; سنڌي شخصيتون: 2013

29 December, 2013

ڪامريڊ موريل - نثار کوکر

ڪامريڊ موريل
سنڌيت وارو رنگ ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ يگانو شخص
نثار کوکر
اها خبر ناهي ته ڏوڪريءَ ۾ گلالن جو اهو دڪان اڃا به سلامت آهي الاءِ نه، جنهن جي ڏاڪڻين واري در کان ٿورو هيٺ مين روڊ جي ڪناري هڪ ڪامريڊ ويهندو هو. ڏوڪريءَ جا ڪامريڊ ته ماسڪو کان جدي تائين اڄڪلھه جتي ڪٿي آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا پر ڪامريڊ موريل جو ملڻ محال آهي.

امير علي ايري - آزاد انور ڪانڌڙو

امير علي ايري
پ پ قيادت کان وسري ويل اڳواڻ
آزاد انور ڪانڌڙو
پ پ پ جي باني، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي، ڪيترا ئي اهڙا ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي جدوجهد، عمل ۽ ڪردار سبب نالو پيدا ڪيو. پ پ پ جي موجوده قيادت کان مڪمل طور وسري ويل امير علي ايري پ پ جو هڪ اهڙو ئي ورڪر ۽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب شاگرد سياست جو هيرو بڻيو. ميهڙ ۾ ۱۰ سيٽمبر ۱۹۵۸ع تي شاهنواز خان ايري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ امير علي ايري سياست جي شروعات شاگرديءَ واري زماني ۾ هاءِ اسڪول (ون) ۾ ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ ۱۴ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاگرد سياست جو حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چار مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي، ته کيس دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور
بي مثال محقق
مير نادر علي ابڙو


اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيائين، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري نه سگهون.

فقير عرس بهراڻي - نهال ڪمار

فقير عرس بهراڻي
نهال ڪمار/ حيدرآباد
حيدرآباد جي هوائن ۾ اُن ڏينهن جڏهن عجيب شوخي هئي، اُتر جي هوائن ۾ تمام گهڻي ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. هر ڪو پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هو، ان وقت ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته، سنڌ جو سينيئر صحافي ۽ نانگن جي حوالي سان پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ فقير صفت ماڻهو فقير عرس بهراڻي اسان کي يادن جا انيڪ انبار ڏئي، هميشه لاءِ وڇڙي ويندو.

سرمد سنڌي


سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي،  اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.

اڪبر بلوچ - جميل چانڊيو

اڪبر بلوچ
بيباڪ صحافي
جميل چانڊيو
ملير جي هڪ ڳوٺ اوبو ٿاڻو (ملا عيسيٰ) ۾ جنم وٺندڙ اڪبر بلوچ عرف بابا، ملير جي ماڻهن جي اهنجن، سورن ۽ تڪليفن جو جيئن جو تيئن ايوانن تائين پهچائڻ جو آرٽ هو. سندن قلم جي طاقت رنگ لاتو ۽ حڪمران ملير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا.

24 December, 2013

لال ملوڪ اوڏ - آدرش

لال ملوڪ اوڏ
آدرش/عمرڪوٽ
لال ملوڪ اوڏ جي پهرين سڃاڻپ سگهڙ هئي. ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو هو. سندس جنم ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو. پنچائت ۾ فيصلا سازيءَ طور مڃيل لال ملوڪ، پٺتي پيل سماج جي ڏُکن سُکن جو پراڻو ساٿاري هو.

18 December, 2013

قاسم پٿر آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن ورسي جي مناسب سان ڀون سنڌي

قاسم پٿر
آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن
ورسي جي مناسبت سان
ڀون سنڌي
اڄڪلهه جڏهن روس جي ٽٽڻ بعد باقي دنيا ۾ اشتراڪيت جو نظريو ڪمزور، ۽ قومن جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ مائوزي تنگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري نئين دور جي تقاضائن سان، پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مونکي قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته، هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب ۽ داس ڪيپيٽال) کي جيئن جو تيئن عملي جامو پهرائڻ  جي مخالفت ڪندو هو، ۽ سنڌ جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن تي ڪڏهن عمل جي ڇڙواڳي ۽ ڪڏهن پارٽي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽيءَ سان  غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري نظريي ۽ عقيدت پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ کي قبول نه ڪيو، ۽ نه ئي عقيدت مندن جو حمايتي رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو، جنهن لاءِ هن کي گهڻي تنقيد جو نشانو به بنايو ويو، ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽيءَ کان به موڪلائڻو پيس.

16 December, 2013

قاسم پٿر- آزاد قاضي

قاسم پٿر
قومي تحريڪ جو حقيقي ڪردار
آزاد قاضي
قاسم پٿر سنڌ جي سياست جو حقيقي معنيٰ ۾ قومي ڪارڪن هو. ان حوالي سان هو پنهنجي جدوجھد کي طبقاتي سوچ تحت رکڻ جي باوجود، قومي تحريڪ واري انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. قومي تحريڪ جيڪا پنهنجي روح ۾ گھڻ طبقاتي تحريڪ هجي ٿي. ان کي اهڙي طرح مهل موقعي جي مناسبت سان صحيح رخ ۾ هلائڻ اهو وڏو ڪمال جو ڪم آهي، اهو صرف قاسم پٿر جهڙا سنجيده ۽ سمجھدار ڪارڪن ئي ڪري سگھن ٿا. ان مسئلي کي صحيح رخ ۾ هن ريت سمجھي سگھجي ٿو. قاسم جيڪو ڪامريڊ سلام بخاري ۽ ابن حيات پنهور جو ڪيڙيل ۽ طبقاتي جدوجھد جي پيداوار هو. ۽ان ئي اثر هيٺ هڪ وقت سيٺ عيسيٰ خواجه جهڙن مقامي ڊنگ وڏيرن جي هڪ هٽي ۽ ڦرمار واري ڪلچر مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو، ائين ڪرڻ ڪري تڪليفون به برداشت ڪيائين، جيل به ڀوڳيائين، ان جي باوجود ڪميونسٽن جي بنيادي نقطي انٽرنيشنلسٽ هئڻ ۽ قومي مسئلي کان پري ڀڄڻ يا ان بابت چونڪ چنانچه ڪندي سنڌ ۾ هڪڙي ڳالهه ۽ لاهور ۾ ٻي ڳالهه ڪرڻ واري فلسفي کان پري رهيو. هو نيشنلسٽ هئڻ واري ناتي ان ڳالهه تي بلڪل واضح هيو ته “قومن جي پنهنجي جداگانه حيثيت آهي، ان حيثيت ۾ انهن کي آزاد رهڻ جو حق آهي.” نه رڳو ايترو پر قومي تحريڪ واري بنيادي تصور هيٺ ڪميونسٽ پارٽي کان سفر شروع ڪرڻ وارو قاسم مختلف جماعتون تبديل ڪندو، آخرڪار قومي تحريڪ جي نمائنده جماعت جيئي سنڌ محاذ تائين پهتو. اتي پهچڻ سان سندس اهڙو ته جيءَ جڙيو، جو آخري دم تائين ان جي پيچ ۾ پيوست رهيو. ايتري قدر جو کيس قومي تحريڪ ۾ آڻڻ وارا ڪمونسٽن جي اثر هيٺ طبقاتي تحريڪ جوشڪار ٿي، چونڪ چنانچه ڪري، قومي تحريڪ وارو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. ڀڄي ڇا ويا، سياسي شطرنج بازي واري عمل جو مظاهرو ڪندي، (جيئن عام سنڌي ماڻهو چوندو آهي) ساڳي نالي سان پنهنجو گروپ ٺاهي ورتائون. قاسم جيڪو مختلف جماعتون ڇڏي ڌڪ کائي، تجربا ڪري چڪو هو، ان اهڙي عمل کي قومي تحريڪ لاءِ نقصانڪار سمجھندي، اهڙن دوستن کي گھڻوئي سمجھايو پر اهي جڏهن پنهنجي هوڏ تي بيٺا رهيا، تڏهن قاسم به کڻي هٿ ڪڍيا. ۽ پوءِ قاسم زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو. قاسم تي سندس دوستن پاران اها تنقيد ٿيندي هئي ته “هو جن پارٽين جو خالق هو يا جن پارٽين کي هن پنهنجو رَتُ ۽ سَتُ ڏنو، هو انهن سان خود گھڻو عرصو گڏ هلي نه سگھيو ۽ خود اختلاف رکي، انهن پارٽين مان ٻاهر نڪري ايندو هو.”
(ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ص ۳۰)

رفيق عيساڻي - مريم مجيدي

رفيق عيساڻي
کاهوڙي اداڪار
مريم مجيدي
سنڌ جي بهترين اداڪار رفيق عيساڻي ميمڻ جو جنم ۷، اپريل ۱۹۶۶ع تي دڙي شهر ۾ ٿيو. پنهنجي تعليم جي تڪميل، يعني ايم اي سوشالاجي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن سنئون سنواٽو اداڪاري جي واٽ ورتي. هن ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڳولڻ بدران، ننڍپڻ جي شوق ۽ پنهنجي ذهني لاڙي کي ترجيح ڏيندي فن جي دنيا ۾ پير پاتو. سال ۱۹۸۶ع ڌاري ”واسينگ جو وير“ اسٽيج ڊرامي ذريعي، هن پنهنجي اداڪاري جي ابتدا ڪئي. ان ريت پنهنجي شوق جي سڦلتا جو سفر، اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري رکندو اچي. هن فنڪار جي اندر جي اُڻ تڻ اتي بس نه ڪئي. ان ڪري هن اڳتي هلي پنهنجي جنم ڏينهن ۷، اپريل ۱۹۹۳ع تي ”ڀٽائي آرٽس ڪائونسل“ جو بنياد رکي، هن ڌرتي جي سماجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي. مطلب ته هي هڪ اهڙو حساس فنڪار آهي جنهن کي ڄاڻ آهي ته محنت ۽ اَورچائيءَ جو اُجورو، فقط محبت سان ڏنل مڃتا ئي ٿي سگهي ٿو.

15 December, 2013

استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي

شاهه لطيف ۽ سچل جي بزم جو بزرگ راڳي

ناصر قاضي



’لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو‘ واري چوڻي خبر ناهي ته ڪهڙي دؤر ۾ مشهور ٿيو، پر لاڙڪاڻو پنهنجي قدامت صدين جي سفر کان جاري رکيون پيو اچي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ساڄي پاسي تي واقع ’موهن جو دڙو‘ ان جي قدامت جو واضح ثبوت آهي، جيڪو پنهنجي اکين ۾ صدين جا اوجاڳا سانڍيون پيو اچي. صدين جي انهن اوجاڳن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڳڙهي خدا بخش جي ڀٽن جو رت ست به پنهنجو دؤرو جاري رکيون اچي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي مير مرتضى ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير جو خون کٿوري بڻجي لاڙڪاڻي جي تاريخ کي اهميت بخشي ٿو. ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ واري پهاڪي جيان لاڙڪاڻو واقعي به تاريخ جي مختلف دؤرن جو سفر طئه ڪندو پيو اچي.

محمد ملوڪ عباسي - قاسم دائود عباسي

محمد ملوڪ عباسي
ڪنديون ياد مون کي صدين جون صديون
قاسم دائود عباسي/موهن جو دڙو
سگهڙن جو سرتاج ۽ ڀلوڙ شاعر فقير محمد ملوڪ عباسي ۱۳ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي موهن جي دڙو ويجهو، ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. محمد ملوڪ عباسي تعليم جا چار درجا تر جي نامياري پرائمري اُستاد مرحوم محمد اسماعيل کان، پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا. تنهن کان پوءِ هن ڪنهن به اسڪول مان تعليم حاصل ڪو نه ڪئي پر باقي سڄي عمر سندس تعلق ڪتابن سان رهيو.

ٺاڪر چاولا - رکيل مورائي

سنڌيت جو ھڪ سپاھي
رکيل مورائي
ڪالهه مهاراشٽر جي گاديءَ جي هنڌ ۽ مها نگري ممبئي ۾ سنڌي ثقافت جي اهم مرڪز سيتا سنڌو ڀون جو روح روان ٺاڪر چاولا منجهند جو گذاري ويو. هو گذاري ويو، جملا ننڍا آهن، پر اڄ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته ممبئي مان سنڌيت جي، سنڌي ادب جي، سنڌي ثقافت جي هلچل پڄاڻيءَ تي پهتي.

13 December, 2013

اداڪاره شهزادي


فن جي تاريخ جي شهزادي
سيد يار محمد شاهه
اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنو عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي.

تاجل بيوس - رکيل مورائي

سنڌ جي ثقافتي سونهن جو شاعر
رکيل مورائي
اڄ سنڌ جي ثقافتي سونهن جي شاعر تاجل بيوس جي وڇڙڻ جو ڏينهن آهي، تاجل بيوس جو وڇڙڻ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ اپسوڻ آهي، هُن جي هلئي وڃڻ سان سنڌ جي ڪلاسيقي شاعراڻي ٻوليءَ جو جديد شاعر سنڌ کان ۽ سنڌي شاعريءَ کان موڪلائي ويو. ساڳئي وقت سنڌي ڪلاسيقي صنف، بيت ۽ وائي جو هڪ بيمثال تخليقڪار اسان وٽان هليو ويو. تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان مٿيون صنفون گهڻو عرصو وانجهيل هيون.

روشن جي - مصطفيٰ ملاح

روشن جي
عالمي ادارن کان ايوارڊ ماڻيندڙ ناليوارو موسيقار
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
موسيقار روشن جي اڪثر حيدرآباد کان فون ڪري هر سال پنهنجي والد ضامن علي، ته ڪڏهن موسيقار فيروز گل ته ڪڏهن موسيقار امانت علي جي ورسيءَ جي تاريخ ٻڌائي، انهن جي حوالي سان ڪاوش ۾ خبر لکرائڻ جي حوالي سان ياد ڏياريندو رهندو هو، پر روشن جي سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ گذريل ڏينهن هو اسان سڀني کان وڇڙي ويو.
هن جو والد موسيقار ضامن علي به ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پاڻ به ۴۵ سالن ۾ هِي جهان ڇڏي ويو. جڏهن ته سندس ويجهو عزيز موسيقار امانت گل، جيڪو ٻه سال پهرين ۲۰۱۱ع ۾ جنوريءَ ۾ وفات ڪري ويو، ان جي صدمي سندس خاندان کي جهوري ڇڏيو هو، ته مٿان وري روشن جي دل جي دوري پوڻ سبب، اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

10 December, 2013

سگهڙ مور ملوڪ - عبدالخالق مغيري

سگهڙ مور ملوڪ
عبدالخالق مغيري
سگهڙ لفظ جي معنٰي آي سياڻيو، سيبتو، سينگاريندڙ يا سلجهائيندڙ وغيره، اهڙي سياسي، سياڻي ۽ هنرمند يا سليقه شعار عورت کي به سگهڙ نار چيو ويندو آهي، جيڪا پنهنجي گهر کي سينگاري سنواري، صاف، سٿرو اڇو، اجرو ۽ جنت نذير بڻائي ڇڏي هوءَ هنر مندي ۾ پڻ هڪ جيڏين کان اڳري رهندي آهي ۽ سهڻيون ٽڪ جون رليون، ٽوپيون ۽ ٻيون شيون ٺاهي پنهنجي هنر مندي جي ڌاڪ ويهاري ٿي ڀرت ڀرڻ ۾ هوءَ سهڻي انداز ۾ شيون ٺاهي ۽ سينگاري ٿي جيئن ۽ جيتري پاڻ نازڪ مزاج هوندي آهي، ايترو ئي نازڪ ۽ نفيس ڪم به ڪندي آهي ساڳئي ريت اسان جا سگهڙ به سهڻا سهڻا سخن، ڏور، ڳجهارتون، سينگار ڏهس، ويهس ۽ ٻين بي شمار صنفن کي نفيس ۽ نج سنڌي ٻولي ويس پهرائي عوام آڏو پيش ڪندا آهن سگهڙ سالن کان عوامي ميلن، ملاکڙن ۽ اوطاقن کي آباد ڪري ڪچهريون قائم ڪندا پيا اچن ۽ ا ن نج سنڌي ٻولي کي زنده رکيون ويٺا آهن جيڪا اسان جي شهرن مان موڪلائيندي پئي وڃي سگهڙ هڪ عوامي شاعر آهي پر عروضي شاعرن جي ڀيٽ ۾ سگهڙن کي اها فوقيت حاصل آهي ته هي اصل خيال سان گڏ پنهنجي فن جا حافظ ۽ محافظ پڻ آهن، هر سگهڙ ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته هو جيڪو ڪجهه به ڏسندو آهي ان کي فني تخليق جو روپ ڏئي هميشه امر ڪري ڇڏيندو آهي سگهڙ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو آهن، مهان ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رقم طراز آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو بنياد تڏهن کان مضبوط ٿيو جڏهن کان وٺي ڪچهريون قائم ٿيون ۽ ڪچهرين تڏهن رنگ لاتو جڏهن سياڻا ۽ سگهڙ سا ماڻا سگهڙ محمد ملوڪ عباسي وري پنهنجي دور ۾ مڙني سگهڙن جو استاد هيو.

08 December, 2013

خان بهادر غلام محمد اسراڻ - عبدالواحد وڌو

خان بهادر غلام محمد اسراڻ
ماڻهو مڻيادار
عبدالواحد وڌو
هن ڌرتي جي گولي تي ڪيترن ئي هستين جنم ورتو ۽ هر ماڻهو پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري هليو ويو۔ جن ماڻهن هن ڌرتي تي عظيم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيا ۽ جيڪي پنهنجي علائقي ۽ ديس واسين جي حقن جو آواز بڻيا انهن جو نانء تاريخ جي سونهري اکرن ۾ سرفهرست آهي۔ انهن ئي ماڻهن ۾ غلام محمد خان اسراڻ به هڪ بي مثال ڪردار آهي۔ خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ  ۷ نومبر ۱۸۶۳ع ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ خير پور جوسو ڀرسان ڳوٺ غلام محمد اسراڻ ۾ ڄائو، سندس والد عبدالله خان اسراڻ زميندار ۽ هلندي پڇندي وارو انسان هو، غلام محمد خان اسراڻ پنهنجي تعليم لاڙڪاڻو مان ڀرائي ۽ اتي ئي فارسي به سکيو، هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين، سلڇڻو ۽ همت وارو هو، پنهنجي وقت جو ڏهيسر هو، هو هڪ اعليٰ سياستدان هئڻ ڪري سنڌ تي ڇانيل رهيو، علائقي جي غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، هن علائقي ۾ سڙڪون ٺهرائڻ سان گڏ  مٺي پاڻي جا کوهه کوٽايا، پاڻ ماٺيڻي طبعيت جا مالڪ هئا، جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارا ۽ مظلوم طبقي جي ماڻهن ۽ دوستن سان پيار ۽ پاٻوهه پيش اچڻ ته سندس فطرت ۾ شامل هو۔ هونءَ تا نرم مزاج  ماڻهو هو پر غريبن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ تي صفا جذباتي ٿي ويندو هو. خانبهادر غلام محمد اسراڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي هڪ اعليٰ خيالن واري انسان جون خصلتون موجود هيون. جنهن ڪري وٽس غريب شاگرد، هاري، ناري هر وقت ايندا هئا ۽ کائنس امداد حاصل ڪري ويندا هئا ۽ سنڌ جو هي هڏڏوکي انسان انهن جي  مالي مدد ڪندو هو. هو سخي انسان هو، انصاف ڀريا فيصلا ڪندو هو، ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ کي هو افضل عبادت سمجهندو هو، هڪ ڀيري ڳوٺ جي هڪ فقير سيدل نالي سندس ننڍي ڀاءُ احمد علي خان لاءِ دانهن ڏني ته ”احمد علي خان سندس عزت ۾ هٿ وڌا آهن“ جنهن تي غلام محمد اسراڻ فورن ڀاءُ احمد علي کي گهرائي ڳالهيون ٻڌي ڀاءُ کي ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته ”عزت جو عيوض عزت، تو فقير جي عزت ۾ هٿ وڌا هاڻي فقير تنهنجي عزت ۾ هٿ وجهندو“ اهڙي فتويٰ بعد ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ان وقت کان هاڻي تائين اها چوڻي مشهور آهي ته ”عزت سان رهڻو اَٿوَ ته اسراڻ جي پاڙي ۾ رهو“ هن جا فيصلا عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هوندا هئا، ان ڪري ان وقت جي حڪومت کيس فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل مئجسٽريٽ جي عهدي سان نوازيو.

محبوب علي ڏيپر - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

محبوب علي ڏيپر
لوڪ ادب جي نالي واري سگهڙ جو انٽرويو
ڳالهه ٻولهه: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال: سڀ کان پهرين اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: نالو محبوب علي ولد محمد صدق ڏيپر جنم جي تاريخ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع، جنم جو هنڌ ڳوٺ قادر بخش ڏيپر لڳ ميهڙ صلع دادو تعليم پرائمري جا پنج درجا پاس، سڃاڻپ سگهڙ، اولاد ۾ ۶ پٽ ۽ ۳ نياڻيون آهن.
سوال: اوهان سگهڙائپ وارو فن ڪنهن کان سکيو؟
جواب: آئون ۱۹۷۵ع کان وٺي هن سگهڙائپ واري فن سان وابسته آهيان شروع شروع ۾ آئون پنهنجا ئي مزاحيه ٽوٽڪا ٺاهي ڪچهرين ۾ ماڻهن کي کلائيندو هيس. پر پوءِ وڏن وڏن سگهڙن کي ڏٺم ۽ ٻڌم ته مون سوچيو ته آئون به انهن جهڙي شاعري ڪري سگهان ٿو پوءِ ۱۹۸۲ع کان سنڌ جي مشهور شاعرن اسحاق راهي، ناظم منگي ۽ نشتر ناٿن شاهي کان رهنمائي ورتي ۽ شروع ۾ مون بيتن واري شاعري ڪئي ۽ ان کي سگهڙن واري انداز ۾ پيش ڪيم ۽ طويل نظم پڙهيم.

01 December, 2013

غلام مصطفيٰ جتوئي - وحيد رزاق مستوئي

غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ نفيس شخص جي ورسيءَ جي حوالي سان
وحيد رزاق مستوئي
پاڪستان جي سياست تي ڇانيل هڪ نفيس شخص رئيس غلام مصطفى خان جتوئي پڻ هو. پاڻ ۱۴ آگسٽ ۱۹۳۱ع تي، سنڌ جي هڪ سياسي گهراڻي، خان بهادر غلام رسول خان جتوئي جي گهر ۾ اک کولي. رئيس غلام مصطفى خان جتوئي جن پاڻ ۾ چار ڀائر هئا. پهرئين نمبر تي پاڻ مرحوم رئيس غلام مصطفى خان جتوئي، ٻئي نمبر تي مرحوم غلام مجتبى خان جتوئي، ٽئين نمبر تي مرحوم ڊاڪٽر عبدالغفار خان جتوئي ۽ چوٿين نمبر تي امام بخش خان جتوئي آهي. کيس 6 پٽ ۽ چار نياڻن جو اولاد آهي جن مان هڪ پٽ طارق مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو آهي. باقي سوڳوارن ۾ ۵ پٽ، چار نياڻيون ۽ هڪ گهر واري آهن.

17 November, 2013

علي رضا سهتو - واحد ڪانڌڙو

علي رضا سهتو
تون ياد وري آئين
واحد ڪانڌڙو
علي رضا سهتو سنڌي صحافت جو هڪ اهم ڪردار هو. هن صحافت ۾ ايمانداريءَ سان فرض سر انجام ڏنا ۽ ٿورڙي وقت ۾ سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍي ويو. پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ دماغي ٽيبي جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب گذريل سال ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنائين ۽ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
علي رضا سهتو ۱۷ جنوري ۱۹۷۴ع ۾ باڊهه شهر اندر علي شير سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ميٽرڪ بادهه شهر جڏهن ته انٽر ڏوڪري ڪاليج ۾ ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي سوشلاجي ۾ ڪيائين.

07 November, 2013

حسين بخش ڀاڳت - ناصر علي پنهور

حسين بخش ڀاڳت
گڏيل قومن جي مڃتا ماڻيندڙ ماحول دوست شخص جو وڇوڙو
ناصر علي پنهور
علي محمد راشديءَ، سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي شڪار جي حوالي سان لکيو آهي؛ ”سنڌ وڏيرن لاءِ هڪ ڊگهي وئڪيشن جيان هئي. ان ئي سنڌ ۾ سنڌ جا وڏيرا نه رڳو پاڻ پر وقت جي حاڪمن، جن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي حڪمران شامل هوندا هئا، تن کي به شڪار ڪرائيندا هئا.“

غلام نبي گل ٻرڙو

غلام نبي ’گل‘ ٻرڙو

رياضت ٻرڙو



غلام نبي ’گل‘ سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. هو ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ پرائيويٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ۱۹۴۸ع کان پرائمري استاد طور تدريس ڏيندي ۱۹۹۲ع ۾ رٽائرمينٽ ڪئي.

05 November, 2013

خانصاب عبدالڪريم پلي - لجپت مالهي

خانصاب عبدالڪريم پلي
اميريءَکان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏيندڙ
لجپت مالهي/ عمرڪوٽ
سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي آسيس ڏنو آهي. انهن ۾ مارويءَ جي ملڪ امراڻي جو عظيم ڪردار نواب خانصاب عبدالڪريم پلي پڻ هڪ آهي، جنهن جي ۴ نومبر ۲۰۱۳ع تي ۲۲ هين ورسيءَ جو ڏهاڙو آھي.
خانصاحب عبدالڪريم پلي، جنهن کي ناري پٽ جا ماڻهو دودو چوندا هئا. اهو نواب، سنڌ جو نرالو ڪردار ان ڪري به هو جو هن اميريءَ کان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏني هئي. سندس سياسي خدمتن جون کوڙ ساريون ڳالهيون انبن واري شهر ميرپورخاص کان وٺي ٿر جي راجستاني بارڊر تائين، سمورا ماروئڙا ڪندا رهن ٿا.

ريشمان - مصطفٰي ملاح

ريشمان
بلبل صحرا
مصطفٰي ملاح
راجسٿان جي صحرا ۾ جتي هر هنڌ اُٺَ هلندا رهندا آهن ۽ صحرا جي خاموش هوائن ۾ هڪ سُريلي آواز ’بلبلِ صحرا‘ ريشمان اک کولي. قدرت راجسٿان جي مٽيءَ مان هن کي ٺاهيو پر پاڪستان اچي هن پنهنجي آواز ذريعي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي. گلوڪارا ريشمان گذريل ڏينهن ۶۶ ورهين جي ڄمار ۾ وڏو عرصو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. هن جي آواز ۾ انفراديت هوندي هئي ۽ سندس آواز خودبخود دلين ۾ لهي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هو. ريشمان جو اندازِ گفتگو به دلڪش ۽ مزاحيه هوندو هو. اهڙا به خوبصورت جملا محفل ۾ اڇلائيندي هئي، جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. بُلبلِ صحرا، لوڪ گلوڪاره، ريشمان کي اهو گمان ڪڏهن به ڪو نه رهيو هو ته مان هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سُرن جي ورکا ڪري، عوامي داد ماڻينديس. ڇو ته هن جي خاندان وارن ريڊيو ۽ ٽي وي کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪو نه هو. هي اڪثر خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندي، شادين مرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا ڳائي گذر سفر ڪندا هئا.

03 November, 2013

مرتضى سيال - اسحاق انصاري

مرتضى سيال
مرڪن لڙڪن ۽ سڏڪن جو مصور
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جڏهن منهنجي ناول ”خالي بينچ جي ٻئي ايڊيشن تي هڪ پروگرام خيرپور ۾ رکيو ويو هيو ته مون چيو هو ته خيرپور منهنجي من اندر جي وادين ۾ وسيل آهي، ڀلي هي کجين جو ديس هجي پر هتان جي ماڻهن جون محبتون تلسيءَجي ان ڏوهيڙي جيان بالڪل نه آهن؛
تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لنبي کجور
ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، بوک لگي ڦل دور
پر هتان جي ماڻهن جون محبتون، ميرواهه جيان هميشه روان دوان، ساون رهندڙ وڻن جيان آهن. ڀلي اهي شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي هجي يا ريڊيو خيرپور هجي، يا وري ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس هجي. اهي اسان جا ڪچهرين جا ۽ يارين جا مرڪز هيا. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته ”لاڙڪاڻو منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ خيرپور منهنجي ڀومي آهي.“

غلام رباني آگرو

غلام رباني آگرو
سندس بي مثال نثر
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪي اهم نالا اڀري نروار ٿيا، انهن مان هڪ نالو غلام رباني آگرو آهي. رباني صاحب جو جنم پنج نومبر ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ان شهر ڀرسان ٿيو، جنهن شهر سنڌي ٻوليءَ کي ٽن بيمثال شاعرن ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ لڇمڻ ڪومل کي جنم ڏنو. اهو شهر تڏهن نوابشاھه ضلعي جو تعلقو هئو ۽ هاڻ نوشهري فيروز ضلعي جو تعلقو آهي. رباني صاحب کي علم، ڄائي ڄم کان مليو ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب پاڻ تعليم سان لاڳا پيل هئو.

ارجن شاد - رکيل مورائي

ارجن شاد
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو نهايت آبرودار شاعر ارجن شاد، ست ورهيه اڳ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. سندس رک وشال ديس جي ساگر ۾ گڏجي وئي. هاڻ هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، پر سندس سندس حسين چهري تي نفيس نچندڙ مرڪ، جنهن به هڪ ڀيرو ڏٺي هوندي، اهو پنهنجي اکين مان ان مرڪ جو تصور گم ڪري نه سگهندو. ٻيءَ طرح هو سنڌي ترقي پسند، اديبن جي ان ٽهيءَ مان هئو، جيڪا ٽهي، سنڌي ادب جي ترقي پسند ٽمورتي، اتم، مالهي ۽ ڪيرت، کان پوءِ سنڌي ادب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي، جن ۾ ڊاڪٽر ارجن شاد سان گڏ، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڪرشن راهي ۽ لڇمڻ ڪومل خاص طور ڳڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر ارجن شاد، خوبصورت شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪنهن به تخليقي صنف تي ممبئيءَ يونيورسٽيءَ مان پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ ليکڪ آهي. هو ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي شعبي جي هيڊ ٿيڻ تائين، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. اتائين ئي رٽائر ٿيو. سندس سنڌي غزل تي ڪيل پي ايڇ ڊي، بيمثال ٿيسز آهي. پر هو اول ۽ آخر شاعر هئو. کيس سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”انڌو دونهون“ تي، هند جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام سان نوازيو ويو. ٻيءَ طرح هن ڪيترا ئي انعام وٺي، انهن انعامن جو مان مٿانهون ڪيو.