; سنڌي شخصيتون: April 2013

19 April, 2013

اُستاد نذير خان - وسيم سومرو /حيدرآباد


اُستاد نذير خان
وسيم سومرو /حيدرآباد
چون ٿا؛ موسيقي رُوح جي غذا آهي. اها موسيقي، جنهن جي ٻُڌڻ سان وجد طاري ٿي وڃي. اها ساڳي ڪيفيت. جيڪا مخمور هوائن جي ڇُهاءَ سان، جسم ۽ رُوح کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري. اها ئي ڪيفيت، موسيقي ٻڌڻ سان به ٿي پوندي آهي.

18 April, 2013

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - مٺل جسڪاڻي


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
سچ چوڻ جي سگهه رکندڙ شخص
مٺل جسڪاڻي
اهو ۱۹۸۱۱۹۸۰ جو زمانو هو. ورڪ شاپ بس اسٽاپ ٽنڊوڄام تي مرحوم منظور لاشاري جي اخبار واري اسٽال تي بيهي، ٻه ٽي اخبارون اٿلائي، ڪا هڪ وٺندو هئس. صبح سوير جنهن به ڏينهن ويندو هئس، ان ڏينهن کجيءَ مان ٺهيل ڇٻيءَ هٿ ۾، اکين تي چشمو پهريل، کل مُک ماڻهو ايندو هو، اخبار وٺي هليو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ڪو مخاطب ٿيندو هو، ته پهرين اُن کي چتائي ڏسي، پوءِ ان حساب سان جواب ڏيندو هو. جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندڙ کلڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا. مون کي پهريون ڀيرو منظور لاشاري ٻڌائڻ بدران پڇيو هو ”سڃاڻينس؟ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر اٿئي.“

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - ارباب نيڪ محمد


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
بي باڪ ڪامريڊ ۽ ”يادگيرين جو سفر“
ارباب نيڪ محمد
’عوامي فليسوف‘ واري اصطلاح جو باني ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. فولاد فقير شر ۽ عليم درس پارن سماج جي ’منفرد معالجن‘ کي موصوف انهيءَ لقب سان ياد ڪندو هو.... انهيءَ پيڙهيءَ جو قد آور ماڻهو ڪالهه مير ڪالوني ٽنڊي ڄام مان هڪ صديءَ واري تاريخ کي سيني ۾ سانڍي وڃي سائينءَ کي پرتو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جون عجيب پر پسڻ واريون اکيون، تجسس سان مالا مال هيون. معاشري جي ڌار ڌار پاسن بابت سندس اک جو ’ريفرنڊم‘ نرالو هوندو هو... علي احمد بروهيءَ ۽ ڪامريڊ جون تحريرون ۽ تقريرون بوريت کي چرچن واري بم گولي سان نيست و نابود ڪري ڇڏينديون هيون. جيتوڻيڪ ’منهن موچارا، منهن ڪارا ماڻهو‘، ’اکين ڏٺو، ڪنين ٻڌو‘ ۽ ’يادگيرين جو سفر‘ سميت سندس اڌ درجن کن ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر هن رهاڻين ۽ ڪچهرين ۾ جيڪي پهاڪا متعارف ڪرايا، ڪو ادريس جتوئي، ڪو عنايت هيسباڻي ۽ ڪو حافظ جهڙو متان ميدان تي نڪري ’فرهنگِ مير‘ جي نالي سان اهڙا ضرب المثل مُرتب ڪري ڌار ڪتاب منظر عام تي آڻي. سندس پهرئين ڪتاب ’منهن موچارا، منهن ڪارا ماڻهو‘ جو مهورت هجي، سائين امداد شاهه کي خاص مهمان طور زحمت ڏنائين، چئي: مون کي اهڙو ماڻهو سجهي ئي نٿو، جيڪو صدارت ڪري... مولانا ابوالڪلام آزاد جو قدِ آدم پورٽريٽ ٺهرائي آيو هو... ائين صدارتي ڪُرسيءَ تي مولانا آزاد کي صوري ۽ معنوي صورت ۾ براجمان ڪري، تقريب کي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي صدر ۽ خوبصورت نثر جي مالڪ ڏانهن منسوب ڪري پنهنجي قلبي تسڪين جو سامان هٿ ڪيائين.
مولانا آزاد سان سندس ارڙهن منٽن واري ملاقات جو جڏهن تذڪرو ڪندو هو ته اکيون نمناڪ ٿي وينديون هيون... سائين جي ايم سيد کيس ڪڏهن به ’ڪامريڊ‘ جي نالي سان ڪو نه سڏيندو هو...’مير صاحب‘ چئي مخاطب ٿيندو هو. ڪامريڊ ۾ آگ طوفان قسم جي ڪاوڙ هجي ۽ اوهان مولانا آزاد، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني، حاجي احمد ملاح جو واسطو ڏيو، همراهه ائين هرکجي ويندو هو، جيئن ٻارڙو ريوڙين ۽ پتاشن تي راضي ٿئي. هن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ صوبائي سيڪريٽري جنرل واري ڪرسي مليل هجي، مير رسول بخش خان ٽالپر جي بنگلي تي ڀٽو شهيد ڪنوينشن کي مخاطب هجي، فخرِ ايشيا ولولا انگيز خطاب ۾ فرمايو پئي ته: ”منهنجي پارٽي غريبن جي پارٽي آهي، آئون جاگيرون ٽوڙي زمين غريبن ۾ ورهائيندس، مون وٽ ڪو به جاگيردار ناهي...“ ڪامريڊ مير محمد اٿي بيٺو.... ”ها سائين! صحيح ٿا فرمايو، مخدوم صاحب، جتوئي صاحب ۽ مير صاحب جيڪي تنهنجي ساڄي کاٻي تشريف فرما آهن، تن وٽ جريب ٻنيءَ جو به ناهي، ڍڳن جو جوڙو به خريد نٿا ڪري سگهن، سڀ جا سڀ مير بندي علي خان جا ’سرڙيا‘ هاري آهن... ميان جا فقير... ائين به ڪا دروغ گوئي ڪبي آهي ڇا!!“ مير علي بخش ٽالپر، خير بخش مري ۽ مينگل صاحب سميت کوڙ سارن همراهن تي بغاوت جو ڪيس ٿيو ۽ ’حيدرآباد ٽريبيونل‘ جي نالي سان جسٽس رياض حسين جي اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد ۾ مٿن ڪيس هلائڻ شروع ڪيو ۽ هتان ڪامريڊ مير محمد هميشه هميشه لاءِ پ پ کي داغِ مُفارقت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. نه وڻندڙ ڳالهه تي بروقت احتجاج ته ڪو ’ڪامريڊ‘ کان سکي.
ٿر بر جبل جهاڳي تاريخي ماڳن مڪانن تي سنگِ مرمر جا ڪتبا نصب ڪرائڻ لاءِ مياڻي ۽ دُٻي کان ويندي ٽوڙهي ۽ ٽلٽي پهتو. تتل ڪاڙهي ۾ هڪ لڱان ڪاهوءَ جي دڙي ڏانهن ڪاهي آيو... سائين امداد محمد شاهه گڏ هجي. ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر سيد ممتاز علي شاهه کي رفيقِ سفر بڻائي قافلي کي ڊينگاڻ وٺي ويو. مولوي ولي محمد ڀرڳڙيءَ جي قبي جي احاطي ۾ موجود بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙيءَ ۽ رئيس غلام مصطفى خان ڀرڳڙيءَ جي مزارات کي خوبصورت نقش نگار سان سينگاري تاريخي ڪتبا نصب ڪرائي پوءِ ترت ورڻ جي ڪيائين. پٿوري ۽ غلام نبي شاهه جي وچ ۾ جهرڪياري ديهه موجود آهي، ورهاڱي واري وقت اتي پوکي راهي ۽ رک جون ذميواريون سندس حوالي هيون. سموري خانداني زمين قومي ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏيائين. هن وقت چاليهه پنجاهه ايڪڙ زمين باقي بچي آهي.
سٺ واري ڏهي ۾ بي ڊي ميمبريءَ لاءِ فارم داخل ڪرائي وڃي گهر آرامي ٿيو. حاجي خان محمد مڱريو ۽ وڏيرو ورُو پلي آمهان سامهان بيٺل هجن. وروءَ جي ونگار وهندي ڪاردار صاحب خان محمد جو فارم بحال ڪو نه ڪيو. ترڪو فقير ۽ امين فقير خان محمد فقير سميت جهرڪياري پهتا. فقيرن ماجرا بيان ڪئي ۽ پاڻ چيائين: ”فارم ڀرائڻ وقت اليڪشن وڙهڻ جو ارادو ڪو نه هئم.. هاڻ جي سندرا ٿا ٻڌايو ته پوءِ مُڙس ٿي ملهائجو... ميڙو واهه جو مچائينداسين.“ اريگيشن جي فرش موريءَ تي پولنگ هجي. وڏي گڙنگ زميندار خيرن سان ڪامريڊ هٿان هارايو... همراهن ڪامريڊ کي ڪلهن تي کڻي ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪري اچي ڍوري ناري رسايو. سال ۾ هڪ ڀيرو عليم درس ۽ احمد ملاح جي تربتن کي ڏسڻ لاءِ سفر ڪندو هو... صاڀي جو قبرستان ’مائي صالحان‘ ڏانهن منسوب آهي. اتي عليم درس جي بُٺيءَ تي پڙ ڏسي پريان کان رڙ ڪيائين.... ”ڄمار سڄي پرايا پڙ ساڙي هاڻ پاڻ اوڍيو ويٺو آهين!“ ائين سائي رنگ واري انهيءَ ڪپڙي کي هڪڙي غريب معصوم ٻار جي قميص لاءِ درزيءَ حوالي ڪيائين.
ڪامريڊ وٽ ميونسپل مسافر خاني ميرپورخاص جي اڱڻ ۽ ۲۲-۲۱ نمبر ڪمرن جا فوٽو محفوظ هئا. ۱۹۳۰ع ڌاري سنڌ هاري تحريڪ جو بنياد انهن ماڳن تي پيو هو... هاڻوڪي نگران وڏي وزير جو سڳو ڏاڏو حاتم علوي مالي سهڪاري هو. جمشيد نسروانجي مهتا پارا به سندس سٿ ۾ شامل هئا. مير جي لانڍيءَ کان سڏ پنڌ واگهڙيجيءَ جو ڳوٺ موجود آهي، خميسو ۽ مصري لغاري ڪراچيءَ جي صنعت ڪارن کي گڙنگ زميندارن جو ساهه سوگهو ڪرڻ لاءِ ڪوٺي آيا هئا... شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پارا ترقي پسند ليڊر به سندن رفيق سفر هئا. هيئدي ۾ جنهن مائي بختاور لاشارڻ کي اجل راهه وٺرائي ويئي، ڪامريڊ مير محمد انهيءَ مقدمي جو ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جيان ٻانهن ٻيلي رهيو... تڏهن موصوف نبي سر روڊ ۾ هاري تحريڪ جو ڪُل وقتي ڪارڪن هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي رحلت کانپوءِ هاري تحريڪ کي جنهن ليڊر سنڀاليو، انهيءَ جو نالو مولوي عزيز الله جروار هو. ڪامريڊ مير محمد جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي انهيءَ تلميذ رشيد سان انس هو... ڄام صادق کان ويندي حاڪم علي زرداريءَ تائين امير ڪبير به سندس ’گفتگو‘ ٻڌڻ لاءِ ٻاڙيا ويٺا هوندا هئا. جي يو آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ جا صوبائي صدر مولانا محمد شاهه امروٽي ۽ مولانا جان محمد عباسي به سندس حلقهءِ احباب ۾ شامل هئا. مولوي معاذ نواب شاهه وارو ۽ مولوي اسماعيل لغاري مسڻ وڏيءَ وارو هجي، سندس واسطا ڪثير الجهتي ۽ گهڻ رُخا هئا. مير آچن مرحوم سندس مائٽ هو. ميرپور خاص واري ’سچائي منزل‘ مير آچن ڪامريڊن کي هاري هلچل لاءِ وقف ڪري ڏني هئي. ڪاوش اخبار جي صفحن تي سندس پهريون ليک ’بلوچستان جا بلوچ، تاريخ جي آئيني ۾...‘ ڇپيو هو. فارسيءَ سان شغف هئس. شيخ سعديءَ جو هي بيت سندس پسنديده بيتن ۾ شامل هوندو هو:
تمتع ز هر گوشهءِ يافتم
ز هر خرمني خوشهءِ يافتم
(اسان هر ڪنڊ پاسي جو واس ورتو، اسان هر قسم جي کري مان داڻا ڪڻا حاصل ڪيا.)





ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي موڪلاڻي.....
حافظ مهراڻ
ڪالهه شام جو عمرڪوٽ جي دوست ارباب نيڪ محمد فون تي اطلاع ڏنو ته، ”ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ اڃان ارباب صاحب جي اطلاع تي سوچي ئي رهيو هئس ته، ٽنڊي ڄام مان به اطلاع پهتو ته ڪامريڊ ڪَرها ڪاهي اڻ ڏٺي ڏيهه روانو ٿي ويو آهي.
منهنجي ڪامريڊ صاحب سان شناسائي ٻه ڏهاڪا اڳ هيئن ٿي ته، آئون ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هئس ۽ صبح سوير ٽنڊي ڄام جي ڦاٽڪ تي اخبار پڙهڻ ايندو هئس. ڪامريڊ صاحب به پنهنجي گهران ڀاڄيءَ  جي لاءِ کجيءَ وارو ٿيلهو کڻي اتي پهچندو هو. اخبارون پڙهي پوءِ ڪامريڊ صاحب تبصرا ڪندو هو ته، يار! ويٺا مزا ڏسو هي جيڪي سياستدان ٽُوهن وانگر ڦُٽي نڪتا آهن، هنن کي ڪهڙي خبر ته سياست ڇا ٿيندي آهي. ڪامريڊ صاحب کي پاڻ پڏائڻ جي عادت نه هئي، نه ئي اهو پسند ڪندو هو ته ماڻهو سندس روبرو ويهي تعريف ڪن. هميشه چوندو هو ته حافظ پٽ! وڏو صِلو ته اهو آهي جو روح خوش ٿئي. ڪامريڊ صاحب هميشه چوندو هو ته، سنڌ جي مٽيءَ ۾ وڏي زرخيزي آهي. سنڌي ٻارن ۾ بي پناهه صلاحيتون آهن. ليڪن سنڌ ۾ پِيرن، مِيرن ۽ وڏيرن جون ظالماڻه ريتون رسمون، عادتون ۽ ڪڌا ڪم سنڌين جي نسلن کي تباهه ڪري رهيا آهن. آئون ٻه ڏهاڪا سندس ايترو ويجهو رهيس پر ڪامريڊ صاحب کي اها خبر نه پئجي سگهي ته آئون پير سائين پاڳاري جو فقير آهيان. آخري ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ڪامريڊ صاحب جي ٽَنگ ۾ ڌڪ لڳل هو، آئون مهيني ماس ۾ هڪ ٻه دفعا پيو چڪر ڏيڻ ويندو هئس. مون تي ڪامريڊ جي ڊيوٽي هئي ته، مارڪيٽ ۾ ڪو نئون ڪتاب اچي ته ضرور اطلاع ڏيان. مون ٻڌايو ته، پنهنجي شهر جي پروفيسر عمر چنڊ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو پير سائين پاڳاري جي تحريڪ جي حوالي سان آهي. چيائين لڳي ٿو ته، پيرن جي چڪر ۾ آهين. ائين ڪري چوڻ لڳو ته، نسرين جليل جليبيون پيرن کي ته کارائڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي ڪري پر مون پوڙهي ڪامريڊ کي ڪو به جليبي کارائڻ لاءِ تيار نه آهي. تون ٿر جو ڏُٿُ ڪنڊين جون سڳريون، چڀڙن سڪل جون ڪاچريون ۽ پيرون ته کارائيندو وڃ. ڪامريڊ صاحب مون سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪندو هو ۽ مون کي پاڻ سان سفر تي به گڏ وٺي ويندو هو. نواب اڪبر بگٽي، عطاءُ الله مينگل ۽ مير مرتضى ڀٽو کان وٺي سائين جي ايم سيد جي پٽن امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه جون حاضريون به ڏنيون.ڪامريڊ صاحب برصغير جي تاريخ جي هڪ صديءَ جو اکين ڏٺو گواهه هو. مولانا آزاد کي ۱۸ منٽ ڏٺو هيائين ته، ارونا آصف علي کان وٺي اولڊ انڊيا جي وينا شرنگي جڏهن وٽس آئي هئي ته به مون کي گهرايائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڪامريڊ وٽ ايندو ويندو هو. مون هڪ دفعي پڇيو ته، اوهان کي سنڌيءَ جو ليکڪ سڀ کان وڌيڪ ڪير ٿو پسند اچي؟ چيائين: منهنجو يار ڪريم بخش نظاماڻي، جنهن سان منهنجون ڪيتريون ئي بي تڪلفانه حجتون، محبتون، صداقتون ۽ الفتون رهيون آهن. سائين جي ايم سيد کيس هميشه ”مير صاحب“ ڪري سڏ ڪندو هو، ڪڏهن به ڪامريڊ نه سڏيائين. اسان کي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صاحب جون ڏنل محبتون ۽ پيار هميشه ياد رهندو.

17 April, 2013

غمدل فقير - قاضي مقصود حيات گل


غمدل فقير

غمدل نام ڌرايم

قاضي مقصود حيات گل
سنڌڙيءَ جي سرزمين هميشه کان صوفي فقيرن ۽ بزرگن جو آستان ۽ مسڪن پئي رهي آهي. هتان جي صوفين هميشه امن، آشتي، پيار، محبت، انسان دوستيءَ، سڪ ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏئي پنهنجن توڙي پراون کي سيني سان لاتو آهي. جڏهن به، جتي به، نفرت، نفاق، دوئي ۽ ڌڪار جي آڳ الا ڪري اٿي آهي، اتي صوفي بزرگن، پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار سان دوئي ۽ ڌڪار کي ڌڪي ڌار ڪري هميشه پيار ۽ محبت سان انهيءَ ناسور جي چيٽ کي سک ۽ سلامتيءَ جي فضا کي بحال ڪري، ميٺ ۽ محبت جون سرڪيون عام کي انسانيت، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق ڏيئي مجبور ماڻهن کي پنهنجي دلبريءَ جي دامن ۾ پناهه ڏئي، پيار ۽ پاٻوهه جون ورکائون ڪيون آهن.

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ - عطا الرحمان سمون


ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ
پي ايس ۱۹نوشهرو فيروز جي آزاد اميدوار سان ڳالھه ٻولھه
انٽرويو: عطا الرحمان سمون
زندگيءَ جي خوبصورت ڏينهن ۾ ڌرتيءَ جي نيڪ ۽ حلالي پٽ ڊاڪٽر عبدالقديرميمڻ ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ ۾ تعليم يافته خليفه ميمڻ خاندان ۾ استاد عبدالستار ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم خليفه غلام شبير، هائير سيڪنڊري تعليم تواريخي گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز، انٽر گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج مورو۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل هيلٿ سائنس يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. سندس سياسي اک ۽ سياسي شعوري ايم آرڊي (جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهد) آگسٽ ۱۹۸۳ ۾ جنم ورتو، جتي ضيائي آمريت جي خلاف ٿيل جدوجھد کي گولين ۽ پر امن ماڻهن کي شهادت نوش ڪرائي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هتي ڊاڪٽر صاحب پنهنجن سينئر ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جيل ڀريو تحريڪ کي ايترو ته منظم ڪيو جو حڪومت جا جيل ڀرجي ويا ۽ حڪومت گرفتارين وٺڻ کان انڪاري ٿي وئي. وري ۱۹۸۶ ۾ ٻيهر شروع ٿيل ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ايئن اها سياسي جدوجهد ۽ عوامي ڀلائي جون ڪوششون ڊاڪٽر صاحب جون هر مصيبت کي منهن ڏئي سچائي ايمانداريءَ سان ان کي اڳتي کڻي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندو رهڻ ۾ پرسڪون هوندو آهي، ۲۰۰۵ع ۾ عوام دوست پينل طرفان تعلقي نوشهرو فيروز ۾ واحد اڪيلو يونين نائب ناظم چونڊجي آيو جنهن پورا چار سال اڪيلي حزب اختلاف ۾ رهندي ماڻهن کي هينڊ پمپ (نلڪا) سلائي مشينون، روڊ رستا، صفائي ۽ بهتريءَ سان گڏ تعليم ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏيارڻ کان علاوه گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي ۱۴ ايڪڙن واري راندين جي ميدان تي مشرف دور جي ساٿارين جي ڪيل قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن جي ڪوششن کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب طاقتور ڌرين سان اکيون اکين ۾ ملائي اهو قبضو ختم ڪرائي ۵ ڪروڙ روپين جو اسپورٽس ڪملپيڪس منظور ڪرايو جنهن جو ڪم هلي رهيو آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ هيءُ واحد ماڻهو آهي جيڪو رات ڏينهن جدوجھد ڪري ٿو ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهي ٿو، نيڪي جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ، ضرورت مند ۽ بي سهارا ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ ڄڻ ته سندس پيشو آهي، پروفيشنل ڊاڪٽر هئڻ سان گڏو گڏ سياسي سماجي ميدان ۾ نوجوانن سان راندين ۽ تفريح جي ميدانن ۾ هميشه انهن سان گڏ رهندڙ ادب دوست ۽ سنڌ دوست هيءُ نوجوان جڏهن به ڪنهن نيڪ عوامي مقصد لاءِ اٿيو ته ان جي حاصلات ۽ بهتري حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن به هڪ گھڙي به آرام نه ڪيو.

09 April, 2013

ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي افغان


ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي افغان
ھو نوجوان ھو جو ڪيٽس وانگر مري ويو
ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ
خضر حيات قاضي
ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي افغان، پاڻ پنهنجي سر هڪ ادارو هيو. مهربان، خوش مزاج، سنئون سڌو، ماٺيڻو ڳالهائيندڙ ۽ هڪ مٺڙو ماڻهو هو. هو تمام وڏي درجي جو همٿ وارو ۽ هر ڳالهه جو چئلينج قبول ڪرڻ وارو هو. نون جرئتمندانه خيالات جو مالڪ ۽ نون خيالن جي جستجو ۾ رهندو هو. سنڌ کيس ڏاڍي پياري هئي. هن پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان سچو ۽ عظيم سنڌي سپوت بڻجي، خاص ڪري سنڌ لاءِ ۽ مجموعي طرح پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو.

07 April, 2013

ڪرشن راھي-رکيل مورائي


ڪرشن راھي
شخص ۽ شاعر
رکيل مورائي
ڪرشن راهيءَ سان منهنجي پهرئين ملاقات ۱۴-آڪٽوبر ۲۰۰۱ع تي ٿي هئي پر سندس پهريون شاعراڻو ڪتاب ”ڪماچ“ ياد نه اٿم ته ڪيترا سال اڳ مون تائين پهتو هئو. ۽ پوءِ ستت سندس ٻيو شاعراڻو ڪتاب ”وسڻ سندس ويس“ آيو هئو جيڪو پاڻ مون کي سيتا سنڌو ڀون ممبئيءَ ۾ ٿيل ملاقات ۾ هي اکر لکي ڏنو هئائين: ”پنهنجي دوست رکيل مورائي لاءِ“.

اڄ جڏهن مان هي ڪجهه سٽون لکي رهيو آهيان ته محسوس تي رهيو آهي ته ڪرشن راهيءَ سان صديون اڳ ٿيل اها دوستي ڇهين اپريل تي ان وقت پچاڻيءَ تي پهتي، جنهن وقت هن پنهنجي جنم ڀومي لاڙڪاڻي کان هزارين ميل ڏور مها نگري ممبئيءَ ۾ آخري هڏڪي ڀري، پنهنجي ماءُ کي الوداع چيو هئو!

استاد عبداللطيف مھر - عظيم سنڌي


استاد عبداللطيف مھر
”ڏاڍو نينھن پنھل مون سان لايو تو“ ڳائي، مشھوري ماڻيندڙ
عظيم سنڌي
ها! هتي مون وٽ عبداللطيف مهر به ايندو هو. عبداللطيف مهر پهرين پنهنجي راڳ جي شروعات فنڪار يوسف سان گڏ ڪئي ۽ آخر ۾ وڃي سنڌ جي وڏي فنڪار خان صاحب محمد يوسف حيدرآباد واري جو قابل فخر شاگرد بڻيو، عبداللطيف مهر جي ڳائڻ جو انداز مڪمل منفرد، سريلو من موهيندڙ آواز، ڪافي ٻڍل شاهه شڪارپور واري جي ”ڏاڍو نيهن پنهل مون سان لايو تو، لايو توڙ نڀايو تو.“

05 April, 2013

انور سولنگي - عيساڻي ميمڻ


انور سولنگي
ليجنڊ اداڪار
رفيق عيساڻي ميمڻ/ حيدرآباد
سنڌ جي سونهاري سر زمين سدائين اهڙن انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ فن جي بدولت پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي انمول ۽ باصلاحيت انسانن ۾ هڪ نالو مرحوم انور سولنگيءَ جو آهي.
ناليواري اداڪار، انور سولنگيءَ پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ۱۹۷۳ع ۾ ڪئي. هن ريڊيو حيدرآباد تان ڪمپيئرنگ کان شروعات ڪئي. ريڊيو جي ڪافي پروگرامن ۾ ميزباني به ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪيائين. اهڙيءَ طرح مرحوم انور سولنگي ريڊيو حيدرآباد تي لاتعداد سنڌي ۽ اردو ڊراما ڪيا، جنهن ڪري کيس سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي مشهوري ملي. پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نوڪري به ملي. اڳتي هلي جنرل ضياءَ، کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شيدائي هجڻ جي ڏوهه ۾، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.

04 April, 2013

نسيم ٿيٻو

نسيم ٿيٻو

محمد رمضان شورو



سنڌ جي مشھور ليکڪا، ڪھاڻيڪارہ، تعليمي ماهر، ميڊم نسيم ٿيٻو، پھرين اپريل ۱۹۴۸ع تي علمي، ادبي، سياسي خاندان ۾ جنم ورتو. ھن جي والد جو نالو مير عبدالباقي ٿيٻو ۽ ماءُ جو نالو بادام ناتوان ھو، جيڪا به وڏي پڙهيل لکيل، ڪھاڻيڪاره، ليکڪا ھئي.

نسيم ٿيٻو اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. جتي ترقي ڪري پروفيسر ٿي.