن هو عقيده پرستيءَ ڏانهن وريو.
اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ يا فڪر جي آخري دور جو پنهنجي سماج تي اهو اڳوڻو
”ٿرٿلي ۽ زلزلي“ وارو اثر نه پيو، پر ان مختصر دور سان سندس مجموعي ادبي ۽ تخليقي عظمت
گهٽجي نه ٿي سگهي. هونئن به اهو لازمي ناهي ته ڪنهن جينيس شاعر يا اديب جو سمورو ادب
غير معمولي ۽ عظمت جي چوٽين تي پهتل هجي. دنيا جي هر وڏي شاعر ۽ اديب جي تخليقي پورهئي
۾ ڪجهه عنصر روايتي ۽ مڙئي ڀرتيءَ وارا هوندا آهن، ويندي لطيف سائينءَ جي شاعريءَ
۾ به ائين آهي، ڇو ته تضاد ڪائنات ۽ فطرت توڙي سماج جي هر مظهر ۾ آهي ته پوءِ اهو فڪر
۽ فن ۾ ڪيئن نه هوندو! ڏسڻ اهو گهرجي ته ڪنهن
به غير معمولي شاعر ۽ اديب جي فڪر ۽ فن جو بنيادي جوهر ڇا آهي، ان جو ڪارج ۽ پنهنجي
دور يا ايندڙ دورن تي اثر ڇا آهي؟ ان معيار مطابق شيخ اياز جي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي
۽ هو هميشه امر رهندو.
شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو پهريون وڏو
غير معمولي شاعر هو، جنهن سنڌي شاعريءَ جي فارسي آميزيءَ مان جند ڇڏائي. سنڌي ڪلاسيڪي
شاعريءَ ۾ سُمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، ان کانپوءِ لطيف سائين ۽ صوفي شاعرن کي ڇڏي ڪري سنڌي
شاعرن جي هڪ وڏي انگ تي، ويندي ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، فارسي شاعريءَ جو وڏو
اثر هو پر شيخ اياز انهيءَ روايت کان بغاوت ڪري پنهنجي بي پناهه سگهاري تخليقي اٿل
سان سنڌي شاعريءَ کي هڪ اهڙي دور ۾ وٺي آيو، جتي سنڌي شاعريءَ نه رڳو پنهنجو فڪري،
فني ۽ لساني سڱ ڌرتيءَ، ان جي اتهاس، ان جي فطري حسناڪيءَ، ڪردارن، ماڻهن ۽ مِٽيءَ
سان ڳنڍيو پر هم عصر عالمي ترقي پسند تحريڪ سان پڻ جوڙيو. مان ڀانئيان ٿو ته اهو جديد
سنڌي ادب جو پهريون دور هو، جنهن ۾ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جا موضوع ۽ اهڃاڻ ڌرتيءَ مان
اڀريا پر اها هڪ عالمي ڌارا سان پڻ ڳنڍجي وئي ۽ اهو ٻن روايتن جو امتزاج ئي جديد سنڌي
ادب جو بنياد بڻيو، جنهن ۾ شيخ اياز جو بنيادي ڪردار هو.
هونئن ته شيخ اياز هڪ پنهنجي لهجي، سوچ، اسلوب
۽ فڪري روايتن جو شاعر هو پر حقيقت ۾ هن تي ٽن روايتن جو بنيادي ۽ گهرو اثر آهي؛ هڪ
فارسي شاعري، جو فارسي هن جي ڄڻ ته گهر جي ٻولي هئي ۽ شيخ اياز جو فارسي ادب ۽ اڀياس
تمام ڳوڙهو هو. فارسي شاعريءَ ۾ جيڪا عاشقي، حسن پروري، بي باڪي، احساس جو بي ساخته
۽ نفيس اظهار ۽ تخيل جي گهرائي آهي، ان جو شيخ اياز جي شاعريءَ تي نمايان اثر نظر اچي
ٿو. ان کانسواءِ شيخ اياز جو ڪمال اهو هو ته هن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي لاجواب مثبت
۽ تخليقي روايتن سان به ناتو نه ٽوڙيو. ان ڏس ۾ هن جو لطيف سائينءَ جي اردو ترجمي تي
لکيل لاجواب مقالو ۽ فلاسافيڪل ڪانگريس ۾ ڪيل مختصر صدارتي تقرير ضرور پڙهڻ گهرجي،
جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو ان روايت کان ڪيترو نه متاثر هو. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن
شيخ اياز لطيف سائينءَ جي فڪري ۽ فني سرچشمن مان فيضياب نه ٿئي ها ته شايد شاعريءَ
جي انهن بلندين تي نه رسي ها ۽ هو هميشه ان جو اعتراف ڪندو رهيو. ٽين روايت، جنهن تي
تمام گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، سا اها ته، جيتوڻيڪ شيخ اياز ترقي پسند تحريڪ کان
متاثر هو ۽ هن ان جا اثر قبول ڪيا پر جي گهرائيءَ سان ڏسبو ته شيخ اياز تي بنيادي طور
يورپ جي لبرل شاعريءَ جو وڏو اثر هو. آزاد خيالي هن جي فڪر جي رڳ رڳ ۾ هئي ۽ شيخ اياز
جا موضوع، احساساتي رويا، سماجي تصور ۽ اظهار جو ڏانءُ ٻڌائين ٿا ته هو يورپ جي آزاد
خيال شعري روايت کان گهڻو متاثر هو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته مٿي بيان ڪيل ٽي مختلف
روايتون هيون، جن جو شيخ اياز تي گهرو اثر به نظر اچي ٿو ۽ اهي ٽيئي مختلف روايتون
هڪ حسين ۽ تخليقي امتزاج سان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ چِٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون. شيخ اياز
جي شاعري ۽ فن، ٻولي، فني بندشن ۽ شعري رجحانن يا تخيل جي محرڪن جي ڇنڊ ڇاڻ ان بنياد
تي پڻ ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اياز شناسيءَ جو هڪ اهم موضوع بڻجي سگهي ٿو.
ادب جي پرک جو هڪ مک معيار ادب جا فڪري محرڪ
پڻ هوندا آهن ۽ ان ڏس ۾ شيخ اياز کي پرکجي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فڪري محرڪن جون
نه رڳو مختلف روايتون گڏ گڏ هلنديون نظر اچن ٿيون پر اهي وقت ۽ دورن سان گڏ مَٽجندي
به نظر اچن ٿيون. مثال طور؛ ورهاڱي کان اڳ جيڪا طبع زاد اردو شاعري ڪيائين، ان ۾ ويڳاڻپ،
وجوديت ۽ مزاحمت جا اهڃاڻ گڏ گڏ ملن ٿا. ان کانپوءِ سندس شاعريءَ جو دور، جيڪو گهڻي
ڀاڱي ”ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ ملي ٿو، ان ۾ اياز تي عاشقيءَ ۽ حسن پروريءَ جا لاڙا وڌيڪ
حاوي نظر اچن ٿا، جنهن سبب هو پاڻ کي ان دور ۾ ”شاعرِ محبت“ سڏي ٿو. ون يونٽ جي دور
۾ اياز جي مزاحمتي، وطن ۽ قوم سان محبت سان سرشار شاعري ملي ٿي، جنهن سڄي سنڌي شاعريءَ
جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مان سمجهان ٿو ته اياز صاحب جي پنهنجي دور ۽ ايندڙ نسلن
تي اثر جا بنياد گهڻي ڀاڱي ان دور ۾ پيا ۽
”شاعرِ محبت“ اياز سنڌ جو ” قومي شاعر“ ٿي اڀريو. ائين ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ
جو وائيس چانسلر بڻيو ته سندس ان دور جي شاعريءَ تي وجوديت Existentialism جي فڪر جو لاڙو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو، سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”پتڻ ٿو پُور
ڪري“ ان جو ئي عڪس آهي. ائين اسيءَ جي ڏهاڪي
۾ جمهوريت پسندي، ۽ پوءِ آخري دور ۾ روحانيت پسنديءَ جو لاڙو شيخ اياز جي شاعريءَ
۾ اڀري آيو، جيڪو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند حلقن وٽ بيحد تڪراري بڻيو. رسول بخش
پليجي، عبدالواحد آريسر، تاجل بيوس ۽ مون سميت ڪيترن اديبن ۽ نقادن مٿس تنقيدي مضمون
لکيا. مون شيخ اياز جي شاعريءَ جي سمورن دورن جو گهرائيءَ سان ۽ بار بار هڪ ادبي نقاد
طور مطالعو ڪيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته مٿي بيان ڪيل مختلف فڪري روايتن باوجود هن جي
شاعريءَ جا بنيادي قدر ۽ محرڪ ساڳيا هئا ۽ اهي هئا انسان دوستي، رومانويت، وطنيت ۽
قوميت، مزاحمت، انقلابيت ۽ اظهار جي جماليات. هن جي شاعري ڪنهن به دور ۾ دقيانوسي فڪر
تي مشتمل نه هئي. دنيا جا اڪثر تمام وڏا عظيم شاعر رومانويت ۽ ويندي مذهبيت جا حامل
به هئا، پر ان سان سندن شعراڻي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي. رومي، حافظ، خيام، عرفي، شيڪسپيئر،
گوئٽي، ڪاليداس، امارو، بِهاري، ڀري هر ترَي، ڪبير، ميرا، تلسي، لطيف، شاهه حسين ۽
ويندي غالب ۽ اقبال تائين انهن مان ڪوبه دهريو نه هو پر هنن جي شاعراڻي عظمت ڪنهن به
شڪ کان بالاتر آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ پاسو حيرت انگيز آهي،
جنهن تي مان سدائين حيران ٿيندو آهيان. شاعر رولاڪ هوندا آهن، ماکيءَ جي مادي مَک جيان
گل گل جو رس چوسي، ان ۾ چَس پيدا ڪري هڪ انمول شئي تخليق ڪندا آهن، پر شيخ اياز ڪنهن
طور به عوامي ماڻهو نه هو، نه وري هو گهڻا سفر ڪندو هو يا رولاڪيون ڪندو هو پر هن جي
شاعري ان باوجود حيرت انگيز آهي. مان سمجهان ٿو ته هن جي شاعريءَ تي مشاهدي ۽ تفڪر
کان وڌيڪ گهري فيلسوفياڻي تخيل جو اثر آهي. اها تخليقي سگهه جي منتها آهي، جيڪا سنڌ
جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي مسلسل فڪري ۽ احساساتي رياض سان حاصل ڪئي ۽ جيڪا هن جي
غير معمولي تخيل جي صورت ۾ ظاهر ٿي، شايد انهيءَ ڪري هن پاڻ کي يا پاڻ جهڙن کي ”ننڊ
جي نيڻن“ سان تشبيهه ڏني هئي. شيخ اياز جي ٻولي ۽ فن به بلندين جي ڪمال کي رسي ٿو.
هو هڪ شهري ماڻهو هو ۽ ٻوليءَ جا سرچشما ٻهراڙين ۾ آهن پر اياز صاحب جي ٻوليءَ سنڌي
ٻوليءَ کي ڇا ته نواڻ ۽ نئون حسن بخشيو. اصل ۾ فڪر ۽ تخليقي سگهه ٻوليءَ کي ڄڻ ته نئون
جنم ڏين ٿا. لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ نئون جنم ورتو هو ۽ ائين جديد سنڌي شاعريءَ
۾ شيخ اياز، استاد بخاريءَ ۽ منشيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻولي ڇا ته ڪرشماتي پَدَ کي
پڄي ٿي. شيخ اياز جون تشبيهون روايتي ۽ اُڌاريون کنيل ناهن، بنهه نبار آهن ۽ جيڪڏهن
”اڻٽيهينءَ جي اونداهي“ جهڙيون تشبيهون اياز صاحب لطيف کان کنيون به، ته ان جو استعمال
ايترو ته تخليقي ۽ نبار آهي، جو ڄڻ اها تشبيهه پڻ نئون جنم وٺي ٿي. اياز صاحب جا استعارا،
تلميحون، اشارا، ڪنايا، ڪافيا، بندشون، ۽ خيال جي اڻت ڄڻ ته هڪ تخليقي ڪرشمو آهي، جيڪو
ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڳ ۾ آيو.
سنڌي ادب ۾ ”تخليقي تنقيد“ اڃا ڄڻ ته بانبڙا
پئي پائي. هڪ دور هو جڏهن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي،
ابن حيات، پنهور ۽ پوئين دور ۾ امير علي چانڊيي ان کي اوج تي رسايو پر هم عصر سنڌي
ادب جي دور ۾ ادبي تنقيد سطحي تبصرن کان مٿي نه ٿي چڙهي، جڏهن ته تنقيد جو ڪم ۽ ڪارج
پرک، پروڙ ۽ ڇنڊ ڇاڻ آهي، پوءِ چاهي اها فڪر جي هجي يا ٻوليءَ ۽ فن جي. مان سمجهان
ٿو ته جيئن سنڌ ۾ لطيف شناسيءَ جي ضرورت آهي، تيئن جديد دور ۾ اياز شناسيءَ ۽ بخاري
شناسيءَ جي وڏي ضرورت آهي. ٻي دنيا جيسين لطيف، سچل، اياز ۽ بخاريءَ کي سمجهي، تيسين
گهٽ ۾ گهٽ پهرئين مرحلي ۾ سنڌ ۾ ته انهن جي حقيقي پرک ڪجي ته جيئن سندن سماج کين سندن
حقيقي فڪري ۽ فني جوهر ۾ سمجهي ۽ پروڙي سگهي. پنهنجي حال سارو مون اهو ڪم زندگيءَ
۾ ٻولي کنيو آهي ۽ زندگيءَ جو ساٿ رهيو ته ضرور ڪندس پر ان لاءِ انيڪ ٻيا ماڻهو به
گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهو همه گير ڪم ڪوبه هڪ ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي يونيورسٽين
۽ ادبي ادارن کي ”اياز شناسيءَ“ بابت باقاعدگيءَ سان رٿابندي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
”اياز شناسي“ رڳو هڪ فرد جي نه پر سنڌ سميت سڄي سنسار جي شناس آهي.
سهندو ڪير ميار او يار!
رام اوڏ
وقت تي حالتون بدلجنديون آهن ۽ حالتن جا رُخ به وقت طئي ڪندا آهن. وقت جي تاريخ تي جتي
ڪاميابيون ۽ آجپي جون صدائون آهن، آزاديءَ جا نغما آهن، ته اُتي ويساهه گهاتيون به
آهن، ته محڪومي ۽ اذيت جون ڪٿائون به اوتريون ئي اُڀريل آهن. وقت جي تيز رفتاريءَ
۾ ڪيترائي ماڻهو قبر ٿي وڃن ٿا ۽ ڄڻ ته اُهي هن دنيا ۾ رهيا ئي نه هجن، ڇاڪاڻ ته اهڙن
ماڻهن جو ڪو آدرش زندگيءَ کي ارپيل نه ٿو هُجي، هُو آيا ۽ بس گذر ڪري ويا. وقت جي گذر
سان گڏ ڪيئي حياتيون قبرون ٿي ويون ته، ڪيئي ڪردار مرڻ پڄاڻان به اَمر آهن. اُهي مهان
ماڻهو انسان کي پنهنجي آدرش سان ارپي مختصر زندگيءَ ۾ صدين جي ڇاپ ڇڏي ويا ۽ انهن زندگيءَ
جي منشور ۾ هڪ اهڙو پورهيو رقم ڪيو، جيڪو ويساهه جي حرفت سان لکيل هو!.سنڌ ڌرتيءَ جي
اُفق تي شيخ اياز جو جنم اسان لاءِ سڀاويڪ آهي. اياز جي حياتيءَ جو سفر-ويهين صديءَ
جي ڇهه ڏهاڪن تائين ڦهليل آهي، جنهن ۾ فڪشن، يادون، ادبي مضمون ۽ شاعريءَ جو وسيع ڪينواس
آهي. ڏسجي ته شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر آهي، پر هو ڪنهن به هڪ نظريي تي نٿو بيهي،
هو قومپرستيءَ جي رنگ ۾ رڱيل آهي، ته سوشلزم جي به ڳالهه ڪري ٿو. هو صوفي ازم جي چادر
هيٺ گيڙو رتا گيت لکي ٿو، ته دعا به گھُري ٿو، اياز جي فڪري ڪلپنا وقت جي حساب سان
مختلف روپ رکي ٿي، ڇا به هجي پر هو رُجعت پرست سماج ۾ نئين روشن صبح ۽ مظلوم سماج جي
پيڙا جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هو سامراجي سازشن ۽ سرمائيدارن جي ڪارستانين خلاف اُٿي عوام
۾ اُڀار پيدا ڪري ٿو. اياز جي آئيڊيلزم ۾ هڪ اهڙو سماج آهي، جيڪو هر قسم جي استحصال
۽ لُٽ مار کان آجو هُجي. بغاوت جو اَلم صرف اهڙي سياسي ۽ سماجي آلودگيءَ ۾ کڻي سگھجي
ٿو، جڏهن انسان جو پيٽ مقروض ٿي وڃي ۽ بک ۽ بدحاليءَ جا منظر مستقل سزا بڻجي وڃن. شاعرِ
محبت شيخ اياز هڪ باغي شاعر جو روپ ڌاري جمود جي ور چڙهيل سماج کي تبديل ڪرڻ جو تاساري
به آهي:
ڌوڏ هن سماجَ کي، لوڏ سامراجَ کي،
ٺاهه سو نئون نظام، جو چڱو چئي عوام
هِي نظام آ خراب، انقلاب!
اياز سنڌ جي مُدي خارج فيوڊل نظام کان بيزاريءَ
جو اعلان ڪري ٿو. هُو هاريءَ جي هَر ۽ مزدور جي پَگهر جو به درد چِٽي ٿو. هڪ اهڙو درد،
جنهن ۾ کيڙي هڪڙو ۽ کائي ٻيو جو دستور رائج آهي. هُو اهڙي بدنيت دستور جي خلاف هڪ اهڙي
دانهن آهي، جيڪا سُک ۽ خوشحاليءَ جي صدا بڻجي گُونجي ٿي. اياز جي شاعريءَ جو هڪ مِزاج
آهي، جيڪا لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه بلڪه اِها خوبصورت خيالن ۽ تصورن ۾ هڪ
انقلابي اظهار آهي. جنرل ايوب ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دورن ۾ شيخ اياز شاعريءَ جي سوچ
کي جيڪا احساساتي سگھه بخشي تنهن تي صديون صدائون بڻيل رهنديون، خاص ڪري ون يونٽ جي
دور ۾ اياز جي سَرجيل شاعريءَ ۾ شعلي جي لاٽ آهي، جنهن ۾ هو ائين به چوي ٿو ته ”سنڌڙيءَ
تي سِر ڪير نه ڏيندو، سَهندو ڪير مَيار، او يار!“ ان دور ۾ اياز جيترو سَٺو ۽ برداشت
ڪيو، اذيت جو اهڙو درد سنڌ جي ڪنهن شاعر کي شايد ئي پلئه پيو هجي.
ڌرتي توکي منهنجي
چمي اڌ ۾ رهجي ويندي
وفا صالح راڄپر
اياز ڪلهه جيان اڄ به امر آهي ۽ سڀاڻي به امر
رهندو ڀٽائي کانپوءِ پورا اڍائي سئو سالن کانپوءِ مس مس اياز جهڙو بهترين ۽ عظيم شاعر
مليو پر اياز کانپوءِ اڍائي سئو سال ته ڇا پر اڍائي سئو سال صديون به لڳن ته به اسان
اياز جهڙو شاعر پيدا نه ٿا ڪري سگهون اياز وڏي ڳالهه هيو، اياز وڏو شاعر هيو، اياز
وڏو فلسفي هيو اياز وڏو دانشور ۽ مفڪر هيو، اياز پنهنجي شاعري ۾ جيڪو پيام جيڪو فڪر
ڏنو آهي انهيءَ فڪر کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه ٿي سگهي اياز جي سموري شاعري
بي مثال آهي، اوهان اياز جي جمالياتي شاعري پڙهو توڙي مزاحمتي شاعري پڙهو اها فڪري
۽ فن سان ائين ٽمٽار هوندي آهي.
اياز سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن جو نثر ۽ نظم
ٻئي اعليٰ معيار جا ۽ سگهارا آهن، اياز جي نظم جيان نثر به رنگين ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ
آهي سندس نثر ۾ اهڙي ته رنگين ۽ خوبصورتي آهي جو هڪ دفعو جيڪو ان رنگينيءَ جي ڀاڪر
۾ آيو ته ٻيهر سندس دل ٻاهر نڪرڻ ته نه چاهيندي، سندس نثر ۾ ڪنواري جي جوڀن جهڙي خوشبو
آهي سندس نثر ۾ پهرين پيار ۽ پهرين چمي جهڙو ميٺاج آهي اياز جي نثر واري رنگيني کي
ڪو به نقادي رٻڙي ميساري نه ٿو سگهي اياز نثر توڙي نظم ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي سموري سونهن
سمايل آهي، اهڙي سونهن سنڌ جي مون ڪنهن به شاعر ۾ ڪو نه ڏٺي آهي، اياز سنڌي ۽ سنڌ ماڻهن
سان بي پناهه محبت ڪئي ۽ انهيءَ محبت جو اولڙو اياز جي لکڻين ۾ سمنڊ جيان ڇوليون هڻي
رهيو آهي، سنڌي ٻولي جي سگهاري ڪالم نويس اعجاز منگي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ اياز کي باغي
شاعر سڏيو آهي پر مان اياز کي قومپرست ۽ سنڌ پرست شاعر چوندو آهيان اياز سنڌڙي تي سر
ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار، جهڙا قومي ۽ امر گيت لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان
محبت ڪرڻ سيکاري سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ ويڙهه ڪرڻ سيکاري اياز
سنڌ تي انيڪ گيت، غزل، بيت ۽ وايون لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو
پيدا ڪيو اها محبت اهو پيار اهو جوش ۽ جذبو ۽ اياز جي شاعري سنڌي ماڻهن ۾ هميشه لاءِ
پيدا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ محبت کي ڪو به گهٽائي نه ٿو سگهي اياز جي شاعري جو محور، پيار،
محبت سان گڏو گڏ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هيا، اياز پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي گهڻو
ڪجهه ڏنو. اياز جي شاعري سٽ سٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار سمايل آهي، اياز کي اڃان
سنڌ جي ضرورت هئي ۽ سنڌ کي وري اڃا اياز جي ضرورت هئي اياز سنڌ ۽ سنڌ اياز هئي جيتري
محبت سنڌ سان جي ايم سيد ڪئي ايتري محبت سنڌ سان اياز به ڪئي تڏهن ته اياز لکيو ........
ڌرتي توکي منهنجي چمي
اڌ ۾ رهجي ويندي
ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي
ڇا تون ويندين وسري
مون سان رهندين
مون ۾ ڪهندين
ڏينهن لٿو آ
رت کڙو آ
تون ئي تون آهين
منهنجي ڀونءِ آهين
او آيل او سنڌي
منهنجي ساري ڏات تون
منهنجي مون آهين
او آيل او سنڌڙي
قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ ڪتاب
۾ لکي ٿو ته مون نقاد جي حثيت سان اياز کان سول ڪندي پڇيو ته سائين! فلاڻو ماڻهو چوي
ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون زبانون به تمام وڏا شاعر پيدا ڪنديون، آهن جيئن بنگالي ٽئگور
۽ سنڌي ۾ اياز؟ ان تي اياز وراڻيو ته ڪير احمق ٿو چوي ته سنڌ زبان ننڍي آهي زبان جو
ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو ماپو جاگرافي سرحد نه آهي پر زبان جو ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو اصل معيار
ان جو دامن آهي جنهن ۾ شاعر ۽ فنڪار اظهار خيال جي ڪيتري سگهه حاصل ڪري سگهي ٿو، ان
معنيٰ ۾ سنڌي زبان تمام وڏي آهي ۽ مون کي پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪندي ڪا شرمندگي
محسوس ڪا نه ٿي، جيتوڻيڪ مون اردو دور ۾ به شاعري ڪئي پر اها شاعري ننڍي کنڊ ۾ ايتري
مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي جيڪا مقبوليت منهنجي سنڌي زبان ۾ ڪيل شاعر يکي حاصل آهي،
آريسر وڌيڪ لکي ٿو ته اياز مون کي چيو ته ان نقاد کي وڃي چئجائين ته سنڌي زبان تمام
وڏي آهي، جيڪو اياز سنڌي زبان کي ننڍو چوڻ لاءِ تيار ڪونهي اهو اياز سنڌ جو عاشق ۽
سنڌ سان بي پناهه محبت ڪندڙ آهي، سنڌ اياز کانسواءِ اڄ به اٻاڻڪي آهي ۽ اياز جو روح
به سنڌ لاءِ تڙپندو رهيو آهي تڏهن ته اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اي موهن جي
دڙي جي ڌرتي! جي مان ٻيهر ڄمندس ته وري تنهنجي واريءَ ڏانهن موٽي ايندس.
شيخ
اياز
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين
رسول بخش پليجو
رسول حمزا توف پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته اديب
۽ شاعر باهه جا رکوالا ٿيندا آهن، جنهن قوم جي باهه وسامي وڃي، سمجهڻ کپي ته ان قوم
جي اندر جي آتش جا رکوالا مري ويا آهن. اديبن ۽ شاعرن جو ڪم ان اندر جي باهه کي زندهه
رکڻ آهي. لطيف سائين چيو آهي : ” اندر جنين باهه، سڌ سڀڪا تن کي.“ شاعر ۽ اديب جن جي
اندر ۾ جڏهن باهه آهي، تڏهن اهي هڪ مشعل ٿين ٿا. باهه مهمان آهي، جيستائين باهه آهي،
تيستائين اها شئيءِ ناهي، جيئن آهي تيئن نظر اچي ٿي. باهه ٺري وئي ته ماڻهو ويٺو آ
جهڙو بت ويٺو آ. باهه ناهي،ڪا شيءِ ناهي. ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو
ته اها باهه مهمان آهي، اها باهه، اها روشني سدائين رهي، عنصر جي اجري حصي تائين رهي،
اهو ممڪن ناهي. هينئر انعام شيخ جو ترجمو ڪيل ڪتاب پڙهيم، ان ۾ هڪڙو ٽالسٽاءِ سان انٽرويو
آهي. ان ۾ ٽالسٽاءِ کان پڇيو ويو ته هي روس ۾ جيڪا جمهوري تحريڪ هلي رهي آهي، تنهن
جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ تنهن تي ٽالسٽاءِ جواب ۾ چيو ته اها خيال خام آهي، جمهوريت
وغيره جي ڪا ضرورت ڪانهي، ماڻهو گهڻو سجاڳ ٿيندا، گوڙ ڪندا خوش ڪو نه ٿيندا. عمر خيام
کان پڇيائون ته تضاد ڪٿي آهي؟ عمر خيام چيو: تضاد شين جي اندر آهي.
اديب ۽ شاعر جي زندگي سياسي ماڻهن وانگر ساڳي
۽ همه گير ۽ هڪ جهڙي هجي، اها ڳالهه ممڪن ناهي. دنيا جا سمورا وڏا شاعر مختلف دورن
مان گذريا آهن، مختلف فڪرن مان گذريا آهن. هتي ٻڌايو، جيئن آڪاش انصاري ٻڌايو، حميد
سنڌيءَ ٻڌايو، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ چيو ته پير اڏامندا آهن پر ڪن پيرن کي مريد به اڏائين
ٿا. هڪ جهڙا فقط تاريخ جا وهڪرا ۽ لمحا ٿين ٿا، اياز خوشنصيب هو، جنهن کي اهڙو دور
مليو. هن کان اڳ انجمن ترقي پسند مصنفين هئي. هندستان جي وڏي تحريڪ هئي.
سن ۱۹۳۰ع واري گانڌيءَ
جي مارچ هئي. ۱۹۳۰ع کان وٺي جيڪو هندستان ٻريو ٿي، جيئن
مان لکيو آهي، تحقيق ڪئي آهي ته لطيف جو ڪهڙو دور هو. روءِ زمين تي سندس همعصر ڪهڙا
هئا. سو اياز کي اها شيءِ ورثي ۾ ملي سموري شاعري، ٽئگور جي شاعري، بخت امان ٻيا سمورا
هندستان جا شاعر، فيض جي شاعري، هي سڄي همه
گيريت هئي. سڄو دور هو. جيئن مون لکيو آهي، تحقيق ڪئي آهي ته لطيف جو ڪهڙو دور هو.
روءِ زمين تي سندس همعصر ڪهڙا هئا. سو اياز جا جيڪي همعصر هيا، اهي عجيب ۽ غريب هئا،
هڪ عجيب ۽ غريب دور هيو. سڀ ماڻهو بيچين هئا. تاريخ بي چين هئي، تبديلي جي لاءِ تاريخ
جو فرمان ته تبديل ڪيو وڃي ۽ تاريخ جو فرمان هو ته ان تبديلي سان هم قدم ٿي هلندڙ فڪر
هجي، شاعري هجي، فن هجي، ادب هجي ۽ تاريخ جو اهو فرمان هو. جيئن لطيف سائين جو هڪ شعر
آهي:
”اندر آندريون جيئن سي ٻانڌين اٺ ۾،
مون تن تيتريون، ته ڪيئن ملبو سڄڻين.“
اهو دور بي چين هو ته ڪيئن پهچون؟ جيئن ٻڌايو
ويو ته شعر ٺهندا هئا. زرينا ۽ اسين سڄي سڄي رات طرزون گڏجي ٺاهيندا هياسين. جويو صاحب
منهنجي جاءِ تي هوندو هو. هزارين لکين ماڻهو هئا ۽ ان لقاءَ کي تخليق ڪرڻ ۽ اياز ۽
ان جي هم عصرن سان گڏ هڪڙو پورو دور هو، هڪڙو پورو زمان هو ۽ پوريون قوتون ۽ تاريخ
جا وهڪرا سڀ گڏ ٿيا، تڏهن هڪڙو اياز ٺهيو، تنهن جي ڪري ان ۾ سڀ ماڻهو شريڪ هئا. انهن
سڀني جو ان ۾ هڪ حساب ڪندڙ حصو آهي. ننڍن ٻارن جو، وڏن جو، عورتن جو، مردن جو، روح
رهاڻ جو، نغمن جو.
لطيف سائين جو شعر آهي ته:
”ڪنهن پر روئان پرينءِ کي، روئي نه ڄاڻان،
مٿي ڪيو ڀڻان، هنجن هاڻان هٿڙا.“
محبوب جي جيڪو ماڻهو فقط تعريف ٿو ڪري، ڪوڙو
آهي. لطيف سائين چيو آهي:
”پر توو پنهونءَ جو، ڪين ڇانءُ ڪين اُس“
رڳو ڇانوَ ناهي، اُس به آهي، ”پر توو
پنهون جو، جهڙو جهالا ڏي.“
لطيف سائين محبوب لاءِ چوي ٿو:
گوني ۽ گوني، پرين پٽائين،
جن من مجنوني، سي ڪيئن وسرن سيين.“
”کوءِ پنهون ٻن پرينڻو، ٻن هوت،
مادر مون موت، پسڻ ان پرايو.“
لطيف جي سڄي شاعري تعريب به آهي ۽ شڪايت به آهي.
هڪڙي هنڌ آهي ته:
”ٻاروچاڻا ٻار! ترس توڙان ئي نه ٿئي.“
سڄي ٻروچڪي ذات جي خلاف فرياد ڪيل آهي. ٽالسٽاءِ
جو جيڪو دور آهي، ان تي توهان گورڪي ۽لينن جا مضمون پڙهي ڏسو. تمام وڏي عالماڻي ۽ شاندار
شيءِ آهي. هتي مسئلو آهي ته توهين محبوب کي ڪهڙي ڪانٽيڪٽ ۾ ڏسو ٿا. توهان جي ان باري
۾ انڊراسٽينڊنگ ڇا آهي؟ توهان جون پنهنجي محبوب جي باري ۾، آدرشي فنڪار، اديب يا رهنما
جي باري ۾ تقاضائون ڪهڙيون آهن. توهان جون تقاضائون اهي آهن ته ٺهيو ٺڪيو ويٺو هجي،
ٻچڪارون پيو ڪري. خوش پيو ٿئي. اهو توهان سان اٿي ڪي ميدان سر ڪري، زمين ۽ آسمانن جون
قسمتون بدلائي؟ توهان جو تقاضائون ڇا آهن؟ جڏهن هو ان اسٽينڊرڊ تي پهچي ٿو..... توهان
کي شڪايت آهي ته.... اوهان لاءِ مڙئي خير آهي، مڙئي خير آهي.
ڪن سماجن ۾ رڳو ماڻهو طعني تي جيئندا آهن، رڳو
نايل تي گذران هوندو. جنهن زماني ۾ اياز طعنو هو، جڏهن اياز بدنام هو، اياز جو شعر
باغي هو، بحث هيا، ڪتاب لکبا هئا. حميد سنڌي صحيح چيو آهي ته، اسين گڏ هياسين جڏهن
اسين ڏهاڳ هياسين ڪتاب زده هئاسين، چريا هئاسين، معذور هئاسين، تڏهن اياز ٺهيو ۽ کيس
ڪلهن تي کنيوسين. هيري وانگر، راتيون ڏينهن صبح شام اسان ان شيءِ کي اڳتي وڌايو.
مون کي ياد آهي ته، حميد سنڌي جنهن جو ذڪر ڪيو
آهي، اياز لکيو ” شعلا شعلا پل پل، جل جل مشعل جل“ واقعو ٿيندو هو. اياز شعر لکندو
هو. هڪڙو دور آيو، اياز شعر لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن ڊس اون ڪيو. اسان اياز جي پهرين زندگيءَ
کي اون ٿا ڪيون. اسين گڏجي پهرين زندگيءَ کي اون ٿا ڪيون. اسين گڏ آهيون. آئون چوان
ٿو، اياز هڪ دور جي علامت آهي. اهو ضروري ناهي ته اسين اياز جي سمورن شعرن سان اتفاق
ڪريون. ائين نه ٿو ٿي سگهي. وڏيري سان اسان وفادار ٿي سگهون ٿا. وڏيري جي اڳيان سڄي
عمر ماڻهو هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا. بابا بچين شل ۽ جيئن تون ڪرين، صحيح ٿو ڪرين. آرٽ ۾
ائين نه ٿيندو. شاعريءَ ۾ هڪڙو شعر فرسٽ ڪلاس، ٻيا اجايا. لطيف جا ڪيترائي شعر بلڪل
ناقص شعر آهن. حافظ جا ڪيترائي شعر روايتي، معمولي آهن، تنهن جو ڪري ڪو ڪو شعر ٿيندو
آهي. ڪا ڪا شيءِ ٿيندي آهي، آرٽ ۾ اها شيءِ سڄي ڪم جي ڪري آهي.
اياز اسان وٽان هليو ويو آهي، پر هو هميشه ياد
رهندو. اڄ آئون هن مختصر گفتگو ۾ چوان ٿو ته:
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين،
ستي ساهه جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور، سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا، رهگذر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون باراتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين ساز آهيون،
سوين چنڊ چاهيون، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون، پرين،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
اياز
گلاب جي گل جهڙو
سرجڻهار
زاهده حنا
هڪ زمانو گذريو جو سنڌ ۾ خوشين جي اچڻ واري رسم
اڃا ورهائي نه هئي ۽ هاڻي هن جي پيرن ۾ درد جا ڪنڊا، ان جي چپن تي اڃ جا پاڇولا ۽ ان
جي سرن ۾ ڏک ڀريا آلاپ آهن. سنڌ جو اهڙو ڏک ۽ درد منهنجي اندر ۾ سمايل آهي. يقينن ان
لاءِ سنڌ جي حوالي سان ڪڏهن به هوا جو ڪو تازو جهوٽو اچي ته دل باغ بهار ٿي ويندي آهي،
جڏهن ٽپال مان مون کي ”شيخ اياز جا خط“ ملندا هئا ته ائين ئي محسوس ٿيندو هو جيئن سنڌو
لهرن کي ڇهي ڪري صبح جي هوا آئي هجي ۽ ويراني ۾ بهار آئي هجي.
شاهه لطيف جيڪڏهن سنڌي ادب جو تاج محل آهي ته
شيخ اياز کي ان جو قطب مينار ڪوٺي سگهجي ٿو. هو شاهه لطيف کان پوءِ سنڌي ادب جو ٻئي
نمبر تي سڀ کان وڏو نالو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به شايد ڪوٽيون هن جي هم سريءَ جي دعويٰ
نه ڪري سگهي. هن جي ادبي زندگي اڌ صديءَ کان به وڌيڪ آهي ۽ ان اڌ صديءَ دوران صرف اڪيلي
شيخ اياز جيترو نالو ڪمايو، اوترو ئي نالو سنڌ جا جملي اديب گڏجي به حاصل نٿا ڪري سگهن.
اهو ئي سبب آهي جو شيخ صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا عزت، شهرت ۽ محبت ڪمائي، شايد ئي
سنڌ جو ٻيو ڪو اديب اهڙو ملهه لهي سگهي.
اردو دنيا ۾ به شيخ اياز جو اعتراف ڪيو وڃي ٿو
۽ هن کي پنهنجن مان ئي سمجهيو وڃي ٿو. ۵۸ع واري مارشل
لا سنڌي زبان تي جيڪي حملا ڪيا ۽ پوءِ ۷۲ع واري جهموري
حڪومت سنڌي ۽ اردوءَ جي وچ ۾ جيڪو ملاکڙو ڪرايو، ان ٻنهي زبانن جي اڪثر اديب اديبن
کي متوازن ڪري ڇڏيو. هڪ اهڙي زهريلي فضا ۾ شيخ اياز ٻنهي طرفن کان انهن ڪجهه ڳڻيل اديبن
مان هڪ هو، جن کي وقتي شهرت ۽ مقبوليت لاءِ پنهنجي تحريرن مان رواداري، مروت، محبت
۽ وضعداريءَ کي نپوڙي نٿو سگهجي. هو اهڙن نام
نهاد اديبن مان هو، جيڪي قلم مان خنجر جو ڪم وٺندا هئا ۽ دلين جا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا هئا.
هو انهن مان هو جيڪي قلم جي نوڪ سان دلين کي رفو ڪندا آهن.
شيخ اياز سان قلم جو رستو آخري ساهه تائين جاري
رهيو، هو لکندي ڪاغذن جا ڍير لڳائيندو رهيو، هن ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ” مهراڻ“ جي ايڊيٽر ۽ سنڌ جي اديب
ابراهيم جويي جي فرمائش تي ڪجهه ادبي خط به لکيا هئا. اهي خط جن جو تعداد ۲۲ آهي، تاريخو ادب ۽ زندگيءَ جي مختلف معاملن ۽ موضوعن کي سهيڙين ٿا. اهي
خط سنڌ پنجاب ۽ بنگال جي مختلف شهرن مان لکيا ويا ۽ هڪ وڏي اديب جي نظر سان جاگرافي
۽ ان جاگرافيءَ ۾ رهندڙ زندگيءَ جو جائزو وٺڻ هو. انساني نفس ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل
رهي ٿو ۽ انهن مسئلن جي نشاندهي شيخ صاحب پنهنجي خطن ۾ ڪئي آهي. انهن خطن جو سنڌي مجموعو
گهڻو پهريون شايع ٿي چڪو هو ۽ جڏهن مون کي ان جو اردوءَ ۾ ترجمو مليو ته دل ڏاڍي خوش
ٿي ۽ ميرپور خاص جي ڪرن سنگهه لاءِ دل مان دعا نڪتي، جنهن شيخ اياز جو اهڙو عمدو تحفو
اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، مان ان عمل جي قائل آهيان ته مختلف زبانن جا ترجما اسان کي
نئين تخليقي دنيائن کان آشنا ڪن ٿا ۽ ڪيترن ئي غلط فهمين ۽ ڪيترن ساڙن جا ڪنڊا اسان
جي دلين مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪن ٿا.
”شيخ اياز ڪي خط“ کان پهرين ڪرن سنگهه شيخ اياز
جو هڪ ڪتاب ” ساهيوال جيل جي ڊائري“ جو به ترجمو ڪيو هو ۽ ان کي به اردوءَ حلقي ۾ ڏاڍي
مڃتا ملي هئي ۽ هاڻ هي خط اردوءَ جي ادبي دنيا ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين موضوع گفتگو رهندا.
سنڌي هجي يا اردو ٻنهي زبانن جو ادب اڄ پنهنجي
پڙهندڙن جي ڳولا ۾ آهي ۽ شيخ اياز اهڙي عذابناڪ معاملي کي ۱۹۵۵ع ۾ ئي محسوس ڪيو هو، تڏهن ئي تن هو پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته:
”هاڻي توکي ڪير ٿو پڙهي؟ اي بي معنيٰ انسان، هاڻ
تو کي ڪير ٿو پڙهي؟ صرف هي چار سيڪڙو انسان، جن جي ابي ڏاڏي جي مالي حيثيت صرف ايتري
هئي ته هو پنهنجي اولاد کي جديد تعليم کان آشنا ڪري سگهن؟ نه... نه اهي به نه، انهن مان صرف ٻه ٽي سيڪڙو لٽ
مار ۽ وٺ وٺان ۾ ايترا مصروف آهن جو انهن کي تنهنجي حسن جي تخليق مٿان نظر وجهڻ جي
فرصت به ناهي. شايد هو تنهنجي باغ بجاءَ ڪنهن حسين جسم جي پيرن مان مرجهايل گل چونڊڻ
پسند ڪندا. آخر تون ڪنهن لاءِ لکين ٿو؟ جيڪڏهن مان انسان جي بک، اڃ ۽ ڏک سک جي باري
۾ لکان تڏهن ئي اهي تعليم يافيه، سرمائيدار ۽ اعليٰ طبقي جا فرد پڙهي سگهن ٿا. نه،
نه اهڙي ادبي تخليق انهن مان ڪوئي به نه پڙهي سگهندو، ڪوئي به نه، باقي بچيل هڪ سيڪڙو
به نه. ته پوءِ مان ڪنهن لاءِ لکان؟ هي رات جو بکايل فقير ته پڙهڻ نه ڄاڻي ۽ جي پڙهي
به وٺي ته ڇا منهنجي تخليقي مطالعي سان هن جي بک ختم ٿي ويندي. قلم، قلم، قلم هن وقت
سموري اوڀر ۾ قلم جي ڪا به اهميت نه آهي. قلم انسان جي بک مٽائي نٿو سگهي، ۽ ان بک
کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن توهان حالتن سان مقابلو نٿا ڪيو ته اي قلمڪار! تون به زندگيءَ
جي گنهگارن مان آهين ۽ تاريخ جي حساب واري ڏهاڙي تون ڪنهن به معافيءَ جو مستحق نه هوندين.“
سنڌ جا ڏک انهن خطن ۾ ڪنڊن وانگر ڦٽي پيا آهن،
جيڪي پڙهندڙن جي اکين ۾ چڀن ٿا.
”ڳالهيون ڪندي مون بيلدار کان پڇيو ته توکي پگهار
ڪيتري ملندي آهي؟“
”صاحب، ڇا ٿا پڇو. صرف ۴۰ رپيا پگهار ملندي آهي. مون کي ٽي ٻار، زال ۽ ماءُ آهي. بصر ماني به مشڪل
سان نصيب ٿين ٿا. سامهون لانڍيءَ ۾ شباني ٻروچ رهن ٿا، انهن وٽ مينهون ۽ ٻڪريون آهن.
انهن وٽان ڪڏهن مفت ۾ لسي ملندي آهي ته عيش ڪري وٺندا آهيون. خدا جو شڪر آهي ته هن
اسان جو تن ڍڪي رکيو، نه ته توهان ڏسي رهيا آهيو ته اڄڪلهه مصيبت ۾ ڪير ڪنهن جو ٿئي
ٿو. سڄو ڏينهن پاڻيءَ مان دٻا ڀري بند تي ڇڻڪاريان ٿو ۽ اهي دٻا کڻي کڻي منهنجي ڪلهن
تي داڳ پئجي ويا آهن.“
هن مون کي پنهنجي ٻنهي ڪلهن جا ڪارا داغ ڏيکاريا،
جيڪي ڪنهن تهجد گذارجي پيشانيءَ تي ٺهيل محراب وانگر لڳي رهيا هئا.
”صاحب سڀاڻي عيد آهي، اسان کي اڃا تائين پگهار
ڇو نه ملي آهي؟ پگهار ملي ته ٻارن لاءِ نئين قميص سبرائي وٺجي.“
انهيءَ لمحي مقدم چيو ”صاحب، مون کي ۵۰ رپيا پگهار ملندي آهي، پر ان مان منهنجو گذارو نٿو ٿئي، خدا ڄاڻي هن ڀيري
پگهار ڇو نه ملي آهي؟ ٻارن کي هڪ ويلو ماني نصيب ٿئي ٿي ته ٻيو نه.“
۱۹۵۵ع جي سنڌ جي تصوير اياز
جي ان خط مان نظر اچي ٿي، جيڪا اڄ به ساڳي آهي.
مقدم، بيلدار، هاري ۽ ڪلارڪ ساڳي طرح بکيا آهن،
جڏهن ته اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ گلاب وانگر ٻهڪيل چهرن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي خدمت جو
قسم کنيو آهي. پر ڇا سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ آباد اڪثر چهرن تي ڏک جا اهي پاڇولا
۽ اکين ۾ گهري نا اميدي انهن کي نظر نٿي اچي، جن کي ڏسي اسان جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي
ٿي.
سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام، شاهه لطيف، صوفي شاهه
عنايت کان شيخ اياز تائين سڀن جي اکين ۾ ناسور رهيو آهي ۽ شيخ اياز کي ڀورڀن ( ڪوهه
مري) جي جهنگن ۽ منظرن ۾ به اهو ناسور ياد اچي ٿو ۽ هو ٽالسٽاءِ جي ” اينا ڪرينا“ پڙهندي
جاگيرداري نظام کي هڪ نئين زاويي سان ياد ڪري ٿو:
”هي ڪتاب مون پهريون به پڙهيو هو، پر ان وقت ذهني
طرح ايڏو بالغ نه هئس جو ٽالسٽاءِ جي ڪردار نگاريءَ جو پورو لطف حاصل ڪري وٺان. ساڳي
طرح مون اولهه جي ڪلاسيڪي ادب کي به بار بار پڙهيو آهي ۽ هر ڀيري نئون لطف حاصل ڪيو
آهي. مون اولهه جي جديد ۽ قديم دور جا تقريبن ناول پڙهيا آهن، پر منهنجي خيال ۾ ٽالسٽاءِ
جي مقابلي جو ادب دنيا ۾ اڃا تائين پيدا نه ٿي سگهيو آهي. انسان جي ڪمزورين ۽ خامين
جو ايڏو ادراڪ ۽ ان جي باوجود انسانن سان ايڏي محبت، ماحول جي اهڙي دلڪش عڪاسي ۽ تاريخي
ارتقا جو درست اندازو، انسان جا ابدي مسئلا، زندگي ۽ موت، جواني ۽ ڪراڙپ، گناهه ۽ ثواب
وغيره جو هڪ اهڙو گهرو مطالعو دنيا کي نصيب نٿو ٿئي ۽ خاص طور تي سنڌي اديب لاءِ ته
ٽالسٽاءِ جو مطالڳو ته بيحد ضروري آهي، ڇو جو اسان به ان زمينداري ۽ جاگيرداري نظام
۾ رهون ٿا، جيڪو ٽالسٽاءِ جي دور ۾ هو.“
۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ شيخ
اياز کي يقين هو ته سنڌ زمينداري ۽ جاگيرداري نظام مان لنگهي رهي آهي، پر ان وقت هن
جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته سنڌ جون سون پيدا ڪندڙ هزارين ايڪڙ زمينون ريوڙين ۽ پتاشن
وانگر خاڪي ورديءَ وارن کي خدمت جي صلي ۾ ورهائجڻ واريون آهن ۽ سنڌ کي نوان ڏک ڀوڳڻا آهن ۽ نين ذلتن جو منهن ڏسڻو
آهي.
هونئن ته شيخ اياز جا اڪثر خط دل ۾ چڀن ٿا، پر
۱۹۶۱ع جي آگسٽ ۾ هن هڪ خط سيدو شريف مان لکيو
هو ۽ ان ۾ منصور حلاج جي نعري ”انا الحق“ جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي زبان کي ڏند سان زخمي ڪري وٺي ٿو ۽ ان کان سوال ڪري ٿو ته:
”خبر ناهي ته سارا سچ ڪڏهن چوندي؟ خبر ناهي ڪڏهن
توکي ڪهي ڪري ڦٽو ڪندا؟“
”ڀاءُ ڇا انسان ڪڏهن ڪٽيل زبان کي ٻيهر پوکي نه
ٿو سگهي؟ منهنجي خيال ۾ جڏهن بهار جو پهريون جهوٽو گهلندو ته اهي دل ضرور ٽڙندا ۽ انهن
مان گلاب جي گل جهڙو سچ نکري پوندو“
حق اهو ئي آهي ته سچ ڳالهائيندڙن جون زبانون
۽ آڱريون ڪٽيون وڃن، تڏهن به هو هر زمين ۽ موسم ۾ پنهنجو بهار ڏيکارين ٿا. اياز جي
انهن خطن ۾ جيڪو سچ سمايل آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، سچ موسمن جو محتاج نه آهي
۽ سدا بهار آهي. اياز هڪ وڏو ۽ سچو اديب هو، تڏهن ئي ته هن جو لکيل سچ هن کان پوءِ
به اسان کي بهار ڏيکاري ٿو.
شيخ اياز
سنڌ جو شاعر، دلين ۽ ضميرن جو شاعر
ڪلال
اڄ اياز جي ورسي آهي. ان ڏس ۾ اچو ته کيس ساريندي،
سندس ٻه چار ڳالهيون ڪريون.
۱. هيءَ هُرکُر رين بسيرن
جي،
ٿي ويندي ساک سويرن جي.
۲. آيا ويا سڪندر سيوهڻ
اڃا اُتي آ،
هو کيرٿر کڙو آ ويندا رهيا وناسي
۳. آل اڏاڻا رنگ- رتي
آڪاس ۾
۴. تون ته ڪنڌيءَ جو
ڪانڌ ميان
هاءِ ڪنڌيءَ ۾ منهنجو من.
۵. پورهيت لاءِ ديس به
ساڳيو- پرديس به ساڳيو.
۶. ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سچ وڏي شيءِ آهي.
۷. دودا تنهنجو ساهه
ته ويندو- ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
۸. هر روز پتنگا ڄرڪن
ٿا
ڏس! ڏئي لاٽ اها ئي آ.
۹. اڄ رات لڙي هو اچڻو
آ
تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي.
چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به فنپاري سان سٻنڌ پيدا
ٿيڻ سان لڳندو ائين ئي آهي ته اهو سچ آهي، يا ڳالهه ائين ئي آهي يا ٿيندي آهي. شعر
ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي نفسياتي تسڪين اچي وڃي. ٻڌڻ واري کي لڳي ته اها ته سندس دل جي ڳالهه
آهي يا ته سندس دل ۾ به اها ئي ڳالهه آهي.
اسان جي سنڌ جي شاعر اياز جي ڪيترين اڻ ڳڻين
لکيل سٽن مان تمام ڪي ٿوريون اهڙيون سٽون مٿي لکيون ويون آهن، جيڪي پڙهندي يا جهونگاريندي
لڳندو آهي ته دل چپن تي اچي وئي آهي! ماڻهو جو پنهنجو اعتماد پختو ٿي ويندو. ماڻهوءَ
جي ڪنهن ابدي حاصلات يا سوڀ جي خاطري، ايمان جو روپ وٺي ويندي آهي. ڪيڏيون نه آهن هي
اتساهڪ سٽون!
”مون مرڪي پنهنجو پانڌ ڏنو- رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن
جي.“
اياز، جنهن جو نه فقط سچ لاءِ ويڙهاند جي ڏس
۾ سچ جي سوڀ ۾ ايمان پختو هو، پر سچ ڪنهن لاءِ ۽ ڇو وارن سوالن جي جواب جي مرڪزي نقطي
۾ به سندس اوترو ئي وڏو اعتبار هو. يعني ماڻهوءَ ۾، ماڻهوءَ جي سچ کي پيار ڪرڻ ۾، ماڻهو
جي آزادي جي اڻ مٽ چاهنا ۽ ان چاهنا جي املهه وڏائي ۽ اهميت ۾ به!
ڏس! ته وانجهي ٿي،
چڱائيءَ کان خدائي ڪا نه آ،
ڏس ته هر ڪنهن ۾ برائي ڪا نه آ!
اهو ئي ته آهي انسان جي سچائي ۾ ابدي
ايمان!
اياز اسان کي اسان جي زندگيءَ جي هر پرت ۽ پهلوءَ
کي نمايان ڪرڻ واري شاعري ڏني. پر منهنجو خيال آهي ته اياز جي زندگي جو هڪ فنڪار طور
۽ هڪ اُستاد طور هڪ ٻيو نهايت اهم ۽ نمايان پهلو اهو آهي ته اياز اسان کي جبر کان نفرت
ڪرڻ سيکاري، شديد نفرت!
اُن شخص جي وجود ۾ نهايت آزاد روح سمايل هو،
جيڪو سڄي عمر باغي رهيو. هي آزاد مزاج شخص سڄي عمر غير مقلد ٿي رهيو. هن فلسفن ۽ نظرين
کي سدائين انسان ۽ ان جي زندگي ۽ زندگيءَ جي حسن جي حوالي سان ڏٺو، پرکيو، پروڙيو،
پوءِ اختيار ڪيو ۽ پرچاريو ۽ ان ۾ ڪا به انساني نفسياتي ڪمزوري رڪاوٽ بڻجي کيس آڏو
ڪا نه آئي. هن شين، فلسفن ۽ نظرين کي فئشن طور، ڪنهن حضور شرمي ۽ دوستن جي دل وٺڻ لاءِ
اختيار ڪو نه ڪيو، نه ئي رد ڪيو پر انساني محبت ۽ وقار جي حوالي سان ڏٺو، اختيار ڪيو
يا رد ڪيو.
اياز عين اهڙي دور ۾ اوڀر يورپ جي باغي ۽ رياست
جي ڏاڍ جي شڪار اديبن کي پڙهيو ۽ انهن جي جرئتن کي اظهاريو ۽ واکاڻيو، جڏهن سڄي دنيا
جي مظلوم قومن توڙي طبقن خاطر ويڙهاند ڪرڻ وارن سپاهين، دانشورن، قومي ڪارڪنن ۾ اوڀر
يورپ جي ملڪن جي حڪومتن جي سرپرستن جي بلي بلي هئي. ان شخص ان ڳالهه لاءِ اتساهيو ته
”نظريو ٻيو آهي ۽ سچ ٻيو آهي، سچ نظريي کان ٻاهر به هوندو آهي.“ ڪارڻ فقط اهو هو ته
شاعر کي ڪنهن به ”مقدس“ نالي ۾ ٿيندڙ جبر قبول ڪو نه هو.
اياز جي شاعري جي حوالي سان هڪڙي ننڍڙي ڳالهه
ٿا لکون. شاعريءَ جي يا شاعر جي اها اهڙي خوبي آهي جيڪا پڙهڻ لاءِ تمام ورلي يا گهٽ
ميسر ٿيندي آهي. مثال طور لطيف جون ڪيتريون ئي سٽون اهڙيون آهن جن ۾ موسيقيءَ جو رنگ
شامل آهي، نه فقط لئي، پر سُر به. مثال طور سر راڻي جي هيٺين سٽ،
”آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاخون،
جت چوکا چندن- ڪؤنر.
اهڙي طرح لطيف جون ڪيتريون ئي سٽون اهڙيون لڀنديون
جن ۾ شاعريءَ سان گڏ مصوري شامل آهي، يعني ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته شاعريءَ جي ماڌيم
پنهنجو روپ رنگ ۽ ڪارج مٽائي مصوريءَ جي ماڌيم جو روپ اختيار ڪري ورتو هجي يا ائين
چئجي اها رنگن جي نه پر لفظن جي مصوري هجي. مثلن: ڪاموڏ جون ڪجهه سٽون،
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه
يا هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن.
ائين اياز جي مصوراڻي يا تصويري شاعري به آهي،
جنهن کي ٿورو به ڳوڙهائي سان ڏسجي ته لڳندو آهي ته اها سٽ لفظن جي مصوري ته آهي ئي
آهي پر تصوير برش سان نه پر ڪئميرا جي اک سان نڪتل هجي.
”هيءَ شام جو مياڻي- هي سون رنگ پاڻي،
تڙ تي ٻه چار ڏيئا- نڙ تي ٻه چار لاسي.“
ساڳي غزل جو هڪڙو ٻيو شعر آهي،
”منهنجي اُڪير ڇاهي- هي چٽ چيٽ من ۾،
مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي.“
غور ڪبو ته انهن شعرن ۾ فطرت جي مصوري به آهي
ته ياداشت (Memory) جي مصوري به.
ون يونٽ مخالف دؤر ۾ اياز جيڪا بي مثل ۽ بي بها
شاعري اسان کي ڏني، ان سموريءَ ۾ جيڪا لئي آهي، اها مورچي تي وڙهندڙ سپاهي لاءِ، دشمن
جي صفن تي سر جو سانگو لاهي، هلان ڪرڻ لاءِ وڏو اتساهه هئي، نعرو هئي ۽ جذبو هئي.
هي اهو دؤر هو، جڏهن اياز ساڄي ڌر جي آدمخوري
وارن روين جو شڪار بڻيو هو، جڏهن مولانا غلام محمد گراميءَ اياز جي بچاءَ ۾ سنڌي ادب
کي بي بها مقالو ڏنو هو، ۽ اياز اڄ اُتي جو اُتي، ائين جو ائين موجود ۽ قائم دائم آهي.
پر نئين نسل جي سنڌين کان پڇو ته ”ٻچا اوهان ڪو رشيد لاشاري ٻڌو. ڪڏهن ابراهيم خليل،
سردار علي شاهه ذاڪر يا منصور ويراڳيءَ جو ڪو ٻڌو ڪو سڻو!؟ اهي سڀ تاريخ جي گرڻ ۾ غرق
ٿي ويا ۽ پٺيان نه نالو نه نشان!
ان سلسلي ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي، جو اياز
چيو،
”هي بي سمجهه سمجهو- هي اڻ ڄاڻ ڄاڻو،
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو.“
يا، سچل جي ترجمي ۾ لکيائين،
”شعارِ خاص سي الجهي، شعورِ عام سي الجهي
همارا مسلڪِ پرواز ڪس ڪس دام سي الجهي.“
سو اياز به ساڳئي فنڪاراڻي اڪيلائي ۽ solitude جو نشانو بڻيو. خبر ناهي ته اهي ڇو اڪيلا هوندا آهن؟ ڇا ان ڪري جو سندن
دل کي ڇهڻ وارن انسانن جي کوٽ هوندي آهي؟ ڇا ڪو سندن دل جي ڳالهه کي پروڙي ڪو نه سگهندو
آهي؟ هڪڙو ڪارڻ ته اهو به آهي جو سندس ڪيترن همعصرن جو ساڻس رشڪ، ساڙ يا ڪيني جو روپ
وٺي ويو هو. سچ آهي ته اياز جي موجودگيءَ ۾ (اياز اڄ به موجود آهي) چڱا ڀلا ماڻهو،
هالار جي چوٽيءَ کان اوچا هئڻ جا دعويدار ماڻهو پاڻ کي ڄامڙو سمجهي ويهندا هئا، پر
پنهنجي ڪوتاه قد جو اعتراف ڪرڻ جي نه انهن ۾ صلاحيت آهي نه ئي جرئت. ڪارڻ آهي سندن
ڪمتريءَ وارو احساس، ۽ ڇهه فوٽو نڪ!
سو اياز کي فقط ساڙ وچان ساڄي ڌر جي انتهاپسندن
ڪو نه ننديو پر اُهي اسين جيڪي کيس پنهنجو چوندا رهياسين، تن ته ان کي قتل به ڪيو!
ٻچاپڙائيءَ جي حد اها آهي ته هڪ پاسي سنڌ جي هن فرزند، هڪ ”انقلابي شاعر“، سنڌ جي هڪ
ٻئي عظيم فرزند ”شاعر انقلابي“ جي آڇ تي مادر علميءَ جو سربراهه ٿيڻ جو اهڙو ڪو ”اپراڌ“
ڪيو جو کيس ”غدار“ به چيو ويو! ته ٻئي پاسي سندس وائي کي ”قومي ترانو“ ڪوٺي ڳايو ٿو
وڃي ۽ ائين شاعر کي غدار ڪوٺڻ کان وڌيڪ شاعر جو قتل (سو به کيس پل پل گهاڻي ۾ پيڙهيندي
رهڻ ذريعي) ٻيو ڪيئن ٿيندو آهي؟ ڇا فقط ان ڪري جو سندس حب الوطنيءَ جو تصور اسان هٿ
ٺوڪين وطن جي محبت ۽ سپاهين جي تصور کان هٽيل هو يا ڪو سياسي ڪارڻ هو، يا سياسي سچ
جو اختلاف هو؟ ڇا شيخ اياز کي شيخ مجيب الرحمان جي ڪيل ”ڏوهه“ جي سزا ملڻي هئي، جنهن
اياز کي ايوب کهڙي، علي محمد راشدي ۽ آغا صدر الدين تي اوليت ڏني هئي؟
ها سالن کانپوءِ، ”غدار“، ”غدار“ جو شورِ محشر
هلندي اياز جڏهن نروار ٿيو ته چيو هئائين،
”جيءَ نه اچي جهل، توکي ڪهڙي ڪل،
مون کان سنڌ نه وسري!
چپ، ڪچيون ڪچنار جون،
مکڙيون ماڪ ڀنل.
يا اهو ته، ڳوٺ کٿوري واسيا- اٺن جي اوڳر
پنهون آهي پنڌ ۾.
سو اهو هو اياز ۽ اهي آهيون اسين، جن پنهنجي
ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ صوفي لاڪوفي هئڻ جي وڏين دعوائن هوندي به اياز جو اختلاف
پسند، قبول ۽ برداشت ڪو نه ڪيو! اسان ته اياز کي ”ڪفر“ جو حق به ڪو نه ڏنو! اسان ان
جي ”ڪفر“ جي حق تي جلهون ڪيون. اڄ به ڪريون پيا. اڄ به اسان اياز جي جسم کي، شاعر جي
وجود کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڪوريندا ٿا رهون.
پڇاڙڪا اکر: ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو خيال، تمنا جو روپ
اختيار ڪري ويندو آهي. دل چاهيندي آهي ته جيئن اٽليءَ جي شهر فلورنس جي ”سسٽائين“ ديول
۾ اٽليءَ جا مائيڪل اينجلو ۽ ٻيا به ڪيترائي سنگ تراش، مصور، شاعر، موسيقار ۽ فنڪار
هڪ هنڌ ئي دفن ڪيا ويا آهن، ائين سنڌ جا وڏا دانشور ۽ فنڪار اياز جي پاسي ۾ پاڻ کي دفن ڪرائڻ جي وصيعت ڪري ڇڏين...
انهن ۾ اهي Trouble shooter دفن ٿيڻ کان پاسو ڪن، جيڪي سڄي راڄ سان ڏايو ويٺا
هوندا آهن پر جيڪڏهن دفن ٿي به ويا ته به ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، جو ان ئي ساڳي سسٽائين
ديول ۾ مائيڪل اينجلو دفن آهي ته ميڪاولي به دفن آهي!
اياز
ننڍي کنڊ جي اکين ۾ چمڪندڙ
رکيل مورائي
اهو ڏينهن سنڌي ادب ۽ سنڌ لاءِ اڀاڳو هئو، ٻئي
طرح اُن ڏينهن تي هن سڄي ننڍي کنڊ جي هڪ قديم ٻوليءَ جو جديد شاعر پنهنجي اندر ۾ ڪيترائي
اڻ رچيل گيت سانڍي، اسان کان جدا ٿي ويو. اهو اٺاويهن ڊسمبر جو ڏينهن هئو، اڄ ان ڏينهن جي يادگيري ۽ ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر
جي يادگيري جو ڏينهن آهي، جيڪو هن کنڊ کان ڪڏنه به وسريو نه آهي. جنهن پنهنجي وفات
کان اڳ ئي لکي ڇڏيو هئو ته:
اي سنڌ توکي الوداع،
اي هند توکي الوداع،
تو ۾ هئو سارو جڳت،
اي جند توکي الوداع.
ها هن برابر اسان کي الوداع چيو پر اڄ جي تاريخ
تائين اسان هن کي الوداع نه چيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان هن کي الوداع چئي، پنهنجي تاريخ،
تمدن، تهذيب، ٻولي ۽ ڌرتيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهيون، هو اسانجي ننڍي کنڊ جي
تاريخي شعور جي علامت هئو، هن جا گيت هن کنڊ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جا گيت آهن ۽ پڪ سمجهڻ
گهرجي ته سنڌ سميت هن ننڍي کنڊ، جيڪڏهن هن جا گيت وساريا ته پڪ سان هن پنهنجي تاريخي
شعور کي وساريو ۽ جڏهن ڪي به قومون پنهنجي تاريخي شعور کان وانجهيل هونديون آهن، ته
ايئن سمجهيو ته انهن پنهنجو حافظو وڃائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجو حافظو وڃايو
ته اها ختم ٿيڻ ۾ دير نه ڪندي، سنڌي قوم پنهنجي حافظي کي بحال رکيو آهي. جنهن ڪري اها
هن دور ۾ ڏاڍاين خلاف عملي طور وڙهي آهي، پوءِ ڀلي ان ڪڏهن شڪست کاڌي آهي ته ڪڏهن فتح
ماڻي آهي، پر اهو سمجهڻ گهرجي ته ان سموري عمل جي پويان هن جو حافظو ئي آهي جنهن ذريعي
هن پنهنجو تاريخي شعور سنڀالي رکيو آهي، ۽ ان تاريخي شعور ڏيندڙ سر چشمن مان اسان وٽ
اول نالو ڀٽائيءَ جو اچي ٿو، جنهن جو تسلسل ڪيترائي شاعر ۽ اديب آهن ۽ ان جو جديد اهڃاڻ
شيخ اياز آهي.
شيخ اياز سنڌ ۽ هن کنڊ جو اهڙو شاعر آهي، هن
کنڊ کي اپکند ڏسڻ جي خواب کي آخري گهڙي تائين اکين ۾ سانڍي رکيو. ۽ اهڙو اظهار هن پنهنجي
ڪتابن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪيو آهي. هن نه رڳو عام ماڻهوءَ کي زبان ڏني پر ان جي خلاف هر
آمريت کي للڪاريو. هو سنڌين سميت سڀني مظلومن
جو آواز هئو، اهڙو اظهار هن جي شاعريءَ ۽ نثر ۾ مسلسل آيل آهي. اياز هن کنڊ جو آئينو
۽ سنڌ جو اهڙو شعور آهي، جيڪو اڳتي هلي، هڪ اهڙي روشني آڻيندو جنهن ۾ هي سمورو جڳ جرڪي
پوندو، گڏوگڏ سنڌ ان روشنيءَ ۾ جيڪو سفر ڪندي ان جو اظهار اياز جي هن نظم جي سٽن ۾
آهي.
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آنءُ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري ۽ برج لڏن،
تون هيڻو آنءُ هٿيارن سان.
هو مني صدي لکندو رهيو، جڏهن کان قلم هٿ ۾ کنيائين
زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين ان سان نڀاءُ ڪيائين، ايستائين جيستائين سندس ساهه آخري
هڏڪي ڏئي هوا ۾ هوا ٿي ويو. اهو اٺاويهين ڊسمبر جو اڀاڳو ڏينهن هئو، جيڪو سنڌ جي ادبي
تاريخ کان ڪڏهن به نه وسري سگهندو. اڄ هو جسماني طور موجود نه آهي، پر سندس شعرن مان
ڦٽي نڪتل روشني پنهنجو شعاءُ هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڌائي رهي آهي. ادبي حوالي ۾ هن سنڌ
کي ايترو سڪار ڏنو آهي، جو اهو سنڌ کي سدائين سيراپ ڪندو رهندو اياز پاڻ چيو:
ڏات جو ڪوئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو.
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سڪار،
ڏات جو ڪو ئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو.
۽ اسان کي اميد آهي ته سنڌ شاعريءَ جي حوالي ۾ ڪڏهن به ڌڪاربي ڪا نه، ڇاڪاڻ ته اياز
کان پوءِ اڄ تائين لکندڙ نسل ان روشني ۾ سفر ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان ان سفر جي منزل
اياز جو خواب ئي آهي.
شيخ اياز
زندگي، عشق ۽ حُسن جو شاعر
تاج جويو
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب: ”گهاٽ مٿان گهنگور
گهٽا ۾“، هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”منهنجي شاعري، چانڊوڪيءَ وانگر رهجي ويندي.“ هيءَ سٽ
هِن اُن زماني ۾ لکي هئي، جڏهن يو ايس ايس آر جي شڪست ويخت کان پوءِ، هن جي آڏو، فرينچ انقلاب ۽ روسي انقلاب جي
محنت ڪش عوام جي برابريءَ وارو اقتصادي تصور ڊانوان ڊول ٿي ويو هو؛ ۽ جڏهن اياز جي
ذاتي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙا واقعا رونما ٿيا هئا، جو هن جي دل جو آئينو ڀور ڀور ٿي
پيو هو. ان ئي دور ۾ هن سوچيو هو ته، ’جيستائين صاحبِ ڪردار شخص اقتدار ۾ نه ٿا
اچن، تيستائين اقتصادي تبديلي ڪوئي انقلاب آڻي نه ٿي سگهي‘، ۽ هن اهو به نتيجو
ڪڍيو هو ته: ”جمهوريت ڪيتري به بُري هجي، پر اُها هر آمريت کان چڱي آهي.“
ان ئي احساس هيٺ، شيخ اياز جي فڪري ارتقا ۾
هڪ موڙ آيو، ۽ هن انساني ۽ ذاتي زندگيءَ جي اوڻاين تي نئين نظر وڌي؛ ۽ سنڌ ۽ دنيا
کي پنهنجين تخليقن جي ’نئين دنيا‘ پسائي. اِن عرصي ۾ مٿس دل جا ڪيترا اٽئڪ به ٿيا؛
پر ڊاڪٽرن جي منع جي باوجود، هن نثر ۽ نظم ۾ تمام گهڻو ادب لکيو. نثر ۽ شاعري مٿس
برسات جي اوهيرن وانگر نازل ٿي، ۽ مختصر عرصي ۾ هن ڪيئي ڪتاب لکي ورتا. هو راتين
جون راتيون جاڳي لکندو هو ۽ ڪڏهن ته ننڊ- جاڳ واري ڪيفيت ۾ بنا بتيءَ ٻارئي لکندو
رهندو هو. اياز جون اهڙيون تحريرون، سندس مداح قاضي منظر حيات بعد ۾ نقل ڪندو هو.
زندگيءَ جي بي اعتنائي ۽ بي اعتباريءَ جي هن دور ۾ اياز، سنڌ کي نثر ۽ نظم ۾ ايترو
ڪجهه ڏنو آهي، جنهن تي سنڌ صديون فخر ڪندي، ۽ اياز جي اُن لافاني تخليقي سفر جا
اثر، سنڌ جي ادبي دنيا تي صدين تائين قائم ۽ دائم رهندا.
شيخ اياز جي هن دور وارين تخليقن تي نظر
وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هن سمورو توجهه دائمي ۽ لازوال ادبي تخليقن طرف ڏنو آهي،
جنهن لاءِ خود لکي ٿو:
”شاعر، جي پنهنجي حُسنِ تخليق کي ابديت بخشي
ته اُها انسانذات جي لاءِ فرحت بخش ٿئي ٿي ۽ دنيا جي هر رنج ومحن ۾ ڇپر ڇانوَ ٿئي
ٿي، جيئن هُو تازه دَم ٿي اڳتي وڌي.“
ان ئي ڏس ۾ اياز دنيا جي لازوال ناول
”زواگو“ جي ليکڪ پاسٽرنڪ جا هيٺيان لفظ حوالي طور ڏنا آهن:
”اسان کنئي زندگي،
عشق، حسن، موت،
ازل ۽ ابد،
دنيا کي بدلائڻ جو ڪم اسان جو نه
آهي“.
هر اديب ۽ شاعر انساني برابريءَ جو حامي
آهي. هو انساني استحصال جي هر صورت جو خاتمو چاهي ٿو؛ هو علم، ادب ۽ آرٽ تي ڪنهن
گوئرنگ، ڪنهن اورنگزيب ۽ ڪنهن ضياء الحق جي پابندين کي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي.
انسانيت جي مستقل قدرن سچ، محنت، ديانتداري، حب الوطني، انسان دوستي وغيره ۾ مستقل
يقين رکي ٿو. پر ضروري نه آهي ته شاعر يا اديب ڪنهن سرڪاري پارٽي يا مخالف ڌر جي
پارٽيءَ جو ڪل وقتي ڪارڪن هجي. ڇو ته اديب ۽ شاعر وقت جا اهڙا قانوندان هوندا آهن،
جيڪي سرڪاري قاعدن جي قيد ۾ بند ٿيڻ پسند نه ڪندا آهن، پر هو ”فطرت“ ۽ ”زمين“ جي
قانونن جا پاسدار هوندا آهن. اِئين اياز به ”سياسي پابندين“ جو مخالف رهيو آهي ۽
اديب ۽ شاعر لاءِ ڪنهن پارٽيءَ جو پروپيگنڊسٽ ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن هر اُن
ڪردار جي حمايت ڪئي آهي، جنهن انساني قدرن جي پاسداري ڪئي آهي، يا ان واٽ ۾ اذيتون
سٺيون آهن، شهادت ماڻي آهي يا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
اياز مسلسل بيمارين ۽ دل جي ڌڪن (Heart
attacks) دوران موت سان ويڙهه پئي ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾
اياز جيترو موت جي پسمنظر ۾ شعر ۽ نثر لکيو آهي، دنيا جي شايد ئي ڪنهن شاعر لکيو
هجي. هو دل جي هر دوري وقت ايئن سمجهندو هو، ڄڻ هو ’واڳونءَ جي وات ۾ آرام ڪرسيءَ
تي ليٽيو پيو آهي.“- اهڙين گهڙين ۾ هن جو ڪجهه لکيو آهي، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي
تاريخ جو لازوال ورثو آهي، جنهن تي اسان کي سدائين ناز رهندو. شيخ اياز سياسي
جهميلن کان دور رهي ’سنڌ کي ادب جو اهڙو مضبوط لوڙهو‘ ڏنو آهي، جيڪو ڪوبه غير ۽
غنيم ٽپڻ جي جسارت نه ٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان اياز جي امرتا ايندڙ وقت وڌيڪ
ثابت ڪندو.
اياز، زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ”پنهنجي پيرن
تي توڪل جي ميندي“ لڳائي ڇڏي هئي ۽ وقت جي ڪنهن به آمر آڏو وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس
نه ڪئي هئي، شاعرن جي اهڙي ئي ڪيفيت، لطيف سائينءَ کي ان منزل تي پهچايو هو، ته:
”ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ اُن جي“
۽ جديد سنڌ جي شاعر اياز جي مرقد تي پڻ وقت
پري نه آهي، جو ميڙا مچڻ شروع ٿيندا.
اياز آخري زندگيءَ ۾، اوائلي زندگيءَ جي
جذباتي لاڙي کي، هڪ مستحڪم ۽ مرتب لاڙي جي صورت ۾ قبول ڪري ورتو هو ته دنيا اندر
موجود فرقيواريت، بنياد پرستي، دهشت گردي ۽ مذهبي سبقت جي جاءِ تي وحدت الوجود جو
نظريو ئي دنيا مان جنگ ۽ جدل، جهيڙن ۽ جهٽن ختم ڪرڻ جو واحد علاج آهي، اُن لاءِ هو
تصوف کي هڪ عوامي تحريڪ ڏيڻ جو حامي هو، پر ان کي جديد تقاضائن موجب مخصوص مذهبي
ماحول ۽ روايتن کان مٿي اُڀاري اچڻو هو. ان لاءِ ’واٽون ويهه ٿي سگهيون ٿي‘، پر هن
انسان ۽ انسانيت جي عظمت جي برقراريءَ جي مطمع نگاهه کي ترجيح ڏني ٿي.
اياز جي شاعري نه رڳو سنڌي قوم جو قومي ورثو
آهي، پر اُها عالمي آدرشن تي به پوري لهي ٿي، ان حوالي سان سڄي دنيا جو ورثو آهي.
شيخ اياز ان راهه ۾ جتي سنڌ جي شاهه، لطيف، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين صوفي شاعرن کي
رهبر سمجهي ٿو، اُتي بابا فريد شڪر گنج، سلطان باهو، شاهه حسين، بلهي شاهه، رحمان
بابا، مست توڪلي، خواجه غلام فريد، گرو نانڪ، ڪبير ۽ ميران ٻائيءَ سان گڏ مغربي ۽
اسلامي دنيا جي صوفي شاعرن ۽ مفڪرن کان رهنمائي به حاصل ڪري ٿو، ۽ سڀني سان پنهنجي
شاعريءَ ۾ نه رڳو مخاطب ٿئي ٿو، پر سڀني جو فڪري جوهر سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري ٿو.
هن پنهنجي شعر جون ڪيتريون هيئتون: سلطان باهوءَ، ڪبير، لطيف ۽ ساميءَ جي هيئتن
تان ورتيون هيون؛ هن پنهنجن بيتن، واين، دوهن ۽ نثري نظمن ۾ دنيا جي صوفين ۽ سريت
پسندن جا خيال پيش ڪندي، پنهنجي نقطه نگاهه کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي،
پر اياز جو پنهنجي ٻوليءَ سان پيار جو تصور ڏاڍو مٿانهون آهي، مثلاً:
سنڌي سَوَ رنگ، اُنهيءَ کي سئربين
جئن ڏِس!
آهه تقدس پنهنجي ٻوليءَ، اُها دين
جئن ڏس!
اياز جي، سنڌ جي شعور جي رهبر لطيف سان
پوئينءَ عمر ۾ ويجهڙائي وڌي وئي هئي:
اوءِ ميان! اڄ ياد اچي ٿو، تنهنجو
سُر معذور،
اوءِ ميان! ٿي عُمر اڏامي، آءٌ نه
سوچيو مور.
اياز، اِن ئي احساس هيٺ پوئين عمر ۾ تمام
گهڻو لکيو، ۽ اهڙو لکيو جيڪو ابدي آهي.
شيخ اياز
سمنڊ ۽ ڪراچي
رکيل مورائي
اهو اٺاسيءَ جو سال هُئو، جڏهن هُو وري پنهنجي
پراڻي محبوبه ڪراچيءَ ڏانهن آيو هئو. اياز صاحب جي زندگي جو اهو وڏو سچ آهي ته
ڪراچي هن جي محبوبه هئي ۽ سمنڊ هُن جو دوست هُئو، جنهن سان هُن پنهنجي دلي دوست
رشيد ڀٽيءَ وانگر عُمر جي آخري گهڙيءَ تائين دوستي نباهي. هُن ڪراچيءَ ۾ ئي پهرئين
نوڪري ڪئي. غالبًا سندس پهريون عشق به ڪراچيءَ ۾ ئي ٿيو. بعد ۾ باقي سندس سموري
زندگيءَ ۾ ڪيل هن جا عشق ان عشق جا الڳ الڳ عڪس هئا.
هو جڏهن پرنس ڪامپليڪس ۾ اچي رهيو ته ڏاڍو
خوش هُئو. شايد شخصي طور ان جو سبب سندس اولاد جو ڪراچيءَ ۾ رهڻ هُجي. ڇاڪاڻ ته
ساڻس گڏ رهندڙ ٻئي پٽ انيس ۽ سليم ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا جنهن ڪري آخري عمر ۾ کيس
انهن جي ويجهڙائي گهربي هُئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ذهني طور سندس ٻئي پٽ کانئس
گهڻو گهڻو الڳ ۽ پري هُئا جنهن جو اظهار هو شدت سان ڪندو به هئو. شايد ڪٿي هُن
لکيو به آهي، تنهن هوندي به هو پنهنجي هن محبوب شهر ڪراچي ۾ خوش هُئو. جنهن جو
اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪراچيءَ ۾ رهڻ
واري عرصي ۾ سموريءَ زندگيءَ ۾ لکيل پنهنجي ادب کان گهڻو وڌيڪ لکيو. هن ايتري
تيزيءَ سان لکيو جو وقت هن جي طابع ٿي پيو. هُن کي وقت جي ڪابه ڪاڻ ڪڍڻي نه پوندي
هُئي. هن پنهنجو وقت سمهڻ جو ۽ جاڳڻ جو پاڻ ٺاهي ورتو.
هُو صبح جو پرهه ڦٽڻ تائين لکندو هُئو. جڏهن
صبح جاڳندو هُئو ته هو سمهندو هئو ۽ ايئن هن وقت کي پنهنجي شرطن تي قبول ڪيو.
جيتوڻيڪ آخري فتح وري به وقت کي آهي پر سنڌ ۾ اياز اهڙو هڪ ئي تخليقڪار هئو جنهن
وقت جي ڪاڻ ڪانه ڪڍي، شايد دنيا جا سڀ عظيم تخليقڪار ايئن وقت کي پنهنجي پويان
هلائيندا آهن، جيئن اياز وقت کي هلايو.
ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ اياز صاحب انهن
پنهنجن دوستن سان وري هڪ ڀيرو ويجهو ٿيو، جيڪي سکر ۾ رهڻ دوران کانئس پري ٿيل
هُئا. خاص طور اردو اديبن جو اهو حلقو، جيڪو ساڻس پاڪستان ٺهڻ بعد ويجهو رهيو هُئو
۽ جنهن جي ويجهڙائي جي ڪري اياز اردو شاعري ڪرڻ لڳو هُئو. ۽ اڳتي پاڻ ئي محسوس ڪيو
هئائين ته کيس اردو ادب ۾ اها جاءِ اردو حلقو نه ڏيندو، جيڪا جاءِ هن فيض احمد فيض
کي ڏني هئي ائين هُن ستت ئي سنڌي شاعريءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ ”وڄو وسڻ آئيون، ڪلهي
پاتم ڪينرو ۽ ڪي جو ٻيجل ٻوليو، جهڙا ڪتاب لکيائين، جن مان ڪن تي اڳتي هلي پاڪستان
حڪومت بندش لڳائي. وقت ڦريو انهن ڪتابن جي ٻين سندس سڀني ڪتابن سان گڏ خوش نصيبي
اها هئي يا وقت جي شڪست ۽ اياز جي نظمن جي فتح اها هُئي جو پوءِ سندس سڀ ڪتاب سنڌ
حڪومت جي ثقافت واري کاتي، اياز جي مان ۽ مرتبي وٽان ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن نظمن تي
وقت جي حڪومت پابندي لڳائي. اهي نظم پڙهي وقت جي حڪمرانن پنهنجي تقريرن جي شروعات
ڪرڻ پنهنجي لاءِ فخر سمجهيو. جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ ۽ ان جا مالڪ اڃا تائين اهي ساڳيا
آهن. مني صديءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي آهي، البت اياز جي
نظمن پنهنجي فتح ماڻي ورتي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اياز جي نظمن ۾ ڏٺل سنڌ جي
آجپي، آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ واروخواب اڃا ساڀيا ماڻي نه سگهيو آهي. شايد اياز جي
نظمن ۾ آيل سنڌ جي خوشحاليءَ وارو خواب جڏهن ساڀيا ٿئي. تڏهن اياز اڃا وڌيڪ اُڀري
اچي، ڇاڪاڻ ته اياز جا نظم تخليق جي جنهن سطح تي آهن، اڄوڪي سنڌ جو شعور ان سطح
تائين پهچڻ ۾ اڃا هڪ سؤ سال لڳي وڃن ۽ منهنجو خيال آهي ته شعور ۽ تخليق جي اعليٰ
ترين شڪل ڏيندڙ نظم اياز ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري وقت ۾ لکيا آهن. اهو منهنجو خيال آهي
جنهن سان اختلاف اياز جي هر چاهيندڙ/پڙهندڙ جو بنيادي حق آهي. اياز سکر ۾ رهائش
دوران به ڪراچيءَ ۾ پنهنجون موڪلون گذارڻ لاءِ ايندو رهندو هُئو ۽ هزارن روپين جا
ڪتاب خريد ڪري ويندو هُئو. پر اياز ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري وقت ۾ پنهنجي عُمر جي آخري
گهڙيءَ تائين ڪتابن جي خريد ڪرڻ جو پنهنجو شوق نه گهٽايو. اهڙي شاهدي اياز صاحب جي
ويجهو رهندڙ سڀ شخص ڏئي سگهندا. ذاتي طور منهنجا، ياز صاحب سان ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۷ع تائين گهاريل سال
منهنجي اکين اڳيان آهن.
مون کي ياد ٿو اچي ته اها شايد ۱۹۹۷ع جي ڊسمبر جي ويهين يا ايڪهين تاريخ هُئي، صبح ساڻ آئون اياز صاحب
وٽ ويو هوس. کيس ڪنهن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻي هُئي، غالباَ َ اهو ڪتاب فرنٽيئر
پوسٽ پاران احمد سليم ڇپائي رهيو هُئو. اسين آغاز مارڪيٽ جي سامهون ڪنهن فوٽو
اسٽيٽ واري وٽ وياسين، جڏهن دُڪان ۾ گهڙياسين ته هڪ نوجوان ڇوڪري جلديءَ ۾ ٻه
ڪرسيون ٺاهي رکيون ۽ ياز صاحب کي ادب سان ويهاريون جلدي ڪتاب فوٽو ڪيائين، اياز
صاحب پڇيس ته بابا پئسا گهڻا ٿيا:
هُو نوجوان پئسن وٺڻ لاءِ تيارُ نه هُئو.
آخر اياز صاحب هُن نوجوان کان پڇي ويٺو بابا پئسا ڇو نه ٿو وٺين؟
نوجوان بنا هٻڪ جي فخر مان جواب ڏنو ”سائين
اهي ته منهنجا ڀاڳ آهن جو شيخ اياز منهنجي دڪان تي آيو آهي. مان ان کان پئسا ڪيئن
وٺدس! آخر اياز صاحب ان نوجوان کي اهو آسرو ڏئي سوا ٻه سؤ روپيا ڏنا ته ٻئي ڀيري
تنهنجي چانهن پيئندس ۽ نوجوان سَرهو ٿي ويو. مون کان اڄ ان نوجوان جو نالو ته وري
وسو آهي پر اهو نوجوان نوشهري ضلعي جو راڄپر هُئو، ايترو ياد آهي.
اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو ڪراچيءَ جو مون کي ياد
اچي رهيو آهي، اياز صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. مان دستور موجب موڪل واري ڏينهن تي
ساڻ ملڻ ويس. گهڙي کن کانپوءِ اياز صاحب پنهنجي بيڊ روم ۾ ويو هڪ ڪتاب اچي منهنجي
هٿ ۾ ڏنائين، مون کوليو، ڪتاب سنڌ جي هڪ اعليٰ اديب کيس گفٽ ڪيو هُئو. اردو
شاعريءَ جو ڪتاب هُئو. ڪتاب بند ڪري مون کيس ڏٺو، چيائين ”هيءَ ڪتاب مان پاڻ وٽ
رکڻ نٿو چاهيان“ منهنجي گهر ۾ هيءُ نالو نه هجي!
مون کيس چيو ته: سائين! پوءِ هن ڪتاب تي
پنهنجن هٿن اکرن ۾ مون کي لکي ڏيو، ايئن نه ٿئي ته ڪو چوي ته مون توهان جو ڪتاب
ڦٻايو آهي. اهو ڪتاب اياز صاحب مون کي لکي ڏنو، جيڪو اڄ به مون وٽ يادگار طور
محفوظ آهي.
جيتوڻيڪ اياز صاحب ۱۹۸۸ع کان پوءِ ڇپيل پنهنجو هر ڪتاب مون کي سوکڙي ڪري ڏيندو هُئو، جيڪي
منهنجي زندگيءَ جي املهه ميراث آهن پر مون کي اهو به فخر رهندو ته نه رڳو اياز
صاحب مون کي ڪتاب ڏيندو هُئو. پر ڪيترائي ڪتاب مون به کيس ڏنا، خاص طور انڊيا جا
اردو ۽ سنڌي ڪتاب. جيڪي مون وٽ ايندا هُئا، اهي آئون کيس ڏيکارڻ لاءِ کڻي ويندو
هوس، پوءِ جيڪو به ڪتاب وڻندو هوس ته ايئن نه چوندو هُئو ته هيءُ مون کي ڏي! چوندو
هُئو، ته
لڇمڻ ڪومل کي چئه ته هيءُ ڪتاب هڪ ڪاپي موڪلي ۽ مان کيس ائين چئي اهو ڪتاب ڏئي
ايندو هوس ته! سائين! مان ٻيو ڪتاب گهرائي وٺندس. اها ٻي ڳالهه آهي اهو ڪتاب وري
مان نه گهرائي سگهيس ۽ نه لڇمڻ ڪومل ئي وري اهو ڪتاب مون ڏي موڪليو.
لڇمڻ ڪومل صاحب جو جواب وري اهو ته! ڪتاب
وٺي آيو آهيان، منهنجي آڏو پيا آهن ۽ اڄ تائين اهي ڪتاب سندس آڏو ئي پيا آهن، مون
کي ڪو نه مليا. ڪجهه ڪتاب وري جن دوستن هٿان موڪليائين ته اهي ئي ڦٻائي ويا. اهو
سلسلو اڄ تائين ايئن هلندڙ آهي. سندس چاهيندڙ هتي لڇمڻ ڪومل ۽ هتي مان آهيان بس وچ
۾ اياز صاحب نه آهي. فقط سندس يادون آهن جيڪي اڻ ڳڻيون آهن ۽ منهنجي حافظي جي
ميراث آهن. سڀ لکڻ جهڙيون نه آهن. ڪي لکڻ جهڙيون آهن، ڪجهه فقط ياد ڪرڻ جهڙيون آهن
پر سڀ ڪراچيءَ جي حوالي ۾ آهن ان ڪري ئي مون چاهيو ته ڪراچيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ اياز
جي يادگيرين کي سهيڙيان پر لڳي ايئن ٿو ته ان جي لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن ۽ ڪيترو ئي
وقت گهرجي. ايترو وقت جيترو اياز تخليقڪار هُئو. سندس تخليقي ڪم تي لکڻ لاءِ ڊگهي
وقت ۾ گهڻو ئي لکي سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ رهندي اياز پاڻ کي وڌيڪ محفوظ ۽ مضبوط
سمجهندو هُئو. شايد اهو هن وڏي ۽ عالمي شهر جو اثر هُئو. جيڪو هر سنڌيءَ جي ذهن تي
ويٺل آهي. جيتوڻيڪ اياز هِن شهر کان ڪيئي ڀيرا وڏو هُئو. اڄ هيءُ شهر ته آهي ۽ اڃا
به وڏو ٿيو آهي پر جڏهن اياز هن شهر مان هليو ويو آهي ته سچ پَچُ ايئن ٿو محسوس
ٿئي ته ادبي طور هيءُ شهر ڪراچي وڌيڪ ننڍڙو ٿي ويو آهي ۽ ڪراچيءَ جو سمنڊ اڪيلو ٿي
ويو آهي، اياز کانپوءِ!!
شيخ اياز
تنوير احمد سيٺار
سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع ۾ شڪارپور جي شيخ
محلي ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم، شڪارپور جي نيو ايرا
اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ قانون واري ڊگري ڪراچي مان حاصل ڪئي. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران
شيخ اياز پنهنجي اسڪولي استاد کيئلداس فاني، دوستن ارجن شاد ۽ نارائڻ شيام جي صحبت
۾ شاعريءَ جو سفر شروع ڪيو.
ورهاڱي کان پهرين شيخ اياز جي انگريزن خلاف لکيل نظم
”ڳائي انقلاب ڳائي“ رام پنجواڻي ڳائي کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ڪيو. ڪراچي ۾ رهڻ
دوران ۱۹۴۸ع ۾ شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويو سان دوستي ٿي، جنهن
سبب شيخ اياز جي سنڌ ڌرتي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري سان دلچسپي وڌي.
شيخ اياز جو پهريون شعري مجموعه ”ڀونئر
ڀري آڪاش“ ۱۹۶۳ع ۽ سندس پهريون خطن جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو. انهن
ٻنهي ڪتابن ۾ قومپرستيءَ وارن خيالن سبب، هو سنڌ جي قومي شاعر طور سامهون آيو. شيخ
اياز جي ڄاڻايل ڪتابن کانپوءِ ”وڄون وسڻ آيون“ کان ”ڪاري رات ڪنهنگ“ تائين، سندس
هن وقت تائين ۵۰ شعري مجموعه شايع ٿي چڪا آهن.
سال ۱۹۵۵ع ۾ پهريون ڀيرو شيخ اياز شاهه
عبداللطيف رحه جي رسالي جو سنڌي مان اردو زبان ۾ترجمو ڪري سندس پيغام دنيا تائين
پهچايو. سکر ۾ وڪالت ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۹۰ع ڌاري شيخ اياز سکر مان منتقل
ٿي، ڪراچي ڪلفٽن جي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهائش اختيار ڪئي.
هو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ روزاني برسات ۾ ايڊيٽر
رهيو. انهيءَ دوران هن سنڌي ٻولي ۾ بي پناهه نثر ۽ نظم لکيا. ثقافت کاتي پاران شيخ
اياز جي ڪيل سموري سرمائي کي ۲۲ جلدن ۾ شايع ڪرايو ويو.
شيخ اياز دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، جنهن جو هن روس ۽ لنڊن
جي اسپتالن ۾ علاج ڪرايو.
سال ۱۹۹۷ع ۾ ۲۴ ۽ ۲۵ ڊسمبر واري رات،
شيخ اياز کي دل جي شديد تڪليف ٿي ۽ کيس ڪراچي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو،
جتي ۲۸ ڊسمبر تي آڌي رات جو هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ
۲۹ ڊسمبر تي سندس مڙهه کي ڀٽ ڌڻي جي نگري ۾ ڪرار ڍنڍ جي
ڪناري مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز کي ۱۹۶۵ع واري جنگ ۾، نارائڻ شيام لاءِ محبت ڀريو نظم لکڻ تي،
ان وقت جي آمر ايوب خان جيل ۾ وڌو. قيد دوران شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري جي
نالي سان جيل ڊائري به لکي. شيخ اياز جي قيد دوران، ان جيل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به
قيد هو. ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ شيخ اياز کي سنڌ
يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. جنهن عهدي تي شيخ اياز ۱۹۷۸ع تائين رهيو.
گڏ ڪيل معلومات موجب، شيخ اياز هڪ لاجواب شاعر طور پاڻ
مڃرائڻ سان گڏ هڪ بهترين وڪيل به هو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر واري
عهدي کانپوءِ، شيخ اياز وڪالت شروع ڪئي. شيخ اياز پنهنجي وفات کان ڪجهه سال اڳ
تائين، سکر ۾ وڪالت به ڪندو رھيو. کيس ڪرمنل ڪيسن جو بهترين وڪيل سمجهيو ويندو هو.
اياز ۽ سنڌ جو شعور
منوج ڪمار
منھنجيون اياز سان ڪل
اڍائي ملاقاتون ھيون. پھريون دفعو منھنجي فرمائش منھنجي دوست عطيه دائود مونکي
اياز جي پرنس ڪمپليڪس واري فليٽ تي وٺي ھلي ھئي. ھٿ ۾ اڻدکيل سگريٽ سان اياز ڪجھه
دير لاءِ مليو ھو. ٻئي دفعو منھنجو سڀ کان پيارو دوست جان خاصخيلي مونکي اياز سان
ملائڻ لاءِ برسات جي آفيس وٺي ھليو جتي اياز سان ڪي گھڙيون مغربي آرٽ ۽ ادب جي
باري ۾ ڪجھه ڪچھري ٿي ھئي. آخري اڌ ملاقات تڏھن ٿي جڏھن اياز کي دفنائڻ لاءِ ڀٽ
شاھه کڻي آيا ھئا ۽ اياز کي مٽي ۾ لاھڻ وقت آخري ڀيررو سندس چھرو ڏٺم. منھنجو شيخ
اياز سان ڪڏھن به ذاتي تعلق نه رھيو آھي. مون اياز کي ڪڏھن به شخصي حوالي سان ناھي
ڏٺو. آئون پنھنجي دور جي انھن ھزارين ماڻھن مان ھڪ آھيان جن جو اياز سان تعلق فقط
۽ فقط سندس شاعري جي ڪري آھي. ائون انھن اڻڳڻين ماڻھن مان ھڪ آھيان جيڪي اياز کي
پنھنجي ادبي ۽ شعوري سفر جو سونھو سمجھن ٿا. اسان کي سونھن، جدوجھد، ادب، فن، لکڻ
جو ڏانءُ سان اڀري سڀري فاقفيت اياز ذريعي ملي. منھنجي لاءِ اياز جي شخصي زندگي بي
معنى آھي. مون لاءِ ڪا معنى رکن ٿا ته اھي اياز جي ھزارين گيت، غزل، بيت، دوھا،
وايون، نظم، ٽيڙو، ڇيڄ، ھمرچا جن سنڌ جي روح ۾ گلاب پوکيا.
انھيءَ ڳالھه کان
شايد ڪير انڪار نه ڪري سگھي ته شيخ اياز جديد سنڌ جي شعور جي معمارن مان ھڪ ھو.
اياز جي شاعري ڌرتي سان وابستگي جي اظھار جو محور آھي. ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن سنڌ
جون نالو وٺڻ جو مقصد ڪارھير تي پير رکڻ جي برابر ھوندو ھو تڏھن اياز سنڌ تي سر ڏيڻ
جون صدائون ڏينديون. جڏھن انقلاب جو نالو وٺڻ وارن خلاف ادم بو جو ھوڪو ھلندو ھو ته
اياز ريٽو جھنڊو اڀ تائين جھولڻ جي ڳالھه ڪندو ھو. ڪاتي ھيٺان ڪنڌ جي باوجود نينھن
جا نعرا ھڻڻ واري اياز جي شاعري تنھن دور ۾ سنڌ جي مزاحمتي ويڙھه ۾ سگھارو آواز
ھئي. وطن سان وابستگي، ھر انسان جي دک کي پنھنجو سمجھڻ، سيڪيولر ازم، ڏاڍ خلاف
جدوجھد ۽ پورھيتن سان بيھڻ سميت جيڪي به لاڙا جن تي اڄ جي سنڌ کي فخر آھي تن جي
بنياد رکڻ وارن ۾ اياز به ھو. پر اھو به سمجھڻ گھرجي ته شيخ اياز فقط شاعر ھو. نه
ھُن ڪڏھن سياست ۾ اڳواڻي جي خواھش ڪئي ۽ نه ئي اھا ڳالھه سندس مزاج وٽان ھئي. ھُن
جي ھٿن ۾ خوشبوئن، سُرن، مڌرتا، روشني ۽ ڪوملتا کي پنھنجي شاعري ۾ ڳوھڻ جي ته بي
پناھه صلاحيت ھئي پر سندس ھٿ سياست جي بي لغام گھوڙي کي قابو کان عاري ھئي. شيخ
اياز پنھنجي شاعري کي انقلاب جي لاءِ آواز ته ٺاھيو ھو پر ان انقلاب جي اڳواڻي
سندس وس ۾ نه ھئي. ٿئي ايئن پيو ته اسان اياز سان وڏي بي واجبي ڪندي انھيءَ ڳالھه
تي کيس لويون پيا جن جي ھن نه ته ڪڏھن دعوى ڪئي ۽ نه ئي ڪڏھن خواھش رکي. مون کي اڃا
پنھنجي ماڻھن جي اھا نفسيات سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته اسان سڀ کان وڌيڪ بي واجبي ان سان
ڪندا آھيون جن اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪجھه ڪيو اجي. اسان تي احسان ڪندڙ اسان جي شر
کان ڪڏھن به محفوظ نه رھيا آھن.
وڏن شاعرن سان اسان
جيڪي ٻي سڀ کان وڏي بي واجبي ڪندا آھيون سا اھا ته اسان چاھيندا آھيون ته اھي ھر
مامري ۾ ڪامل ھجن. پنھنجي ذات ۾ موجود اڻڳڻين ڪچاين جي باوجود اسان جي گُھر اھا
ھوندي آھي ته اسان جي شاعر جي ذات ۾ ڪابه ڪچائي نه ھجي. تخليق کان سُنڍ ٿيل ماڻھو
جيڪي ڪنھن ھڪڙي به خوبصورت سٽ تخليق ڪرڻ واري صلاحيت کان عاري ھوندا آھن اھي به
ساھميون کڻي وڏن شاعرن جي شاعري کي تورڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته انھن ۾ ڪا کوٽ ته ڪونھي.
اسان اھو به چاھيندا آھيون ته ڀلي اسان پاڻ پنھنجي گھرن ۾ سوڙن ۾ لڪا پيا ھجون پر
اسان جو شاعر اسان لاءِ گيت به لکي ته بندوق کڻي به وڙھي. اسان جي امڙ ڀلي سانجھي
کانپوءِ اسان کي ٻاھر نڪرڻ جي موڪل نه ڏي پر اسان جي وڏي تمنا آھي ته شاعر پنھنجي
رت کي ولوڙي گيت به ڏي ته ڦاھي جي ڦندي کي به چُمي.
اسان شايد شاعرن کي
انسان ئي ڪونه ٿا سمجھون ته اھو احساس ڪريون ته ٻين انسان جيان شاعرن جا به ڪي
سگھا پاسا ھوندا آھن ته ڪمزور پاسا به ھوندا آھن. سڀني وانگي شاعر جو من به ڪڏھن
شينھن ھوندو آھي ته ڪڏھن ڪبوتر ھوندو آھي. سڀني وانگي شاعر ڪڏھن دريا ٽپي ويندا
آھن ته ڪڏھن پاڻي جي اڏ تي بيھي رھندا آھن. انھن جا اخلاقي معيار به ٻين ماڻھن جھڙا
ئي ھوندا آھن. شاعرن ۾ ٻين انسان جيان سڀ ڪچايون پڪايون ھونديون آھن. پر وڏن شاعرن
۾ ھڪڙي ڳالھه سڀني کان الڳ ھوندي آھي ته اھي پنھنجي سڀني ڪمزورين جي ھوندي اسان کي
اھڙي سگھي تخليق ڏئي ويندا آھن جنھن ڪري قومن جي روحن کي اھا طاقت ملندي آھي جو
روحاني طور کين ڪنھن جي پرواھه نه ھوندي آھي. پنھنجي شخصي ڪچاين جي باوجود اسان جي
اکين کي خواب ۽ اسان جي چپن کي اھي گيت ڏئي ويندا آھن جو اسان جي زندگي جي بدصورت
لمحن ۾ سونھن اچي ويندي آھي. ھُو اسان سڀني وانگر ڀلي ذاتي طور تي ننڍڙا ھجن پر
اھي پنھنجي ڏات سان پنھنجي قومن کي انھن اوچاين تي پھچائيندا آھن جن تان ٻين کي رشڪ
ٿيندو آھي. وڏا شاعر انساني حياتي جي ڍنڍ مان نڪري تخليق جي ڪنول جيان ٽڙندا آھن.
ھاڻ اھو اسان تي ڇڏيل آھي ته اسان پوپٽن وانگر سندس شاعري جي گلن مان واس وٺي
پنھنجي روح کي معطر ڪريون يا ڳجھن وانگي سندن ذات جي ماس کي پٽي پنھجي انا جي پيٽن
کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪريون. پر شايد اسان وڏن شاعرن جي آڇ ڪيل ھن تخليقي مڌ پيڻ لاءِ
تيار ناھيون. اياز لکيو ھو،“ تون ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڻيءَ پي رھيو آھين، مان توکي
بلور جي صاف ڪوزي ۾ ميء آڇيان ٿو. تون منھنجيءَ ميء کان ڇرڪين ٿو، ڇو ته تون
اِنھيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي ھري ويو آھين. توکي اِھو ٻاڙو پاڻي گھر ويٺي ملي ٿو،
تنھنڪري تون اِھا تڪليف به نه ٿو وٺين ته تون اُھو شفاف جھرڻو ڳولي لھين، جنھن جي ڀر
تان تنھنجا وڏا ڪجھ صديون اڳ لڏي آيا ھئا. مون انھيءَ ساڳي جھرڻي جي پاڻيءَ تي
انگور جون وليون پوکي، انھن جي ميوي جي رس مان ھيءَ ميء جوڙي آھي. تون انھيءَ مان
چُڪي چکي ڏس! شايد اِھا توکي امر ڪري ڇڏي.”
ھاڻ اھو به پڇيو ٿو
وڃي ته ڇا اياز تي تنقيد نه ٿي ڪري سگھجي؟ منھنجي خيال ۾ اياز ڇا پر لطيف سوڌو ھر
شاعر جي شاعري تي تنقيد ڪري سگھجي ٿي. پر سوال اھو آھي ته اسان تنقيد سمجھون ڇا کي
ٿا؟ اسان وٽ اڌ پڙھيلن وٽ تنقيد جي وصف رڳو غلطيون ڪڍڻ آھي. ڳچي ۾ اڃان گگن اگھڻ وارا
گلا پاتل به اھو سمجھندا آھن اھا تنقيد آھي ته اياز جي زندگي مان ڪا ڳالھه ڪري ۽
پوءِ اھو ڇسو جملو چوڻ ته “اياز شاعر وڏو ھو پر ماڻھو ننڍڙو ھو.” ادب ته ڇا پر ڪامن
سينس کان وانجھيل ماڻھو به اھو سمجھن ٿا ته اھو چوڻ سان اياز تي تنقيد مڪمل ٿي وئي
ته اياز آخر ۾ دعائون لکيون يا اياز پنھنجي آدرشن کان ڦري ويو. مونکي نه ٿو لڳي ته
سنڌ ۾ پنجن ستن اديبن کان وڌيڪ ڪي ادبي تنقيد جي ڪارج کان واقف به ھوندا. اياز خود
ادبي تنقيد کي انتھائي مختصر نموني ھيئن بيان ڪيو “ادبي تنقيد لاءِ نه فقط جديد ۽
قديم ادب جو وسيع مطالعو زبان ۽ ادب جي مزاج جي پرک ۽ فن تحرير تي قدرت ضروري آهي،
پر تنقيدنگار جي گوناگون، گهري ۽ متوازن شخصيت ئي تنقيد کي صحيح تنقيد بنائي ٿي:
مون کي اهي خوبيون سنڌ جي ڪنهن به ناقد ۾ نظر نٿيون اچن.” منھنجي پنھنجي راءِ ۾ ھڪ
نقاد جو مطالعو تخليقڪار کان وڌيڪ ھئڻ گھرجي. اسان مان گھڻا اھا دعوى ڪري سگھن ٿا
ته انھن جوو مطالعو اياز کان وڌيڪ آھي ۽ اھي انھن سڀني فڪري محرڪن، انھن ھزارين
فلاسافرن، اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن کان واقف آھن جن اياز واري ڪرشمي کي ٺاھيو. اسان
مان ڪيترا اھو چئي سگھن ٿا ته اھي اياز جي زندگي ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ سڀني
ذاتي، سماجي، نفساتي، سياسي، روحاني ۽ تاريخي اثرن جا ادراڪ رکن ٿا جن مبارڪ علي
کي سنڌ جو سر موڙ شاعر شيخ اياز ڪيو. جيڪڏھن ڪير سمجھي ٿو ته اھو تنقيد جي انھن
بنيادي گھرجن تي پورو لھي ٿو ۽ ھو اڻ ڌريو ٿي اياز جي تخليقن جو ادبي جائزو وٺي
سگھي ٿو ته ھو ڀلي تنقيد ڪري اسان سندس شڪر گذار رھنداسين.
(ڏيھاڙي ڪاوش ۲۹
ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل مضمون)
شيخ اياز جو سنڌوءَ جي ڀر
واري گھر سان عشق هو
خالد ٻانڀڻ
شيخ اياز جي گھر جي
حوالي سان ”روزاني عبرت“ ۾ منهنجي رپورٽ سندس ۲۲هين ورسيءَ تي شايع ٿي هئي. سوشل
ميڊيا تي ان رپورٽ تي پنهنجا ويچار ونڊيندي، سنڌ جي ناليواري ڪالم نگار علم ادب
دوست، عبدالغني مڱريو لکيو آهي ته؛ ”۹۰ واري ڏهاڪي ۾ لساني تنظيم طرفان، شيخ اياز
جي پراڻي سکر واري گھر تي نه رڳو قبضو ڪيو ويو هو پر هزارين ڪتاب ساڙيا ويا هئا.
سندس گھر، درياهه جي ويجھو هجڻ سبب، هو اتان سنڌو درياهه جا نظارا پڻ ڪندو هو. شيخ
اياز جو ان گھر سان عشق هيو.“ عبدالغني مڱريو جي ان ڳالهه ۾ وزن آهي. ڇو ته شيخ
اياز جي گھر جا دروازا، اڄ به سڙيل هجڻ جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. اهي دروازا پاڻ ئي
ناهن سڙيا پر ماضيءَ ۾ انهن کي ضرور باهه ڏئي ساڙيو ويو هوندو.
سنڌي ٻوليءَ جي وڏي
۽ جديد رومانس توڙي مزاحمت واري شاعر شيخ اياز پراڻي سکر جي جنات بلڊنگ ڀرسان سندس
جوڙايل ٽه-ماڙ گھر ۲۶ سالن کان بند هجڻ سبب زبون حال بڻجي ويو آهي، جتي هن پنهنجي
زندگي جي جوڀن وارا ۳۰ سال گذاريا، اهو گھر هنڌان هنڌان اکڙڻ ۽ ويهجڻ شروع ٿي ويو
آهي. ۱۹۹۲ع ۽ ۹۳ع وارن سالن ۾ پراڻي سکر ۾ ٿيل لساني جھيڙن دوران شيخ اياز ۽ سندس
خاندان وارن ايڏو وڏو گھر چون ٿا ته ۷ لکن ۾ فيض واڙي واري کي وڪرو ڪري ڪراچي پرنس
ڪامپليڪس ڪلفٽن لڏي هليو ويو. ان کانپوءِ ساڳيو گھر انيس عرف بابو سوناري ۹ لکن ۾
فيض واڙي واري کان خريد ڪيو. ٽيون دفعو اهو گھر اقبال هوزري واري، بابو سوناري کان
۴۸ لکن ۾ ورتو پر هن به گھر کي کولي نه آباد ڪيو. جيتوڻيڪ ۵ سال پهريان اقبال
هوزري واري خريد ڪيل هي گھر، پنجن سالن کان بند پيل آهي. در، دريون، ڇتيون، ڪاٺ جا
ٺهيل ڪٻٽ، باٿ روم، گندگي ۽ اڏوهي لڳڻ سبب، ٽُٽڻ ڀرڻ لڳا آهن. شيخ اياز جي گھر جي ڇت
تان اڄ به بيگاري بند الف ڪچي، لينس ڊائون پل، ايوب پل، روهڙي شهر ۽ سکر جا منظر ڏسي
سگھجن ٿا. جنهن جو ذڪر شيخ اياز پڻ پنهنجي ڪتابن ”ڪاڪ ڪڪوڙيا ڪاپڙي“ ۽ ”وڄون وسڻ
آيون“ ۾ به ڪيو آهي. چون ٿا ته شيخ اياز جيتري باک ڦٽي جي مهل واري شاعري ڪئي آهي،
اها هن گھر ۾ ويهي ڪئي آهي. هن وقت گھر جا ٻاهريان ۽ اندريان حصا، گئلريون پڻ زمين
هيٺ ويهجڻ شروع ٿي ويون آهن. ان گھر کي بچائڻ ۽ ٻيهر آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي
اديبن، شاعرن، وڪيلن، فنڪارن ۽ سڄاڻ ڌرين، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار
شاهه کان گھُر ڪئي آهي ته پراڻي سکر جو شيخ اياز وارو گھر خريد ڪري، اتي ”شيخ اياز
يادگار ماڊرن ميوزيم“ جوڙايو وڃي. ڇو ته شيخ اياز زندگي جا ۳۰ سال، سکر کي ڏنا پر
سندس ڪو به يادگار سکر ۾ نه آهي. ان جي ڪري سندس ياد ۾ ميوزيم ٺهڻ گھرجي. گھر تي
ميوزيم جوڙائڻ جي حوالي سان منهنجي انهن سڄاڻ ليکڪن، اديبن، شاعرن سان ڪچهري به ٿي،
جن زندگيءَ جو ڳچ حصو شيخ اياز سان گڏجي سکر ۾ گذاريو هو. اياز گل، جنهن جي لاءِ
شيخ اياز پڻ چيو هيو ته ”منهنجي ٽاري مان ڪوئي گل ڦٽو آهي.“ هن شيخ اياز جي گھر جي
حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ثقافت کاتو شيخ اياز جي گھر کي
خريد ڪري ميوزيم جوڙائي ته اهو سٺو عمل ٿيندو. ماضي ۾ اسان پڻ تنوير عباسي جو
خيرپورو وارو گھر سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي هئي ته خريد ڪري، اتي ڊاڪٽر تنوير عباسي
جي نالي سان ميوزيم قائم ڪري، سندس يادگار شيون رکيون وڃن ها ته بهتر ٿئي ها. ساڳيءَ
ريت، شيخ اياز جي زندگيءَ جو وڏو حصو سکر ۾ گذريو آهي. ان جي نالي سان سندس گھر،
ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گھرجي. هڪ ٻئي سنڌ جي پياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ادل سومرو چيو
ته شيخ اياز ۱۹۵۵ع، ۱۹۵۶ع کان وٺي لڳ ڀڳ ۳۰ سالن جي زندگي جا ڏينهن سکر ۾ گذاريا.
هتي اچي هن ادبي سنگت جو قيام وڌو. ڪراچي ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، سکر
۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. لساني فسادن وارن ڏهاڙن ۾ هو ڪراچي ڏانهن لڏي ويو. هن چيو
ته شيخ اياز واري گھر کي خريد ڪري ثقافت کاتي وارن طرفان اتي شيخ اياز جي نالي سان
”شيخ اياز يادگار ماڊرن ميوزيم“ جوڙايو وڃي ۽ مان سيد سردار شاهه سان پڻ ملندس ته
شيخ اياز جي پراڻي سکر واري گھر کي خريد ڪري اتي ميوزيم ٺهرايو وڃي. ڇو ته مان جڏهن
چين ويو هئس ته اتي به حڪومت اديبن جا گھر خريد ڪري، انهن گھرن ۾ سندن ياد ۾
ميوزيم ٺهرائي ڇڏيا آهن. پر سڄي پاڪستان ۾ اديبن جا بعد ۾ گھر خريد ڪري، سندن
يادگار ميوزيم ٺهرائڻ جو هڪڙو به مثال موجود ڪونهي. ان جي لاءِ ثقافت کاتي کي شيخ
اياز واري گھر کي خريد ڪرڻ وارو قدم کڻڻ گھرجي. هن ٻُڌايو ته شيخ اياز، جڏهن سکر
کان ڪراچيءَ لڏي ويو پئي ته سندس ڪتابن ۽ ٻين قيمتي مواد جي پوري هڪ ٽرڪ ڀرائي مون
ڪراچي پرنس ڪامپليڪس تي پهچرائي هئي ۽ انهن ڪتابن کي سهيڙيندي اسان کي ۲ مهينا لڳي
ويا هئا. ڇو ته هو سمورا ڪتاب ترتيب ۽ سبجيڪٽ وائيز رکندو هو. مون کي ان جي ڪري ٽرڪ
سان گڏ ڪراچيءَ وڃڻو پيو ته شيخ اياز پنهنجو پنو به فوٽو ڪاپي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه ڏيندو
هو ۽ هن مون کي چيو ته منهنجي سامان سان گڏ وڃو ۽ اهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون ٽرڪ
جي سفر وارو تجربو هو. وڪيل هادي ڀٽ جا پڻ ڪافي سال شيخ اياز سان ويجھڙائي واري
عرصي ۾ گذاريا. هن پڻ ان ڳالهه جي حمايت ڪئي آهي ته ثقافت کاتو شيخ اياز جو هي گھر
خريد ڪري اتي شيخ اياز يادگار ميوزيم جوڙايو وڃي. هن چيو ته جڏهن پراڻي سکر ۾
لساني فساد هلڻ دوران شيخ اياز جي گھر ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي هئي ۽ اياز گل
مون کي چيو ته شيخ اياز کي دوائن جي سخت ضرورت آهي، سندس طبيعت خراب ٿي وئي آهي. ڪيئن
پهچائجن؟ مان اهي دوائون پنهنجي رسڪ تي کڻي جيئن پراڻي سکر پهتس ته رينجرز وارن مون
کي اڳتي وڃڻ نه ڏنو ۽ روڪي ڇڏيو. مون ضد ڪندي چيو ته شيخ اياز جي طبيعت خراب آهي،
ان کي ڪجهه به ٿي سگھي ٿو، مون کي دوائون ان کي هر حال ۾ پهچائڻيون آهن. هو هتان
دوائون پهچائڻ کانسواءِ واپس نه ويندو. تڏهن مون کي اهلڪارن، پنهنجي پهري ۾ شيخ
اياز جي گھر تائين پهچايو. دروازو کڙڪائڻ تي ڀاڄائي زرينه در وٽ آئي، دوائون جنهن
جي حوالي ڪيون.
شيخ اياز نه رڳو
عشق، پيار پر مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر هيو. هن جي اڪثر جوڀن واري شاعري سکر جي گھر
۾ ڪيل ڪتابن ۾ ملندي. صبح جو اٿي بيگاري بند سان واڪ ڪندو هو يا لانچ موڙ تي صبح
جو پهچي، بتيلي ۾ چڙهي، باک ڦٽي مهل درياهه جو سير ڪندو هو. هن جي شاعري فطرت جي
نظارن سان ڀري پئي آهي. اهڙي ريت شيخ اياز جي پراڻي سکر واري هن گھر جي ڪهاڻي جي
مختصر نموني سان هتي پڄاڻي ڪريون ٿا. ان خيال سان ته ثقافت کاتو، شيخ اياز جي گھر
تي ميوزيم جوڙائڻ واري سنڌ جي ساڃاهه وندن جو مطالبو هڪ ڏينهن ضرور مڃيندو ۽ اهو ڪم
جيڪڏهن سيد سردار شاهه پنهنجي وزارت جي ڏهاڙن ۾ ڪري وڃي ٿو ته مان سمجھان ٿو ته سنڌ
جي تاريخ ۾ سندس وزارت واري ڏينهن جو وقت هميشه امر رهندو. ڇو ته شيخ اياز پوري سنڌ
نه پر پوري دنيا جي جديد ادب جو سونهري اکرن ۾ لکجڻ واري سرمايي ۾ شمار ڪيو ويندو.
شيخ اياز جيڪو پنهنجي گھر تي ويٺل ڪبوترن کي اڏارڻ جي به ڪنهن کي اجازت ڪو نه ڏيندو
هيو، ان کان ائين سکر ڇڏائڻ وارو درد اڄ به سکر جي ماڻهن ۾ تازو آهي.
شيخ اياز
آ شاعرِ محبت
رکيل مورائي
اهو زمانو گذريل صديءَ
جي آخري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن جو هئو، مها ڪوي شيخ اياز جو جنم ڏينهن سنڌي ادبي
سنگت پاران ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هُئو، جان خاصخيلي سيڪريٽري هُئو، اهو فنڪشن
ايف ٽي سي بلڊنگ ۾ ٿيو هُئو ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته جيڪي به شخص ان ۾ شريڪ ٿيا
ها، انهن کان اهو فنڪشن اڄ جي تاريخ تائين نه وسريو هوندو. اهو فنڪشن اهڙو هئو جنهن
۾ اياز جو دوست ناميارو اديب ۽ صحافي لڇمن ڪومل، پنهنجون سڀ جلاوطنيءَ جون پابنديون
ٽوڙي اچي شريڪ ٿيو هئو.
اسين سڀ سنڌي ادبي
سنگت جو حصو هئاسين پر عملي طور ان فنڪشن ۾ جن گھڻي جاکوڙ ڪئي هُئي اهي، هُئا عطيه
دائود ۽ خدابخش ابڙو .اسان کان اهو به نه وسريو آهي ته ان فنڪسن کانپوءِ مها ڪويءَ
خلاف هڪ منظم مُهم هلائي وئي جنهن جي مُهنداري علي احمد بروهي صاحب ڪري رهيو هُئو،
ان مُهم ۾ اڄ جا چڱائي ڏسڻا وائسڻا ليکڪ شريڪ ٿيا هئا، جن جو لکڻ ماضيءَ جي اخبارن
۽ رسالن معرفت ادبي تاريخ ۾ موجود آهن.
جڏهن اياز صاحب
وفات ڪئي ته حيرت جي حد نه رهي، جو وارثيءَ جي انهن ئي دعوا ڪئي هئي، جن سموري
حياتي مٿس سنگ باري ڪئي هئي.
چوٿائي صدي گذري
وئي، اياز صاحب بابت وري اهڙو هڪ پروگرام ٻه ڏينهن اڳ آرٽس ڪائونسل پاڪستان، ڪراچيءَ
۾ ٿي گذريو، هن فنڪشن جي ميزباني، سنڌ لٽريچر فائونڊيشن جي هئي ۽ جن دوستن جي گھڻي
جاکوڙ ڪئي آهي، اهي آهن اسان جا دوست اعجاز منگي ۽ نصير گوپانگ. انهن جي سهولتڪار
طور اسان جو هڪ اهڙو دوست به موجود هُئو جنهن نه رڳو اياز کي پيار سان پڙهيو آهي
پر هو ڪراچيءَ ۾ رهندي اياز صاحب کي گھڻو ويجهو به رهيو پنهنجي عزيزن وانگر اهو، آهي
عمر قاضي صاحب.
مونکي ائين به لڳي
رهيو آهي ته هيءَ تقريب سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ لاءِ هڪ جهڙي وڻندڙ ته هئي پر ائين
به آهي ته شايد پهرين تقريب هجي جيڪا خاص طور سنڌي نه ڳالهائيندڙن لاءِ اهم هجي، ڇو
ته اردوءَ ۾ اهڙي ڀيٽا اڳ اياز صاحب کي شايد ئي ڏني وئي هجي. ساڳئي وقت ائين به گهٽ
ٿيو هجي ته ايترا غير سنڌي اياز صاحب جي شاعري ٻڌڻ لاءِ اڳ ڪڏهن به گڏ نه ٿيا هجن.
ڪيئن به هيءَ تقريب
اياز صاحب جي شاعري، جيڪا اردو ۾ آهي ۽ جيڪا ترجمو ڪيل آهي ان کي ملڪ جي نامياري اردو
آرٽسٽ ضياءُ محي الدين پنهنجي بيمثال آواز ۾ پڙهيو ۽ ٻڌندڙن پنهنجا ساهه روڪي ان
سموري شاعريءَ کي ٻڌو ۽ لُطف ماڻيون، اسين اهڙو ڪو شخص/ آرٽيسٽ شال سنڌيءَ ۾ پيدا ڪري
سگهون جيڪو نه رڳو شاهه صاحب ۽ اياز صاحب پر ٻين سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ شاعرن جي شاعري
پنهنجي آواز ۾ پڙهي ۽ ٻڌندڙ لطف ماڻين!
تقريب ۾ اياز صاحب
جي شاعريءَ تي ڳالهائڻ وارو جهڙوڪر اڪيلو اردو اديب ۽ اياز جو مترجم ڊاڪٽر آصف
فرخي ئي هُئو، جڏهن ته حوري نورانيءَ پڻ ڪجهه صفحا اياز بابت لکيت ۾ پڙهيا ۽ اهڙو ئي
ڪجهه اعجاز منگيءَ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ پڻ ڳالهايو جنهن مان محسوس ٿيو ته ننڍا ماڻهو هر
ماڻهوءَ کي ننڍو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ وڏا ماڻهو هر ماڻهوءَ کي وڏي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن پر ڇاڪاڻ ته هيءُ پروگرام تقريرن ٻڌائڻ لاءِ نه رکيو ويو هُئو اياز صاحب جي
شاعري ٻڌڻ لاءِ رکيو هُئو ان ڪري، اياز صاحب جي سڀني چاهيندڙن ضياءُ محي الدين جي
آواز ۾ اياز صاحب جي شاعري ٻڌي، پڪ سان اڳ اياز صاحب جي شاعري اهڙي اهتمام سان سنڌين
توڻي غير سنڌين نه ٻڌي هوندي، اهو ڪريڊٽ سنڌي لٽريچر فائونڊيشن جي اڳواڻن ڏانهن وڃي
ٿو.
مان پياري اعجاز
منگيءَ جي ان ڳالهه سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ”اياز تي جيتوڻيڪ گھڻو لکيو ويو
آهي پر اهو ٿورو به آهي“، چوڻ جو مقصد ته اهو ڀل گھڻن صفحن ۾ آهي پر جيڏو وڏو شاعر
آهي شيخ اياز، ان تي لکيل ايترو ئي ننڍو آهي، اڳتي هلي وڌيڪ وڏو لکيو ويندو ”گھڻو“
لفظ مان (بريڪيٽ) ۾ رکان ٿو.
اڄ تائين ته شاهه
سائينءَ تي به ايڏو وڏو نه لکيو ويو آهي، جيترو شاهه صاحب وڏو ڪوي آهي ۽ اهڙي سڀ
جي اميد مستقبل مان رکڻ به پاڻ کي آٿٿ ڏيڻ ئي آهي. جيڪو اڄ گھڻي ڀاڱي لکجي رهيو
آهي اهو گھٽ ۾ گهٽ اميد نٿو ڏياري ته اڳتي هلي سنڌيءَ ۾ ڪنهن غير معمولي لکڻ جو
جنم ٿيندو ، پوءِ به ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جو لکڻ اتساهه ڏيندڙ هُئو ته اياز تي سنڌيءَ
کانسواءِ شايد ٻين ٻولين ۾ به لکيو وڃي.
گھٽ ۾ گھٽ اردو ۽ انگريزيءَ ۾.
ان سڀ لاءِ اهو
ضروري آهي ته اياز صاحب جو مڪمل ترجمو ڪيو وڃي، هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾. پر اهو سڀ سنڌ
جا توڻي ملڪ جا سرڪاري ادارا ئي ڪرائي سگهن ٿا . شخص، اهڙو سڀ، شايد نه ڪري سگهن.
شخص، جيترو سٺو ڪري
سگهن ٿا اهو ٻه ڏينهن اڳ اسان سڀني اکين سان ڏٺو، ڪنن سان ٻڌو ۽ روح سان محسوس ڪيو.
شخصن جيترو سٺو ڪيو، اوترو جسُ لهڻن. ادارا جيترو سٺو ڪندا، اوترو جس ماڻيندا.
”اياز آ
شاعرِ محبت“ پروگرام هڪ اعليٰ شاعر جي مرتبي جهڙو ئي هُئو. شايد ائين ٿئي ته هيءَ
پروگرام ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کان وري ايستائين نه وسري سگهي، جيستائين ڪو ٻيو پروگرام
هن کان وڌيڪ سٺو ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نصيب ٿئي.
هن پروگرام جا ٻڌندڙ
۽ ڏسندڙ جيڪي فقط سنڌي ڄاڻو نه هُئا، انهن سڀني کي نه رڳو اياز صاحب بابت پر سنڌ
جي ٻين اهم شاعرن بابت به اهڙا وڻندڙ پروگرام ڏيکاريا ۽ ٻڌايا وڃن، اداري پاران اهڙي
ڪوشش به جاري رهڻ گھرجي ۽ ڪراچي، سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ ئي هجڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته هيءَ ئي
اهڙو شهر آهي جنهن ۾ اسان پنهنجو شعر ۽ ادب ٻين ٻولين جي لکڻ ۽ پڙهڻ وارن کي ڏيکاري/پڙهائي
سگهنداسين، سنڌي ادب، پوءِ اهو ترجمي جي صورت ۾ ئي ڇو نه هجي!...
No comments:
راءِ ڏيندا