; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، عبدالقدير، ميمڻ، نوشهرو فيروز، آزاد، اميدوار، ڳالھه ٻولھه، انٽرويو، عطا، الرحمان، سمون،
Showing posts with label ڊاڪٽر، عبدالقدير، ميمڻ، نوشهرو فيروز، آزاد، اميدوار، ڳالھه ٻولھه، انٽرويو، عطا، الرحمان، سمون،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، عبدالقدير، ميمڻ، نوشهرو فيروز، آزاد، اميدوار، ڳالھه ٻولھه، انٽرويو، عطا، الرحمان، سمون،. Show all posts

17 April, 2013

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ - عطا الرحمان سمون


ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ
پي ايس ۱۹نوشهرو فيروز جي آزاد اميدوار سان ڳالھه ٻولھه
انٽرويو: عطا الرحمان سمون
زندگيءَ جي خوبصورت ڏينهن ۾ ڌرتيءَ جي نيڪ ۽ حلالي پٽ ڊاڪٽر عبدالقديرميمڻ ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ ۾ تعليم يافته خليفه ميمڻ خاندان ۾ استاد عبدالستار ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم خليفه غلام شبير، هائير سيڪنڊري تعليم تواريخي گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز، انٽر گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج مورو۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل هيلٿ سائنس يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. سندس سياسي اک ۽ سياسي شعوري ايم آرڊي (جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهد) آگسٽ ۱۹۸۳ ۾ جنم ورتو، جتي ضيائي آمريت جي خلاف ٿيل جدوجھد کي گولين ۽ پر امن ماڻهن کي شهادت نوش ڪرائي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هتي ڊاڪٽر صاحب پنهنجن سينئر ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جيل ڀريو تحريڪ کي ايترو ته منظم ڪيو جو حڪومت جا جيل ڀرجي ويا ۽ حڪومت گرفتارين وٺڻ کان انڪاري ٿي وئي. وري ۱۹۸۶ ۾ ٻيهر شروع ٿيل ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ايئن اها سياسي جدوجهد ۽ عوامي ڀلائي جون ڪوششون ڊاڪٽر صاحب جون هر مصيبت کي منهن ڏئي سچائي ايمانداريءَ سان ان کي اڳتي کڻي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندو رهڻ ۾ پرسڪون هوندو آهي، ۲۰۰۵ع ۾ عوام دوست پينل طرفان تعلقي نوشهرو فيروز ۾ واحد اڪيلو يونين نائب ناظم چونڊجي آيو جنهن پورا چار سال اڪيلي حزب اختلاف ۾ رهندي ماڻهن کي هينڊ پمپ (نلڪا) سلائي مشينون، روڊ رستا، صفائي ۽ بهتريءَ سان گڏ تعليم ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏيارڻ کان علاوه گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي ۱۴ ايڪڙن واري راندين جي ميدان تي مشرف دور جي ساٿارين جي ڪيل قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن جي ڪوششن کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب طاقتور ڌرين سان اکيون اکين ۾ ملائي اهو قبضو ختم ڪرائي ۵ ڪروڙ روپين جو اسپورٽس ڪملپيڪس منظور ڪرايو جنهن جو ڪم هلي رهيو آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ هيءُ واحد ماڻهو آهي جيڪو رات ڏينهن جدوجھد ڪري ٿو ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهي ٿو، نيڪي جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ، ضرورت مند ۽ بي سهارا ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ ڄڻ ته سندس پيشو آهي، پروفيشنل ڊاڪٽر هئڻ سان گڏو گڏ سياسي سماجي ميدان ۾ نوجوانن سان راندين ۽ تفريح جي ميدانن ۾ هميشه انهن سان گڏ رهندڙ ادب دوست ۽ سنڌ دوست هيءُ نوجوان جڏهن به ڪنهن نيڪ عوامي مقصد لاءِ اٿيو ته ان جي حاصلات ۽ بهتري حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن به هڪ گھڙي به آرام نه ڪيو.