; سنڌي شخصيتون: رونگھو علي شير - منظور ڪوھيار

24 October, 2025

رونگھو علي شير - منظور ڪوھيار

رونگھو علي شير

اوطاقي مڙس مٿير

منظور ڪوھيار



شاھ سائينءَ جا ڪيئي شعر، اوطاق جي باري ۾ چيل آهن. جن بابت اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اوطاق کي وڏي اهميت حاصل هئي. مثلن

”اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳي ذات،

ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،

مون تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“

يا

”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا “

يا وري

”اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،

آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.“


ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوطاق صرف مهمان مڙي يا مسافر جو ٽڪاڻو نه هيو. پر اتي جوڳي (جوڳ پچائيندڙ)، سنياسي، لاهوتي، آديسي، سامي فقير وشرام ڪندي پڻ پنهنجو گيان ڏيندا هيا. ان ڪري شاھ سائين اھڙن فڪر انگيز شخصيتن جي وڃڻ کان پوءِ رنجيده ٿي پنهنجن بيتن ۾ اھا ڪيفيت بيان ڪئي آھي. اهڙي قسم جي اوطاق عمومن سنڌ جي وچئين طبقي جي هوندي هئي. جتي ساڃاھوندن، سگھڙن جون ڪچهريون، کل ڀوڳ، راڳ رنگ، شادي مرادي، فيصلا ڦاڙي وغيره ٿيندا هيا. ائين نه هو ته ڪو مٿئين طبقي جي وڏ وڏيري جي اوطاق نه هوندي هئي. انهن لاءِ مشهور هوندو ھيو ته ”جي ڪم ڪار نه هجئي ته وڃ وڏيري جي اوطاق تي!“ ان اوطاق تي عمومن نکمڻا، خوشامدڙيا، چاپلوس، پينو ۽ اڌ مغزي ويٺل هوندا هيا. جيڪي وڏيري جي بيگر وهندي ۽ ڀونڊا جھليندي به کڳيون ھڻندا ھيا پر هاڻي ته سنڌي وڏيرو سردار به بڻجي ويو آهي يعني ٻه منهين ترار... اَڇي ڪاري جو مالڪ.... بيوس، لاچار، محزون ۽ مغموم ماڻهو سندس اوطاق تي ٻانهون ٻڌيون بيٺا آهن....

جيئن ته ملڪي اشرافيه سماج مان ماڻهپي جون جناخون ڪڍي ڇڏيون آهن. هن نفسانفسي جي دؤر ۾ وچئين طبقي جي اوطاق وڃي ٿي پؤڻي پوندي. مهانگائي ماڻهن کي ترين ڀر ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ پالين يا اوطاق هلائين... پر وچئين طبقي جا ڪي اوطاقي مڙس اڃا به پنهنجي حال خيال سان، اھڙي اوطاق جو ڀرم رکيون اچن ٿا. اهڙن اوطاقي مڙسن مان اسان جو دوست علي شير رونگھو به آهي.

علي شير ۱۹۶۹ع ۾ نائين درجي ۾ منهنجو ڪلاس مئٽ بڻيو. جڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڪلاسن جي نئين سر جوڙ جڪ ٿيندي هئي. ڪلاس ”اي“ ۾ پري انجنيئرنگ ڏانهن لاڙو رکندڙ شاگرد ويندا هيا. ”بي“ ڪلاس، پري ميڊيڪل وارن، ”سي“ ڪلاس ڪامرس ۽ ”ڊي“ ڪلاس آرٽس وارن لاءِ مخصوص ٿيندو هيو. ان جوڙجڪ تحت مان ۽ خادم حسين سومرو ساڻس ”بي“ ڪلاس ۾ گڏياسي. پر اهڙا گڏياسي جو رلي ملي ٽمورتي ٿي وياسين. گڏجڻ جو هڪ وڏو سبب انٽر ڪلاس ٽورنامينٽ به هئي. جنهن ۾ ميجر گيمس (ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال ۽ ايٿليٽڪ) ۽ مائينر گيمس (والي بال، بيڊ منٽن ۽ ٽيبل ٽينس) جا ساليانه مقابلا ٿيندا هيا. اسان ٽئي ميجر گيمس ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڪري اسڪول جي فرسٽ اليون ۾ سليڪٽ ٿياسين. غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي علي شير جنرل ڪيپٽن، خادم حسين سومرو ڪرڪيٽ ڪيپٽن، ۽ مون کي ”آل رائونڊر“ طور سليڪٽ ڪيو ويو. نتيجي ۾ سال جا ڏھ مهينا صبوح راند، منجهند راند، شام راند واري ڪرت هوندي هئي، ۽ باقي آخري ٻه مهينا ڪتابن ۾ منهن هوندو هيو. اهو طريقو اسان کي علي شير سمجھايو. جنهن پنهنجي چاچي علي دوست کان متاثر ٿي اختيار ڪيو هيو. جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج مان بئچلر انجنيئرنگ جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر ٿيو ھيو.

ھاءِ اسڪول جي زماني ۾ اهو علي شير جو سِرُ ھيو، جنهن اسان کي پاڙهو پٽ بڻايو. ساليانه امتحان ڏيڻ کان اڳ ٻه مهينا جنهن به ڏٺو ته ائين ڏٺو ته ٽاڪ منجھند کان وٺي سج لٿي تائين علي شير، خادم ۽ مان گيان باغ جي اولهائين پاسي واري پارڪ ۾”غنچه گل“ لڳا ويٺا آهيون. مغرب جي نماز لاڙڪاڻي جي ڪئنيڊي مارڪيٽ جي ڀرسان واري عثمانيه مسجد ۾ بلبل سنڌ مولوي دوست محمد جي پٺيان پڙهندا هياسي. جمعي تي سندس واعظ به ٻڌندا هياسي. سندس واعظ دلچسپ ۽ مولوياڻي ظرافت جو شاهڪار هوندو هيو. عمومن سندس نشانو موالي هوندا هيا. عجيب و غريب سنڌي اردو گاڏڙ شعرن سان مٿانئن طنزيه تير وسائيندو هيو. هڪڙو شعر اڃا به ياد آهي. چوندو هيو صبوح سان موالين جي حاجت فراغت مهل ڇا حالت هوندي آهي؟“ پوءِ اداڪاري ڪندي اوڪڙو ويهي لانڍ سان ٻڌائيندو هيو،

”اڙي! گڙگڙا ڪرتا هئي ڪيون، باهر ڪيون نهين نڪلتا،

ڪيا تجھي ڊر هئي، مين تجھي کاجائونگا...!!!“

پوري جماعت کل ۾ ٻُٽجي ويندي هئي. آخر ۾ چوندو هيو؛ ”موالي نماز نه پڙهندا، صبوح سان ئي چرس ۽ ڀنگ!... اڙي توهان کي قيامت جي ڏينهن چرس ۽ ڀنگ ڇڏائيندي..؟“ پوءِ اسان ۽ ٻين نوجوان ڇوڪرن ڏانهن اشارو ڪندي چوندو هيو؛ ”هي ڏسو گلڙا ڪيئن ٿا اچي نماز پڙهن! ملائڪ ڪيڏو نه خوش ٿيندا هوندا، جڏهن هنن کي پنج وقت نماز پڙهندي ڏسندا هوندا...“

اسان جو اھو معمول هيو ته مغرب جي نماز کان پوءِ بندر روڊ جي پکن واري مشهور هوٽل جي سامهون ”ٽيڊي هوٽل“ تي ويهي چئين آني واري چانھ پيئندي گانن جي فرمائش ڪندا هياسي. ان دؤر ۾ لاڙڪاڻي جي هوٽلن تي چينجر يا رڪارڊ پليئر فونوگراف رکڻ جو رواج هيو. ماڻهو چانھ جي چسڪين وٺڻ سان گڏ فرمائش ڪندي گانا ٻڌندا هيا. جنهن هوٽل تي پراڻن ۽ نون گانن جي سٺي ڪليڪشن هوندي هئي. اهو هوٽل وڌيڪ رش کڻندو هيو. ان حوالي سان بندر روڊ تي ”ٽيڊي هوٽل“ مشهور هيو. ھوٽل ننڍڙو هيو، پر سدائين ڀريل. ٻين گلوڪارن کان وڌيڪ شمشاد بيگم، ثريا ۽ لتا جا گانا گونجندا رهندا هيا. جن گانن جي گھڻي فرمائش هوندي هئي. انهن ۾ شمشاد بيگم جو گانو، ”ڪبهي آر، ڪبهي پار، لاگا تيرِ نظر؛ سيان گھايل ڪيا ري، توني ميرا جگر!“ ميليڊي ڪوئن ثريا جو گانو، ”آنکھون مين پريت هئي، ھونٽون پي گيت ھئي؛ مين تيري تو ميرا بالم، تيري ميري جيت ھئي!“ لتا منگيشڪر جو گانو ”گھر آيا ميرا پرديسي؛ اب دل توڙ ڪي مت جانا...“

خادم کي عمومن محمد رفيع گھڻو وڻندو هيو. مون کي طلعت محمود. خاص ڪري اهو گانو، ”اي ميري دل ڪهين اور چل، غم ڪي دنيا سي دل ڀر گيا!“ غم ڪهڙو؟ اها مون کي به خبر نه هئي.. علي شير جي فرمائش عمومن نيم ڪلاسيڪل گانن جي هوندي هئي.

ٽيڊي هوٽل تي عمومن شهر جا نامي گرامي شودا ويهندا هيا. اهو زمانو چاقو بازن جو هيو ۽ لاڙڪاڻي جا ڪجھ رونگھا ذات جا سر ڦريا چاقو هلائڻ جي فن ۾ طاق هيا. اهڙن مان هڪڙي رونگھي ٽيڊي هوٽل جي دخل تي ويٺل مالڪ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڏيکاريندي کيس سخت گھائل ڪري وڌو. ان زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪا ايڏي آبادي نه هئي. لاڙڪاڻي جا اصل نسل ڏٺل وائٺل لڳندا هيا. جي ڪنهن کي نالي جي خبر نه هوندي هئي ته ذات زمات جي ضرور هئي. خادم ۽ مون کي علي شير سان گڏ ويٺل ڏسي سمجھندا هيا ته ”پڪ سان هي به مستقبل جا وڏا شودا ٿيندا.“

اسان جو اهو گيان باغ وڃڻ ۽ عثمانيه مسجد ۾ نمازن جو سلسلو امتحان جي نتيجي اچڻ تائين هلندو. جيئن ئي رزلٽ آئي، سٺن نمبرن ۾ پاس ٿياسين ته جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ. البته هوٽلنگ ڪرڻ ۾ ڪو وقفو نه ايندو ھيو. امتحانن جي نتيجي تي استاد حيران! خاص ڪري علي شير جي سڀني سبجيڪٽن ۾ فرسٽ ڪلاس واريون مارڪون ڏسي کين يقين ئي نه ايندو هيو. پر اها حقيقت هئي ته ڪي رانديگر سحر انگيز شخصيت جا مالڪ ھيا. اسان جي بئچ ۾ علي شير انهن منجھان هڪ هيو. جيئن چئبو آهي ته ماڻهو ڀڄندو به وڃي رهائيندو به وڃي. نماز پڙهڻ جي حوالي سان اسان به پنجڙين مان ڦري اٺڙيا ٿي ويندا هياسي. اٺين اٺين ڏينهن جمعي تي عثمانيه مسجد وڃڻ ٿيندو هيو انهيءَ دؤران هر جمعي تي مولوي دوست محمد جي طنز جا تير سهڻا پوندا ھيا. اسان کي ڏسي چوندو هيو ته ”هي اٿو برساتي ڏيڏر. امتحان شروع، پنج وقت نماز شروع.... نتيجو آيو، ڪم نڪتو، ڊکڻ وسريو. پوءِ سڄو ڏينهن راند روند، شام جو وري ٽيڊي هوٽل تي گانا ٻڌندا. ھي سمجھن ٿا ته مولوي دوست محمد کي خبر نه ٿي پوي. پر مون کي منهنجو سدورو ملائڪ سڀ خبرون ٻڌائيندو آهي.“

اهو سدورو ملائڪ ٻيو ڪو ڪو نه هيو، پر اسان جو ھم عصر ڪلاس مئٽ بدرالدين سرهيو هيو. بلبل سنڌ جو خاص الخاص پيارو طالب. جيڪو ايمان افروز چغليون هڻي اسان کي ھر جمعي تي بڇڙو ڪرائيندو هيو. (جيڪو هن وقت ماشآءَالله! لاڙڪاڻي جو عالم دين ۽ برگزيده هستي آهي.)

ڪجھ به سهي، پر اهو اسان جو ايمان هيو ته خدا! چورن جي محنت به سڪارتي ڪندو آهي ته ڀلا اسان جي اَڪارتي ڇو ڪندو....!؟ هاڻي ته وڌيڪ ايمان پختو ٿي ويو آهي. جڏهن کان چور ۽ چوڪيدار ۾ فرق ئي ناهي رهيو....

-----

مئٽرڪ کان پوءِ علي شير ۽ خادم حسين فرسٽ ييئر پري ميڊيڪل ۾ داخلا ورتي. جيئن ته منهنجي دلچسپي راندين ۽ سوشل سبجيڪٽس ۾ گھڻي ھئي، ان ڪري مون آرٽس کنئي. خادم راندين کي الوداع ڪري پڙهائيءَ تي زور ڏنو. علي شير ٻئي پاسا نڀائيندو آيو يعني راند ۽ پڙهائي سان. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ھاڪي جي ٽيم جو ڪيپٽن بڻيو. ايٿليٽڪ مِيٽ (مقابلي) ۾ به اسپرنٽر (تيز ڀڄندڙ) ۽ ٽن جمپس (لانگ جمپ، ھاف اسٽيپ جمپ ۽ ھاءِ جمپ) جي ايونٽس ۾ به پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. پر هڪ ٽين سرگرمي ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيائين. جنهن کيس گھڻو مصروف ڪري ڇڏيو. اها هئي شاگرد سياست. فرسٽ ييئر ۾ سي آر يعني ڪلاس نمائندو ٿيو. سيڪنڊ ييئر ۾ جنرل سيڪريٽري جو اميدوار بڻيو. انهيءَ عهدي لاءِ اسٽوڊنٽ يونين ۾ پَڙَ پوندا هيا. بنا ڪنهن سياسي تنظيم جي سهائتا جي، کٽڻ ناممڪن هيو. جيئن ته ان زماني ۾ سياسي جماعتن، تعليمي ادارن ۾ پنهنجا يونٽ کولي ڇڏيا هيا. نتيجي ۾ شاگردن اندر وڏو جوش و خروش ۽ وٺ سٺ هوندي هئي. تقريرن ۽ پمفليٽس ورهائڻ جو سخت مقابلو هوندو هيو. اڃا هٿيارن پنهوارن جي نمائش جو دؤر نه آيو ھيو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪئنڊيٽيٽ جي پمفليٽ جي مٿين ڪنڊن تي ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“ لکيل هوندو هيو. پوءِ عمومن شيخ اياز جو اهو مشهور شعر ڏنل هوندو هيو ته

”هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا!“

يا

”تون چئو نه ڪڇان، تون چئو نه لڇان، توکان هڪڙي ڳالھ پڇان؛

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان ھزارين مان نه رڳو!“

ان کانپوءِ زوردار انداز ۾ گذارش ٿيل هوندي هئي ته؛ ”اوهان پنهنجي سرويچ ۽ ارڏي قومي ڪارڪن سروٽي سنڌي (فرضي نالو) کي پنهنجو ووٽ ڏئي قومي غيرت جو ثبوت ڏيندا. اميدوار جي تقرير نهايت پر اثر ۽ جوشيلي هوندي هئي. ائين لڳندو هيو ته جيئن ئي اسٽوڊنٽ يونين جي قوم پرست اميدوار کٽيو، ان ويل سنڌو ديش ٺهي ويندو ۽ ڪاليج جا مسئلا به ازخود حل ٿي ويندا. نتيجي ۾ مٿانئس ان وقت جي سرڪار سڳوري طرفان الائي ڪيترا پاڪستان پينل ڪوڊ تحت قلم لڳي ويندا هيا. اميدوار کي ناڪرده ڏوھن جي سزا ملي ويندي هئي. جنهن جو هو ڪڏهن مرتڪب ئي نه ٿيو هيو. پوءِ جوشيلي سان گڏ سندس مٽ مائٽ به ٽاپين ۾ هوندا هيا.

ان دؤر جي سپاف جي گروپ سان تعلق رکندڙ جيالي جي پمفليٽ جي مٿين ڪنڊن تي ”جيئي ڀٽو، جيئي عوام“ لکيل هوندو هيو. پوءِ گھڻو ڪري شاھ لطيف جو هي بيت ڏنل هوندو هيو.

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.

اوهان پنهنجي همدرد، هڏ ڏوکي، قائد عوام جي سچي ڪارڪن جھرلو جيالي (فرضي نالو) کي ووٽ ڏئي ھر حال ۾ ڪامياب ڪندا. تقرير ۾، جيالي اميدوار جي ڪاليج جي بنيادي مسئلن تي اک ئي نه ٻڏندي هئي. ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽي کان شروع ٿيندو هيو، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪارنامن تي ختم ڪندو هيو. خوشامد ۽ چاپلوسي جي لحاظ کان سندن تقرير لاجواب هوندي هئي. ان جو کيس اپراسو به پلئه پوندو ھيو. مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن، اسلامي جمعيت طلبه ۽ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن يا ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان ھيڪڙ ٻيڪڙ سلهاڙيل شاگرد هوندا هيا، جن جي حالت ”لِڪا ڀڻن لوڪ ۾...“ واري هوندي هئي.

علي شير جي تقرير سڀن کان منفرد هوندي ھئي. سندس تقرير سادي سودي. نه غشاش بازي، نه ڊاڙ نه لٻاڙ. سندس تقرير جو متن هوندو هيو ته؛ ”ادا! توهان مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻو سڃاڻو ٿا. جي مان کٽيم ته ڪاليج جي بنيادي مسئلن جن ۾ في معاف ڪرائڻ، هاسٽل جي فرنيچر، گرائونڊ، لائبرري، ليبارٽري سنوارڻ ۽ ڪئنٽين يا صحت صفائي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس!!!“ پمفليٽ به سادو سودو هوندو هيس. جنهن تي شاھ سائين جو اهو بيت لکيل هوندو هيو ته؛

يار سڏائي سڀ ڪو؛ جاني زباني،

آهي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي.

آخر ۾ قيمتي ووٽ لاءِ سٻاجھڙي التجا ڪيل هوندي هئي ته پنهنجي ڄاتل سڃاتل شخصيت علي شير رونگھي کي قيمتي ووٽ ڏئي سرخرو ڪندا.

اليڪشن ۾ خادم سومرو ۽ مان، سندس خاص ورڪر هياسي. پمفليٽ کڻي ورهائيندا وتندا هياسي. پر ٻنهي جي ڪنوينس ڪرڻ جو انداز جداگانه هيو. اسڪول جي زماني جو هڪ ڪلاس مئٽ (نالو نه ٿو کڻان، متان مرحيات ٿي ويو هجي. چوندا آهن ته مئو ڪک به نه سهي.) علي شير جي مقابلي ۾ بيٺو هيو. بس ٿوري سراپا نگاري ڪجي ته جيئن سمجھڻ وارا سمجھن. گھوٻي منهون، ڪوئي ڏنديو ۽ اول درجي جو تيسي باز ۽ ھوڏي. (واڌو اشارو اھو ته پڙهائي کانپوءِ واپڊا واري کاتي ۾ ميٽر ريڊر بڻيو. استاد خالد ۽ عنايت ميمڻ چاھين ته پنهنجي رسڪ تي ڳوٽ ڀڃي سگھن ٿا.) مان کيس ڪاليج جي ڪوريڊور ۾هٿ کڻڻ لاءِ کاڏيءَ تي ھٿ رکي ٻچڪاريو پئي؛ ”ٻيلي هٿ کڻ! اسڪول جي زماني کان علي شير ۽ اسان جو ڪلاس ميٽ رهيو آهين، ائين نه ڪر!“

هو چوڻ لڳو؛ ”مون کي ٻه ٽي ڏينهن ڇڏيو ته مان سوچيان!“

”سوچڻ ٻوچڻ ڇا جو! هاڻي ئي ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪر، ڪراڙا!“ خادم ڪلهي تي زور سان ھٿ ھڻندي چيس. خادم جو ”ڪراڙو“ چوڻ، ڄڻ ڀولي جي پڇ کي باھ لڳي وئي. ”ڪراڙو“ سندس چيڙ هئي. هڪدم کتو جواب ڏيندي چيائين؛ ”هاڻي ته اصلي ھٿ نه کڻندس! ڇا به ٿي پئي!!“

خادم سومري وراڻيس؛ ”نه ٿو کڻين ته چڙھ آڱوٺي تي!!!“

منهنجي ڪلاڪ کن جي ڪنوينسنگ تي خادم سومري ٻن منٽن ۾ ٻوڙ ھاري ڇڏيو. علي شير هٿ ٻڌي چيس؛ ”خادم! تنهنجي ڪنوينسنگ کان بس ڀلي آهي!“ بهرحال علي شير پنهنجي شخصي اثر رسوخ تي کٽيو ۽ جنرل سيڪريٽري ٿيو. جيڪي واعدا، وچن ۽ قول ڪيا ھيائين، اھي پاڙيائين...

----

علي شير گھڻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ڪري شايد ورهائجي ويو ۽ ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي نه سگھيو، جڏهن ته خادم سومرو ٿي ويو. علي شير بي ايس سي زولاجي ۾ داخلا ورتي. مان بي اي ۾ سوشيالاجي ۽ ايڪنامڪس جا سبجيڪٽ کنيا. خادم حسين سومري جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي. پر مشترڪه ڪن رس ھجڻ ڪري شام جو اسان ٽنهي جو گھمڻ گهتڻ گڏ هوندو هيو. لاڙڪاڻي شهر جو ڪو چرندو هوٽل نه ڇڏيوسي، جنهن جي چانھ جو چسڪو نه ورتو ھجي. پاڪستان چؤڪ جي المدينه هوٽل جي پؤڻيا، ڪشميري هوٽل جي مگو چانھ، ڪپڙن تي ڪري ته ڪپڙو چيهاڙيون ٿي وڃي، داغ نه وڃي. ايمپائر سئنيما جي سامهون وارن هوٽلن جي ڪنن مان دونهان ڪڍندڙ ڪڙڪ چانھ واپرائجي ته اڌ-رات تائين اوٻاسي نه اچي. رائل سئنيما جي سامهون دوزخ هوٽل (عوامي نالو) جي چانھ پيئجي ته تھ سياري ۾ به سيرون وجھندڙ سرد هوا ھاڙھ جي جھولي جيان ڀانئجي. هڪ ٻيو هوٽل به هيو. نالو ته ياد ڪونهي. اهو هوٽل جناح باغ لاڙڪاڻي جي مين گيٽ جي ڀر ۾ هيو. جتي اڄڪلھ عنايت ميمڻ جي ڀاءُ سعيد ميمڻ جو فريندز اسپورٽس نالي دوڪان آهي. اتي اسان فرمائش تي نيم ڪلاسيڪل گانا ٻڌندا هياسي. هوٽل جو عمر رسيده مالڪ جيڪو نيم ڪلاسيڪل گانن جو پاڻ به شؤقين ھيو. اھو اسان کي حيرت وچان تڪيندو هيو. جڏهن اسان لتا جو نيم ڪلاسيڪل ”جوتي ڪلش ڇلڪي!“ يا مناڊي جو ڳايل ”لاگا چنري مين داغ مٽائون ڪيسي“ جي فرمائش ڪندا هياسي. اسان جي فرمائش پوري ڪندو هيو. جڏهن ته ان دؤر ۾ ڪشور ڪمار گھڻو مقبول هيو. خاص ڪري سندس هنن گانن جا رڪارڊ هر چينجر رکندڙ وٽ ضرور موجود هوندا هيا، ”يه شام مستاني“ يا ”يه جو محبت ھئي...“ وغيره.

هڪ ڏينهن هن سهگل جي ڳايل ڀيروي ٺمري جو رڪارڊ آٽوميٽڪ گراموفون (چينجر) تي چاڙهيو ۽ اسان ڪن ڏئي ٻڌڻ لڳاسين:

”بابل مورا نيهر ڇوٽو جائي..

چار ڪهار مل ڪر موري ڊوليان سجائين

مورا اپنا بيگانه ڇوٽو جائي..

. آنگنا تو پرڀت ڀيو

اور ديهري ڀئي بديس

لي گھر بابل آپنو

مين چلي پيا ڪي ديس

بابل مورا نيهر ڇوٽو جائي!“

ٻڌڻ کان پوءِ اسان هوٽل جي مالڪ کي اشاري سان ٻه دفعا فرمائش ڪئي ۽ هن به پوري ڪئي. نيٺ آخر اٿي اسان وٽ آيو، چيائين؛ ”نوجوانو! ان جو مطلب به سمجھ ۾ اچيو ٿو؟“

مون وراڻيو؛ ”ها، اچي ٿو!“

”ٻڌايو؟!“

مون کيس ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”گاني جو مطلب آهي ته؛ منهنجا بابل هاڻي پنهنجو ناتو ٽٽندو ٿو وڃي... چار ماڻهو مون کي سينگاري منهجي ڏولي کنيون ٿا وڃن (پورڻ ٿا وڃن).... مون کان پنهنجا پراوا جدا ٿيندا ٿا وڃن.... منهنجي گھر جو اڱڻ ته گھڻو پرتي آهي، بدن پرديس ۾ آهي ..... هاڻي بابل! هي گھر ۽ تون، مان ته هلانءِ ٿي پرينءَ جي ديس.... بابل منهنجا! هاڻي منهنجو ناتو ٽٽندو ٿو وڃي!...

”توهان کي ايڏو ڇو ٿو وڻي؟“ هن پڇيو.

علي شير وراڻيس؛ ”ان ۾ هڪ جلاوطن فنڪار ۽ شاعر بادشاه واجد علي شاه ”اختر پيا“ جو درد سمايل آهي ۽ اهو ڪندن لال سھگل جو پسنديده گانو آهي. سندس چوڻ هيو ته هو اڪيلائي ۾ به جھونگاريندو رهندو آھي. هڪ دفعي ھڪ وڻ هيٺان ڳائيندي غيب مان کيس سوني وينڍي جي صورت ۾ گھور ملي ھئي.“

”توهان کي ڪيئن خبر پئي؟“

”اها اسٽوري اسان ريڊيو سيلون تان ٻڌي هئي!“ علي شير ٻڌايس.

هو خاموشي سان اٿي پنهنجي دخل تي ويٺو. ننڍي عمر ۾ اسان جو ڪن رس ۽ ڄاڻ ڏسي، پوءِ اسان کان چانھ جا رعايتي پئسا وٺڻ لڳو. اسان ڪو جادوگر نه هياسي. صبوح صبوح سان ريڊيو سيلون جا هندي پروگرام ”بناڪا گيت مالا“، ”لپٽن ڪي ستاري“ وغيره ٻڌندا هياسي، توڙي جو ريڊيو سيلون جو آواز ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ٻٽجي ويندو هيو. سرڙاٽ به جام هوندا ھيس. پر ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو انداز اهڙو ته من موهيندڙ هوندو هيو، جو اسٽيشن مٽائڻ لاءِ دل نه ڪڍندي هئي. خاص ڪري امين سياني، سنيل دت، گوپال شرما، منوهر مهاجن، وملا ۽ ڪامني جي ڪمپيئرنگ. حقيقت اها آهي ته علي شير اسان کان وڏو ڪن رس رکندو هيو ۽ آهي، اڄ تائين سيراندي کان رکيل ريڊيو تي موسيقي مان ڀرپور لطف اندوز ٿيندو رهندو آهي. جڏهن ته آءِ فون يا اينڊرائيڊ فون ھٿ ۾ اچڻ ڪري مون جھڙن جون عادتون خراب ٿي ويون آھن. جيڪو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ نه گھرجي، اهو به ٻڌڻو ۽ ڏسڻو پوي ٿو. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته

عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،

اٺ پوي ڪڻڪ ۾ چڻ چڻ ڪنڊا کاءِ...

--- ۴ ---

سنڌ جي صوفياڻي مزاج وارن ماڻهن کي دنيا جي سڀني مذهبي پاڪ ڪتابن لاءِ ادب ۽ احترام رهيو آهي. پوءِ چاھي اھو قرآن هجي، گيتا ھجي، انجيل ھجي، زند اوستا ھجي يا توراح ھجي. انهن کانپوءِ سندن لاءِ جيڪڏهن ڪو قابل توقير ڪتاب آهي ته اھو شاھ جو رسالو آهي. جنهن ۾ سڀني پاڪ ڪتابن جو تت سمايل آهي. مثلن موضوع جي حوالي سان جڏهن مان شاھ جي رسالي کي کولي سوال ڪيو ته مھمان جو آدر ڪيئن ڪجي، ته جواب مليو؛

مون گھر اچي جي ٿئي مينڌرو مهمان،

آڻي جھوڪيان آڳ ۾، ڄيري وجھان ڄاڻ،

تاڻي تنورن ۾، ڀيري ھڻان ڀاڻ،

پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پرينءَ تان.

 مهمان کي ايڏي عزت ۽ آدر ڏيڻ جي جيڪا شاھ سائين ڪسوٽي ڏني آهي. ان ڪسوٽي تي پرکجي ته منهنجي زندگيءَ ۾ مون کي صرف هڪ شخص نظر آيو. اهو هيو علي شير رونگھو.

 ٻڌائيندو ھلان ته نائين درجي کان وٺي علي شير جو اهو معمول هيو ته شام جو هوٽل تان اٿڻ کان پوءِ خادم ۽ مون کي ماني جي صلاح ضرور هڻندو هيو. اسان سندس چوڻ تي ڪڏهن مانيءَ جا ٻه گرھ ھڻندا هياسي، ڪڏهن نه به.... پر پوءِ هن جي مسلسل اصرار اھڙي عادت وجھي ڇڏي جو علي شير جي اوطاق تي ماني کائي پوءِ گھر ويندا ھياسي. علي شير جو والد محمود خان انتهائي ماٺيڻي ۽ بردبار طبيعت جو مالڪ هيو، ڏسي ائين لڳندو هيو ڄڻ صبر، شڪر ۽ سھپ جي صورت آهي، ڪڏهن منهن نه گھنجايائين ته ”هي مفت خور ڇورا روز ماني کائي پوءِ گھر ڇو ٿا وڃن!“

صحيح بخاري جي هڪ حديث آهي ته ”دل غني آهي ته ٿورو به گھڻو آهي. دل غني ناهي ته پهاڙن جيڏي دولت مان به پيٽ نه ٿو ڀرجي سگھي.“ علي شير جي والد کي ڪا وڏي ميراث نه هئي، البته مينهن جو واڙو هيو. جنهن ۾ ڇھ ست سوئا مينهون بيٺيون ئي بيٺيون هونديون هيون.... اسان ڇا فقير فقراءِ، مدرسي جا طالب به شام جو ٿالھ جھليون سندن اوطاق يا گھر ٻاهران بيٺا هوندا هيا. اسان نه ڏٺوسي ته ڪڏهن خالي موٽيا ھجن. ھڪڙو فقير ته مرندي گھڙيءَ تائين سندن مينهن جي واڙي ۾ ٽڪيو پيو هيو. جنهن کي چانھ پاڻي سان گڏ ٽئي وقت ماني ملندي ھئي.

حضرت عليؓ جو قول آھي ته ”مهمان جي عزت ڪيو، ڇو جو اهو اللهﷻ جي طرف کان موڪليل تحفو آھي.“ هونئن به لفظ ”مهمان“ جي معني ئي اھا آهي ته ”وڏي مان وارو يا مانائتو“ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ٿو اچي.“ علي شير ۽ سندس والد جو اھو ايمان ھيو. پر شهر ۾ مهمانن جي آئو ڀڳت گھٽ ٿي سگھندي هئي، جو اوطاقن سان گڏ دليون به سوڙهيون هيون. ان ڪري اھو پهاڪو عام هيو ته ”ھڪ ڏينهن مهمان، ٻي ڏينهن مڙو، ٽين ڏينهن کڻ کلو، ته ٿئي کڙو!“ ڇو ته ڪي بي وڙا مهمان اهڙا به هوندا ھيا، جو گھر وارا کين ڏسي چوندا ھيا، ”پچ ماني ڇھ مهينا!“ ته مهمان وراڻيندا ھيا، ”کپ ڳئي ٻارنهن مهينا...“ ٻهراڙي ۾ ته صبوح شام، اڌ-رات مڌ رات مهمان ايندو هيو ته ميزبان ارھو نه ٿيندو ھيو، جو کيس خبر هئي ته موت ۽ مهمان ڪڏهن به اچي سگھن ٿا. پر شهر ۾ اويلو مهمان، پٽائي پاڻ.....

منهنجو به هڪ دفعي ري سڏين ۽ اويلن مهمانن سان لاڙڪاڻي شهر ۾ پالو پيو. جن کي بندوق جي زور تي گھران ڪڍڻو پيو. اوهان ضرور کلندئو، ڀل کلو!... ٿيو ائين جو سياري جي موڪلن جا ڏينهن ھجن. گھر ڀاتي موڪلن ۾ ھميشه وانگر ڳوٺ ويل هيا. مان اڪثر ڪري ڳوٺ ۾ رهڻ بجاءِ شهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو هيس، جو انھن ڏينهن ۾ راندين جا مختلف مقابلا منعقد ٿيندا ھيا. حصي وٺڻ يا ڏسڻ جو موقعو ملندو ھيو. هڪ ڏينهن سج لٿي ڌارا در کڙڪيو. در کوليم، ڏٺم ته ڪراڙي هڪ ڏنڊي ڏوٽي ۽ اڇي برقعي پاتل عورت سان گڏ بيٺي آهي. ڪراڙي سڃاتم. پنهنجي ڳوٺ واري ترَ جي ھئي (ڪراڙي ۽ ڳوٺ جو نالو نه ٿو کڻان جو متان ٻروچ ڪاوڙجي نه پون.) عمومن علاج يا ڪمين ڪارين لاڙڪاڻي ايندي رھندي هئي ته اسان وٽ ٽڪندي هئي. چوڻ لڳي؛ ”ابا! هي ننڍو سائين آهي ۽ برقعي واري بي بي آهي. شهداد ڪوٽ جي پاسي جا آهن. سڀاڻي هليا ويندا. اوطاق کولي ڏي، رات رهندا.“ مان مھمانوازي جي انهيءَ روايت کي قائم رکندي ته ”لشڪر بنان سلطان، مهمان بنان خان، سکڻو لڏو ليکبو آھي.“ اوطاق کولي کين ويهاريو. ٿي رات ته مائي چيو؛ ”ابا! گھر ۾ سيڌو سامان ته ضرور هوندو. مان ماني پچائي ٿي وٺان!“ اٽو، گيھ، بصر، پٽاٽا، دال، لوڻ مرچ پيا هيا. مون کيس بورچيخاني جو در کولي ڏنو. مائي ٻوڙ رڌي ماني پچائي، مون کي به ڏني ۽ وٺي آيلن کي به کارائي. رات گذري، ٿيو صبوح، مائي ماني پچائي، ٻوڙ رڌي سڀن کي ناشتو ڪرائي، جن سان آئي تن سان ھلي وئي. مان گھمي ڦري سومهياڻي جو گھر موٽيم ته ڏسان. ڪراڙي ساڳئي مرد ۽ مائيءَ سان در وٽ بيٺي آهي. پر هاڻي ٻه ڄڻا ٻيا به گڏ اٿس. يڪ نه شد، چار شد. ليلائيندي چوڻ لڳي؛ ”ابا، هڪڙي رات ٻي رهبي. شهر ۾ ڪم ڪار جي ڪري دير ٿي وئي. ان ڪري شهداد ڪوٽ واري لاري نڪري وئي، خير سان صبوح جو سوير نڪري وڃبو!“ مون سوچيو خير آ، هڪ رات ٻي به گذري ويندي. مان تالو کولي کين گھر ۾ داخل ڪيو. چوڻ لڳي؛ ”ابا! هي ٻه ڄڻا مريد آهن. هي رهندا اوطاق ۾. مرشد کي اندرين ڪوٺيءَ ۾ رهاءِ، مان ورانڊي ۾ پئي هوندس. تون ته اونئن ئي ڪتابن واري ڪوٺيءَ ۾ پيو آن. مان ڪسندي مسندي سندس منشا تي هليم. خير جو ٿيو ٻيو صبوح... مائي رڌ پچاءِ واري ڪرت سان لڳي وئي. سڀن کي ناشتو ڪرايائين. مان سمجھيو ته ڄاڻ نڪتا. ڪچڙي منجھند ٿي وئي، مائي کي سڏ ڪري چيم ته ”ماسي! ڪڏهن ٿا وڃو؟“ وراڻيائين؛ ”ابا، مرشد جو هڪ مريد ويو آ اسٽان تي، ٻين مريدن کي وٺڻ. سائين کي بي بي جي مالڪن مارڻ جو ڌمڪيون ڏنيون آهن! الله ته ڪري خير، ننڍي سائين کي ڪجھ ٿي پيو ته قيامت اسان مريدن جي ڪاري ٿي ويندي.“

”ٻانهن ڀڄائي اٿئين ڇا؟“ شڪجي پڇيومانس.

”نڪاح وڌو اٿئين امتياڻيءَ سان. پر امتين ۾ اڄڪلھ شناس ڪاٿي آ. انهن اغوا جو ڪيس وڌو آ. سو ٽيون ڏينهن حاضري تي آيل هياسي!“

”ڀلو ان ۾ اٿئي ته ننڍي سائين کي وٺي ھتان نڪر!“ ڪاوڙ ۾ چيومانس.

”حاضر ابا! دلجاءِ ڪر، دلجاءِ ڪر!“ چئي هلي وئي. مون کي لڳو ته ڄڻ ڳالھ سندس پتي تي نه پئي.

”شام ٿي ته ٽي ماڻهو ٻيا پهچي ويا. مان سمجھيو ته هاڻي اويلا مهمان نڪرندا. پر مھمان وڃن ڇو ٿا. ڪراڙي کي سڏ ڪري وڃڻ لاءِ چيم، ته ديده دليري سان چيائين؛ ”رات ٿيڻ واري آ، هاڻي ڪيئن نڪربو!“

رات جو ماني پچائي کڻي آئي، پر مون نه کاڌي. سڄي رات ننڊ نه آئي. سوچيندو رهيس ته هن لوڌ کي ڪيئن ڪڍجي. ورانڊي ۾ ستل مريد به اڌ-جاڳ، اڌ-ننڊ ۾ هيا. مان تاڙي ورتو ته هڪ وٽ ڪارتوسي پسٽل آهي. جنهن کي ٻهراڙي ۾ تمنچو ڪري چوندا آھن.

مان آخرڪار فيصلو ڪري ڇڏيو ته سڀاڻي ھنن ري سڏين کي ڪيئن به ڪري ڪڍبو. چاھي جان جي بازي لڳائڻي پوي. جيئن ئي صبوح ٿيو. ھنڌن واري پيٽي مٿان رکيل والد مرحوم جي ھيمرليس ڊبل بيرل بندوق ۾ ايس جي ڪارتوس ڀري، پٽو ڪلھي ۾ وجھي ورانڊي ۾ آيس. ڪارتوسي پسٽل واري ھمراھ تي بندوق تاڻي هڪل ڪندي چيومانس؛ ”نڪر ٻاهر، نه ته فائر ڪندومانءِ!“ اهو ٻڌي ھڪو ٻڪو ٿي ويو. ڪراڙي به ٻاهر نڪري آئي، رئو کڻي پيرن تي اڇلايائين؛ ”الله کي مڃ فئر نه ڪجانءِ! اسان نڪرئون ٿا!“ پوءِ اندرين ڪمري ۾ ڀڳي. ننڍو سائين به امتياڻيءَ سان گڏ نڪري آيو. قطار ٺاهي تڪڙ ۾ نڪري ويا. اوطاق ۾ جھاتي هنيم ته رهيل مريدن به منهنجي رڙ ٻڌي ڪو اڳ ۾ ئي پيرن تي زور ڏنو ھيو. ان ڏينهن کان وٺي مان اھڙن مهمانن لاءِ اوطاق جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. پر پنهنجي ڀيٽ ۾ جڏهن علي شير رونگھي جي سهپ سهندڙ طبيعت کي ڏسندو آهيان ته زمين آسمان جو فرق محسوس ٿيندو آهي. سندس صبر ۽ برداشت جو هڪ واقعو بيان ڪيان ٿو. ھڪ ڪوئٽيا جي پٺاڻ ڊاڪٽر جو ننڍو ڀاءُ ڪوئٽيا مان پيٽارو ايندي گم ٿي ويو. ان کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ لاڙڪاڻي جي اسٽيشن وٽان گم ٿيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ جواھر لال اوڏ (ھاڻ ڪئنيڊا جو شهري آھي) سان ڪا عليڪ سليڪ ھيس. جواھر لال اوڏ ان کي علي شير جي اوطاق تي رھائي پاڻ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام کسڪي ويو. اتي پڙهندو هيو. پٺاڻ سان گڏ هڪ بلوچستان جو مور ٿهيم نالي شخص به گائيڊ طور ساڻ هيو. جيڪو وڏو حوالي ھيو. پوءِ ڊاڪٽر جا مٽ مائٽ دوست يار به اچڻ لڳا. اردو جي ان ڪھاوت جيان ”مان نه مان، مين تيرا مهمان“ سڀ علي شير جا مهمان ٿي ويا. ٽئي وقت ماني ٻه وقت چانھ، ايستائين جو ٽيليفون جو سيٽ به انهن جي بلي. ساڻن پوليس اسٽيشن تي به ساڻ. مهينو ڏيڍ ٿي ويو، نه چرن نه پرن. ڪتڙيون مون کي چڙهن. مان ڪڇي نه سگھان. علي شير جي منهن تي گھنج ئي نه. هڪڙي ڏينهن مان ڊاڪٽر کي چيو ته ”تون پيٽارو ڪاليج مان پڇا ڪرائي آهي؟“ هن وراڻيو؛ ”ھا، ان جو هڪ سنگتي جيڪو ساڻ هيس، ان ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي پاڻي پيئڻ لاءِ لٿو، پوءِ نه موٽيو!“ مان چيومانس؛ ”ھل! ته مان ان کان آڏي پڇا ڪيان!“

پيٽارو پهتاسي. ان ڇوڪري کي گھرايوسي. ان ساڳي ڳالھ ڪئي. مان چيومانس؛ ”ڪوئٽيا جو ڪو ٻيو پيٽارين ڇوڪرو به توهان سان ساڻ هيو؟“ هن ان جو نالو ٻڌايو. ٻيو ڇوڪرو گھرايوسي. ان کي اڳ وٺي چيم ته؛ ”پهرئين ڇوڪري ٻڌايو آهي، ته ڊاڪٽر جو ڀاءُ پيٽارو تائين اوهان سان گڏ هيو. هاڻي سچي ڪر، نه ته تون غلط بياني ڪري ڦاسجي ويندي!“

هو ٿورو پريشان ٿيو ۽ پوءِ ھٻڪندي وراڻيائين؛ ”ھا، هو پيٽارو تي نه لٿو ھيو ۽ اسان کي ايلاز ڪندي چيو ھيائين ته گھر وارن کي لاڙڪاڻي اسٽيشن تي گم ٿيڻ جو ٻڌائن. مان پڙهڻ نه، پر ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو. هڪ ڪوئٽيا جي دوست آسرو ڏنو آهي.“ پوءِ ڇوڪري ڊاڪٽر جي ڀاءُ جي ڪوئٽيا واري دوست جو نالو، ائڊريس ۽ ٽيليفون نمبر ڏنو. ٽيليفون ڪئيسي ته ڇوڪري جي دوست کنئي. ان سنئون سڌو ٻڌايو ته ڇوڪرو وٽس آھي. مون ڊاڪٽر کي ٺاھوڪي دٻ ڏني ته؛ ”بچه بغل مين، ڍنڍورا شھر مين. صحيح نموني سان جانچ ڪرڻ کان سواءِ لاڙڪاڻي وارن کي کڻي بدنام ڪيئي.“ پوءِ ڊاڪٽر، ڀاءُ کي سھراب ڳوٺ ۾ ڳولهي لڌو. اھو پٺاڻ ڊاڪٽر ايڏو ته ڳڻ چور نڪتو، جو علي شير جو ٽيليفون تي ٿورو ته نه مڃيائين. پر منهنجي شڪايت ڪيائين ته مان سندس بي عزتي ڪئي آهي. علي شير ان کي نه ڪا ميار ڏني ۽ نه وري ڪا شڪوه ڪئي. اهو واقعو مون هڪ مثال طور بيان ڪيو، ٻيا به اھڙا کوڙ واقعا...

--- ۵ ---

مهمان ڪنهن پاڙيواري، مٽ مائٽ، دوست دَڙي جو هوندو. اهو علي شير جي اوطاق تي پھچائي پاڻ فرنو ٿي ڪمين ڪارين لڳي ويندو، ايئن جيئن چيو ويندو آھي ته ”مامي جي گھر مزمان، اسان جي دل کي لوڏو ئي نه....!“

 ھڪ چوڻي آھي ته ”واندو ماڻهو، الله جو مهمان!“ پر لاڙڪاڻي جي ”سڪو تلاءَ“ پاڙي ۾ واندو ماڻهو علي شير جو مهمان هوندو هيو. ائين اسان پارا کوڙ واندا، ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن. علي شير جي اوطاق جون ڪرسيون ڇنندا رھيا آهن. شابس آھي سندس گھر ڀاتياڻين کي جيڪي چانھيون مانيون ٺاھينديون رهيون آھن. ڍوئيءَ جو ڪم پهريان علي شير جي ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن منظور حسين (هاڻي ايسوسئيٽ پروفيسر)، عبداللطيف (ھاڻي ڪراچي ۾ ڊاڪٽر) ڪيو. پوءِ ننڍين نياڻين ۽ ھاڻي پٽڙا فاروق علي ۽ گڊو (محمود خان) ڪندا رھن ٿا.

نه ڪو ماڻهو گنجي ٿيڻ سان سقراط ٿي سگھي ٿو، نه مڇون رکرائڻ سان آئن اسٽائن، نه ڏاڙهي رکرائڻ سان مولانا روم ۽ نه ڪو پاڙهو شخص افلاطون يا ارسطو. ماڻهوءَ جو ڪو جينيٽڪ سڀاءُ آهي يا وري عقل سليم (ڪامن سينس). اهو سندس شخصيت ٺاھي ٿو. علي شير جي متوازن شخصيت ٺاھڻ ۾ سندس والد جو جينياتي ورتاءُ ضرور هوندو، پر پنهنجي ھمت، محنت ۽ عملي جدوجھد جو گھڻو عمل دخل رهيو اٿس. ان تي ٿوري نظر وجھجي ته پاڻهئين اندازو ٿي ويندو.

علي شير زولاجي ۾ ”بي ايس سي“ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خاندان جو ڀرجھلو ٿيڻ لاءِ پهريان پيپلز ورڪس پروگرام ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ ٿيو، پوءِ نيوڪلر ميڊيڪل سينٽر لاڙڪاڻي ۾ سائنٽفڪ اسسٽنٽ ٿيو. انهيءَ دؤران سندس شادي خانه آبادي ٿي. مان ڄامشوري ۾ ايم. اي سوشيالاجي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي. اتي تيز فھم ۽ داناءَ دوست گھڻا مليا، پر علي شير جھڙو دلڌير ڪٿي...! موڪلن ۾ موٽبو ته علي شير جي اوطاق تي ساڳيون ڪچهريون قائم. علي شير پنهنجي ملنسار طبيعت هئڻ ڪري دوستيءَ جو دائرو وڌائي چڪو هيو. سنگت ۾ ٻيا سٺا دوست شامل ٿي چڪا هيا. روزانو ڪچهري ڪرڻ وارن ۾ خادم حسين، رميش پارواڻي، ڊاڪٽر مولابخش، مرتضيٰ ڪلهوڙو، صفدر مغل، آفتاب مغل، شعيب عمراڻي، مختيار مغل، منير سومرو، علي محمد شيخ، نذير شيخ، هدايت منگي ۽ ٻيا ڪيئي شامل هوندا هيا. ان کان سواءِ نيوڪلر ميڊيڪل سينٽر جي اسٽاف جا ڇھ ست ماڻهو، جيڪي نوڪري گھٽ ڊپارٽمينٽل سياست گھڻي ڪندا هيا. تن هن حضور شرم ماڻهو کي اڳيان ڪري بالا آفيسرن سان اٽڪائي ڇڏيو. علي شير اڳواڻيءَ جا فرائض انتهائي همت ۽ سرجوشي سان انجام ڏنا. پر هن فقير کي اها خبر نه پئي ته جيڪي شام جو سندس اوطاق تي اچي حوال ڪٽين ٿا، سي بالا آفيسرن جا مخبر ۽ بلئڪ ميلر آهن. نتيجي ۾ سندس بالا آفيسرن سان کٽ پٽ وڌي وئي. شيطان صفت اسٽاف بالا آفيسرن سان ٺهي پنهنجا پروموشن وٺي بالم ٿي ويهي رهيا. علي شير دلبرداشت ضرور ٿيو، پر همت نه هاري. ڪجھ عرصي کانپوءِ ٺهي ٺڪي نوڪري ڇڏي ”وئيٿ فارماسيٽيڪل ڪمپني“ ۾ سيلز آفيسر ٿيو. ان کان پوءِ ”بائر پاڪستان“ ۾ ايريا مئنيجر بڻيو. انهيءَ دؤران نيوڪليئر سينٽر اسٽاف جا ڪجھ ماڻھو پنهنجي صفائي ڏيڻ لاءِ وٽس ايندا رھندا ھيا. پر هن اشراف ڪنهن کي ڏوراپو نه ڏنو. شاھ سائين جي ان اَمر سِٽَ جيان، ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙُ سي ئي ڪَن.“

اهو وڻ ڪهڙو جنهن کي ھوا نه لڳي ھجي. علي شير سراپا سنڌي صورت وند. ڪڻڪ رنگو، مٿو ۽ لؤڻا ويٺل، ڪتابي چهري ۽ قد ڪاٺ هوندي به ڪنهن من موهڻي چنچل ناري يا نر کي اک کڻي نه نهاريو. اٺ ڪتابن جا پڙهڻ جي باوجود به اسان ۾ ڦڏ ڦير هيو. ضروري ناھي ته عقل، فهم ۽ ادراڪ انهن وٽ ھجي جيڪي گھڻ پڙهيا هجن. چڱا ڀلا سياڻا سيبتا پڙهيل ڪڙهيل جيڪي شرافت ۽ پاڪدامني جو درس ڏيندا وتندا ھيا، تن کي سياڻن ڪانون وانگر وٺين تي ويهندي ڏٺوسي. پاڻ نه پلين، ڏوجھان جھلين. جڏهن ته علي شير ڪڏهن به پنهنجي شرافت ۽ صداقت جو نه دم هنيو، نه دعويٰ ڪئي. جيڪو ڪجھ ڪيو، عملي طور ڪري ڏيکاريو. منجهس نه گلا غيبت جي عادت، نه لائي چائي جي. ھميشه گفتو ڪڍبو ته سٺو ڪڍبو. علي شير جي مزاح جي حس به اعلي درجي جي رهي آهي. ڪڏهن به گارگند وارو ڪچو چرچو نه. پڪي چرچي ۽ ڪچي چرچي ۾ فرق اهو آهي، ته پڪي چرچي ۾ گھرائي گيرائي گھڻي ٿئي ٿي. جڏهن به ياد ڪجي ٿو ته چپن تي ازخود مشڪ تري اچي ٿي. جڏهن ته ڪچو چرچو ٻڌي ماڻهو ٻٽا ٽهڪ ضرور ڏئي ٿو، پر ان ۾ سطحي پڻو ۽ تضحيڪ جو عنصر غالب هجي ٿو. پڪو چرچو خصوصن سنجيده ۽ سماني سنگت وارن ماڻهن وٽ ٻڌڻ ۾ ايندو، جڏهن ته ڪچو چرچو عمومن سطحي ۽ ٽوٽ ٽرڙن وٽ عام جام هلندو آهي.

هڪ دفعي مرحوم خالد اقبال ميمڻ (پي پي پي جو شريف ترين ايم اين اي) جي اوطاق تي ويٺا هياسي. اسان جو هڪ دوست، نالو نه ٿو کڻجي، سندس اعلي اخلاق ئي بيان ڪري سگھجي ٿو. خالد اقبال جي لينڊ لائن ٽيليفون مس-يوز ڪندي پنهنجي هڪ کوچري محبوبه سان پئي ڳالهايو ۽ بار بار کيس اهو ڊائلاگ پئي هنيائين ته ”ڪُتي ڇا حال ٿئي؟“ سڀني کي سندس اهو انداز ناگوار پئي لڳو. خالد اقبال شريف ماڻهو ان صرف ايترو چيس ته ”تون ان کي ڪتي سڏين ٿو، موٽ ۾ اها ڇا ٿي چوئي؟“... علي شير هڪدم وراڻيو؛ ”اها موٽ ۾ چويس ٿي ته عزتِ ماب، جناب، مانوارا سائين!“

اهو ٻڌي ويٺلن کان بي تحاشا ٽهڪ نڪري ويا. همراه شڪي ٿي کڻي ڪريڊل تي رسيور رکيو. ڪيترو عرصو ته سنگت کيس اصلي نالي سان سڏڻ بجاءِ ”عزتِ ماب، جناب، مانوارا سائين!“ ڪري سڏيندا هيا. ھمراھ شڪي ٿي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هيو....

--- ۶ ---

علي شير جي ڪا روايتي اوطاق نه هئي. پر دارالادب ھئي. پندرنهن روزه ”سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو“ جي ھڪ گڏجاڻي موهن جي دڙي تي ۽ ٻي علي شير جي اوطاق تي ٿيندي هئي. جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، حاڪم علي شاھ بخاري، ھدايت منگي، ڪليم الله لاشاري، شعيب عمراڻي، منظور ظفر (ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو) ڪنعيو گيانچنداڻي، محمد علي پٺاڻ جھڙا صاحبِ علم، ادب دان ۽ نڪته دان شرڪت ڪندا ھيا. ھڪڙي دفعي ته مانَ-واري سحر رضوي به اچي شريڪ ٿي ھئي. انهن پروگرامن جي چانھ پاڻيءَ جو انتظام به علي شير جي سر تي هوندو هيو. نه صرف اهو پر شام جو صحافي دوست به خبرن موڪلڻ جا کڦا دڦا لاهي علي شير جي اوطاق تي ڪٺا ٿيندا ھيا. جن ۾ انگريزي اخبار ”ڊان“ جو بيوريو چيف ڊاڪٽر مولابخش ڪلھوڙو، ”ھلالِ پاڪستان“ جو بيورو چيف ھدايت منگي، اخبار ”ھلچل“ جو مرتضيٰ ڪلھوڙو، ۽ ”سچ“ اخبار جو منير سومرو، ”جسارت“ اخبار جو بيورو چيف عبدالحميد شيخ به ايندو رھندو ھيو. سندن بحث جو موضوع عمومًا سياست هوندي ھئي. منير سومرو ممتاز علي ڀٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ جي ڀر کڻندو هيو، سندس ڀاءُ جميل سومرو ممتاز ڀٽي جو خاص الخاص ڪارڪن ھيو. جڏهن ته مرتضيٰ ڪلھوڙي جي مٿانئس ڇتي تنقيد ھوندي هئي. ھدايت منگي پيپلز پارٽي جي سڌيءَ طرح نه پر اڻ سڌيءَ طرح حمايت ڪندو ھيو. عبدالحميد شيخ جو تعلق جماعت اسلامي سان هيو، سو سڀني جون اوڻايون پوڻايون، ايچون پيچون ڪڍي ٻاھر رکندو هيو، سواءِ جماعت اسلامي جي. ڊاڪٽر مولا بخش اڪثر غير جانبدار رهندو ھيو. اڳتي ھلي عبدالحميد شيخ مسلم ليگي (نون) ٿي ويو ۽ نواز شريف جو ايڊوائزر بڻيو. منير سومري جو ڀاءُ جميل سومرو پيپلز پارٽي ۾شامل ٿيو ته منير سومرو به پيپلو ٿي ويو. موقع پرست سياست ٿيندي ئي ائين آهي ته ”جي وقت ڪري واڪا، ته گھوڙو گڏھ کي چئي ڪاڪا!“

اوطاق تي نه صرف ادبي محفلون يا سياسي مناظرا ٿيندا ھيا، بلڪه وندر ۽ ورونهن جو سامان به موجود هيو. خاص ڪري موڪل واري ڏينهن تي منجھند جو تاس جي بازي ”رنگ وار“ يا لوڊي راند جو مقابلو ٿيندو. رنگ وار ۾، مان علي شير جو جوڙ هوندو هيس. جواهر لال اوڏ جو جوڙ رسول بخش سومرو (يو بي ايل جو مئنيجر) هوندو هيو. علي شير جي منصوبه بندي جي ڪري عمومًا اسان جو جوڙ کٽندو ھيو. باقي لوڊي واري راند انفرادي هوندي هئي. ان ۾ کٽائن ڀاڳ. لوڊي جي رانديگرن ۾ مون سان گڏ رميش پارواڻي، ڪرشن چاولا، صفدر مغل، آفتاب مغل يا علي شير ھوندا ھيا. ھارائڻ وارن کي نيڻومل جي ھوٽل جون چاپون ۽ ڦلڪا کارائڻا پوندا ھيا. رميش لال پارواڻي عمومًا ھارائيندو ھيو، پر ھارائڻ ۾ خوش. پاڻ سميت ھارائڻ وارن جا جمع ٿيل پئسا کڻي، ون-ٽو-فائيو-موٽر سائيڪل تي چڙهي اھو ٿو وڃي زوڪاٽ ڪندو، ھوٽل تي. منجھند جو چاپون ۽ ڦلڪا گڏ کائبا. اونهارو هوندو ته شربت، سيارو هوندو ته چانھ پي ھر ڪو وري شام جي ٽائيم تي ملڻ جو واعدو ڪري نڪري ويندو.

اوطاق ۾ آھستي آهستي، سومهياڻيءَ تائين سڀ گڏ ٿيندا. سومهياڻيءَ کان پوءِ واري ڪچهريءَ جو رنگ، ڀوڳن ۽ چرچن وارو هوندو. جنهن ۾ علي محمد شيخ جي خاص شرڪت هوندي هئي. جنهن سان چرچي جي کؤنس پهريان نذير احمد شيخ ڪندو هيو. لاڙڪاڻي ۾ شيخ جو شيخ کي ٽارگيٽ ڪرڻ تي حيرت ٿيندي ھئي. (پر پوءِ خبر پئي ته نذيراحمد اصل شهداڪوٽي شيخ آهي. جنهن کي لاڙڪاڻي وارا گاھ ئي نه ٿا وجھن. جڏهن وڌئونس ته خير سان شيخ برادري جو صدر به ٿي ويو ته ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جو ميئر به ٿي ويو.) ان کان پوءِ سڀئي ”ڀون! ڀون!“ ڪري وٺي ويندس. چرچا ھڻي دون سڄائي ڇڏيندس. ڪاٿي هڪ ماڻهو، ڪاٿي ڏھ ٻارنهن. ٻئي دفعي سندس اچڻ کان اڳ علي شير چوندو هيو ته ”يار! سڀئي ائين ٿا وٺ ڪيوس، جيئن ڪانءَ ٺوڙھي کي وٺن. ٻيلي ڪجھ رحم ڪيوس!“ طئي ٿيندو هيو ته اڳتي کيس ٽارگيٽ نه ڪبو. پر پاڻ کي ئي کٽي کڻندي ھيس. جيئن ئي ايندو ته ڪنهن ويٺل کي خاموش ڏسي چوندو هيو ته ”ويٺو ائين آ ڄڻ بي واھي اسٽيشن تي ويٺي هجي!“ بس ته پوءِ وري وٺ وٺ ٿي ويندس. ايستائين جو سندس پراڻو ۽ گھاٽو دوست آفتاب مغل به ٽؤڻا ھڻي ڪڍندس. پر علي محمد موٽ ڏيڻ کان اصل نه مڙندو.

جيئن ته سنگت ۾ ٽاپ جو سريلو ھيو. محفل برخواست ٿيڻ کان اڳ سڀئي کيس گاني ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا ھيا. مهدي حسن ۽ محمد يوسف جي غزلن ۽ ڪلامن تي ڪمانڊ ھيس. ڳائي ته محفل جھومائي ڇڏي، خاص ڪري رشيد احمد لاشاري جو فلم ”شهرو فيروز“ لاءِ لکيل ھي گانو ڳائيندو ھيو ته سڀئي ”واھ، واھ!!“ ڪرڻ ۽ تاڙين وڄائڻ تي مجبور ٿي ويندا ھيا،

راحت ملي ٿي درد ۾، مان پيار تان صدقي،

هن پيار تان صدقي.....

دلدار غم عطا ڪيو، دلدار تان صدقي

هن پيار تان صدقي.....

--- ۷ --

محترم علي محمد شيخ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندڙ سرڳواسي ”ڪيلاش خوب چنداڻي“ ياد ڏياريو ته مير عبدالحسين سانگيءَ جو اھو شعر ياد آيو ته

ياد ڪيو، ياد ڪيو، ياد ڪيوسي،

وسري جي وڃن دل تان لھي دوست پراڻا،

 ڪيلاش، (پروفيسر محترم سندر داس خوبچنداڻي جو ڀاءُ) عوامي تحريڪ جو ڪارڪن ۽ زندھ دل انسان ھيو. اسان کيس پيار ۾ ”قلاش“ سڏيندا ھياسي. پنهنجا سگريٽ هوندي سوندي به ٻين کان وٺي پيئندو ھيو. مان چوندو ھيومانس ته ”ڪيلاش! پنهنجا سگريٽ ڇو نه ٿو پيئين..؟“ وراڻيندو ھيو ته ”استاد! جيڪو مزو ٻين جي سگريٽ پيئڻ ۾ آ، پنهنجن ۾ ڪاٿي!“ مون کي استاد ان ڪري سڏيندو هيو، جو هڪ دفعي چيائين؛ ”منظور سائين! واڻيا، ھوندي سوندي به لائيف انشورنس پاليسي نه ٿا وٺن. تون به جھاز ڪتابن جا پڙهيون ويٺو آن، اھڙو ڪو گُر ٻڌاءِ ته واڻين جي ھرديي ۾ ڪا ديا ۽ ڪوملتا اچي، ۽ منهنجو جھان هلي پئي.“

مان کيس گرونانڪ جي واڻي ٻڌائيندي چيو ته پهريان اها ٻڌائي، پوءِ کين ڪنوينس ڪندو ڪر!

”ڪرڻو ھيو سو نا ڪيو، پڙيو لوڀ ڪي سنگ،

نانڪ سمئي رم گيو، اب ڪيون رووت انڌ.“

ھن اھا ڊائري تي لکي، ۽ موڪلائي ھليو ويو، ٻئي ڏينهن تي شام جو علي شير جي اوطاق تي آيو ۽ پيرن تي ھٿ رکندي چيائين، ته ”ٻن واڻين کي واڻي ٻڌائيندي چيم ته ”ھيءَ واڻي بابا گرونانڪ جي آ، منهنجي بابي جي ناهي. ڪن لائي ٻڌو. گرو فرمائي ٿو ته جيڪو توهان کي ڪرڻو آ سو ڪيو ئي نه ٿا يعني پاليسي وٺو ئي نه ٿا. رڳو موھ، لوڀ ۽ ڪٺورتا جي ڪڍ پيا آھيو. جڏهن انڌئو سمئه گذري ويندو، تڏهن روئڻ مان ڪهڙو فائدو. پوءِ لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ ۾ دير ئي نه ڪيائون. اڄ کان وٺي توهان منهنجا استاد آھيو! ٻيون به ڪي اھڙيون واڻيون ٻڌايو ته منهنجي گلشن جو ڪاروبار سٺي نموني سان ھلي!“ مان کيس ڪجھ ڀڳت ڪبير ۽ تلسي داس جا دوھا، ساميءَ جا سلوڪ ۽ شاھ جا بيت ٻڌايا، جيڪي هن ڊائريءَ تي نوٽ ڪري ڇڏيا.

ڪيلاش جو ڊائريءَ ۾ ساھ ائين هوندو هيو، جيئن ديو جو طوطي ۾. جي سنگت جو موڊ پڪوڙن يا مٺائي کائڻ جو ٿيندو هيو ته سندس اڌوراڻي موٽر سائيڪل جي ڪيريئر يا ھينڊل ۾ ڦاسايل ڊائري کسڪائي وٺندا هيا. خاص ڪري اهو ڪم منير سومرو يا رميش پارواڻي فينستائي سان ڪري وٺندا هيا. پوءِ سنگت مان ڪو حجت ڪري چوندو هيس؛ ”قلاش! پڪوڙا ته کاراءِ!“

وراڻيندو هيو ته ”مان پاڻ دکيون ٿو هڻائيندو وتان، توهان کي پڪوڙن جي لڳي آهي!“

”چڱو پوءِ ڊائري به ملي ٿي!“ ڊائري-چور چوندس.

ائين لڳندو ھيو ڄڻ وڇون ڏنگ ھڻي ڪڍيس؛ ”ابا ڙي!“ ڪري اٿندو، موٽر سائيڪل جاچيندو. ھٿ ٻڌندو، قسم کڻي چوندو ته پئسا ڪونهن. پينٽ جا خالي کيسا ڏيکاري چوندو ته سکڻا کيسا ڀائرن تان قربان. ڪا واھ نه ڏسندو ته ايلاز ڪندو ته اوڌر جي ماءُ ناهي مئي، اوڌر ڏيو!. پر جڏهن ڪجھ نه ورندس ته آخر ۾ ھار مڃي جورابن مان پئسا ڪڍي چوندو، ڊائري استاد کي ڏيو، پڪوڙا وٺي ٿو اچان؟“

پوءِ سؤ کن جا پڪوڙا وٺي ايندو ۽ چوندو؛ ”مان به مان آھيان، پر توهان چورن مٿان مور آهيو.“

ھڪ دفعي رسول بخش پليجي صاحب جي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ تقرير ھجي، اسان کي چيائين ته ضرور اچجو. اسان جي سنگت ۾ سڀئي کلئي دل جا مالڪ ھيا، خاص ڪري جيڪڏهن ڪو ڪانڍ ڏيندو ھيو ته ضرور ويندا ھياسي. پليجي صاحب جي تقرير مدلل ۽ حوالن سان ڀرپور ۽ ٻڌڻ وٽان هوندي ھئي. ڪيلاش اسان کي ڏٺو ته خوش ٿيو. ھٿ ۾ ڪئميرا هجيس. اسان کي اسٽيج جي ڀرسان ويھاري، تڙ تڪڙ ۾ فليش جي چمڪي سان اٺ ڏھ فوٽو ڪڍي ورتائين. پوءِ تقرير دؤران ڏٺوسي تي ڪڏهن فوٽوگرافرن سان گڏ مٿي اسٽيج تي چڙهي وڃي، ڪڏهن هيٺ لهي اچي، پر فوٽو ڪڍڻ جي ڌم هجيس. جلسو ختم ٿيو ته اسان وٽ آيو. ان زماني ۾ عمومن ٻٽيهن يا ڇٽيهن فوٽن جو رول هوندو هيو. مان اندازو هنيو ته ھن سؤ سوا فوٽو ته ڪڍي ورتا ھوندا. پر ھن کي ڪئميرا ۾ رول وجھندي نه ڏٺم. پنهنجي شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ کانئس ڪئميرا وٺي کوليم ته بنا رول جي ھئي. چيومانس؛ ”ھي ڇا؟“ کلندي وراڻيائين، ”استاد!. مڙئي مان به فوٽوگرافرن جي لسٽ ۾ نالو لکرائي ڇڏيو... پرواھ نه ڪيو، توهان جا فوٽو ملي ويندا. گھڻن ڪڍيا آهن!“

ھڪ ڏينهن علي شير جي اوطاق تي منهنجي پيرن تي ھٿ رکي چيائين ته ”استاد! ھندوستان ٿو وڃان. توهان لاءِ ڇا آڻيان؟“ ٿوري ٿڪي ھندي پڙھڻ ۽ لکڻ ٻي درجي پرائمري جي استاد ”حڪومت راءِ“ کان سکي ورتي ھئي. پر جڏهن هندي جو فڪشن (افسانوي ادب) پڙھڻ شروع ڪيو ته ڏکيا شبد ماري منجھائيندا ھيا. سو چيومانس؛ ”جي ٿي سگھئي ته هندي ٽو انگريزي يا سنڌي ڊڪشنري وٺي اچجانءِ!“

ڪجھ مھينن کان پوءِ گھر آيو ۽ چيائين؛ ”استاد! هندوستان مان توهان لاءِ ڊڪشنري وٺي آيو آھيان. ڏسي دل خوش ٿي ويندوَ!“ اوطاق کولي ويهاريومانس. مانجھاندي جو ٽاڻو هيو. ماني گڏ کاڌيسي. چانھ پيئڻ کان پوءِ پڇيومانس؛ ”ڊڪشنري علي شير جي اوطاق تي رکين آئين ڇا؟“

وراڻيائين، ”نه استاد! کيسي ۾ پئي آ“ ائين چئي کيسي مان پاڪيٽ ڊڪشنري هندي ٽو انگلش ڪڍي اڳيان رکيائين. مان ننڍڙي ڊڪشنري موٽائي ڏيندي چيومانس؛ ”اڙي! ھيءَ ته ٽوئرسٽ لاءِ هوندي آهي. منهنجي ڪهڙي ڪم جي..؟“

شاھ سائين جي بيت جي اھا سٽ ٻڌائيندي چيائين؛ ”آسر م لاھيج، سڄڻ سٻاجھو گھڻو!... استاد! ٻيھر هندوستان ويس ته تو لاءِ ريل جي گاڏي تي وڏي ڊڪشنري کڻائي ايندس. ھيءَ ته مھرباني ڪري وٺو. مان معصوم جي دل نه ٽوڙيو!“

”ڪيلاش! نه توکي ڏيندي شرم آيو، ۽ نه مون کي وٺندي اچي!“ مان وٺندي چيومانس. شام جو علي شير جي اوطاق تي سنگت کي ٻڌايم، سڀئي کلندي ڪيلاش جو پاسو کڻي ويا. چيائون، ”تو ڊڪشنري جي وضاحت نه ڪئي ھئي ته ڪيلاش جو ڪهڙو ڏوھ؛ جھڙي تھڙي هن ويچاري آندي ته سهي.“

جنهن ڏينهن سندر خوبچنداڻي سندس مرتيه جو ٻڌايو ته ڏاڍو ڏک ٿيو ته سمهندي سگريٽ پئي پيتائين ته اوچتو دل جو دؤرو پيس. پوءِ ساھ تو ڏٺو نه مان ڏٺو....

سچ ته زندگي بس ايتري آھي...

ھوا جو جھوٽو يا پاڻيءَ جي لھر، آئي ۽ وئي............

--- ۸ ---

سگھڙن جا ٻول سادا، پر زندگيءَ جي مشاھدي سان سلھاڙيل ھوندا آھن. مثلن، جيئن ھڪ ٻول جي سٽ آھي ته ”ڪانهن ڪمند نه ٿئي، توڙي ڳري چاڙھي ڳَرُ...“ ڪي ماڻهو اھڙا بد اطوار ۽ بد بڻياد به ٿين ٿا. جن جي لاءِ سياڻن سچ چيو آهي ته جنهن جو بد بڻياد، تنهنجو ميوو مٺو ئي نه ٿئي.

علي شير جي اوطاق تي ڪي اھڙا به احسان فراموش ڏٺاسي جو سندن بداخلاقي ۽ بد تھذيبي تي ڏندين آڱريون اچي ويون. هڪڙو علي شير جو انٽرميڊيئٽ ۾ ھم ڪلاسي، تعلق نصير آباد تعلقي سان ھيس. جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳو ته هن علي شير کي چيو ته مالي مشڪلات جي ڪري، هو ھاسٽل ۽ ڪئنٽين جو خرچ افورڊ نه ٿو ڪري سگھي. ان ڪري سندس اوطاق تي رھڻ چاھي ٿو. علي شير دل وڏي ڪندي ڄڻ ائين چيس ته ”چشم ما روشن، دلِ ما شاد!“ پوءِ ٽئي وقت ماني کيس اوطاق تي ملندي هئي. نه صرف پاڻ، پر سندس والد صاحب جيڪو پوليس ۾ جمعدار هيو، سو به اچي ٽڪندو ھيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا آخري پورا ٻه سال سندس اوطاق ۾ رهيو. پر جيئن ئي کيس جاب مليو ته وري ڀلجي به منهن نه ڪيائين. ھڪ ٻي احسان ناشناس جي به ڳالھ ڪري ڇڏجي. علي شير ڊسٽرڪٽ جي ھاڪي ٽيم سان راند کيڏندو هيو. اتي ھڪ چرب زبان چاپلوس قسم جو گول ڪيپر هيو. جيڪو علي شير کي پيو ايلاز ڪندو ھيو ته کيس فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪليئر ڪرائي ته جيئن ھو پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿي سگھي. علي شير اھو بار مون تي رکيو. مان وري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ دوست سهيل مڪاني تي. اسان ٻنهي دامي درمي قدمي سخني سندس مدد ڪئي. جيئن ئي سندس انٽرميڊئٽ ڪليئر ٿي. ھمراھ جو صوبيدار ٿيڻ وارو خواب پورو ٿيو. اوطاق تي اچڻ ته ڇا ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين. بندر روڊ لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ گھر هوندو ھيس، اسان کي ڏسي ته رستو مٽائي وڃي. مان علي شير کي ٽوڪيندو ھيس، ته ”اجائي ان بي وڙي جي مدد ڪئيسي!“

کلي وراڻيندو هيو؛ ”تون اپڻي توڙ نڀاءِ، اوهندي او ڄاڻي...!“

علي شير ته ڪجھ دوستن کي پرائيويٽ جاب به وٺي ڏنا. جيئن ئي اھي پوءِ-ڍاوا ٿيا ته سندن ڦوسي ڪاپار تي ٿي وئي. ائين نه ھو، ته ڪو سڀ اھڙا ھيا، ڪي ڳُڻ ڳنڍ پائڻ وارا به هيا، جن سندس اوطاق تي قرب واري ڪچهري ڪندي صرف چانھ جو ڍڪ پيتو ھيو، پر دم دوستيءَ جو ڀريندا آيا ۽ اچن ٿا. تن ۾ مرحوم ڊاڪٽر ذوالفقار جيھو، ڊاڪٽر اشفاق احمد ڀٽو، ڊاڪٽر برڪت علي جھتيال جھڙا ٻيا ڪيترا ئي سنجيده ۽ معتبر ماڻهو شامل آھن. هڪ شخص ته زندگي ڀر علي شير جا ڳڻ ڳائيندو رھيو، سو ھيو مختيار احمد مغل. سندس بي روزگاري جو دؤر هيو. منهنجي سامهون علي شير کي چيائين ته؛ ”يار! مان پرائيويٽ ايم اي سوشيالاجي ڪرڻ ٿو چاهيان. سچل ڪاليج ۾ ايڊميشن فارم ڀرجي رهيا آهن. داخلا جا پئسا ۽ ڪتاب ڪونهن. ھاڻي جي سنگت مدد ڪري سگھي ته مهرباني ٿيندي!“ علي شير کي ان وقت سندس حال جي خبر ھئي. هن وراڻيس؛ ”ادا! داخلا جا پئسا منهنجي بِلي، ڪتابن ۽ نوٽس جو بندوبست منظور جي بِلي. ان سلسلي ۾ ٻي ڪا مدد درڪار هوندي ته به ڪبي.“ علي شير کيس ھڪدم داخلا جا پئسا کيسي مان ڪڍي ڏنا، مان ڪتابن ۽ نوٽس جو بندوبست ڪيو. ائين ھمراھ جو ڳھو چڙهي ويو. سندس ماسٽرس ٿي وئي. پوءِ ھن کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ به جاب ملي وئي. مختيار احمد مغل جو تذڪره نڪتو ته اھو ٻڌائيندو هلان ته سنگت ۾ هن جھڙي اعلى درجي جي وضع قطع رکندڙ ۽ سليقه شعار ٻيو ڪو نه هيو. ڏسڻ سان لڳندو هيو، ته ڄڻ کيس ڌوٻي کنڀ مان ڪڍي، تار تي سڪائي، ھاڻي ھاڻي ڪپڙن سوڌو استري ڪري ڪڍيو هجي. نفاست نزاڪت ۽ صفائي پسند ايڏو ھيو، جو ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ ڪرسيءَ کي چڱيءَ طرح جاچي جوچي ڏسندو ھيو ته ميري سيري ته ناهي. جي آهي ته ويهڻ کان اڳ کيس چڱيءَ ريت ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪندو. ويهندو به اهڙي طرح جو مجال آ ڪپڙي کي گھنج اچي. وري ڳالهين جو ڳهير اهڙو، جي ڳالھ کڻي ته طلسم هوشربا يا داستان امير حمزه ٿي وڃي.

--- ۹ ---

(ماسٽرس جمنازم ڪلب لاڙڪاڻي جو ابتدائي دؤر، جنهن ۾ ويٺلن جي وچ ۾ ڪليم الله لاشاري، ساڄي مان يعني منظور ڪوهيار ۽ کاٻي پاسي ڏاڙهيءَ سان مختيار احمد مغل ويٺو آھي.)

ڪليم الله لاشاري ڪراچيءَ مان ڪو نئون ڪتاب وٺي ايندو هيو ته ان بابت سنگت کي ضرور ٻڌائيندو هيو. پشاور جي هوائي اڏي ”بڊبير“ تان آمريڪي جاسوس جھاز ”يو ٽو“ جو قصو سويت يونين جي وزيراعظم ”نڪيٽا خروشوچوف“ جي سوانح حيات مان پڙهي آيو ته هن علي شير جي اوطاق تي اڌ ڪلاڪ اندر ٻڌائي سنگت جي معلومات ۾ اضافو ڪيو. ڪنهن غور سان ٻڌو، ڪنهن نه ٻڌو. پر مختيار مغل باقاعده ڪن ڏئي ٻڌو.

ھڪ ڏينهن، شام جو اوطاق تي مان، علي شير ۽ مختيار مغل ويٺا ھياسي. اڃا ٻي سنگت نه پهتي ھئي. علي شير جي ماسات غوث بخش رونگھي جا ٽي دليپ ڪمار ڪٽ دوست آيا. غوث بخش رونگهو دليپ ڪمار جو وڏو پرستار، پر ائين سمجھو ته عاشقن منجھان هڪ ھيو. (انهن دليپ ڪٽ دوستن جي چؤياري مشهور ھئي. سندن وارن جو اسٽائيل، ھٿن کڻڻ جو ڍنگ ۽ ڳالھائڻ جو انداز عين بين دليپ ڪمار وارو ھوندو ھيو.) اھي ھفتي اڌ ۾ علي شير جي اوطاق تي غوث بخش سان ڪچهري ڪرڻ ايندا ھيا. سندن ڪچھري جو موضوع عمومن دليپ ڪمار جا فلم ۽ اداڪاري هوندي ھئي. انهن غوث بخش جو پڇيو. علي شير کين ٻڌايو ته ڪنهن ڪم سان ٻاھر نڪري ويو آھي. کين ويهڻ لاءِ صلاحايائين. اهي ويٺا. علي شير گھر چانھ چئي آيو. جيئن ته اسان ٽنهي مان ڪو به آرٽسٽ يا دليپ-زده نه هيو. ان ڪري ماحول ۾ مڪمل خاموشي ھئي. مختيار مغل خاموشي ٽوڙيندي کانئن پڇيو؛ ”ڀائرو! فلمن ۽ ڊرامن ڏسڻ کانسواءِ ڪي ڪتاب به پڙهو ٿا يا نه؟“

”سائين، فرصت ڪٿي آهي جو ڪتاب پڙهجن!“ هڪڙي ھمراھ دليپ ڪمار اسٽائيل ۾ گھرو ساھ ڀريندي وراڻيو.

مختيار سمجھائيندي چيس؛ ”سائين! ڪتاب به پڙهڻ ضروري آهن ته جيئن دنيا جھان جي خبر پوي!“

”مثلن ڪهڙا ڪتاب؟ ٻي پڇيس.

”خروشوچوف جي سوانح حيات!“

”ان ۾ ڇا ھي؟“ ٽئين جستجو ڏيکاريس.

”يو ٽو جو وڏو قصو آھي، بادشاھ!“

”يو ٽو ڇا هي؟“ ٽنهي گڏيل انداز ۾ هڪ ٻئي کي ڏسي طنزيه انداز ۾ مشڪندي ڊائلاگ ھنيو.

اتي مختيار مغل کنگھي کڙڪي شروع ٿي ويو؛ ”شايد توهان دوستن کي اها خبر ڪونهي ته آمريڪا اهڙا ھوائي جھاز ٺاهيا آهن، جو هن وقت جيڪي ھتي ويٺا آهيون، اسان جون ستر هزار فوٽ جي اوچائي تان به چٽيون پٽيون تصويرون ڪڍي سگھن ٿا.“ ٽنهي فن شناسن ھڪدم دليپ ڪمار وانگر غور و فڪر وارو پوز ھڻي کاڏيءَ تي ھٿ رکيا ته مختيار مغل به سڌو ٿي ويٺو ۽ کين ٻڌائڻ شروع ڪيو؛ ”پهرين مئي ۱۹۶۰ تي، پشاور جي اڏي ’بڊ بير‘ تان ھڪ آمريڪي جاسوسي جھاز ’يو ٽو‘ اُڏي ٿو....“ ڳالھ کي ٿورو وقفو ڏئي، ھن تجسس وڌايو ته اھل فن ڪرسيون اڳڀرو ڪري، مختيار مغل جي ويجھو ٿي ڪن سرلا ڪري ويٺا. ”اھو هڪ جاسوسي جھاز ’يو ٽو‘ هيو. هن جي پائلٽ جو نالو ’گري پاورس‘ هيو.“ ائين چئي مختيار احمد مغل، تصوراتي سگھ سان آمريڪي پائلٽ سان گڏ ڪاڪ پِٽ ۾ ٽپو ڏئي ويهي رهيو ۽ کين ٻڌائيندو هليو ته افغانستان مٿان پهچندي، جھاز جي رفتار ڇا هئي. سويت يونين جي رياست ازبڪستان مٿان هلڻ لڳو ته سندس اوچائي ڪيتري هئي. جڏهن ريڊار ۾ نظر ۾ آيو ته ڪيئن جاسوسي اداري ”ڪي جي بي“ جي دفتر ۾ هلچل مچي وئي. پر ”يو ٽو“ جو آمريڪي پائلٽ بي ڌڙڪو ۽ فرنو لڳو ويٺو رهيو. هن کي خبر هئي، ته سويت يونين جو مگ ۱۹ ايتري اوچائي تي کيس نه ٿو روڪي سگھي. ”يو ٽو“ جڏهن قزاقستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيو ته اوچائي سٺ هزار فوٽن تي هيس. پر پائلٽ بي پرواه هيو. کيس اها ڄاڻ هئي ته سويت يونين جو ’ايس يو نائن‘ جھاز به جي سندس پٺيان پيو ته رسي نه سگھندو. هو بي فڪرو ٿي، جڏهن روس جي سرحد ۾ پهتو ته پائلٽ اوچائي اڃا وڌائي اٺهٺ هزار فوٽ ڪري ڇڏي. هاڻي هو روس جي شهر ’سوردلوسڪ‘ (يڪترينه برگ) مٿان آرام سان سئي جھڙي سنهي شئي جي به فوٽوگرافي ڪري رهيو هيو ته هيٺان زمين تي هينڊ گلوز پاتل هڪ ريڊ آرمي جي ڪرنل جي اشهد آڱر ڳاڙهي بٽڻ تي لڳي، ۽ ميزائل ”زرڙاٽ!“ ڪري نڪتو، پر اهڙو نڪتو جو پائلٽ کي تڏهن خبر پئي، جڏهن جھاز ڦرڻيءَ جيان ڦرندو هيٺ ڪرڻ لڳو. اتي پائلٽ لاءِ ٻه آپشن هيا ته هو ڳچيءَ ۾ ٻڌل چانديءَ جي سڪي ۾ لڳل زهريلي سئي کي جسم ۾ ٽنبي يا زنده رهي. هن فيصلو ڪيو، ته پئراشوٽ ذريعي زمين تي لهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. هن بٽڻ دٻايو، ته ازخود ڪاڪ پٽ کلي ويو. جيئن ئي پئراشوٽ کليو، ته پئراشوٽ جي سهاري لڏندو لمندو پائلٽ هيٺ لهڻ لڳو. هڪ پاسي پئراشوٽ تي ريڊار جي نظر هئي ۽ ٻي طرف هيٺان سوين اکيون کيس دوربين سان ڏسي رهيون هيون. جيئن ئي زمين تي لٿو، ته کيس هڪ ريڊ گارڊ ائين ڳٿڙ کان جھلي ورتو، جيئن ميانوالي جو جمعدار ملتاني بشني کي پڪڙي وٺي.“

مختيار مغل ڇھين وڳي شام جو شروع ڪيل قصو اٺين وڳي تائين بنان ساهيءَ جي ٻڌائي ڄڻ کين ڪلاسيڪل دؤر جي فلم ڏيکاري ڇڏي. فن جي ماھرن جو وات گودو ٿي چڪو هيو، سندن آڏو رکيل چانھ به ٿڌي ٿي وئي ھئي. انهيءَ دؤران غوث بخش رونگھو به اچي ويو. فنڪارن جي وڃڻ کانپوءِ مان کيس چيو؛ ”مختيار، فنڪار ڊرامن يا فلمن ۾ ڪٿارسس پيدا ڪري داد حاصل ڪندا آهن، اڄ ته تو فن جي صاحبن کي به مات ڏئي ڇڏي!“

سگريٽ دکائيندي، فلسفيانه انداز ۾ وراڻيائين؛ ”زنده ماڻهن جي صحبت ۾ خاموش تماشائي ٿي ويهڻ عيب آھي.“ اھو ساڳيو قصو، هن لاڙڪاڻي جي تماچي ھوٽل ۾، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي ڪنهن ٻي رنگ ڍنگ سان ٻڌائي سندن وات ورانڍ ڪري ڇڏيو ھيو......

علي شير کلندي چيو ھيس؛ ”مختيار! لڳي ائين ٿو ته اصلي ڪتاب ته تو پڙهيو آهي، ڪليم الله ته مڙئي حوالُ ڪٽيو هيو.“

خبر ئي نه پئي ته ڪجھ سال اڳ زنده ماڻهن جي ڪچهريءَ ۾ موت جھڙي خاموشي کي ٽوڙڻ وارو مختيار احمد مغل، پاڻ شهر خموشان ڏانهن راھي ٿي ويو. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته مرڻ نه مھورت پڇي، پڇي تٿ، نه وار....

--- ۱۰ ---

(پهريون انٽر ڪلب باڊي بلڊنگ ۾ لٿل هڪ گروپ فوٽو. ڪليم لاشاري وچ تي، ساڄي پاسي مان. منهنجي ڀرسان مور شاه، کاٻي پاسي کان ويٺلن جا نالا ياد ناهن. پٺيان بيٺل، ساڄي کان کاٻي علي حسن رونگھو، شڪيل شاھ، سعيد سهتو، ۽ زاهد ڀرڳڙي بلوچ. افسوس جو مختيار مغل جي گروپ جو فوٽو هٿ نه اچي سگھيو. ھٿ آيو ته ضرور رکبو.)

سال ۱۹۷۵ع ڌاري، لاڙڪاڻي شهر اندر، اندازن ننڍا وڏا مختلف قسم سينڊوز پهلواني (زور بار)، باڪسنگ ۽ تن سازي يعني باڊي بلڊنگ وغيره جا تيرنهن کن آکاڙا ھيا. انهن مان ڪجھ آکاڙا ته پنهنجي ڪارج جي حوالي سان ٺيڪ ٺاڪ هيا. پر گھڻا وري لونڊي بازي ۽ بدمعاشي جي حوالي سان ڏاڍا بدنام هيا. ان ڪري لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ مختلف رانديون کيڏندڙ دوستن ڪليم الله لاشاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ھيلٿ ڪلب ”ماسٽرس جمنازم“ جو بنياد رکيو. (جنهن جو ذڪر ڪليم الله جي خاڪي ۾ تفصيل سان ڪبو.)

ڪجھ مهينن کان پوءِ ڪليم الله لاشاري جي صلاح سان جمنازم جي مشھوري لاءِ ميمبرن وچ ۾ ”باڊي بلڊنگ“ جو مقابلو ڪرايو ويو ته جيئن نوجوان ڏسي راغب ٿين. مقابلي ۾ هر سنهي سڪي، ٿلهي ٿنڀري ميمبر کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. مختيار مغل جيئن ته ھاٺي ڪاٺي ۾ لئي جي گز جيان سنهڙو مڙس هيو. تنهن کي به سرٽيفڪيٽ ۽ ڪپ ملي ويو. جڏهن اهو کڻي شام جو علي شير جي اوطاق تي ڏيکارڻ لاءِ آيو ته ڪرشن ڏسي چيس ته؛ ”مختيار! هي تو کٽيو آهي؟“

وراڻيائين، ”ھا، پنهنجي ويٽ (وزن واري گروپ) ۾، پهريون نمبر آيس!“

ڪرشن چاولا چيس؛ ”پوءِ جن کان تو کٽيو هوندو، اهي باڊي بلڊر ته پاڻ اسٽريچر تي کڻائي آيا هوندا!“ بس ته پوءِ ٽهڪڙو مچي ويو. مختيار تڪڙ ۾ موڪلائي هليو ويو. ڪرشن چاولا سان چرچي ۾ ڪير نه پڄي سگھندو هيو. ڪنهن ڇيڙيس ته موٽ ۾ بنا فل اسٽاپ جي چار پنج چرچا هڻي ڪڍندو هيس. اونهاري جي موسم ۾ مرحوم ھدايت منگي (بهترين صحافي ۽ اديب دوست. الله جنت نصيب ڪريس) هڪ دفعو سخت گرمي جي شڪايت ڪندي چيو؛ ”پگھر جي ڪري بغلن مان ڌپ ئي نه ٿي وڃي. ڇا ڪجي؟“

ڪرشن چاولا وراڻيس؛ ”ڪامريڊ! فنائيل جون گوريون، بغل ۾ وجھي گھمندا ڪيو!“ ھدايت ڪڏهن ته ٿڌو مٽُ، ڪڏهن ٽانڊي تپڻو، صفا چڙي ويس. اسان ڳالھ کڻي ورتيسي ته ڪرشن ڊسٽرڪٽ بيڊ منٽن راند جو چئمپئن آهي، پنهنجي تجربي تحت ڳالھ ڪئي اٿائين. تڏهن ڪامريڊ هدايت منگي ٿڌو ٿيو. ڇو ته ڪرشن کي پريس ڪلب جي پاسي ۾ بيڊمنٽن جي ڪورٽ (ميدان) تي راند کيڏندي ڏٺو هيائين. پر ڪڏهن ڪڏهن مختيار مغل جو چرچو وري ڪرشن کي اھڙو لڳندو هيو، جو ڪرشن ڪڇي، ڀت ڪڇي. هيءَ ان وقت جي ڳالھ آھي جنهن وقت فلمي دنيا ۾ ”جوهي چاولا“ جو وڏو نالو هيو. سال ۱۹۸۴ع ۾ ”جوهي چاولا“ مس انڊيا جو اعزاز حاصل ڪيو هو. تنهن کانسواءِ مس يونيورسل جو ڪاسٽيوم ايوارڊ پڻ ماڻيو هو. سال ۱۹۸۸ع جي فلم ”قيامت سي قيامت تڪ“ وڏي مشهوري ماڻي هئي ۽ ان فلم فيسٽيول ايوارڊ به کنيو هيو. گھڻو ڪري ته اها فلم اسان صفدر مغل جي گھر ڏٺي هئيسي. ان ڪري ان ڏينهن جو موضوع هيو، جوهي چاولا. ھرڪو سندس شوخ ۽ چنچل ادائن تي گوهر افشاني ڪري رهيو هو. ڪو سندس حسن جي تعريف ته ڪو سندس لباس تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيو هيو. ڪو سندس مختلف ٻولين جن ۾ پنجابي، مليالم، ڪنڙ، تامل، تيلگو ۽ بنگالي ٻولين جي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ساراه ۾ نه پئي ڍاپيو. موهن جي دڙي تي شبستان هوٽل تي ماني کائڻ کانپوءِ اها گپ شپ هلي رهي هئي. مرحوم مختيار مغل پنهنجي شاهاڻي انداز سان لائيٽر ڪڍي سگريٽ دکايو ۽ پوءِ ڪش هڻندي، ڪرشن چاولا کي پنهنجين آب ڪٽورن جھڙين اکين سان مخصوص انداز ۾ گھوريندي چيو؛ ”افسوس آ، ڪرشن چاولا! تنهنجي بيڪار زندگيءَ تي.“

”ڇو!؟“ ڪرشن چاولا حيرانگي مان ڏسندي کانئس پڇيو.

”وري به جوهي چاولا کي شابس آ، جنهن ڪم ڏيکاريو؛ پر تو ته ڪو ٻوٽو ئي نه ٻاريو!“

سنگت جي زوردار ٽهڪن، ڪرشن چاولا کي ککو وکو ڪري ڇڏيو. بس پوءِ اهو جملو ڪرشن چاولا کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هيو.

علي محمد شيخ، شعيب علي عمراڻي عرف لالي شعيب کي ياد ڪرڻ جي فرمائش ڪئي آهي. ان جو ذڪر اذڪار ڪرڻ به ضروري آھي. سنگت ۾ لالو شعيب سسپينس پيدا ڪرڻ جو بادشاھ هيو. ڪنهن به ڳالھ کي گل ڦل ٽانڪي اھڙو ته تجسس پيدا ڪندو هيو جو ٻڌندڙ جي ڀل ته ٻيڙي ٻڏي وڃي، پر پوري ڳالھ ٻڌڻ لاءِ بيتاب رهندو ھيو. لالي جو انداز انوکو هوندو هيو. عمومن ٻڌندڙ کي سسپنس جي رڻ ۾ رلائي پاڻ نڪري ويندو ھيو.

هڪڙي دفعي جو مزيدار واقعو پيش ڪجي ٿو. مٺڙي موسم هئي. سومهياڻي جو وقت ھيو. علي شير جي اوطاق تي سنگت چانھ پي، پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي. آفتاب مغل کي ڪو ڪم ياد اچي ويو ته سنگت کان موڪلائيندي چوڻ لڳو؛ ”ادا!مان هلان ٿو، گھر ڏي مهمان اچڻا آهن!“

ان وقت لالي شعيب ”وسومل“ جي مانڊيءَ تان ورتل مشهور پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائڻ کان پوءِ چوڻ لڳو؛ ”ڪالھ يار، مون سان عجيب واقعو ٿيو!“ سڀن جو توجھ ڇڪجي ويو ته آفتاب وڃڻ بجاءِ ويهي رهيو. سڀني پڇيس؛ ”ڪهڙو واقعو؟“

شعيب علي پن جي ٻيڙيءَ مان هلڪي ڦوڪ ڀريندي ٻڌائڻ لڳو؛ ”ڪالھ جيئن ئي ڊاڪٽر اشفاق ڀٽو ڪراچي کان پهتو. مهمان به ساڻ هيس. چيائين ته هنن کي موهن جو دڙو گھمائڻو آ.“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ آفتاب مغل گھڙيءَ کي ڏسندي چيو.

”پهريان ته مهمانن کي ميوزم گھمايوسي. ميوزم گھمائڻ کان پوءِ کين ايس ڊي ايريا (اسٽوپا ۽ حوض وارا آثار) گھمايوسي. مان پنهنجي ڪئميرا کنيون هليو هيس. فوٽوگرافي به ٿي. چڱو خاصو وقت لڳي ويو. اتي سج لهي چڪو هيو!“

”پوءِ..؟“ آفتاب مغل پنهنجي گھڙيءَ کي ڏسندي اندازو هنيو ته مهمانن جي اچڻ ۾ اڃا ڪجھ ٽائيم آھي.

لالي شعيب وڏي اطمينان سان ٻيڙيءَ جي ڦوڪ ڀريندي ٻڌايو؛ ”اشفاق اڳتي هلڻ بجاءِ موٽڻ جي ڪئي. مان کيس چيو ته توهان هلي ”شبستان“ هوٽل تي ويھو، مان تڪڙو رائونڊ هڻي ڪجھ فوٽو ڪڍي انهيءَ پير تي اچان ٿو!“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ آفتاب مغل وري گھڙي ڏٺي.

”مان ايڇ آر ايريا (رهائشي ايراضي وارا آثار) طرف گامزن هيس. ان وقت سج مڪمل لهي چڪو هيو. شفق جي روشني ۾ آسمان جي ڪينوس تي هلڪا بادل ڳاڙها ڳٽول لڳا پيا هيا. پکي پکڻ به اولھ کان اوڀر درياھ طرف تيزيءَ سان پر هڻندا موٽي رهيا هيا. مان ڪجھ شاٽ ورتا. خبر نه پئي ته هوا تيز ٿي وئي. منهنجا ڪپڙا ڦڙڪڻ لڳا. مان وک تيز ڪري ڇڏي“ لالي شعيب جي ڊيگھ کان تنگ ٿي، آفتاب اٿڻ جي ڪئي ته لالي شعيب چيو؛ ”جيئن ئي مان ايڇ آر ايريا ۾ پهتم ته اوچتو زوردار ٺهڪو ٿيو...“ ٺهڪي جو ٻڌي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺل آفتاب وري ويهي رهيو.

”پوءِ ڇا ٿيو..؟“ آفتاب مغل سان گڏ ٻين به کانئس پڇيو.

”مان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ڪجھ به نظر نه آيو. البته هڪ گھٽيءَ ۾ هڪ ڀت جون سرون ڪريل نظر آيون.“ اهو ٻڌي آفتاب اٿي بيزاري مان وري اٿڻ جي ڪئي.

”جڏهن ايڇ آر ايريا جي وڏي گھٽيءَ ۾ پهتم، جيڪا وي ايس ايريا (تجارتي ايراضي وارا آثار) کان ڊي ڪي ايريا (پوش علائقي وارا آثار) تائين هلي ويندي آهي. ڏسي، مون کي پنهنجين اکين تي اعتبار نه پئي آيو!“ لالي شعيب ٻڌايو ته آفتاب مغل مڙي وري ڪرسي تي ٿي ويٺو ۽ تجسس ڀريل نظرن سان کيس سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو.

”اوچتو وڏي گھٽيءَ جي مٽيءَ تي چڱو ڀلو وڪڙ کائيندڙ عجيب قسم جو پٽو نظر آيو. مان پٽي جو تيزيءَ سان پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو....“

”ڇا جو پٽو هيو؟“ آفتاب بي چين ٿيندي پڇيس.

”جڏهن وي ايس ايريا واري گھٽيءَ ۾ پهتس ته حيرتناڪ قسم جو ڊگھو ۽ ٿلهو نانگ نظر آيو جھڙوڪر امازان نديءَ جو ڪو اينا ڪونڊا هجي.“

”اريڙ ٿي سگھي ٿو، هتي اينا ڪونڊا ڪٿي!“ مون راءِ ڏني.

”نه اريڙ کان گھڻو وڏو هيو!“ لالي شعيب وراڻيو.

”تو فوٽو ڪڍيس؟“ پڇيومانس.

”ڪڍڻ جي ڪيم، پر رول ختم ٿي چڪو هيو!“

”پوءِ؟“ آفتاب مغٰل پنهنجي گھڙيءَ کي پريشانيءَ مان ڏسندي چيو.

”پوءِ نانگ وڪڙ هڻندو تيزيءَ سان ”ڊي ڪي ايريا“ جي گھٽيءَ جي منڍي واري ڏاڪڻ تي پهتو ۽ ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺائين...“ اتي لالي شعيب جي پن جي ٻيڙي وسامي چڪي هئي. هن ڳالھ کي وقفو ڏئي، لائيٽر ڪڍي ٻيڙي دکائي. اتي آفتاب مغل صفا بي صبرو ٿي چڪو هيو، رڙ ڪندي پڇيائينس؛ ”نيٺ نتيجو ڪهڙو نڪتو؟“

سڄي سنگت کي به ڄڻ اينا ڪونڊا سنگھي ويو ھيو، سڀ ان سوچ ۾ هيا ته هاڻي الائي ڇا ٿيندو...؟

”پوءِ مان اڳتي نه وڌيس، اتان ئي پاسو ڪري ”ڊي ڪي ايريا“ مان نڪري، ڊاڪٽر اشفاق ۽ مهمانن سان اچي هوٽل ۾ مليس!“ شعيب تڪڙ ۾ جواب ڏنو.

”پوءِ ايڏي ڊيگھ ڇو ڪيئي؟“ آفتاب مغل ٿورو ترش ٿيندي چيس.

”تنهجي مرضي ڇا هي، ته مان نانگ سان دنگل ڪيان ها....؟“ لالي شعيب وراڻيس.. آفتاب مغل توائي کائي اٿيو ۽ چيائينس؛ ”مان ته ان انتظار ۾ هيم ته تون نانگ کي ماريندين يا نانگ توکي ڏنگيندو....“ سڀني کان بي تحاشا ٽهڪ بيهن ئي نه. علي شير وراڻيس؛ ”آفتاب! تون تڪڙو گھر وڃي مهمانن کي منهن ڏي. موهن جو دڙو به اتي، نانگ به اتي، ته لالو شعيب به. لالي شعيب ۽ ايناڪونڊا جو مقابلو ٻي قسط ۾ ضرور ٿيندو. تون فڪر نه ڪر!“

علي شير جي اوطاق تي اھڙا ڪيترائي دلچسپ قصا ٿيا، ياد آيا ته ضرور ڪبا.

تيستائين اجازت،

”حياتي باقي، يار اوطاقي.....“

--- ۱۱ ---

چيو ويندو آھي ته حياتي اها جيڪا ھيج سان هجي، نه ته ڪهڙي حياتي....

شاھ سائين جي ان بيت وانگر ته

جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام،

نه ڪي ڀڳو پڃرو، نه ڪي پر ٿيام.

هيءَ ان وقت جي ڳالھ آهي، جڏهن ائين لڳندو هيو ته عام ماڻهو ڪنهن وڏي پڃري ۾ قيد آهي. انهيءَ پڃري ۾ ڦٿڪندي ڪن آھون ۽ دانهون پئي ڪيون. ڪن لمحن جي خطا کي صدين جي سزا سمجھي پئي ڀوڳيو ۽ ڪن نڪرڻ جي ڪئي ته سندن پر پٽجي ويا....

 شاھ سائين پؤڻا ٽي سؤ سال اڳ مارين کي پٽيو هيو،

”ماري! مرين شال، ڍٻ وڃني ڍٻيون،

جيئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهن کي.“

اڳي زماني ۾ شايد پٽ لڳندي هئي، پر ۲۰ صديءَ ۾ مارين جي لوڌ ۾ اڃا اضافو ٿي ويو. سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر شيخ اياز وري ڀٽائي تي بار رکي ڇڏيو ته

”جاڳ ڀٽائي گھوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري،

مرن ٿيون ماريون، قابو آهن ڪوٽ،

اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجھون.

هنگري جو قومي شاعر ”شيندور پتوفي“ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جيڪو ”شيگيشوار“ جي ميدان ۾ پنهنجي شاعري جي لڄ رکندي ۱۸۴۹ع ۾ وڙهندي ڇھويهن سالن جي عمر ۾ شهيد ٿي ويو. سندس جڳ مشهور شعر ”آزادي ۽ پيار آهن، پيارا مون کي...!“، ڪيترن ئي اوڀر يورپ ۽ ڪميونسٽ يا سوشلسٽ ملڪن (چين ۽ اتر ڪوريا) جي نصاب ۾ شامل آهي. دنيا جي ڪيترن شاعرن ان خيال کي کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي، پر چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي.

پنهنجي جبر واري دؤر کي سارجي ته جولاءِ ۱۹۷۷ع ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو جنرل ضياءُالحق تختو اونڌو ڪيو ۽ کيس ڪوڙي ڪيس ۾ اڙائي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي تختِ دار تي پهچايو. پر اهو جابر ضياءُالحق بذات خود ذوالفقار علي ڀٽي جو نور نظر هيو. جنهن کيس پنهنجو جيالو سمجھي ستن اٺن سينئر جنرلن مٿان فوقيت ڏئي چيف آف اسٽاف ڪيو هيو. پوءِ ٿيو ائين جيئن ثاقب لکنوي جي غزل جو ھڪ بند آهي،

باغباں نے آگ دی جب آشيانے کو مرے

جن پے تکيه تھا وهی پتے هوا دينے لگے

اسان لاڙڪاڻي وارن کي ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تي وڏو صدمو رسيو. پر اها به خبر هئي ته اقتدار ۾ رهندي سندس رويا غير جھموري هيا. سال ۱۹۷۳ع ۾ بلوچستان ۽ سرحد صوبي جون حڪومتون ختم ڪرڻ يا ۱۹۷۷ع ۾مولانا جان محمد عباسي جو، لاڙڪاڻي واري تڪ تي ايم اين اي جي سيٽ لاءِ سندس سامهون بيهڻ تي کنڀي گم ڪرائڻ کي ڪيئن حق بجانب ڄاڻائجي...؟

ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تي لاڙڪاڻي جي جامع مسجد قاسميه تي غائبانه جناز نماز ٿي. انهن ماڻهن به شرڪت ڪئي، جن جو تعلق پيپلز پارٽي سان نه هيو. جنازي نماز کان پوءِ ”ڪنهن نعرو هنيو... ڪنهن خلاف ڳالهايو.... ڪنهن پٿر اڇلايو...؟“ جي مخبري تي وٺ سٺ شروع ٿي وئي.

جامع مسجد قاسميه، لالي شعيب عمراڻي جي گھر کان سڏ پنڌ تي هئي. لالو شعيب به گھر ويٺي ٻڌجي وڃي ملٽري ڪورٽ ۾ پهتو. ان الزام تحت ته هن مئن روڊ تي بيٺل فورس مٿان جنب اڇلائي آهي. لالي شعيب جي فرشتن کي به خبر ڪو نه، پر زور اڳيان زاري... علي شير جي اوطاق تي ايندڙ جسارت اخبار جي صحافي مرحوم عبدالحميد شيخ جي سفارش تي ملٽري ڪورٽ مان سندس جان آجي ٿي. ان وقت جماعت اسلامي وارن جي هلندي پڄندي ھئي نه ته سزا يقيني هيس. خبر پئي ته کيس ٻڌرائڻ ۾ سندس پاڙيسري جي مهرباني ۽ مخبري شامل ھئي. جيڪو ساڻس ڏورڻي هيو. اھڙي مخاصمانه ماحول کان بچڻ لاءِ ڪاليج جي زماني جي هڪ هم-ڪلاسي ۽ رانديگر (ايٿليٽڪ ۽ هاڪي راند جو) سعيد بيگ مغل مون کي خير خواه بڻجي صلاح ڏني ته علي شير جي اوطاق تي ڪچهري گھٽايو يا ٿاڪ بدلايو جو اڄڪلھ هر ماڻهو ٻي جي مخبري ڪري ٿو. ائين نه ٿئي ته غلط انفارميشن تي اوهان مان ڪو اڙجي وڃي. هن پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته هو خاص ادارن جي پينل تي رکيل آهي. کيس چيو ويو آهي ته هو علي شير جي اوطاق تي ويهي خبر چار ڏي. پر هن کين ٻڌائي ڇڏيو آهي ته علي شير هاڪي جو رانديگر آهي، ۽ رانديگر ئي سندس دوست آهن. جن جو سياست سان ڪو تعلق ڪونهي. وڌيڪ هن هدايت ڪئي ته جڏهن به ڪو ماڻهو هروڀرو حڪومت تي تنقيد ڪري ته سمجھي وڃو ته مخبر آهي. ڇو ته ڪنهن جي اوڳر ڪڍڻ جو اهو پهريون گُر آھي. ان حوالي سان جڏهن ھن شھر جي ٻين مخبرن جا نالا ٻڌايا ته حيرت ٿي. جن ۾ صحافي، استاد، شاگرد، ڊاڪٽر، اين جي او جا ماڻهو، مسلڪي مولوي ۽ سياسي شرفاءَ شامل ھيا. بهرحال، هن اھو سڀ ڪجھ بهي خواه ٿي ٻڌايو يا ڊيڄاريو هيو، سو خدا کي خبر. پر اسان موڪلن جي ڏينهن واري ڪچهري جو ٿاڪ موهن جي دڙي کي بڻائي ڇڏيو. هر ڪو پنهنجي گھران ماني کڻي علي شير جي اوطاق تي ڪٺو ٿيندو هيو. اتان قافلي جي صورت ۾ موٽر سائيڪلن يا ڪارن تي چڙهي موهن جي دڙي تي پهچبو. ڪڏهن ايس ڊي ايريا ته ڪڏهن ڊي ڪي ايريا وارن آثارن جي ٻاھران وڻن ھيٺان دسترخوان وڇائبو. مختلف قسم جون ڀاڄيون، مانيون، طعام سجائبا. ائين لڳندو هيو ڄڻ ست رڇيون پيون هجن. پوءِ علي شير اتي بيٺل سائيٽ اٽيڊنٽس (موهن جي دڙي جي آثارن جا ملازم راکا) کي دل سان صلاحي زوري پاڻ سان گڏ ويهاريندو. جيتوڻيڪ اهي وڏو حجاب ڪندا هيا. حسن، راڻو، اڪبر مشوري وغيره. پر انهن ۾ هڪ سائيٽ اٽيڊنٽ صدرالدين سولنگي به هيو. ڪمال جو ماڻهو هيو. پهريون دفعو خبر پئي ته سنڌيءَ جي محاوري ”لڏ ۾ لڪل لال“ ڇا کي چئبو آهي. ائين لڳندو هيو ته سنڌو تهذيب جو تسلسل آهي. پهريون دفعو يقين ٿيو هيو ته پنج هزار سال اڳ جيڪا تهذيب اؤج تي رسي ۽ پوءِ اوجھل ٿي وئي هئي. ان جا کڻي ڪهڙا به ڪارڻ هيا. پر ان تهذيب و تمدن جا وارث اڃا جيئرا آهن. هي شخص ڊيوٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ به موهن جي دڙي تي ايندڙ ماڻهن جي جاھلانه روش ڪري آثارن جي ڪيرايل سرن کي کڻي ٺاھيندو هيو. هن جي آثارن سان اٿاھ محبت ڏسي مون اڳتي هلي ڪهاڻي ”سج لهڻ کان پوءِ به...“ لکي هئي. جيڪا منهنجي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي جي ٽائيٽل ڪهاڻي بڻي....

صدرالدين سولنگي هڪ دفعي اسان کي پنهنجي ڳوٺ ”ڍنڍ“ جيڪو موهن جي دڙي جي لڳولڳ اولھ ۾ واقع آهي، دعوت ڏئي وٺي هليو. جنهن نموني سان ڳوٺ وارن اسان جو آدرڀاءُ ڪيو ۽ عزت ڏني، اها وسارڻ جي ناهي. سندس والد معروف سولنگي وڏي جڳ جو ماڻهو هيو. ائين لڳو ڄڻ پنهنجي تر جي مڪمل تاريخ هيو. صدرالدين جي اوچتي وفات کان پوءِ سندس سؤٽ محرم سولنگي جيڪو موهن جي دڙي جو باورچي آهي. تنهن آدر ڏيڻ ۽ خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.

اھڙي عزت ۽ خدمت جو سبب علي شير رونگھو آهي، جنهن کي انهن ”ڊاڪٽر صاحب“ جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي. علي شير آنڌي مانجھي، اڙي اُڌي ۾ سندن ڪم ايندو رهيو. خاص ڪري بيماري بڙيءَ ۾ پاڻ ۽ سنگت ساٿ کي چئي ڪري مفت ۾ دوائون مهيا ڪري ڏيندن. پر جي ڪو وڏو مسئلو هوندو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن متعلقه ڊاڪٽر ڏانهن وٺي سندن مسئلو حل ڪرائيندو ھيو (علي شير جو اهو مشاورتي سلسلو ساڻن اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي.)

ھن سال جنوري ۲۰۲۵ع ۾ لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ته علي شير ۽ آفتاب مغل سان گڏ موهن جي دڙي جي حاضري ڀريسي. موهن جي دڙي جي آثارن گھمڻ کانپوءِ جڏهن شبستان هوٽل ۾ پهتاسي ته محرم سولنگي بنا پڇيي ماني ڪري کارائي، چانھ پياري. آفتاب مغل جڏهن پئسن ڏيڻ جي ڪيس ته انڪار ڪندي چيائين؛ ”ڊاڪٽر صاحب (علي شير) جي سنگت کان پئسا وٺڻ حرام آهن!“

ڊاڪٽر جي ڪا به ڊگري نه رکڻ جي باوجود به علي شير موهن جي دڙي جي عام ماڻهن جو مسيحا بڻجي ويو. پر ڪي ڊاڪٽر ته ڊگري رکندي به عام ماڻهن جا مسيحا نه ٿي سگھيا.

تڏهن ته غالب اهڙن مسيحائن جي آرزو ڪئي آهي ته

ابن مريم هوا کرے کوئی

ميرے دکھ کی دوا کرے کوئی

کون هے جو نهيں هے حاجت مند

کس کی حاجت روا کرے کوئی

--- ۱۲ ---

ڪڻا منجھ قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،

ڳاهي ڳاھ فراق جي، ڪيڙا ڌارئون ڌار،

مَ ڄاڻان ٻيھار، ڪير ملندو ڪنهن سين.

ڪي سنگتي ساٿي پرائمري، ڪي سيڪنڊري، ڪي ڪاليج، ڪي ورسٽي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سبب يا غم روزگار جي ڪري ڌار پار ٿي ويا. پر جن جو واسطو علي شير جي اوطاق سان رهيو، اهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڳنڍيا رهيا. جنوري ۱۹۸۰ع ۾ مون کي پهرين نوڪري ڪراچي جي هڪ پرائيويٽ ڪمپني ”سمار انٽرنيشنل“ ۾ بطور مارڪيٽنگ ريسرچ آفيسر ملي. گھر جي سار سنڀار لهڻ ۽ فيملي کي خرچ کاٻاري لاءِ پگھار مان پئسا ڏيڻ لاءِ مهيني ۾ ريزڪي موڪل وٺي لاڙڪاڻي اچڻو پوندو هيو. پر انهن ٽن ڏينهن جي موڪل ۾ هڪ ڏينهن موهن جي دڙي جي بلي هوندو هيو. اتي علي شير جي توسط سان خبر پوندي هئي ته ڪي دوست ڪمائو پٽ ٿيڻ لاءِ سعودي عرب يا دبئي وڃي پهتا آهن ته ڪن وري ست سمنڊ پار ڪري آمريڪا کنڊ وسايو آهي. علي شير کي اها خبر دوستن جي خط پٽ يا فون جي ذريعي ملندي رهندي هئي، جيڪا هو شيئر ڪري ڇڏيندو هيو. پراڻن دوستن جي پرتي هجڻ جي باوجود به علي شير جي اوطاق جي ڪرسي خالي نه هوندي هئي. ڪيئي نوان دوست دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿيندا رهندا هيا. خاص ڪري رميش پارواڻي ته يڪ جان دو قالب ٿي ويس.. همراھ اڳيئي گھمڻ گھتڻ جو شوقين. ويتر جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ سب انجنيئر ٿيو ۽ سندس پوجيه پتا سرڳواسي مانڌنداس (اڪائونٽ آفيسر لوڪل گورنمينٽ) کيس ۱۲۵ موٽر سائيڪل وٺي ڏني ته جيئن چئبو آھي؛ ”هرڻي اڳي ئي ڪڏڻي، ويتر ٻڌائونس ڇير!“

موڪل جي ڏينهن ۾، ۱۲۵ موٽر سائيڪل تي چڙهي، سڀني جي گھرن جو دروازو کڙڪائي هوشياري وٺرائي چوندو هيو؛ ”هلو! هلو! موهن جي دڙي!“ جي مان موڊ نه ڏيکاريان ته ھرکائي چوندو هيو؛ ”منظور صاحب! اوهان کي راڌڻ جي مشي (مڇي) کارائبي، ھلو ته سهي!“ مشيءَ (مڇيءَ) جو ٻڌي وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو هيو. موڊ نه هوندي به موڊ ٺهي ويندو هيو. جڏهن امڙ کي ٻڌائيندو هيس ته ڪاوڙجي چوندي هئي؛ ”توهان ڇوڪرن جون اؤرون ڀلا موهن جي دڙي ۾ پوريل آهن ڇا ؟“.... اھڙي طرح رميش به ٻڌائيندو هيو ته امان چوندي آهي؛ ”دڙي تي موهن مهاراج پرساد ٿو ورهائي ڇا، جو ڀڳا بيٺا آهيو!“ سچي ڳالھ اها آهي ته اسان کان وڌيڪ رميش لال کي چرڪو هوندو هيو. رميش اڳيان اڳيان موٽر سائيڪل تي، اسان سندس پٺيان پٺيان، ائين جيئن ريل جا گاڏا انجڻ پٺيان ڇڪبا هلن....

سال ۱۹۸۰ع کان پوءِ مان نوڪري سانگي سُرندو سُرندو حيدرآباد، خيرپورميرس، سکر کان ٿيندو ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻي پهتس. پوءِ ته اسان جي هر روز عيد ڏھاڙو، ھر رات شب برات ٿي وئي. موٽر سائيڪلن جي جاءِ تي عمومن هر ڪنهن وٽ ننڍي وڏي ڪار اچي وئي هئي. نه ڏسئون صبوح نه شام. بس شرط اهو ته موڪل واري ڏينهن تي ڪا شادي غمي واري چنتا نه هجي. پهريان ته اسان موهن جي دڙي جي آثارن ٻاھران ڪچهري هڻندا هياسي، يا وڌ ۾ وڌ اوڀر ۾ وهندڙ سنڌو ۾ ٻيڙين تي چڙهي تفريح وٺندا هياسي يا وري درياه جي ڀڪ تي نورشاھ جي درگاھ تي ڪچهري ڪندا هياسي. پر آهستي آهستي موهن جي دڙي جي آثارن اسان مٿان اهڙو سحر طاري ڪيو جو هر سائيٽ جي هڪ هڪ گھر تي غور وفڪر ڪرڻ شروع ڪيوسي. ائين لڳندو هيو ته پنج هزار سال اڳ جيئري جاڳندي شهر ۾ ھلي رهيا آهيون. رميش پارواڻي جاين جي جوڙ جڪ تي ڳالهائيندو. ٻيا دوست پنهنجي خيال تحت گھٽين ۽ ماڳن جي منظر ڪشي ڪندا ته هينئن يا هونئن ٿي سگھي ٿو. منهنجو انومان وري رومانوي هوندو هيو. ان زماني ۾ مان دنيا جي ڪلاسيڪل ڪتابن جو گھڻو مطالعو ڪندو هيس. جڏهن رگ-ويد جو مطالعو ڪندي منڊل ڏهون سوڪت ۷۵ ۾ ڄاڻايل ديوتا ”نديون“ جي استتي ۾ نَوَ اشلوڪ پڙھيم. خاص ڪري هيٺين اشلوڪن ته مون کي عجيب تصوراتي سگھ سان فيضياب ڪري ڇڏيو.

اي جل....!

هي پوڄاري يگيه (قرباني جي رسم) ڪرائيندڙ جي گھر ۾،

تنهنجي شاندار استتي (حمد و ثنا) ڪري ٿو.

سڀ نديون،

سٿ ٺاهي، ٽن لوڪن مان گذرن ٿيون،

پر سنڌو!

سڀن کان نرالي آهي

اي سنڌو!

تون سڀني ندين وچ مان هلندي

اڳواڻي ڪرين ٿي

ان لاءِ ورڻ ديوتا ڌرتيءَ تي،

تو لاءِ ڪيئي واٽون جوڙيون آهن.

تون سڀن ۾ سريشٺ آهين

اَن ڪري جو ان داتا آهين

تون پوٺن تان لهندي

هيٺ ڊوڙندي وڃين ٿي

اي سنڌو!

تنهنجي پاڻيءَ جو گجگوڙ

ڌرتيءَ تان ٿيندو

آڪاش تائين پهچي ٿو

اي سنڌو! تون پنهجن مست لهرن سان ائين وهندي هلين ٿي،

جيئن ڪو مست ڍڳو رنڀندو اڳتي وڌي.

سنڌوءَ جون تيجسوي شيتل لهرون

ان جي بي انت تک کي

درشائن ٿيون.

ائين جيئن مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪنديون آهن

مون کي ائين لڳندو هيو ته انهن اشلوڪن جو رچنا ڪار رشي ”سنڌوچت پرميڌ“ موهن جي وشال نگر ۾ پنهنجا پوتر چرن گھمائي رهيو آهي،

۽ مان ڪنهن چيلي جيان سندس پٺيان پٺيان هلي رهيو آهيان.......

--- ۱۴ ---

ساڌو اور پارس مين، بڙا انتر جان،

وه تانبا سونا ڪري, وه ڪري آپ سمان.

اسان نه سونا ٿي سگھياسين، نه ساڌو. پر ايترو ضرور ٿيو، جيئن ”ڪارو ٻڌ قمري سان رنگ نه مٽائي، عادت ضرور مٽائي.“ جڏهن کان موهن جي دڙي جي مٿانهين عملي يا ”آثار قديمه جي ماھرن“ سان شناسائي ٿي. خاص ڪري موهن لال سول انجنيئر سان جيڪو موهن جي دڙي جي آثارن جي مرامت تي مامور هيو. هڪ دفعي جڏهن دل کولي اسان کي اھا حال حقيقت ٻڌائي ته مٿين انتظاميه گھربل فنڊن ڏيڻ ۾ هاسڪار بخل ڪندي آهي. ٻيو اھڙا ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي چون ٿا ته جنهن کي الله تباھ ڪيو آهي، ان کي اسان ڇو بچايون! البته موهن جي دڙي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مغربي ملڪن ۾ ائين ڀڳا وڃن ٿا، جيئن سئا مينهون ڦرن ڏانهن ڍڪندي ڀڄن!“ هن جڏهن بجٽ جي ڪاپي کولي ڏيکاري ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته وٽ کوٽا ناهن، پر ڦودني ۾ ڦير آهي.....

 شبستان هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ مانَ-واري آرڪيٽيڪٽ نسيم جلباڻي بلوچ به رهندي هئي. اڪيلي ڇوڪري ٿي ڪري مرداڻي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس آفرين ڏئي چوڻو پوندو هيو ته سندس جگر کي شاباس آهي. موهن جي دڙي جا سائيٽ پلان، لي آئوٽ پلان ۽ بلڊنگ پلان ٺاهڻ سندس ذمي هيو. اسان کيس سدائين پنهنجي ڪم ۾ مشغول ڏٺوسين. پر جي واندڪائي هوندي هيس ته ڪرسيءَ تي ويٺي تسبيح خواني ڪندي رهندي هئي. رميش پارواڻي جيئن ته سول انجنيئر هيو، سو سندس ڪم کي سمجھي ساراھ جا ڍڪ ڀريندو هيو. ھڪ ٻئي کي عزت و تڪريم ڏيڻ ڪري ٻنهي جي ڀيڻ ڀاءُ وارو رشتو قائم ٿي ويو. سندس سٻاجھڙي طبيعت ۽ فضيلت ڀري انداز ۾ ”جي، ادا!“ چئي ڳالهائڻ ڄڻ ته سندس تڪيو ڪلام هيو. اھڙي نهٺائي ۽ نرملتا جي ڪري هر ڪو سندس ادب ۽ احترام ڪندو هيو. موهن جي دڙي جي اسٽاف اسسٽنٽ ڪيوريٽر يا ڪيوريٽر ارشاد احمد رڏ، ظهير احمد شر ۽ ڪسٽوڊين سعيد احمد خان جتوئي سان به سٺي عليڪ سليڪ رهي. تمام منڪسرالمزاج ۽ معاونت ڪرڻ وارا ماڻهو هيا. انهن جو چوڻ هيو ته سرڪار سڳوري جي عدم دلچسپي پنهنجي جاءِ تي، پر عام ماڻهو جيڪو موهن جي دڙي سان ويل وھائي ٿو، سو الله جي ڪاڳر ۾ لکيل آهي. سندن چوڻ سؤ في صد صحيح هيو. ان ڪري جو اهو حشر اسان پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو. ان بنياد تي مان ڪهاڻي ”لهندڙ سج کان پوءِ به...“ لکي هئي. محمد علي پٺاڻ جي توسط سان موهن جو دڙي تي سنڌو تهذيب جي هڪ ٻي سڄاڻ صحافي ۽ اديب انور پيرزادي سان ڪچهري ٿي، اها ڪچهري به يادگار هئي. جنهن سان تهذيب ۽ ثقافت جي موضوعن تي سٺي ڏي وٺ ٿي. اڳتي هلي سندس ترغيب تي مون سندس ادارت ۾ هلندڙ اخبار ”عوامي آواز“ ۾ ”لٽ لاهيندو ڪير“ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو....

موهن جي دڙي کي سمجھڻ جي حوالي سان وڌيڪ واڌارو تڏهن ٿيو، جڏهن ”موهن جو دڙو ڪنزرويٽو سيل“ پراجيڪٽ جو آغاز ٿيو. جنهن جو ڊائريڪٽر حاڪم علي شاھ بخاري، آرڪيٽيڪٽ انجنيئر عطاءُالمنعم بلو ۽ افضل بروهي سان ڄاڻ سڃاڻ وڌي. عطاءُالمنعم بلو، علي شير جي اوطاق تي به ڪچهري ڪرڻ لاءِ ايندو هيو.. جميعت العلماءُ جي وڏي عالم مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو (تعلقو قنبر) جو وڏن کان وٺي معتقد هيو، ان ڪري سندس ڳالهائڻ خطيبن وارو ۽ ناصحانه هوندو هيو. افضل بروهي پنهنجي ڪم سان ڪم ۽ گھٽ لھ وچڙ رکندڙ شخص هيو، ان ڪري ساڻس ميل جول گھٽ ٿيو. انهيءَ زماني ۾ عام تاثر اهو هيو ته سنڌو تهذيب جي تباهي جو ڪارڻ ٻاهريان حملي آور ”آريا“ هيا. علي بابا انهيءَ نظريي کي مد نظر رکندي انتهائي خوبصورت ناول ”موهن جو دڙو“ لکيو. پر سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي ليڪچر سيريز ۾ حاڪم علي شاھ بخاري ان نظريي کي رد ڪندي ٻڌايو هيو ته ”آريا“ ٻاهريان نه پر هتان جا ئي هيا، لفظ آريا جو مطلب آهي، شريف النفس ماڻهو (ٿي سگھي ٿو ته اڄوڪي دؤر جي شريف النفسن جيان شريرالنفس هجن). خير، انهيءَ ليڪچر کي هدايت منگي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ رپورٽ ڪيو، جيڪو هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو. اهڙيءَ طرح موهن جو دڙو ادبي سنگت جي حوالي سان ڪيئي سٺا پروگرام ٿيا، جنهن ۾ موهن جو دڙو ڪنزرويٽو سيل جي هال ۾ هدايت منگي سان ملهايل شام پڻ هئي، جنهن ۾ مان سندس شخصيت جي حوالي سان خاڪو ”ھدايت منگي، بوتل مان نڪتل جن“ جي عنوان سان پڙهيو، جنهن جي شروعات ئي اها هئي ته ”هدايت کي ڏسي لڳندو آهي ته هدايت کي هدايت جي سخت ضرورت آهي!“ ڪنهن کجائڻ لاءِ چيس ته ”منظور، اهو لکي چڱو نه ڪيو!“ وراڻيو هيائينس، ”مست الست ماڻهوءَ کي ڪهڙي ميار ڏجي، جيڪو به لکيائين ٺيڪ لڳو!“ موهن جو دڙو سنڌي ادبي سنگت جو سلسلو چار پنج سال خوب هليو، جيستائين هدايت منگي ۽ مان سيڪريٽري رهياسين. پر جڏهن ڪنعيو گيانچنداڻي سيڪريٽري ٿيو ته ادبي سنگت پڄاڻي کي پھتي. سڀني ميمبرن کي گڏي کڻي هلائڻ سٿري ڳالھ ناهي....

علي شير جي اوطاق واري سنگت جي آرڪيالاجي ۾ دلچسپي وڌڻ ڪري حاڪم علي شاه بخاري جي سنگت رهندي آئي. حاڪم علي شاھ بخاري پاڻ کي موهن جي دڙي تائين محدود نه رکيو. بلڪ ان لاڙڪاڻي ضلعي (اڄوڪي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سميت) ٻاونجاھ دڙن ۽ ڀڙن جا تفصيل جمع ڪري ورتا. ان ڪم ۾ علي شير جي سنگت سندس ڀرپور مدد ڪئي. خاص ڪري لاله رميش پارواڻي، جيڪو هر وقت ساڻس بغير ڪنهن لالچ جي پنهنجي گاڏي ڪاهي هڪيو تڪيو حاضر هوندو هيو. دڙن جي ايراضي ماپڻ، لوڪيشن ڊائري تي نوٽ ڪري ڏيڻ وارا ڪم رميش پارواڻي جي بلي هوندا هيا۔ اسان جي بلي ٺڪر ٺوٻر کڻي ڏيکارڻ ۽ پڇڻ ته ڪهڙي دؤر جا آھن. سائين جو صرف ايترو ٻڌائڻ ته: ”ڏسو سوچيو ۽ سمجھو!“ پوء سنگت ان جملي کي تڪيو ڪلام بڻائي مزاحيه انداز ۾ خوب استعمال ڪيو. سائين به جيڪڏهن ڪنهن اوجھڙ رستي هلندي مختلف گس ڦٽندي ڏسي پڇندو هيو ته: ”اهي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟..“ ته سنگت جو جواب هوندو هيس، ”ڏسو سوچيو ۽ سمجھو!“ سائين ٽھڪ ڏئي چوندو هيو؛ ”آھي ته برابر سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ڳالھ!“ جڏهن موٽبو هو ته هدايت منگي ”هلال پاڪستان“ ۽ ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو ”ڊان“ اخبار ۾ انهن قديم آثارن متعلق رپورٽ ڪري ڇڏيندا هيا۔ ائين دڙن جي تلاش ڪندي، هڪ دفعي سنگت شهداد ڪوٽ جي ٽوپ واري دڙي تي وڃي پهتي۔ جيڪو ان دؤر ۾ ڌاڙيلن جو ٿمُ هيو۔ ڌاڙيل الائي ڪهڙي خيال کان ٽارو ڪري ويا، سا خبر خاوند کي۔ ان دؤري دؤران مان ساڻن گڏ نه هيس۔ گھڻو ڪري ته سکر ويل هيس۔ پر هڪ ٻي دڙي جي حوالي سان جيڪو به هڪ ڏکي هنڌ تي هيو، ساڻن گڏ ھيس۔ اهو دڙو گھڻو ڪري ته ”مارن جو دڙو“ هيو يا ڪي ٻيو (پڪ سان نه ٿو چئي سگھان. پراڻي سنگت رهنمائي ڪري سگھي ٿي) بس ايترو ياد اچي ٿو ته نصيرآباد جي اولھ ۾ فلڊ پروٽيڪشن بند جي پرين ڀر واقع هيو۔ پڇائيندا پڇائيندا چارن تي ڇيڻا ۽ ماڻهن جا پيرا ڏسندا، بند ٽپي وياسي۔ انگڙ ونگڙ گس تي هڪ واٽھڙو کي بيهاري دڙي متعلق پڇيوسي۔ ان ٻڌايو ته: ´ٻن ڪوهن تي سندس ڳوٺ ۽ ٽن ڪوهن کانپوء رندن جو ڳوٺ ايندو. هن اها به آگاهي ڏني ته: ´رند ڪجھ ڏکيرڙا ماڻھو اٿو۔ خيال ڪجو!` اسان ذو معنا ۾ ٻڌايوسيس ته: ”اسان هڙئي رند آھيون سواء ھڪڙي سيد جي!“ `وراڻيائين؛ ”پوء ٺيڪ آهي!“ اسان سندس ڏس جي بدلي سوڙھ سنگھوڙ ۾ کيس گاڏيءَ ۾ ويهاري ڳوٺ تائين کڻي هلياسين۔ همراه ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ برجستو ۽ ڀڙ پئي لڳو۔ تعارف ورتوسيس۔ ٻڌايائين ته: مارفاڻي چانڊيو آھيان۔ نالي بابت ٻڌايائين ته: ”ڳوٺ ۾ ڏاڏي مرحيات جي نالي سان ستم سڏبو آھيان، پر ٻاهر رستم سڏرائيندو آهيان، جو ماڻهو ”ستم“ نانءَ تي ٽوڪون ڪن ٿا۔ سندس ڳوٺ ويجھو آيو ته ڳوٺ هلڻ ۽ خذمت چاڪري ڪرڻ جي صلاح هڻندي لهي ويو۔ اسان مان هر ڪنهن سندس نالي تي راء پئي ڏني۔ ڪنهن پئي چيو ته: پڪ سان سندس ڏاڏو ستمگر هوندو۔ ان ڪري اهو نالو پيو هوندس۔ منهنجو چوڻ ھيو ته: بلوچي ۾ پراچين سنسڪرت ۽ قديم پارسي جا لفظ جيئن جو تيئن اڄ به موجود آھن۔ ان ڪري اهو ستم نه پر ستيم هوندو۔ جنهن جو سنڌي ۾ الٿو سچل يا سچار ٿيندو۔ ائين نالي تي بحث ڪندي رندن جو ڳوٺ به اچي ويو۔ اوطاق ۾ پهچي سلام ڏنوسي۔ انهن سلام ورائي ڊگھو احوال يعني ”ڇهور“ ورتو۔ ٻڌايوسين ته: سڀئي پوزيري رند آهيون، سواءِ ھڪڙي جي!“

”ڪهڙي ذات سان تعلق اٿس؟“ رندن جي چڱي مڙس پڇيو ته سائين پاڻ جواب ڏنس ته: ”بابا منهنجو غريب ذات سان تعلق آھي!“!

”پوء به؟“ چڱي مڙس ذات ڏسڻ لاء زور ڀريس۔

”بخاري سيد آھيان!“ سڀني رندن کڻي ٻانهون ٻڌي پيرن تي هٿ رکيس. سنگت کان اچڻ جو مقصد پڇيائون ته ٻڌايوسين ته: ”دڙو ڏسڻو آهي؟“

”خزاني لاءِ؟“ چڱي مڙس پڇيو.

”هائو! سائين کي ان ڪري وٺي آيا آھيون۔ جو دڙي کي ڏسي ٻڌائيندو ته مال اٿس يا نه؟“ رميش ٻڌايس.

”پوءِ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو يا نه؟“

”جي هوندس ته اڌو اڌ!“ رميش وراڻيو۔

مناسب خاطر مدارت ڪرڻ کانپوء سڀئي اٿي پيا۔

دڙو گھمي جڏهن موٽياسين ته چڱي مڙس پڇيو؛ ”أبو! ڏيو خبر مال اٿس يا نه؟“

”مال نڪتل آهي!“ سائين مشڪندي جواب ڏنس۔

”ابؤل! اسان جو قسمت!“ چڱي مڙس شوڪارو ڀريندي چيو۔ مون ڀوڳ ڪندي چيو؛ ”جتي رند هوندا اتي خزانو ته ڇا ڀوت به نه ملندا!“

چڱي مڙس به ٺاهوڪو جواب ڏنو ته: ”ابو! توهان جھڙا سڀاڳا ساڻ ھوندا ته خزانو ڪاڏنهن ملندو!“

ڪچھري دؤران علي شير ۽ ٻي سنگت جا ٽھڪ هجن۔ پر هدايت منگي ڄڻ وات ۾ مڱ وجھيون ويٺو هيو۔ موٽندي، سندس گھري خاموشي متعلق علي شير جي پڇڻ تي چيائين؛ ”منظور ۽ رميش، انهن سان ايترو فري ٿي پئي ڳالهايو ڄڻ سندن پڳ مٽ يار هجن۔ جي انهن کي خبر پوي ته اسان رند ناهيون ۽ ٻڌي ويهارن ها ته پوءِ؟“ رميش وراڻيس،´ ابا مان ته مگسين جي علائقي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي انجنيئر جي حيثيت سان پارواڻي مگسي ۽ چانڊين جي علائقي ۾ پارواڻي چانڊيو ٿي ويندو آهيان۔ ٻنهي قبيلن جي نوابن ۽ چڱن مڙسن به ڪڏهن اعتراض ناهي ڪيو!... هيڊ ماسٽر هادي بخش بلوچ (مگسي) صاحب پاڻ چوندو هيو ته ٻروچن ۽ واڻين جي ذات پٺيان ”ڻي، ڻي“ جو سنئون سڌو مطلب آھي ته واڻيا ۽ ٻروچ پراڻي دؤر ۾ مٽ مائٽ ھيا..“

سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا، ته بخاري صاحب چيو؛ ”ڪنهن حد تائين ڳالھ ته صحيح ٿي لڳي!“

ائين هر دڙي تي ويندي ڪو نه ڪو يادگار واقعو جڙي پوندو هيو، جن مان ڪو ياد رهيو ڪو وسري ويو.

بقول استاد بخاري جي ته

ڪو ياد ڪندي ئي وسري ويو

ڪو وسري وسري ياد رهيو

ڪو پيار ڏيندي ئي وسري ويو

ڪو درد ڏيندي ئي ياد رهيو

بس ياد اچي ماضي ويو

وقت هو ڪو گذري ويو.

--- ۱۵ ---

مير عبدالحسين ”سانگي“ جي ھڪ غزل جو بند آهي ته

ياد ڪيو، ياد ڪيو، ياد ڪيوسي،

وسري جي وڃن دل تان لهي دوست پراڻا.

ننڍپڻ يا وڏپڻ جي دوستن کي ياد ڪرڻ جو واحد ذريعو اڄ به علي شير جي اوطاق ۽ سندس سر آهي. ٻه ٽي سال اڳ علي شير جي اوطاق تي ويس ته ڪافي عرصي کان پوءِ ننڍي لاءِ جو ڪلاس مئٽ ”عزيزالله پيچوهو“ ملي ويو. حد کان وڌيڪ حجائتو ڀاڪر پائيندي چيائين؛ ”او ڪارا مشڪي ڇا حال ٿي؟“ جڏهن ته مون کان به وڌيڪ رنگ پڪو هيس. لاڙڪاڻي شهر جي ڀوڳائي ماڻهن هڪ بين الاقوامي لطيفي کي ڪارن (رنگ جي لحاظ کان) پيچوهن تي فٽ ڪري ڇڏيو هيو ته ممتاز علي ڀٽي صاحب پيچوهن کي چيو؛ ”شام جو پرڏيهي مهمان ٿا اچن، سو سڀئي فل سوٽ پائي ميرپور ڀٽي ۾ بنگلي تي اچي ڊنر ۾ شامل ٿيو.“ انڪار يا عذر ڏيڻ جي گنجائش نه هئي جو ممتاز ڀٽي صاحب جا خاص ماڻهو هيا. هاڻي هڪ ڏينهن ۾ فل سوٽ ڪيئن تيار ٿين. لاڙڪاڻي ۾ بندر روڊ تي هڪڙو ئي سيبتو ٽيلر ماسٽر حاجي پيرزادو هيو جيڪو فل سوٽ تيار ڪندو هيو. ان وٽ ويا، ان چين ته ”اڄ ته ناممڪن آهي، باقي حل ٻڌايانوَ ٿو، ته توهان ”الف“ لڳا پوري اعتماد سان هليا وڃو، ڏسندڙن کي خبر ئي نه پوندي!“ ٽيلر ماسٽر جي صلاح تي عمل ڪندي ممتاز صاحب جي بنگلي تي پهتا. جيڪو ڏسين سو ساراھ پيو ڪرين ته ”واھ جو ڪارو فل سوٽ زيب تن ڪري آيا آهيو.“ پر ممتاز علي ڀٽي صاحب جي عقابي نگاهن کان نه بچي سگھيا. هن به تعريف ڪندي صرف اها تنقيد ڪين ته ”فل سوٽ ته سٺو پائي آيا آهيو. پر جتي ٽاءِ ٻڌڻ گھرجي، اتي نه ٻڌي اَٿو...!“ اهڙي قسم جا لطيفه گھڻا هلندا هيا. جيڪي لاڙڪاڻي جي ماڻهن جي سياسي مزاح جو اظهار هوندو هيو. جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي قاضي فضل الله، قاضي منان، محمد ايوب کهڙو، ڪامريڊ نظير حسين جتوئي، عبدالوحيد ڪٽپر وغيره جھڙيون شخصيتون شامل ٿي وينديون هيون.

مان عزيز کي ٻٽو ٻک هڻي چيو؛ ”اڙي ڊز! ڪسٽم آفيسر ٿيڻ جي باوجود به ڪا اهڙي ڪريم نه ھنيئي ڇا، جو نه رنگ مٽيئي نه عادت مٽيئي؟“

وراڻيائين؛ ”رنگ گوري ڪرڻ واريون ڏاڍيون ڪريمون ۽ صابڻ هنيا اٿم، پر جيئن هڻان ٿو تيئن ڪارو ٿيندو ٿو وڃان!“

هو مون کي هر جملي تي ”ڪارا مشڪي“ چوندو رهيو، ۽ مان کيس ”ڊُز“ چئي مخاطب ٿيندو رهيس. دراصل اهو اسڪول جي سنگت جو لقب لاتل هيس. فوٽ بال ۾ فل بئڪ جي پوزيشن تي کيڏندو هيو. گرائونڊ ۾ جيڪڏهن مخالف رانديگر ڊي ايريا ويجھو يا اندر پهتو ته دسيو يا کنڀڙ نڪتي پئي هوندس. نتيجي ۾ مخالف ٽيم کي فري يا پينلٽي ڪڪ ملي ويندي هئي. سمجھائي سمجھائي بيهندا هياسيس ته ”فائول نه کيڏ“ پر مجال آ جو سمجھي... جواب هوندو هيس، ”فري يا پينلٽي ڪڪ سان گول ٿئي ته ڀلي ٿئي، پر سڌو سنئون گول ٿيڻ نه ڏيندس!“

جڏهن به ايندو هيو ته علي شير جي اوطاق ۾ ساڻس ڪچهري ڪندي عمر جو ليکو چؤکو ختم ٿي ويندو ھيو. ننڍي لاءِ جا واقعا ڄڻ ڪلھ جي ڳالھ هئي. ستين يا اٺين درجي ۾ عربي جو ٽيچر سائين مولوي نورالدين مليريا جي بخار ڪري ڪجھ ڏينهن ڪلاس وٺڻ نه آيو هيو. جڏهن آيو ته عزيز چيس؛ ”سائين! اڄڪلھ ڏاڙهي ڏيکارڻ کان به هليا ويا آهيو. خير ته آھي؟“ سائين مولوي نورالدين کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ان ائين پٺي ڪٽيس، جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽجي. پر هي کل ۾ ٻٽيو پيو هيو. پيرڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ پڇيوسيس؛ ”مار ملندي، کلين ڇو پيو؟“

چيائين؛ ”سائين، ٿڌڙا پئي ڪڍيا، ان ڪري پئي کليم!“

عزيزالله پيچوهو جانٺو جوان هيو. قداور ۽ قدرتي ايٿليٽ (اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني جو ڊسڪ ٿرو ۽ ھيمر ٿرو ايونٽس جو چئمپئن) هيو. نائين درجي ۾ لاڙڪاڻي جو هڪ رئيس وڏي جو ٽرڙو پٽ اٽڪيس، ڦيرائي جو هنيائيس ته اٿي نه سگھيو، ٻين اچي اٿاريس. ويهن پنجويهن سالن کان پوءِ رئيس وڏي جو پٽ پاڻ رئيس وڏو ۽ ايم پي اي ٿي ويو. پر ان کي ڌنارن وارو اهو ڌڪ ياد هيو. عزيز هيئر ڪٽنگ سيلون تي وار ٺهرائڻ لاءِ جيئن ئي اندر گھڙيو، پراڊو تي ويٺل رئيس وڏي جي نظر پئجي ويس. پنهنجن باڊي گارڊن سميت هيٺ لهي پيو. کيس گھيري ۾ آڻي چوڻ لڳو؛ ”هاڻي حساب ڏي!“

”ڇا جو حساب؟“ عزيز هڪو ٻڪو ٿي ويو.

”ھاءِ اسڪول جي زماني جو!“ رئيس وڏي ياد ڏياريس.

”اسڪول جي زماني جون ڳالهيون، اسڪول ۾ ختم. تون اڃا اهو سور سانڍيون ويٺو آ. بهرحال، پوءِ به مان تو کان معافي ٿو وٺان، بس تنهنجو ئي ڀت گھاٽو!“ عزيز ٻانهون ٻڌي جان ڇڏائڻ جي ڪئي.

”نه ته معافي وٺي ها!“ چئي، رئيس وڏي وڌيڪ ڊيگھ نه ڪيس، جو پيچوها به پٺ وارا ۽ لعلو رائنڪ جا وڏا زميندار هيا.

اهو رئيس وڏو ڪير هيو..؟ بس ان لاءِ اهو اشارو ڪافي آهي ته رئيس وڏي جي اها عادت هوندي هئي ته چڏا کنهندي وري اهو هٿ سگھندو هيو. ان کي ڏسي ان جا لاٺڙيا گاٺڙيا ساٺڙيا به سٺو سنوڻ سمجھي ائين ڪندا ھيا. (لاڙڪاڻي وارا ته سمجھي ويا هوندا. پر ٻين لاءِ اهو ڪنايو ڪافي آهي، ته ھر رئيس وڏي جي فرزندن ۾ ڪا نه ڪا عجب جھڙي عادت ضرور هوندي آهي. وڌيڪ نه ٿو چوان...)

عزيز الله پيچوهي ڏي منهنجا ته ٻه حساب رهيل هيا. هڪ دفعي ڪرڪيٽ کيڏندي اهڙي زوردار بيٽ ڦيرايائين، جو سندس ھٿن مان ڇڏائجي، منهنجي کاٻي اک جي ڀرئون ۾اچي لڳي. اک جو بچاءُ ٿي ويو. ڇھ ٽانڪا لڳا. ٻيو مئٽرڪ ۾ حيدرآباد بورڊ طرفان منعقد ٿيل ايٿليٽڪ ميٽ (مقابلي) ۾ حصو وٺڻ وياسي. رات جو اسپورٽس هاسٽل جي فرش تي پنهنجا بسترا وڇائي ليٽيا پيا هياسي. مان هن جي اوٽ ۾ سندس وهاڻي تي ٽيڪ ڏيون رانديگرن جي ”پادر پستي“ واري راند پئي ڏٺي. ان راند ۾ جيڪو بي خيالو هوندو هيو، ان کي اوچتو پادر لڳندو هيو. عزيز ان راند ۾ ڀڙ هيو. راند ڏسندي مون کي ته ننڊ وٺي وئي. عزيز کي اوچتو هڪ ٻئي پٺيان ٽي چار پادر لڳي ويا. جيڪا ان رول جي بر خلاف ورزي هئي ته راند ۾ ٻڌي ناهي ڪرڻي. هن احتجاج ڪندي راند تان دستبردار ٿي، ڪاوڙ ۾ اوچتو منهنجي مٿي هيٺان وهاڻو ڪڍيو، منهنجو مٿو اچي فرش تي لڳو ۽ ڳوڙهو ٿي پيو. سڄي سنگت کلڻ لڳي. عزيز چوڻ لڳو؛ ”مون کي پادر لڳن، هي معتبر وري منهنجي وهاڻي تي سيٽيو سمهيو پيو آ.“ ٻين جا نالا ته ياد نه ٿا اچن، البته رانديگرن ۾ علي شير، خادم حسين سومرو ۽ محمد علي چنو ته موجود هيا ئي ھيا.

هاڻي جي خبر ناهي، پر ان زماني ۾ اسپورٽس سرگرمي ڪندي سيريس ڌڪن لڳڻ کان پوءِ ويڙھ جيڙھ نه ٿيندي هئي، اسپورٽس مئن اسپورٽس جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيندو ھيو. ائين راند جي دؤران کاڌل ڪيئي ڌڪ آيا ويا ٿيندا ھيا. اسپورٽس وارين سرگرمين ۾ ملنساري ۽ ميٺ وڌيڪ هئي. عزيز جڏهن ڪراچي هوندو هيو ته ايلاز ڪندو هيو ته ڪراچي اچو ٿا ته مون وٽ رهو. پر پاڻ پاڪستان ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي هڪ ٺونشي-نما فليٽ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا هياسي. جيڪو محمد علي مهر ۽ ايازگاد (پاڪستان انشورنس ڪارپوريشن جو آفيسر) جو ڪرايي تي ورتل هيو. اسان کي اتان اچڻ وڃڻ سؤلو لڳندو هيو. ڪم ڪار جي حوالي سان به ڪو اسان ڪڏهن مٿانئس زور بار نه رکيو. البته هڪ دفعو چاچو حج ڪرڻ ويو ته کيس چيو هيم. عزيز ايئرپورٽ تان، چاچي کي پاڻ ٻاهر وٺي آيو. ان زماني ۾ ڪسٽم وارا ماڻهن کي ڏاڍو تنگ ڪندا هيا. حاجي سڳورا به مڪي مديني مان لش پش جام وٺي ايندا ھيا. خاص ڪري بوسڪيءَ جو ڪپڙو ۽ راڊو گھڙيون. لئي بازيءَ جو دؤر هيو. ”نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.“ وارو حساب هيو.. ان دؤر جي لئي باز ڌاڙيلن کي به صرف راڊو گھڙيون ۽ بوسڪي جا پٽڪا درڪار هوندا هيا. هاڻي ته ”اٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنان نر ويڳاڻو“ ھر ڪنهن کي پئسو کپي... پڪي جو ڌاڙيل هجي يا ڪچي جو.... نر هجي يا مادي .... ملڪ ۾ بک کان وڌيڪ حرص ڪاهي پيو آهي...!

ٻڌندا هياسي ته عزيزالله عاشق مزاج به حد درجي جو ٿي ويو آهي. انهن قصن جي پوري خبر سندس انهن دوستن کي هئي، جيڪي ڪراچي ۾ سندس ڀرسان رهندا هيا. خاص ڪري لياقت ڀُٽي ۽ يوسف جمالي کي. سچ يا ڪوڙ..؟ ان ڪري وائيندي ڳالهين تي ڳالھ ڪرڻ مناسب ناهي. يار جي ياري سان ڪم، خواري سان ناهي. پاڻ ڪجھ اهي ڳالهيون ڪيون آهن، جن جا علي شير ۽ مان اکين ڏٺا شاھد آهيون...

رٽائرمينٽ کانپوءِ عزيزالله کي ذيابيطس جو مرض لاحق ٿي پيو. جنهن کيس نهوڙي ڇڏيو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ به فون تي رابطو ڪري ڳالهائيندو هيو. جسماني ڏک سور سڻائيندو هيو. پر جڏهن ننڍپڻ جون ڳالهيون نڪرنديون هيون ته ٻالڪو ٿي ويندو هيو، جواني جون نڪرنديون هيون ته صفا جوان.... پاڻ چوندو هيو ته ”جڏهن تو سان، علي شير، خادم يا ننڍي لاءِ جي ٻين دوستن سان ڳالهايان ٿو ته سڀ سور ڪافور ٿي وڃن ٿا....!“

۲۰ مارچ ۲۰۲۴ دل جي دؤري سبب هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪري ويو. ھاڻ لعلو رائنڪ ڀرسان پيچوها ڳوٺ ۾ ابدي آرامي آهي.

زندگي بس ايتري آهي. هر ڪو پنهنجي پٺيان ڪجھ فوٽ پرنٽ ڇڏي هليو ٿو وڃي. اسان جو پنڌ به اوڏنهن آهي!!!

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا.....

تون اڃا ٿو جيئين ھاءِ ڙي جيئڙا! (شيخ اياز)

--- ۱۶ ---

علي شير جي شخصيت جي حوالي سان شاھ سائين جو هي بيت ٺھڪي ٿو اچي،

”جڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاھ سپيرين جي،

تڏانهن ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.“

علي شير جي اوطاق پنهنجي جاءِ تي، پر علي شير بذات خود اوطاق ٿي ويو آهي. ڏور هوندي به سنگت ساٿ جي ڳانڍاپي جو وسيلو بڻجي ويو آهي. ايئن جيئن ”ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور ئي اوڏا سپرين!“ وٽانس موبائل فون يا فيس بوڪ تان وڇڙيل سنگت ساٿ جي ڄاڻ ملي ٿي ته ھن وقت ڪير ڪهڙي جھان ۾ آهي. حال حيات آهي يا جنت مڪاني (سرڳواسي) ٿي ويو آهي. مان جڏهن سندس شخصيت جي حوالي سان سلسلي وار خاڪو لکي فيس بوڪ جي وال تي رکيو، ته منهنجي امان گمان ۾ به نه هيو ته واٽس ايپ تي ڪو اھڙو مئسيج به ايندو ته ”مان عبدالغفور شيخ ايڊمنٽن (البرٽا) ڪئنيڊا مان ھاءِ اسڪول جي دؤر جي ھم ڪلاسين علي شير، خادم حسين سومرو ۽ منظور مشڪي سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. سائين منهنجا! ڇا توهان منهنجي ڪال اٽينڊ ڪندا ۽ مون کي انهن هم ڪلاسين جا ڪانٽيڪٽ نمبر مهيا ڪري ڏيندا. مان اوهان جو نهايت شڪر گذا رهندس. نوازش! عبدالغفور شيخ.“

مان هڪدم اوڪي ڪيو جو منهنجي ھم ڪلاسي غفوري شيخ، مون کي ”منظور مشڪي“ ڪري سڏيو ھيو. اسڪول جي زماني جو ماضي اکين آڏو اچي ويو. ڪيئي سالن کان وٺي ڪَنَ ”منظور مشڪي!“ ٻڌڻ لاءِ ترسي ويا ھيا. جنهن ۾ پنهنجائپ واري سڃاڻپ ۽ بي ساختگي هوندي هئي. گھڻا ته ”او مشڪي! کنگھ نه خشڪي!“ ڪري به سڏيندا هيا. شهيد عبدالنبي اعواڻ (لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو سينئر ساٿي، جيڪو ميراڻين ۽ ڏاھاڻين جي قبيلائي جھيڙي ۾ بي گناھ، بي سبب مارجي ويو) مون کي ”منو“ ڪري سڏيندو هيو. هو سڀني ٽيم جي ميمبرن کي ائين سڏيندو هيو. ڪليم الله کي ”ڪلو“، اشتياق انصاري کي ”اشو!“، سجاد انصاري کي ”سجو“، آفتاب شيخ کي ”اڦو“ مختيار جلباڻي کي ”مخو“ وغيره. اهو زمانو حس مزاح جو سمجھو ته آخري دؤر هيو. ذاتين تي به لطافت واري اَل يا چيڙ ٺهيل هوندي هئي. مثلن، مڱڻهارن جي اَلَ ”ليمون“، سومرن جي ”واڱڻ“، ٻروچن جي ”متيرو“، منگين جي ”ماکي“ وغيره. پر اها اَلَ يا چيڙ، چيڙائڻ يا ٽوڪ لاءِ نه پر مزاح جو هڪ انداز هيو. جنهن مان ماڻهو لطف اندوز ٿيندا هيا.

غفور سان وڊيو واٽس ايپ تي ڳالهائيندي ٻڌايومانس ته ”غفور، مان تنهنجو اهو ئي هم ڪلاسي مشڪي منظور آهيان!“ غفور به مشڪي هيو، پر ڪلاس يا اسڪول ۾ اهو اعزاز مون کي مليل هيو، جنهن رنگ کي مون اڄ تائين برقرار رکيو آهي. جڏهن وڊيو واٽس ايپ تي ڏٺم ته غفور اڇو اجرو لڳو پيو هيو. خبر ناهي ته گوري رنگ ڪندڙ ڪريمن يا ڪئناڊا جي برف اڇو منهن ڪيو اٿس يا وري مائيڪل جئڪسن واري پلاسٽڪ سرجري ڪرائي اٿئين. ساڻس فيس بوڪ فرينڊ ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته عبدالغفور شيخ ڏاڍي متحرڪ شخصيت آهي. فيس بوڪ جي پوسٽن مان اندازو ٿيو ته درد دل رکندڙ انسان آهي. جنهن کي پنهنجي وطن، مٽي ۽ ماڻهن سان پيار آهي. سانا جو پڻ سرگرم ميمبر آهي. سندس وڏي مهرباني اها ته مئٽرڪ جو ۱۹۷۰_۱۹۷۱ع وارو فوٽو موڪلي ڄڻ خوبصورت ماضي ياد ڏياري ڇڏيو اٿائين. جنهن ۾ بيٺلن واري ٽين قطار ۾، مان کاٻي پاسي کان علي شير سان گڏ بيٺو آهيان. عزيزالله پيچوهو آخري قطار ۾ وچ تي نشانبر لڳو بيٺو آهي. خادم کي ڳوليم نه لڌو، سڀئي اڳيان بيٺل هڪجھڙا پئي لڳا، ائين جيئن رڍون مڙوئي ڪار ٻوٿيون.... غفور کي لک شابسون هجن. يادگيرو ڏيارڻ لاءِ واٽس ايپ تي ڪيئي فوٽو موڪليا اٿائين. ھڪ فوٽو جنهن ۾ خاص ڪري منير شيخ (ڊاڪٽر) قربان شيخ (ڊاڪٽر)، نرملداس (ڊاڪٽر)، پاڻ ۽ مقبول شاھ (ڊاڪٽر) عرف ڀولي شاھ ڏٺم ته ڏاڍو ياد آيا. مقبول شاھ اسڪول جو جل ڦٽاڪي جھڙو، ”مومن“ جي شعر جي ان بند مثل شعله بيان مقرر هيو.

اس غيرت ناهيد کی هر تان هے ديپک

شعله سا لپک جائے هے آواز تو ديکھو

سنڌ ليول جي تقريري مقابلن ۾ پوزيشن کڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو مان مٿانهون ڪندو هيو. جيئن چوندا آهن ته گھر جو پير چلھ جو مارنگ، اسان رانديگر کيس ليکي ۾ نه آڻيندا هياسي. ”ڀولي شاھ“ جو لقب به خادم حسين سومري (ڊاڪٽر) جو عطا ٿيل هيس. پر مقبول شاھ چڙندو نه هيو. چڙندو ته اسان جو قمبرائي دوست عبدالرزاق لاکو (ڊاڪٽر) به نه هيو. جنهن کي خادم حسين سومرو ”آ ڀولا، ڇا حال ٿي؟“ چئي ڪري ملندو هيو. پر هر ڳالھ جي حد ٿيندي آهي. هڪ ڏينهن منجھند جو عبدالرزاق لاکو، علي شير جي اوطاق تي دانهن کڻي آيو ته ”يار، هاڻي هائوس جاب ٿا ڪيون، ڊاڪٽر ٿي ويا آهيون. پر جتي به خادم ملي ٿو ته چوي ٿو، آ ڀولا ڇا حال ٿي، سمجھايوس!“

شام جو علي شير منهنجي منهن تي ويهي سمجھايس ته ”رزاق چڙي ٿو نه چويس ڀولا!“

”ڀلي مون کي به وا‌ڱڻ (سومرن جي چيڙ) ڪوٺي، ان ۾ ڇا هي...؟“

نيٺ علي شير واعدو ورتس ته اڳتي کيس ”ڀولا“ چئي نه سڏيندو. پر جاتي مليس، ساڳيو ڳن ڪهاڙيءَ ۾... رزاق مون کي دانهن ڏيندو هيو. پر مان ڇا ڪيان...؟. جيڪو علي شير جي سمجھائڻ تي نه سمجھندو هيو، ان کي مان ڇا سمجھايان. عبدالرزاق لاکو (ڊاڪٽر) نهايت سلجھيل دوست هيو. قنبر ۾ ”ڪنجوس، مکي چوس“ جي نالي سان مشهور هيو. پر اهو ساڙ سڙين جو ھلايل هيو. قنبر ۾ جتي به ڏسندو هيو زوري چانھ پياريندو، مانيءَ جي صلاح هڻندو. هڪ دفعي زوري قيمي جي ڀاڄي ۽ مانيءَ سان خاطر تواضع ڪيائين. سندس هڪ ٻي مهرباني به مڃڻ مراد آهي. چاچي غلام صديق کي ڳوٺ ”ڪنڍو خان بليدي“ جي مسجد جي مرامت ۽ گھر ۾ ٽي وڏا ڪمرا ٺهرائڻ لاءِ چاليھ هزار کن سرون کپنديون هيون. فيصلو اهو ڪيائين ته نوهر زمين تي توتڙن وار بٺو هڻائجي. دوست علي جي سڙڪ جي منڍي تي لاکن جو مشهور سيلر هيو. توتڙن لاءِ رزاق لاکي جي والد سان ڳالهايوسي. في گاڏو ڏھ روپيه ٻڌي بيٺو. مان رزاق کي چيو، ان في گاڏو پنج روپيه ڪرائي ڏنو.

ڪجھ ڏينهن اڳ علي شير ڪراچي آيو، ان ٻڌايو ته عبدارزاق لاکي ڪراچي جي ڪاٺياواڙي ميمڻن ۾ شادي ڪئي آهي. پنهنجي ننڍي اسپتال به ٺهرائي هيائين. جيڪا ڀتي نه ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي لوگهن ساڙي ڇڏي هئي. وري ٻيهر ٺهرائي اٿئين. خوش و خرم آهي.

ڊاڪٽر خادم حسين سومرو به اڄڪلھ ڪراچي ۾ لٿل آهي. پير پٽ تي نٿس. ”جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾“ مثل آهي. پراڻي سنگت جي ووڙ ڪندو ٿو وتي. مون سان ضرور ملاقات ٿيندس. ھٿ ٻڌي عرض ڪندومانس ته مون کي جيڪو وڻيس سو چوي، پر جي ڊاڪٽر عبدالرزاق سان ملاقات ٿئيس ته ان کي ”ڀولو“ نه چوي....!

پر سوچيان ٿو ته ان جو رد عمل ائين ته نه ٿيندو ته ”چريا، چڪ نه پائجانءِ!...“ چي؛ ”چڱو ٿيو ياد ڏياريئي!!....“

--- ۱۷ ---

اردو زبان جي ڪنهن شاعر جو سادو پر پُر مغز شعر آهي ته

دوستی عام هے ليکن اے دوست!

دوست ملتا هے بڑی مشکل سے

اھا حقيقت آهي ته پُر خلوص، پر اپڪاري، پرمل ۽ نرمل دوست ملڻ مشڪل آهي. نه ته بقول استاد بخاري جي ته ”دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ، ڪن ٿا دل آزاري...!!“سچ پچ ته دل آزار دوستن کان بس ڀلي آ. دوست ٿئي دشمن ته ٻيو دشمن نه ڌار. اهي ماڻهو وڏا خوشنصيب آهن. جن کي پرسان حال ۽ ڌيرج وند دوست ملن ٿا. علي شير انهن منجھان هڪ آهي. خدا کيس ايڏو ته صبر ۽ ڌيرج ڏنو آهي جي ڪو اڳيان ويهي ڪنهن مواليءَ وانگر روئڻا روئندس ته ”پَرُ سال ڏنڊو ڀڳو، ھيل ڪونڊو ڀڳو، ڌڪن مٿان ڌڪ!.. خبر ناھي ته ڀاڳ ڪڏهن ڀيڙو ڏيندو!“ علي شير ڪن ڏئي ٻڌندس ۽ پيو آٿت ڏيندس ته ”الله مالڪ آ! هڪ ڏينهن توکي به ڀاڳ ڏيندو ڀيڙو، ته ٿيندئي دال مان سيرو. تنهنجي ڏنڊا ڪونڊا به اچي ويندا. تون رڳو دل نه لاھ!“ هن دؤر ۾ ڪنهن کي آئي ويل ۾ آٿت ڏيڻ به وڏي ڳالھ آهي. نه ته ڪير ٿو ڪنهن جو درد ونڊي... ھر ڪو پنهنجن سورن ۽ پورن ۾ پورو آھي. ڀٽائي جي ان بيت جيان،

”سور مَ ڏيج ڌوڻ، اڳيئي آھيان ڪانهيلي،

هڪڙا ڦٽ فراق جا، ٻيو لپئين آڇ نه لوڻ،

ھينئڙو ٽنگ پروڻ، سؤ سؤ سولانگھا منهنجي ساھ کي.“

چوندا آهن ته ”دوستي ڪچي تند آهي“، پر علي شير جي دوستي رُڪ جو رسو آهي. جيڪو سڀن دوستن کي ڳنڍيون بيٺو آهي. نه ته اهو ناممڪن هيو ته پي سي اسڪول جو پرائمري کان گم ٿيل زاھد بلوچ (ھاڻ رھائش سيٽل واشنگٽن آمريڪا) ملي ھا؛ ۽ سيڪنڊري جو دوست امام الدين بلوچ (رھائش مونٽريال ڪئنيڊا) سان رابطو ٿئي ها. اھو سڀ ڪجھ تڏهن ممڪن ٿيو. جڏهن مان علي شير تي خاڪو لکيو ته کين پرو پئجي ويو ته ”خدا نه ڀلائي ته هي اهو منظور مشڪي آ، جيڪو سندن هم ڪلاسي هيو.“

زاهد بلوچ سان جيئن ئي رابطو ٿيو ته پراڻا سور به ياد اچي ويا. ٻئين يا ٽئين درجي ۾ سندس والد جيڪو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ وڏو آفيسر (پراپر عهدو ياد ناھي) هيو، تنهن کيس هڪ امپورٽيڊ سائيڪل وٺي ڏني ھئي. جنهن جي خوبصورت گھنٽي تي ”مڪي مائوس“ ڇاپيل هيو. مجال آ جو ڪنهن ڪلاسيءَ کي هٿ لائڻ ڏئي. رسيس ۾ سڀن کي ريس ڏياري پاڻ ”ٽڻ! ٽڻ!“ ڪندو وتي. مان ان لالچ ۾ سندس گھر وڃي ڪرڪيٽ به کيڏندو هيس. ڪيترا دفعا به ڪلين بولڊ ٿئي، پر کيس ناٽ آئوٽ قرار ڏيندو هيس، صرف ان آسري ۾ ته ”مڪي مائوس“ واري گھنٽي وڄائڻ ڏيندو. پر جيئن ئي سائيڪل جي گھنٽي کي ھٿ لايان ته رڙ ڪندو، ”ھٿ نه لاوين! هٿ نه لاوين، ميڏي گھنٽي ڪون!“ ڳوٺ واري گھر ۾ چاچي جي سائيڪل ته هئي پر ان جي گھنٽي ٻُسي هئي. ”مِڪي مائوس“ واري گھنٽي کي ڏسندي پنجين درجي تائين نگاه حسرت ۾ وقت گذري ويو، پر زاهد بلوچ کي نه شرم آيو، نه مرم آيو. ٻاروچاڻا ٻار توڙان ترس نه سکيا۔۔۔ هاڻي جڏهن گھر ۾ ڏوهٽن وٽ اهڙي قسم جي سائيڪل موجود آهي ته وري گھنٽي وڄائڻ واري اها موجِ حسرت نه رهي. ائين جيئن ڏند هيا ته ڀڳڙا نه هيا، ڀڳڙا آهن ته ڏند ڪونهن..

سيڪنڊري جو دوست امام الدين بلوچ، ھاء اسڪول واري دؤر ۾ به سنجيده ۽ بردبار هيو ۽ هاڻي به آهي. کيس جڏهن خبر پئي ته مان اهو ئي منظور ڪوهيار آهيان، جيڪو ڪڏهن صرف ”منظور مشڪي“ هيو. فون تي اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪيائين، پر ڪا شڪوه شڪايت يا ميار نه ڏنائين. جڏهن ته علي شير وٽان خبر پئي ته منهنجو هڪڙو رشتي ۾ ويجھو، پر ڏورڻي همراھ فيملي سوڌو ڪئناڊا (مونٽريال) ويو ته امام الدين منهنجي حوالي سان کيس وڏو آدر ڏنو، ٻه ٽي ڏينهن رهايائينس، گھمايائينس، ڦيرايائينس، شاپنگ ڪرايائينس. جڏهن امام الدين ڪراچي آيو ۽ ٻه ٽي دفعا فون ڪيائينس ته فون ئي نه کنيائين. ان کي چئبو آهي، اکيون ٻوٽ ته ملڪ ئي ميدان....

علي شير جي اوطاق جي خاص خوبي اھا آهي ته آئي وئي جي خبر پوندي رهندي آهي. ڪڏهن اهو پتو پوندو آھي ته سندس اوطاق تان آمريڪا مان شڪيل شاه پير گھمائي ويو آهي. ڪڏهن جواهر لال ڪئنيڊا مان اچي جوڳيءَ وارو ڦيرو ڪري ويو آهي. ڪڏهن ڄاڻ ملندي آهي ته ڪراچي مان اياز گاد (پاڪستان انشورنش ڪارپوريشن وارو) ڀيرو ڪري ويو آهي. ڪڏهن ڊاڪٽر برڪت جھتيال ميروخان مان اچي سڄي سنگت لاءِ سڪ ڀريا سلام ڇڏي ويو آهي. ڪڏهن معلوم ٿيندو آهي ته مرحوم ڊاڪٽر ذوالفقار جيهي جي ڀاءُ انجنيئر خان محمد سان سندس ملاقات ٿي آهي. ائين منهنجو گھر ويٺي سڀني سان ڄڻ اڻ سڌيءَ طرح رابطو ٿي ويندو آهي. علي شير جي اوطاق تي نه صرف هم عصر دوستن سان وابستگي رهي، بلڪ انهن جھانديده شخصيتن سان به جيڪي پنهنجي دؤر جون سماجي تاريخ هيون. ان حوالي سان ٻه شخصيتون نه وسرڻ جھڙيون هيون. هڪ علي شير جو ماسڙ غلام حسين جيڪو سڄي لاڙڪاڻي جي هندن جي گھرن جون ڳئون چاريندو ۽ ڏوڌي هيو. ورھاڱي کان اڳ پراڻي لاڙڪاڻي جي هڪ هڪ هندو گھراڻي جي ڄڻ ته تاريخ هيو. تولاڻي خاندان جو ذڪر ته وڏي ادب ۽ احترام سان ڪندو هيو ته وڏو لائق فائق ۽ فلاحي ڪمن ۾ ھڙئون وڙئون حصو وٺندو هيو. اها حقيقت آهي ته تولاڻي خاندان جڏهن هندوستان ويو، ته خاص ڪري سنڌي هندن کي گجرات جي ڪڇ ضلعي جي آدي پور شهر ۾ رھائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيائون. ڪڇ ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. جنهن جو ذڪر لاڙڪاڻي جي انجنيئر ۽ شاعر "هري درياني دلگير" پنهجي آتم ڪٿا ”چولو منهنجو چڪ ۾“ ڪيو آهي. لکي ٿو ته ان خاندان اتي ايترا ته تعليمي يا سکيا جا ادارا کوليا آھن، جو شايد هندوستان ۾ ڪنهن هڪ خاندان ڪنهن شهر ۾ ايترا کوليا هجن. سچ آهي ته

جتي هنج هيا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا،

ويچارا وليداد چئي، ولر ڪري ويا،

اچي اَلَ پيا، انهن اوطاقن ۾.

ٻي اهم شخصيت رٽائرڊ صوبيدار حافظ غلام حسين چانڊيو، جي هئي, جيڪو علي شير جي والد محمود خان جي واڙي تان کير وٺڻ ايندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن اوطاق تي ويهي اسان سان ڪچهري هڻندو هيو. منهنجي والد جو گھرو دوست هيو. پنهنجي زماني جي پوليس جي ڪردار بابت ٻڌائيندو هيو ته ”خون جي ڪيس تي پوليس ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪندي هئي. چوري چڪاري تي به اک ٻوٽ نه ٿيندي هئي. البته ورھاڱي کانپوءِ پاٿاريدار سياست ۾ چڙهي آيا ته پوليس ۾ به خرابي شروع ٿي وئي. لاڙڪاڻي جي هڪ درگاھ ۾، پير سائين جي حجري مان ٻارنهن سالن جي ڇوڪريءَ جو لاش ھٿ آيو. پوليس پير سائين کي گرفتار ڪيو ته ان جي حمايت ۾ حڪومتي جماعت اٿي کڙي ٿي. انويسٽيگيشن ئي نه ڪرڻ ڏنائون ته ان وقت اسان سمجهي ڇڏيو ته ھاڻي پوليس جو حقيقي غير جانبدار رول ختم ٿي ويو. سياسي پاٿاريدار پوليس جي ان ماڻهوءَ کي بالڪل نه سهندا هيا، جيڪو سندن چوڻ تي نه هلندو هيو. ڪوڙيون درخواستون ڪري کيس تنگ ڪندا رهندا هيا...“ ياد رهي ته رٽائرڊ صوبيدار غلام حسين چانڊيو، لاڙڪاڻي جي بهترين ايٿليٽ منظور احمد چانڊيي جو والد هيو. منظور احمد چانڊيو نيشنل ليول تي لانگ ريسر جي ايونٽ ۾ پوزيشن کڻندڙ هيو. ننڍي لاءِ کان وٺي ايٿليٽڪ جي حوالي سان اسان جو آئيڊل هيو. اسان ساڻس ھٿ ملائڻ تي فخر محسوس ڪندا هياسين. هو اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۱ع ۾ کيس مشرقي پاڪستان اماڻيو ويو. جنگي قيدي بڻجي واپس وريو. پوءِ انسپيڪٽر ٿيو. ۱ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿي ويو. اھڙن ناميارن گمنام ماڻهن جو ذڪر ڪجي ته کٽڻ جو ناهي. وقت ۽ حالتون ڪيئن رنگ ۾ ڀنگ وجھن ٿيون، خبر ئي نه ٿي پوي ته ”ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا هليا ويا.....

--- ۱۸ ---

ڪجھ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر خادم حسين سومري فون تي ائين فرمائش ڪئي، جيئن پرو چانڊيو، جلال چانڊيي يا جانو آرائين، روبينه حيدريءَ کي پنهنجي پسنديده ڪلام جي فرمائش ڪري. سندس فرمائش آهي ته ان واقعي کي من و عن ائين بيان ڪيان، جنهن ۾ ڊاڪٽر برڪت علي جھتيال سان ڏاڍي ٿي هئي. جيئن چوندا آهن ته ڊاڪٽر، ڊاڪٽر کي نه سهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته سمجھي ويا هوندئو؟ (وڌيڪ نه ٿو چوان جو ٻئي محترم ۽ قابلِ عزت آهن.)

ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾، برڪت علي جھتيال عارضي طور تي لاھوري محلي ۾ محمد حاجن سومري (خادم جي والد) جي اوطاق تي رهائش پذير هيو. ان وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس ايڊميشن ٿي چڪي هئي. ڪنهن هاسٽل يا پرسڪون جاءِ جي تلاش ۾ هيو. محمد حاجن سومري جي اوطاق فقيراڻي سراءِ هئي، جنهن ۾ صوفي فقيرن جي آوت جاوت ٿيندي رهندي هئي. برڪت مهينو ڏيڍ اتي رهيو. شفيع محمد سنديلو (ھاڻ رٽائرڊ پروفيسر ڪيمسٽري) ان سمئه انٽرميڊيئٽ جو اسٽوڊنٽ ھيو. برڪت کان ٽيوشن وٺندو هيو. برڪت نهايت ذهين، زيرڪ ۽ پاڙهو پٽ هيو. ڳالھائڻ ٻولهائڻ ۾ ڀڙ، دليل بازي ۾ اڻ کٽ (چند سال اڳ استاد خالد ۽ مان ميروخان ۾ سندس مهمان ٿياسين ته لڳو اڃا به جيئن جو تيئن آهي.)

شام جو عمومن ٽئي ڄڻا (برڪت، خادم ۽ شفيع) گڏجي ڀت کائيندا هيا. مان به هڪ نه ٻي ڏينهن پڪوڙا يا بھ وٺي ساڻن ڀت ۾ ڀائيوار ٿيندو هيس. ان ڏينهن تي شام جو هميشه وانگر سيراندين کان برڪت، پيراندين کان خادم ۽ شفيع پلٿي هنيون کٽ تي براجمان هيا. وچ تي ٿالھ ڀت جو ۽ کير سان ڀريل وڏو لوٽو رکيل هيو.. اڃا ڀت جي بسم الله نه ٿي هئي. کير ڀت ڏسي منهنجي دل به سرڪي. مان ڀيرومل ”غريب“ جو لکيل پهرين يا ٻي درجي پرائمري وارو بيت جھونگارڻ لڳس

جو کير پيئي، سو وير ٿئي،

ڏند زور وٺن، سٺا سهڻا لڳن،

ڏي کير امان، پي پڙهڻ وڃان...

برڪت سمجھي ويو. چوڻ لڳو؛ ”عنايت گاد جي واڙي تان کير وٺي اچ! تيستائين اسان تنهنجو انتظار ٿا ڪيون.“

وراڻيم؛ ”وڃان ته سهي، پر عنايت گاد جا ڇتا ڪتا کائيندا...“

”تو کي ڪتا ڇا کائيندا. تون ڪتن کي چڪين ته چوڏنهن سيون ھڻائن!“ برڪت پنهنجي خوشطبعي جو مظاهرو ڪندي چيو.

”چڱو! جي کير نه ڏيندئو ته ياد رکو اهڙو ڦيڻو پڙهي لوٽي کي شوڪاري هڻندس جو پيئڻ سان دم پرواز ٿي ويندئو!“ مان ٽنهي کي ڊيڄاريو.

”ھا سائين، تون وڏو ڦيڻي باز آن، تو جھڙن کي اسان کنگھندا ئي ناهيون.“ برڪت ٺٺول ڪندي وراڻيو.

”شفيع ته ڇڙهي ئي هڪڙي هڻندو!“ مان شفيع کي گھوريندي چيو، جو خبر هئي ته وڏو وهمي آهي.

شفيع هڪدم وراڻيو؛ ”ابا، مان ته نه پيئندس!“

”تون لوٽي ۾ ڪجھ وجھندي ته نه ...؟“ برڪت پڇيو.

”ڪجھ به نه!“ وراڻيم.

”پوءِ جي اسان کي ڪجھ نه ٿيو ته، ان جو حساب ڪتاب...؟“

”هي ڏهين جو کڙڪڻو نوٽ اوهان کي ڏيندس!“ مون کيسي مان نوٽ ڪڍي ڏيکاريندي چيو. (ياد رهي ته ان دؤر ۾ کير جو سير پنجين روپئي ۾ ملندو هيو.)

”اڳ ۾ ڏھين جو نوٽ اسان جي حوالي ڪر!“ برڪت مطالبو ڪيو.

”ائين ٿورئي ٿيندو، توهان لوٽو منٽ کن لاءِ مون کي ڏيندءُ، مان ڦيڻو پڙهي، ڏهين روپئي سوڌو اوهان کي ھٿن ۾ ڏيندس!!“

اهو ٻڌي ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا. ان دؤران مان اوطاق جي اولهائين ننڍي ڀت جيڪا گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گرائونڊ جي حاطي مٿان ٺهيل هئي، چڙهي بالم ٿي ويهي رهيس.

”اڙي شفيع ڏيس، جيئن ئي منٽ پورو ٿئي لوٽو ۽ ڏھ روپيا وٺجانس!“ برڪت، شفيع کي ڄڻ شاگرد جي حيثيت سان حڪم ڏنو.

شفيع تجسس ڀريل نگاهن سان لوٽو کڻي مون کي ھٿ ۾ ڏنو. مان چپ چوريندي ڄڻ ڦيڻو پڙهڻ شروع ڪيو. جيئن ئي منٽ پورو ٿيو، مان تڪڙ ۾ ڍڪڻي اڇلي لوٽو کڻي منهن تي چاڙهيم، ”ڳٽ! ڳٽ!“ جا آواز ڪڍندي پي ويس. برڪت گھڻيون رڙيون ڪيون؛ ”اڙي شفيع! اڙي خادم! لوٽو کسيوس!“ پر ٻئي ڄڻا ھڪا ٻڪا ٿي بت بڻجي ڏسڻ لڳا ته کن پل ۾ هي ڇا ٿي ويو..!؟ جيسين برڪت کٽ تان اٿي مون وٽ پهچي، تيسين مان لوٽو اڇلي گرائونڊ طرف ٽپو ڏئي ”منهنجي کير پيئڻ جو لوٽو!“ ڳائيندي ڀڄي ويس.

علي شير جي اوطاق تي ان شگفته واقعي جي ڪيترا ڏينهن بازگشت ھلي. جڏهن به سنگت ساٿ مان آفتاب مغل يا ڪو ٻيو کانئن پڇا ڪندو هيو ته برڪت کِلي منهنجي حاضر دماغي جو اعتراف ڪندو هيو. جڏهن ته خادم چوندو هيو؛ ”ابا! هڪ دک ٻلو اسان جو ديناداستي کير پي ويو... ٻيو ته ڇڏيو برڪت جھڙي سياڻي ڪانوَ کي به ڀُلائي ويو!“

مهاتما گانڌي مزاح جي اهميت بابت چيو آهي ته

If I had no sense of humor, I would long ago have committed suicide

(جي مون کي مزاح جي حِس نه هجي ها ته مان ڪڏهن جو خودڪشي ڪري ڇڏيان ها!)

سچ پچ ته مزاح ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي بحر بيڪران مان پار ڪرائي ٿي، جنهن جي هڪ منزل علي شير جي اوطاق به آهي. جيڪا سنگت کي ائين سڏيندي رهندي آهي، جيئن شاھ سائين جو اھو بيت ھجي،

اچين جي اوطاق، مون ساريندي سپرين،

ته مون جيھي مشتاق، ڏسي لاھي ڏکڙا،

--- ۱۹ ---

ويجھڙ ۾ علي شير ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي سعدي ٽائون ڪراچي ۾ منهجي گھر تشريف کڻي آيو. ڪچهري ڪندي هڪ اھم ڳالھ ڏانهن توجھ ڏياريائين، ته مان حاجي ڊاڪٽر خادم حسين سومري جي تخليقي صلاحيتن جي هڪ لازوال ۽ لافاني غزل جو ذڪر نه ڪيو آهي. جيڪو هن سندس اوطاق تي طمطراق سان پڙهي داد حاصل ڪيو هيو. مان علي شير کي چيو؛ ”جيئن ته توکي خبر آھي ته مان ۲۰۱۲ع ۾ اڌ رنگ جي سٽ اچي وڃڻ ڪري ويسارو ٿي ويو آهيان. ان ڪري شايد اها ڪوتاهي سرزد ٿي هوندي. نه ته والله بالله مان ادبي بد ديانتي جو قائل ناهيان، ڇو جو مان اڃا اديب ناهيان ٿيو. صرف عام ليکڪ آھيان.“

ان تي علي شير ذهن تي زور ڏيڻ جي تلقين ڪندي حجت ڪئي. ھاڻ علي شير جو چيو ڪير موٽائي...! نيٺ دماغ لڙائڻ کان پوءِ ذھني افق تي علي شير جي اوطاق جو اهو منظر سامهون ڦري ويو. جڏهن خادم اهو غزل ٻڌايو هيو. پهريان ته سامعين تي سڪتو طاري ٿي ويو ھيو، بعد ۾ ڪن کيس ”مرحبا! يا مڪرر!“ ۽ ڪن ”مر بي حيا!!“ چئي داد ڏنو هيس. گھڻي مٿا ڪٽ ڪرڻ کانپوءِ به غزل جو مطلع ۽ مقطع ته ياد ڪونه آيو. البته غزل جو وچون بند ياد پيو، بلاشبه جنهن کي بيت الغزل چئي سگھجي ٿو. جنهن جي سر بلندي حافظ شيرازي جي ان مشهور غزل کان ڪنهن طرح به گھٽ ناهي. جنهن کي افغانستان جي مشهور راڳي احمد ظاھر ڳايو هيو.

” گر زلف پريشانت، در دستِ صبا افتد،

هر جا که دل باشد، برباد هوا افتد “

(جي تنهنجا وکريل وار صبوح جي ھير جي ھٿ چڙهي وڃن ۽ ان جاءِ ڪنهن عاشق جي دل هوندي، ته گھلندڙ هير ۾ برباد ٿي ويندي.)

انهيءَ جي ڀيٽ ۾ شاعر نامدار، سخن بي مهار حاجي ڊاڪٽر خادم حسين فرمائي ٿو ته

”بکھرے هوئے بالوں کو ذرا کنگھی تو دو

کھلتی هوئی حسرتوں کو ذرا مرجھانے دو!“

 پنهنجي وکريل وارن کي ٿورڙي ڦڻي ته ڏي

 (اي، بد افعالا عاشق!)

پنهنجي کلندڙ حسرتن کي ٿورڙو مرجھائڻ به ڏي...

(اي، ارمان ڀريا عاشق!)

هيءَ ته ٿي غزل جي بند جي خسيس ظاھري ۽ سطحي معنا.... پر جي ان ٻن سٽن جي اندروني معنا تي ڳالهائجي، ته ان تي ڏينهن جا ڏينهن راتين جون راتيون ڳالهائي سگھجي ٿو. ان ڪري مان ڇتي ڪوري واري ڊيگھ کان پاسو ڪندي صرف ايترو چئي سگھان ٿو ته بند جي پهرين سٽ ۾ ايڏي ته سر بلندي آهي، جو سوچ جو پنڇي به اتي پر نه ٿو هڻي سگھي. ٻي سٽ ۾ وري ايڏي ته پستي (گھرائي ۽ گيرائي) آهي، جو ادب ۾ اهڙو ڪو غواص ئي ڪونهي جو منهن ڪائو ڏئي ان سمونڊ مثل سٽ جي گھرائي مان ھيرا موتي ڪڍي اچي. پر جي بدقسمتي سان ڪڍي اچي، ته اهي وينجھار ئي ناهن رھيا، جيڪي ويھي ھيرا لال ونڌين. جي آهن ته صرف شيشه گر، جيڪي آتشي شيشه کڻي پھڻن کي پھاڙ بڻائي ڇڏين ٿا. نه ته خادم جي ان غزل جو اهو بند ئي نوبل پرائيز جي نامينيشن لاءِ ڪافي آهي. خادم نه صرف ادب جي ميدان جو خاقان اعظم چنگيز خان آھي، جنهن ادب ۽ اخلاق جا سڀ ليڪا لتاڙيا... پر ظاهر ۾ صوفي لا ڪوفي هوندي به وڏو ڪوفي رهيو آھي. چاچو محمد حاجن سومرو (خادم جو والد) مون کي چوندو هيو ته ”تون سنگتين ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽڻڪ آھين!“ ائين ڇو چوندو هيو..؟ ان جو خاص سبب هيو. چاچو نهايت درويش صفت انسان هيو. عمومن مختلف قسم جا فقيري خيال رکندڙ ماڻهو سندس اوطاق تي ايندا ويندا هيا. ڪنهن حد کان وڌيڪ حجتي فقير کيس يقين ڏياريو ته خواب ۾ سيد گلاب شاھ اچي چوي ٿو ته هو محمد حاجن سومري جي اوطاق ۾ پاڻ ظاهر ڪري. سائين منهن جو ڪونئرو انڪار نه ڪري سگھيو. ائين جيئن منهن ڪونئري ڳٽا پٽائي. هڪ ڏينهن ڏٺوسي ته اوطاق جي اولھائين پاسي کان قبر ٺهي پئي آهي. خادم سان گڏ سندس سنگت به پريشان ھئي ته ھاڻي سندن من مستين يا خر مستين جو ڇا ٿيندو..؟

قدرت منهنجي خدا جي! ٻي ڏينهن تي صبوح سان ڏٺوسي ته سائين گلاب شاھ جي قبر غائب هئي. فقير حيران هيا ته هي ڇا ٿي ويو...! اسان (خادم ۽ مان) به افسوس جو اظهار ڪندي چيو پئي ته شايد سائين گلاب شاھ کي اوطاق راس نه آئي، تڏهن هتان غائب ٿي ويو.... چاچي محمد حاجن سومري، آسپاس جي جائزي وٺڻ کانپوءِ مون کي آهستگيءَ سان چيو؛ ”ڪن اورتي ڪر، منظور!“ مون ڪن اورتي ڪيو ته چيائين، ”وڏو ٽڻڪ آن... ڪنڊ تي سينڊل جو نشان رهجي ويو اٿئي، اهو ڊاهي ڇڏ!“ مان ڏٺو ته واقعي منهنجي جيڪب آبادي سينڊل جو نشان، ڪنڊ تي ٺهيو پيو هيو. مان چاچي محمد حاجن سومري کي خبر ناھي ڇو نه چئي سگھيس، ته مون کان وڌيڪ سندس فرزند ارجمند ٽڻڪ آهي، جنهن قبر جي ڊاھيءَ لاءِ ڪوڏر آڻي ڏني ھئي.....

--- ۲۰ ---

ھلو ھلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا. (ڀٽائي)

علي شير جي اوطاق تي ايڪڙ ٻيڪڙ رسڻ پرچڻ جا واقعا به ٿيا. چوڻي آهي، جتي ٻه ٺڪر هوندا ته ضرور ٺهڪندا. پر علي شير جي سنگت ٺڪرن جي نه پر اسٽيل جي ٿانون مثل رهي آھي. ٺهڪيا ضرور، پر نه ٽٽا، نه ڀڳا. ٿورڙي وقت لاءِ کڻي اکيون سايون پيليون ٿيون. پر جلدي اکيون اکين جھڙيون ويا لڙ لهي. محمد علي پٺاڻ جڏهن مون کي پنهنجي سر پاڻ چيو ته ”سائين اھڙن واقعن جو ذڪر اَوس ٿيڻ گھرجي، جو اهو به علي شير جي اوطاق جي تاريخ جو حصو آھن!“ مون دل ۾ چيو، ”اھو ته ڀلو ٿيو، ڳوھ کي کڻي کٽي ته ڳولهي باگڙين جا گھر!“ شروع ئي محمد علي کان ڪجي، پڄاڻي پاڻ تي ڪبي... اوطاق جي سڄي تاريخ ۾ رسڻ پرچڻ جا واقعا ئي ٻه ٿيا آهن....ٻڌائيندي ڪهڙو ٻرو چڙهندو..!

ته ڪن لائي ٻڌو! هڪڙي دفعي هدايت منگي، محمد علي پٺاڻ کان رسي ويو. رسي نه پر ڪسرجي ويو. ٿيو ائين جو علي شير جي اوطاق تي ڪيلاش (پروفيسر سندر خوبچنداڻيءَ جو ڀاءُ) لاڙڪاڻي جي باگڙين جي حالتِ زار ۽ ساڻن ٿيندڙ طبقاتي زيادتن جا قصا ٻڌائيندو هيو. ڪيلاش پنهنجي وت ۽ وس آهر هندو ڪميونٽي کي چؤ چواءِ ڪرائي سندن ٿوري ٿڪي سھائتا به ڪندو هيو. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ عيسائي مذهبي تنظيم (خاص ڪري ڪئٿولڪ چرچ) فلاح و بهبود جي حوالي سان فعال هئي. ان جي ڪوشش هئي ته ڏتڙيل اقليتي طبقن جي احساسِ محرومي جو ازالو ڪندي کين خدا جي بادشاھي ۾ داخل (يعني عيسائي) ڪجي. محمد علي پٺاڻ ۽ ھدايت منگي کي به شؤق چڙهيو ته ان ڏتڙيل ڪميونٽي جي ڏکن ڏاکڙن تي لکجي. ٻنهي ڪيلاش تي زور ڀريو ته کين انهن سان ميل ملاقات ڪرائي. ان وقت ۾ باگڙين جا ٻه وڏا ويڙها يا ٺام ٺڪاڻا، هڪڙو لينار (ڪينسر هاسپيٽل جي ڀر ۾) ۽ ٻيو نظر محلي ۾ ھيا. بهرحال ڪيلاش وقت ڪڍي ٻنهي کي مختلف وقتن تي وٺي باگڙين جي چڱن مڙسن يا سهڻين سيبتين ماين سان ملايو. ائين ٻنهي جي مظلوم ۽ پيڙيل طبقي تي زور شور سان تحقيق شروع ٿي وئي، ته جيئن معاشري ۾ سندن لاءِ رحم ۽ ھمدردي جو جذبو پيدا ٿئي. (ياد رھي ته ٻنهي جي سوچ مثبت ۽ نيت صاف هئي...)

چيو ويندو آهي ته ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ پر محمد علي پٺاڻ جي جلد بازي کي ڏسڻ کانپوءِ چئي سگھجي ٿو ته شيطان ڇا پڄيس!... بس فرق اهو آهي ته شيطان جي تڪڙ تخريبي، پر محمد علي پٺاڻ جي تخليقي هوندي آهي. (اهڙي جلد بازي ۽ حرڪت پذيري محمد علي پٺاڻ کي ان پد تي پهچايو آهي، جو سندس ھن وقت تائين چاليھ ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. تڏهن ته چوند آھن ته حرڪت ۾ برڪت آهي. هن وقت سنڌ جو گھڻ لکيو مقداري ليکڪ ليکجڻ ۾ اچي ٿو.) سوناري جا سؤ ڌڪ، لوھر جو ھڪ ڌڪ. جيستائين ھدايت منگي اڳ پٺ سوچي سمجھي لکي. محمد علي پٺاڻ (خانداني لوھر) جا عوامي آواز ۾ باگڙين متعلق ٻه آرٽيڪل ڇپجي ويا. ھدايت منگي ھميشه وانگر خبرن جا کڦا ڇڏائي. شام جو علي شير جو اوطاق تي آيو ته غصو نڪ تي چڙهيل هيس. چوڻ لڳو محمد علي پٺاڻ اڳ ۾ ڇپرائي بي واجبي ڪئي آهي. اسان کيس عرض ڪيوسي ته موضوع کڻي ھڪڙو آ، پر هن جو منهن پنهنجو، توهان جو پنهنجو. هروڀرو دل تي نه وٺو. محمد علي کي به کُٽيءَ کنيو، انهيءَ وقت پهتو، جڏهن ھدايت ھيٽر جي تارن جيان ڳاڙهو لڳو پيو هيو. ھٿ لاءِ ته ھٿ سڙي، پير لاءِ ته پير سڙي. محمد علي پٺاڻ، سلام ڏنس ته ورايائين نه. هٿ ڏنائينس، ته هٿ پري ڪيائينس. ڪاوڙ جو سبب پڇيائينس، ته به نه ٻڌايائينس. ٻانھون ٻڌائينس ته به ٿڌو نه ٿيو. علي شير، محمد علي کي چيو؛ ”ادا، تون حالي ھليو وڃ، ڪامريڊ ھدايت ٺَري ٺُري ته پوءِ ان ڳالھ کي ڏسئون ٿا!“ محمد علي ڏکارو ٿي اٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي علي شير، هدايت کي ٺاريو ته تنهنجي محمد علي مٿان ڪاوڙ اجائي آهي. مان وري ڪيلاش کي نمائشي دٻڙاٽ پٽيو ته؛ ”سڄي شرارت تنهنجي آهي.!...تون ٻه شينهن (محقق) هڪ ٻيلي ۾ ڇو ڇڏيا...؟ ان ڪري تو تي ڏنڊ لڳندو! “

ڪيلاش مشڪندي وراڻيو؛ ”سچ آ استاد، ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤرو.... ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي...! ٺهيا ته حاضر، اوڌر جي ماءُ مئي ناهي. مان اوهان کان ئي اوڌر وٺي مٺائي وٺي ايندس، ۽ اڳلي جنم ۾ اوهان کي پائي پائي ڪري موٽائيندس!“ ڪامريڊ ھدايت کلي ويٺو چيائينس؛ ”موٽائي وري اڳلي جنم ۾ ڏينديس، سو به پائي پائي ڪري...!“

”ھا، هي منهنجو پهريون جنم آ. ھزارين جنم اڃا پٺتي پيا آھن، استاد جا پئسا سون جھڙا!“ ڪيلاش معصوميت سان جواب ڏنو.

لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جي وارڊ سي ۾، منهنجي گھر کان اوڀر طرف ٽي گھر ڇڏي ڪئٿولڪ چرچ هوندي هئي. جنهن جو مھتمم فادر آرنالڊ ھيو (ھاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي دفتر جي سامهون نئين چرچ ٺهي آھي) فادر آرنالڊ اهو پادري هيو، جيڪو رمضان ۾ افطاري جو سامان وٺي مسجدن ۾ ڏيندو هيو ۽ مفت ۾ پاڙي جي بي پهچ ماڻهن جي علاج جو بندوبست ڪندو هيو. وچ يورپ جي ملڪ سان تعلق هيس، گھڻو ڪري ته سويڊن يا سئزرلينڊ سان. ان کان پوءِ فادر فرانسس جنهن سان منهنجي گھڻي عليڪ سليڪ هئي. ڏيهي سانورو پادري ۽ جواني ۾ هاڪيءَ جو ڀلو رانديگر هيو. ڄنگھ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري تپن پادري ڪيو ھيس، منڊڪائي هلندو هيو. ان مون کي باگڙين تي فرينچ ٻولي ۾ لکيل ھڪ ڪتاب جي ڪاپي ڏني، گڏوگڏ فرينڃ سکڻ لاءِ ”فرينچ ٽو انگلش“ جا ٻه ڪتاب به ڏنا ھيا. جيڪي مون ڪٻٽ ۾ اڏوهي لڳڻ لاءِ رکي ڇڏيا. مون ھدايت کي ان ڪتاب بابت ٻڌايو ته چيائين، ”تو فرينچ سکي ورتي آھي ته ترجمو ڪري ڏي، ھلال پاڪستان اخبار ۾ ھلرايان!“

وراڻيومانس؛ ”فرينچ سکي وٺان ها ته اوهان ٻنهي کان اڳ ۾ ثواب نه ڪمايان ها.“

ٽن ڏيهاڙن کان پوءِ ٻئي ڪامريڊ سوڀي جا شاگرد، لطيف جا عاشق (ھدايت منگي ۽ محمد علي پٺاڻ)، ڀٽائي جي ”سُر مومل راڻي“ جي بيت جي ان سٽَ ”رس مَ رسڻ گھورئو، اُٺ اوراھون آڻ...“ کي ياد ڪري پاڻهي ٺهي ويا، ٿڌا ٿانهريا ٿيا ته سنگت به سک جو ساھ کنيو. ھونئن به حساس ماڻهو رسندا ئي پرچائڻ لاءِ آھن........جھڙ جھيڙن کان الله پناھ ڏي...!

ٻين کي تخته مشق بڻائڻ بجاءِ ھاڻ پنهنجي به ڳالھ ڪجي ته مون کان به هڪ دفعي غلطي ٿي هئي، علي شير جي اوطاق تي لوڊو راند کيڏندي، صفدر مغل سان تکو مٺو ٿي ويو ھيس. اسپورٽس مئن اسپرٽ جو سختي سان قائل هوندي به ”پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏي!“ وارو حساب ٿي ويو. ڪجھ ڏينهن منهن گھنجايوسي. ٽين ڏينهن تي علي شير جي اوطاق تي سنگت جو ڪٺ ٿيو. مرتضيٰ ڪلھوڙي اسان ٻنهي سان پنهنجي مخصوص صحافتي انداز سان مخاطب ٿيو؛ ”اوهان جي رسڻ تي پهريون سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رسڻ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آھي..؟ ٻيو ته سرچاء پرچاءَ ڪهڙن بنيادي اصولن تحت ٿي سگھي ٿو...؟ مهرباني ڪري ان بابت پنهنجو تفصيلي مؤقف بيان ڪريو؟“ مون کي اڳي ئي ندامت ھئي، شرمساري کان من کاڌل هيو. ته راند ۾ اهو ورتاءُ اسپورٽس مئن اسپرٽ جي خلاف آھي. مان جيئن ئي ڀاڪر پائڻ لاءِ اٿيم ته صفدر به هڪدم اٿي پيو. ٻک پئجي ويا. دل، دل سان ملي ته دل ۾ رکيل ڪدورت هوا ٿي وئي. (۹سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي اردو ميڊيا تي طوفان متل هيو ته سعدي ٽائون ٻڏي ويو آھي، گھر لڙهن ٿا ته صفدر مغل ۽ ڊاڪٽر مولابخش ڪلھوڙي فون تي ھڪدم خير و عافيت پڇي ورتي، ته سهڻيءَ بجاءِ ڪوھيار ته نه لڙهي ويو!... محبت جي اظهار کي اڃا ڪي ٻيا سڱ...؟) مرتضيٰ ڪلهوڙي رڙ ڪري چيو؛ ”اڙي! هي ڇا، اسان سمجھيوسي ته ڳالهيون ٿينديون. پھريان اھو طئي ٿيندو ته مھڙ ڪنهن ڏي آ. آخر ۾ ڏنڊ ڏوھ وٺبا!“ علي شير وراڻيس؛ ”اڙي يار، هيءَ ڪا وڏيري جي اوطاق آ ڇا... ڳالهيون مهاڙيون وري ڇا جون.... جبل مٿي ليون، ڳالهيون سڀ ويون. پر تو چڱو ڪيو جو ٻنهي کي احساس ڏياريئي، بس!“

مرتضيٰ ڪلھوڙو، محمد علي پٺاڻ جو سڳو ماسات ۽ سنڌ جي بانا ڦاڙ ۽ بيباڪ صحافين منجھان هڪ آھي. زباني ڏٽ! ڏٽ! کان آجو، وڏو آتش زبان، شعله بيان. جاتي ويهندو، اتي پيو گجندو. جيڪا دل ۾ هوندس سا منهن تي ڦهڪائي ڏيندو. پوءِ جيڪي ٻارنهن آنه بچيا، نه بچيا، ته به کيس پرواھ ئي نه!... مھل جو مڙس ماڻهو. آنڌي مانجھي سڏ ڪبس ته سڏ ۾ سڏ ڏيندو. ڪجھ سال اڳ ڪنهن رقيب رو سياھ هُلايو ته بنا ٻڌائڻ سُڌائڻ جي’خس ڪم جهان پاڪ‘ ٿي ويو آھي. دوست دکدائڪ ٿيا، دشمن کليا، ته چڱو ٿيو، هيانءَ تان تور لٿو. مون ٻڌو ته يقين نه آيو. هڪ چرسي يا ڀنگوڙي بهِ پيالو ڪري ٿو ته ڌوڙ ڌڪاءُ ٿئي ٿو. هي ته لاڙڪاڻي جو اهو بي بدل صحافي آهي، جنهن کان کجيءَ جا جن به پاسو ڪندا آهن. اهو ائين چپ چپات ۽ بنا موڪلائڻ جي جنت الفردوس جي حورن جي ھنج ۾ ھجي، ساڙ ته ضرور ٿيندو..!؟ ڪنهن گمنام ڏاهي (عبدالوهاب سهتي) جي چوڻي آهي ته ”ھڪ صحافي جو موت، انساني ضمير جو موت آهي، جيڪو اسم جي بدران ڪم ايندو آهي.“ جڏهن ته مرتضيٰ ڪلهوڙو سنگت ساٿ جي ڪم جو ماڻهو آهي. ڀل کڻي مرتضى ڪلهوڙو پاڻ چئي ته مان مري ويو آھيان ته به اصل پت نه ڪنداسي. ايستائين جيسيتائين سندس مٺڙو ماسات محمد علي پٺاڻ، پريس رليز نه ڪڍي. پر پوءِ به اتڀئه ۾، مون علي شير کان فون تي پڇي ورتو. تنهن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي پريس ڪلب جو سيڪريٽري لڳو دشمنن جي ھيانءَ تي ويٺو ٿو مڱ ڏري۔۔۔۔!

--- ---

فرانس جي ارڙهين صديءَ جي فلاسافر ”جين جيڪس روسو“ جي مشهور چوڻي آهي ته

Every man is born free, but everywhere he is in chain

(ھر ماڻهو آزاد ڄمي ٿو، پر هر ھنڌ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي)

فرانس ۾ ته شايد انسان آزاد ڄمندو هجي. ليڪن اسان جي سماج ۾ ته عام ماڻهو ڄمندي ئي ڄام نه پر غلام هجي ٿو. ايڏا سنگھر آهن، جو ڀيڻي ڀر ڪونهي. حساب ته ڪيو عقيدن جا ڄار، رسمن رواجن جا پنجوڙ، طبقاتي ڳٽ، سماجي ھٿ ڪڙيون، سياسي ڏنڊا ٻيڙيون، اقتصادي ڏاوڻ، مطلب ته چؤ کنڀو ٻڌل آھي. ڇڏائي ته ڪيئن ڇڏائي...؟ اردو جي ڪلاسيڪل شاعر ”ابراھيم ذؤق“ برصغير ۾ اھڙي بي وسي کي ڏسندي ڇا خوب چيو آهي ته

لائی حيات آئے, قضا لے چلی چلے

نه اپنی خوشی آئے, نه اپنی خوشی چلے

هو عمر خضر بھی, تو معلوم وقت مرگ

هم کيا رهے يهاں, ابھی آئے ابھی چلے...

اهڙي صورت حال ۾ ھت نه ماڻهو آزاد ڄمي ٿو نه مري ٿو. جنهن سماج ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو ناٿ حرامي ھجي. ايڏو حرص هجيس جو شمسي نظام جا گرھ، سج سوڌا ملنس ته به چوندو ڪهڪشان اڃا رهيل آهي. اهڙن جي اوطاقن، ڊيرن يا بنگلن تي آزاد منش جو وڃڻ ھٿ سان ڦوري لهرائڻ آھي. اهي ئي وڃي سگھن ٿا جيڪي انتهائي ڪريل، چاپلوس ۽ خوشامدي کودڙيا ھجن. عزتِ نفس ۽ خود دار ماڻهوءَ لاءِ ته اتي ھڪ گھڙي به عذاب آهي. وڏو ماڻهو ڏند شيڪي ته عام ماڻهو به ”کِک،ککِ!“ ڪري. پر جي واڱڻ جھڙو منهن ڪري ته سڀ واڱڻ لڳا پيا هجن. عام ماڻهوءَ جي اظهار جي ته ڪا حيثيت ئي ڪونهي. وڏو ظلم ته وري اهو ته اهي ئي نام نهاد وڏا ماڻهو سياسي ۽ سماجي گُرو به آهن. سندن ھر هنڌ جئه جئه ڪار لڳي پئي آھي. ٻري تيل، کامي وٽِ، واھ ڙي ڏيئا واھ!.....“

سماجي ماھر چون ٿا ته انساني سماج جي جڙڻ جا ٽي وڏا ڪارڻ آهن. ۱. دوام نسل ۲. تحفظِ ذات ۽ ۳. اظهار ذات Self Expression. جنهن معاشري ۾ انسان پنهنجي اندر جو اظهار کلئي دل سان نه ڪري سگھي، اهو قيد و بند وارو معاشرو Closed Society سڏبو آهي. جنهن ۾ صرف قيدي ۽ ڪند ذهن ئي رهي سگھن ٿا. انسان سوچيندڙ جانور آهي. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته سوچ کي لوچ آھي. اها ئي سوچ آهي، جيڪا سڄاڻ ڪري ٿي، نه ته ماڻهو جانور کان به بدتر آهي.

حقيقت ۾ ته اوطاق سنڌ جي سماجي تربيت گاھ رھي آھي. سنڌ جي عام ماڻهن (ھيٺين ۽ وچين طبقي) جي اوطاق جو روايتي ڪردار ان حوالي سان ڏاڍو شاندار رهيو آهي. جتي ڪچهري ڪندي عمومن چيو ويندو آهي ته ”ادا! ماڻهو مانيءَ جو نه پر قرب جو بکيو آهي. اهو قربت وارو احساس ئي ان غير مادي ثقافت جو اهم جز آهي، جيڪو ماڻهن کي ماڻهپو ڏيندو آهي. ڪجھ ڏينهن اڳ خير محمد ڪولاچي سان ان موضوع تي ڳالھ ٻولھ ٿي هئي. جنهن تي مون کيس گذارش ڪئي هئي ته اسان مادي ثقافت Material Culture رلھي، اجرڪ، ٽوپي وغيره تي ته گھڻو زور ڏيون ٿا، پر ان غير مادي ثقافت Non material Culture کي وساريندا ٿا وڃئون، جيڪا اسان جي سماجي قدرن Social Values سان جڙيل ۽ سنڌ جي شاندار ثقافت جو اصلي جوهر آهي. جنهن ۾ ماڻهپو، سڪ، ساءُ ۽ ملنساري جي ترغيب ملندي رهندي آھي. ان ڪري پنهنجي غيرمادي ثقافت جي انهن سماجي قدرن کي اجاگر ڪيون، جيڪي اسان کي فضيلت مآب ۽ دنيا آڏو ڪنڌ کڻڻ جھڙو ڪن. جيڪي اغوا، ڌاڙي، چوري چڪاري، ڪارو ڪاري جھڙن ڪڌن ڪمن کان روڪين. ۱۹۹۱ع، روٽرڊم ”نيڌرلينڊس“ ۾ اتان جي سماج سڌار تنظيمن هڪ اھڙو مذاڪرو ڪرايو هيو، جنهن جو عنوان هيو ”نيڌرلينڊس جا سماجي قدر“ جنهن جو ماحصل اهو ھيو ته سندن ڪهڙا قدر اڄ به اهميت رکن ٿا ۽ ڪهڙن نون سماجي قدرن جي ضرورت آهي. (مان ان مذاڪري جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. جنهن ۾ هر عمر، جنس ۽ طبقي جا ماڻهو شامل ھيا) سو سائين خير محمد ڪولاچي کي عرض آهي ته جڏهن اوهان سنگت سوڌو ”سنڌ“ تشريف کڻي اچو ته پنهنجن پروگرامن جي ترتيب ۾ ”سنڌ جي سماجي قدرن“ جي عنوان سان مذاڪرو ڪرايو ته ڪهڙا قدر اڄ به اهميت رکن ٿا ۽ ڪهڙا مدي خارج آهن. پر ان ۾ مون جھڙا ريڊي ميڊ افلاطوني دانشُور نه پر سماج جي هر طبقي جا اصلي نمائنده (ٻار، ٻڍا، مرد، عورتون، ڳوٺاڻا ۽ شهري) اچي پنهنجو مؤقف بيان ڪن ۽ ڪو نتيجو ڪڍن. باقي مادي ثقافت ٽوپي، اجرڪ، رلهي جي حيثيت کان انڪار ڪونهي. پر اهائي پرائي مال تي، سنڌي ٽوپي نراڙ تي هجي. ڪنهن عالم جي مرڻ تي ويھ اجرڪ مس ۽ ڌاڙيل تي ھزارين پون. ڪنهن محنت ڪش هاري ناري مزدور کي پٽ تي ھيٺان تڏي به نه ۽ ڪڃر خان کي کٽ تي، هيٺان ٽُڪ واري رلهي وڇائي ڏني وڃي، ته اها مادي ثقافت جي بي حرمتي ۽ بي توقيري آهي.

بهرحال، ڳالھ هلي پئي ”اوطاقي مڙس مٿير، رونگھي علي شير“ جي.

ڪنهن دوست چيو ته ”ادا، علي شير کي ايڏو کڻي کنيو ٿي؟“

مون وراڻيو، ”ڀائو! جتي ويهبو، اتي قصو سڄڻن جو ئي ٿيندو، نه ڪي ڏڄڻن جو...!“

سچ پچ ته علي شير جي اوطاق تي ايندڙ ڪيترن ئي مرحوم دوستن جا مکڙا اکين آڏو ڦري ويندا آھن. ڪچهري ڪندي کين دل سان ياد ڪبو آهي. بشير شاهاڻي (سياسي سپورنج)، علي ڏنو شاھ (يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب جو ساٿي، لاڙڪاڻي جي بزرگ ترين هستي پير شير جو گادي نشين)، تنوير مڪاني (نيشنل ليول جي ھاڪي جو گول ڪيپر)، رزاق مهر (اديب)، افضل قادري (شاعر) ۽ علي شير جو پڦاٽ ماستر غلام مصطفيٰ عرف محبوب سائين وغيره. اھڙي طرح زنده جاويد دوست سھيل مڪاني، عبدالوهاب سهتو، عنايت ميمڻ، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، مختيار سمون ۽ استاد خالد وغيره، جن سان به علي شير جي اوطاق تي مکا ميلو ٿيندو آهي، جو کين خبر هوندي آهي ته ملان جي ڊوڙ مسيت تائين......

علي شير ۽ سندس اڱڻ (اوطاق) سڀن لاءِ ائين ئي رهيو آهي، جيئن شاھ سائين جو اهو بيت آھي ته

جي ايندين چوني آءُ، ويندي چوني ويھ،

ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ وڃجي انهن جي!“

فيس بوڪ جي وال تي علي شير ۽ سندس اوطاق بابت لکندي لکندي ڪيترن ھم ڪلاسين، جن ۾عبدالغفور شيخ، زاهد بلوچ، امام الدين بلوچ سان رابطو ٿي ويو. مزي جي ڳالھ ته ڇهين سيپٽمبر جي شام جو ساڍي ڇهين ڌارا ھڪ فون آئي، ٻڌايائين ته ”منظور! مان سراج الدين ابڙو لاڙڪاڻي مان ٿو ڳالهايان!...سڃاتوَ....؟“ ذهن تي زور ڏنم، نالو ٻڌل لڳو، پر ڇا ڪجي، وقت جي وٿي ۽ ويسر کي....! شاھ سائين جو دل ئي دل ۾اهو بيت ورجايم ته

”اکيون لٽ اوراٽيون، ڪي ڪڙيان پير....

لٽ لاهيندو ڪير، مون جيهي معذور جون؟“

سراج پاڻهي لٽ لاهيندي ٻڌايو ته ”منظور! مان اهو ئي سراج آهيان، جيڪو گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ڏهين بي (بائلاجي) جي گروپ فوٽو سال ۱۹۷۰_ ۱۹۷۱ع ۾، علي شير وچ تي، مان کاٻي ۽ تون ساڄي ھٿ تي، ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آھيون.“ پوءِ هن مون ڏانهن فوٽو واٽسيپ ڪري موڪليا. ھڪدم ياد اچي ويو. قداور ۽ وجيھ شڪل رکندڙ ڇوڪرو سراج ابڙو. ڪلاس ۾ اسان واري قطار واري بئنچ تي ويهندو هيو. ڀرسان وارين بئنچن تي امام الدين بلوچ، عبدالستار ڪورائي ۽ محمد عظيم ڪورائي ويهندا هيا. شاه سائين جي لازوال بيت جي سٽ ياد اچي وئي، ”ڪي ويجھا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!“ سراج ڪاليج جي زماني ۾ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو متحرڪ صدر هيو. اڃا به ساڳي برج تي بيٺل پڪو پيپلو آهي. وري به شڪر آ، ”شڪر گڏياسين سپرين، جيئري جاني يار!“ سراج پنهنجو هاڻوڪو فوٽو به موڪلي ڏنو، رنگ روغن لڳل صفا مَنُ، ايئن جيئن ڪوڏر ۾ ڳن لڳو پيو آھي. الله سائين، پوڙھائپ ۾ به جواني ۽ صحت بخشي ڏني اٿس! اسان کي ته تپن مومن ڪري، فنا في الشيخ مان فناالله ڪري ڇڏيو آهي، باقي بقاباالله واري منزل بچيل آهي. ٻڌايائين ته وات وڪيل به آهي، پنهنجي ڳوٺ وارھ ۾ زمينداري به هليس ٿي. پٽهنس ڪراچي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل پڻ اٿس. پنهنجي راڄ ڀاڳ سان خوش و خرم لڳو پيو آهي. ننڍي لاءِ جي ھم عصر دوستن کي خوش حال ڏسي خوشي ٿيندي آھي. فوٽو ۾ اهي ھم ڪلاسي به ڏٺم، جيڪي هيءَ دنيا ڇڏي، دارالبقا ڏانهن روانا ٿي ويا. سهڻو سيبتو عبدالوحيد شيخ نظر آيو. مون سان گڏ اسڪول جي فرسٽ اليون ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اوپننگ ڪندو هيو. نهايت سلڇڻو ۽ سٻاجھو هيو. خير سان ڊاڪٽر به ٿي ويو. قنبر ويندي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. علي شير وٽان اھا به خبر پئي ته ستار ڪورائي ۽ عظيم ڪورائي به رحلت ڪري ويا آھن. عظيم ڪورائي کل ڀوڳ ۾ مون سان وڏو وچڙندو هيو. مالڪ جي مرضي آ، ڪچي لڻين، يا پڪي....

اوڻويهين صديءَ جو لکيل ايڇ جي ويلس جو سائنس فڪشن ۾ شاهڪار ناول ”دي ٽائيم مشين“ ڏاڍو ياد آيو، جنهن جي مرڪزي خيال جي بنياد تي ڪيئي فلمون ۽ ڊرامه سيريل ٺهيون آھن. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته وقت کي ماضي ۽ مستقبل ۾ ورائي سگھجي ٿو. ڪاش! ائين ٿي سگھي ته مون کي به ڪا اهڙي ٽائيم مشين ملي وڃي، جنهن وسيلي انهن ڪلاس ميٽس ۽ دلڌير دوستن سان ملي سگھان، جن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا آهن. ماضي ۾ واپس وڃڻ ته شايد ممڪن نه به هجي، پر مستقبل ۾ ته اھڙن دوستن سان عالم ارواح ۾ ملي سگھجي ٿو. شهرِ خموشان (قبرستان) ۾ جڏهن به وڃڻ ٿيندو آهي، ته ھر قبر مان ڄڻ ته رومن مرثيه نگار ”البائس تبولس“ جي ان شعر جي سٽن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته

You, who is standing by my grave, don’t look so shocked at this sight,

Yesterday, I was just like you and tomorrow you will be just like me.

(تون، جيڪو منهنجي قبر جي ڀر ۾ بيٺو آھين. ڏسي پريشان نه ٿي.

ڪالھ، مان تو وانگر هيس ۽ تون سڀاڻي مون جيان هوندين.)

زندگي ۽ موت جو سلسلو ازل کان ابد تائين جاري آھي. ھل چل جو جھان آهي. ڪنهن جي سمور ۾ ته ڪنهن جي تنور ۾ گذري ويندي. صرف پٺيان ڳڻ ۽ ڳالهيون رهنديون ...

 آخر ۾ ديسي پرديسي، جيءَ جيارا دوست جنهن جاءِ هجن، شال جڙيا رھن... خوش دل ۽ خوش باش هجن!!

 سڀن لاءِ نيڪ تمنائون ۽ شڀ ڪامنائون....!

No comments:

راءِ ڏيندا