; سنڌي شخصيتون: امير علي ايري - آزاد انور ڪانڌڙو

29 December, 2013

امير علي ايري - آزاد انور ڪانڌڙو

امير علي ايري
پ پ قيادت کان وسري ويل اڳواڻ
آزاد انور ڪانڌڙو
پ پ پ جي باني، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي، ڪيترا ئي اهڙا ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي جدوجهد، عمل ۽ ڪردار سبب نالو پيدا ڪيو. پ پ پ جي موجوده قيادت کان مڪمل طور وسري ويل امير علي ايري پ پ جو هڪ اهڙو ئي ورڪر ۽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب شاگرد سياست جو هيرو بڻيو. ميهڙ ۾ ۱۰ سيٽمبر ۱۹۵۸ع تي شاهنواز خان ايري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ امير علي ايري سياست جي شروعات شاگرديءَ واري زماني ۾ هاءِ اسڪول (ون) ۾ ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ ۱۴ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاگرد سياست جو حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چار مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي، ته کيس دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.


سال ۱۹۸۶ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان آئي ته، امير علي ايري کي پنهنجو سيڪيورٽي انچارج مقرر ڪيو ۽ کيس پي ايس ايف جو مرڪزي چيئرمين به مقرر ڪيو ويو. هو سنڌ پيپلز يوٿ ۽ اسٽڊي سرڪل جو صوبائي صدر به رهيو. سال ۱۹۸۹ع ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سال ۱۹۹۴ع ۾ کيس وزير اعليٰ سنڌ جو صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. سال ۲۰۰۶ع ۾ هو پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ جو انچارج رهيو.
امير علي ايري شهيد راڻيءَ کانپوءِ پ پ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ويجهو رهيو. امير علي ايري نه صرف سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو پر هو ليکڪ ۽ ڪالم نگار به هو، هن ”ڀٽو ازم ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۽ ”ٽوٽ گرينگي زنجيرين“ سميت چار ڪتاب به لکيا.

امير علي ايري ۲۹ ڊسمبر ۲۰۱۱ع تي ڪراچيءَ ۾ ۵۳ سالن جي عمر ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ميهڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. زندگيءَ جا ۴۲ سال پ پ کي ڏيندڙ امير علي ايري جي تدفين ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪرڻ ته پري رهيو پر ٽيجهي ۾ اچڻ جي به تڪليف نه ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا