ايم ايڇ پنهور
بي مثال محقق
مير نادر علي ابڙو
اڄ
آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ
هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين
ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا
پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيائين،
تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري نه سگهون.
ايم ايڇ
پنهور جي لاڏاڻي تي هر دل دکي آهي، هڪ اهڙو انمول هيرو سنڌ کان وڇڙي چڪو، جنهن هر
وقت علم جي واڌاري خاطر پنهنجو نور نچوڙيو. اڄ جڏهن هو ناهي رهيو ته هڪ وڏو خال
پيدا ٿي چڪو آهي. زرعي شعبي کان ويندي هر ڏس ۾ هن تحقيق ڪئي ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي
پاڻ مڃرايو.
سنڌ جي
ناليواري محقق آرڪيالاجسٽ، زرعي سائنسدان ۽ برک ڏاهي ايم ايڇ پنهور جو پورو نالو
محمد حسين پنهور هو. هن ۲۵ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي دادو ضلعي ۾ ڦلجي ويجهو ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ جنم ورتو. ۱۹۴۹ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي
ڪئي. جنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿيو. جتي هن آمريڪن
يونيورسٽي مان ايم ايس سي ڪئي. جنهن بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪافي عرصي تائين
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ۱۹۵۲ع ۾
اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. جنهن بعد کيس ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ مقرر ڪيو
ويو. جنهن عهدي تان هو رٽائرڊ ٿيو. ايم ايڇ پنهور ۱۹۴۵ع ۾ مسلم عورت جي نالي تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب تحرير ڪيو. انهيءَ کان
علاوه هن ڪيتريون ئي نيون زرعي جنسون متعارف ڪرايون. جن ۾ صوف، ڪيلا، انب، انگور،
زيتون، ليمان، مالٽا ۽ چانورن جون مختلف جنسون شامل آهن، تنهن کان علاوه پاڻ سنڌ ۾
زير زمين پاڻي، آبهوا ۽ زرعي جنسن تي ۳۰ کان مٿي
ڪتاب لکيائين.
ايم ايڇ
پنهور “سومرا دور- سنڌ جي تاريخ ۾” هڪ ڪتاب
پڻ لکيو ۽ پاڻ سنڌ جي آرڪيالاجي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو ۽ هڪ ماهر طور سموري دنيا ۾ مڃتا
ماڻي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيائين. هن ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جي زمينن تي پڻ ڪتاب
لکيو. ايم ايڇ پنهور زرعي سائنسدان سان گڏ هڪ وڏو محقق، تاريخدان ۽ برک ڏاهو هو.
هن دنيا جي تبديل ٿيندڙ آبهوا ۽ ڏڪار واري صورتحال تي پڻ تحقيق ڪئي. ايم ايڇ پنهور
کي سندس خدمتن جي مڃتا عيوض ستارا امتياز سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ڏنا ويا.
هن دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي قيمتي پٿرن ۽ نوادرات کي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي
گهر جي زينت بڻايو ۽ سوين ڪتابن سان گڏ ڪيتريون ئي ناياب شيون پڻ سندس گهر ۾ محفوظ
پيل آهن. سندس لطيف آباد يونٽ ۲ وارو
گهر ميوزم جي حيثيت رکي ٿو.
ايم ايڇ
پنهور سان بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا دلي رشتا هئا، هو هڪ ٻئي تي ساهه ڏيندا
هئا. ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو دوران ايم ايڇ پنهور بابا سائين ڪامريڊ
تاج محمد ابڙو جو تذڪرو ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو روح هو
۽ اهڙن ڪردارن کي اسان ماڻهو فراموش نه ٿا ڪري سگهون. ڏکي دؤر مان نڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن ماڻهن جي راهه تي
هلڻو پوندو.
هاڻي
ضرورت ان شيءَ جي آهي ته ايم ايڇ پنهور جي ڇڏيل تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائجي ۽ هن
جي نالي پويان سنڌ ۾ هڪ وڏو تحقيقي ادارو قائم ڪري اتي تحقيق جي حوالي سان ايندڙ
نسل کي تعليم ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اهو ڪم ۽ تحقيقي سلسلو اتي ئي دم ٽوڙي ويهندو. اڄ
سموري سنڌ سوڳوار آهي. هر نيڻ آلو آهي، ڇو جو هڪ مهان تحقيقدان سنڌ ڌرتي کان الڳ ٿيو
آهي، پر تنهن باوجود به جيسين هي دنيا آهي، اوستائين ايم ايڇ پنهور جو نالو هن ڌرتي
تي قائم ۽ دائم رهندو ۽ سنڌي ماڻهو هن کي تا دم ياد ڪندا رهندا.
ايم ايڇ پنهور
سنڌ ۾ سائنس جو سدا ٽمڪندڙ
ڏيئو – ۲۸ اپريل ۲۰۱۹
ڊاڪٽر ايوب شيخ
هن جي ڪل ڄمار ۲۵ ڊسمبر ۱۹۲۵ع کان ۲۱ اپريل ۲۰۰۷ع تائين ۸۲ ورهيه هئي. هن جا قدم سنڌ تي ۽ نگاهه سڄي جهان تي هوندي هئي. ان ڪري هن
عالمي عقل مان ڀريل ڪجهه بالٽيون پنهنجي
عمل سان سنڌ ۾ اوتي ڏيکاريون هيون. هن جي زندگيءَ ۾ هڪ صديءَ جا ۷۵ ورهيه ۽ ٻي صديءَ جا ست ورهيه شامل هئا. هو
پنهنجي زندگي ۾ ”ترڪِ دنيا“ کان ڪڏهن واقف ٿيو هو، اهو ته ڪنهن به تاريخ يا ڊيٽا جي مدد سان معلوم
ڪري نه ٿو سگهجي. هن جي جوت جا ڪرڻا اڄ به اسان سندس ڪتابن ۾ پسي سگهون ٿا. اسان وٽ
سنڌ ۾، زراعت هجي يا آبپاشي، سنڌو درياءُ
هجي يا عورت - انهن موضوعن جي باري ۾ ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ شخصيت هڪ ئي هئي، اهو هو
مرحوم محمد حسين پنهور. سنڌ جو سدا جڳ مڳ ڪندڙ هيرو ايم ايچ پنهور يا سائين محمد
حسين پنهور ضلعي دادو جي ڳوٺ ڦلجي ڀرسان ابراهيم جي واڙي ۾ ڄائو هو. اڄ به سنڌ جو اهو فرزند اسان کي هر انهيءَ گهڙي
ياد اچي ٿو، جڏهن سنڌ آبپاشي جي ميدان تي مُنجهي پوي ٿي، يا جڏهن سنڌ ۾ فصل بهتر
نه ٿا ٿين، درياءَ ۾ پاڻي گهٽ اچي ٿو، مارڪيٽ ۾ ”ماشاخورن“ جون مستيون وڌي وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ معيار يعني Quality
بدران مقدار Quantity جو رواج پئي ٿو. هي سنڌ ۾ آبپاشي، زراعت،
باغباني، تاريخ، وهمن جي مخالفت واري ميدان جو شهسوار هو.
تنهن ڏينهن سنڌ ۽
اپريل مهيني جو ذڪر پهرين اپريل تي ثقافت کاتي پاران حسام الدين راشدي جي ورسي تي
نڪتو هو. ۴ اپريل جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ۶ اپريل جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، ۱۴ اپريل جي حوالي سان سيد عبدالله شاهه، ۲۱ اپريل جي حوالي سان سائين ايم ايڇ پنهور، ۲۵ اپريل جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جا
نالا سامهون آيا هئا. اڄ پنهور صاحب جي پنجين ورسي آهي.
ايم ايڇ پنهور صاحب
جڏهن ۱۹ سالن جو هو ته هن ۲۵۰ صفحن تي ”مسلم عورت“ نالي ڪتاب لکيو هو،
جنهن ۾ هن مختلف سماجي ۽ ثقافتي قانون واري هندو مت، ٻُڌ مت، عيسائيت، اسلام کان اڳ
۽ پوءِ جي عورت تي ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب کي درست ڪرڻ لاءِ پنهور صاحب انگريزي ۾ ۴۰ سال پوءِ هڪڙو مقالو لکيو هو ته ڪيئن ست
هزار ورهين کان عورت مرد جي غلام رهي آهي. ان مقالي ۾ هن عورت ۽ مرد جو جسماني ۽
دماغي جائزو ورتو هو ۽ انهن سمورن خيالن کان آزادي پاتي هئي، جنهن هيٺ ننڍي ڄمار ۾
سندس خيال هو ته مذهبن ۾ ”عورت ۽ مرد“ برابر آهن. مقالي ۾ پنهور صاحب ۱۵ لک سال اڳ ارتقا جي ڏاڪن مان گذرندڙ انسان،
پنج لک سال اڳ کان سوچيندڙ انسان، ۳ لک سال اڳ جانورن کان فرق رکندڙ دماغ وارو انسان، شڪار
۽ ان جو ارتقائي عمل ۾ حصو ۽ شڪار جي ڪري عورت کي گهر ۾ جانور ۽ ٻار پالڻ جي ذميداري
ملڻ ۽ گهر ۾ ويٺي زراعت کي عورت هٿان ايجاد ڪرڻ جهڙن واقعن جو ذڪر ڪيو هو. ان
مقالي ۾ دنيا ۾ ۴ لک سال اڳ تهذيبن جي ارتقا تي روشني وڌي ويئي هئي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته،
دريائن جي ڪنارن تي دنيا جون چار پراڻيون تهذيبون وجود ۾ آيون. عراق، مصر، سنڌو ۽
هوانگ هو. انهن چئني ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي هئي ته اهي زراعت دريائي پاڻي تي آباد ڪندا
هئا، ان ڪري انهن تهذيبن ۾ شهرن جا رواج دير سان پيا، ڇو ته اتي گذر سفر جا وسيلا
نه هئا. درياءَ ۽ ان ۾ موجود پاڻي جي ورڇ ۽ انتظام جي ڪري مقامي سطح تي ننڍا ننڍا
ليڊر پيدا ٿيا، جن پاڻ کي زمين سان واڳي ڇڏيو ته اهي ”وڏيرا “ سڏجڻ لڳا. ان موقعي
تي پنج هزار سالن کان پاڻيءَ تي ڪنٽرول رکندڙ کي ان زماني جي انتظامي رياستي پناهه
حاصل هئي. ”وڏيرو“ ۽ رياست هڪٻئي جي مفادن جا نگهبان ۽ ڀائي بند ٿي پيا. پنهور صاحب
لکيو آهي ته اهو رڳو سنڌ ۽ پنجاب ۾ نه پر ذڪر ڪيل مڙني تهذيبن ۾ ٿيو هو.
پنهور صاحب سنڌ ۾
آبپاشي جي ڇهه هزار ورهين جي تاريخ تي ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب ۾ پنهور صاحب لکيو
آهي ته، ”اڄ سنڌو درياءَ جو جيڪو وهڪرو ۽ بيهڪ آهي، اها ۲۳۸ ورهين کان ساڳي آهي.“ ان ڪتاب ۾ هن قبل
مسيح واري زماني کان اڄ تائين ”سنڌو درياءَ جي وهڪرن جي تبديلي“ کي انهن زمانن جي
”سياسي خاندانن جي تباهي ۽ ترقي“ جو سبب ڪوٺيو آهي. هن جو خيال هو ته، سنڌو درياءَ
جي وهڪرن جي تبديلين جي ڪري ٻه هزار ورهين ۾ سورنهن سياسي خاندان ۽ اقتدار تبديل ۽
تباهه ٿيا آهن. ان ئي ڪتاب ۾ پنهور صاحب انگن اکرن، ورهين ۽ سن جي مدد سان سنڌو
درياءَ جي رُخن جي تبديلي وارن ڏينهن ۽ ان زماني جي اقتدار تي ويٺل مڪاني توڙي پرڏيهي
سياسي تبديلين جا تفصيل ڏنا آهن. پنهور صاحب جي ان ڪتاب ۾ سوين نقشا ۽ سنڌو درياءَ
سان واڳيل آبپاشي سسٽم جو پورو وچور ڏنل آهي.
سنڌ جو هي عظيم
سائنسدان، املهه ماڻڪ، روادار ۽ زبردست محنتي محقق سڄي زندگي ٻه شيون پنهنجي ٽائيم
ٽيبل مان خارج ڪرڻ کي ڏوهه سمجهندو هو؛ هڪ محنت ۽ ٻيو وقت جي پابندي. هن هڪ دفعي
رهاڻ ڪندي ٻڌايو هو ته، ”وٽس سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل يارنهن سئو ڪتاب آهن ۽ ايترا ئي
جنسي تعليم تي آهن“.هو نواب ڪالاباغ ۽ ان جي همدرد ڪامورن (قدرت الله شهاب سميت)
کان نفرت ڪندو هو. هن کي مڪينيڪل انجنيئري جي زماني ۾ اها پروڙ پئجي ويئي هئي ته،
”ون يونٽ“ جي ڪري ڪيئن رڳو پنجاب جون زمينون ۽ صوبو ترقي پيو ڪري ۽ سنڌ جا ڪيئي ويڪائو
وڏيرا ۽ سياستدان ”ون يونٽي“ بنجي پُڇ لٽڪائو بنجڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن.
اڄوڪي ڏينهن تي اچو
ته سڀ پڙهيل مرد ۽ عورتون، سنڌ ۾ مختلف صنفن، هنرن، ٽيڪنالاجيز، ڪاريگرين ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪريون. اچو ته سائنس جي ميدان تي انوکي انسان ايم ايڇ
پنهور کي ياد ڪري خوش ٿيون ته اهو اسان منجهان هو ۽ اسان ان منجهان آهيون.
ايم ايڇ پنهور
سائنسي سوچ
رکندڙ زرعي ماهر ۽ محقق
زيب سنڌي
اهي ماڻهو سدائين ياد رکيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي
زندگي قومي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گذاريندا آهن. سنڌ جي مشهور زرعي ماهر ۽
نامياري ليکڪ سائين ايم ايڇ پنهور جو شمار به سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن
پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي آسائشن بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سوچيو ۽
پنهنجي شعبي ۾ عملي طور ڪم ڪري هڪ مثالي انسان هئڻ جو ثبوت ڏنو.
محمد حسين پنهور مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون
ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي ڊگري
حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي علمي قابليت کي حقيقي ۽ عملي طور تي سنڌ لاءِ استعمال ڪيو
۽ هڪ فرد بجاءِ هڪ اداري جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. تاريخ، زراعت، آرڪيالاجي ۽ سماجيات
وارن علمن ۾ سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون.
ايم ايڇ پنهور جا تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچر جي
موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته انهيءَ حوالي سان سندس مقالن جو
تعداد سوَن ۾ آهي. سندس شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن انگريزيءَ
۾ لکي سنڌ، توڙي سنڌ جي مامرن کي سڄي دنيا تائين پهچايو.
ايم ايڇ پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ ھيٺ ڏنل ڪتاب شامل آهن:
1.
سورس مٽيريل آن
سنڌ،
2.
ڪرانالاجيڪل
ڊڪشنري آف سنڌ،
3.
سومرا پيرڊ هسٽري
آف سنڌ،
4.
ماسٽر پلان ايريا،
5.
گرائونڊ واٽر ان
بلوچستان،
6.
گرائونڊ واٽر ان
ڪراچي،
7.
گرائونڊ واٽر ان
سنڌ،
8.
گرائونڊ اينڊ
سرفيس واٽر ان ايرڊ زون،
9.
گرائونڊ واٽر ان
دادو ڊسٽرڪٽ
10.
مسلم عورت
ايم ايڇ پنهور بيشمار عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي
هن زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي موضوعن تي مقالا پيش ڪيا. کيس ملڪي توڙي عالمي سطح
تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي. هو سنڌ جو اهڙو محقق هو، جنهن جي سوچ
مڪمل طور تي سائنٽيفڪ هئي. هن پنهنجي تحقيق دوران سنڌ جي حوالي سان اٽڪل ٽي هزار
نقشا پڻ ٺاهيا، جن وسيلي تحقيق جا ڪيئي نوان در کليا. علمي ڪم جي حوالي سندس
تحقيقي ڪتاب chronological Dictionary of Sindh جنهن جو ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾
پڻ ترجمو ٿيو آهي. اهو ايترو اهم آهي، جو جيڪڏهن پنهور صاحب زندگيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪم
نه به ڪري ها ته سندس نالو سدا سلامت رهي ها.
تاريخ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي ڳوٺ محمد
ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ، محمد حسين پنهور ۲۱ اپريل ۲۰۰۷ع تي هن فاني دنيا
مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ايم ايڇ پنهور
سنڌ جو موتيءَ داڻو
سراج الحق ميمڻ
مون کي صحيح طرح ياد ڪونهي ته، ايم ايڇ پنهور
سان ڪڏهن واقفيت ٿي. پر محسوس اهو ٿو ٿئي، ڄڻ ته آئون کيس صدين کان سُڃاڻان. پر ڀانئيان
ٿو ته، هن سان پهرين تفصيلي مُلاقات تڏهن ٿي، جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي گهر تي
”سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي“ جي پهرين گڏجاڻي ٿي هئي. شاهه صاحب جي واقفيت سنڌ جي سمورن
صاحبِ علم ماڻهن ۽ سنڌ دوستن سان هئي. پنهور صاحب نهايت مصروف ماڻهو هو. سرڪاري نوڪريءَ
سان گڏ سنڌ جي زيرِ زمين پاڻيءَ تي ريسرچ، زراعت ۽ پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن تي هن جو
علم لامحدود هو. ان تي ڪتاب ۽ تحقيقي مضمون لکڻ سان گڏ، سنڌ جي باغن ۽ ميون تي ريسرچ
ڪري، نيون جِنسون پيدا ڪرڻ جو هُنر، جنون جي حد تي پهتل هو. پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته،
سنڌ جي سچن عاشقن ۾ پهرينءَ صف جو عالم هو. سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي هن جو عمل
بحر بيڪران هو. پنهنجي اصل موضوع ”پاڻيءَ“ کان سواءِ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لساني تحقيق
تي هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثو ۽ ليڪچر ڏيڻ وارو ماهر هو.
آئون بنيادي طرح ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس هئس. پر
ان سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ موهن جي دڙي تي تحقيق ڪندو رهيو آهيان. منهنجو سڀ کان اهم ڪتاب
”سنڌي ٻولي“ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو هو. پنهور صاحب کي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي مُهرن جي پڙهڻيءَ
Decipherment ۾ چڱي خاصي دلچسپي هئي. جڏهن سائين غلام مصطفيٰ
شاهه جي گهر تي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، ته
اسان ٻنهي جو بحث مباحثو ان موضوع تي ئي ٿيندو هو. هن ٻڌايو ته، هن نه رڳو منهنجو ڪتاب
پڙهيو هو، پر سَر جان مارشل، مئڪي ۽ هنٽر جهڙن اسڪالرن جا ڪتاب به پڙهيا هئا. نه رڳو
ان موضوع تي ڪتاب پڙهيا هئائين، پر انهن تي اختلافي نوٽ به لکيا هئائين. جن مان ڪجهه
آمريڪا ۽ يورپ جي علمي ۽ ريسرچ جي رسالن ۾ ڇپجي چڪا هئا. ان وقت منهنجي حيرت جي انتها
نه رهي، جڏهن هن ٻڌايو ته، زيرِ زمين پاڻي (Ground Water)
لاءِ سڄي سنڌ جا هن ڪئين دورا ڪيا هئا ۽ موهن جي دڙي ۽ آمريءَ جون کوٽايون پڻ ڪيون
هيون. جن مان هن کي مُهرون، سِڪا، ٿانوَ، ڪُونڊيون، پاٽيون، مَٽَ ۽ گُنديون به مليون
هيون، جيڪو خزانو اڄ به هن وٽ محفوظ آهي. هن ٻڌايو ته، هن ان بابت ڪجهه نه لکيو يا
اعلان نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي کوٽايون غيرقانوني هيون ۽ سرڪاري کاتا (Archeology
and Anthropology Department) ”آثارِ قديمه ۽ علم الانسان“ خاص قانون (Antiquities
Act) تحت ڪيس داخل ڪري انهيءَ خزاني کي ضبط ڪري سگهن ٿا.
ميٽنگن ۾ گڏجاڻين کانپوءِ، ساڻس گهري ذاتي دوستي
ٿي ويئي ۽ اسين پاڻ ۾ ڪافي حُجائتا ٿي وياسين. شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ دوستن مون
کي سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو صدر چونڊي ڇڏيو ۽ اسان جو پيارو دوست ۽ سنڌ جو عظيم
اُستاد ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو اُن جو نائب صدر چونڊيو. شاهه صاحب سنڌ جو هڪ املهه
ماڻڪ هو، هر ڀيري گڏجاڻيءَ کان پوءِ اتي ئي سندس گهر تي هو اسان کي ست رڇي سنڌي طعام
کارائيندو هو. هن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اهي گڏجاڻيون هر مهيني اڌ کانپوءِ منهنجي گهر
تي ٿينديون آهن. شابس آهي اسان جي پياري دوست اعجاز قريشيءَ (جيڪو سيڪريٽري جنرل چونڊيو
ويو) کي جو هر گڏجاڻيءَ لاءِ سمورن ميمبر دوستن کي خط ۽ فون ذريعي اطلاع ڏيندو آهي.
