; سنڌي شخصيتون: قاسم پٿر- آزاد قاضي

16 December, 2013

قاسم پٿر- آزاد قاضي

قاسم پٿر
قومي تحريڪ جو حقيقي ڪردار
آزاد قاضي
قاسم پٿر سنڌ جي سياست جو حقيقي معنيٰ ۾ قومي ڪارڪن هو. ان حوالي سان هو پنهنجي جدوجھد کي طبقاتي سوچ تحت رکڻ جي باوجود، قومي تحريڪ واري انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. قومي تحريڪ جيڪا پنهنجي روح ۾ گھڻ طبقاتي تحريڪ هجي ٿي. ان کي اهڙي طرح مهل موقعي جي مناسبت سان صحيح رخ ۾ هلائڻ اهو وڏو ڪمال جو ڪم آهي، اهو صرف قاسم پٿر جهڙا سنجيده ۽ سمجھدار ڪارڪن ئي ڪري سگھن ٿا. ان مسئلي کي صحيح رخ ۾ هن ريت سمجھي سگھجي ٿو. قاسم جيڪو ڪامريڊ سلام بخاري ۽ ابن حيات پنهور جو ڪيڙيل ۽ طبقاتي جدوجھد جي پيداوار هو. ۽ان ئي اثر هيٺ هڪ وقت سيٺ عيسيٰ خواجه جهڙن مقامي ڊنگ وڏيرن جي هڪ هٽي ۽ ڦرمار واري ڪلچر مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو، ائين ڪرڻ ڪري تڪليفون به برداشت ڪيائين، جيل به ڀوڳيائين، ان جي باوجود ڪميونسٽن جي بنيادي نقطي انٽرنيشنلسٽ هئڻ ۽ قومي مسئلي کان پري ڀڄڻ يا ان بابت چونڪ چنانچه ڪندي سنڌ ۾ هڪڙي ڳالهه ۽ لاهور ۾ ٻي ڳالهه ڪرڻ واري فلسفي کان پري رهيو. هو نيشنلسٽ هئڻ واري ناتي ان ڳالهه تي بلڪل واضح هيو ته “قومن جي پنهنجي جداگانه حيثيت آهي، ان حيثيت ۾ انهن کي آزاد رهڻ جو حق آهي.” نه رڳو ايترو پر قومي تحريڪ واري بنيادي تصور هيٺ ڪميونسٽ پارٽي کان سفر شروع ڪرڻ وارو قاسم مختلف جماعتون تبديل ڪندو، آخرڪار قومي تحريڪ جي نمائنده جماعت جيئي سنڌ محاذ تائين پهتو. اتي پهچڻ سان سندس اهڙو ته جيءَ جڙيو، جو آخري دم تائين ان جي پيچ ۾ پيوست رهيو. ايتري قدر جو کيس قومي تحريڪ ۾ آڻڻ وارا ڪمونسٽن جي اثر هيٺ طبقاتي تحريڪ جوشڪار ٿي، چونڪ چنانچه ڪري، قومي تحريڪ وارو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. ڀڄي ڇا ويا، سياسي شطرنج بازي واري عمل جو مظاهرو ڪندي، (جيئن عام سنڌي ماڻهو چوندو آهي) ساڳي نالي سان پنهنجو گروپ ٺاهي ورتائون. قاسم جيڪو مختلف جماعتون ڇڏي ڌڪ کائي، تجربا ڪري چڪو هو، ان اهڙي عمل کي قومي تحريڪ لاءِ نقصانڪار سمجھندي، اهڙن دوستن کي گھڻوئي سمجھايو پر اهي جڏهن پنهنجي هوڏ تي بيٺا رهيا، تڏهن قاسم به کڻي هٿ ڪڍيا. ۽ پوءِ قاسم زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو. قاسم تي سندس دوستن پاران اها تنقيد ٿيندي هئي ته “هو جن پارٽين جو خالق هو يا جن پارٽين کي هن پنهنجو رَتُ ۽ سَتُ ڏنو، هو انهن سان خود گھڻو عرصو گڏ هلي نه سگھيو ۽ خود اختلاف رکي، انهن پارٽين مان ٻاهر نڪري ايندو هو.”
(ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ص ۳۰)


قاسم لاءِ ڏنل اهڙي راءِ کي نظر ۾ رکندي ڪن واقعن ۽ تي کي نظر وجھڻ سان ائين چئي سگھجي ٿو ته سن جي سائينءَ جون ڪي صفتون قاسم پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ورتيون هيون. قاسم جي ڪردار تي ٿيندڙ مٿي ذڪر ڪيل تنقيد بابت ويچارڻ سان مون کي سن جي سائينءَ جو روح قاسم جي من ۾ واسو ڪندي محسوس ٿيندو آهي. ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ مٿئين حوالي سان ته مون کي ٻنهي جي عمل ۾ هم آهنگي ۽ هم خيالي نظر ايندي آهي. ٻنهي جو بنيادي مرڪز ۽ محور سنڌ هئي ۽ اهي سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد واريون سوچون ئي هيون جن کيس ڪنهن به اهڙي جماعت ۾ رهڻ نه ڏنو، جيڪا سنڌ جي مفاد کي ڇيهو رسائي پئي سگهي. سائين جي ايم سيد، ڪانگريس، سنڌ اتحاد پارٽي، ۽ مسلم ليگ کان ٿيندي سنڌ متحده محاذ تائين مختلف جماعتن ۾ شامل رهيو، ڪيتريون ئي جماعتون قائم به ڪرايائين پر ڪنهن ڪنهن ته موڙ تي انهن کي الوداع به ڪندو رهيو، انهن مان نڪرڻ جو بنيادي نقطو سنڌ ۽ سنڌين جا مفاد هئا.
قاسم جڏهن سيد جي جماعت جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ته ان سان اهڙو ته جيءُ جڙجي ويس جو اڳتي هلي جڏهن کيس جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪرائيندڙ ساٿين سيد جي فڪر سان هٿ چراند ڪندي، نوان رستا جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هي انهن جي به اڳيان ٿي بيٺو ۽ سيد جي وفادار دفاعي سپاهيءَ جيان زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين مورچي تي مضبوطيءَ سان بيٺو رهيو. ۽ جڏهن سندس اهي دوست محاذ کي الوداع ڪري ويا تڏهن قاسم سندن اهڙي عمل ۾ شامل نه ٿيو. عجيب ڳالهه آهي ته اصول پرستيءَ جي ڳالهه ڪندڙ ڪن ماڻهن قاسم جي اهڙي همٿ واري فيصلي لاءِ ان حد تائين چئي ڇڏيو ته ”اهو فيصلو سندس سڄي زندگيءَ جي سوچن ۽ ڪردار سان مطابقت رکندڙ ڪو نه هو.“ (ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، ص ۱۰۶). اهڙا تبصرا ڪرڻ وقت اهو نه وسارڻ گھرجي ته وسيع قومي مفاد ۽ سيد جي فڪري ڦهلاءَ لاءِ قاسم اهڙا ڪيئي دوست ۽ جماعتون قربان ڪندو رهيو هو. سندس اهڙي عمل جو مرڪزي نقطو گروهي يا طبقاتي مفاد نه پر فڪري هم آهنگي هئي. سن ۾ اڃان بجلي نه آئي هئي قاسم ان کان به اڳ سن جو پانڌيئڙو هو، ڇاڪاڻ ته اسان کيس، سيد جي رات واري محفل ۾ بخاري ۾ ٻرندڙ ٻاٻري باهه واري ڳاڙهي روشنيءَ تي وڏي توجهه سان ڪن ڏيئي، سيد جي ڪچهري ٻڌندي ڏٺو. ان کان پوءِ مون ڪيترن ئي موقعن تي کيس سيد جي سياسي حڪمت عمليءَ جي وڪالت ڪندي ٻڌو. جنهن جو سڀ کان وڏو مثال سائين جي ايم سيد جي ۱۹۹۲ع واري نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ ملهايل سالگرهه وقت نظر آيو هو. اها سالگرهه سائين جي ايم سيد هڪڙي خاص مقصد کي نظر ۾ رکي ڪراچيءَ ۾ گھرائي هئي، جنهن ۾ وقت جي وڏي وزير ڄام صادق علي کي پڻ دعوت ڏني ويئي هئي. سائينءَ جو خيال هيو ته ڪراچي جهڙي عالمي شهر ۾، سنڌ جي وڏي وزير جي سامهون، سنڌ جو ڪيس عالمي دنيا اڳيان پيش ڪيو وڃي. ان ڪانفرنس کان مهينو اڳ ڄام صادق علي حيدر منزل جو چڪر لڳائي چڪو هو. کيس ڏنل ان دعوت تي سيد صاحب جي جماعت اندر ۽ ان کان ٻاهر ڪيترن ماڻهن کي اعتراض هئا. اهڙي ماحول ۾ جو سيد صاحب سالگرهه جي قومي ڏينهن تي ڄام صادق علي کي گھرائڻ جو فيصلو ڪيو ته، ان تي قادر مگسي جيڪو اصولن جون دعوائون ڪندي، اڳ ئي ڌار ٿي چڪو هو، ان جي سنڌ ترقي پسند پارٽي ان پروگرام خلاف مظاهرا ڪرايا. ۽ ڏسندي ڏسندي سائين جي ايم سيد جي جماعت سان لاڳاپيل نوجوانن مان به ڊاڪٽر مير عالم مري سيد جي ان عمل خلاف اخباري بيان جاري ڪيا. پر قاسم پٿر هڪ اهڙو قومي ڪارڪنن هو، جيڪو ان وقت تائين سيد صاحب واري تحريڪ جي ڪنهن به گروپ جو ميمبر به ڪو نه هو پر هن سيد سان پنهنجي ذهني وابستگي ظاهر ڪندي ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪيو ته “سيد جيڪي ڪجھه ڪري ٿو اهو صحيح آهي. سيد کي هر حڪمت عملي اخيتار ڪرڻ جو حق آهي”. جيئي سنڌ محاذ جي اهل دانش لڏي ۾ به ان عمل بابت وڏو تاءُ هو، پر جيئن ته کين قاسم جهڙي سنجيده، تجربيڪار ۽ دورس ڪارڪن جي صحبت نصيب هئي، انڪري مان سمجھان ٿو ته ان دور ۾ قاسم واري دانشمندي، سبب جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ لڏو اصل حقيقت سمجھي ويو ۽ خاموش رهيو.
سندس نظرياتي چٽائي ۽ مقصد سان سچائيءَ جي اها انتها هئي ته سندس جماعت جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن کي جڏهن گھمري آئي ۽ ٿوري ٿوري وقت ۾ مکيه اڳواڻ ڀـڄي ميدان خالي ڪرڻ لڳا تڏهن به، سندس همٿ، بهادري ۽ بيباڪيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو، نه وري مصلحتن کي هن ڪڏهن ويجھو اچڻ ڏنو. هن جي اها خواهش هئي ۽ ان لاءِ ڪوشش پڻ ڪيائين ته قومي تحريڪ سيد خاندان سان سلهاڙيل رهي. اها ڳالهه اڳ ته آسان هئي پر سائين جي. ايم .سيد جي وفات کانپوءِ ماحول بدلجي چڪو هو. ۽ ڇڙواڳ ڪارڪنن ۽ خودغرض اڳواڻن جون حرڪتون ويتر ويڇن کي وڌائي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ سينئر اڳواڻ هئڻ واري حيثيت ۾ قاسم جي اها ڀرپور ڪوشش هئي ته سيد خاندان مان جيڪڏهن جلال محمود شاهه پنهنجي سياست ڪرڻ گھري ٿو ته ڀلي ڪري، پر زين شاهه، سائين جي. ايم. سيد جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون وٺي. اهڙي ريت ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا مددگار ٿي سنڌ جي ڪيس لاءِ ڪجھه ڪن.  ان سلسلي ۾ قاسم مختلف حوالن سان ڪئي ڪوششون پڻ ڪيون. اهو سلسلو ڪجھه عرصو ته هليو، پر پوءِ اهو جڏهن کيس صحيح رخ ۾ هلندي نظر نه آيو، تڏهن هن پراڻن تعلقاتن کي پاسي تي رکندي مختلف موقعن تي پنهنجي چيئرمين کي اهو چئي تنقيد جو نشانو بنايو ته: “اسين پنهنجي جماعت کي ختم ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين. تو هان کان نه ٿو پڄي ته بلاشڪ هليا وڃو، اسين پاڻ ڪم هلائينداسين”.
صحيح سياست جو معاملو، سماج جي مسئلن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ساڃاهه وند ماڻهو ميڙي انهن کي پنهنجو ڪري، ڪاميابيءَ طرف قدم وڌائڻ واري عمل ۾ لڪل هوندو آهي. قاسم اهڙين ڳالهين جو ڪوڏيو هو. عام ماڻهوءَ سان وابستگي ۽ عوامي انداز سندس خاص سڃاڻپ هئي، اهو عوامي انداز ئي سرت ۽ ساڃاهه بخشيندو آهي ۽ عام ماڻهو، جيڪو ئي ڪنهن سياسي جماعت جي اصل قوت هوندي آهي. ۽ اها قوت آهستي آهستي ڪن سچار ۽ ايماندار ورڪرن جي طفيل ئي جڙندي آهي قاسم ۾ اها صلاحيت اعليٰ پائي جي هئي. اهوئي سبب هو جنهن ڪري اها قاسم ۽ سندس قريبي دوستن جي محنت هئي، جنهن ڪري هڪ وقت، ميرپور بٺوري کي سنڌ جي “ويٽنام” طور ياد ڪيو ويندو هو.
قاسم جي جيڪا سن جي سائينءَ سان ذهني هم آهنگي جڙي ويئي هئي. ان جو ئي اهو عملي اظهار آهي جنهن ڪري قاسم جي دوستن کي سيد جي درياءَ جي ڪنڌي ڪناري بنگلي ۽ قاسم جي ڍنڍ ڪناري ماڙيءَ جي ساڳي مشابهت محسوس ٿيندي هئي. ان ڳالهه جو سندس هڪ دوست هن طرح اظهار ڪيو ته “قاسم جي ماڙي ۽ سنڌو ڪناري سن جي سائين جي بنگلن جو هڪ ئي منظر لڳندو آهي جتان (ٻنهي هنڌان) هميشه پيار ۽ محبت جا پکي اُڏاڻا ۽ سنڌ جي آجپي جو پيغام گھر گھر پهتو.” (ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا. ص، ۳۰)
جڏهن قاسم جو ڪردار قومي تحريڪ جي حقيقي ڪردار طور ظاهر ڪجي ٿو. تڏهن سندس عمل به اهڙوئي نظر ٿو اچي. نظرياتي طرح هو ڀلي ڪهڙا به خيال رکندو هجي پر سندس جدوجهد جو عملي انداز عين بين قومي تحريڪ جي ترجمان وارو هو. مثال طور؛ قومي تحريڪ جو بنيادي نقطو، گھڻ طبقاتي جدوجھد هئڻ ۾ سمايل آهي. قاسم پاڻ ته ڪميونسٽن جي اثر هيٺ طبقاتي ڳالهيون ڪندو هو. ذاتي زندگي پنهجي ان خيال جي وڪالت به ڪندو هو. هڪ ڀيري سنڌ جي سياست تي ڳالهايوسين پئي، قاسم ڪميونسٽ فڪر جي وڪالت پئي ڪئي. مون وسيع قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي، سندس خيالن جي مخالفت پئي ڪئي. ڪافي بحث کانپوءِ مون کي کلندي چيائين “اي تون آهين ڪهڙي طبقي مان ۽ وڪالت ڪنهن جي پيو ڪرين؟” قاسم جي اها پنهنجي نظريي سان ڪمينٽمينٽ هئي، جنهن لاءِ هو ڪوشش ڪندو رهندو هو، پر جڏهن به قومي سوال سامهون ايندو هو، تڏهن هو طبقاتي سوال کي پاسي تي رکي، قومي سوال کي اوليت ڏيندو هو. اهڙي سوچ هيٺ، هو بلوچستان جي نواب خير بخش مري ۽ سردار عطاء الله مينگل کان، وٺي پير سائين پاڳاري (پير سڪندر شاهه) ۽، سائين جي ايم سيد جي قيادت کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. قبول ڪرڻ ته ٻي ڳالهه آهي پر قاسم ته هلي وڃي پاڳاري کي سندن تاريخي ڪردار ياد ڏاري سنڌ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ واري حوالي سان قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس خيال هيو. ته سنڌ کي آزاد ڪرائڻ ڏکيو ۽ ڊگھو سفر آهي ان ۾ جيسيتائين گھڻا ماڻهو گڏ نه ٿيندا، اهو بار نه کڄندو. اهو مقصد نظر ۾ رکي هو سڄي عمر سنڌ جي مختلف طبقن ۽ فردن کي ميڙي مٺ ڪرڻ واري عمل ۾ سرگردان رهيو. ان عمل دوران هن ڪڏهن به پنهنجي قيادت ۽ حيثيت جي دعويٰ ڪا نه ڪئي. نه رڳو ايترو پر هڪ حقيقت پسند ۽ قومي سوچ رکندڙ ايماندار ڪارڪن واري حيثيت ۾ وقت بوقت دوستن اڳيان ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪرڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو هو ته پاڻ مسڪين ماڻهون آهيون، جيسيتائين پيسي ڏوڪڙ وارن کي ميڙي گڏ نه ڪنداسين، ڪم ڪيئن هلندو.
سائين جي. ايم. سيد جي آخري زندگيءَ وارو عرصو، جنهن ۾ ڪنهن گھر جي پوڙهي فرد جيان قومي تحريڪ سان وابسطه اڳواڻ، سيد کان پري پري رهندا هئا، ۽ ڪارڪنن ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ واري حڪمت عمليءَ تي ڪار فرمان هيا. اهڙي وقت ۾ به، قاسم بظاهر هڪ ڌار جماعت (سنڌ نيشنل ڪانگريس) جي ورڪر هئڻ جي، سائين جي. ايم. سيد کي قومي تحريڪ جو حقيقي رهبر تصور ڪندي، ان بابت سوچڻ ويچارڻ ۽ ان سان ملي مقصد جي حاصلات لاءِ رهبري حاصل ڪرڻ واري ڪوشش ۾ مصروف عمل رهندو هو.
ماسو مڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين.
ان دور ۾ قاسم، چاچي حفيظ قريشيءَ سان گڏجي اهو معمول ڪري ڇڏيو هو ته مهيني ۾ هڪڙو دفعو، ضرور سيد سان سن وڃي ملبو. ان سلسلي ۾ قاسم ۽ حفيظ قريشي گڏ ڪيتري عرصي تائين سن جا سفر ڪيا. اتي ڪچهرين ۾ عام دنيا داريءَ واريون خبرون ٿينديون هُيون. ان پروگرام جوڙڻ وقت ٻنهي سن جي پانڌيئڙن سيد صاحب سان پنهنجائپ وارو حصو ڳنڌڻ خاطر، هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو، سو اهو ته جڏهن به سن ويندا هئا ته ڪائي نه ڪائي کائڻ جي شئي ٿوري تعداد ۾ ئي صحيح، پر ضرور وٺي ويندا هئا. ڪڏهن مرغي، ڪڏهن گوشت، ڪڏهن فروٽ ته ڪڏهن مٺائي. اهڙي عمل تي هڪ ڀيري قريشي صاحب هن ريت تبصرو ڪيو. “شاهه وڏي دسترخوان وارو آهي، راڄ ويٺو کارائي، پر هي پنهنجو ڪلو ٻه ڪلو کڻي وڃڻ، پنهنجو حصو پتي ڳنڍڻ، پنهنجي دل خوش ڪرڻ آهي. ورنه شاهه کي ڪا پرواهه آ ڇا؟”
قاسم جڏهن سيد سان ننهن نڀائيندي اهي سن جو ماهيانه چڪر ڪيا، تڏهن کيس ان ڳالهه شدت سان ستايو ته سيد، سنڌ جو رهبر، اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ان ڳالهه جو هن مختلف وقتن تي اظهار پڻ ڪيو چئي، “هيڏو وڏو اڳواڻ، نا اهل ڪارڪنن جي ڪڌن ڪرتوتن سبب، اڄ اڪيلائيءَ جو شڪار آهي.”

اسين اڄ ڏسي رهيا آهيون ته طاقتور قوم جي قبضي سبب غلام قوم جي ڪيڏي به بظاهر وڏي طاقتور ۽ چونڊيل نمائندي سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو ۽ محڪوم قوم جي بظاهر هوشيار وزير اعظم جي لالچي هوشيارپ کي ڪيئن نه سري عام گولين سان اڏايو ويو ۽ پوءِ ان جي بدلي ۾ محڪوم قوم کي مليل نام نهاد جمهوريت عوام جي روز مرهه زندگيءَ جي ڪيڏي نه مذاق اڏائي ۽ انهن جي بار بار تذليل ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا