انور ڏنگڙائي
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو
پارکو ۽ ملڪ جو باذوق اديب
آصف رضا موريو
اها شايد ۱۹۹۹ع جي ڳالهه آهي جڏهن سرزمينِ سنڌ جي هڪ مهان
ڄائي ڪامريڊ سوڀوگيان چنداڻي جي قدم بوسي لاءِ سندس گهر ويو هيم جتي هر هفتي اچڻ وڃڻ
منهنجو معمول هوندو هيو. توڙي جو اڄ ڪلهه ڪامريڊ جي طبيعت ڪجهه ناساز رهندي هئي پر
ان جي باوجود مان جڏهن به سندس بيٺڪ ۾ پهچندو هيم ته وٽس ڪونه ڪو مهمان، پرستار،
سائل يا معتقد ضرور ويٺل هوندو هيو. اڄ به هڪ همراهه بت بٽيواوڀر واري ڪتابن جي ڪاٺڪي
ريڪ اڳيان رکيل صوفن مان هڪ تي ويٺل هيو. ڪامريڊ پنهنجي ڪتابن سان ڀريل المارين وچ
۾ رکيل کٽ تي شايد آرامي هيو جو مٿي تائين اڇي چادرورايل هيس. ٽيهه پنجٽيهه سالن
جو اهو شريفڙو ماڻهو باادب باملاحضه طريقي سان ڪامريڊ جي پيرن اڳيان رکيل صوفن تي
بغير ٽيڪ ڏئي اڀي چيلهيو ويٺو هيو سندس ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ جڙيل هيون جيڪي
جهولي ۾ جهوليل هيا.
ڪامريڊ جيڪو آهليو
پيو هيو تنهن منهنجي اچڻ جو کڙڪو ٻڌي چادر لاهي واجهايو، مون کي ڏسي خوش کيڪار ڪرڻ
کان پوءِ ويٺل همراهه ڏي اشارو ڪري مون کان پڇيائين. “موريا هن کي سڃاڻي ٿو؟
منهنجي انڪار ڪرڻ تي سندس تعارف ڪرايائين ته “هي منهنجو ڳوٺائي انور ڏنگڙائي آهي
جيڪو سٺو اديب ۽ شاعر پڻ آهي.” ۽ پوءِ ڪامريڊ انور ڏنگڙائي کي مخاطب ٿيندي چيو “هي
آهي آصف رضا موريو جيڪو پاڻ کي سڏائي ته صحافي ٿو پر مون کي يقين آهي ته هي ڪنهن
نه ڪنهن سرڪاري ايجنسي جو ماڻهو آهي جن مون تي نظر رکڻ لاءِ کيس موڪليو آهي پر هڪ ڳالهه
آهي ته رياستي ادارن پهريون ڀيرو ڪو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو منهنجي پٺيان لڳايو آهي.
توهان ٻئي ڪچهري ڪيو ته مان ٿورڙو آرام ڪري وٺان”. اهو چئي ڪامريڊ سيني تي رکيل اڇي
چادر ڇڪي منهين پائي سمهي پيو ۽ جهٽ پل ۾ کونگهرا هڻڻ لڳو. هيءَ هئي انور ڏنگڙائي
سان منهنجي پهرين ملاقات.
پهرين ملاقات کان
پوءِ ڪجهه سالن تائين انور سان ٻي ملاقات ڪونه ٿي سگهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ٻيهر
ڪامريڊ سوڀو سان ملڻ ويم ته هن مون کي انور ڏنگڙائي جي سندس (ڪامريڊ) تي سنڌي ۾
لکيل ڪتاب“مهين جو ماڻهو” پڙهڻ لاءِ ڏنو جيڪو دراصل انور جو ايم اي سنڌي جي ٿيسز ۾
ڪامريڊ سوڀوگيان چنداڻي جي شخصيت جو ورتل موضوع هيو جنهن کي بعد ۾ هن پرنٽ ڪرائي ڪتابي
شڪل ڏني هئي.
انور ڏنگڙائي جو
جنم لاڙڪاڻو شهر جي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏنگڙو ۾ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۶۴ع ڌاري هڪ محنت ڪش هاري ڀنڀو خان جي گهر ۾ ٿيو. انور پنهنجي ڀائرن ۾ پنجون
نمبر ۽ والدين جو اٺون نمبر اولاد هيو. سندس ڳوٺ ڏنگڙو پراڻي ناري جي ڪپ تي اڏيل
قديم وستي آهي. جيڪا ڏوڪري شهر کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ۽ مهين جو دڙو کان اتر
اولهه طرف پنج ڪلوميٽرپنڌ تي واقع آهي. انور جيئن ته بنيادي طور تي شاعر آهي ان
لاءِ هن شروع شروع ۾ پنهنجو تخلص پياسي رکيو هيو پر بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ سان محبت جي
ثبوت طور پنهنجو تخلص تبديل ڪري ڏنگڙائي رکيو.
انور ۱۹۷۴ع ۾ پنجين جماعت پنهنجي گهر کان ٻه ميل پري
هڪ ڳوٺ مولوي فيض محمد کوکر جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪئي. سندس غريب والدين انور
جي ٻين ڀائرن کي پرائري پڙهائي اوکي پوکي جي ڌنڌي ۾ لڳائي ڇڏيو هيو سو ئي ڪم انور
جي حصي ۾ پڻ آيو پر جڏهن کيس وڌيڪ تعليم پڙهڻ کان نابري ڪري جڏيهن والدين کيس پوکي
واهي جي ڪم ۾ جوٽيو ته همراهه اڳتي پڙهڻ لاءِ احتجاج ڪري ويٺو. ٻار جي شوق کان
مجبور ٿي والدين انور کي پنهنجي ڳوٺ کان ڇهه ڪلوميٽر پري ڏوڪري شهر جي گورنمنٽ
هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اهڙي ريت بيشمار سماجي پريشانين ۽ گهريلو مشڪلن جي
باوجود انور ڏنگڙائي ان ڪاليج مان ۱۹۷۹ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۸۶ع ۾ انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪيو. تنهن کان
بعد ۱۹۸۸ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۹۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم اي جو امتحان خانگي طور تي شاهه لطيف يونيورسٽي
خيرپور مان پاس ڪيو. انور جي شادي ۱۹۸۸ع ۾ پنهنجي ئي خاندان مان مامي جي گهران سندس پسند سان ٿي
جنهن مان کيس ٻه پٽ هوشو ۽ هيمون ٿيا جڏهن ته ٻه نياڻون به ٿيون جن جو نالوسنڌورکيو
ويو هيو پراهي ٻئي ننڍي هوندي ئي گزاري ويون.
انور ذات جو ابڙو
آهي پر هن جي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي ۾ انور نالي ابڙا ٻيا به گهڻا هئا ۽ اهي سنڌي ادب ۾
به خاص مقام رکندا هئا ان لاءِ ادبي کيتي ۾ هن پنهنجي نالي پٺيان ذات بجاء ڳوٺ جو
نالو ڏئي ڇڏيو. سندس نالو اهل ادب، سنڌين يا ڀٽائي جي عاشقن لاءِ رسمي تعارف جي
محتاج ڪو نه آهي. توڙي جوسندس ڳوٺ ۾ بجلي جا ٿنڀا لڳل آهن پر اتي بجلي جي سهولت نه
هئڻ جي برابر هوندي رهي آهي ان لاءِ هر دور ۾انور گهڻو تڻو ميڻ بتي تي لکندو پڙهندورهيوآهي.
ان سلسلي ۾ سندس ڪل ڪائنات هڪ ڇڳل ڪرسي ڀڳل ڪرسي رهي جيڪي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اوڀر
طرف رکيل آهن جيڪو گهر جي ٿانو ٿپن ۽ گهر جي سامان سان سٿيل هوندو آهي. مان کوڙ
دفعا سندس گهر ۽ ڳوٺ ويندو رهيم جتي سندس لاءِ لکڻ جي ڪم سانگي وڏي ۾ وڏو مسئلو
خالي پنن جوهن وٽ نه هئڻ هوندو هيو جيڪي دوستن جي آفيسن ۾ وڃي کائن وٺندورهندو
هيو.
پوري پني قد ڪاٺ جي
خاموش طبع پر اندران کاهوڙي لڳندڙ، لفظن کي تڪي توري ڳالهائڻ واري ۽ چال ڍال ۾
کوجين جيان سوچي سانجهي قدم کڻندڙ، صاف رنگ، تجسس ڀريل اکين، مناسب نيڻ نقشن واري
انور ڏنگڙائي جي وارن ۾ هاڻي چاندي جهاتيون پائي رهي آهي جن کي هو ڦڻي سان ورائي مٿاهون
کڻي ڇڏيندو آهي، ڏاڙهي کان چهرو صاف رکي ٿو پر گهاٽڙيون مڇون سندس ڀريل ڀريل چهري
تي ڀليون ڀانئجن ٿيون. پنهنجي تمام شخصي خصوصيتن سبب انور مجموعي طور تي هڪ منفرد
۽ باوقار تاثر ڏيڻ واري ماڻهو طور ڏيک ڏيندو آهي. منهنجي اديب و قريب دوستن ۾ گهڻي
کان گهڻيون سماجي تڪليفون، ڏکيا حالات، مشڪلون ۽ آزمائشون انور ڏٺيون ۽ سٺيون آهن
پر سر تان گذرڻ واري هر حادثي ۽ هر تڙپ کي هن نه رڳو اهو ته ڪڏهن چهري تي ظاهر ٿيڻ
ڪونه ڏنو پرسندس شخصيت گذرندڙ وقت سان گڏ پنهنجي اندر درد ۽ تڪليف کي جذب ڪندي وڌيڪ
باوقار ۽ معتبر بڻجندي محسوس ٿيندي رهي آهي.
انور نه رڳو پنهنجي
ڀرم ۽ خودداري جي پرورش ۾ باڪمال رهيو آهي بلڪه شخصي ترتيب ۽ لباس جي سليقي جي
حساب ڪتاب سان ايترو ته حيرت انگيز آهي جوهن حالات جي تنگي ۽ سماجي اساٽ کي پنهنجي
دوستن احبابن ۾ ظاهر ٿيڻ ڪونه ڏنو آهي. مون کيس نه رڳو جسماني پر ذهني طور تي
سدائين صاف سٿرو ڏٺو آهي. هو اديب ته ڀلوڙ آهي ئي پر هڪ مهمان نواز، مهذب انسان ۽
سٺو دوست پڻ آهي جنهن جي انهن مڙني گڻن سندس شخصيت کي سمجهڻ ۾ سدائين منهنجي مدد ڪئي
آهي.
انورجو سياسي آدرش
صوفي شاهه عنايت آهي. موجوده دور جي سياست ۽ سياستدانن مان مايوس آهي تنهن ڪري هو ڪنهن
کي به پسند ڪونه ٿو ڀانئي پر ان جي باوجود ڪامريڊ سوڀو سندس ڪلي ۽ جزوي طور تي
سياسي آدرش رهيو آهي جنهن جو ڳاڻيٽو جديد سنڌي ادب جي بانين ۾ ڀانئيو ويندو آهي جنهن
سان عقيدت، محبت ۽ قربت انور جي شعور کي پختوڪري پنهنجي ارد گرد گرد کي سمجهڻ سان
گڏ ايندڙ وقت ۾ پنهنجي ادبي منزل جو تعين ڪرڻ به سولو ڪري ڇڏيو.
انور جا پنج ڪتاب
هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن جن مان هڪ “ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا” جيڪا ٿر جي ڊائري
آهي سا ۱۹۹۴ع ۾ ڇپي. ۱۹۹۹ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب “ڳچي ڳانا لوهه جا” ڪامريڊ مانڌل شر جي سوانح آهي. ٽيون ڪتاب
“اسان جو ڪنور “۱۹۹۹ع” ۾، چوٿون ڪتاب “مهين جوماڻهو” آهي ۽ پنجون ڪتاب “عاشق عزازيل “ڀٽائي جي
شاعري جي تفسير آهي. سندس ڪتاب مهين جو دڙو ۽ هڪ عدد شاعري جي ڪتاب ڇپجن جا منتظر
هيا جيڪي اگر ڇپيا هجن ته منهنجي علم ۾ ڪونه آهن. انور جا ڪتاب پڙهي مون کي سندس
ادب دوستي، تخيل پروازي، قلمي سچائي، ذهني ڪشادگي جو قائل ٿيڻو پيو جنهن اڳتي هلي
سندس ويجهڙائي ۾ وڃي سمجهڻ ۽ دوستي ڪرڻ ۾ به معاونت ڪئي. تنهن کان پوءِ جو انور
سان ملاقاتن جو سلسلو نڪري هليو ته رڪيو ئي ناهي.
سنڌ جو ڏوڪري وارو
خطو اهل ادب جي سالارن جي ديس آهي جتان علم و فن جي سوين اهڙن متوالن کي جنم ڏنو
جن جي قابليت سان ادبي ۽ سماجي دنيا جي بي انتها خدمت ٿي. اهلِ علم و ادب جي نگري
هئڻ سبب هتي ادبي بيٺڪون، سگهڙن جون ڪچهريون ۽ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون رهنديون
آهن جن ۾ شرڪت ڪرڻ انورڏنگڙائي جو معمول رهيو آهي. اهڙي ريت پنهنجي تهذيبي، سماجي
۽ ادبي روايتن جا پانڌ پائيندي بقول هدايت منگي جي “انور ڳوٺن ۾ محفلون سجائڻ واري
سگهڙن جي ويجهو ٿيو پرجديد ادب جي مطالعي جو موقعو ملڻ سان جڏهن سندس زندگي جون
حقيقتون اڃان به وڌيڪ واضع ٿينديون رهيون ته هن باقي سرگرميون گهٽ ڪري ڪتابن سان
سنگت ڪري ڇڏي”. انور پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ ئي ادبي، سياسي ۽ سماجي دنيائن جومتحرڪ
ڪارڪن هيو جنهن ننڍڙي هوندي کان ئي شاعري پڻ ڪرڻ شروع ڪئي هئي. سندس چوڻ آهي ته
“مان جڏهن لکڻ پڙهن جي لائق مس ٿيو هيم تڏهن ئي شعر چوڻ شروع ڪيا هيا پر لکڻ جو
محرڪ سنڌي راڳ ٻڌڻ کان پوءِ ٿيو”. انورڏنگڙائي نظم، هائيڪو، ٽيڙو، بيت، ترائيل،
وائي، چارسٽا، آزاد نظم، غزل جي صنفن تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي جڏهن ته نثر ۾ مضمون
نگاري، ڪهاڻيون، خاڪا، ڊائريون، ڀٽائي جي لغات، سوانح، سفرناما، تحقيقي ڪالم وغيره
لکندو رهيوآهي. پر جيئن ته کيس بيت جي صنف گهڻي پسند آهي ان لاءِ هن سڀ کان وڌيڪ
ذوق و شوق ان صنف تي کپايو آهي.
اديبن ۾ ڪامريڊ سوڀو
کان علاوه آغا سليم جا ناول ۽ انورپيرزادو کيس تمام گهڻو وڻندا آهن. جديد شاعري ۾
کيس حليم باغي ۽ سعيد ميمڻ جي شاعري متاثر ڪندي رهي ٿي جڏهن ته ايازشيخ جي ّشاعري
کان وڌيڪ ان جي نثر کيس موهيندي آهي. سنڌ جي سگهڙن ۾ انور کي ٻيڙو فقير جي فصيح البياني
گهڻو متاثر ڪيو. سندس مڃڻ آهي ته “ٻيڙو فقير کي مون ريڊيو تي ٻڌو هيو جيڪو خوش
گفتاري ۾ ڪمال جي درجي تي پهتل هيو ۽ اهو به سچ آهي ته اسان جي علائقي ۾ سگهڙن جو
سمورو دبستان ان جو سجايل آهي. پنهنجي هم عصر سگهڙن جي مان تمام گهڻو ويجهڙو رهيم
پر انهن مان ڪنهن به مون کي گهڻو متاثر ڪونه ڪيو ان لاءِ سندن صحبت کان پري ٿي ويم
جو مون کي انديشو هيو ته مان انهن مان سکڻ بجاءِ جيڪو سکيو آهي سو به وساري ويهندم.
توڙي جو اڃان تائين شوق سبب سندن ڪچهرين ۾ ويندو رهندو آهيان جو انهن کي ٻڌڻ شوق
به آهي ته مجبوري (کلندي مون کي مخاطب ٿيندي چيائين) توکي به ته اڄ ٻڌان ٿو نه،
مجبوري آ”. موسيقي ۾ کيس ڪلاسيڪل ۽ پڪو راڳ ٻڌڻ سٺو لڳندو آهي ان لاءِ ئي استاد
منظورعلي خان، استاد گلزارعلي خان ۽ فتح علي خان وغيره پسند آهن.
انور ڏنگڙائي جي
سنجيده، معياري ۽ بهترين شاعري جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن
مرحوم هدايت منگي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ساهت ۽ سڀيتا ۾ سندس ڪجهه بيت ڇاپيا
هيا ته استاد بخاري فون ڪري کائنس پڇيو هيو ته “انورڏنگڙائي ڪير آهي؟.” جڏهن منگي
صاحب کيس ٻڌايو ته منهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرو آهي ته بخاري صاحب کيس حيرت مان چيو ته
“مون سمجهيو ته توهان ڪنهن قادرڪلام استاد شاعر کي ڪٿان ڳولي لڌو آهي جو ان ڇوڪري
جي شاعري ڪمال جي حد تائين معياري آهي.”
۱۹۸۵ع ۾ انور پنهنجي دوست حاڪم منگي سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تام
پنهنجي ڳوٺ ويجهو هڪ ٻئي وستي بگي ۾ شاهه لطيف لائيبرري قائم ڪئي جنهن ۾ شروعاتي
طور تي هن پنهنجا سمورا سانڍيل ڪتاب ۽ حاڪم منگي پنهجي ڀاءُ مرحوم هدايت منگي جي
لائيبرري جا بيشمار ڪتاب کڻي لائيبرري جي زينت بڻايا. انهن لائيبرري جو افتتاح ان
وقت جي ادب دوست ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد هاشم ميمڻ کان ڪرايو هيو جنهن پنج هزار
روپين جا ڪتاب زيب سنڌي جي جناح باغ سامهون واقع سڳنڌ ڪتاب گهر مان خريد ڪري لائيبرري
لاءِ دان ڪيا هيا. انور ان تقريب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن محنت ڪندو رهيو
پر افتتاح کان هڪ هفتو اڳ بس ۾ چڙهندي سندس پير ترڪي پوڻ سبب ٻئي ڄنگهون بس جي پٺئين
ٽائر هيٺان چيڀاٽجي ڀڄي پيون هيون. ان حادثي بعد سندس دوستن لائيبرري جو افتتاح
منسوخ ڪرڻ چاهيو پر انور کين منع ڪئي ۽ افتتاح واري ڏينهن به ٽٽل ٽنگن کي ڪنڀر
طرفان لڳايل پلاسٽر سوڌو پنهنجي ڳوٺ ڏنگڙو کان ٻه ڪلوميٽر پرڀرو واقع بگي (جتي
افتتاح ٿيڻو هيو) گڏهه گاڏي تي پاڻ کڻائي پهچي ويو جتي هن دوستن کي چيو ته “مان ٽٽل
ٽنگن جي تڪليف ته برداشت ڪري سگهان ٿو پر لائيبرري جي افتتاحي تقريب ۾ شامل نه ٿيڻ
جي تڪليف شايد برداشت نه ڪري سگهان ها”.
انور سيلاني قسم جو
ماڻهو آهي جنهن سنڌو ماٿري جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جهاڳي پنهنجي تجربن آڌارت سنڌ جي تهذيب و
تمدن کي پڻ پنهنجي تحريرن ۾ اجاگر ڪيو آهي. چاهي اهو هندستاني راجسٿان کي ڇهندڙ ٿر
جو ريگزار هجي يا پنجاب جي سرزمين سان ڳراٽڙي پائيندڙ شهر اوٻاوڙو سندس قدمن جي خاموش
چاپن کي سڃاڻندي اهي ماڳ هائوڪار ڪندا رهندا آهن. دورِ نوجواني ۾ انور جي علم
دوستي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سان عشق جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
“تازو تازو ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري انورپنهنجي هڪ مائٽ جي واسطي سان ڀٽائي جي هڪ
زهرپياڪ عاشق لطف پيرزادي کان ڀٽائي جو رسالو پڙهڻ لاءِم اوڌارو ورتو. هن اهو سوچي
قلم کنيو ته ٻه چار چڱا شعرلکي رسالو واپس ڪندو پرانور جيئن جيئن ڪلام پڙهندو ويو
تيئن تيئن سڀئي شعر لکندو ويوڇوته سندس چواڻي ته “ڪلام ۾ ڇڏڻ جهڙو ڪو شعر هيو ئي ڪونه”.
ائين ٻن مهينن ۽ چار ڏينهن ۾ انور ڀٽائي جو سمورو ڪلام ٻن ٿلهن بڪن تي لکي ورتوجيڪي
کيس ڪتاب جي ڀيٽ ۾ سستا پيا هئا ڇوته بڪ ستن روپئين ۾ پيو ملي جڏهن ته ڀٽائي جو
رسالو ان وقت به ٻه اڍائي سو روپين ۾ ملندو هيو. ان دور۾ انور کي اسڪول وڃڻ جي
خرچي اٺ آنا به ڪڏهن ڪڏهن ملندي هئي ان لاءِ هو پنهنجي ڳوٺ کان ڏوڪري ڪاليج وارو
فاصلو پنڌ ڪري ويندو هيو. اهي ٻئي بڪ وٺڻ لاءِ پيسا به انور فصل جي موسم ۾ ڪانهه ٻڌڻ
۽ گڏي کڻڻ جي پورهئي مان بچايا هئا. تنهن بعد اها ڳالهه ڳوٺان ڳوٺ مشهور ٿي وئي ته
انور ڏنگڙائي ڀٽائي جو ڪلام هٿ سان لکيو آهي. سندس هٿ جو لکيل اهو نسخو اڃان تائين
ساڻس وٽ سانڍيل آهي. هن ۱۹۹۷ع ۾ لاهوت لامڪان طرف پرين پنڌ وڃڻ واري قافلي سان گڏ پڻ سفر ڪيو ته هنگلاج
وڃڻ واري رستن جي مٽي به اڏائي جن تي شاهه ڀٽائي پنهنجي زندگي ۾ سفرڪندا رهيا. اهڙي
ريت انور ڏنگڙائي جي دماغ ۾ ڀٽائي سان محبت جون پاڙون وقت سان گڏ گهرائي هڻنديون
رهيون. انور جي ڀٽائي سان ان عقيدت کائنس ڪو اهڙو ڪارنامو ڪرائڻو هيو جيڪو سندس
سچو عاشق ئي ڪري پيو سگهي ۽ اهو ڪارنامو انورڏنگڙائي نيٺ ڪري ڏيکاريو.
مونکي اهو ڏينهن يا
تاريخ ۽ سال به ياد ڪونه آهي پر چار پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي جو هڪ ڏينهن انور جڏهن
مون وٽ آيو ته سندس هٿ ۾ کنيل شاپنگ بيگ ۾ هڪ وڏو ڪتاب ويڙهيل هيو جنهن کي هن وڏي
احترام سان پڪڙيو هيو. حال احوال ڏيڻ کان پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته “آصف مون ڀٽائي
جي رسالي جي تمام لفظن جي ڊڪشنري تيار ڪئي آهي”. اهو چئي هن شاپنگ بيگ مان اها ڪتاب
جهڙي ڊڪشنري ڪڍي منهنجي هٿ ۾ ڏني. مان جيئن جيئن سندس محنت جا ورق ورائيندو ويم ته
حيرت جي ساگر ۾ ٻڏندو ويم جو هن چوڏنهن هزار کان به وڌيڪ لفظن کي ترتيب سان ان ڊڪشنري
۾ سمايو هيو جيڪا سموري سندس هٿ جو پورهيو هيو. منهنجي لاءِ اهو اچرج جهڙو ۽
ناقابلِ يقين ڪارنامو هيو جيڪو انورڏنگڙائي سرانجام ڏئي چڪو هيو. اڄ هو تمام گهڻو
خوش هيو هو لطيف چيئر جي چيئرمن وٽ ان ڊڪشنري جي ڇپائي جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هيو ۽
کيس يقين هيو ته نه رڳو سندس اها ڪاوش اتي هٿئون هٿ قبول ڪئي ويندي پر ٿي سگهي ٿو
ته انتهائي مان مرياده ملڻ سان گڏ سندس خواب (ڊڪشنري ڇپجڻ جو) به پورو ٿيندو.
ڀٽائي جي ڪلام
متعلق اڄ تائين تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو ويو آهي پر اهو گهڻو تڻو ادارن ڪيو يا وري
انهن ماڻهن جن جي اڳيان پٺيان ادارا هيا يا وري انهن ماڻهن سامهون آندو جن وٽ تمام
گهڻو پيسو هيو پر انور جيڪو ڪم ڪيو هيو سو ڪنهن اداري جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي نه
پئسي وارن جي اوقات هئي جو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهن. سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه
اها آهي ته انور هڪ بي روزگار ماڻهو هيو ۽ آهي جنهن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ يا هن جي ڪچي
گهر ۾ نه لائيبرري آهي نه سندس وٽ روپيو پيسو جو روز ڪرايو ڀري پنهنجي ڳوٺ کان ٽيهه
ڪلوميٽر پري لاڙڪاڻو جي لائيبررين مان وڃي ڇنڊڇاڻ ڪري. نه ئي سندس دوستن جو حلقو
ايترو عقلمند هيو جو ڀٽائي جا تمام لفظن ۽ ترڪيبن جون معناعون کين سمجهه ۾ اچن. ان
جي باوجود هن ماڻهو رڳو پنهنجي مطالعي ۽ ذهني وسعت مان ايترو ته شاندار ڪم ڪيو جو
سوچي به عقل دنگ رهجي پئي وڃي.
تنهن کان پوءِ به
کوڙ ڀيرا انور مون وٽ ايندو رهيو ۽ هر دفعي ڊڪشنري ڇپجڻ متعلق ناڪامي جون خبرون ڏيندو
رهيو پر وري ڪنهن ٻئي اداري جي آسري جي خبر ڏئي ۽ اميد کڻي ويندو هيو ڪڏهن لطيف
چيئر وارن ڏي، ڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي ڏانهن پر سدائين مايوسي جي موٽ
ملندي هيس جنهن جو سبب سندس غريبي ۽ پيسي جي تنگي هئڻ سبب بار بار انهن ادارن ڏانهن
نه وڃي سگهڻ هوندو هيو جو هن غريب ماڻهو جو ڪم ڏسي به ادارن وارا ساڙ کان
لنوائيندا رهندا هيا. پنهنجي ملڪ جي ادارن جي بي حسي تي حيرتون ته منهنجي تجربي ۾
پهريون ئي گهڻيون هيون پر هردفعي انورڏنگڙائي جي شاندار ڪم جي ناقدري ۽ واپسي ٿيندي
ڏسي مونکي انهن ادارن جي وڏي نالي واري منتظمن جي بي غيرتي جو به دل سان قائل ٿيڻو
پوي پيو. آخري دفعو جڏهن ڪنهن پاسي کان مايوس ورندي ڳوٺ ويندي جڏهن هو مون سان ملڻ
آيو ته چانهن پيئندي سندس گهمبير اکيون گهڻيون سوگوار هيون ۽ اهو شايد ۲۰۰۹ع جو پهريون مهينو هيو.
انور جهڙي سٻاجهي
ماڻهن جي جهولي ۾ اسان جو اٻاجهو سماج وجهندو ئي ڇا آهي سواءِ ناڪامين، محرومين ۽
پريشانين جي پر هن دفعي مونکي هو گهڻو ئي ٽٽل، لٽيل ۽ نااميد لڳي رهيوهيو ۽ سدائين
جيان هن ڀيري مون کان ايترو به نه ٿي سگهيو ته هن کي ڪوڙو سوڙو لفظي حوصلو ڏيان.
چانهه پيئندي انور چيو “يار آصف هاڻي ڪونه ٿو لڳي ته منهنجو ڊڪشنري ڇپجڻ جو خواب
پورو به ٿيندو”. سندس لهجي جي تڙپ منهنجي وجود جي زمين ۾ دفن مئل ۽ نيم مئل تمام
خوابن کي جهنجهوڙي وڌو. موڪلائڻ مهل جڏهن هو وڃڻ لڳو ته مون کيس عرض ڪيم “انور
پنهنجي ڊڪشنري مون وٽ ڇڏي وڃ جو هاڻي اها مان ڇپرائيندم”. اهو ٻڌندي حيرانگي سان
هو چوڻ لڳو “هيترن ادارن ڪم ڪونه ڪيو آهي ته ٺيڪ آهي پر هاڻي تون به مذاق ٿو ڪرين.”.
تنهن تي مون سندس هٿ مان ڊڪشنري وٺندي چيو ته “مان ڪابه مذاق ڪونه ٿو ڪيان، جيڪو
تنهنجوخواب آهي اهڙا خواب هر سنڌ دوست ۽ ڀٽائي جي فڪر جي پيروڪارن جي ٿين ٿا. تو
رياستي ادارن کي به آزمايو هاڻي پنهنجي هن غريب دوست کي به ڪوشش ڪرڻ ڏي.” هن ڊڪشنري
مان ته هٿ ڪڍيو پر ويندي ويندي چيو“خيال رکجانءِ اها منهنجي سموري زندگي جي ڪمائي
آهي.” انور جي آخري جملي پٺيان رياستي ادارن طرفان ڪيل زيادتين سان گڏ منهنجي
طرفان مليل مايوسي پڻ هئي جو هن طرفان ڏنل مهين جو دڙو تي لکيل سندس هڪ مختصر ڪتاب
اڳ مون کي ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هيو جيڪو مان پنهنجي مصروفيت ۽ نالائقين سبب اڃان تائين
نه رڳو ڇپرائي ڪونه سگهيو هيم پر کيس واپس به ڪونه ڪيو هيو. پر ڊڪشنري مان ٻئي ڏينهن
ئي ڪمپوزنگ لاءِ پنهنجي پروفيشنل ڪمپوزر دوست حفيظ ببر جي حوالي ڪري چڏي.
ان ڏينهن منهنجو
قريبي ساٿي عزيز منگي مليو جيڪو انور جو ڳوٺائي به آهي تنهن انور جو موضوع ڪڍڻ تي
پنهنجي راءِ ڏني ته “انور جيترو مالي طور تي غريب آهي ان کان هزارين ڀيرا ذهني ۽
علمي طور تي امير آهي. ان وٽ نه رڳو ڀٽائي جي حوالي سان منفرد نقطه ءِ نظر آهي پر
ان سان گڏ سنڌي سماج جي نفسيات کان به گهڻي ڀاڱي واقفڪار آهي”. انور کي هڪ غريب جي
گهر ۾پيدا هئڻ سبب ادب ۽ علم علاقائي پر نام نهاد عالمن، اديبن ۽ محققن اڳتي وڌڻ ڪونه
ڏنو جو انهن کي پنهنجي دوڪانداري خطري ۾ پوندي پئي ڀانئجي نه ته انور ڏنگڙائي سرڪاري،
نيم سرڪاري يا خانگي ادبي ادارن جي ارڙهين، اڻويهين يا ويهين گريڊ جي نوڪري ڪندڙ
سربراهن کان وڌيڪ ڄاڻونگر آهي.
سياسي آدرش جي طور
تي کيس صوفي شاهه عنايت جي جدوجهد ۽ شخصيت پسند آهن پر فڪري طور تي انور سياسي
وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي. ۱۹۸۴ع ۾ هن ڳوٺ بگيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ
جو بڻياد رکيو جنهن جو هو پاڻ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به هيو. بعد ازان هو سنڌي ادبي
سنگت ڏوڪري جو ميمبر ۽ ڪائونسلر به بڻيو. اهڙي ريت گهوٽڪي ۾ روينيوجي نوڪري دوران
سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جو به ڪائونسلر بڻيو.
جيئن ته انورڏنگڙائي
ڪل وقتي سماجي خدمتگار، باشعور انسان، فصيح البيان مقرر ۽ کرو اديب آهي جنهن جي
قلم مان ٽپڪندڙ سچائي کي هضم ڪرڻ اسان جي ڪوڙي سماج جي لباسي رهواسين جي وس جي ڳالهه
ڪونه آهي ان لاءِ سندس گفتنين خلاف به گهڻو واويلا مچي، کيس برو ڀلو چيو ويو ته سندس
خلاف گهڻو ڪجهه لکيو ويو. ڪام ڌنڌي جي حوالي سان انور پنهنجو پاڻ کي ڪڙمي، باغائي،
مزدور يا دوڪاندار ٻڌائيندو رهندو آهي جو سندس اقتصادي زندگي سدائين اهڙي ننڍي ڌنڌن
خفن ڪندي گذرندي رهي آهي. بدقسمتي سان پنهنجي ساده طبيعتي ۽ سچائي سبب هن سان منسلڪ
هر ڌنڌي ۾ خساري جي وابستگي رهي جو هوڪوڙ، فريب، مڪر، چالبازي، ملاوٽ وغيره جهڙي
شين سان ڪڏهن به آشنا ڪونه رهيو جيڪي اسان جي ملڪ ۾ ڪاروباري ترقي جي حوالي سان
تمام ضروري ڀانئيون وينديون آهن. اسانجي رياستي ادارن جي غير حلالي پن جي سبب نوڪري
جي معاملي ۾ به انور سدائين بدنصيب رهيو. ۱۹۹۲ع کيس روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي پر ٽن سالن کان
پوءِ ۱۹۹۵ع ۾ اتان فارغ ڪيو ويو. ۲۰۰۳ع ۾ ضلع گهوٽڪي جي هڪ خانگي اسڪول ۾ کيس استاد جي نوڪري
ملي سا به ٻن مهينن کان پوءِ ويندي رهي. پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو بيروزگار رهڻ
واري انورڏنگڙاائي ۲۰۰۱ع ۾ مهين جودڙو جي ميوزيم جي ڪائونٽر تي به هڪ سال لاءِ ٽڪيٽ ڪليڪٽر جي
حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو ته ڪجهه عرصي لاءِ پاڪستان اسٽيٽ لائيف ۾ به نوڪري ڪندو
رهيو. بدقسمتي سان اسان جي قوم جو هي انمول سرمايو اڄ ڪلهه به بيروزگاري جي عذاب
هيٺ زندگي گذاري رهيو آهيان.
جنهن ملڪ جي گندي
ناسورن جهڙي سياسي اڳواڻن جي خرافات سبب جڏهن انورڏنگڙائي جهڙا قابل جوهر ۽ باشعور
انسان ماني ڳڀي لاءِ سالن جا سال پنهنجي قلم کي ويڙهي کوهه جي ڏاند جيان بيڪار جي
بيگار ۾ جٽيل رهن ۽ ايتري تائين جو سندن آدرشن جي زمين بنجر ٿي ويندي آهي ۽ سندن
قلم زنگ پڪڙي وٺندو آهي ته ان ملڪ ۾ عام ماڻهن جي زندگي، مستقبل ۽ حقن جي صورتحال ڪهڙي
هوندي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونه آهي. اهو ئي سبب آهي جو انور جهڙي ماڻهن
جي روشن ضميري، انسان دوستي، ادب پروري ۽ شخصي سادگي جي قدر نه هجي اهڙي سماجن سان
وابسته قومن ۽ ملڪن جون نه تقديرون بدلجڻ جي نه ڪا سبيل نڪرندي آهي نه ئي مستقبل
قريب ۾ انهن جي سماجي ترقي، ڀلائي، تعمير ۽ خوشحالي جا خواب پورا ٿيندي نظر ايندا
آهن.
انور جا ڇھ ڪتاب ڇپيل آهن ۱. ڏوٿي انهيءَ ڏيھ جا ۲. ڳچيءَ ڳانا لوه جا ۳. اسانجو ڪنور ۴. مُنهين جو ماڻهو ۵. ڀٽائيءَ جي ڊڪشنري ۶. اُلا عشق جا.
ReplyDelete۹۲ ۾ نوڪري روينيو کاتي ۾ نه پر واپڊا ۾ ملي هئي.
حاڪم منگي
(حاڪم منگيءَ جا فيسبڪ تي ريمارڪس)