البت ڪجهه مهينا ٿيا آهن، جو منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي ناچاقيءَ جي ڪري گڏجاڻيون
ملتوي ڪرڻيون پئجيو وڃن. منهنجي گهر تي گڏجاڻين ۾ پنهور صاحب پنهنجي هڪ دوست ۽ سچي
سنڌي سڄڻ ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ سان گڏجي ايندو هو، هن جي اچڻ سان سڄي محفل گل و گلزار
ٿي ويندي هئي، هن جا ٽهڪ ٻڌڻ لاءِ اڄ به اسان جا ڪن آتا آهن. اسين سڀ ميمبر ذاتي سطح
تي ڪافي گهرا دوست آهيون. پنهور صاحب مصروف هجڻ ڪري نه ايندو هو، ته آئون ڊاڪٽر آفتاب
قريشي صاحب کي ڏوراپو ڏيندو هئس. انهن گڏجاڻين ۾ علمي بحث مباحثي کان سواءِ سنڌ جي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي ۽ هر گڏجاڻيءَ
۾ روئداد ۽ منظور ٿيل ٺهراءَ ڪڏهن آئون ته ڪڏهن ابراهيم جويو ۽ اعجاز قريشي ڊرافٽ ڪندا
آهيون، کيس وري به شاباسون هجن.
جيئن مون مٿي چيو ته، اسين پاڻ ۾ گهرا دوست بڻجي
وياسون، انڪري حُجائتا به هئاسين. هڪڙي ڀيري مون چيومانس؛ ”حُسين! پنهور جي لغوي معنيٰ
آهي ريڍار، رڍون چاريندڙ. سو مون کي عجب ٿو لڳي ته، هڪڙو ريڍار ايترو وڏو عالم ۽ دانشور
ڪيئن ٿي وئين! جو سنڌ ۽ پاڪستان کان سواءِ آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين يورپي يونيورسٽين
۾ تنهنجي ايتري هاڪَ آهي.“ ڪجهه دير ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ هڪ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته؛
”آئون ريڍار ضرور آهيان. پر اسين پنهور يا پنهوار، صدين کان ”سنڌي“ آهيون. اسين شايد
”پڻي“ لوڪن مان آهيون، جن موهن جي دڙي کي آباد
ڪيو ۽ پوءِ دجله ۽ فرات ندين واري ميسوپوٽيميا کي ڪالونائيز ڪيوسين..... ۽ تون؟“ وري
هڪ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته؛ ”ميمڻ ته چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ ۾ پنهنجي اصل ڌرتي سنڌ
کي تياڳي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات لڏي ويا ۽ پوءِ مغلن جي زماني ۾ موٽي اچي ٺٽو وسايائون.“
آئون خاموش ٿي ويس ۽ پوءِ چيم ته؛ ”هِيءَ پهرين ملهه تنهنجي آهي، پر ياد رکجئين، ته
ٻي ملهه اوس اسان جي ٿيندي.“ پوءِ جڏهن اسپتال ۾ پڇڻ ويومانس، ته کيس چيم؛ ”ٻي ملهه
تنهنجو انتظار پئي ڪري. ٻيلي! ائين نه ڪج ته سندرو لاهي ڦٽي ڪري اسان کي نِڌڻڪو ڪري
وڃين.“ اُٿڻ وقت هلڪو مُرڪندي جِهيڻي آواز ۾ چيائين ته؛ ”ڪچهريون قائم!“
سو اهو هو اسان جو سونهارو يار حُسين پنهور،
جيڪو علمي دنيا ۾ عام طرح ايم ايڇ پنهور جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. آخر ۾ دل
ٿي چوي ته، لطيف جي ان سِٽَ ته، ”اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا“ ۾ ترميم ڪري ائين
چوان ته، ”اڄ پڻ سنڌين، پنهور پنهنجا ساريا“.
(نوٽ: سراج الحق ميمڻ جي ايم ايڇ پنهور جي حوالي
سان اڻ ڇپيل تحرير، جيڪا نفيس احمد ناشاد وٽ محفوظ هئي، پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.)
ايم ايڇ پنهور
سنڌ جو سائنسي تاريخدان
فاروق بجاراڻي/تنگواڻي (ڪنڌڪوٽ)
سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور تاريخدارن، سائنسدان، زراعت
۽ آبپاشيءَ جو ماهر انجنيئر ايم ايڇ پنهور ۲۵ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو محمد
حسين پنهور هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن ۱۹۴۹ع ۾ ڪراچيءَ
جي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ ۱۹۵۳ع ۾ آمريڪا جي Wisconsin يونيورسٽيءَ
مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهور صاحب ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ
۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ زرعي مشينريءَ جي انجنيئر طور ڪم ڪيو، جنهن دوران زمين جي
ليول ۽ زمين جي تَهن هيٺ موجود مٺي پاڻيءَ تي ڪافي تحقيق ڪري، پنهنجي مشاهدي کي ۱۰ ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو، جن مان سڀ کان مشهور “Ground water in
Sindh” آهي، جيڪو اڄ تائين ان شعبي جي تحقيق ۾ هڪ مستند حوالي ۽ رهنمائيءَ
طور استعمال ٿئي ٿو.
پنهور صاحب سنڌو درياهه جي گذريل هزارن سالن
کان وٺي مٽجندڙ وهڪرن، واهن ۽ سنڌ جي آباديءَ جي تاريخ تي به هڪ تفصيلي ڪتاب (Six thousand
years History of Irrigation) لکيو. ان کانپوءِ پنهور صاحب زرعي جنسن تي به
ڪافي تحقيق جو ڪم ۽ مختلف ميون جون اٽڪل ۲۵ نيون جنسون
متعارف ڪرايون.
پنهور صاحب زرعي سائنسدان ۽ آبپاشيءَ جو ماهر
هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ قصن، ڪهاڻين
۽ بيتن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جي سائنسي، عقلي پئمانن ۽ دليلن جي
بنياد تي ڇَنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم تي شايد ئي ڪو آڱريون
کڻي سگهي. پنهور صاحب انجنيئرنگ ۽ زراعت تي اٽڪل ۸۰ مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل ۱۰۰ تحقيقي مضمون به لکيا ۽ سائنسي تحقيق تي اٽڪل ۵۰ مقالا به لکيا.
پنهور صاحب دنيا جي انهن تاريخدانن مان هڪ آهي،
جنهن دنيا جي تاريخ ۽ انساني سماج تي موسمي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن طرف به ڌيان
ڇِڪايو.
پنهور صاحب کي علمي، تاريخي ۽ سائنسي تحقيق جي
مڃتا طور ۱۹۹۲ع ۾ ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ به ڏنو
ويو.
پاڻ ۲۱ اپريل ۲۰۰۷ع تي وفات ڪيائين.
ايم ايڇ پنهور جي سالگرهه جي ڏينهن جي موقعي
تي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته، پنهور صاحب جو سڄو تحقيقي مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي،
انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي. سنڌ جي ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي
بورڊ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ
گهرجي، ته جيئن هڪ عام سنڌ واسيءَ تائين به پنهور صاحب جو سنڌ بابت ڇڏيل ناياب تحقيقي
ڪم آسانيءَ سان پهچي سگهي.
ايم ايڇ پنهور
سنڌ جي تحقيقدان جو وڇوڙو!
مير نادر علي ابڙو
اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق
ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه
اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي،
تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي
چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو
ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيو، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري سگهون.
ايم ايڇ پنهور جي لاڏاڻي تي هر
دل دکي آهي، هڪ اهڙو انمول هيرو سنڌ کان وڇڙي چڪو، جنهن هر وقت علم جي واڌاري خاطر
پنهنجو نور نچوڙيو. اڄ جڏهن هو ناهي رهيو ته هڪ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي. زرعي
شعبي کان ويندي هر ڏس ۾ هن تحقيق ڪئي ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي پاڻ مڃرايو. سنڌ جي
ناليواري محقق آرڪيالاجسٽ، زرعي سائنسدان ۽ برک ڏاهي ايم ايڇ پنهور جو پورو نالو
محمد حسين پنهور هو. هن ۲۵ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي دادو ضلعي ۾ ڦلجي ويجهو ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ جنم ورتو. ۱۹۴۹ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي
ڪئي. جنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿيو. جتي هن آمريڪن
يونيورسٽي مان ايم ايس سي ڪئي. جنهن بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪافي عرصي تائين
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ۱۹۵۲ع ۾
اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. جنهن بعد کيس ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ مقرر
ڪيو ويو. جنهن عهدي تان هو رٽائرڊ ٿيو. ايم ايڇ پنهور ۱۹۴۵ع ۾ مسلم عورت جي نالي تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب تحرير ڪيو. انهيءَ کان
علاوه هن ڪيتريون ئي نيون زرعي جنسون متعارف ڪرايون. جن ۾ صوف، ڪيلا، انب، انگور،
زيتون، ليمان، مالٽا ۽ چانورن جون مختلف جنسون پڻ شامل آهن، تنهن کان علاوه پاڻ
سنڌ ۾ زير زمين پاڻي، آبهوا ۽ زرعي جنسن تي ۳۰ کان مٿي ڪتاب لکيا.
ايم ايڇ پنهور “سومرا دؤر
- سنڌ جي تاريخ ۾” هڪ ڪتاب پڻ لکيو ۽ پاڻ
سنڌ جي آرڪيالاجي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو ۽ هڪ ماهر طور سموري دنيا ۾ مڃتا ماڻي ۽ سنڌ جو
نالو روشن ڪيائين. هن ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جي زير زمينن تي پڻ ڪتاب لکيو. ايم ايڇ
پنهور زرعي سائنسدان سان گڏ هڪ وڏو محقق، تاريخدان ۽ برک ڏاهو هو. هن دنيا جي
تبديل ٿيندڙ آبهوا ۽ ڏڪار واري صورتحال تي پڻ تحقيق ڪئي. ايم ايڇ پنهور کي سندن
خدمتن جي مڃتا عيوض ستارا امتياز سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ڏنا ويا. هن دنيا
جي مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي قيمتي پٿرن ۽ نوادرات کي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي گهر جي
زينت بڻايو ۽ سوين ڪتابن سان گڏ ڪيتريون ئي ناياب شيون پڻ سندن گهر ۾ محفوظ پيل
آهن. سندن لطيف آباد يونٽ ۲ وارو
گهر ميوزم جي حيثيت رکي ٿو.
ايم ايڇ پنهور سان بابا سائين
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا دلي رشتا هئا، هو هڪ ٻئي تي ساهه ڏيندا هئا. ڪجهه وقت اڳ
۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو دوران ايم ايڇ پنهور بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد
ابڙو جو تذڪرو ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو روح هو ۽ اهڙن
ڪردارن کي اسان ماڻهو فراموش نه ٿا ڪري سگهون. ڏکي دؤر مان نڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن ماڻهن جي راهه تي
هلڻو پوندو.
هاڻي ضرورت ان شيءَ جي آهي ته ايم ايڇ پنهور جي
ڇڏيل تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائجي ۽ هن جي نالي پويان سنڌ ۾ هڪ وڏو تحقيقي ادارو
قائم ڪري اتي تحقيق جي حوالي سان ايندڙ نسل کي تعليم ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ اهو ڪم ۽
تحقيقي سلسلو اتي ئي دم ٽوڙي ويهندو. اڄ سموري سنڌ سوڳوار آهي. هر نيڻ آلو آهي، ڇو
جو هڪ مهان تحقيقدان سنڌ ڌرتي کان الڳ ٿيو آهي، پر تنهن باوجود به جيسين هي دنيا
آهي اوستائين ايم ايڇ پنهور جو نالو هن ڌرتي تي قائم ۽ دائم رهندو ۽ سنڌي ماڻهو هن
کي تا دم ياد ڪندا رهندا. منهنجي اها دعا آهي ته شل رب ڪريم سنڌ جي هن مهان ڏاهي
کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن ونيءَ ۽ خاندان کي صبر عطا فرمائي.
(هلچل، خبرون، عبرت، تعمير سنڌ،
فيصلو، مهراڻ، سڪار، سنڌ، سوڀ، سنڌو، هلال پاڪستان، مقدمو، عوامي آواز، سنڌو
ڊائجسٽ)
ايم ايچ پنهور
هڪ مانائتو ليکڪ
رئوف نظاماڻي
ايم ايچ پنهور سنڌ جو هڪ
ناميارو عالم آهي. اها ٻي ڳاله آهي ته کيس ايتري مڃتا نه ملي سگھي آهي جيڪا هو لهڻي
ٿو. پيشي جي لحاظ سان هو زرعي انجينيئر هو پر سندس موضوع سنڌ هو. سنڌ سان سندس
محبت گھڻن ماڻهن جيان مجرد قسم جي نه هئي جنهن ۾ بس لفاظي ءِ وات جا ٺڪاء هجن. هن
باقاعدي پنهنجي ڪم وسيلي ان ڳاله کي ثابت ڪيو آهي. هو پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ
بيتي ۾ لکي ٿو ته فطرت سان پيار سندس شخصيت جو حصو آهي. مون ڪڏهين شڪار ۾ حصو نه
ورتو نه وري ڪڏهين ڪو پکي يا جانور ماريو آهي پر گوشت ءِ ڪڪڙ وغيره سو کاڌو آهي.
انهن حقيقتن مون کي سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ءِ مان انهن جو اسير آهيان.
سنڌ سان بي انصافي يا ان جي مقصد ياِ فائدي سان ڪنياء مون کي ڀڙڪائي ءِ بي چين ڪري
ٿو ڇڏي. مان سڄي حياتي ان اصول تي قائم رهيو آهيان ته هر سنڌ ۾ ڄايل ءِ دفنايل سنڌي
آهي ءِ مون جهڙا حق رکي ٿو. ان نڪته نظر رکڻ ڪري گھڻن مٿس ڪاوڙ ءِ تنقيد به ڪئي پر
هو پنهنجي ان موقف تي قائم رهيو.
هڪ ڳوٺاڻي علائقي ءِ غريب
خاندان سان واسطو رکندڙ هڪ ٻار پنهنجو اهو ڊگھو سفر ڪيئن طئي ڪيو ان جو ذڪر هو
پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ بيتي ۾ ڪري ٿو. اها آتم ڪٿا هن انگريزي ۾ لکي جنهن جو
ترجمو حاڪم علي شاه بخاري ءِ نظرثاني محمد ابراهيم جويو ڪئي آهي. ان کي ظفر جوڻيجو
جي اداري ٽي آر ڊي پاران ۲۰۰۸ ۾
شائع ڪيو ويو. ظفر جو چوڻ آهي ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا مواد جي ترتيب تبديل ڪرڻ
سان گڏ ليکڪ اضافا به ڪندو رهيو ءِ آخر ۾ نيٺ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو.
سندس علائقي ۾ ماڻهو جديد تعليم
جي بجائي مذهبي تعليم کي پسند ڪندا هئا ءِ کين اها ڳاله نه ٿي وڻي ته هن جديد
انگريزي تعليم ٿي حاصل ڪئي. ايستائين ته اها مخالفت سندس خاندان جي فردن ۾ به
موجود هئي. هو پنهنجي هڪ چاچي متعلق ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگھيو
هو ءِ خلافت تحريڪ وارن سان هليو ويو هو. هن انگريزي تعليم کي صحيح نه ٿي سمجھيو
ءِ اهڙي ريت سندس انگريزي پڙهڻ جي مخالفت ٿي ڪئي. ان کان علاوه گھڻا ٻيا مائٽ ءِ ڳوٺاڻا
حسد ءِ ساڙ جي ڪري تعليم ۾ سندس اڳتي وڌڻ سان به خوش نه هئا. ان مخالفت جو اندازو
ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هو ٻڌائي ٿو ته ايستائين ته کيس قتل ڪرڻ جي به ڪوشش
ڪئي ويئي. پران جي باوجود هن پوء انهن مان هزارين ماڻهن کي نوڪريون وغيره وٺي ڏنيون.
اهي پوء به خوش نه هئا. ان سلسلي ۾ سندس ماء ءِ ڏاڏي سندس مدد ڪئي ءِ اهڙي ريت اهڙي
پٺتي پيل ءِ معاندانا ماحول مان ايڏو ذهين ءِ قابل شخص ظاهر ٿيو.
سندس ڪم ڪنهن هڪ يا ٻن شعبن
تائين محدود ناهي پرهو هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت آهي. ان سلسلي ۾ اها ڳاله پڻ اهم آهي
ته رڳو ماڻهو جي ڄاڻ ءِ علم ڪافي ناهي هوندو پر ان سان گڏ ان ڳاله کي پڻ نظر ۾ رکڻ
ضروري آهي ته زندگي ءِ مختلف معاملن ڏانهن سندس نڪته نظر ڇا آهي. ايم ايچ پنهور ان
حوالي سان هڪ ترقي پسند ءِ روشن خيال ماڻهوهو جيڪا ڳاله سندس لکڻين ءِ ٻين ڪمن ۾ پڻ
نظر اچي ٿي. ڳوٺ ۾ وهم وسوسن جي رائج هئڻ ءِ تعويذن ءِ ڦيڻن وغيره جي عام هئڻ
باوجود هن ان ماحول کي قبول نه ڪيو.
مختلف موضوعن جي حوالي سان سندس
گھڻا ڪتاب لکيل آهن جن مان گھڻا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. هن ٿر، ڪوهستان ءِ سنڌ جي ٻين
مختلف علائقن ۾ زير زمين پاڻي جي ذخيرن تي تحقيق ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ کي هن
سائنسي ءِ تحقيقي انداز سان سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ
جو پيرائتي انداز ۾ جائزو سندس اهم ڪم آهي. سندس تحقيق جا طريقا روايتي ناهن پر هن
ان جي لاء باقاعدي سائنسي اپروچ اختيار ڪئي آهي. خاص طور تي هن سنڌ جي تاريخ جي
حوالي سان گھڻن اهڙن پاسن کي نروار ڪيو آهي جيڪي اڳ اونداهي ۾ هئا. ان سلسلي ۾ خاص
طور سومرا دور تي تحقيق، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اونداهو دور ڪري ليکيو ويندو
هو، قابل ذڪر آهي. هن باقاعدي ماحوليات، جاگرافي، تاريخ ءِ دريا جي وهڪرن ۾
تبديلين وسيلي ان دور جي مختلف پاسن کي سامهون آندو آهي ءِ مختلف ڏند ڪٿائن جي صحت
متعلق بحث ڪيو آهي. .
تاريخ تي ان ڪم سان گڏوگڏ زرعي
شعبي ۾ هن جيڪا نواڻ آندي ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن پنهنجن زرعي فارمن تي
پوک جي نئين ٽيڪنالوجي ءِ سائنسي طريقا متعارف ڪرايا ءِ انهن کي وڏي پئماني تي ٻين
تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گھٽ ماڻهن ئي انهن مان فائدو ورتو. هن زراعت متعلق
مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو پڻ مظالعو ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اهي ڪتاب رڳو انگريزي
مان ترجمو نه پر سنڌ جي حالتن سان مظابقت پيدا ڪري لکيا ويا آهن. پر جيئن ته اهي ٻيهر
نه ڇپجي سگھيا آهن ان ڪري گھڻن ماڻهن کي انهن جي خبر ناهي. سنڌ جي موسم ءِ
ماحولياتي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن نه رڳو نوان ميوا ءِ ٻيون شيون متعارف ڪرايون
پر ڪي انوکا تجربا پڻ ڪيا. هن ٺٽي ضلعي ۾ گھارو جي ويجھو، جتي حڪومت کيس جهينگن جي
افزائش لاء ٻه سو ايڪڙ ٻني ڏني هئي، واڳن جي هڪ فارم قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي. هن
ان سلسلي ۾ گھڻو ڪم ڪيو ءِ ايستائين ته هن ءِ سندس زال واڳن جي گوشت کائڻ جو تجربو
پڻ ڪيو پر سندس اها رٿا ڪامياب نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته اتر آسٽريليا جي حڪومت جنهن
کي هن واڳن جي آنن جي فراهمي لاء لکيو هو ان بنياد تي اهي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
ته اتر آسٽريليا جي حڪومت ان جي ٻين ملڪن کي موڪلڻ تي پابندي وجھي ڇڏي هئي.
وٽس مختلف موضوعن تي اٽڪل ٽيهٺ
هزار ڪتابن تي هڪ سٺي لائبريري هئي جيڪا هن وقت ايم ايچ پنهور ٽرسٽ جي تحت آهي.
(رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا