; سنڌي شخصيتون: رحيمداد خان مولائي شيدائي

31 December, 2019

رحيمداد خان مولائي شيدائي


رحيمداد خان مولائي شيدائي
ورسي تقريب جي رپورٽ
سيد امداد حسين رضوي

اڄ رحيم داد خان مولائي شيدائي جي ورسي جي سلسلي ۾ تنوير عباسي ھال سکر ڪلچر سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مون بہ شرڪت ڪئي.
مرحوم پاڻ سوري زئي شھواڻي بروھي قبيلي مان ھو سندس آبائي ڳوٺ مستونگ ھو سندس ولادت سکر ۾ ۱۸۹۴ع ٿي ۱۹۱۹ع ريلوي لوڪوشيڊ روھڙي ۾ ملازمت جي ابتدا ڪئي ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي گارڊ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي پاڻ ۱۲ فبروري ۱۹۷۸ع سکر ۾ وفات ڪئي آخري ڏينھن ۾ سندس اکين جي روشني بہ گهٽجي وئي ھئي ۽ مون کي غلام مرتضيٰ شاه موسوي ٻڌايو تہ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ptv وارا مون وٽ آيا تہ شيدائي صاحب جو انٽرويو ڪنداسين. مان کين سندس گهر وٺي ويس. پر تن ڏينھن ۾ سندس يادگيري ختم ٿي چڪي ھئي. ھنن صرف سندس وڊيو ڀري. 
سندس ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آھن. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو مقام نہ ملي سگهيو، جيڪو کيس ملڻ کپي ھا. پاڻ ۴۰ جي قريب ڪتاب لکيائين جن مان ڪجھ ڇپيا، ڪجھ اڃا ڪو نه ڇپيا آھن. ڪجھ چوري ٿي ويا. ھڪ ڪتاب ته سندس ڪوئي دوست وٺي ويو ته کيس واپس به ڪو نه ڪيو. جيڪي ڪتاب ھن وقت تائين ڇپيا آھن، تن جا نالا نيٺ ڏجن ٿا.


1.   اقاليم اسلام ۳ جلد
2.  پيغام نوح
3.   تاريخ ۽ جاگرافي بلوچستان
4.  تاريخ اسلام
5.   تاريخ بکر
6.   تاريخ بلوچستان (مڪمل ۽ مفصل)
7.   تاريخ ترڪستان
8.   تاريخ تصوف
9.   تاريخ تمندن سنڌ
10.                 تاريخ خاصخيلي
11.                 تاريخ سکر
12.                 تاريخ قلات
13.                 تاريخ موسوي سادات سکر
14.                 ٽالپرن جي مختصر تاريخ
15.                 جنت السنڌ
16.                 روضة السنڌ
17.                 زينت سنڌ
18.                 سر زمين بلوچ
19.                 سکر جي مسلمانن ۽ ھندو بزرگن جي سوانح حيات
20.                 سنڌ جا پراڻا شھر
21.                 سنڌ جي اقتصادي و تجارتي تاريخ
22.                 سنڌ جي سياست
23.                 صبح مشرق
24.                 غير شايع شده ڪتاب
25.                 مختصر تاريخ بلوچستان
26.                 مقالات شيدائي ۴ جلد
27.                 ميخانہ شيدائي

سندس باري ۾ پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب، ”ھو ڏوٿي ھو ڏينھن جي ص نمبر ۲۳۷ کان ص ۲۴۱ تي ڏاڍو خوبصورت لکيو آھي.
ان کان علاوه اتي اڄ کان ۳ ڊسمبر تائين ڪتابن جي نمائش پڻ لڳل آھي ۽ آخري ڏھاڙي يعني ۳ تاريخ شيخ اياز مشاعرو پڻ ترتيب ڏنل آھي. ھن سڄي ميلي جو مير، محترم ممتاز بخاري ۽ سندس سنگت آھي.

(سيد امداد حسين رضوي جي فيسبڪ وال تان)



رحيمداد خان مولائي شيدائي
شيخ عبدالرزاق “راز”

آءٌ کيس ٻالجتيءَ کان سڃاڻندو آهيان. ۽ هو به مون کي ٻالپڻي جي عمر ۾ چڱيءَ طرح سان ملڻ ايندو هو. هو ڏاڏي مرحوم جي پيارن شاگردن مان هڪڙو هوندو هو. کيس نوجوانيءَ ۾ ئي علم و ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي هوندي هئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان نهايت ڳوڙها ۽ ويجها تعلقات هئا، تنهنڪري به هو منهنجي بزرگن جو احترام ڪندو هو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هو وڏي بُجدار ٽوپي ۽ بند ڪالر واري ڪوٽ سان مليو هوندو هو. ان وقت هڪ تندرست، توانو ۽ مضبوط نوجوان هوندو هو. سندس چهري تي سرخي نظر ايندي هئي. سندس چپن مٿان مُڇن جي وارن جا ٻه ڇڳا، سندس حشمت ۽ جوانمراديءَ جي نشاندهي ڪندا هئا. سندس ڳالهيون عموماً پهاڙن، دريائن، ۽ بيابانن جي متعلق هونديون هيون. سندس گفتگوءَ جي دروازن انيڪ جهنگلي جانورن ۽ درندن جو ذڪر اچي ويندو هو. منهنجو ننڍڙو دماغ کيس ڪو وڏو شڪاري يا سيلاني سمجهندو هو. سندس اکين ۾ ڳاڙهاڻ هوندي هئي، جا منهنجي شڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي هئي. ڏاڏي مرحوم جي احترام جي پيش نظر، سندس مُنهن تي گنڀرتا هوندي هئي. مان کيس ڏسندو هوس.
هن جو نالو مير رحيمداد خان آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ ادبي دنيا ۾ “مولائي شيدائي” جي لقب سان مشهور ٿيو. هو شاهوڪاري هو نه سيلاني، پر ريلوي گارڊ هو. ڏاڏو مرحوم گذاري ويو هو، جنهنڪري هن اسان جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ رحيمداد خان مان بدلجي هو ‘مولائي شيدائي’ بڻجي ويو ۽ ريلوي گارڊ بجاءِ هڪ اخباري ڪالم- نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ۾ آيو. آءٌ انهيءَ وقت ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هوس. تنهن زماني ۾ پير علي محمد شاه راشديءَ سکر مان “ستارهء سنڌ” نالي هڪ روزاني اخبار شايع ڪرڻ شروع ڪئي. هن اخبار صوبي سنڌ جي صحافي زندگيءَ ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اها اخبار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ نامور اخبار بڻجي سڄي سنڌ تي ويئي. هي پهريون ڀيرو هو جو راشدي صاحب جي قلم جو زور اخبار جي ذريعي محسوس ڪيو ويو. راشدي برادرن جي اڻٿڪ محنتن ڪري اخبار هو معيار اوج تي پهتو.
رحيمداد هن اخبار جي شباب وقت منجهس ڪالم نگاريءَ سبب “مولائي شيدائي” بڻجي پيو خبر نه آهي ته اهو سندس لقب آهي يا تخلص. ڪجهه به هجي، ليڪن رحيمداد خان جي عرفيت ضرور آهي ۽ تنهنجي اها ئي دل جي قريب آهي. اها عنايت مٿس راشدي ڀائرن ڪئي هئي. هڪڙي ڀاءٌ کيس ‘مولائي’ سڏيو ته ٻئي ڀاءُ وري مٿس ‘شيدائي’ جو اضافو ڪيو ڀائنجي ائين ٿو ته سندس جسم جي مناسبت سان لقب به وزنائتو بڻايو ويو هو. “مولائيءَ” جي طبيعت ۾ ظرافت آهي. کيس ڪيترائي ٽوٽڪا ۽ ٽوڻا بر زبان ياد آهن. راشدي برادرن به سندس اهڙي بذلہ سنجيءَ کان ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا هئا. مولائي بيباڪ اهي ۽ مناسب موقعي تي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان چرچو ڪري وٺندو آهي.
مولائي شيدائيءَ مضمون نگاريءَ جي مشق پير حسام الدين راشديءَ جي سرپرستيءَ ۾ شروع ڪئي ۽ پير علي محمد راشديءَ کان صحافت جو فن سکيو. برادرن جي مشوري سان مولائي شيدائيءَ تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترائي ڪارناما سر انجام ڏنا. “ستارء سنڌ” جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تاريخي مضامين لکيا. سندس مفامين وادي سنڌ جي ادبي اُفق تي اڀريو ۽ واديءَ مهراڻ جي عملي طبقي سان روشناس ٿيو.
مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آهيان.
مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آءُ سندس مضامين، مختلف ايڊيشن ۾ ڇاپي هڪ دلي مسرتّ محسوس ڪندو هوس. مو کي ويهه سال ساندهه ساڻس ملاقات جو موقعو ميسر نه ٿيو.نيٺ سال ۱۹۵۵ع ڌاري سکر ۾ ادبي سنگت جو آغاز ٿيو. سکر اديب قسم دوست هن انجمن ۾ شامل ٿيا. مولائي شيدائيءَ کي سندس بزرگيءَ سبب جماعت جو سربراهه چونڊيو ويو. پوءِ ته هن سلسلي جي ڪري ساڻس مسلسل ملاقاتون ٿينديون رهيون. هو اڪثر مونکي چوندو آهي ته “اهو فيض تنهنجي گهر کان ئي مليو اٿم. اوهان جي ئي اوطاق تي وقت جي وڏن عالمن سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن ڪري ٻالجتيءَ کان شعور پختو ٿيڻ لڳو.”
هڪ دفعي اسان کي شڪارپور ۾ ڪنهن ادبي محفل ۾ شامل ٿيڻو هو. سکر کان مولائي شيدائيءَ سان گڏجي، ٽيڪسيءَ ۾ روانا ٿياسون. سندس دلچسپ ۽ رنگين ڳالهين سبب ڪلاڪ جو سفر هڪ لحظي ۾ لنگھي ويو. پنجن دوستن مان هن ڪنهن کي به ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. هو سمورو وقت اهڙي طرح ڪهچريءَ تي ڇانيل رهيو، جو اسان سڀ “ها، ها” ڪندا، ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. سندس شيرين گفتار کان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. منتظمين تقريب ۾ آيل مهمانن لاءِ چاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو هو. اسان کي سُڌ ڏيڻ لاءِ هنن گاڏيءَ جو وقت به اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته گاڏي شڪارپور، کان ساڍي اٺين بجي رواني ٿيندي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو انتظام ڪو نه هو. اتفاق سان ان تقريب جي صدارت جو سهرو “مولائي شيدائيءَ” جي سِرَ تي رکيو ويو. مولائي صدارتي تقرير دوران پنهنجي نظريات جي اپٽار ڪئي. منتظمين کي اها ڳالهه شايد پسند نه آئي، پر مولائي ته پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ اسٽيج نان برابر ڳالهائيندو رهيو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. ٽيڪسي اسٽان تي آياسين. ڊرائيور سکر هلڻ کان نابري واري ويهي. منتطمين ته پنڊال ۾ ئي اسان کي الوداع چئي هليا ويا هئا، سو ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن تي آياسين. پليٽفارم سنسان لڳو پيو هو. جاڏي تاڏي ‘هَو’ جي ڪيفيت لڳي پيئي هئي. هڪ به مسافر ٽلندو نظر ڪونه آيو، پر مولائيءَ جي چرچن ۽ گهٻن ۾ ڏکيو وقت ڪاٽيندا رهياسين. هو ڪلاڪ- سواءِ پنهنجي سرگذشت ۽ ملازمت جون هيٺانيهون ۽ مٿانهيون بيان ڪندو رهيو. ڳالهيون اهڙيون سلوڻيون هجن جو اسان جا ٽهڪڙا لڳا پيا هئا ۽ مولائي پنهنجي موجن ۾ مگن. ساڍي ڏيهن بجي تائين ڪنهن به گاڏي ءَ جو نالو نشان ڪونه هو. ڳالهيون ڪندي مولائي ٿڪجي پيو. کيس بک بيحال ڪري رهي هئي. منير ڪار وارن جو اهڙو حال ڏسي پليٽفارم تي هٿ پير هنياسين. پر اتي ڪي ڪين مليو. پوٽي يارهين بجي، عبدالمجيد ميمڻ ۽ نواز علي ‘شوق’ کي شهر ڏانهن اساڻيوسين. هو اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪنهن هوٽل تان بچيل ماني وٺي آيا. اسان گرهه گرهه کائي هيانءَ-جهل ڪري ورتي. اُن مانيءَ مان گهڻو حصو شيدائيءَ کي پيش ڪيوسين.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن مولائي شيدائيءَ جي جاءِ تي ويندو آهيان ۽ سندس لئبرري ڏسندو آهيان، جتي علمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان ڪي ڪتاب ته ناياب آهن. وٽس تاريخي مواد جهجهو آهي. زماني سندس قدر ڪين ڄاتو. مولائي صاحب ۾ لکڻ جو وڏو جذبو ۽ جوهر موجود آهي. هو ڪيترا مفيد ڪتاب لکي سگهي ها، جن مان ايندڙ نسل مستفيض ٿئي ها. هي هڪ فقير آشيانو اڏيو ويٺو آهي. ڏس ته ڪتابن جي روق گردانيءَ ۽ محبت جا گيت آلائيندو رهندو آهي. شريڪ حيات جي معذوريءَ سبب ورهين جا ورهيه سندس تيمارداريءَ کان بعد، هينئر خود پاڻ انهيءَ دؤر ۾ گهَڙي چڪو آهي. ٻڍاپي سبب قريباً معذور آهي. جوانيءَ جي دؤر وارا جذبات ۽ زنده دليءَ جون روايتون اڃا به هن پوڙهي جي سيني ۾ موجزن آهن. ڪسپمرسيءَ جي حالت ۾ به هو کلندو کِلائيندو رهندو آهي.  هنئير لکڻ پڙهڻ کان تقريباً لاچار آهي. ساري ڄمار ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۾ گذاريائين. ليڪن لاحاصل! اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمونن ۽ مقالن جا ڍير ڇپجندا رهيا، جن مان گهڻا ته زماني جي ستم ظريفيءَ کان صفحہ هستيءَ تان مٽجي چڪا آهن. انهيءَ ذخيري کي ڪنهن به نه سهيڙيو ۽ نه سموهيو، ورنه سنڌي ادب ۾ اهي وڏو سرمايو هجن ها. هن “جنتة السنڌ” ۽ “تمدن السنڌ” جهڙيون ضخيم شاهڪار تصنيفون لکي اهل سنڌ تي عظيم احسان ڪري سندن ڪُلها، بار احسان سان جهڪائي ڇڏيا آهن. ازنسواءِ هن “بلوچستان جي تاريخ”، “سفينة النوح” (اڻڇپيل) لکي، علمي دنيا کان پڻ خراج تحسين حاصل ڪيو آهي.
دعا آهي ته الله ڪريم کيس صحت ڪامل عطا فرمائي ته اسان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪري ۽ کانئس اسان اڃا ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪريون.



سنڌ جو مولائي شيدائي
خالد ٻانڀڻ
چون ٿا ته سنڌ جي مايا ناز تاريخدان رحيمداد خان جنهن جو لقب مولائي شيدائي آهي. جيڪو کيس سنڌ جي ٻن تاريخ ساز ڀائر شخصيتن پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي ڏنو. اھي رحيمداد جا علمي ادبي دوست هئا. هن ماڻهو جي فقير طبيعت ڏسي، هڪ ڀاءُ کيس مولائي لقب ڏنو. ٻئي شيدائي ڏنو. ڳالهه فرد ۾ اچي وئي. آخر نيٺ مولانا دين وفائي، فيصلو ڪري کيس مولائي شيدائي جو لقب ڏنو ۽ هي پوري سنڌ ۾ مولائي شيدائي جي نالي سان مشهور ٿيو. مولائي نه رڳو تاريخ تي پر صحافت ۾ به پاڻ مڃرايو. هن ۱۹۴۱ع ۾ خانبهادر الله بخش سومرو ان وقت جي سنڌ جي سي ايم جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزاني اخبار آزاد جو سب ايڊيٽر رهيو. هن جا تاريخ ادب تي مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المنار، اولحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيا ۽ ڏاڍو مقبول ٿيا. هن نه رڳو سنڌ پر بلوچستان جي تاريخ سان به انبت ان جي ڪري رکي ته جو سندس وڏڙن جو تعلق بلوچستان سان هو ان جي ڪري ۱۹۴۱ع ۾ ڪتاب  ”مختصر تاريخ بلوچستان“ لکيو، جنهن ۾ بلوچ قومن جا شجرا ۽ ٻيا تفصيل ڏنا هئا. ۱۸۹۴ع ۾ سکر اندر ريلوي جي ملازم شير محمد بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، پنهنجي والد وانگر ۱۹۱۹ع ۾ ريلوي انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر جي نوڪري ڪئي. بعد ۾ گارڊ جي عهدي تي پهتو. پر هن کي علم ادب صحافت سان جيڪو چاهه هو ان اڃ نيٺ ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي جي نوڪري تان استيفعيٰ ڏياريس. جنهن بعد مولائي ۱۲ کان ۱۴ ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس پهريون شاهڪار ڪتاب، سنڌ جي تاريخ بابت جنت السند آھي. ان کان علاوه سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا، تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، سنڌ جا پراڻا شهر، پيغام نور، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، اقاليم اسلام، سرزمين بلوچ، اردو ۾ تاريخ قلات، اردو ۾ ڪتاب لکيا. جڏهن ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب تاريخ سکر اڄ به سکر تي ڪم ڪندڙ صحافين، اديبن، شاعرن لاءِ رهبر بڻيل آهي. جنهن جي مطالعي کان سواءِ، سکر تي لکڻ اڌورو هوندو. مولائي ۱۹۴۵ع ڌاري هلال پاڪستان جو پڻ ايڊيٽر رهيو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو پهريون صحافي هو، جنهن اخبارن ۾ ڪارٽونن جو سلسلو شروع ڪيو. شيدائي ۱۹۵۰ع ۽ ۱۹۵۵ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو رهيو. هن مڙس مولائي جا اڄ به ڪيترا ئي ڪتاب اڻ ڇپيل سندس پوٽن وٽ پيل آهن. جن ڪتابن ۾ اقاليم اسلام جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي. تاريخ اسلام، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ شامل آهن. نه رڳو حيرت جهڙي پر پريشان ڪندڙ حقيقت اها آهي ته انهن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب ڇپائيءَ جي مختلف ادارن وٽ، سالن کان پيل آهن. پر شايد اھو اڻ ڇپيل آهي ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ چون ٿا هن ڏانهن جن اديبن شاعرن، عالمن، تاريخدانن جا خط ايندا هئا، انهن کي سهيڙيو اٿس. مطلب ته مولائي شيدائي سنڌي ٻولي تاريخ ادب جي حوالي سان جيڪا محنت ۽ خدمت ڪئي آهي، ان جو کيس ذري جيترو به سلو نه مليو. هن پنهنجا ۵۳ ورهيه، سنڌي علم ادب کي ڏنا. ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو. اڄ کيس، فاني جھان ڇڏئي، ۳۳ سال گذري ويا آهن. سنڌ جي ثقافت کاتي ادبي تنطيمن کان ايئن وسريل آهي، ڄڻ ته ڪو مولائي شيدائي هو ئي ڪو نه. ٻيو ته ٺهيو درگاهه آدم شاهه ڀرسان جنهن قبرستان ۾ هو دفن ٿيل هو، ان قبرستان تي قبضا مافيا قبضو ڪري سندس قبر جا آخري نشان به مٽائي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ ان اشو کي گهڻو کنيو ويو سيڪٽري وزير سطح جا عملدار به پهتا قبر جو معائنو به ڪيو. وڏا اعلان دورا ٿيا. پر عمل ۾ ٿيو ڪجهه به ڪو نه. هونئن به چوندا آهن ته؛ سکر جا ماڻهو ڏاڍ بي حس آهن. جيڪڏهن سندس خاندان وارا نه هجن ته مولائي جي قبر لاءِ به ڪو آواز ڪو نه اٿاري ها. جيتوڻيڪ قبرواري نشان وٽ، چوديوار ته ڏياري وئي، ليڪن ان ڀت جي چوڌاري گند ڪچري جا ڍير ٿي ويا آهن. مولائي جي قبر وانگر سنڌ جي تاريخ به افسرده اهي. ڇو ته اڄ جيڪا هن صدي جي تاريخ چڙو ڇڙ لڳي پئي آهي. ان کي ته ڪو سنڀالڻ وارو ناهي، پر جن ٿورو گهڻو پورهيو ڪري، پنهنجي تاريخ بچائي، اڄ اسان انهن جون قبرون به نٿا بچائي سگهو.
اهو حال رهيو ته ايندڙ وقت ڏاڍو بي حال هوندو. آخر ۾ مولائي بابت ٻڌايان ته هو شهواڻي بروهي هو. سندس وڏن جو گهر بلوچستان مستونگ ۾ هو، پر نوڪري سانگي پيءُ سان گڏجي سکر آيو ۽ سکر جو ٿي ويو. جڏھن ته سکر واسين هن جي قبر به ميساري ڇڏي.


رحيمداد خان مولائي شيدائي
سنڌ جي تاريخ جو سيلاني
ياسر عبدالغني خاصخيلي
سنڌ سونهاري هر  دور ۾ سدائين ناليوارا مڻيادار عظيم انسان پيدا ڪندي رهي آهي. انهن انسانن ۾ ڪي نامور، عالم، بزرگ ۽ صوفي پيدا ٿيا آهن ته ڪي وري شاعر، اديب، سگهڙ ۽ سهڻي ۽ سُريلي آواز وارا فنڪار به پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن هن ڌرتيءَ جو نانءُ پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ هن خطي جي سونهن ۽ سڳنڌ کي پڻ معطر ڪيو آهي. اهڙن مهان انسانن جا جڏهن نالا کڻبا ته اسان کي سنڌ جي انهن ناليوارن تاريخدانن ۽ محققن جا نالا به سامهون ايندا، جن پنهنجي سڄي ڄمار علم ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پنهنجو وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. اهڙن قدردانن ۽ عظيم انسانن کي سنڌ جي ڌرتي جنم ڏيندي هميشه فخر محسوس ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن انهن شخصيتن جي زندگيءَ تي قلم کڻي لکڻ ويهجي ته هوند ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مضمون لکي سگهجن ٿا. اڄ مان سنڌ جي اُن ناليواري تاريخدان ۽ محقق جو ذڪر ڪندم، جنهن کي اسان کان وڇڙندي ۳۴ سالن جو عرصو گذري چڪو آهي.
سکر شهر سان تعلق رکندڙ ان نامور تاريخدان ۽ محقق جو نالو رحيمداد خان مولائي شيدائي آهي. جنهن پنهنجي نوجوانيءَ جا حسين ڏينهن ۽ راتيون، علم ۽ ادب جي نانءُ ڪيون ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪيترا ئي تاريخي ڪتاب لکيا. رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ کي تاريخدان ۽ محقق کان علاوه جيڪڏهن اديب، شاعر، سگهڙ چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. تاريخ جي هن انمول تاريخدان، سال ۱۸۹۴ع ۾ شير محمد خان شهواڻي بروهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جي وڏڙن جو تعلق، بلوچستان جي علائقي مستونگ سان هو.
مولائي شيدائي بنيادي تعليم سکر جي غريب آباد محلا ۾، مولانا خدا بخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مولائي صاحب، جڏهن چوٿين درجي ۾ انگريزي پڙهندو هو ته سندس استاد ڄيٺانند هميراجاڻي سندس ذهني قابليت کي ڏسي ڪري، مٿس خاص شفقت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجي گهر ۾ تاريخ جا ڪتاب پڙهائيندو هو. اهڙيءَ طرح ڊرائينگ جو فن پڻ هڪ ٻئي استاد جهامنداس ڀاٽيه سيکاريو هوس. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ ئي، اسڪول کي ڇڏي ڏنو هئائون. تنهن بعد پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي، مولانا عبدالغفور همايوني جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مولانا صاحب کيس دعا ڪئي ته تنهنجي طبيعت ۾ وڏيون خوبيون سمايل آهن. چيو وڃي ٿو ته پوءِ مولائي صاحب کي جلد ئي ريلوي ۾ ڪلينر جي نوڪري ملي وئي ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيون. ان وقت سندس پگهار ماهوار ست روپيا هوندي هئي. تنهن بعد ۱۹۱۴ع ۾ سندس پگهار چاليهه روپيا مقرر ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت ۽ قابليت سان گارڊ جي عهدي تي پهتو ۽ پاڻ ۲۰ سالن جو عرصو ريلوي ۾ نوڪري ڪيائون ۽ ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي مان رٽائرمينٽ ورتائون. مولائي شيدائي پنهنجي سرڪاري ذميواري نڀائڻ سان گڏوگڏ ريل گاڏيءَ ۾ به قلم ۽ ڪاغذ کڻي، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي لکندو رهندو هو. رٽائرمينٽ جو اصل سبب اهو هو ته سندس خواهش هوندي هئي ته مان پنهنجي رهيل زندگي تحقيق لاءِ وقف ڪريان.
رحيمداد خان مولائي شيدائي معلومات جو هڪ وڏو خزانو هوندو هو. بقول نامياري اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ته مولائي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو شيدائي هو. هن عظيم محقق جي روح ۽ دل ۾ روحانيت جو وڏو اثر هو. ايتري قدر جو روحانيت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هوندي هئي. چون ٿا ته روهڙي اسٽيشن ماسٽر جيڪو انگريز هوندو هو ۽ پليٽ فارم تي سنڌي ملازمن کي بيعزتو ڪري مار-ڪٽ به ڪندو هو، اها ڳالهه مولائي صاحب جي برداشت کان ٻاهر هوندي هئي، سو هڪ ڏينهن پاڻ روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ لڪي لڪي ٽڪيٽ وٺي ڪراچي ڏانهن وڃڻ واري گاڏي ۾ ويهي رهيو. جڏهن گاڏي راڻيپور اسٽيشن تي پهتي ته دل ۾ خيال آيس ته ڇو نه پير صالح شاهه جي زيارت ڪريان. اهو خيال ڪري ريلوي اسٽيشن تي لهي پيو. پاڻ پير صاحب جي حاضريءَ ۾ حاضر ٿيو. پير صاحب کيس ڏسندي چيو؛ تنهنجا پيءُ ماءُ ڏاڍا پريشان آهن، تنهن ڪري تون واپس سکر هليو وڃ ۽ وڃي ڊيوٽي ڪر. پاڻ پير صاحب جو حڪم مڃيندي، روهڙي اسٽيشن تي موٽي آيو ته انگريز اسٽيشن ماستر ساڻس پيار مان ڳالهائڻ لڳو.
مولائي شيدائي انوکي ۽ سنجيده طبيعت جو مالڪ هوندو هو. هو دوستن جي تمام گهڻي خاطر تواضع ڪرڻ ۾ دلي طور خوشي محسوس ڪندو هو ۽ دوستن جو تمام گهڻو احترام پڻ ڪندو هو. مولائي صاحب جو، علامه مرحوم عمر بن محمد دائودپوٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي، مرحوم لطف الله بدوي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙن عالمن ۽ فاضلن سان دوستي جو ناتو هوندو هو. مولائي شيدائي صاحب، شروع ۾ هندستان جي تاريخ تي جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پير علي محمد شاهه راشدي کيس چيو ته؛ هن وقت سنڌ جي تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري توهان کي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. تنهن بعد ئي مولائي صاحب، سنڌ جي تاريخ تي لکڻ شروع ڪئي. سندس سنڌ جي تاريخ تي پهريون ناياب ڪتاب (جنت السنڌ) آهي. ان کان علاوه؛ تاريخ تمدن سنڌ، تاريخ سکر، تاريخ مختصر بلوچستان، سنڌ جا بلوچ قبيلا، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تاريخ خاصخيلي، سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، موسوين جي تاريخ، تاريخ بکر، تاريخ ٽالپر، تاريخ قلات، تاريخ اسلام، سنڌ جا پراڻا شهر، تاريخ ترڪستان، انسائيڪلوپيڊيا آف بلوچستان (سنڌي ۾) وغيره جهڙا ٻيا تاريخ ساز ڪتاب سر فهرست آهن. تنھن کان سواءِ، ان دور جي ڪيترن ئي مختلف سنڌي، اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لاتعداد تاريخي مضمون پڻ شايع ٿيندا رهيا.
مولائي صاحب کي، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي تمام گهڻو عبور هوندو هو ۽ پاڻ ان وقت جي ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪيل تحقيق مان غلطيون ڪڍي، سندن درستگي پڻ ڪندو هو. مولائي صاحب، روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. بحيثيت صحافي جي سنڌي اخبارن ۾ پڻ نئين روايتن کي جنم ڏنائين. اهڙيءَ طرح اخبارن ۾، ڪارٽونن جي شروعات پڻ مولائي صاحب ڪئي هئي. رحيمداد خان کي، مولائي جو خطاب پير حسام الدين شاهه راشدي ڏنو جڏهن ته شيدائي جو خطاب پير علي محمد شاهه راشدي ڏنو.
چيو وڃي ٿو ته مولائي صاحب، راشدي برادران جي مشوري سان تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترا ئي ڪارناما سر انجام ڏنا. سکر ۽ شڪارپور ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جي صدارت، اڪثر ڪري مولائي صاحب کان ڪرائي ويندي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته هيءُ عظيم انسان، مولائيءَ سان گڏوگڏ علم تاريخ جو شيدائي پڻ هوندو هو.
سنڌ جو هي محسن تاريخدان، اسان کان ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع تي جُدا ٿي ويو ۽ کيس آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا کي اپيل
خالده خانم بروهي
(نياڻي رحيمداد خان مولائي شيدائي)
سنڌ جي مختلف اديبن، محققن ۽ ليکڪن جهڙي طرح پنهنجي ذاتي شوق، دلچسپي ۽ جستجو سان بغير ڪنهن لالچ جي تاريخ جي حوالي سان اڻ پورين سهولتن واري جنهن دور ۾ قلم کنيو، ان دور ۾ انهن اديبن جي لاءِ تحقيق جي مرحلن مان گذرڻ ڏاڍو ڏکيو سمجهيو ويندو هو. وسيلن جي پڻ کوٽ هوندي هئي، پوءِ به انهن مانائتن ۽ ناليوارن اديبن جهڙي طرح پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روشناس ڪرايو، اهو سندن هن ڌرتيءَ سان محبت جو لازوال مثال تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن علمي حوالي سان جاکوڙيندڙ ڪردار محسوس ڪيو وڃي ٿو. منهنجي والد صاحب رحيمداد خان مولائي شيدائي پڻ انهن مانائتن ۽ ناليوارن محققن مان هڪ هو، جنهن پڻ پنهنجي محدود آمدني ۽ مصروف وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ خطي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن، شخصيتن کان علاوه سماجي پهلوئن تي جهڙي طرح تحقيق ڪئي، اُها سندن پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت جو وڏو مثال تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان کي بابا سائينءَ جي ڪيل علمي پورهئي تي هميشه ناز رهندو، جيڪو پنهنجي شخصيت کي هروڀرو اُڀارڻ نه پر هن خطي جي تاريخ کي عام ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. مان سنڌي ادبي بورڊ انتظاميا جو توجهه ان طرف ڇڪائڻ ٿي چاهيان ته اسان بابا سائينءَ جا ٻه عدد ناياب ڪتاب شايع ڪرائڻ جي لاءِ ڏنا هئا، ته اهي جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد شايع ڪري پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندا وڃن ته جيئن نوجوان نسل انهن تاريخي ڪتابن ۽ ان دور جي اديبن جي لکڻين جي انداز کي سمجهي پاڻ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق پيدا ڪن، پر هن ذميوار اداري جي ڪارڪردگيءَ تي به افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. نهايت ئي ڏک مان لکڻو ٿو پوي ته ڪتاب ”ميخانهء شيدائي“، جنهن ۾ سنڌ توڙي هند جي ناليوارن اديبن جا اُهي خط، جيڪي بابا سائينءَ ڏانهن لکيا ويا هئا، جن ۾ نهايت ئي مفيد ۽ ڪارائتيون ڳالهيون شامل هيون، ان ڪتاب جو مسودو اڄ کان ۲۵ سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي انتظاميا ورتو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين شايع ناهي ڪيو ويو. ان کان علاوه ٻيو ڪتاب ”بلوچ قبيلن تي هڪ نظر“ جو مسودو اڄ کان ۶ سال اڳ ورتو ويو، جنهن جو پڻ ڪو پتو ڪونهي ته اهو مسودو اداري وٽ محفوظ به آهي يا ڪنهن جي هٿ چڙهي ويو آهي، ڇو ته ڪجهه عرصو اڳ اهڙي قسم جا ٽيليفون پڻ اسان کي آيا هئا ته مولائي شيدائي جي انهن ڪتابن مان ڪجهه مواد ڪڍيو ويو آهي. اسان کي بورڊ جي انتظاميا طرفان هميشه اهو چيو ويو ته ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ آهن، پر هن وقت تائين انهن ڪتابن بابت بورڊ انتظاميا طرفان اهو ظاهر نٿو ڪيو وڃي ته ڪتابن جا مسودا محفوظ به آهن يا نه!؟ مان سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا کي پُر زور اپيل ٿي ڪريان ته خدارا منهنجي بابا (رحيمداد خان مولائي شيدائي) جي علمي پورهئي جو قدر ڪيو وڃي ۽ انهن تاريخي ڪتابن کي شايع ڪيو وڃي، يا ٻي صورت ۾ اُهي مسودا اسان کي واپس ڪيا وڃن.



مولائي شيدائي
نامور تاريخدان ۽ محقق رحيمداد خان
فاروق سومرو/سکر
سنڌ ڌرتي هزارين سال تاريخي حيثيت جي مالڪ آهي. جنهن تي ڪيترن ئي تاريخ نويسن بهترين انداز ۾ لکيو آهي پر انهن مان رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن جو نالو پاڪستان توڙي پوري دنيا  جي ادبي توڙي علمي حوالي سان مشهور شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن تاريخ جهڙي مشڪل ۽ سنجيده موضوع تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ۽ پاڻ کي بهتر اديب، دانشور، محقق ۽ باوقار تجزيه نگار طور مڃرايو آهي. رحيمداد مولائي شيدائيءَ ۴۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾”تاريخ جنت السنڌ“، ”تاريخ تمدن سنڌ“، ”تاريخ بلوچستان“، ”سنڌ جي سياست“، ”مهدوي تحريڪ“، ”سنڌ جا تاريخي پراڻا شهر“، ”تاريخ سکر“ ۽ ٻيا شامل آهن.
ثقافت کاتي سنڌ ۲۰۱۰ع ۾ مرحوم تاريخدان مولائي شيدائيءَ جي ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي ڪتابن جي شڪل ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا واعدا ۽ اعلان ڪيا ۽ سمورو مواد وٺڻ بعد هر سال ٻه ڪتاب شايع ڪرائڻ جو يقين ڏياريو پر ۳ سال گذري وڃڻ باوجود ڪو به ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو.
مولائي شيدائيءَ جي ويجهن دوستن ۾ سنڌ جي ناليوارن ڏاهن، دانشورن مخدوم طالب الموليٰ، علامه آءِ آءِ قاضي، شيخ اياز، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، برڪت علي حداد سميت ٻين جو شمار ٿيندو هو.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي تاريخدان مولائي شيدائيءَ جي پونئيرن جي مالي مدد ۽ کين سهارو ڏيڻ جي لاءِ ته ڪي به جوڳا قدم نه کنيا پر سندس آخري آرام گاهه کي بچائڻ جي لاءِ به ڪو تحرڪ نه ورتو. ثقافت کاتي، سکر انتظاميه ۽ سکر جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ بيحسيءَ سبب سکر جي اڪثر قبرستانن ۾ قبضا مافيا گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان گڏ قبرن جي بيحرمتي ڪندي اُتي گند ڪچرو اُڇلايو پيو وڃي. اڄ برک تاريخدان، محقق ۽ دانشور مولائي شيدائيءَ جي ۳۶ هين ورسي آهي.
رحميداد مولائي شيدائي هڪ بهترين تاريخدان هجڻ سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ هو، جنهن کي وسارڻ تاريخ  کي وسارڻ جي برابر آهي ۽ جيڪا به مهذب قوم پنهنجي تاريخ مان سبق حاصل نه ڪندي آهي، اُها ڪڏهن به ترقيءَ طرف گامزن نه ٿيندي آهي. جنهن لاءِ حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي، سکر جي چونڊيل نمائندن، ڪمشنر ۽ ڊي سي سکر کي گهرجي ته، تاريخدان رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي آخري آرام گاهه کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ سکر سميت پوري سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي قبرستان جي حفاظت جي لاءِ دعوائن ۽ اعلانن واري عمل کان نڪري ڪو عملي قدم کڻڻ.



مولائي شيدائي
سنڌ جوناليوارو تاريخدان، عالم، محقق
بشير ڪالاڻي
سنڌ جو ناميارو عالم، محقق، اديب، شاعر ۽ صحافي رحيمداد خان (شهواڻي سهرزئي) بروهي، جنهن کي سنڌ ۽ هند سميت دنيا ۾ مولائي شيدائي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس وڇوڙي کي ۴۰ سال ٿي ويا آهن. رحيمداد خان مولائي شيدائي بن شير محمد خان بن رحيمداد خان بن مير محمد جمع خان سکر ۾ ۱۸۹۴ع ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس وڏن جو تعلق مستونگ بلوچستان سان هو. جتي سندس تڙ ڏاڏي کي انعامي زمين مليل هئي. ان وقت جيڪي بلوچ والنٽيئرن جي حيثيت ۾ جهاد ڪرڻ ويندا هئا، تن کي قلات جا نواب زمين انعام طور ڏيندا هئا. مولائي شيدائي جو تڙ ڏاڏو مير محمد جمع خان به مير محمد نصير خان جي فوج سان گڏ سن ۱۸۶۱ع ۾، پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾، مرهٽن خلاف جهاد ڪيو هو. سن ۱۸۳۹ع ۾، پهرين افغان جنگ وقت انگريزن، ڪابل فتح ڪرڻ کان پوءِ جنرل قلشائر کي توبخاني سميت قلات تي چاڙهيو ته، ان لڙائيءَ ۾ مير محراب خان، وڙهندي ميريءَ تي شهيد ٿيو. انگريزن بلوچستان کي ايترو ته لٽيو جو، قلات جي اقتصادي حالت نهايت خطري ۾ پئجي وئي. ان افراتفريءَ واري دور ۾ سندس ڏاڏو مير رحيمداد خان وطن کي خيرباد چئي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي سيوهڻ ۾ رهيو، ۽ پوءِ ڪوٽڙي ۾ “نانگو لين” ۾ اچي قيام ڪيائين، جتي اڳيئي رهندڙ بروهي قبيلي مان هڪ عورت سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس مولائي شيدائي جو والد مرحوم مير شيرمحمد بروهي ڄائو. جڏهن انگريزن سن ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، تڏهن مير رحيمداد خان سندن فوج ۾ ڀرٿي ٿيو۽ حوالدار ٿي رٽائرڊ ڪيائين. ٻي افغان ويڙهه وقت جڏهن ريلوي لائين ڪوئيٽا تائين پهچائي وئي، تڏهن مولائي صاحب جو والد مير شيرمحمد خان ريلوي ۾ فائرمين ڀرٿي ٿيو، جنهن بعد ترقي ڪندي انجڻ ڊرائيور جي عهدي تي پهتو. چون ٿا ته جڏهن روهڙي پُل ٺهي ته انگريزن سميت سمورن انجنيئرن ۽ ڊرائيورن مسافرن سان ڀريل ريل گاڏي پُل تان گذارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر مولائي شيدائي جي والد شير محمد بروهي اهو چيلينج قبول ڪيو.هو پهريون ڊرائيور آهي، جنهن روهڙي پُل تان مسافرن سان ڀريل پهرين ريل گاڏي گذاري.
مولائي شيدائي ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ خدابخش ابڙي، آخوند عبدالحڪيم ڀُٽي کان حاصل ڪري، چار درجا سنڌي ۽ ڇه درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۱۳ع ۾ سَن ڪوٽا تي انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر ٿيو ۽ ترقي ڪندو گارڊ جي رينڪ تي پهتو. ريلوي جي عملدارن ۾ مولائي صاحب ڪمال عزت سان ڏٺو ويندو هو، حالانڪ هو ايڏو ئي بيباڪ ۽ شعبي م سخت گير هوندي به  انهن لاءِ ايڏو ته پسنديده ۽ اعتبار وارو هو، جو انگلينڊ کان جيڪو به وفد هندستان ايندو هو ته مولائي شيدائي صاحب جون خدمتون ضرور حاصل ڪيون وينديون هيون.لائڊ بئراج جي افتتاح لاءِ گورنر جي اسپيشل ٽرين هجي، وائسراءِ جي اسپيشل ٽرين بهاولپور تائين هجي، پرنس آف ويلز راولپنڊي آيو هجي يا سائمن ڪميشن ڪراچي ويندي هجي، پر هر ڀيري مولائي صاحب کي ئي سندن ٽرينن سان لڳايو ويندو هو. مولائي شيدائي صاحب سن ۱۹۱۹ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڇهه ٻار ٿيا، پر رب جي رضا سان اهي هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس گهرواري به الله کي پياري ٿي وئي. ان کان پوءِ پاڻ ٻي شادي ڪيائون جنهن مان کيس هڪ لائق نياڻي پيدا ٿي. جيڪا خالدا خانم جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. باقي کيس نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. ريلوي گارڊ هجڻ جي زماني ۾، مولائي شيدائي پنهنجي فرصت جون گهڙيون سکر جي اخبار “ستاره سنڌ” جي آفيس ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ وٽ گزاريندو هو، جو ان اخبار جو ايڊيٽرهو. هڪ ڏينهن  راشدي ڀائرن ۽ مولانا دين محمد وفائي جي موجودگي ۾، پير علي محمد شاهه راشديءَ سندس فقير طبيعت کي مدِ نظر رکي، هن لاءِ “مولائي” جو تخلص تجويز ڪيو. پر حسام الدين شاهه راشديءَ جو خيال هو ته هن لاءِ “شيدائي” تخلص وڌيڪ موزون رهندو. آخر نيٺ مولانا دين محمد وفائي فيصلو ڪري ٻنهي نالن کي ملائي کيس “مولائي شيدائي” جو لقب ڏنو۽ ائين ان ڏينهن کان مير رحيمداد خان جو قلمي نالو ڦري “مولائي شيدائي” ٿي ويو.
مولائي شيدائيءَ ۱۹۳۰ع کان مضمون نگاريءَ جي شروعات ڪئي، سندس علمي، ادبي، تاريخي، ۽ ديني مضمون وقتن به وقتن ستاره سنڌ، توحيد، المنار، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيندا رهيا، ان کان پوءِ سنڌ جي سڀني علمي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ سندس هزارين مقالا شايع ٿيا. سندس تربيت ۾ مولانا دين محمد وفائي جو وڏو هٿ هو. ۱۹۴۱ع ۾ خانبهادر الله بخش سومري وزيراعليٰ سنڌ جي روزانه اخبار “آزاد”جو سب ايديٽر رهيو. ۱۹۴۵ع ۾ روزانه هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ٿيو.سنڌي اخبارن ۾ ڪارٽون ڏيڻ جو سلسلو به هن ئي شروع ڪيو.۱۹۵۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ فيلو چونڊيو ويو ۽ پنجن سالن تائين اتي رهيو.
مولائي شيدائي صاحب سنڌ جي وکريل تاريخ کي سهيڙڻ ۾  پڻ نمايان ڪم ڪيو، سنڌ جي تاريخي واقعن، قصن ۽ ماڳ مڪانن تي تحقيق ڪري اسان کي گذريل دؤر جي حالتن کان نه رڳو باخبر رکيو آهي پر پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي به ڄاڻ ڏني آهي، کيس “مجسمه تاريخ” چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.سنڌ جي تاريخ بابت سندس پهريون ۽ جامع ڪتاب “جنت السنڌ”  آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي معلومات جو ڀنڊار آهي. ان کان علاوه “تاريخ بلوچستان”، “تاريخ تمدن سنڌ”، “روضته السنڌ”،  “تاريخ سکر”، موسوين جي تاريخ، “سنڌ جا قديم شهر”، “مقالات شيدائي”، “سفينته النوح” سميت اٽڪل ۵۰ کان مٿي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب لکيا..
مولائي شيدائي صاحب شاعري به ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس شاعريءَ سان شاگرديءَ واري زماني کان وٺي لڳاءُ رهيو هو. پاڻ شاعري جي ڪيترين ئي صنفن جهڙوڪ غزل، ڪافي، بيت ۽ گيت تي طبع آزمائي ڪئي آهي..
سڄڻ جي وصال جا، آءُ ڪهڙا قول چوان،
ڪيان تان ڪات لڳي، ماٺيان مول مران،
توڙي سچ چوان، ته به مٺيان لڳي لوڪ کي. (مولائي شيدائي)
سنڌ جو مجسمه تاريخ، عالم، اديب، شاعر۽ صحافي رحيمداد مولائي شيدائي، پنهنجي حياتيءَ جي ۸۴ سالن مان ۵۳ ورهيه علم ادب جي آبياري ڪندي، ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع تي راهه رباني ٿي ويو ۽ آدم شاهه ڪلهوڙو جي ڀرسان وڃي سُتو، جتي اڳيئي سندس مُحسن مولانا دين محمد وفائي واري وسائي سُتل هو.
سکر ۾ جنم وٺندڙ ۽ سکر جي مٽيءَ ۾ ئي آرامي مولائي شيدائي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي مدفن گاهه، آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبرستان بابت ڪافي عرصي کان ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل خبرون نظرن اڳيان گذرنديون رهيون ته، “تاريخي قبرستان تي لينڊ مافيا قبضو ڪري قبرن جي بيحرمتي ڪري پڪيون جايون ۽ دڪان تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن. اهي به اطلاع مليا ته ڄاڻايل ٻنهي اديبن جي آخري آرامگاهه جا نشان ئي مٽجي ويا آهن. صرف مولائي شيدائي جي قبر وٽ چوديواري ڏئي ان کي تالو هنيو ويو آهي.” اهڙين ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ خبرن جي صداقت معلوم ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني جنوري ۲۰۱۸ع تي مان سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ سان محبت ڪندڙ هڪ ادنيٰ رڪن جي حيثيت سان ڄامشورو مان سکر لاءِ روانو ٿيس، ۽ سکر جي رهواسي دوست انجنيئر قمرالدين انڍڙ وٽ پهتس. مان ۽ ميزبان دوست آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبرستان وياسين، جتي ڏٺوسين ته آدم شاهه ڪلهوڙو جي تاريخي قبرستان جي ڪافي حصي تي قبضا مافيا قبضو ڪري پڪيون جايون تعمير ڪري ڇڏيون آهن، باقي ڪي چند قبرون وڃي بچيون آهن. جنهن سبب ڄاڻايل ٻنهي اديبن جي آخري آرام گاهه جا نشان ئي مٽجي چڪا آهن. اسان مولائي شيدائي جي آخري آرام گاهه جي آثارن جي ڪافي ڳولا ڪئي، ليڪن ڪٿي به نشان نه ملي سگهيا. ان بعد مون سکر جي صحافي دوستن فاروق سومري ۽ تاج رند کي فون ڪري معلومات ورتي. صحافي دوستن جي چواڻي، “مولانا دين محمد وفائي جي قبر هن وقت ناهي رهي، البته مولائي شيدائي جي آخري آرام گاه وٽ چوديواري ڏئي ان کي تالو ڏنو ويو آهي. پر ان ڪمري اندر قبر جا نشان ناهن رهيا.” اسان بالاآخر نشاندهي ڪيل ڪمري تائين پهچي وياسين ۽ ان ڪمري اندر ڏٺوسين ته قبر جا نشان ته نظر نه آيا، البته ڪمري جي ڀت جي چوڌاري گند ڪچري جا ڍير هئا. اهڙي وارتا ڏسندي منهنجي دماغ ۾ سکر جو تصور ڦرندو رهيو ته، مشرقي خواهه مغربي مورخن توڙي سياحن جي نظر ۽ بيانن موجب، “سکر ثقافت جو گهوارو هو پر هڪ نظر نواز دلفريب  نزهتگاهه به  آهي. سکر جنهن جي معنيٰ شريف، صحتمند، فارغ البال آهي.هي شهر اولياءَ الله جي کاڻ آهي.” پر افسوس جي ڳالهه آهي ته سکر جا ئي ماڻهو، لينڊ مافيا جو روپ ڌاري سندن ئي شهر سکر ۾ جنم وٺندڙ ۽ سکر جي مٽيءَ ۾ ئي ابدي آرامي سنڌ جي نامور تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائي جي آخري آرام گاهه کي به بخش ناهي ڪيو. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته هن وقت تائين ثقافت سياحت ۽ نوادرات کاتو اگهور ننڊ ۾ سُتل آهي، جيتوڻيڪ ٿقافت ۽ سياحت کاتي،  آدم شاهه ڪلهوڙي جي مزار ۽ تاريخي قبرستان کي “سنڌ جو قومي ورثو” قرار ڏنو آهي. ليڪن ڄاڻايل کاتي هن وقت تائين تاريخي قبرستان ۾ مدفون مولائي شيدائي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي آخري آرام گاهه جي مالڪي نه ڪئي آهي، نه ئي ڪو تحرڪ ورتو آهي. حيرت ان ڳالهه تي به آهي ته، سکر جي ضلعي انتظاميه توڙي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي ڏات ڌڻين به ڪجهه ناهي ڪيو، ۽ نه ئي مولائي شيدائي جي آخري آرام گاهه کي محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌ جي روشن تاريخ کي ميسارڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم کنيا آهن..



مولائي شيدائي
سنڌ جو ابن خلدون
امير علي بروھي
سنڌ هر دور ۾ ڪي اهڙا انسان پيدا ڪندي رهي آهي جيڪي پنهنجي دور جي پاڻ تاريخ هوندا آهن، اهڙي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ قوم جي هر فرد لاءِ ضروري هوندو آهي. سنڌ جي اهڙين ئي برگزيده هستين مان رحيمداد خان مولائي شيدائي به هڪ هو.
سندس وڏا اصل مستونگ بلوچستان جا ويٺل هئا، پڙڏاڏو جمعا خان قلات جي حاڪم مير نصير خان سخي جي لشڪر سان گڏ پاڻي پت جي ٽئين لڙائي ۱۷۶۱ع ۾ جهاد ڪيو هو. جمعا خان جو پٽ رحيمداد خان هو، پهرين افغان جنگ کانپوءِ هو بلوچستان مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ ڪوٽڙي ۾ رهڻ لڳو، هن جو فرزند داد محمد خان سن ۱۸۴۳ع ۾ ميرن جي فوج ۾ رهي مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن جي فوج سان وڙهيو هو. هو ريلوي کاتي ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن ڪوٽڙي ڪراچي ريلوي لائين پئي تڏهن سندس پٽ شير محمد بروهي کي فائرمين جي نوڪري ملي. شير محمد بروهي تمام بهادر ماڻهو هو ڇاڪاڻ ته سن ۱۸۸۸ع ۾ لينسڊائون پل ٺهڻ کانپوءِ هو پهريون هندستاني ڊرائيور هو جنهن ان پل تان ريل گاڏي کي گذاريو هو.
شير محمد بروهي ڪوٽڙي مان لڏي سکر ۾ آباد ٿيو. هتي ۱۸۹۴ع ۾ کيس ستن مهينن جو ڪمزور پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رحيمداد خان رکيو، سندن ماءُ جي مرضي موجب کيس آخوند خدا بخش ابڙي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو ته جئين مولوي ٿي سگهي. سندس والد سرسيد احمد خان جي تحريڪ جو حامي هو، ان ڪري کين سکر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، ۴ درجا سنڌي پاس ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان ۶ درجا انگريزي پڙهيو. سن ۱۹۱۹ع ۾ انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر ٿيو، سندس قابليت ڏسي کائنس ڪلينر بدران ڪلارڪ جو ڪم ورتو ويندو هو. ان وقت سندن ماهوار پگهار ۷ رپيا هئي، ان کانپوءِ ۴۰ رپيا ماهوار پگهار سان فائرمين مقرر ٿيو. کين ۵ رپيا وڌيڪ انگلش الائونس ملندو هو، ايئن هن ترقي ڪندو يارڊ فورمين مان سيڪنڊ گارڊ ۽ ترقي ڪري وڃي گارڊ جو عهدو ماڻيو.
مولائي شيدائي کي ننڍپڻ کان ئي مطالعي جو شوق هو، هو گهران مليل خرچي وارن پئسن مان ڪتاب خريد ڪندو هو، ان وقت پوڪرداس شڪارپوري واري ۽ هريسنگهه سکر واري جا ڪتب خانا سنڌ ۾ مشهور هئا، مسٽر هميراجائي ٽلٽي واري ۽ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل جهڙن استادن جي رهنمائي ۾ علم ۽ تاريخ پڙهڻ سان شوق پيدا ٿيس ۽ انهي ميدان ۾ حيرت انگيز حد تائين دسترس حاصل ٿيس. الحق ۽ آفتاب اخبارن ۾ بنا اجوري ڪم ڪندو هو، سندس شام سکر جي مشهور جنرل لائبريري جي بلي هوندي هئي، جتي رڳو انگريزي ٻولي ۾ ئي پنج هزار کن ڪتاب موجود هئا ۽ پرڏيهي رسالا ۽ اخبارون پڻ ايندا رهندا هئا. هو يورپين ريلوي انسٽيٽيوٽ لائبريري ۽ سول يورپين انسٽيٽيوٽ لائبريري سکر کي منٿ ميڙ ڪري کانئن گهٽ قيمت تي پراڻا انگريزي رسالا ۽ مخزن خريد ڪري ايندو هو ۽ واندڪائي ۾ انهن کي ويٺو پڙهندو هو.
مولائي شيدائي سن ۱۹۱۹ع ۾ آغا علي مراد جي بيواهه ڌي سان شادي ڪئي، جنهن جو مڙس ٽي بي وگهي فوت ٿي ويو هو، هن مان کيس ۲ پٽ عبدالمجيد ۽ عبدالرشيد هئا، انهن کانپوءِ ۴ نياڻيون عطا ٿيون.
علمي ذوق ۽ تاريخ جي شوق سبب مولائي شيدائي جي گهڻي وقت کان پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي سان لهه وچڙ هوندي هئي، انهن ڀائرن جڏهن سکر مان ستاره سنڌ اخبار ڪڍي ته ان ۾ مولائي شيدائي جا مضمون اچڻ لڳا، هو شروع ۾ هندستان جي تاريخ تي مقالا لکندو هو، پير علي محمد راشدي کيس چيو ته سنڌ جي تاريخ تي لکڻ گهرجي، ان کانپوءِ هن سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ بابت لکڻ شروع ڪيو، سندس مضمون توحيد، المنار، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيندا رهيا. سرڪاري ملازم هئڻ ڪري پير علي محمد جي صلاح سان هن فرضي نالي سان لکيو، علي محمد راشدي ۽ مولوي دين محمد وفائي کيس مولائي شيدائي جو لقب ڏنو، تنهن کانپوءِ هن علمي ميدان ۾ محنت ڪري سنڌ جي اديبن ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، کيس ادب سان سچو لڳاءُ هو، ان ڪري هن سوچيو ته ۲ ڪم يعني نوڪري ۽ ادب جي خدمت هڪ ئي وقت نٿا ڪري سگهجن، ان ڪري ۱۹۳۹ع ڌاري نوڪري تان استعيفا ڏيئي فل ٽائيم اديب ٿيو. سن ۱۹۴۱ع ۾ هو خان بهادر الله بخش سومري جي روزاني اخبار آزاد جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ساڳئي سال هن ڪتاب مختصر تاريخ بلوچستان سنڌي ۾ لکي ريلوي اليڪٽرڪ پريس سکر مان شايع ڪرايو. سن ۱۹۴۵ ۾ هو روزانه هلال پاڪستان اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿيو، اها پهرين سنڌي اخبار هئي، جنهن ۾ هن ڪارٽون ڏنا هئا.
هو سنه ۱۹۵۰ع کان سن ۱۹۵۵ع تائين سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جو ريسرچ فيلو ٿي رهيو، ان دوران هن تاريخ تمدن سنڌ ڪتاب لکيو، انهن کانسواءِ سندن ٻيا لکيل ڪتاب سنڌ جا پراڻا شهر، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، تاريخ خاصخيلي، تاريخ سکر، تاريخ قلات، تاريخ اسلام، پيغام نوح، سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلن تي هڪ نظر ۽ مهدوي تحريڪ وغيره آهن. سندن اڻ ڇپيل ڪتاب صبح مشرق، مئخانه شيدائي، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تصوف، اقاليم اسلام (۳ جلد)، مقالات شيدائي (۴ جلد)، زينت السنڌ، تاريخ بلوچستان (مڪمل ۽ مفحل)، سنڌ جا بلوچ قبيلا ۽ روضته السنڌ آهن، جيڪي ثقافت کاتي کي ڇپائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.
مولائي شيدائي جي شاعري جا ڪجهه سلوڪ سنڌو رسالي ۾ به ڇپيا، هن گهڻن ئي پيرن فقيرن جي درگاهن تي حاضرين ڀريون، فقير عبدالرحمان جي بيعت ڪيائين، ان درويش وٽان کين فقيريءَ جو فيض حاصل ٿيو. ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع تي سنڌ جو هي عظيم تاريخدان، اديب، شاعر ۽ صحافي لاڏاڻو ڪري حقيقي مالڪ سان مليو، سندس آخري آرامگاهه آدم شاهه ڪلهوڙو قبرستان ۾ هو، جنهن کي قبضا مافيا اٽڪل ۱۵ سال اڳ شهيد ڪريو ڇڏيو.

رحيم داد خان مولائي شيدائي
تاريخ جو شيدائي
امير علي بروھي
ماضي ڄاڻ جي ذريعي جو نالو آهي، هن قسم جي ڄاڻ حڪومت ۽ سياست تائين محدود ناهي. فطرت جي هر منظر ۽ انساني تخليق جي هر ارتقا جي تاريخ ٿيندي آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ تاريخ، حاڪمن جي حڪومت، سياست، جنگين ۽ ڪاميابين کي چيو ويندو آهي. تاريخ جو موجد ڪير هو. عمومي طور تي پنجين صدي قبل مسيح جي يوناني ليکڪ هيرڊوٽس (Herodotus) کي تاريخ جو باني چيو ويندو آهي. جنهن يونان ۽ ايران جي جنگين (Persian wars) جي موضوع تي ڪتاب لکيو هو. پر ايئن ناهي تاريخ جا باني بني اسرائيل جا ليکڪ آهن، اهو موقف ڪجهه تفصيل گهري ٿو.
عيسائين ۽ يهودين جي پاڪ ڪتاب کي بائبل چيو ويندو آهي، اهو ٻن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو؛ عهد قديم ۽ عهد جديد. پويون حصو يعني عهد جديد، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حياتي/ سيرت، سندس شاگردن جي تبليغ (اعمال الرسل) خطن ۽ خوابن لاءِ مخصوص آهي. عهد قديم ۾ چاليهه کان وڌيڪ ڪتاب آهن: (۱) تڪوين. (۲) خروج. (۳) احبار. (۴) غدد. (۵) تشئنيته الاشتنراع. (۶) ايشوع. (۷) قضاته. (۸) راعوت. (۹) صموئيل. (۱۰) ملوڪ. (۱۱) احبار. (۱۲)عزرا. (۱۳) نحميا. (۱۴) طوبيتا. (۱۵) يهوديت. (۱۶) استير. (۱۷) مڪابين. (۱۸) ايوب. (۱۹) مزامير. (۲۰) امثال. (۲۱) جامعه. (۲۲) نشيد. (۲۳) حِڪمت. (۲۴) يشوع بن سيراخ. (۲۵) اشعيا. (۲۶) ارميا. (۲۷) مراثي. (۲۸) باروڪ. (۲۹) حزقيال. (۳۰) دانيال. (۳۱) هوشع. (۳۲) يوئيل. (۳۳) عاموس. (۳۴) عويديا. (۳۵) يونان. (۳۶) ميخا. (۳۷)نعوم. (۳۸) حبقوق. (۲۹) صفنيا. (۴۰) حجائي. (۴۱) زڪريا. (۴۲) ملاحي.
ٻئي مرحلي ۾، اسلام جي ديني تاريخ مرتب ڪئي وئي، جنهن کي اسان حديث چئون ٿا. ان ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي سيرت ۽ جنگي واقعن جو ذڪر آهي. حديث جي باقاعدي تدوين، ٽئين صدي هجري يعني نائين صدي عيسوي ۾ شروع ٿي. ان زماني تائين دين جي نالي ۾ دينوي حڪومتن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. اهڙي طرح ان وقت جيڪا تاريخ لکجڻ شروع ٿي، اها دينوي تاريخ هئي. اسلامي دنيا ۾ صرف تاريخ نه پر علم جي هر شاخ تي ڪتاب، تصنيف ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. جنهن ۾ قانون، فلسفو، منطق، طب، ڪيميا، علم الافلاڪ، علم النجوم، جاگرافي ۽ تاريخ ڳڻي سگهجن ٿا. جن عالمن قلم کنيو، انهن جو تفصيل زماني ترتيب سان هن طرح آهي.
(۱) احمد بلاذري (وفات ۸۹۲) فتوح البلدان نالي ڪتاب لکيو. (۲) احمد يعقوبي (وفات ۹۰۵) التاريخ بالي ڪتاب تحرير ڪيو. (۳) عبيدالله خردازبه (وفات ۹۱۲) المسالِڪ والممالڪ تصنيف ڪيو. ان ساڳئي نالي سان، ٻين ٽن عالمن به تاريخ تي ڪتاب تاليف ڪيا جن ۾ (۴) ابوالحسن مسعودي (وفات ۹۵۷) (۵) ابو اسحاق اصطخري (وفات ۹۵۷) ۽ (۶) ابن حوقل (وفات ۹۸۱) شامل آهن. (۷) ابو ريحان بيروني (وفات ۱۰۴۸) هي عالم، محمود غزنوي جي دعوت تي بر صغير آيو هو ۽ هتي ڪيترا سال رهي، هندي ۽ سنسڪرت سکي، هندستان تي تاريخ الهند نالي ڪتاب لکيائين. (۸) ابو عبدالله شريف ادريسي (وفات ۱۱۶۵) نزهته المشاتاق نالي ڪتاب لکيو. هي عالم، اسپين جو هو. پوءِ ڀونوچ سمنڊ جي آزاد رياست صقليه (سسلي) ۾، علم دوست بادشاهه راجر (Roger) جي درٻار سان وابسته ٿي ويو. (۹) ابن خلڪان (وفات ۱۲۸۲) وفيات الاعيان نالي تاريخ تي هڪ ڪتاب تاليف ڪيو. (۱۰) زڪريا قزويني (وفات ۱۲۸۳) ’آثار البلاد و اخبار العباد‘ نالي تاريخ تي هڪ ڪتاب تاليف ڪيو. (۱۱) رشيدالدين فضل الله (وفات ۱۳۱۸) جامع التواريخ نالي ڪتاب رقم ڪيو. هي ليکڪ ايران جي ايلاخاني حاڪم خاندان جي درٻار سان وابسته هو. (۱۲) عبدالرحمان ابن خلدون (وفات ۱۴۰۶) ڪتاب العبتر نالي تاريخ تي ڪتاب تحرير ڪيو، ڪتاب جو مڪمل نالو ٻن سٽن تي مشتمل آهي. (ڪتاب العبر و ديوان المبتدا واخبر في ايام الحرب والعجم والبرر ومن عاسرهم من دوي السلطان الاڪبر) هي بزرگ تاريخ دان هجڻ سان گڏوگڏ، سماجي فلسفي جو باني آهي. انتظامي امور، سياست، ادب ۽ قضاوت ۾ کيس مهارت حاصل هئي. مصر ۾ مالڪي فقه موجب جج جي عهدي تي فائز هو. تاريخ تي لکيل سندس مقدمو، هسٽري ۽ سوشيالاجي جي اصولن تي مشتمل آهي ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
ويهين صديءَ ۾ اسان جو رحيم داد خان مولائي شيدائي آيو. هو صحيح معنيٰ ۾ ارض وطن جو سپوت هو. سن آف سوائلson of soil هو. رحيم داد خان جو والد شير محمد خان، سن ۱۸۳۹ ۾ قلات رياست، انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ بعد، مستونگ کان سنڌ لڏي آيا. شير محمد خان ريلوي کاتي ۾ ملازم هو. سندس فرزند به ساڳي ڪرت اختيار ڪئي. هو ريلويز ۾ گارڊ طور ڪم ڪندو رهيو. ٽرين هلائڻ سان گڏوگڏ هو قلم به هلائيندو رهيو. جيئين ئي ڊيوٽي کان فارغ ٿيندو هو ته گارڊ واري سيٽيءَ کي پنهنجي سيني جو هار بڻائي، صحافت ۾ ڪم ڪندڙ راشدي برادرس، پير علي محمد ۽ حسام الدين راشدي وارن وٽ پهچي ويندو هو. هو جن کيس مولائي شيدائي جو قلمي نالو ڏنو هو. هو مسلسل چاليهه سال لکندو رهيو. ون يونٽ دور ۾ به جڏهن افغانستان ۾ سردار دائود جي وزيراعظم ٿيڻ ۽ پشتونستان مسئلي اٿارڻ ڪري اسان جن حاڪمن انڪل سام جي اشاري تي صوبا تحليل ڪري ڇڏيا هئا ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ هڪ ڏوهه بڻجي ويو، منهنجي خيال ۾ اِهو ادبي ڪم اينٽي ون يونٽ جهڙين سياسي تحريڪن کان وڌيڪ ديرپا ثابت ٿيو آهي. سندس ڪتابن ۾ آيل تاريخي مواد اسان جا ايندڙ نسل هميشه لاءِ پڙهندا رهندا. هتي اسان ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏيون ٿا.
(۱) جنت السنڌ (۲) تاريخ تمدن سنڌ (۳) تاريخ سکر (۴) تاريخ اسلام (۵) تاريخ بکر (۶) تاريخ خاصخيلي (۷) تاريخ ترڪستان (۸) تاريخ بلوچستان (۹) تاريخ قلات (۱۰) تاريخ تصوف (۱۱) سنڌ جي سياست (۱۲) سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ (۱۳) روضته السنڌ (۱۴) زينته السنڌ (۱۵) سکر جا هندو مسلمان بزرگ. انهن تصنيفن مان ڪجهه ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيا آهن، ڪجهه مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر ڇاپي هيٺ آندا آهن. باقي اڃا اڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڇپائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي ڏنل آهن. اميد ته اهي انهن ڪتابن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ طباعت هيٺ آڻيندا ته جيئن پڙهيل طبقو، انهن مان مستفيد ٿي سگهي. زندهه قومون پنهنجن عظيم شخصيتن کي ياد رکنديون آهن، ان ڏس ۾ اڄڪلهه اسان جو ڪلچر ڊپارٽمينت سرگرم آهي، پر ڊپارٽمينٽ جا اهلڪار صرف شاعري ۽ موسيقي کي ڪلچر سمجهن ٿا ۽ عالمن/ اديبن کي وساري ڇڏيو اٿن. انهن کي خبر ئي ناهي ته سندن اولاه ڪهڙي حالت ۾ گذاري رهي آهي. مولائي شيدائي جي تاريخي خدمتن کي مڃتا ڏيندي، کيس پوسٽ هيومس (post-Humous) جو اعزاز ڏنو وڃي.


مولائي شيدائي

ساھ کڻندڙ سنڌ جي تاريخ

حبيب ساجد

سکر جي لب- مھراڻ ڀرسان ”جاگرس پارڪـ“ ۾ شامَ جو ڪافي پيھه ٿي وئي ھئي، ھڪ پٿريلي بينچ تي مان ۽ خالد بروھي جھيڻي لھجي ۾ ڪچھري ڪري رھيا ھئاسين. خالد ڪنھن نه ڪنھن ڳالھه تي اڀا ٽھڪَ ڏئي ڳالھائي رھيو ھو ۽ ڀرسان گذرندڙ سندريون ڪنن مان ھينڊ فرين جون پاپڙيون ڪڍي اسان ڏانھن نھارڻ لڳن پيون.

خالد سان گھڻو تڻو ھن جي نانا مرحوم ”رحيمداد خان بروھي“ يعني مولائي شيدائيءَ جي حوالي سان ڪچھري پئي ٿيندي آھي. خالدَ جي واتان مرحوم مولائي شيدائيءَ جون ڳالھيون ڏاڍي دلچسپيءَ وچان مان ٻڌندو آھيان. مرحوم مولائي شيدائيءَ سان منھنجي اٽيچمينٽ جو ھڪ سبب ريلوي جو کاتو به آھي، جنھن ۾ ھو گارڊ طور ريٽائر ٿيو ھو، جيئن ته مان به ريلوي ۾ ٽرين گارڊ آھيان ان ڪري مرحوم جون گھڻيون تڻيون ڳالھيون مون لاءِ اوپريون نه ھونديون آھن.

خالد پنھنجي موڊ ۾ ٻڌائي رھيو ھو ته منھنجو نانا سائين يعني مولائي شيدائيءَ جي بابا جو نالو شير محمد خان بلوچ ھو جيڪو اصل شھدادپور جي ڀڪ ۾ ھڪ ڳوٺ جو رھواسي ھو، پر پوءِ سکر شفٽ ٿيو. مولائي شيدائي ۱۸۹۴ع ڌاري سکر ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم غريب آباد محلي ۾ قائم آخوند خدابخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ کيس ٻئي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي قرآن پاڪ جا ڏهه سيپارا پورا ڪري، اڃا ڪريما ۽ ’پندنامه عطار‘ مس شروع ڪيائين ته سندس بابا الائي ڇا سوچي ھن کي اتان ڪڍي، سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کانپوءِ رحيمداد سکر جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي هن ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. اتي سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي هو، جنهن کيس تاريخ جا ڪيترائي اھم ڪتاب پڙهايا. ان استاد جي تربيت ئي اڳتي ھلي مولائي شيدائيءَ جي سڃاڻ ھڪ تاريخدان طور ڪرائڻ واري ھئي. ۱۹۱۳ع ۾ ڇهه درجا انگريزي پڙهڻ کانپوءِ رحيمداد پڙهڻ ڇڏي، ريلوي کاتي ۾ فائرمين (اسسٽنٽ ڊرائيور) ڀرتي ٿيو، جيڪو انجڻ کي ٻارڻ مھيا ڪرڻ لاءِ وقتن فوقتن ان ۾ ڪوئلو وجھندو رھندو ھو. محنتي طبيعت جي ڪري ھي سُتت ئي ترقي ڪري ريلوي ٽريفڪ ۾ ٽرين ڪلارڪ مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس روهڙي اسٽيشن تي ۶۵ روپين پگھار سان فورمين مقرر ڪيو ويو. رحيمداد ۱۹۳۹ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ پراويڊنٽ فنڊ جي مليل اٺن هزارن روپين مان سکر جي ڪنگس هل ٽڪريءَ تي جاءِ ٺهرائي، زندگيءَ جي آخري ڏينهن سڪون سان رهڻ جو سوچي اتي شفٽ ٿي ويو، جتي اڄ ڪلھه سکر جو مشھور ڪمپيوٽر جو تعليمي ادارو سسٽيڪ موجود آھي. ريلوي گارڊ جي نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ بعد وارو وقت رحيمداد گھڻو تڻو سکر جي اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ گذاريندو هو، جنهن جو ايڊيٽر پير علي محمد راشدي هو. هن اتان کان اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. منھنجو دوست خالد، بروھين جي مخصوص ٻروچڪي لھجي ۾ ٻڌائي رھيو ھو ته پير علي محمد راشدي رحيمداد جي فقيراڻي ۽ دلچسپ طبيعت جي ڪري هن کي ’مولائي‘ سڏيندو ھو ۽ ھن جو اھو به خيال هو ته هن لاءِ ’شيدائي‘ تخلص وڌيڪ مناسب رهندو. نيٺ گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جي رٿ تي ٻئي تخلصَ گڏائي، رحيمداد پنهنجو تخلص ’مولائي شيدائي‘ اختيار ڪيو. الهه بخش سومري ۽ سندس دوستن ’آزاد‘ اخبار ڪڍي ته مولائي شيدائيءَ کي نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو. اڳتي هلي جڏهن منشي عبدالشڪور حيدرآباد مان ’هلال پاڪستان‘ ڪڍي ته مولائي شيدائيءَ کي ان اخبار جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو. مولائي شيدائيءَ کي ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو مقرر ڪيو ويو، فيلوشپ جي پهرئين سال ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ’جنت السنڌ‘ نالي هڪ سھڻو ۽ مستند ڪتاب تاريخي ۽ جاگرافيائي حوالن سان تيار ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان کڻي حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي ته ۱۸۵۱ع ۾ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ، مولائي شيدائيءَ کي، ڊاڪٽر ’سي ڊويز‘ جو هندستاني تاريخ تي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Readers of Indian History جي سنڌي ترجمي جو ڪم حوالي ڪيو، جيڪو هن ضروري نوٽن سان ’تاريخ هندستان‘ جي نالي سان ترجمو ڪري يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو. ان کانسواءِ مولائي شيدائيءَ، فرينچ محقق گستاولي بان جي مشهور ڪتاب ’تمدن عرب‘ جي نموني تي ’تاريخ تمدن سنڌ‘ لکي ۽ ڪتاب ’تاريخ سکر‘ پڻ لکيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ ’تاريخ ٽالپر، سنڌ جا پراڻا شهرَ، ’تاريخ قلات (اردو)، مهدوي تحريڪ، مختصر تاريخ بلوچستان، سنڌ جي سياست، تـاريخ خاصخيلي، جنت السنڌ، سفينة النوح عرف پيغام نوح (مخدوم نوح ۽ خاندان جي تاريخ) شامل آهن. سندس ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ تي کيس بلوچستان جي گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ ۽ قلات جي سردار پاران روڪ انعام ڏنو ويو. خالد بروھي ٻڌيو ته نانا رحيمداد مولائي شيدائي رٽائرمينٽ بعد پنھنجي ڏاڏي پوٽي ونيءَ يعني منھنجي نانيءَ جي وفات بعد، ھڪ بيواھ پنجابي عورت سان شادي ڪئي، جنھن کي اڳين مڙس مان ھڪ پٽ به ھو جيڪو ٺيڪيداري ڪندو ھو ۽ ھن جي پنھنجي ويڳي پيءُ يعني منھنجي نانا سان صفا ڪو نه لڳندي ھئي، ڪنھن مجبور يا محبوب لمحي جي اثر ھيٺ نانا ان پنجابي عورت کي سکر ۾ پنھنجو واحد گھر حق مھر ۾ لکي ڏنو. اھا عورت مولائيءَ تي ساھ ڏيندي ھئي ۽ ھن جو ھر طرح سان خيال رکندي ھئي پر ھن جي پٽَ پوري زندگي نانا کي پيءُ تسليم نه ڪيو ۽ ڳالھه ڳالھه تي نانا سان کئونسندو ھو، پر نانا پنھنجي گھرواريءَ جي ڪري ھن کي برداشت ڪندو ھو. ستت ئي نانا جي گھر واري وفات ڪري وئي ۽ ھن جي ويڳي پٽ سڌو نانا کي گھر خالي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان کان پوءِ نانا جي زندگي ھڪ نه ڇٽندڙ زخم بڻجي وئي، پر ھو ڪجھه به ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪو نه ھو ڇو ته ھن جي پنجابي گھرواريءَ چپ چپات ۾ اھو گھر پنھنجي پٽ جي نالي لکرايو ھو. مون کي اھا ڳالھه اڄ تائين سمجھه ۾ نه آئي ته جيڪڏھن اھا مائي منھنجي مولائي طبيعت واري نانا سان پيار ڪندڙ ھئي ته پنھنجي پٽ جي بخيل طبيعت ڄاڻيندي به گھر پٽ جي نالي ڇا سوچي لکي ڏنو.

خالد بروھي پنھنجي نانا جو ڳالھيون وڏي اڪير ۽ اتساھ وچان ٻڌائيندو رھندو آھي، ھن آسمان ۾ نھاريندي ھڪ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ چوڻ لڳو: يار حبيب، نانا ڏاڍو معصوم انسان ھو، ھو پاڻ سان ٿيندڙ ھر زيادتيءَ تي ڪجھه به ڪونه ڪڇندو ھو. ھن جي ڪل ڪائنات ھن جا ڪتاب ھئا، ۽ ھڪ ڏينھن اھي ڪتاب ان پنجابي ٺيڪيدار گھر جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيا. مجبور ٿي نانا پنھنجي ڪتابن سميت اسان جي گھر يعني بئراج ڪالونيءَ ۾ شفٽ ٿيو. تون ان ڏينھن جنھن ڪمري ۾ کٽَ تي ويھي چانھه پيتي ھئي ان کٽَ تي منھنجو نانا سمھندو ھو ۽ ھن جي چئني پاسي ڪتابَ پکڙيا پيا ھوندا ھئا. سڄي رات لکڻ جي ڪري صبح جو ڏسندا ھئاسين ته نانا جون اکيون سڄيل ھونديون ھيون، خبر نه پوندي ھئي، الائي پڙھندو ھو، الائي روئندو ھو. آخرڪار اسان جي ئي گھرَ ۾ اسان جي نانا رحيمداد خان مولائي شيدائي، ۱۲ فبروري ۱۹۷۸ع تي ھميشه لاءِ اکيون پوريون ۽ تاريخي آدم شاه ٽڪريءَ جي پاڙَ ۾ ھڪ قبرَ ۾ آرامي ٿي ويو.

خالد ٻڌايو ته نانا جي ڏکَ جي ڪھاڻي ھن جي مرتئي بعد به نه کٽي. ھڪ ڌاريي پٺاڻَ اتي ناجائر قبضو ڪري نانا جي قبرَ کي ميساري ان مٿان پنھنجي اوطاقَ اڏي ڇڏي آھي. سنڌ حڪومت جي ڪرتا ڌرتائن کي سنڌ جي ھن يگاني تاريخ دان جي قبرَ مٿان ڇپرو اڏي ان کي سدائين لاءِ محفوظ بڻائڻ کپي. آخر ۾ سيڪريٽري ڪلچر اڪبر لغاري جي مھرباني مڃڻ گھرجي، جنھن جي ڪوششن سان ڪلچر ڪامپليڪس سکر ۾ ھڪڙو سھڻو ھال، مرحوم مولائي شيدائيءَ جي نالي سان منسوب ٿيل آھي، جتي جو رکوال مرحوم مولائي شيدائيءَ جي خاندانَ جو سائين امير علي بروھي آھي ۽ جنھن ھالَ ۾ تاريخ ۽ ڪلچر جي حوالي سان کوڙ سارا پروگرام ٿي چڪا آھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



رحيم داد خان مولائي شيدائي

دادا سنڌي

عام طور تي چيو ويندو آهي ته تاريخدان ۽ محقق خشڪ ۽ روڊ قسم جو ماڻهو هوندو آهي. پر مولائي شيدائي کي جڏهن به مون ڏٺو ته کيس زندهه دل، خوش مزاج، کلڻو، رلڻو، ملڻو ۽ پل ۾ پنهنجو ٿيئڻ وارو ماڻهو محسوس ڪيو. وڏي ڳالهه ته، هن وٽ تڪلف بنهه ڪونه هو. پيارو ۽ نوجوانن سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. ڪير چوندو ته هي ستر سالن جو پوڙهو ۽ معاشري جو ستال فرد آهي. هزارين سور سيني ۾ سانڍي کلندو، ڀاڪر پائي زور ڏيندو. هٿ دٻائيندو. هن جي وڏي خوبي شگفته مزاجي ۽ بذله سنجي هئي. سندس طبيعت ۾ ظرافت هئي. منهنجي ساڻن پهرين ملاقات ڪنگس هل جي چوٽي تي، سندس ڪتبخاني جي ننڍڙي ڪمري ۾ ٿي. جتي پاڻ کٽ تي ليٽيل هئا. تعارف ڪرايم ته کڻي ڀاڪر ۾ وڌن. ڄڻ ته سالن جا سڪايل هئا. پل ۾ گهرا ٿي ويا. مون ڏٺو ته کيس مالي ۽ معاشرتي حالتن سندن جهوري وڌو هو. سندس رفيق حيات جنهن کي هو پيار مان ” رتن ٻائي“ چوي پيو پوڙهي جهور اکين کان ويٺل ۽ اڌ رنگ جي مريض هئي. پر مولائي شيدائي ساڻس توڙ نڀايو. سٺو نڀايو زال مڙس جي مثالي پريت جو سبق مون کي اتان مليو. مولائي مون کي تاريخ سان دلچسپي خاص ڪري، قومي تاريخ لکڻ جو درس ڏنو. ڏانءُ بخشيو ۽ ڍنگ سيکاريو. اڳ ته مان نسيم حجازي ٿيڻ جي شوق ۾ طارق بن زياد ۽ خالد بن وليد جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ۽ سندس اڏيل در جو پئي پيڇو ڪيو ۽ اسلامي تاريخ لکڻ ۾ بهشت ۽ سونا قلعا پئي ٺهرايا، پر مولائي شيدائي جي هن ملاقات، مون کي انهن فرضي داستانن ۽ الف ليلى جي افسانوي ادب مان ڪڍي. سنڌ جي تاريخ جي سونهري گوشي ۽ حقيقي ۽ سچائين سان پر دنيا ۾ آندو ۽ مون کي ” تمدن سنڌ “ هٿ ۾ ڏيئي، ان جي مطالعي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مون ڏٺو ته سندس ڪتبخانو علم ۽ ادب جو ميومتو مهراڻ هو. تاريخي مواد جي لحاظ کان هي ڪتبخانو خود تاريخي خزانو هو. منجهس صرف تاريخ جي موضوع تي، هزارين ڪتاب هئا. هو چترڪار به هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۽ قلمي نسخن ۾ تصويرون خاڪا ۽ نقشا سندس هٿ جا نڪتل هئا.ڪتاب جي حفاظت به ڪافي ڪن ٿا. منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيائون ته ”دادا صاحب، اهي ڪتاب ته منهنجا پٽ آهن، جيڪي ڪمائين ٿا ته آءُ کايان ٿو. سڄي عمر انهن لاءِ وقف ڪيم، ۽ انهن جي حفاظت ۽ پرداخت ۾ خرچ ڪيم ۽ هاڻي اهي ئي منهنجو ذريعه گذران آهن.“

 مولائي صاحب چيو ته ”منهنجا قدردان آهستي آهستي ويا موڪلائي“. هن اکين مان آب هاريندي چيو ته ”دائود پوٽو، مولانا وفائي، مولانا راڻيپوري ۽ ٻيا صاحب مون کي ڪافي ڀائيندا هئا. مولانا محمد صادق راڻيپوري، منهنجو هڪ مضمون پڙهي، چيو هو ته ”مولائي مينهن گهرجيئي، زمين گهرجيئي يا روڪڙ.“ دائود پوٽو مرحوم ته مون کي ڀائرن وانگر گهرندو هو. اڄ به ادي خديجه چوندي آهي ته ”مولائي اسان جي گهر جو ڀاتي آهي.“ مولانا وفائي ته منهنجو ادبي محسن هيو. لکڻ تي ته مون کي هن ئي هيريو. مولائي ته هن ئي سڏيو نه آءُ رحيم داد خان هيس، آءُ سندس شيدائي بڻجي ويس.“ هن چيو ته منهنجا مضمون ان وقت الوحيد اخبار ۾ ايندا هئا. سنڌ آزاد نمبر ۾ منهنجا ۲ مضمون ”سنڌو دريا“ ۽ قديم بندرگاهه ڇپيا ۽ ان سان گڏ فوٽو پڻ. هندن اهو نه سٺو ۽ وڃي انگريز حاڪمن جا ڪن ڀريائون. جنهن کين چيو ته ”مون کي اهو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏيو. آفيسر مضمون پڙهي کين چوڻ لڳو ته هن شخصيت تي ته اوهان کي فخر ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنڌ جي تاريخ تي ايڏو عبور رکي ٿي. مون کي اڳ سنڌ متعلق ايڏي سڌ ڪين هئي.“

 مولائي صاحب موجوده ” ادبي ماحول “ تي ڳالهائيندي چيو ته ” اڄڪلهه ادبي دنيا ۾ پارٽي بازي ٿي پئي آهي. هي فلاڻي جي پارٽي آهي ۽ هي فلاڻي ماڻهو جي آهي. اڄ وري ادي علي اڪبر کان خط آيو آهي ته اوهان هڪ مضمون ۾ ” ديوان آشڪار“ بابت ڇوهه ڇنڊيا آهن. دادا صاحب، خدا جو قسم آهي ته مون اهو مضمون ڪين لکيو آهي، ڪنهن ٻئي لکي، منهنجي نالي شايع ڪرايو آهي. آءُ پاڻ درازي آهيان، مون کي سچل لاءِ محبت آهي. ادبي ادارن جي وري حالت اها آهي جو مضمون وٺن ٿا ته وري اطلاع نٿا ڏين“.

 موجوده علمي حالتن متعلق هن چيو ته ” دادا صاحب، اڄڪلهه علم وڪامي رهيو آهي. پنج مئو ڏنئه ته گريجيوئيٽ. رشوت علمي ٻيڙي جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. جڏهن علم جي اها حالت آهي، تڏهن ڪير چت لائي پڙهندو هوندو. پئسن تي ڊويزنون پيون ملن. مون کي ڪيترائي صاحب چوندا آهن ته ” فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو وٺو، خرچ پکو وٺو، هلي پروفيسرن کي چئو.“ مگر آءُ کين چوندو آهيان ته ” اهڙي ڪڌي ڪم ڪرڻ کان مون کي اجازت ڏيو.“ اهو انصاف جي خلاف آهي، علم جو شان اوچو آهي. اهي استاد ئي ويا، جيڪي صحيح علم سيکاريندا هيا. پاڻ ” سانگي “ جو هي شعر پڙهيائون.

استاد اهي جن، پاڙهيو ٿي، جن درس محبت ڪاريو ٿي

جن سورن سان سيکاريو ٿي، سٽون سورن جو سمجهائي ويا

دادا صاحب اوهان مون وارو مضمون ”استاد قمبر علي“ پڙهيو هوندو. مولائي صاحب هڪ نقل ٻڌايو ته امام مالڪ کي، هارون خط لکيو ته ”مون کان ٿي وڃ“. امام صاحب کين جواب ۾ لکيو ته ”علم کي حاصل ڪرڻ لاءِ طالب وٽس ايندو آهي ۽ علم طالب وٽ ويندو آهي، تنهن ڪري تو کي مون وٽ اچڻ گهرجي. اڄ ڪلهه ماڻهو علم وٽ وڃن ٿا ۽ نه علم انهن وٽ اچي ٿو.

معاشرتي حالتن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي هن چيو ته ”اخلاق ۽ اخلاص، مروت ۽ ميٺ ملڪ مان هليو ويو آهي. صداقت ۽ سچائي جي ٻيڙي ٻڏي ويئي آهي. ملاوت ۽ مهانگ ايتري قدر ته وڌي وئي آهي، جو آءُ چوندو آهيان ته گيهه ته مون کي بيمار ڪري وڌو آهي. مان مجبوراً چانهه سان ئي ماني کائيندو آهيان. آمريڪا واري ڪڻڪ کاڌل ۽ پراڻي هوندي آهي، هو ڪو ابي جو مائٽ ٿورو ئي آهي.“

منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، هن عظيم انسان مون کي هنڊي، تئو ۽ ڪُل ڏيکاريندي چيو ته ”دادا سائين، هي منهنجي کاڌي تيار ڪرڻ جا اوزار اٿئو. صبح جو هڪ ڦلڪو ۽ چانهه جو ڪوپ، منجهند جو سبزي ۽ رات جو ماني ڪين کايان.“ مولائي صاحب ڳوڙها ڳاڙهيندي چيو ته؛ ”اسان کائون ٿا ته ڪپڙو نٿو ٿئي، ڪپڙو ڪريون ٿا ته کائڻ پورو نه ٿو ٿئي. اهي به ڏينهن هئا، جڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهرين تاريخ تي مني آرڊر اچي ٺڪاءُ ڪندا هئا. هاِڻي اهڙن قدردانن کي ياد ڪري ويٺو ڳوڙها ڳاڙهيان.

آخر ۾ هن چيو ته ”اوهان سٺو لکو ٿا ۽ لکندا رهو، اهو سٺو شوق آهي. ويٺي ويٺي ماڻهو الائي ڇا ٿو سوچي، تنهن ڪري لکندا رهو. اوهان تي صرف پنهنجو حق نه آهي. ٻين جو به حق آهي. پنهنجي لاءِ ته هرڪو جيئي ٿو، پر ٻين لاءِ ڪو جي ڏيکاري. قوم جي اصلاح لاءِ لکندا رهو. اسان اچي پنهنجو وقت پورو ڪيو آهي ۽ جيڪا قوم جي خدمت ڪئي اٿئون ان کي هو پاڻهي ئي سمجهي سگهن ٿا.

مولائي صاحب شاعر ۽ مصور به آهن. سنڌو ۾ سندس ڪافي ڪلام ڇپيو هو. سندس ڪيتريون ئي هٿ جو نڪتل تصويرون ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ شامل آهن. (۱۰ جولاءِ ۱۹۶۷ع)


 

مولائي شيدائيءَ جون اڻپوريون آسون ۽ اُميدون!

خواجا ذوالفقار

هو سنڌ جو حقيقي عاشق هو جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ کي پنهنجن ضخيم ۽ ناياب ڪتابن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. ليڪن حياتي ۾ ته سندس ڪا من جي مراد ۽ اندر جي آس پوري نه ٿي سگهي ليڪن وصيت ڪرڻ باوجود هو ساڳي هنڌ دفن به ٿي نه سگهيو جنهن ماڳ تي هن ابدي آرامي ٿيڻ جي آس لڳائي هئي. هن پنهنجي يادگيرين ۾ انتهائي من موهيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ اهڙيون ڏکاريون ڳالهيون به لکيون آھن جنهن کي پڙھڻ سان ساڻس محبت، چاهت ۽ احترام وڌي وڃي ٿو ۽ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. جنهن شخصيت جي مان ڳالهه ٿو ڪريان ان جو نانءُ هو رحيمداد خان بروهي، جيڪو سنڌي ادب جي اڀ تي مير رحيمداد خان مولائي شيدائي جي نالي سان مشھور آھي، جنهن جو جنم ۱۸۹۴ع ڌاري سکر شھر ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو هو شير محمد خان شھواڻي، جيڪو ريلوي کاتي ۾ انجڻ ڊرائيور هو ۽ ڪوٽڙيءَ کان بدلي ٿي سکر آيو ته ھتان جو ئي ٿي ويو ۽ هو انگريزن جي دور جو پهريون مسلمان ڊرائيور هو جنهن لئنسڊائون پل تان پهرين پائليٽ انجڻ پاس ڪئي هئي، مير رحيمداد خان شروع کان ئي علم ۽ ادب جو پانڌيئڙو رهيو ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهندو هو ليڪن سرڪاري نوڪريءَ ۾ پير پائڻ سبب سڌي طرح پنهنجي ڪنهن به ليک ۾ نالو لکڻ بدران ڪو تخلص اختيار ڪرڻ پئي چاهيائين انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادب ۽ تاريخ جا ٻه وڏا نالا پير علي محمد ۽ پير حسام الدين راشدي سکر مان هڪ سنڌي اخبار سنڌ زميندار ڪڍندا هئا، جتي شام جو مولانا دين محمد وفائي ۽ مير رحيمداد خان چانهن جي پياليءَ تي علم ۽ ادب جون قربائتيون ڪچھريون به ڪندا هئا، جتي رحيمداد خان جي تخلص ڪو ادبي نالو ڏيڻ واري معاملي تي پير حسام الدين، مولائي ۽ مولانه دين محمد ۽ پير علي محمد سندس تخلص شيدائي تجويز ڪيو، ٻنهي راشدي ڀائرن ۽ مولانا وفائيءَ کي راضي رکڻ لاءِ ھن ٻئي نالا استعمال ڪيا ۽ پوءِ پنهنجين لکڻين ۾ ھن پنهنجو نانءُ مولائي شيدائي لکڻ شروع ڪيو هو، تاريخ جو ناميارو نانءُ بڻجڻ کان اڳ جن استادن مير رحيمداد خان شھواڻي کي عشق سندا اکر پڙھايا ۽ سونهن جا سبق ڏيندي ڌرتي ڌڻين جي ٻولي ۽ لوليءَ سان نينهن جو ناتو نڀائڻ جا درس ڏنا انهن استادن ۾ مولوي خدا بخش ابڙو ۽ مولوي محمد عظيم ڀٽي شامل آھن، جنهن کان پوءِ ھن چار درجه سنڌي ۽ پنج درجاگورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان پڙهڻ کان پوءِ ريلوي کاتي ۾ ۱۹۱۹ع ڌاري لوڪو ڪلينر طور ڀرتي ٿيو ۽ ترقي ڪندي ريلوي گارڊ جي عهدي تائين پهتو.

گارڊ جهڙي ٿڪائيدڙ ڊيوٽي باوجود سندس گارڊ واري پيتي سدائين ڪتابن سان ڀريل هوندي هيس جتي به وقت ملندو هيس سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهول تاريخي ڪتابن سان ڀريندو رهيو. جيون جي اڻپورين اميدن پنهنجي غربت ۽ زندگيءَ جي لاهن چاڙھن بابت مولائي شيدائي جيڪا ڊائري لکي آھي، اها منظر عام تي اچي ناهي سگهي ليڪن ان ڊائريءَ جا اڻپورا پنا مولائي شيدائي خاندان جي مهربانيءَ سان منهنجي نظر مان گزريا آھن جنهن ۾ سنڌ جي هن جاکوڙي تاريخدان جي جيون جي درد ڪٿا سمايل آھي. مولائي شيدائي پنهنجي ماسات کي پسند ڪندو هو ليڪن سندس من جي مراد ان لاءِ اڌوري رهجي ويس ته سندس والد شيرمحمد بروهيءَ وٽ ڪنواريتن کي گهربل پئسا ڏيڻ لاءِ ۵۰۰ روپيا ئي نه هئا، مولائي شيدائي پنهنجي ادبي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي ته/مونکي پنهنجي ماسات لالي سهڻي صورت ۽ سيرت سبب وڻندي هئي ۽ ماسي به رشتي لاءِ راضي هئي ان لاءِ مان پهنجي والد کي رشتي وٺڻ لاءِ موڪليو. ڇوڪريءَ جو والد منهنجو ماسڙ به رشتي لاءِ راضي ٿي ويو هو ۽ هن لاليءَ جي عيوضي لاءِ ۵۰۰ روپين جي گهر ڪئي، ليڪن منهنجو والد ريلوي جو ريٽائرڊ ملازم هو سو هن وٽ ۳۰۰ روپيا موجود هئا جيڪي لاليءَ جي پيءُ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته بابي چيس ادا قرض کڻي پٽ جي شادي نه ڪرائيندس ۽ ائين منهنجي زندگيءَ جي پهرين خوشي ۲۰۰ روپين نه هجڻ سبب پوري ٿي نه سگهي ۽ سموري حياتي منهنجي اميدن جا ڏيئا وقت جي واچوڙن جي ورن وڪڙن ۾ڦاسندا رهيا پر ڪڏهن به همت نه هاري ۽ قلم جي ڪرت جاري رکيم.

مير رحيمداد خان مولائي شيدائي جي شادي سندس ماسات لاليءَ سان ته نه ٿي سگهي ليڪن سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ آغا علي مراد جي نياڻي شرف سلطانه سان ڪرائي وئي، جيڪا ناظر حسين پٺاڻ جي بيواه هئي جنهن کي پهرين مڙس مان ٻه پٽ ھئا عبدالمجيد ۽ عبدالرشيد جن کي مولائي شيدائي پٽن جيان پڙھايو ٻنهي کي نوڪريون مليون ۽ مولائي شيدائي جيڪو گهر خريد ڪيو هو جيڪو مولائي منزل جي نالي سان مشھور هو جنهن هنڌ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز ۽ ٻيا شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيندا هئا، اهو گهر هن پنهنجي گهر واريءَ جي نالي ڪيو هو خبر ناهي ڪهڙي طرح خالد ڪرم ۽ امير علي بروهيءَ جي ويڳن مامن مولائي منزل پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏي، جنهن گهر جي هڪ ڪمري ۾سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، شيخ عبدالرزاق راز، فتاح ملڪ ۽ ٻيا شاعر اديب ۽ عالم علمي ۽ ادبي ڪچھريون ڪندا هئا گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ مولائي شيدائي جي ويڳن پٽن سنڌ جي نامياري تاريخدان کي بي گهر ڪري ڇڏيو ۽ مولائي شيدائي ڀٽائي سرڪار جو هيءُ بيت جهونگاريندو گهر کان بي گهر ٿي ويو“ڌرئون ڌاريا مٽ مئيءَ جا ڪين ٿيا” اچي چاچي الهنور بروهيءَ جو بئراج ڪالوني وارو گهر وسايو، ان لاءِ ته هو سندس ننڍي نياڻي خالده خانم جو ور هو، پوءِ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين هو بئراج ڪالوني سکر ۾ ئي رهيو. مولائي شيدائي پنهنجي نانءُ جيان مولائي ماڻھو هو جڏهن به گارڊ جي ڊيوٽي ڪري ريلوي ريسٽ ھائوس پهچندو هو ته پريشان حال ۽ آفيسرن جا ستايل ريلوي ملازم درخواستون لکرائڻ لاءِ هن جو اننتظار ڪندا هئا ۽ سفر جي ٿڪاوٽ باوجود هن ڪڏهن به ملازمن کي جواب نه ڏنو آخر مولائي شيدائي جي درخواستن کان تنگ اچي انگريز آفيسرن ماتحت آفيسرن ڏانهن سرڪيولر اماڻيو ته رحيمداد خان جي هٿ اکرن سان لکيل ڪابه درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هوندي. پنهنجي سادي طبيعت ۽ همدرديءَ سبب نوڪري به وڃائي ويٺو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي جيون ڊائريءَ ۾ ھن طرح ڪيو آھي.

”هڪ ڏينهن هو سبيءَ کان ڊيوٽي ڪري روهڙيءَ جي گارڊن واري ريسٽ هائوس پهتو ته ريلوي ڪالونيءَ ۾ رهندڙ ملازم کيس ايلاز ڪرڻ لڳا ته هڪ ڪمري ۾ کين شراب پيئڻ جي اجازت ڏني وڃي، هو ڪنهن به هُل هنگامي کانسواءِ شراب پيئڻ کان پوءِ روانا ٿي ويندا ۽ هو سفر جو ٿڪل هو هڪ ڪمري ۾در ورائي سمهي پيو ۽ ڪلاڪ ڏيڍکان پوءِ جيئن پياڪن تي نينهن جا نشا چڙھيا ته ٻه شرابي هڪ ٻئي سان وڙھي پيا ۽ بورچي خاني ۾ پيل شيشي ۽ چينيءَ جون پليٽون هڪٻئي تي اڇلائيندي ريسٽ هائوس کي ڄڻ جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيائون. مولائي شيدائي ننڊ مان سجاڳ ٿيو تيستائين چوڪيدار شرابين کي ريسٽ ھائوس مان ڀڄائي ڇڏيو هو ليڪن مولائي شيدائي جي ٻيهر آرامي ٿيڻ بعد سموري رپورٽ آفيسرن تائين پهچائي وئي هئي. ريلوي جي انگريز آفيسرن تڪڙي جاچ شروع ڪري ڏني ۽ اهو سچ ڄو زمانو هو ڪوڙ ڳالهائڻ وڏو گناه سمجهيو ويندو هو، ڪنهن به مقدس ڪتاب تي هٿ رکڻ بنا سچ ڳالهائبو هو جنهن ڪري صبح تائين اها ڳالهه پڌري ٿي وئي ته ريلوي ملازمن کي ريسٽ ھائوس ۾ شراب پيئڻ جي اجازت سينئر گارڊ رحيمداد خان ڏني هئي ۽ شراب پيئدڙ ايلاز منٿ ڪري شراب گهرائڻ لاءِ ڪجھ پئسا به وٺي ويا هئا جنهن ڪري مولائي شيدائي کي نوڪريءَ مان ئي ڊسچارج ڪيو ويو. پنهجي جيون ڊائريءَ ۾ مولائي شيدائي لکيو آھي ته، انڪوائري ۾ صالح محمد شاه راڻيپور واري جي دعائن سان بي ڏوهي ثابت ٿيس ۽ ٻيهر نوڪريءَ تي بحال ڪيو ويو.

مولائي شيدائي آزاديءَ واري هلچل ۾ به حصو ورتو ۽ خلافت واي تحريڪ ۾ عملي حصو وٺندي مجاهدن لاءِ سکر سميت مختلف شھرن ۾ وڃي چندو به گڏ ڪيو، فلسطين، ترڪي ۽ پنهنجي ديس جي آزاديءَ لاءِ ڪيترائي مضمون لکيائين، علم، ادب ۽ تاريخ سان سندس عشق هو ان لاءِ سوچيائين نوڪري سان نڀاءُ ڪندس ته تاريخ ۽ ادب جو ڪم اڌورو رهجي ويندو ان لاءِ هو ۶۰ سالن تائين نوڪري ڪري ها ته ۱۹۵۴ع تائين ڊيوٽي ڪري ها ليڪن ورهاڱي کان به ۹ سال پهريان ۱۹۳۹ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي سمورو وقت لکڻ ۽ پڙھڻ کي ڏنائين هو مسلسل روزانو ۱۴ ڪلاڪ لکندو هو جنهن ڪري جنت السنڌ ۽ تاريخ تمندن سنڌ سميت سنڌ جا پراڻا شھر، ٽالپورن جي مختصر تاريخ بلوچستان جي مختصر تاريخ، سنڌ جي سياست اردو ۾، تاريخ سکر، سنڌ جا هندو مسلم بزرگ، قلات جي تاريخ، اردو۾، سرزمين بلوچستان اردو۾، پيغام نوح، تاريخ خاصخيلي، ترڪي جي تاريخ، تاريخ بلوچستان مڪمل اردو ۾، زينت سنڌ، تصوف جي تاريخ، اقاليم اسلام، ۳جلد، تاريخ اسلام، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، مقالات شيدائي ۴ جلد، صبح مشرق، مئخانئه شيدائي، روضته السنڌ، بلوچستان جي تاريخ ۽ جاگرافي اردو ۾، بکر جي تاريخ ۽ مهدوي تحريڪ جهڙن ناياب ڪتابن سان هن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهول ڀري ڇڏي. مولائي شيدائي جهڙي ادب جي سچي عاشق جي جيون ڪٿا کي ڪنهن به هڪ مقالي ۾ سميٽڻ ممڪن ئي ناهي ان لاءِ ته هو هڪ ئي وقت تاريخدان محقق، صحافي، شاعر به هو، سندس جيون چيتر جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون آھن، بازار مان اٽو وٺڻ ويو ته انگور وٺي آيو، گهر وارن جي پڇڻ تي وراڻيائين بازار ۾ اٽي ۽ انگورن جو اگھ ساڳيو هو ان لاءِ ماني پچائڻ جي تڪليف نه ڪريو اڄ انگور ٿا کائون. پير حسام الدين راشدي ۽ مولائي شيدائي ويجها دوست هئا ۽ سکر جي ڪنهن به سئينما ۾ ۹ وڳي کان ۱۲ بجي تائين آخري شو ضرور ڏسندا هئا مولائي شيدائي پنهنجي نالي جيان طبيعت ۽ گفتار ۾ به مولائي هو سو سندس والد شير محمد خان بروهيءَ جي وفات سبب تدفين کان پوءِ تڏي تي ويٺا هئاسين ته مولائي شيدائي آھستگيءَ سان چيو راشدي، بابو ته فوت ٿي ويو، واپس ته ڪونه ورندو، هل ته فلم جو آخري شو ڏسي اچون، اهڙو ذڪر پير حسام الدين اپريل ۱۹۷۸ع جي مهراڻ رسالي ۾ تاريخ جو روشن باب مولائي شيدائي ۾ ڪيو آھي، مولائي شيدائي عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن لکي گهٽ سگهندو هو ته بيت ۽ ڪافيون سر ۾ جهونگاريندو رهندو هو، جيڪي پهنجي نياڻي الهنور بروهيءَ کان لکرائيندو هو، سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو. انگ نه ڍڪ اڳڙين سان تنهنجو شاهاڻو شان، تون ڪيئن بن وسايو خاڪي خاڪ مڪان، راڌا تنهنجو ڪان، مون سويري سهي ڪيو. ۱۹۷۸ع جو ۱۲ فيبروري وارو ڏينهن مولائي منزل تي ڏک جا ڪڪر ڇانيل هئا هر چھري تي اداسي هئي ان لاءِ ته پير حسام الدين جو دلبر دوست تاريخ جو شيدائي ۽ محبتن ڀريو مولائي هميشه لاءِ موڪلائي ويو هو، جنهن پنهنجي وصيت ۾لکيو هو ته بکر ۾ ستين جي آستان ۾ کيس دفنايو وڃي ليڪن سندس آخري خواھش به پوري ٿي نه سگهي ڪهڙين رڪاوٽن سبب تاريخ جي روشن ستاري مير رحيمداد خان مولائي شيدائي کي کي ستين جي آستان بدرا ن آدم شاه ڪلهوڙي جي مزار ڀرسان نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو، جتي سندس قبر به محفوظ ناهي، سنڌ جي نامياري تاريخدان مولائي شيدائي جنهن سنڌي صحافت ۾ڪارٽون متعارف ڪرايا ۽ روزاني هلال پاڪستان ۾ ڪيترائي اهم ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيائين، نامياري اديب شاعر ۽ صحافي رشيد ڀٽيءَ مولائي شيدائي جي جيون خاڪي ۾ لکيو آھي ته ۱۲فيبروريءَ تي مولائي شيدائي جي جنازي نماز ۾ ۵۰ کان به گھٽ ماڻھو شامل هئا ۽ هڪ نوجوان رستي ۾ پڇيو هو ڪنهن جو جنازو آھي ۽ نالو ٻڌائڻ تي چيو هو هئائين ڪير هو مولائي شيدائي، جنهن تي رشيد ڀٽيءَ کان دانهن نڪري وئي هئي نوجوان کي چيو هئائين ته جيڪي قومون پنهنجي محسنن کي ياد نٿيون رکن اهي ڪڏهن به ترقي ڪري ناهن سگهنديون. بس ايئن ئي چوندس ته اٺھتر وار سال هو ۽ هئي ٻارنهن فيبروري لٽي لوڙھ ھن جو ڪانڌي وريا ها پيرين پنڌ سارا پانڌي ورياها هڪڙي لڙندڙ شام جو دوست راشدي حسام جو مرڪندي مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويو اداس هرهڪ صحن ٿي ويو وري وريون يار ويرون اهڙيون ڪي سار جون آليون اکيون اڄ ٿي ويون خواجه ذوالفقار جون تاريخ ۽ ادب جي شيدائي جنهن لاءِ نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل لکيو آھي ته، جڏهن هن سندس تاريخي ڪتاب جنت السنڌ ۽ تاريخ تمندن سنڌ پڙھيا هئا ته کيس پڪ ٿي وئي ھئي ته هو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾تاريخ جو ناميارو پروفيسر هوندو، ليڪن معلوم ٿيو ته گوڙ گهمسان واري ريلوائي کاتي ۾ گارڊ ھو جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ تي ايترو شاندار ڪم ڪرڻ تي کيس دل سان سلام ڪيم. جنهن کي سڄي سنڌ سلام ٿي ڪري اڄ نامياري تاريخدان مولائي شيدائي جي قبر جا نشان به ميساربا پيا وڃن ليڪن انتظاميه ۽ ساڃاه وند خاموش آھن، ان سموري ڏکاري وارتا کي هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو. ويندي ويندي مولائيءَ هڪڙي وصيت ڪئي هئي تاريخي ماڳ بکر ۾ دفن ڪجو ستين واري سائين پڌر ۾ دفن ڪجو مگر پوري نه ٿي سگھي اها آس هن جي اڌوري رهي بس اها باس هن جي وڃي آرامي ٿيو هو آدم شاه قبرستان ۾ قبضا مافيا جو راڄ آ جتي انهي سموري آستان ۾ قبر هن جي اڪيلي صفا جتي ڪين ڪڏهين ڪوئي ڏيئو ٻري ٿو هٿيارن جو پهرو آ تاريخ تي هن جي قبر تي نه ڪوئي دعا اڄ گهري ٿو. ثقافت کاتي سنڌ پاران سکر ۾ نامياري تاريخدان جي نالي تي مولائي شيدائي لائبرري قائم ڪرڻ ۽ سندس ڏوهٽي امير علي بروهيءَ کي لائبررين مقرر ڪرڻ سٺو سنئوڻ آھي ليڪن مولائي شيدائي جا ڪتاب جيڪي ثقافت کاتي ۽ ادبي بورڊ وٽ موجود آھن انهن کي منظر تي آندو وڃي، ڀلي مولائي شيدائيءَ جي قبرتي ڏيئو نه ٻرندو هجي پر هو پنهنجي قلم ذريعي هزارن ڏيئا روشن ڪري ويو آھي، جيڪا لاٽ صدين تائين ڪڏهن به اجهامي نه سگهندي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



سنڌ جو مولائي شيدائي

خالد ٻانڀڻ

چون ٿا ته سنڌ جي ماياناز تاريخدان رحيم داد خان جنهن جو لقب مولائي شيدائي آهي. سنڌ جي ٻن تاريخ سان ڀائر شخصيت پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي رحيم داد جا علمي ادبي دوست هئا. هن ماڻهو جي فقير طبيعت ڏسي هڪ ڀاءُ کيس مولائي لقب ڏنو. ٻئي شيدائي ڏنو ڳالهه فرد ۾ اچي وئي آخر نيٺ مولانا دين وفائي فيصلو ڪري کيس مولائي شيدائي جو لقب ڏنو ۽ هي پوري سنڌ ۾ مولائي شيدائي جي نالي سان مشهور ٿيو. مولائي نه رڳو تاريخ تي پر صحافت ۾ به پاڻ مڃرايو. هو ۱۹۴۱ع ۾ خان بهادر الله سومرو ان وقت جي سنڌ جي سي ايم جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزاني اخبار آزاد جو سب ايڊيٽر رهيو. هن جا تاريخ ادب تي مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المنار، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيا ۽ ڏاڍو مقبول ٿيا. هن نه رڳو سنڌ پر بلوچستان جي تاريخ سان به انبت ان جي ڪري رکي ته جو سندس وڏڙن جو تعلق بلوچستان سان هو. ان جي ڪري هن ۱۹۴۱ع ۾ ڪتاب ”مختصر تاريخ بلوچستان“ لکيو، جنهن بلوچ قبيلن جا شجرا ۽ ٻيا تفصيل ڏنا هئا. رحيمداد خان ۱۸۹۴ع ۾ سکر ۾ ريلوي جي ملازم شير محمد بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد وانگر ۱۹۱۹ع ۾ ريلوي انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر جي نوڪري ڪئي بعد ۾ گارڊ جي عهدي تي پهتو پر هن کي علم ادب صحافت سان جيڪو چاهه هو ان اڃ نيٺ ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي جي نوڪري تان استفيعيٰ ڏياريس جنهن بعد مولائي ۱۲ کان ۱۴ ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس پهريون شاهڪار ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت جنت السند اٿس ان کان علاوه سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا، تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، سنڌ جا پراڻا شهر، پيغام نور، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، اقالين اسلام، سرزمين بلوچ، اردو ۾ تاريخ قلات جهڙا ۾ ڪتاب لکيا. جڏهن ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب تاريخ سکر اڄ به سکر تي ڪم ڪندڙ صحافين، اديبن، شاعرن لاءِ رهبر بڻيل آهي. جنهن مطالعي کان سواءِ سکر تي لکڻ اڌورو هوندو. مولائي ۱۹۴۵ع هلال پاڪستان جو پڻ ايڊيٽر رهيو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو پهريون صحافي هو جنهن اخبارن ۾ ڪارٽون جو سلسلو شروع ڪيو. شيدائي ۱۹۵۰ع ۽ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو رهيو. هن مڙس مولائي جا اڄ به ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل سندس پوٽن وٽ پيل آهن. جن ڪتابن ۾ اقالين اسلام جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي، تاريخ اسلام، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ شامل آهن نه رڳو حيرت جهڙي پر پريشان ڪندڙ حقيقت اها آهي ته انهن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب ڇپائي جي مختلف ادارن وٽ سالن کان پيل آهن پر شايد اهو اڻ ڇپيل آهي ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ چون ٿا هن ڏانهن جن اديبن شاعرن، عالمن، تاريخ دانن جا خط ايندا هئا انهن کي سهيڙيو اٿس، مطلب ته مولائي شيدائي سنڌي ٻولي تاريخ ادب جي حوالي سان جيڪا محنت ۽ خدمت ڪئي آهي ان جو کيس ذري جيترو به صلو نه مليو، هن پنهنجا ۵۳ ورهيه سنڌي علم ادب کي ڏنا، ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع ۾ وفات ڪري ويو. اڄ کيس ۳۴ سال گذري ويا آهن. سنڌ جي ثقافت کاتي ادبي تنطيمن کان ايئن اسريل آهي. ڄڻ نه ڪو مولائي شيدائي هو ئي ڪونه ٻيو ته ٺهيو درگاهه آدم شاهه ڀرسان جنهن قبرستان ۾ هو دفن ٿيل هو ان قبرستان تي قبضا مافيا قبضو ڪري سندس قبر جا آخري نشان به مٽائي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ ان اشو کي گهڻو کنيو ويو سيڪريٽري وزير سطح جا عملدار به پهتا قبر جو معائنو به ڪيو. وڏا اعلان دورا ٿيا پي عمل ۾ ٿيو ڪجهه به ڪونه. هونئن به چوندا آهن ته سکر جا ماڻهو ڏاڍ بي حس آهن جيڪڏهن سندس خاندان وارا نه هجن ته مولائي جي قبر لاءِ به ڪو آواز ڪون اٿاري ها. جيتوڻيڪ قبرواري نشان وٽ چوديواري ته ڏياري وئي ليڪن ان ڀت جي چوڌاري گند ڪچري جا ڍير ٿي ويا آهن. مولائي جي قبر وانگر سنڌ جي تاريخ به افسرده آهي. ڇو ته اڄ جيڪا هن صدي جي تاريخ چڙو ڇڙ لڳي پئي آهي ان کي ته ڪو سنڀالڻ وارو ناهي، پر جن ٿورو گهڻو پورهيو ڪري پنهنجي تاريخ بچائي اچ اسان انهن جون قبرون به نٿا بچائي سگهو.

اهو حال رهيو ته ايندڙ وقت ڏاڍو بي حال هوندو، آخر ۾ مولائي بابت ٻڌايان ته هو شهواڻي بروهي هو سندس وڏن جو گهر بلوچستان مستونگ ۾ هو پر نوڪري سانگي پيءُ سان گڏجي سکر آيو ۽ سکر جو ٿي ويو پر سکر واسين هن جي قبر به ميساري ڇڏي.


 

مولائي شيدائي جي ياد ۾

ياسر عبدالغني خاصخيلي

سکر شهر سان تعلق رکندڙ نامور تاريخدان جنهن کي اسان کان وڇڙندي ۳۴ سالن جو عرصو گذري چُڪو آهي ۽ جنهنجي اڄ اسان ۳۴ هين ورسي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهيا آهيون. ان نامور تاريخدان ۽ محقق جو نالو رحميداد خان مولائي شيدائي آهي جنهن پنهنجي نوجواني جا حسين ڏينهن ۽ راتيون علم ۽ ادب جي نانءُ ڪيون ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي تاريخي ڪتاب لکيا. رحيمداد خان مولائي شيدائي کي تاريخدان ۽ محقق کان علاوه اگر اديب، شاعر، سگهڙ ۽ علامه چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. تاريخ جو هي انمول تاريخدان ۱۸۹۴ع ۾ شير محمد خان شهواڻي بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندن وڏن جو تعلق بلوچستان جي علائقي مستونگ سان هو.مولائي شيدائي بنيادي تعليم سکر جي غريب آباد محله ۾ مولانا خدابخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مولائي صاحب جڏهن چوٿين درجي ۾ انگريزي پڙهندو هو ته سندس جو استاد ڄيٺانند سندس ذهني قابليت کي ڏسي ڪري مٿس خاص شفقت جو هٿ رکيو ۽ کيس تاريخ جا ڪتاب پڙهائيندو هو، اهڙيءَ طرح ڊرائنگ جو فن پڻ هڪ ٻئي استاد جهامنداس ڀاٽيا سيکاريو هو. بقول نامياري اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ته مولائي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو شيدائي هو. مولائي شيدائي انوکي ۽ سنجيده طبعيت جو مالڪ هوندو هو. مولائي صاحب جي علامه مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي، مرحوم لطف ا بدوي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙن عالمن سان مولائي صاحب جي دوستي هئي. مولائي شيدائي صاحب شروع ۾ هندستان جي تاريخ تي جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پير علي محمد شاهه راشدي کيس چيو ته هن وقت سنڌ جي تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري توهان کي جيترو گهرجي اوترو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. تنهن بعد ئي مولائي صاحب سنڌ جي تاريخ تي لکڻ شروع ڪيو. سنڌ جي تاريخ تي سندس پهريون ناياب ڪتاب (جنت السنڌ) آهي، ان کان علاوه ٻيا تاريخي ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ، تاريخ سکر، تاريخ مختصر بلوچستان، سنڌ جا بلوچ قبيلا، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تاريخ خاصخيلي، سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، موسوين جي تاريخ، تاريخ بکر، تاريخ ٽالپر، تاريخ قلات، تاريخ اسلام، سنڌ جا پراڻا شهر، تاريخ ترڪستان، انسائيڪلوپيڊيا آف بلوچستان (سنڌي ۾) وغيره جهڙا تاريخ ساز ڪتاب سرفهرست آهن. رحيمداد خان کي مولائي جو خطاب پير حسام الدين شاهه راشدي ڏنو، جڏهن ته شيدائي جو خطاب پير علي محمد شاهه راشدي ڏنو. سنڌ جو هي محسن تاريخدان اسان کان ۱۲ فيبروري ۱۹۷۸ع تي جُدا ٿي ويو ۽ کيس آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا