; سنڌي شخصيتون: اڪبر لغاري

31 December, 2019

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري
جديد سنڌي ادب جو نامور نقاد، محقق ۽ سرموڙ نثرنگار ۽ جهالتن جي نڙيءَ تي ننهن
ثناءُالله عتيق چنجڻي
غريب جو ٻار اڪبر لغاري جنهن کي ڦُٽين چونڊيندڙ هٿن سان رڻ جهڙن سماجي روين اندر زندگي گذاري وقت سان رئِي مِٽي ٿيڻو هيو. جنهن نوجوان کي ريتن جي ڏاگھه تي جيئرو سڙي مرڻو هيو انهيءَ ڳڀروءَ پنهنجن ذاتي محنتن سان مروج ذلتن کي پنڊپهڻ بڻائي، علم جي روشنيءَ سان ريتن جي سنگھرن کي ٽوڙي ايترو اڳتي نڪري آيو جو هينئر جهالتن جي نڙيءَ مٿان سندس ننهن ڏسي ويساه ٿيندو آهي ته سنڌ جيئندي سدا، سنڌ رهندي سدا.


اڪبر سان منهنجون پهريون ملاقاتون غيررسمي پر ڀرپور ادبي ذوق سان ٿينديون رهيون آهن. يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جي اڪثر پروگرامن دوران سندس مقالن جي اصول پرستي سنڌي ادب جي ساڪن ادبي رجحان واري تلاءُ ۾ دليل جا پٿر لڳندي هئي. چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن جي تياريءَ دوران اڪبر جو سنڌي ادب تي مختصر ڪتاب پنهنجي ترتيب ۽ معيار جي حوالي سان ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه لڳندو هيو. ڪجھه وقت پوءِ زرعي يونيورسٽي جي دوستن سان گڏجي ڀٽ شاه تي ادبي ڪانفرنس دوران اڪبر سان ملاقات ٿي هئي. شايد پاڻ سنڌ حڪومت جي ڪاموري طور حاضر هيا. پر سندس سادگيءَ ۽ سنڌيت جو قائل ٿيو هيس ته ڪيئن نه سخت گرميءَ باوجود اڪبر ڀت جي ديڳين تي پاڻ بيهي هر مهمان کي ماني رسائڻ جي خدمت ۾ خوشي محسوس ڪري رهيو هيو. ايئن ئي حيدرآباد جي موسيقي وارن محفلن ۾ به اڪبر سان کيڪار ٿيندي رهي آهي. جنهن ۾ سندس انسان دوستيءَ ۽ فن سان پيار جي پرک ٿيندي رهي آهي. ڪجهه وقت آئون مٽياري ۽ هالا ۾ سماجي ادارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيس. ان دوران اڪبر جو جنم ڳوٺ به ڏسي آيس. سندس ڪوششن سان سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ اندر شاندار لائبريري علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان فعال حالت ۾ نظر آئي. انهن ڏينهن ۾ توڙي جو اڪبر سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگھي پر سندس ادبي پورهيو سنڌي رسالن ۾ پڙهڻ لاءِ مسلسل ملندو رهيو.
۲۰۱۲ع جي ڊسمبر مهيني دوران ڪراچي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ملاقات لاءِ ڪلفٽن ۾ رهيل هيس. موبائل تي اڪبر سان ملاقات جي خواهش ڏيکاريم، پاڻ پنهنجي رهائش تي شاندار سنڌي روايتن سان آڌرڀاءُ ڪيائون. ساڻس گفتگو جا موضوع آفاقي ۽ سنڌيت جا ڪيڏارا هيا. اڪبر سنڌ جي روايتي سرد مزاج ۽ هڪ هٽيءَ جي بار ۾ دٻجي ويل ريتن جو ذڪر ڇيڙي ويٺو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪي پنج ڇهه مهينا اڳ سندس برادريءَ اندر ٿيل جھيڙي ۾ ٻه ٽي ماڻهو مارجي ويا هيا. اڪبر سان ڳالهه ڇيڙيم ته ويرم ئي نه ڪيائين. ترت وراڻي ڏيندي چيائين ادا، اهي منهنجي خاندان جا ماڻهو هيا. پوءِ گفتگو دوران اڪبر پنهنجي برادريءَ جي ٿاڦيل روين تي به ڳالهايو هيو. سندس خيال هيو ته جهالت ئي اهڙن هاڃن کي جنم ڏئي ٿي. سنڌ اندر تعليم سان گڏ اسانکي پنهنجن غلطين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي نه ته اهڙا واقعا سنڌ جو معمول بڻيل رهندا. سنڌ جي عورت سان انياءُ جو ذڪر نڪتو. اڪبر ٻڌايو ته ڪيئن نه سندس برادري اندر به اهڙي روش جاري آهي. جنهن موجب سنڌ جي نياڻي کي پسند جي پرڻي جي اجازت کي به پاپ سمجھيو وڃين ٿو. بهرحال ساڻس اهيا ملاقات منهنجي لاءِ سوچ جا سنيها کڻي آئي. وڏي خوشي جهڙي ڳالهه ته پاڻ پنهنجو ڪتاب، “فلسفي جي مختصر تاريخ” تحفو ڏنائون. فلسفي سان گھري دلچسپي اڪبر کي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ منتخب ڪيو آهي. اڪبر سنڌي ادب جي چند ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي ڏات کي پنهنجي ميراث بجاءِ قوم جو خزانو سمجھندا آهن. ادب جي دُڪانداري بجاءِادب جي آبياري ڪرڻ ئي وڏو ادبي ڪارج هوندو آهي. جڏهن ادبي رجحان مذهبي، نسلي، لساني يا طبقاتي بڻجي وڃين ته پوءِ اهو محدود ادبي دائرن ۾ جيئندو مرندو رهندو. اڪبر پنهنجن مزاجن جيان سنڌي ادب اندر سنجيده ۽ صحت مند نظرين جو بنياد رکندو رهيو آهي. سنڌ اندر سندس روشن خيال روين جو چٽو اثر نئين ٽهيءَ جي ادبي روين کي وڌيڪ اجاگر ڪري رهيو آهي. پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ جي آڌار اڪبر سماجي سنگهرن خلاف برجستي سوچ کي ڦهلائيندو رهيو آهي.
اڪبر لغاري جنهن انداز سان پنهنجن صلاحيتن کي مڃرايو آهي.اهيو جاکوڙي رويو سنڌ جي نوجوانن لاءِ مسلسل جوجهد جي نينڍ آهي. سندس ادبي ڪارج لٻاڙ ۽ خاناپوڙي وارن جنجهٽن کان ڪوهين ڏور بيٺل ڏسي يقين ٿيندو آهي ته سنڌ جي ادبي افق تي باک جا آثار امر رهڻا آهن. اڪبر سنڌ جي ادبي تاريخ، فلسفي ۽ تنقيد جي موضوعن تي سگھاري دسترس رکي ٿو. تنهنڪري کيس گھرجي ته اهڙن موضوعن تي سنڌي ادب کي پنهنجا وڌيڪ تجربا ارپنائون ڪري. اڪبر جي جنم ڏينهن تي کيس مبارڪون ڏيندي اهيا اميد اٿم ته سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ اڪبر لغاريءَ جو ڪردار هميشه جيان نمايان رهندو.

محترم اڪبر لغاري صاحب
کين جي جنم ڏينھن تي ڀيٽا


ھن ناليواري اديب، نقاد، تنقيدنگار ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاريءَ جو جنم، ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع تي ڀاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ ٽالهي خان لغاري، تعلقي هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، ميٽرڪ ۽ انٽر هالا مان، ماسٽرس اف اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۱۹۸۸ع ۾ ڪئي. ان کان سواءِ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۲۰۰۳ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB) پڻ حاصل ڪيائين. اڪبر لغاري شروع ۾ تعليم کاتي ۾ J.S.T مقرر ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپ فل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو. ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن دوران گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۽ بدين ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. ٽريننگ بعد ۱۹۹۳ع ۾ مورِي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. ۱۹۹۴ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، ۱۹۹۵ع ۾ ايس ڊي ايم مٺي، ۱۹۹۶ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، ۱۹۹۷ع ۾ ايس ڊي ايم ڊگهڙي، ۱۹۹۸ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، ۱۹۹۹ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص، ۲۰۰۰ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ)، ۲۰۰۱ع ۾ ڊيِ اِي او فنانس سانگهڙ، ۲۰۰۲ع ۾ ٽِي ايم او ڪورنگي ڪراچي، ۲۰۰۳ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، ۲۰۰۳ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، ۲۰۰۴ع ۾ اِي ڊِي او روينيو دادو، ۲۰۰۵ع ۾ اِيِ ڊِي او روينيو ڄامشورو، ۲۰۰۷ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ڊِي سي او عمرڪوٽ، سيڪريٽري روينيو، ڊائريڪٽر آبادي ۽ ترقي کاتو، ايڊيشنل سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ صنعت کاتو وغيره عهدن تي فائز رهيو. ترقي ملڻ بعد مڪاني کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ بحاليءَ واري کاتي ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن بعد لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ٿيو، جڏهن ته پاڻ ۲۰۱۶ع کان ثقافت کاتي جو سيڪريٽري آهي. اڪبر لغاري لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع ڌاري ڪئي. سندس ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن؛ روزاني ڪاوش، ٽه-ماهي مهراڻ، ٽه-ماهي سارنگا وغيره ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
اڪبر لغاري جتي به رهيو آهي، اتي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائي اٿائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نالي سان لائبرري قائم ڪرڻ کان سواءِ مانجھند شهر ۾ ’استاد حيدر علي لغاري لائبرريءَ‘، روحل واءِ عمرڪوٽ ۾ ’حليم باغي لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌائين. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران، سنڌ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو ۽ ادبي شعبي سميت ٻين مختلف شعبن کي فعال ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.
اڪبر لغاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ڪانفرنسون پڻ ڪرايون آهن. هن ڪيترن ئي اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (روشني پبليڪيشن: ڪيترا ئي ڇاپا) ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (۲۰۰۳ع)، ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ (ماءِ پبليڪيشن سکر: ۲۰۱۶) ”ڪوي عمر ڪوٽ جا“ ۲۰۱۰ع ”عمر ڪوٽ ايامن کان“۲۰۱۰ ع قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن عيوض ڪيترا ئي اوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾
Icon of Pakistan Award :2016
اهم آهي. اڪبر لغاري آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري چڪو آهي. سندس شادي نامور اديب شهناز شورو سان ٿيل آهي. جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
اڄ ٽيھ نومبر سندس جنم ڏينھن تي دل جي گھرائين سان کيس جنم واڌايون پيش ڪيون ٿا.

(خليل چانڊيو جي فيسبڪ وال تان کنيل)


اڪبر لغاري

ناليوارو اديب، نقاد ۽ فلاسافر

احمد علي صابر چانڊيو

ناليواري اديب، نقاد، تنقيدنگار ۽ ڪهاڻيڪار محترم اڪبر لغاريءَ جو جنم، ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع تي ڀاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ ٽالهي خان لغاري، تعلقي هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، ميٽرڪ ۽ انٽر هالا مان، ماسٽرس آف اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۱۹۸۸ع ۾ ڪئي. ان کان سواءِ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۲۰۰۳ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB) پڻ حاصل ڪيائين. اڪبر لغاري شروع ۾ تعليم کاتي ۾ J.S.T مقرر ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپ فل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو.

سال ۱۹۹۱ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن دوران گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۽ بدين ۾ نوڪري ڪيائين. سال ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ٽريننگ بعد ۱۹۹۳ع ڌاري، مورِي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرمقرر ٿيو. سال ۱۹۹۴ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، ۱۹۹۵ع ۾ ايس ڊي ايم مٺي، ۱۹۹۶ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، ۱۹۹۷ع ۾ ايس ڊي ايم ڊگهڙي، ۱۹۹۸ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، ۱۹۹۹ع ۾ ايس ڊي ايم ميرپور خاص، ۲۰۰۰ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ)، ۲۰۰۱ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ، ۲۰۰۲ع ۾ ٽِي ايم او ڪورنگي ڪراچي، ۲۰۰۳ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، ۲۰۰۳ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، ۲۰۰۴ع ۾ اِي ڊِي او روينيو دادو، ۲۰۰۵ع ۾ اِيِ ڊِي او روينيو ڄامشورو، ۲۰۰۷ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ڊِي. سي. او عمرڪوٽ، سيڪريٽري روينيو، ڊائريڪٽر آبادي ۽ ترقي کاتو، ايڊيشنل سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ صنعت کاتو وغيره عهدن تي فائز رهيو. ترقي ملڻ بعد مڪاني کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ بحاليءَ واري کاتي ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن بعد لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ٿيو، جڏهن ته پاڻ ۲۰۱۶ع کان ثقافت کاتي جو سيڪريٽري آهي. اڪبر لغاري لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع ڌاري ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن: روزاني ڪاوش، ٽه ماهي مهراڻ ٽه ماهي سارنگا وغيره ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڪبر لغاري جتي به رهيوآهي، اتي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائي اٿائين.پنهنجي ڳوٺ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نالي سان لائبرري قائم ڪرڻ کان سواءِ مانجھند شهر ۾ ’استاد حيدر علي لغاري لائبرريءَ‘، روحل واءِ عمرڪوٽ ۾ ’حليم باغي لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌائين لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران سنڌ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو

پاڻ لاڙڪاڻي۾   ادبي شعبي سميت ٻين مختلف شعبن کي فعال ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. سائين اڪبر لغاري شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ڪانفرنسون پڻ ڪرايون آهن. هن ڪيترن ئي اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آهن.سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (روشني پبليڪيشن: ڪيترائي ڇاپا) ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (۲۰۰۳ع)، ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ (ماءِ پبليڪيشن سکر:۲۰۱۶ ) ”ڪوي عمر ڪوٽ جا“ ۲۰۱۰ع ”عمر ڪوٽ ايامن کان“۲۰۱۰ ع قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾ Icon of Pakistan Award :۲۰۱۶ اهم آهي.

محترم اڪبر لغاري آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري چڪو آهي. سندس شادي نامور اديبہ شهناز شورو سان ٿيل آهي. جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي.

دل تي آھي سارو اڪريل پٿر تي ڪجھ لکڻو ناھي؛

ٻيا سڀ ليڪا ڊاھي سگھبا پيار جو ليڪو ڊھڻو ناھي!“

اڄ  سندس جنم ڏڻ تي دل جي اٿاھ گھرائين سان کيس جنم واڌايون پيش ٿا ڪريون.

 



اڪبر لغاري

تعليم ۽ ثقافت دوست محبتي ڪردار

عبدالفتاح عباسي

تعليم کانسواءِ انسان انڌو ۽ بي معنيٰ سمجهو ويندو آهي، تنهن ڪري ئي چيو ويو آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي، شعور بنا هيءَ دنيا ڄڻ ته ڪنهن پاگل خاني جي تصور ڏانهن هلي وڃي ٿي، جنهن قوم ۾ پنهنجي شعوري سگهه ۽ قوت موجود آهي اها قوم ڪڏهن به زوال پذير نٿي وڃي سگهي، پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ ۾ بي مثال اهڙا رول ماڊل ڪردار وقت بوقت پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڪنهن مسيحا جي روپ ۾ نمودار ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ دوران پل پل ۽ وک وک سماج جي بهتريءَ لاءِ قدم اٿندو رهي ٿو، اهڙن املهه شخصيتن جو سماجي بهتريءَ لاءِ اٿندڙ ڪردار پوري ڌرتيءَ جي سونهن، خوبصورتي، بيوٽيفڪيشن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو.

اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ شهر لاڙڪاڻي ۾ هڪ بي مثال هر دلعزيز شخصيت ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ آيو هو، جنهن کان پوءِ ميونسپل آفيسر عرفان علي آيو جن لاڙڪاڻي شهر کي پنهنجي آفيسريءَ جي ٺٺ ۽ ٺانگر سان نه پر پنهنجي فقيري طبيعت سان اهڙو ته سينگاريو ۽ عوام جي تڪليفن، مشڪلاتن، مصيبتن ۽ دردن جو ازالو ڪري ڏيکاريو جنهن جو هن وقت تائين مثال نٿو ملي سگهي. اهڙي طرح ئي سنڌ جي خوبصورت خطي ۾ هڪ نه وسرندڙ تعليم ۽ ڪلچرل (ثقافتي) ڪردار آهي جنهن کي اڪبر لغاريءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن شعوري ڪردار غلام اڪبر لغاريءَ جو جنم ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع ۾ ڳوٺ ٽلهو خان لغاري، هالا تعلقو، مٽياري ڊسٽرڪٽ ۾ ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۸۷ع ۾ M.A (ECONOMICS) ڪئي. جنهن کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ۱۹۹۱ع ۾ ليڪچرار ۽ ۱۹۹۲ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏيئي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. اسسٽنٽ ڪمشنر بعد هو مختلف سرڪاري وڏن عهدن تي فائز رهيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو جو ڪمشنر به رهيو ۽ سياحت ثقافت جي سيڪريٽري طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت هو تعليم جهڙي مقدس شعبي سان وابسته آهي ۽ سيڪريٽري تعليم جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

هن سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ بهتر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جڏهن ته هن جو سيڪريٽري ڪلچرل اينڊ ٽوئرازم سان گڏ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ موجوده حالتن ۾ جهڙي طرح اڪبر لغاري ڪلچرل ۽ تعليم جي بهتريءَ لاءِ  قدم کنيا آهن سي ساراهه جوڳا آهن. جن ۾ سڀ کان پهريان انسانيت جي خوبصورت گڻ سان سينگاريل خوبي هر هڪ استاد کان ويندي هر ملازم جي عزت نفس جو خيال ڪندي، انهن جي جذبات جي عڪاسي ڪندي، انهن جي مڙني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. شايد ايجوڪيشن ۽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ ۾ هيءُ واحد سيڪريٽري آهي جنهن جا دروازا هر هڪ ملازم لاءِ کليل آهن. هو بغير ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي هر هڪ جا ڪم ڪار ڪري ٿو. هن تعليم ۽ ڪلچرل دوست اڪبر لغاريءَ ۾ وڏي ۾ وڏي اها خوبي ۽ ڪوالٽي آهي ته  هو اپڊيٽ رهي ٿو ۽ پنهنجي ڪاوشن ڪوششن ۽  ملازمن جي ڪمن ڪارين جي بهتريءَ لاءِ ڪيل قدمن جي روزمره جي حساب سان سوشل ميڊيا تي شيئرنگ ڪندو رهي ٿو. ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ڪهڙن ڪهڙن سنڌ جي سيڪريٽرين پنهنجي فيس بوڪ سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه ۽ پنهنجو رابطي جو نمبر شيئر ڪيو آهي ته جنهن به ملازم کي ڪا شڪايت هجي ته ساڻس رابطو ڪري. هيءُ تعليم دوستيءَ جو بي مثال ڪردار تعليم سان چاهه ۽ شوق جو نمونو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لاڙڪاڻو آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ موجوده جنرل سيڪريٽري عبدالستار کهاوڙ جو چوڻ آهي ته اڪبر لغاري کي اسان هميشه ڪو آفيسر نه پر هڪ فقيري طبيعت ۾ ڏٺو آهي. هو انسان دوست، سڀني جو همدرد، هڏ ڏوکي ۽ عوام دوست آفيسر آهي. هن سنڌي فنڪارن گلوڪارن جي تمام گهڻي سپورٽ ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ سکيا ٽريننگ سينٽر کوليا.

اڪبر لغاري ادب، فنڪار، شاعر دوست آهي. هو پاڻ وڏو اديب ۽ دانشور هجڻ باوجود هميشه سٻاجهڙي طبيعت ۾ رهيو آهي. اڪبر لغاري ۽ منهنجو استاد ايم ايم بلوچ رهيو. هو بهترين ڪهاڻيڪار، ليکڪ آهي ۽ علمي ڪاوشون ۽ خدمتون نه وسرندڙ اٿس. هن ڪلچرل ڊپارٽمينٽ ۾ تمام گهڻي انگ ۾ فنڪارن، گلوڪارن کي وظيفا ڏيڻ سميت انهن کي صحت ڪارڊ ڏيارايا. اڳ ۾ ڊراما ته آرٽ ڪائونسل کي ملندا هيا پر هن نئين ۽ بهترين ڳالهه متعارف ڪرائيندي ڊراما فيسٽول جو رواج وڌو. جنهن سان نوجوانن جو نئون ٽئلنٽ سامهون اچڻ لڳو. انهيءَ جي دوستي تي اسان کي فخر آهي. سنڌ جي ناليواري مشهور قديم درگاهه شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رحمت الله عليه کهڙا شريف جي گادي نشين مخدوم نديم احمد هاشمي چيو ته اڪبر لغاري سنڌ جي سياحت ثقافت کاتي ۾ بهترين ڪم ڪيا آهن ۽ هاڻي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري تعليم طور پڻ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهيو آهي. هن سنڌ جي اندر تعلقه سطح تي جيڪي ميونسپل انتظاميه جي ماتحت لائبريريون هيون اهي پنهنجي انڊر ۾ آڻي هر تعلقي ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ ۽ انهن کي ڪتاب ڏيڻ جو شاندار اعلان ڪيو آهي. هن جي اچڻ سان ڪلچرل ڊپارٽمينٽ ۾ وڏي بهتري ۽ نئين اميد پيدا ٿي آهي.

تعليم، سڌريل قومن جي ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي. جتي تعليم سڌريل ۽ اڳتي آهي، اتي قومون ترقي جون منزلون طئي ڪنديون آهن. جتي تعليم شعور جي لاٽ اونداهي هوندي آهي، اتي جهالت جو کليل راڄ هوندو آهي. ڪڏهن به سنڌ جا ويري، تعليم دشمن، نام نهاد چڱا مڙس، ڀوتار نه چاهيندا ته سنڌ جي تعليم جاري رهي ۽ مينهن ڇپرن لوڙهن ۾ پيٽ بکايل ۽ اڃايل تعليم جي نعمت سان سرفراز ٿين. انهي ڪري اسان جيستائين تعليم کي اوليت جي بنياد تحت نه کڻنداسين ته ترقي ممڪن ناهي. اڪثر ائين ٿيندو رهيو آهي ته اسان جي ادارن تي قابض وزيرن ۽ ڪامورن پنهنجي آمرانه رويي سبب پنهنجي اداري جي ملازمن کي پنهنجو غلام سمجهي، لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ رڳو تنقيد براءِ تنقيد ڪري ويتر ملازمن جي صلاحيتن، اهليت ۽ ميرٽ تي بلڊوز ڪيو ويو آهي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو ايماندار، سچار ۽ مخلص وزير ۽ آفيسر اچڻ لڳي ٿو ته پوءِ ملازمن ۾ هڪ نئون اتساهه پيدا ٿيڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ عوام جون اميدون خواهشون پيدا ٿيڻ لڳن ٿيون. جڏهن سنڌ ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ٿئي ٿو ته پوءِ ثقافت کاتي جيان هن تعليم کاتي ۾ به نئين اميد پيدا ٿيڻ لڳي ٿي. هن جي اچڻ سان استادن جا مسئلا، اسڪولن جا مسئلا، فوتي ڪوٽا جا مسئلا، مالي مدد جا مسئلا، سن ڪوٽا جا مسئلا، ميڊيڪل ري امبرسمينٽ جهڙا مسئلا حل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ انتهائي قابل ذڪر ۽ واکاڻ جوڳا آهن. هن سنڌ جي صوبائي سيڪريٽري تعليم کي اپڊيٽ سيڪريٽري چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هيءُ نيوز الرٽ وانگر هميشه اپڊيٽ رهي ٿو ۽ استاد برادريءَ لاءِ نت نوان مسئلا حل ڪري استاد برادرين جون دليون کٽي رهيو آهي. هن مان اميد ڪجي ٿي ته هيءُ سنڌ جي استادن جي اولاد ڪوٽا (سن ڪوٽا) تي به عمل ڪندي، استادن جي اولاد کي بيروزگاري مان ڪڍي، انهن کي به نوڪريون ڏيندو. جيئن ٻين سرڪاري ادارن ۾ ملازمن جي اولاد ڪوٽا تي انهن جي اولاد کي رکيو وڃي ٿو، ائين ئي تعليم کاتي ۾ به استادن جي اولاد ڪوٽا اڳ جيان ڏني وڃي.   

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

اڪبر لغاري

املهه انسان - سلسلو ۱۳۴

حفيظ چانڊيو

توڙي جو هو ٽن ڏهاڪن کان انتظامي معاملن ۾ مصروف رهيو آهي، پر پوءِ به ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس ڪم جي رفتار ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي، ادب ۽ آرٽ جو ماڻهو شل نه بيوروڪريسيءَ ۾ اڙجي، پوءِ سمجهو وک وک سندس امتحان شروع..!! هو ناليواري اديب،محقق، ٻوليءَ جو وينجھار، نقاد، تنقيدنگار ۽ ڪهاڻي کيتر جو اهم نالو آهي.  شايد ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن هو انتظامي معاملن لاءِ مختلف کاتن جي آفيسرن توڙي وزيرن سان گڏجاڻيون نه ڪندو رهيو هجي، ذهني دٻاءَ، سياسي پريشرس ۾ هو ڪٿي گهٻرايل نٿو ڏيکارجي، نه ئي ذهني ٿڪاوٽ هن کان ادبي پورهئي تان هٿ ئي کڻائي سگهي، سڀني حالتن ۾ شانت رهي، هو ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي ٿو. ماڻهن کي مان ڏئي، سندن جائز مسئلا حل به ڪندو رهي ٿو، جتي ماڻهن جا لکين رپيا خرچ ٿيندا هئا، اتي هن اچڻ سان سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي بنا ڪنهن رپئي ڀرڻ جي سندن معاملا حل ڪيا آهن هو انتظامي عهدن کان ادبي لڏي تائين جي سفر ۾ جستجو لا تقۡنطو جي عملي تصوير رهيو آهي. آهي ته هو هڪ ڪامورو پر لاجواب ۽ مڻيادار ماڻهو آهي، پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي سهڻو، آرٽسٽڪ ۽ تخليقي صلاحيتن سان مالا مال ماڻهو آهي، هو ماٺيڻي مزاج رکندڙ ،بردبار، ٻاجهارو، کلڻو ملڻو هڪ آدرشي ۽ تعميري ڪردار طور سڀ جو گهڻگهرو آهي،سڀ جو خير خواہ، سڀ جو واقفڪار ۽ ناميارو اديب آهي. هو سچو ۽ کرو انسان آهي. ڪنهن سان لڳندس ته مٿس نڇاور ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪبر لغاريءَ جو نالو کڄندو آهي ته سندس طويل جدوجهد سامهون ايندي آهي، جنهن ۾ هو اميدن جا ديپ جلائي اتساهيندڙ املهه انسان طور ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي. سندس جنمُ ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع تي ڀاڻوٺ شهر لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٽالهي خان لغاري، تعلقي هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ٿيو. جتان هن شروعاتي تعليم پرائي. ڳوٺ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هالا جي هاير سيڪنڊري اسڪول مان انٽر ۽ ماسٽرس اڪنامڪس سبجيڪٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۱۹۸۷ع ڌاران حاصل ڪئي. هن مخلتف تجربن مان گذري ڪامياب زندگيءَ جا نتيجا اخذ ڪيا. قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين، ان سلسلي ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۲۰۰۳ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB) حاصل ڪئي ته زندگيءَ جي پيچيده مسئلن کي هو قانوني ۽ آئيني روءِ سان پرکي سگهي. هو سدائين متحرڪ رهيو آهي. بيروزگاري جي زماني ۾ هن تعليم کاتي ۾ J.S.T طور تعليم کاتي ۾ هڪ استاد بڻيو. ان سلسلي ۾ هن ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپ فل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ تدريسي عمل جاري رکيو. استاد هجڻ ڪري هن مثالي استاد جا فرض نڀايا. گڏوگڏ ڪميشن امتحان جي ايمرجنسي تياري پڻ ڪندو رهيو. پاڻ ننڍي هوندي کان وٺي ڪميشنڊ آفيسر ٿيڻ چاهيو. ڏينھن رات محنت ڪري ۱۹۹۱ع ۾ نيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن دوران گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۽ بدين ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پاس ٿي "اسسٽنٽ ڪمشنر“ مقرر ٿيو. ڪجهه وقت ٽريننگ ڪري ۱۹۹۳ع ۾ مورِي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. ۱۹۹۴ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد ٿيو، جتي انتظامي طور سڌارا آندائين. سال ۱۹۹۵ع ۾ ايس ڊي ايم مٺيءَ ۾ رهيو ته مٺيءَ جو ادبي ماحول گرمايائين. ننڍا وڏا ادبي ميڙاڪا منقعد ڪري مٺيءَ کي ادبي ميڙاڪن جو مرڪز بڻايو هيائين. مٺي توڙي آسپاس جي ماڻهن سان ادبي ۽ انتظامي معاملن تي بحث مباحثا ڪري، پنهنجي دور کي يادگار ڪيو هيائين. هو ان سماج جو ڊاڪٽر آهي، جنهن جي عام ماڻهوءَ وٽ ڪاموري ۽ آفيسر جو خاڪو ڪو ايترو چڱو ناهي، اهڙي ماحول ۾ هن مجموعي طور مثبت ڪردار ادا ڪري هڪ صحتمند سماج جي اڏوات واري خواب کي ڪنهن قدر مڪمل ڪيو آهي،احساسن کان عاري سماج ۾ وٽس احساس آهن، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي، ان بدبودار سماج ۾ سندس ڪارائتو ڪردار قابل فخر آهي. هو قلمڪار آهي، ادب جي آبياري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.هو ٽن ڏهاڪن کان نه رڳو سماج جي پسِ پردہ حقيقتن تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، پر پس و پيش منظر پڻ اسان کي ڏيکاريندو رهيو آهي. هو سماج جيئن ۽ جياريندڙ هڪ آدرش ٿي اڀريو آهي. هو مٺي کان پوءِ ۱۹۹۶ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بڻيو، ۱۹۹۷ع ۾ ايس. ڊي. ايم ڊگهڙي، ۱۹۹۸ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد ٿيو، جتي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيائين، ۱۹۹۹ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص لڳو ميرپور خاص مرڪي پئي هئي، ۲۰۰۰ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ) ٿيو، گهٽ ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ رهڻ باوجود انقلابي قدم کنيائين. ۲۰۰۱ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ ٿيو، جتي مالي معاملن ۾ خرد برد ڪندڙ ملازمن خلاف قانوني چاره جوئي ڪيائين، ۲۰۰۲ع ۾ ٽِي ايم او ڪورنگي ڪراچيءَ ۾ لڳو جتي صفائي سٿرائيءَ سان گڏ ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايائين، ۲۰۰۳ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم بڻيو، جتي سنڌ جي خوشحاليءَ جا خوابن کي پاڻي ڏنائين، ٽوئرزم ۾ وسعت ۽ سڌارا آندائين، ۲۰۰۳ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو جو قلمدان سنڀاليو ته ثقافتي سرگرمين جو اهڙو ڄار وڇايو هيائين جو سنڌ مرڪي پئي هئي، تاريخي ماڳن تي تاريخي ڪم ڪرايائين ۽ ٻاهرين ملڪن جي سياحن کي سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن کي گهمڻ لاءِ دلچسپي پيدا ڪيائين، موهين جي دڙي جي ٽين انٽرنيشنل ڪانفرنس منقعد ڪرائي ڪيترن ملڪن مان ڪيترائي آرڪيالاجي ماهر گهرائي انهن کان ريسرچ پيپر پڙهائي پوري دنيا ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو هيائين. ۲۰۰۴ع ۾ اِي. ڊِي. او روينيو ٿيو، غلط کاتن کي سڌو ڪيائين،مستحق ماڻهن لاءِ آفيس جا دروازا کوليائين ته جيئن هو وٽس جائز مسئلا کڻي اچن، سندن هر ممڪن سهڪار ڪري سندن مسئلا حل ڪري سگهي. ۲۰۰۵ع ۾ اِيِ. ڊِي. او روينيو ڄامشورو ٿيو، جتي ساڳي ئي طرز تي ماڻهن جي ملڪيتن جا مسئلا حل ڪيا، ميٺ محبت سان سندن مسئلا حل ڪيائين ته جيئن هو خونريزي کان بچن. ۲۰۰۷ع ۾ ڪمشنر حيدرآباد ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ڊِي سي او عمرڪوٽ، سيڪريٽري روينيو، ڊائريڪٽر ڪچي آباديز ۽ ترقي کاتو، ايڊيشنل سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ صنعت کاتو جهڙن عهدن تي فائز رهيو. ترقي ملڻ بعد مڪاني کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ بحاليءَ واري کاتي ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو. جنهن بعد لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ٿيو، جتي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ ڀٽائي ادبي هال ٺهرائي، مشاعرن توڙي اسٽيج ڊرامن کي زنده ڪيائين. ان کان علاوه لطيف سائينءَ جي ڪلام کي سکڻ لاءِ هفتيوار ۽ پندرهين وار شاعرن ۽ اديبن جون ميٽنگس منقعد ڪرائي، شاهه سائينءَ جي فن ۽ فڪر جي پرچار جو بنياد رکيائين. ڪيترن ڊراما نگارن ۽ آرٽسٽن کي اتساهيو هيائين. اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان سنڌ جي ٻين آرٽس ڪائونسل ۾ نمايان آهي. شاھه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪرايون آهن. اياز ميلو لڳرايائين. ان کان علاوه کيس لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل واري عهدي جي اضافي چارج سنڀالي، اداري ۾ ٿيل بدعنوانين کي وائکو ڪري لاڳاپيل کاتي کي خط لکي آگاه ڪيو هيائين.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو ته آئوٽ ٽرن پروموشن تحت پروموٽ ٿيل ملازمن کي ساڳي ڪيڊر ۾ آندائين، ان کان علاوه مٿس ڪيترن ماڻهن جا الزام به رهيا ته هن ڊيلي ويجز تي انهن قابل ملازمن کي لاٿو جن کي تاج جويو آندو هو. هن ته سدائين ماڻهن کي روزگار سان نوازيو آهي، پر خبر ناهي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ملازمن کي لاهي سندن پيٽ تي لت ڪيئن هنيائين. ڪمشنر لاڙڪاڻي وارو دور، اڪبر لغاريءَ جي زندگيءَ توڙي ڪيريئر جو شاندار دور آهي، جيڪو نه صرف لاڙڪاڻي واسين کي ياد رهندو پر هن لاءِ پڻ سدائين يادگار رهڻو آهي. لاڙڪاڻي کان پوءِ هو ۲۰۱۶ ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري بڻيو، جتي بيمار شاعرن، سگهڙن، اديبن، فنڪارن ۽ فنڪارائن جي مالي سهائتا ڪرايائين. هينئر هو تعليم کاتي جو سيڪريٽري آهي، جتي اڪبر لغاريءَ ڪنهن حد تائين ٿيل غلط ڪمن کي ٻنجي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ميرٽ جو مان رکندي تازو تعليم کاتي ۾ انقلابي قدم ساراه جوڳا آهن. معذورن کي ۳۳% تي ڪيبنيٽ مان قرارداد پاس ڪرائي اهل قرار ڏياريو، هارڊ ايرياز به ائين ڊڪليئر ڪيائين، جنهن تي هن کان ڪجهه اهڙا علائقا رهجي به آهن، جن تي هن کي غير سياسي ٿي ميرٽ جي بنياد تي سوچڻ گهرجي. ڪيترن سالن کان فوتي ڪوٽا تي عمل نه ٿيو هو، سندس اچڻ بعد تڪريبن ۱۱۰ خاندانن کي بنا سفارش ۽ بنا رشوت نوڪريون مليون، ان کان علاوه سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيائين. هو ميريٽوريس آهي، ميرٽ جي لتاڙ خلاف سندس انقلابي قدم ساراه جوڳا آهن.

اڪبر لغاري صاحب لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع کان ڪئي. هو هڪ نقاد آهي، ادب جو ڄاڻو آهي، اديب آهي، ادب جو گهڻگهرو آهي، عالم آهي، علم پرور آهي، هو هڪ بهترين ليکڪ آهي، انتظامي عهدن ۽ انتظامي ذميدارين ۾ مصروف رهندي هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، هو سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن، ادبي مخزنن ۾ لکندو رهيو آهي. سندس تنقيدي توڙي ادبي تحقيقي پيپر روزاني ڪاوش، ٽہ ماهي مهراڻ ٽہ ماهي سارنگا وغيره ۾ ڇپجندا رهيا آهن.

اڪبر لغاري صاحب ڪيترن ئي اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾

 ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (روشني پبليڪيشن: ڪيترائي ڇاپا)

”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (۲۰۰۳ع)، ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ (ماءِ پبليڪيشن سکر:۲۰۱۶ )

”ڪوي عمر ڪوٽ جا“ ۲۰۱۰ع ”عمر ڪوٽ ايامن کان“۲۰۱۰ع قابل ذڪر آهن.

هو جتي به رهيو آهي، اتي "اڪبر لغاري“ ڪامورو نه پر هڪ اديب ۽ تعميري ڪردار ٿي رهيو آهي، پنهنجي نوڪري جي سفر ۾ هن ڪيترن نوجوانن جي مالي مدد پڻ ڪئي ته جيئن هو امتحاني فارمن جون ڳريون فيون ڀري سگهن. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين نوڪري دوران هن سنڌ جي سدوري پٽ ادب ۽ آرٽ جي سرگرمين کي هٿي وٺرائي آهي. ايتري تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ پڻ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نالي سان لائبرري قائم ڪيائين، ان کان علاوه مانجھند شهر ۾ سندس ڪوششن سان "استاد حيدر علي لغاري لائبرريءَ“، روحل واءِ عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي نامياري شاعر حليم باغيءَ جي نالي سان قائم" حليم لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌو. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران سنڌ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو ۽ ادبي شعبي سميت ٻين مختلف شعبن کي فعال ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.

علمي ادبي توڙي سندس پروفيشنل خدمتن عيوض هن کي ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چُڪا آهن ، جن ۾Icon of Pakistan  Award ۲۰۱۶ع ۾ قابلِ ذڪر آهي، سندس زندگيءَ جو هيءُ مڃتا ايوارڊ اهميت جو حامل آهي. هو هينئر تائين آمريڪا سميت ڪيترائي ملڪ گھمي چڪو آهي، الطاف شيخ صاحب وانگر هن کي سفر نامن تي به ڪم ڪرڻ گهرجي گڏوگڏ پنهنجي آپ پيتي تي پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ جنريشن سندس مسلسل محنتن ۽ سچيت جذبن بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ڪامياب زندگيءَ جي گسن ڏانهن گامزن ٿي سگهن. سنڌ نامور اديب شهناز شورو سان سندس شادي ٿيل آهي، جنهن مان کيس ٻه گلڙن جهڙا ٻارڙن جو اولاد آهي. اهي هُنن ٻار ئي نه پر ٻنهي زال مڙسن جي رنگ برنگي ڪائنات آهن. دعا آهي ته شال سنڌ جي هن ادبي گهراڻي جي آڳنڌ تي خوشين ۽ محبتن جا ميلا متل هجن.

 

(سنڌيانا تان گهربل تفصيل کنيل)

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



اڪبر لغاري

(پيدائش: ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع)

ڀڳوانداس ميگھواڙ

مشهور اديب، نقاد، ڪهاڻيڪار، ۽ هاڻوڪي سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاريءَ جو جنم، ۳۰ نومبر ۱۹۶۳ع تي ڀاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ ٽالهي خان لغاري، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ هالا مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اڪنامڪس ۾ ايم. اي ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۲۰۰۳ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB) حاصل ڪئي. اڪبر لغاري شروع ۾ تعليم کاتي ۾ JST مقرر ٿيو. ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. ۲۰۰۲ع ۾ ترقي ماڻي ڊپٽي سيڪريٽري، ۲۰۰۷ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ۲۰۱۴ع ۾ سيڪريٽري ٿيو. ان دؤران اي ڊي او روينيو ڄام شورو، ڪين ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي او عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر رهيو، جڏهن ته ۲۰۱۶ع کان ثقافت کاتي جو سيڪريٽري آهي. ٻه ڀيرا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. اڪبر لغاري لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع ۾ ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڪبر لغاري جتي به رهيو آهي، اتي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائي آهي. پنھنجي ڳوٺ ۾ ’علامه آءِ آءِ قاضيءَ’جي نالي سان لائبرري قائم ڪرڻ کان سواءِ مانجهند شهر ۾ ’استاد حيدر علي خان لغاري لائبرري’۽ روحل واءِ عمرڪوٽ ۾’حليم باغي لائبرريءَ’ جو بنياد وڌو. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران سنڌ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. اڪبر لغاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز بابت ڪانفرنسون پڻ ڪرايون آهن. بحيثيت نقاد، هن ڪيترن ئي ناولن تي تنقيدي مضمون لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سنڌي ادب جو مختصر جائزو (روشني پبليڪيشن: ڪيترائي ڇاپا)، فلسفي جي مختصر تاريخ (۲۰۰۳ع)، ادبي تنقيد جي تاريخ (ماءِ پبليڪيشن سکر: ۲۰۱۶ع)، ڪوي عمرڪوٽ جا (۲۰۱۰ع)، عمرڪوٽ ايامن کان (۲۰۱۰ع) قابل ذڪر آهن. سندس ادبي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن. جن ۾ Icon Of Pakistan Award 2016 اهم آهي. سندس ڪتاب فلسفي جي مختصر تاريخ ۽ ادبي تنقيد جي تاريخ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪا آهن، سندس تنقيدي نقطه نظر هڪ اسڪول آف ٿاٽ جي حيثيت رکي ٿي،

 

(ڀڳوانداس ميگھواڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا