ڪامريڊ موريل
سنڌيت وارو رنگ ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ يگانو شخص
نثار کوکر
اها خبر ناهي ته ڏوڪريءَ ۾ گلالن جو اهو دڪان اڃا به سلامت آهي الاءِ
نه، جنهن جي ڏاڪڻين واري در کان ٿورو هيٺ مين روڊ جي ڪناري هڪ ڪامريڊ ويهندو هو. ڏوڪريءَ
جا ڪامريڊ ته ماسڪو کان جدي تائين اڄڪلھه جتي ڪٿي آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا پر ڪامريڊ
موريل جو ملڻ محال آهي.
اها اسانجي اسڪولي ۽ ڪاليجي زماني جي ڳالھه آهي، جڏهن اسان جي ٽهي پنهنجي
ڪيريئر ۾ مختلف امتحان ڏيڻ تي ويچاريندي هئي ۽ انهن امتحانن لاءِ ٽيوشن وٺڻ لاءِ شهر
۾ ڪو موزون ماڻهو ڳوليو ويندو هو، ته هر ڪنهن جي نگاهه ڪامريڊ موريل تي هوندي هئي پر
ڪامريڊ ٽائيم ڪنهن ڪنهن کي ڏيندو هو. ڪامريڊ جو ٽيوشن سينٽر به عجيب هوندو هو. سنڌ
سونهاريءَ جي ٻاڙي ٻاڙي هي فقير به رليو آهي پر اهڙو ٽيوشن سينٽر مون ڪٿي به اڄ تائين
ڪنهن شهر ۾ نه ڏٺو، نه ٻڌو آهي.
ڏوڪريءَ جي فوٽ پاٿ کان وانجهيل پر مصروف مک روڊ تي ڪامريڊ موريل موچيءَ
جي جيڪا پيتي هوندي هئي، ان تي شاگرد ويهندا هئا ۽ ڪامريڊ پراڻين جتين کي ٽانڪا به
هڻندو ويندو هو ته ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي عِلم کي به پالش ڪندو ويندو هو. اها سندس
علمي مهارت هئي. کيس انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي ته خصوصي مهارت هوندي هئي. ڪامريڊ
ڏوڪريءَ جي ڀرئي شهر ۾ ائين گهمندو هو، جو پنهنجي علم جي ۽ ڄاڻ جي ڪنهن کي ڀڻڪ پوڻ
نه ڏيندو هو. نه ئي علم کان وانجهيل پروفيسرن وانگرن ٽاءِ ٻڌي، چين يا انگلينڊ کان
موٽڻ جون ٻٽاڪون هڻندو هو. کيس ان حال ۾ ڏسي مونکي سدائين ڀٽائي سرڪار جي اها سِٽَ
ياد ايندي هئي ته، ”لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.....“ هو ڏوڪريءَ جي نئين نسل کي تعليم ڏيندو هو
۽ نوجوان سياسي ڪارڪنن سان سياسي بحث ڪري سندن ذهني صلاحيتن کي تيز ڪندو هو. پر هن
ڪڏهن به اهو راز فاش نه ڪيو يا اهو رعب نه وڌو ته ڪو هو وڏو علمي ڀنڊار آهي. ان جو
هڪ سبب اهو ئي هو ته ڪامريڊ موريل انتهائي سادگي پسند هو. هن ڪنهن کي نه ٻڌايو ته هن
ايران جو دورو ڪيئن ۽ ڪيترن سالن تائين ڪيو. ايران ۾ سنڌين جو ڳوٺ ۽ گهرَ کيس ڪيئن
کيس نظر آيا.
زماني جي گردش هر انسان جي زندگيءَ ۾ مها ٻوڏ جهڙي اٿل پٿل ضرور آڻي ٿي.
ائين ئي ڪامريڊ موريل جي زندگيءَ ۾ به ٿيو. کيس مٿان کان هيٺ، اچڻو پيو. پر هن حياتيءَ
جي آخري گهڙين تائين پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل ڀانئيو. ڪنهن به طرح جي خوشامد يا چاپلوسي ڪري
پنهنجي علم، ذهانت ۽ ڏات کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪريEvil Genius (شيطاني
دماغ) ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ڪامريڊ موريل جي شخصيت، سادگي ۽ ذهانت صرف سندس اولاد يا
ڳوٺ وارن تائين محدود نه هئي پر ڏوڪريءَ جي ان وقت جي سياسي ۽ ادبي گروپن ۾ سندس اهي
ڳڻ وڏي واڪ ساراهيا ويندا هئا. سندس انهن ڳڻن کان هٽي تخليقڪار واري خبر هاڻي تڏهن
پئي آهي، جڏهن سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ پنهنجي جدا گهرجي“ منهنجي اکين اڳيان آيو
آهي.
سچ پچ ته اها هڪ خوشيءَ جي گهڙي آهي ۽ يقينن ڪامريڊ موريل به خوش ٿيو
هوندو.، اهو ڏسي ته جنهن سماج ۾ چڱن ڀلن اديبن جو اولاد سندن ڪتابي مسودا ڪٻاڙيءَ وارن
کي بيزاريءَ مان ڏيندو هجي، اهڙي سماج ۾ سختين منجهان گذري پڙهي پيل سندس اولاد سندس
ڪتاب پيو ڇپرائي. اها خوشي ۽ اها سعادت ڪنهن يگاني جي نصيب ۾ ئي اچي ٿي. ڪامريڊ جي
سادگي ۽ هلت چلت پر با معنيٰ سرگرمي ڏسي مونکي سدائين مخدوم محي الدين جون اهي سِٽون
ياد اينديون رهيون ته،
يه کون آتا هي، تنهايون مين جام ليي،
دلون مين چاندني راتون کا اهتمام ليي.
ڪامريڊ موريل جي شاعري مون پڙهي آهي. منجهس هر دور جو رنگ چڙهيل آهي.
پر مونکي سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ۽ سنڌيت وارو رنگ سندس تخليقن مٿان نمايان
نظر اچي ٿو. اهو گيڙو ۽ ڳاڙهو رنگ صرف ڪامريڊ موريل جي شاعريءَ مٿان نه پر سندس اولاد
مٿان پڻ حاوي نظر اچي ٿو. جيئن ڪامريڊ پنهنجي دور جو يگانو شخص هو ۽ سندس محبت جو محور
سنڌ هئي، تيئن ئي سندس اولاد لاءِ دعا ته شل سندن سنڌ سان محبت سلامت رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا