ڪليم الله لاشاري
۽ ڪجھ سندس لکيل خط
منظور ڪوھيار
خطن تي پوءِ ٿا اچون، پهريان ڪليم
لاشاري بابت وات ٽڪاڻي ڪجي. پڙهائي جي حوالي سان اسان (علي شير، خادم حسين سومرو ۽
مون( کان ٻه درجا مٿي يعني اسان اٺين
۾ ته هي مئٽرڪ ۾ هيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي فرسٽ اليون ڪرڪيٽ ٽيم جو ميڊيم فاسٽ
بالر ۽ ايٿليٽڪ ۾ ۸۰۰ ۽ ۱۵۰۰ ميٽر ريس سان گڏ جيولن ٿرو ۽ ھيمر ٿرو جا ايونٽ ڪندڙ هيو. ان ڪري اسڪول جي
گرائونڊ تي ديد درشن ته ٿيندو رهندو هيو. پر وڌيڪ ڄاڻ علي شير جي ويجھي مائٽ علي
حسن رونگھي، جيڪو سندس ڪلاس ميٽ هيو، تنهن ڏني ھئي ته ھو ڪلاس ۾ هونهار شاگردن
منجھان هڪ آھي. لاڙڪاڻي جي دڙي محلي جو ويٺل ۽ جميعت الشعراءُ (سنڌ) جي سيڪريٽري ۽
ڪھنه مشق شاعر اديب محمد علي ”جوهر“ جو فرزند ارجمند آهي.
اسان جيئن ۱۹۷۱ع ۾ مئٽرڪ ڪري، ڪاليج ۾ پهتاسي ته لاڙڪاڻي جي ڪرڪيٽ ڪلبن ۾ ڀڃ ڊاھ شروع ٿي
وئي، ڪافي جھونا رانديگر ذاتي سببن ڪري رٽائر ٿي ويا. ان ڪري ڪلبن کي نئين رت جي
ضرورت هئي. انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن مان نئين ڀرتي ڪرڻ شروع ڪئي. مون کي ”فرينڊس ڪرڪيٽ
ڪلب“ جي سينئر رانديگر عبدالله مڪاني صاحب ۽ ”لاھوري محلو لاڙڪاڻو ڪلب“ جي ڪيپٽن
استاد عبدالله ميمڻ طرفان ميمبر ٿيڻ جي آڇ ٿي. جيئن ته عبدالله مڪاني منهنجي والد
جو ۽ سندس فرزند سھيل مڪاني منهنجو دوست هيو. ان ڪري مان فرينڊس ڪلب ۾ شموليت
اختيار ڪئي. جنهن ۾ ان دؤر جا مشهور رانديگر موجود ھيا. ڪن جا نالا ذهن ۾ اچن ٿا،
جن ۾ منير چانڊيو، بشير چانڊيو، عبدالمجيد رند، قلندر بخش ”ڪلو“، غلام نبي ڀٽو،
نذر محمد سيال، ۽ مختيار جلباڻي وغيره ھيا. جڏهن ته اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪافي نوجوان
رانديگرن پراڻين ڪلبن ۾ شموليت ڪرڻ بجاءِ نئين ڪلب ”اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب“ جوڙي.
جنهن جي بنيادي ميمبرن ۾ محمد نبي اعواڻ، اشتياق انصاري، ڪليم لاشاري ۽ شڪيل شاھ
هيا. ڪلب جا ميمبر جيڪي ياد اچن ٿا، تن ۾ علي شير، خادم حسين سومرو، حاجن لاڙڪ،
بشير ساريو ۽ سجاد انصاري وغيره شامل هيا. پراڻي فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب به سال کن هلڻ
کان پوءِ پويان پساھ کڻڻ لڳي. عبدالله مڪاني صاحب به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو،
ٻيا سينيئر به پنهنجن ڪمن ڪارن، ڌنڌن ڌاڙين يا بدلين سدلين ڪري ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. جڏهن
ته لاھوري ڪرڪيٽ ڪلب ۾ استاد عبدالله آل رائونڊر، عرف ”ون مئن شو“ هيو، ڪڏهن ڪڏهن
سهيل مڪاني، رفيق لاڙڪ يا اشفاق بدوي جھڙا نوجوان کلاڙي ساٿ ڏيندا هيس ته ڪلب ٽورنامينٽ
جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويندي هئي. البته اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ٻه ٽي سال خوب ڪارڪردگي
ڏيکاري. ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچندي يا مئچ کٽندي ھئي. پر پوءِ اها به ڀڃ ڊاھ جو
شڪار ٿي وئي. اشتياق انصاري پڙهائي جي حوالي سان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب
شاه ڪيمپس وسائي. حاجن لاڙڪ نوڪري جي حوالي سان شڪارپور پهتو. ڪليم الله، ڪرڪيٽ ڇڏي،
ايٿليٽڪ جي ڏکئي ايونٽ ھيمر ٿرو تي ڌيان ڌريو. ان دؤر ۾ لاڙڪاڻي مان اسحاق ابڙو
هيمر ٿرو ۾ نيشنل ليول جو سينئر ايٿليٽ هيو. پر ڪليم لاشاري بحيثيت نوجوان ايٿليٽ
جي جلدي ئي پراونشل ۽ نيشنل ليول تي پنهنجو مقام حاصل ڪري ورتو. ھڪ ٽين ٽيم بابت
به ٻڌائڻ ضروري سمجھان ٿو. اها هئي مھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب، جيڪا انٽر ڪلب ٽورنامينٽس ۾
اوچتو کنڀي جيان ڦٽي نڪرندي هئي. جنهن جو سرپرست بشير احمد قريشي عرف ”فمنچو“ هيو.
اهو نالو مزاحيه حس رکندڙ کلاڙي سيد ماجد شاھ جو رکيل هيس. ماجد شاھ بلائنڊ ھٽر (ڌڪائي)
هيو۔ فقير طبيعت ماڻهو هيو جيڪو کيڏائيندو هيس، ان طرفان کيڏندو ھيو. عمومن کيس
يارنهين نمبر تي موڪليو ويندو هيو. ڌڪو لڳس ته ڇڪو، نه ته بال وڪيٽن ۾. ائين جيئن
تير نه ته تڪو۔ سندس اهو مشهور جملو هوندو هيو ته ”جي مان آئوٽ ته مان آئوٽ، پر جي
ٻيو آئوٽ ته به مان آئوٽ!.. اھا بي انصافي آھي.“ بشير احمد قريشي جا ناناڻا کارا
در ڪراچي جا هيا، هو اتان رانديگرن جي ميڙ سيڙ ڪري ٽورنامينٽ ۾ لاھي، ٻين ٽيمن جي
مٿي ۾ ڀت رڌي ڇڏيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس ٽيم فائنل ۾ به پهچي ويندي هئي.
ٻن وڏين ڪرڪيٽ ٽيمن (فرينڊس ڪلب
۽ اليون اسٽار) جي اوچتو زوال پذيريءَ ڪري، لاڙڪاڻي جي دربدر رانديگرن جو ھڪ ڏينهن
اسٽيڊيم ۾ ڪٺ ٿيو. نتيجي ۾ هڪ نئين ”يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب“ جنم ورتو. جنهن جو ڪيپٽن نذر
محمد سيال ۽ وائيس ڪيپٽن مختيار جلباڻي بڻيا. مان به ان جو ميمبر ٿيس. ڪليم الله
بحيثيت رانديگر، ڪرڪيٽ کي ڇڏڻ جي باوجود به ڪرڪيٽ ۾ هڪ منفرد حيثيت حاصل ڪري ورتي
ھئي. اها هئي سندس هڪ بي ريا ايمپائر هجڻ جي. هي لاڙڪاڻي جو واحد ايمپائر ساماڻو،
جيڪو رولز ريگيوليشن جو ڄاڻو ۽ ڪنهن دٻاءَ ۾ نه ايندڙ هيو. نه ته لاڙڪاڻي جا
ايمپائر بدنام زمانه پاڪستاني ايمپائر ”شڪور رانا“ جا شاگرد هيا. هڪ دفعي شڪارپور
جي ٽيم شو مئچ کيڏڻ آئي. ون ڊائون تي ويندڙ لاڙڪاڻي جو هڪ ڀوتار رانديگر ديناداستي
رن آئوٽ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ايمپائر نه ڏنو. شڪارپور وارا واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا،
ته ايمپائر چيو ته اڳتي شڪارپور جي ٽيم کي نه گھرايو، جو انهن ۾ اسپورٽس مئن اسپرٽ
وارو گڻ ناهي. جڏهن ته اھڙن جي مقابلي ۾ ڪليم لاشاري نياءَ ڪار ايمپائر ثابت ٿيو،
جنهن جي نقش قدم تي هلندي لاڙڪاڻي ۾ رفيق لاڙڪ جھڙا ۽ ٻيا سٺا ايمپائر پيدا ٿيا.
مان ڪليم الله جي ايمپائرنگ جي
حوالي سان هڪ واقعو ٻڌائڻ کان اڳ ڪجھ ڄاڻ ڏيڻ مناسب ٿو سمجھان ته ”يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب“
جا ٽي بهترين بالر ھوندا ھيا، جيڪي ساڳئي وقت ڊسٽرڪٽ ۽ ڊويزنل سليڪٽيڊ به ھيا. جن
۾ اشتياق انصاري گوڊ لينٿ اسٽرائيڪ بالر، مرحوم بشير ساريو آئوٽ سونگ ميڊِم فاسٽ
بالر ۽ نصرت جعفري اِن سونگ فاسٽ بالر نمايان ھيا. نصرت جعفري جو بال ڪڏهن ڪڏهن اھڙو
”اِن سونگ“ ٿيندو هيو، جو بئٽس مئن جو حيرت وچان وات ٻاڪون نه پر گودو ٿي ويندو
ھيو!!!. پرئڪٽس يا انٽر ڪلب ٽورنامينٽس مئچز ۾ مان عمومن اوپنر بئٽس مئن جي حيثيت
سان ساڻس منهن مقابل ٿيندو هيس. سواءِ لوز بال جي مان سندس ڪنهن بال کي ھِٽ نه ڪندو
هيس. جڏهن نصرت جو ٽيمپر لوز ٿيندو هيو، ته رنسون وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. هڪڙي مئچ
۾ نصرت اوور جو پهريون بال بنھ آف اسٽڪ تي ڪيرايو، مان ان کي آئوٽ آف اسٽڪ سمجھي
ويل ليفٽ ڪري ڇڏيو. خبر تڏهن پئي جو بال اھڙو اِن سونگ ٿيو جو بيلس اڏائي ھليو
ويو، ۽ مان بئٽ سان پيڊ زني وارو ماتم ڪندي ٻاهر نڪري آيس. ھاڻي ڪليم الله لاشاري
جي حوالي سان اهو واقعو ٻڌو. سال ۱۹۷۵ع ۽
سياري جي موسم هئي. لاڙڪاڻه اسٽيڊيم ۾، يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وچ ۾ ڊسٽرڪٽ
ڪرڪيٽ انٽر ڪلب ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ ٿي رهي هئي. جيئن ته مان ڊگري ڪاليج جي ڪرڪيٽ
ٽيم جو ڪيپٽن هيس، ان ڪري انٽر ڪلب ٽورنامينٽ ۾ ڪاليج طرفان کيڏندو هيس. پهريان يوٿ
ڪرڪيٽ ڪلب جي بيٽنگ هئي، ۱۲۸ رنسن
تي ڍير ٿي وئي. جڏهن اسان جو وارو آيو ته مان ڪريز تي بحيثيت ڪيپٽن ۽ اوپنر ڄميو
بيٺو هيس. سهيل مڪاني جي ٻن ڇڪن سان ٽيم جو مجموعي اسڪور ستن وڪيٽن تي ۱۰۳ تائين پهچي چڪو هيو. اسان جي کٽڻ جا چانس ھيا. انهيءَ دؤران نصرت جعفري
بائولنگ پئي ڪئي. هن بال اڇليو، بال منهنجي پيڊن سان گسي اھڙو آواز ڪڍيو ڄڻ بئٽ
مان ڪلڪ نڪري ڪيپر جي هٿن ۾ پهتي ھجي. ”هائوزي..؟ هائوزي....؟ هائوزي!؟“ جو شور
مچي ويو. نصرت جعفري خوشي ۾ پِچ تي ننهن نچڻو ٿي نچيو، وڪيٽ ڪيپر نظر محمد سيال ۽ ٻين
رانديگرن اھڙي حشري مچائي ڏني، جو مون کي ڀؤ هيو ته ڪليم الله پنهنجي پراڻي سنگت
جي دٻاءَ يا نڀاءَ ۾ اچي آئوٽ ڏئي ڇڏيندو. پر ڪليم الله، نَھَ کي نوَ ڪوٽ ڏئي ڇڏيا.
رهندو سهندو سندن دانهن ڪُوڪن تي ڄڻ لپ لوڻ جي ھاريندي مشڪندو رھيو. فرسٽ سلپ تي
بيٺل صاف گو ۽ سچار محمد نبي اعواڻ کلندي چيو؛ ”منو (منظور) کي هروڀرو آئوٽ ڪرڻو
هيو، ته ڪلو (ڪليم الله) کي ايمپائر نه ڪيو ها!“
روهڙي وارن لاءِ مشهور آهي ته
”روھڙي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي!“ ان حوالي سان سائين سيد امداد حسين شاھ (روھڙيءَ
جو ناميارو تاريخدان ۽ اسپورٽس مئن) وضاحت ڪندو. پر سچ اهو آهي ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي
وارا به گھٽ ڪو نه هيا. يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب وارن اها مئچ اسان کان ڪيئن ڌوڌ (ڊوھ) ڪري کٽي،
ان جو تفصيلي ذڪر سھيل مڪاني جي خاڪي ۾ ڪبو......
---- (۲ ) ----
لاڙڪاڻي اسٽيڊيم جي مختصر تاريخ
اها آهي ته ۱۲ ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل ۲۴ مارچ ۱۹۶۳ع ۾، ”لاڙڪاڻه اسٽيڊيم“ جي پيڙھ
جو پٿر ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي خان ڀٽي صاحب رکيو هيو. پيڙھ جي پٿر تي
شاھ ايم مسعود سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ايسوسيئشن ۽ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ پريزيڊنٽ
ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ايسوسيئشن عبدالمجيد خان جا نالا پڻ ڏنل آهن. ان اسٽيڊيم جو ٺيڪيدار
منظور آرائين ھيو، جنهن ان کي سال اندر مڪمل ڪيو. جيڪو پاڻ هڪ بهترين ڪرڪيٽيئر، ۽ ڊسٽرڪٽ
ڪرڪيٽ ايسوسيئشن جو ڳچ وقت تائين سيڪريٽري به رهيو. جنهن جو چوڻ هيو ته ان ٺيڪي ۾
کيس ڪجھ سيمنٽ جو ٻوريون، لوهي سريا ۽ رنگن جي دٻن جي بچت ٿي هئي. سندس ڳالھ سچي
ان ڪري به لڳندي آهي، جو انگريزي اکر سي (C) جي طرز يا ڊزائين تي ٺهيل پويلن جي ڇت نه اڃا ڀڳي آهي ۽ نه ٽٽي
آهي. ان اسٽيڊيم جي ميدان تي آل پاڪستان هاڪي، ڪرڪيٽ، فوٽ بال، والي بال جون ٽورنامينٽس
يا ايٿليٽڪ ميٽس ٿيندي ڏٺيونسي. مختلف راندين ۾ سنڌ يا ريجنل ليول جي مقابلن جو ته
ڪو حد حساب ئي نه هيو. پويلن جي پٺيان ڏکڻ ۾ وهندڙ واهي ۽ گلن ڦلن جون قطارون
هيون، جن ۾رنگبرنگي موسمي گل جھومندا رهندا هيا. اتر منهين پويلن جي سامهون راند
جي ميدانن تي اهڙي سنوت ۽ سڌائي هوندي هئي جو ڪرڪيٽ يا هاڪي جا بال ترڪندا ويندا
هيا. اهڙي ته نرم ۽ نازڪ ڍاڪا ڇٻر لڳل هئي جو آسٽروٽرف به نه پڄيس. ان تي ڊڪندي لڳندو
هو ڄڻ بخمل تي پير پوندا هجن. جنهن جي شاھدي حال حيات بخاري برادران محترم منور
سلطان، مڪرم سلطان ۽ محترم ڪمال الدين به ڏيندا. جيڪي ان دؤر جي ھاڪيءَ راند جا
بهترين رانديگر رھيا آهن.
پر جڏهن کان ”لاڙڪاڻه اسٽيڊيم“
مان ڦري ”ميونسپل اسٽيڊيم، پيپلز اسٽيڊيم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيڊيم، ۽ شهيد
محترمه بي نظير ڀٽو“ جي نالن سان مٽ سٽ ٿي. تڏهن کان هن اسٽيڊيم جي بد نصيبي شروع ٿي.
اها ئي اسٽيڊيم جيڪا اکين ٺار هئي، سا پهريان سياسي جلسن، پوءِ آمر ضيا جي دؤر۾ ٽڪ
ٽڪي تي چاڙهي ماڻهن کي ڪوڙن هڻڻ جي اذيت گاه، ۽ تهان پوءِ مذهبي اجتماعن جي
آماجگاه بڻجي وئي. نتيجي ۾اسٽيڊيم جو چوٿون حصو بيت الخلا بڻجي ويو. جنهن جي روح
پرور خوشبو کلاڙين جي دل و دماغ کي معطر ڪندي جنت ۽ دوزخ جو فرق سمجھائيندي ھئي.
آخر ۾ رهي کھي ڪسر روشن خيال آمر پرويز مشرف جي دؤر ۾ ميلن ٺيلهن ڪڍي ڇڏي. موت جي
کوهن آڏو کدڙا ڊانس کان وٺي، لذت ڀريا پروفيسر شو منعقد ٿيڻ لڳا. جنهن ۾ جوانن کي
عملي طور جنسي تعليم ۽ تربيت ملندي هئي. نوجوان ڪنهن ٻي ھنڌ مهڪارو ڇو ملين، اسٽيڊيم
کان بهتر ٻيو هنڌ ڪهڙو ٿي سگھي پيو..؟
اسٽيڊيم جي سوڌ سنوار لاءِ،
ھلندڙ جمھوري دؤر ۾ پندرنهن سالن کان وٺي مرمت جو ڪم وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان هلي
رهيو آھي. پر اڃا تائين ٺهي نه ٿي ٺهي. ڪڏهن وچ تي جاگنگ ٽرئڪ ٺاھي هاڪي ۽ فوٽ بال
گرائونڊ کي تهس نھس ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن ان کي ڊاهي عجيب وغريب قسم جا اسٽرڪچر ٺاھي اڌ
۾ ڇڏيا وڃن ٿا، ويچاري انتظاميه کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڪيئن اسٽيڊيم کي سينگارجي
سنوارجي. سندن اذيت پسنديءَ واري محبت ائين آهي، جيئن سڪڻيءَ کي پٽ ڄائو، چمين سان
ماري ڇڏيائينس.....
حالانڪ اسٽيڊيم کي جيئن جو تيئن
رهڻ ڏنو وڃي ها. صرف پويلن جي ٿوري ٿڪي مرمت ۽ مختلف راندين جي ميدانن جي سنوت ۽ ڍاڪا
گراس (ڇٻر) جو خيال رکيو وڃي ها. آخري ڳالھ ته سندس ڪارج کي ڇيهو نه رسايو وڃي ھا،
ته اها ئي اسٽيڊيم لاڙڪاڻي جو شان هجي ها. جنهن ۾ صلاح الدين، ڪليم الله ۽ سليم
الله جھڙا بين الاقوامي سطح جا ھاڪي رانديگر کيڏي ويا ھيا. جتي ۱۹۷۴ع ۾ ڪرڪيٽ جي قومي ٽيم جو ڪيپٽن انتخاب عالم ”آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ“ جو
مهمان خصوصي ٿيو ھيو. آل ميجر عزيز ڀٽي شهيد فوٽ بال ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي، لاھور، ڪوئيٽا
۽ پشاور جون ٽيمون ھر سال حصو وٺنديون هيون. توهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته يورپي ملڪن جي ڪنهن
اسٽيڊم ۾ سواءِ اسپورٽس جي ڪي ٻيا جلسا منعقد ٿيندا ھجن...؟ بس ڇا ڪجي، سونهن ۽
صحت جي دشمنن کي...شايد ته ھر ڪنهن کي پيٽ جي لڳل آهي. پهاڪن جو ڄاڻوگر عبدالوهاب
سهتو هڪ پهاڪو ٻڌائيندو آهي ته ”نيت بد ته روٽي رد!“
پر وقت آھر اهڙن پهاڪن ۾ تبديلي ٿيڻ گھرجي. هاڻي ”نيت
بد، ته روٽي وڌ!“ ائين آهي يا نه...؟
مان ”اوطاقي مڙس مٿير، رونگھو
علي شير“ جي خاڪي ۾ ڄاڻائي چڪو آهيان، پر وري به ھت ورجايان ٿو، ”۱۹۷۵ع ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر، اندازن ننڍا وڏا مختلف قسم جا تيرنهن کن آکاڙا موجود
ھيا. انهن مان ٻه آکاڙا تن سازي ڪري مشهور هيا. هڪڙو هيو استاد عاشق سومري جو آکاڙو
۽ ٻيو هيو، ممتاز سينڊو (کوکر) جو. جتي مختلف پهلواني انگ سيکاريا ويندا هيا. هڪ ھٿ
سان ريل جي لوھي پٽڙي يا پڃري کڻڻ، ڇيڻي چٻي ڪرڻ، سيني تي وڏي وزن واريون چڪيون
رکرائڻ، جيپ يا ٽريڪٽر کي جھلڻ، گھلڻ وغيره.. باقي يارنهن آکاڙن مان ڪجھ ته پنهنجي
ڪارج جي حوالي سان ٺيڪ ٺاڪ هيا. پر گھڻا وري لواطت ۽ بدمعاشي جي حوالي سان بدنام
هيا. جتي ننڍن ڇوڪرن سان زيادتي جا قصا مشهور هيا. مجموعي طور سٺي ماحول نه هجڻ ڪري
شريف ماڻهو پنهنجن ٻارن کي آکاڙن ۾ وڃڻ کان روڪيندا هيا.“
سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪليم الله لاشاري، اسٽيڊيم ۾ ايندڙ سنجيده دوستن آڏو هڪ تجويز رکي ته ڇو
نه ڪا اهڙي فضيلت ڀري هيلٿ ڪلب ٺاھجي، جيڪا رانديگرن کي سائنٽيفڪ انداز ۾ تربيت ڏي.
سڀني اتفاق ڪيو، جو سڀني راندين ۾ ٿوري يا گھڻي ويٽ ٽريننگ جي ضرورت پوندي آھي. اهڙي
طرح ”ماسٽرس جمنازيم ڪلب لاڙڪاڻو“ جو بنياد پيو. جنهن جي بنيادي ميمبرن ۾ مان،
استاد ياسين اعواڻ، اشتياق انصاري، شڪيل شاھ، مختيار مغل، شعيب عمراڻي، محمد علي
قادري، محمد اعظم ۽ نورحسين قادري وغيره ھيا. جنهن جو پهريون سيڪريٽري استاد ياسين
اعواڻ ٻيو مان ٿيس، ۽ سرپرست تاحيات ڪليم لاشاري بڻيو. باقاعده ميمبرشپ فارم ڇپيا،
ماهوار في پنج روپيه مقرر ٿي. پر اسڪول جي شاگردن جي في معاف هئي. ڪلب جي شرطن ۾
عمر، جنس، ذات پات جو ڪو قيد نه هيو، بشرطيڪ ڪنهن جو ڪرمنل رڪارڊ نه هجي. انهن
بنيادي اصولن تحت ڪلب ۾ سيد مور شاھ کان وٺي ڀنگي بنواري لال کي به ميمبرشپ ملي
وئي. ماسٽرس جمنازم ڪلب جي خاص ڳالھ اها هئي جو ان ۾ هڪ ننڍي لئبرري جو قيام پڻ
عمل ۾ آيو. ڪليم الله لاشاري جڏهن به ڪراچي ويندو هيو ته تن سازي يعني باڊي بلڊنگ
۽ ٻين راندين متعلق ميگزين وٺي ايندو هيو. سندس آندل اسپورٽس لٽيريچر وڏو ڪم ڏيکاريو.
خاص ڪري ڪافي ميمبرن جو لاڙو سائنٽيفڪ انداز ۾ باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ طرف وڌڻ لڳو.
اڳتي هلي ويٽ لفٽنگ ۾ هن ڪلب جي ميمبرن سنڌ ليول تي مقابلا ڪيا ۽ کٽيا. باڊي بلڊنگ
۾ نيشنل ليول تي به پهتا. نه صرف ايترو ڪيائين، بلڪ اسان جھڙن لاءِ ادبي، تاريخي،
فلاسافي جي موضوعن وارا ڪتاب به آڻي رکندو هيو. ان سان نه صرف تن سازي پر ذهن سازي
به ٿيندي هئي. جنهن مان، مون سميت گھڻن استفاده ڪيو. ملھ (راند) سان گڏوگڏ راڳ (ادب)
به سکڻ لڳاسي.
سال ۲۰۱۸ع ۾، حيدرآباد لٽريچر فيسٽوئل ۾ اشتياق انصاري سان ملاقات ٿي، چوڻ لڳو،
”منظور! جيڪو اسان کي ڪرڻ گھربو هيو، اهو الائي ڪري سگھياسي يا نه؟“
وراڻيومانس، ”تنهنجي لاءِ ته ڪجھ
نه ٿو چئي سگھان، البته پاڻ لاءِ چئي سگھان ٿو ته
نه
خدا هی ملا، نه وصالِ صنم
نه
ادھر کے هوئے، نه ادھر کے هوئے...“
اشتياق جو هڪ وڏو ٽهڪ فضا ۾
بلند ٿيو ۽ مون ڏٺو ته آسپاس جي ساسي ساھن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي......
---- (۳) ----
اشتياق انصاري جو برِ سبيل ذڪر
اچي ويو آهي ته مختصر تبصرو يا تبرو ضرور ٿيڻ گھرجي. ڇا خيال آھي...؟ مون کي يقين
آھي ته اوهان ضرور چوندئو ته ٿيڻ گھرجي. ڇو جو ڪليم الله لاشاري ۽ اشتياق انصاري ٻئي
جھُٽ رهيا آهن. اشتياق انصاري مون کان ٽي سال سينئر هيو ۽ ڪليم کان شايد ته هڪ
سال. پر لاڙڪاڻي اسٽيڊيم سڀني کي لُواڙي ائين گڏائي ڇڏيو هيو، جيئن اسان جي وڏي
حضرت علامه اقبال جو هڪ شعر آهي ته
”ايک
هی صف ميں کھڑے هوگئے محمود و اياز،
نه
کوئی بنده رها، اور نه کوئی بنده نواز!“
اسان يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ڊسٽرڪٽ جي
ٽيم ۾ گڏ کيڏندا هياسي. هو ڪلب ۽ ڊسٽرڪٽ جو فاسٽ بالر طور ۽ مان اوپنر طور. اشتياق
انصاري ۾ گھڻيون خوبيون هيون. يار ويس، خوشدل، خوش وضع ۽ خوش مزاج ماڻهو هيو (هاڻي
جي خبر ناهي، ملئي گھڻو عرصو ٿيو آهي) پر وڏي ۾ وڏي خوبي ٽيڪر بازي واري هيس، جيڪا
سندس خوش زباني جو اھم جز ھئي. جنهن کي لاڙڪاڻي واري لهجي ۾ ڦوڪ بازي چئبو آهي. اڳلي
کي وڌائي چڙهائي اهڙي ٽيڪر ڏيندو ھيو، جو ٻئي پير پٽ تي نه هوندس. شل نه ڪو ٽيڪر
جو ڀاڙي ھٿ اچي وڃيس. مٿو رلائي ڇڏيندس. مون ان حوالي سان هڪ ٻيو شخص به ڏٺو. اهو
هيو ميونسپل هاءِ اسڪول جو چوڪيدار محمد بخش سانگي. سج لٿي کانپوءِ عمومن سهيل مڪاني
سان اسڪول ۾ ڪچهري هڻندو هيس. سهيل ٽيچر هئڻ سان گڏ اتي اسپورٽس انچارج به هيو. گڏجي
چانھ گھرائي پيئندا هياسي. اتي عمر رسيده ٻاليشاهي ڀنگي جوڙو ڪم ڪندو هيو. مرد ته ڪنهن
منهن مانَ سان هيو، مائي ويچاري موچاري، ڏند کائي چپن سان لڳل هئي. آخر ۾ جڏهن هيڊ
ماستر جي آفيس جي صفائي ڪرڻ کان پوءِ چاٻيون محمد بخش کي ڏيڻ ايندا هيا، ته محمد
بخش مائي کي ڏسي چوندو هيو ”مائي زيبل، صاحب جي آفيس، جھڙي پاڻ سهڻي آن، تهڙي ڪئي
اَٿئي يا نه؟“
”تون پاڻ هلي ڏس!“ مائي زيبل
وراڻيندي ھيس.
”تو تي اعتبار آ... باقي مڙسنهن
۾ ته ڪو افعال ئي ڪونهي. جڏهن تون ساڻ نه هوندي آهينس، ته صاحب شڪايت ڪندو آ.“
”هن ۾ افعال هجي ها، ته مان اڄ
ائين هجان ها!“ وراڻيندي هئي.
”صاحب!“ محمد بخش مون کي مخاطب ٿي
چوندو هيو ته؛ ”هيءَ جواني ۾ صفا صبيحه خانم لڳندي هئي. پر هاڻي به جي هن جو ڪو
سار سنڀال لھڻ وارو هجي ته چڱن کان چڱي آهي!“) اهو ٻڌائيندو هلان ته لاڙڪاڻي جا ٻاليشاهي
فلمن ڏسڻ جا وڏا شوقين هيا. خاص ڪري نگار سئنيما ۾ ٻارين ٻچين، لڳل ڪا به اردو يا
پنجابي فلم، نه ڇڏيندا ھيا.)
بس اتي مائي زيبل جو بگل ڦري
ويندو هيو، ٻه ٽي ٻهارا مڙس کي وهائي ڪڍندي هئي؛ ”انھ، ميڪون تباھ ڪر ڇوڙيا اي!...
ميڪون برباد ڪر ڇوڙيا اي.....ھاءِ ميڏي قسمت!!!“ مڙسهنس ويچارو ڪڇي، جھڙي ڀت... البته
چپن تي هلڪي طنزيه مُرڪ ضرور هوندي هيس. مان محمد بخش کي چوندو هيس ته ڇو ٿو مائي
کي ايتريون پٻيون ڏين؟“ وراڻيندو هيو ته؛ ”سائين! مائي ڪم جي سچي آهي. مڙسهنس وڏو
بي ايمان آهي، جيستائين مٿان نه بيهبس ڪم صحيح ناهي ڪندو. ان ڪري مائيءَ هٿان بڇڙو
ڪرائيندو آهيانس. باقي جوانيءَ ۾ ته لئي به لال هوندي
آ، هاڻي کڻي خزان ٿي وئي آ....“
ھاڻي ڳالھ اشتياق جي ڦوڪبازي جي
ڪجي. ماسٽر جمنازم جو بنياد پئي سال ٿي چڪو هيو. بنيادي ميمبرن فيصلو ڪيو ته
نوجوانن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪو نه ڪو فنڪشن ضرور ٿيڻ گھرجي. فيصلو اهو ٿيو ته
مهيني کان پوءِ ڪلب ليول تي باڊي بلڊنگ جو مقابلو ڪرائجي، ۽ لازم آهي ته سڀئي ميمبر
حصو وٺن. مان اعتراض ڪيو ته اسان وٽ باڊي بلڊر آهن ئي ڪو نه، هروڀرو کلڻ-هاب ٿينداسي.
پر ڪنهن ڪن ئي نه ڏنو!... اشتياق انصاري ڪلب ۾ سڀن ميمبرن کي ايڪسرسائيز ڪندي ڏسي
چوڻ شروع ڪيو؛ ”باقاعده باڊي بلڊر ٿيندا ٿا وڃو!“ ان ٻڌڻ کان پوءِ سنها سڪا ويچارا
به وت ۽ وس آھر پاڻ کي ڀڃي لاهيندا هيا. ڊمبل ايڪسرسائيز، اسڪاٽس ۽ بئنچ پريس جي وٺ
وٺان لڳي پئي هوندي هئي. باڊي بلڊر ٿيڻ لاءِ جسم جي سائيز سان گڏ پوري جسم جو مسڪيولر
(Muscular) هجڻ به ضروري آهي. نوان باڊي
بلڊر گھر وارن لاءِ ”ڪم جا نه ڪاج جا، دشمن اناج جا“
ٿي پيا. جنهن جو گھر ۾ چانھ پاپي تي گذارو هوندو هيو، اهو به ٻه انڊا کائڻ لڳو. جيڪو
ٻه مانيون ويلي تي کائيندو هيو، سو چار کائڻ لڳو. اسان جو ته پيٽ سان ليکو ئي نه
هيو. بنواري لال جنهن جو مٿيون ڌڙ ته باڊي بلڊنگ جي حوالي سان ڪنهن حد تائين ٺيڪ
هيو، پر ٽنگون ٽيٽهر جهڙيون هيس. قدِ-آدم آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي چوندو هيو؛
”ايک مهينے ميں تھائيز ہاتھی
کی ٹانگوں کی طرح هوجائيں گيں، بھگوان نے چاها تو...!“
اشتياق وري مون کي ٽيڪر ڏئي
چوندو هيو؛ ”باقاعده آرنالڊ (ان دؤر جو مشهور آمريڪي باڊي بلڊر) ٿيندو ٿو وڃين!“
مون کي ته خبر هئي ته اشتياق وڏو ڦوڪباز آھي (خبر ناھي ته ڦوڪ باز جي معنيٰ
لينگويج اٿارٽي وارن وٽ ڪهڙي آھي. پر لاڙڪاڻي وارن جي لهجي ۾ جيڪو ٻي کي ٻوهي ۾ ڏئي
پاڻ نڪري وڃي) ڀلا مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻيس. سو به لاھوري محلي لاڙڪاڻي جا اهڙا
پاڙيسري، جن جي گھرن جي وٿي صرف ڏھ فُٽي موڪري گھٽي هئي. پر هن جي روز روز واري ڪمينٽس
تي خبر ناهي ڇو يقين ٿيڻ لڳو هيو. پوءِ به ڪسر نفسي جو مظاهرو ڪندي چوندو هيومانس؛
”نه، نه اهڙي ڪا ڳالھ ڪونهي!“ پر ائين جيئن دل ۾
خوشي، بغل ۾ ٽين ھجي...
ھڪ ڏينهن پڇيومانس؛ ”تون به ان
مقابلي ۾ به لهندين يا اسان جي ڪنڌ تي ڪاتي ٿو رکين؟“
”ڪيئن نه لهنداسي...؟ مان ۽ ڪليم
ٻئي لهنداسي!“ اشتياق يقين ڏياريو. سوچيم؛ ”ڪڏهن ڪڏهن بي اعتبار دوستن تي به
اعتبار ڪجي. جڏهن اهي به لهندا ته پوءِ پاڻ کي ڪهڙي پرواھ، سياں بھئی کوتوال، اب ڈر کاهے کا....!“
نينگر به ننڍي،
جمعاڻا به گھڻا. نيٺ مقابلي وارو ڏينهن اچي ويو. اسٽيڊيم ۾
هرڪو پاڻ سان انڊر ويئر ۽ تيل جي شيشي کنيون آيو. ٿلها ٿنڀرا، انڊ گنڊ ۽ سُڪا
سنها، سوتلي پهلوان بدن کي تيل هڻي، پاڻ چمڪائي اسٽيج تي پهتا ته ڪليم الله ۽
اشتياق انصاري جھٽ پٽ ۾ جج بڻجي سامهون ٿي ويهي رهيا. سمجھي ته ويس، پر هاڻي ڦاٿي
کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو. مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.
دل جو سور، دل ۾ سانڍي پوز هنيم. سڀني ميمبرن جي کل جھڙي پوزنگ ٿي. ڏسندڙن ڏاڍا ڏکوئيندڙ
ڪمينٽس ڏنا. ڪنهن ساڙ سڙئي ڏسندي چيو؛ ”هي ٽرڪ تي ٻوريون ڍوئيندو ٿي!“ ڪنهن گول مٽول
باڊي بلڊر لاءِ رايو ڏنو ته؛ ”هي پيران پير جو باسيل ڪونهون ٿي!“ ڪنهن سوتلي
پهلوان لاءِ اهي ريمارڪس ڏنا ته؛ ”هي گھر ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو ٿي!“ آخر ۾ جج
صاحبن انصاف جو ٻيڙو ٻوڙيندي سڀني حصو وٺندڙ نام نهاد بادي بلڊرن تي رحم کائي
انعام سان نوازيو، ڄڻ چوندا هجن؛ ”شابس آ توهان جي نڪ جي پڪائي کي!“ اھڙو منظر ڏسي
ھڪڙي حجائتي دوست سهيل مڪاني چيو؛ ”توهان جو مقابلو ائين هيو، جيئن، ناني رنڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا ھجن.“ ڇا ٻڌايانس
ته اها ڪليم الله ۽ اشتياق جي گڏيل سازش آھي. پر وڌيڪ سنهڙي سيپڪڙي باڊي بلڊر
مختيار مغل سان ڏاڍي ٿي. جڏهن ڪپ کڻي علي شير جي اوطاق تي پهتو، ته هڪ ڀوڳائي دوست
ڪرشن چاولا چيس؛ ”مختيار! جن باڊي بلڊرن کان تو کٽيو هوندو، اهي ته پاڻ اسٽريچر تي
کڻائي آيا هوندا.“ بس ڌنار جو هڪ ڌڪ ئي ڪافي هيس. همراه ڪپ سوڌو اٿي ويو، ٻه ٽي ڏينهن
ته ڏسڻ ۾ ئي نه آيو.
پر ٻئي سال اهو ٿيو ته ڪلب ۾
ميمبرن جي رڪارڊ ٽوڙ رش ٿي وئي. ٽيلنٽ هنٽ (Talent Hunt) ٿي ويو.
حقيقي باڊي بلڊر تيار ٿي ميدان ۾ پهتا. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون هال (ان جا نالا به
تبديل ٿيندا رهن ٿا. اڄڪلھ خبر ناهي ته ڪهڙو نالو اٿس) ۾ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ جي باڊي
بلڊرن ڀرپور حصو ورتو. ڪليم الله ۽ اشتياق انصاري جو استاد ۽ ڊائريڪٽر فزيڪل ايڊيوڪيشن
”آغا منظور احمد پٺاڻ“ (جيڪو ڪجھ عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊي پي به ٿي رهيو هيو)
نگراني ڪرڻ لاءِ شڪارپور مان ڪھي آيو.) جنهن شڪارپور جي هڪ نوجوان آغا هدايت الله
کي مسٽر پاڪستان بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو هيو. (مان ان پروگرام ۾ ڪمپيئر ھيس.
سينئرس ۾ ماسٽرس جمنازم ڪلب جو نورحسين قادري پهريون مسٽر لاڙڪاڻه ۽ ممتاز سينڊوز ڪلب
جو عبدالحڪيم وڳڻ ٻيو نمبر آيا. جونيئرس ۾ عبدالغفار عباسي مسٽر لاڙڪاڻه ٿيو، ٻيو
نمبر ياد ڪونهي. اڳتي هلي جڏهن عبدالحڪيم وڳڻ ڪلب جو سيڪريٽري بڻيو ته ان جي
جانفشاني سان ڪلب جا ميمبر نيشنل ليول تائين وڃي پهتا. بهرحال ڳالھ ڪرڻ جو مطلب
اهو آهي ته ٽيڪر بازي يا ڦوڪ بازي به ڪار آمد ٿي سگھي ٿي، بشرطيڪ مثبت ۽ تعميري
هجي ۽ ڏيندڙ اشتياق انصاري جھڙو هجي. سچ پچ ته سينئر سينئر آهن، جونيئرس کي ڪهڙو
پتو، بقول ڪنهن سرائي سگھڙ جي ته ”وڏيان وڏيان هن، ننڍيان
ڪون ڪهڙي خبر.....!“
---- (۴) ----
خطن جي اهميت تڏهن شروع ٿي، جڏهن
کان انسان لکڻ سکيو. نه ته انسان پهريان نياپن سنيهن تي ڪم هلائيندو هيو. پر نياپي
۾ خامي اها هئي جو نياپو ڏيندڙ ھڪ اڌ جملو گھٽ وڌ بيان ڪري ته ڌرين ۾غلط فهمي يا
خوش فهمي پيدا ٿي ويندي هئي. تڏهن ته چيو ويندو هيو ته؛
”نياپو اماڻيندڙ ته لک لهي، پر ڏيندڙ نه کاري.“
دنيا جي مشهور خطن ۾ نبي ڪريم
صلي الله و آله وسلم جن جا ٽن بادشاهن ڏانهن موڪليل خط، تاريخي طور تي وڏي سند رکن
ٿا. جن ۾ بازنطيني بادشاُھ ”ھرقل“، شاھ ايران ”خسرو پرويز“، شاھ حبشه ”نيگس يا
النجاشي“ کي دعوت حق (اسلام) ڏنل هئي. اهڙي طرح خلفاءِ راشدين جا پنهنجن گورنرن ڏانهن
نصيحتن ڀريا لکيل خط به مشهور آهن. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪي خط حق ۽ سچ جي راھ
ڏيکارڻ لاءِ، ڪي عاشقن معشوقن جا ھجر فراق ڀريا خط، ڪي حالات واقعات بيان ڪرڻ
لاءِ، ڪي ذاتي حال احول ڏيڻ يا وٺڻ لاءِ، ته ڪي وري سازش سٽڻ لاءِ لکيا ويا آهن.
خط لکڻ يا لکرائڻ واري جي اندر جو اظهار هوندو آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته خطن ۾ لکڻ
يا لکرائڻ واري جي نيت جي خبر ناهي پوندي. هونئن به ڪنهن جي نيت جي خبر هڪ بندي ۽ ٻي
الله کي. جيئن ڪوفين ٻارنهن هزار خط لکي، امام حسينؓ سان دغابازي ڪئي. آخري خط
”شبث بن ربعي، حجار ابن ابجر، يزيد بن حارث بن رويم“ ۽ ڪجھ ٻين پنهنجن دستخطن سان
موڪليو هيو ته؛
”عوام اوهان جو منتظر آهي. جن
کي توهان جي نقطه نظر کان علاوه ٻيو ڪو نقطه نظر قبول ناهي. او فرزند رسولﷺ! توهان
جي استقبال لاءِ گاھ سرسبز، ڦل سپڪ ۽ وڻن ٽڻن ۾ پن پاندور نڪري چڪا آهن. اچو (مهرباني
ڪري)، جي اوهان ايندءُ ته ميزبان اوهان جا منتظر هوندا. والسلام.“
ان حوالي سان لطيف جو هڪ بيت ان
دؤر جي ڪوفين جي منافقي جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ آهي.
ڪوفين ڪاغذ
لکيو، وچ وجھي الله،
اسين
تابع تنهنجا، تون اسان جو شاھ،
ھيڪر
هيڏي آءُ، ته تخت تابيني تنهنجي.
انگريزي ۾مارٽن لوٿر ڪنگ جا
مشهور خط، جيڪي هن برمنگهم جيل مان لکي موڪليا، سي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي
حوالي سان اهميت رکندڙ آهن. اهڙي طرح اردو ۾ غالب جا خط مشهور آهن. جنهن جي بي
ساختگي ۽ جملي بازي جا اردودان پڻ معترف آهن. سنڌي ۾ شيخ اياز جا محمد ابراهيم جويي
ڏانهن يا علامه آءِ آءِ قاضي جا جي ايم سيد ڏانهن يا طارق اشرف جا جيل مان لکيل يا
رسول بخش پليجي جا خط سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورت حال جا شاھد آهن.
اها به حقيقت آهي ته خط، خاطوءَ
جي شخصيت جي سڀني پهلوئن جي عڪاسي نه ٿا ڪري سگھن. پر ڪنهن حد تائين اجاگر ڪري
سگھن ٿا. ان حوالي سان ملاحظه ٿئي، ڪليم الله لاشاري جا مون ڏانهن لکيل ھي خط،
جنهن ۾ ذاتي احوالن کي ڇڏي ڪري اھو اندازو ضرور ٿئي ٿو ته ڄڻ کيس پيٽ ۾ محققانه
مزاج واري ڏاڙهي ڄميل هجي، جيڪا پوءِ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جي رخ روشن
تي چٽڪمري ٿي وئي.......
لاڙڪاڻو
۳۰ آگسٽ ۱۹۷۷ع
منظور خان،
خلوص بيڪران
مون کي ڪراچي کان سڌو لاڙڪاڻي
موٽڻو پيو، سبب اهو ته برادر خورد اسدالله، ايران کان واپس اچي چڪو هيو. و گر نه
منهنجو ارادو ٻه ٽي ڏينهن يونيورسٽي لائبرري مان فائدي وٺڻ جو هيو. بهرحال جيڪو
نصيب.
توهان جي تعليم ۽ جھد حصول ڪيئن
هلي رهيا آهن؟
اميد ته سٺو وقت گذرندو هوندو.
سائين منظور احمد پٺاڻ، ديره
اسماعيل خان مان physical Education ۾ M.A ڪري رهيو آهي. سندس وڃڻ اوچتو ٿيو هيو. اها خبر مون کي به ڪو نه هئي. سندس
خط مليو آهي جنهن ۾ سڀ احوال ڪيو اٿائون.
استادن جي ڪم علمي تي به ڪجھ
لکيو اٿائون ۽ ڪتابن جي گھٽتائي به موضوع آهي. جيڪڏهن اوهان کي آمريڪن سينٽر مان ڪو
به اهڙو ڪتاب هٿ اچي جنهن ۾ هيٺيان موضوع (سڀئي يا کڻي هڪ ئي ڇو نه) هجن ته اهڙو
يا اهڙا ڪتاب کڻي ايندا. ڪتاب جي Contents لسٽ مان اوهان کي خبر پوندي.
1. Professional
leadership in physical Education 2. What
is physical education 3. The
Aims of Physical Education 4.
Objectives and policies 5.
Scientific foundation of Physical Education 6. Historic background of Physical Education 7. Place of Physical Education in Educational program 8. The Physical Education curriculum 9. Social training through Physical Education 10. Physical Fitness 11. Physical Fitness and Leisure time 12. Competitive sports Athletic, etc.
ڪنهن به ڪتاب ۾ اهڙا يا اهڙو ڪو
به چيپٽر هجي ته اوهان مهرباني ڪري ڪڍرايون ايندا.
بشير احمد سومري کي منهنجا سلام
به عرض ڪندا ۽ کين منهنجي ڪارڊ بابت چوندا. توهان سمجھي سگھو ٿا ته ڪيترو نه ضروري
آهي.
اميد ته اوهان بلڪل ٺيڪ هوندوَ.
پر جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ضرورت يا مدد يا ڪو به ڪم ڪار هجي ته مون کي اميد آهي ته
ضرور ٻڌائيندين.
هڪڙي همراھ مون کي نوٽس لکڻ
لاءِ چيو هيو. اهي نوٽس هڪ ڊرامي نالي ”ابراهيم لنڪن“ متعلق هئا. پر مون کي افسوس
آهي ته مان انهن نوٽس کي صحيح طريقي سان نه لکي سگھيس. ڇو ته مان ڪيترن هنڌن تي
محسوس ڪيو ته مان تاريخ جي وهڪري ۾ ٿو وهان. ڊرامي جي ڳالھ کي گھٽ اهميت پيو ڏيان.
بهرحال اهي نوٽس ان تعليمي اسٽينڊرڊ کان وڌيڪ مٿانهان آهن، جنهن درجي لاءِ لکيا
ويا آهن يعني فرسٽ يئير.
تون لازمي عيد تي ايندين. اول
اچڻ جو نه ڪو ضرور آهي ۽ نه وري ضرورت.....
هڪ دلچسپ ڳالھ؛ اسان وٽ هتي ڪنهن
به مصيبت وقت روئڻ پٽڻ ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي، ”گھل گھوڙا“ يا ”گھل گھاڙ“
بهرحال، ڏکڻ ڏي ٻڌو آهي ته چوندا آهن ”گھوڙا گھوڙا“ يا ”گھوڙا ڙي گھوڙا“. جنهن
لاءِ اسان وٽ چيو ويندو آهي ته اڳئين وقت ۾ جڏهن ڦورو يا لٽيرا گھوڙن تي چڙهي
ايندا هئا ته انهن کي ڏسي ماڻهو دانهون ڪندا هئا ته ”گھوڙا ڙي گھوڙا.“
سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جو علائقو
جنهن ۾ ٻولي ترقي ورتي ۽ وڌي آهي. اهي شاهد آهن ته ڪڏهن به هت ڦريون يا ڌاڙا ايڏي
پيماني تي نه ٿيندا هئا جو اهو ڪو روزمره جو ڪم هجي ۽ اهو لفظ روز افزون استعمال
سبب پنهنجي جڳھ ٺاهي سگھيو هجي. پر ان جي ڀيٽ ۾ بيماريون، تڪليفون ۽ موت اهڙيون
شيون آهن جيڪي هر ڳوٺ يا شهر ۾ هر روز نظر اچن ٿيون ۽ انهن شين وقت اسان جي سنڌ جا
رهواسي بيشڪ دانهون ڪندا آهن ته ”گھل گھوڙا“. جيڪي اسان پاڻ مثال ڏٺا آهن.
سو اهو لفظ مصيبتن، تڪليفن، آفتن،
بيمارين ۽ اموات سبب مروج ٿيو جيڪي روزمره جي زندگي جو عنصر آهن. ڪڏهن ڪڏهن جي ڦرين
سبب جيڪي سڄي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن. اسان وٽ ٻولي جي ماهرن ان لفظ کي
”گھوڙا گھوڙا“ چئي ۽ ان جي قياس تي مبني سبب ٻڌائي پنهنجي جند ڇڏائي. ڪنهن به لفظن
جي اصلي ترڪيب ڏسڻ پسند نه ڪئي ته آخر ”گھل گھوڙا“ ۾ ”گھل“ لفظ جي مناسبت ڇا آهي
”گھوڙا“. ڪنهن به تاريخ جو ورق نه اٿلايو ته معلوم ڪري ته لفظ ڪيئن ٺهيو. ڪهڙي
واقعي سبب ۽ پهريان ڪڏهن استعمال ٿيو. سگھڙن استعمال ڪيو يا ازخود ماڻهن منجھان
پئدا ٿيو ۽ مروج ٿي ويو. اهي سوال واقعي به عالمن کي دعوت ڏين ٿا. پر ڪير جواب ڳولهي؟
ڇو ڳولهي؟ جڏهن سائين سنوارين کي ايئن ڊگري مليو وڃي. پوءِ آخر ڪوئي محنت ڇو ڪري..؟
احمد شاه ابدالي جي تاريخ جي
مطالعي دوران منهنجي علم ۾ اهي دلچسپ لفظ نظر آيا. جن مون کي سوچڻ جي لاءِ هڪ نئين
راھ ڏني. احمد شاھ پهريان لاهور تي قبضو ڪيو (۱۷۵۲ع) پوءِ دهلي کي لٽيو (۱۷۵۵ع) ۽ مرهٽن کي (۱۷۶۱ع) کي
پاڻي پٽ ۾ ۽ ۱۷۶۲ع ۾ ستلج ۽ جمنا جي وچ ۾ دوراھ
جي ڀرسان شڪست ڏني جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ هزار سک مارجي ويا. سکن جي تاريخ انهي
واقعي کي ”گھلو گھاڙا“ لکي ٿي يعني ”ناگھاني آفت“ جنهن کان بعد اهو لفظ عام
استعمال ۾ ايندو ويو.
بهرحال فيصلو ڪرڻ منهنجي هٿ ۾
نه آهي. مون ته رڳو ٻه رستا اوهان کي ٻڌايا. هڪڙو رستو قياس آرائي ۽ خيال جو آهي ۽
ٻيو رستو تاريخي اهميت ۽ عام زندگي تي اثر انداز ٿيندڙ آهي.
خير اهي ته هيون علمي ڳالهيون.
هاڻ ڪجھ احوال پنهنجو ڪجي. مون واري ڪانچ قميص کنيون ايندا.
هٿ اسان جي ۾ آهي ڇا تي لکون.
نه موسم مٺي جو ڊاڙون هڻجن ۽ نه ماڻهو چڱا جو ذڪر ڪنهن جو کڻي ڪجي. بس هڪ احوال
بچيو آهي صحت جو سو شروع ڪيان ٿو منهنجي پٿري (هڪڙي جيڪا چري هئي) سا ته خير سان
وئي نڪري. رهيو سوال ٻي جو ته ڏسون ڪڏهن ٿي نڪري.
رمضان ته ملڪ ۾ آهي ئي ڪو نه ڇڙو
وڃي بچيو آهي شريف. روزو ڪو رکي ڪو نه باقي احترام سڀ ڪو ٿو ڪري (موچڙا به سجھن ٿا).
هاڻي ڪجي ٿي موڪلاڻي. آهي سنڌي
لکڻ به مسئلو. متان هن کي آزاد نظم سمجهي ۽ تنقيد شروع ڪرين.
سلام سليم ڪورائي کي چئجانءِ. (ڪهڙو
وڇوڙو آ. رڳو ڏسون ٿا يار جي وات کي. نه ته هيترڙي پنڌ تي به ڪي سلام ڏبا آهن ڇا؟)
(خط جي حاشِيه ۾ لکيل آھي ته
اشتياق ڪاٿي آهي؟ هيڏي موڪلجانس، جيڪڏهن ايڏانهن اچي ته....)“
نيڪ تمنائن سان
اوهان جو ڪليم الله
---- (۵) ----
اٺين درجي تائين ھم ڪلاسي، پاڙيسري
دوست لانس نائيڪ حسن علي سهتو (جيڪو ننڍي ھوندي مون کي مٿي ۾ سروٽو ھڻي، جاءِ
واردات تان ڀڄي ويو هيو.). هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن ڇانوڻيءَ يا فوجي پڪٽ تان خط
ضرور لکندو هيو. خط جو متن هوندو هيس ته پاڙي مان ڪهڙن ڪهڙن دوستن شادي ڪئي آهي ۽ ڪھڙن
جو اڃا ٻانگن تي گذارو آهي. خط جي پڇاڙي ۾ لکندو هيو؛ ”ڀائو! خط ۾ جي ڪا گلتي هجي
ته ماڦ ڪندا“ مان خط جي جواب ۾ لکندو هيومانس؛ ”تنهنجي خط ۾ ’گلتي‘ کي غلطي نه ٿو
چئي سگھجي، جو اها ’گلتي‘ غلط العام آهي. ’ماڦ‘ کي به نظر انداز ڪرڻ مجبوري آهي، ڀل
غلطي اوهان جي هجي. معافي اسان کي وٺڻي پوندي آھي....“
جڏهن موڪل تي ايندو هيو ته
چوندو هيو؛ ”يار! مان تنهنجو اڌ خط ته سمجھي ناهيان سگھندو. الائي ڇا لکندو آن!“
وراڻيندو هيومانس؛ ”مطلب جي ڳالھ
ته سمجھندو آن نه؟“
چيائين؛ ”ھا! اها سمجھندو
آهيان.“
ڪليم الله لاشاري جو. ھي خط به
سنڌ يونيورسٽي واري دؤر (۱۹۷۸ع) جي
بحثابحثي جي نتيجي ۾ لکيل هيو ته ”ڇا حڪيم الامت، سر ڊاڪٽر محمد اقبال حقيقي فلسفي
هيو يا پڇ ٻڌي مهري ڪيو ويو آهي....؟“ خط جو پهريون پنو غائب آهي، جيڪو منهنجي
لاپرواھي جو نتيجو آھي. جنهن ۾ روايتي طور خوش خير و عافيت جو ذڪر ئي ٿي سگھي ٿو،
پر بچيل ٻن پنن مان مطلب جي ڳالھ واضح ٿئي ٿي. خير، ملاحظه ٿئي، ڪليم لاشاري جو هي
ٻيو خط جيڪو سندس علمي وسعت ۽ گھرائي کي ظاھر ڪري ٿو.
”منظور خان!
اقبال جنهن منزل کي ’خودي‘ چيو
آهي حقيقتن اها منزل خودي يا بي خود کان تمام مٿانهين آهي.
ابليس جڏهن چيو هيو ته ”انا خير
منہ“ سو اها هئي خود غرضي ۽ خود خيالي. اڄ خودي لفظ ساڳي معنٰي ۾ ٿو ورتو وڃي.
در
جماعت خود شکن گردد خودي
تا ز گل
برگ چمن گردد خودي
جڏهن سنئين لڱي هئڻ ۾ نقصان آهي
ته ڪهڙي ضرورت هئي جو کيس طاقت ڏيئي آسمان سان ملائجي؟
بهرحال کيس خود به احساس ٿيو
هيو ته هو به غلطي ڪري ويٺو هيو جنهن جو واضح ثبوت هي آهي.
مين
جبهي تک تها که تيري جلوه پيرائي نه تهي
جو
نمود حق سي مڻا جاتا هي وه باطل هون مين
يا
خودي
مين گم هي خدا کي تلاش کر غافل
يهي هي
تيري لئي اب فلاح کي راه
علامه قاضي انهي متعلق ايترو
چئي ٿو ته؛ ”سندس ضمير ڪنهن ٻي معنيٰ کي پيو ڳولهي، اها خوديءَ ۽ بيخوديءَ ٻنهي
کان ٻاهر آهي.“
اقبال ڇا فلاسافر آهي؟
ان سوال تي علامه قاضي چئي ٿو
ته؛ ”سوال آهي ته اقبال خيالن کي اهڙي طريقي سان وٺي ٿو جيئن ڪو فلسفي وٺي؟ ڇا هو
ويهي انهن تي ويچاري ٿو، ڇنڊي ڇاڻي ٿو؟ يا انهن مان ٿيوريز يا ڪليه ٿو ٺاهي جيئن ڪو
سوچو ڪري؟ جيڪڏهن ائين هجي ها ته سندس شعر ۾ اهو اثر نه هجي ها.“ علامه قاضي اقبال
جي شاعري کي Museum of Ideas چئي ٿو. ڇو
ته هر خيال ۽ تصور جيڪو سندس زماني ۾ موجود هيو تنهن کي هن نظر ۾ رکيو آهي ۽
استعمال ڪيو اٿس. جڏهن هو نطشي کي پڙهي ٿو ته ڪجھ وقت لاءِ نطشي جي زبان ٿو ڳالهائي.
جيڪڏهن نطشي امن پسند ۽ ساده ماڻهو کي Lamb چئي ٿو ته اسان جو اقبال به کيس ”گوسفند“ چئي ٿو. جڏهن گوئٽي جي
مشهور ”Demoniac mood“ کي پڙهي ٿو
“You lead us into life
Then you let the poor one become guilty
Then leave him over in pain
Because all guilt is revenge on earth
ته هو به شڪوه ٿو ڪري
ما از
خداي گم شده ايم، او بجستجو ست
چو ما
نيازمند گرفتار آرزو ست
جڏهن اقبال ”لا احب الاٰفلين“ پڙهي
ٿو ته هو چئي ٿو
”تراشيدم، پرستيدم، شکستم“
پر ڇا اسان اقبال کي الزام ڏينداسين؟
هرگز نه ڇو ته شاعر، شاعر ئي
رهندو آهي. ان کان وڌيڪ توقع رکڻ غلط آهي. جيڪو الزام ڏئي ٿو اهو غلط آهي ۽ جيڪو وڌيڪ
توقع ڪري ٿو سو پڻ غلطي ڪري ٿو ڇو ته شاعر، شاعر ئي هوندو آهي ۽ نه ڪي فلسفي يا ٿنڪر....
منظور خان! وڌيڪ اسان اقبال کي ڇا
چئون. ڇو ته ڏوھ سندس جو ڪو نه آهي. پر ڏوھ انهن ماڻهن جو آهي جيڪي کيس مٿي چاڙهين
ٿا. پر جيڪڏهن ڏسجي ته ڏوھ انهن ماڻهن جو به ناهي. اهي ماڻهو رجعت پسند طاقتن جا
آله ڪار آهن ۽ هو انهن ڪوششن ۾ رهندا آهن ته هر انهيءَ طاقت کي مٿي چاڙهجي جنهن کي
مٿي ڪرڻ سبب ۽ مشهور ٿيڻ سبب رجعت پسند خيالن جو پرچار ٿئي. اسان جي تاريخ ۽ ادب،
هڪ يتيم نياڻي جي مثال آهي. اسان جي ادب ۽ تاريخ ۾، جيڪي به بلند مينار اوهان کي
نظر اچن ٿا، سي تمام گھٽ ۽ هيٺانهان آهن. توهان ٿي سگھي ٿو ته منهنجي ڳالھ مڃڻ ۾
تامل ڪندئو. پر جيڪڏهن توهان کي مان ايترو ٻڌايان ته تاريخون پئسا ڏئي لکرايون
ويون آهن، ته اوهان مون کي غلط بياني جو مرتڪب نه سمجھجو. ۽ اسان جي علم و ادب ۾
جيڪي (Basic standard) بنيادي
قدرون آهن سي رجعت پسندانه ۽ رجعت پسند طاقتن جي زير اثر رهي پنهنجو محور وقتن
فوقتن بدلائينديون ٿيون رهن.
ڇا اوهان جي تاريخ آزادي ۾ گانڌي،
قائد اعظم وغيره کانسواءِ به ٻيا ڪي Heroes آهن. ڇا توهان جي تاريخ ۽ اسان
جي تاريخ ۾ توهان ڪڏهن به ڪرتار سنگھ سڀا، بابا گردت سنگھ يا ڀڳت سنگھ جو ذڪر پڙهيو
آهي؟
جڏهن ڪانگريس اڃا بيٺڪن جي لاءِ
مراعات گھرڻ جي حد تائين هئي ته انهيءَ وقت ”غدر پارٽي“ هندوستان ۾ عام بغاوت ڪئي
آهي ۽ آزاديءَ لاءِ باقاعده هٿياربند جدوجھد ڪئي آهي. ڇا اوهان ۱۹۱۳ع، ۱۹۱۴ع ۽ ۱۹۱۵ع ۾ ڪنهن به هنڌ ڪنهن مسلم ليگي ڪنهن ڪانگريسي کي ”آزاد“ لفظ به چوندي ٻڌو
هيو؟
پوءِ ڇو اهي ماڻهو اسان جا Heroes آهن ۽ انهن جوانن جو ذڪر به ڪونهي
جن تي ۱۹۱۵ع لاهور سينٽرل جيل جي بئريڪ
نمبر ۱۶ ۾ بغاوت جو ڪيس هليو ۽ ۲۶
ڄڻن کي ڦاسي ۽ ۳۴ ڄڻن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي. اهي فوجي ڪنهن نه ٻڌا نه سئيا جيڪي سنگاپور ۽
برما ۾ بغاوت جي الزام ۽ ڪورٽ مارشل ۾ ڦاسي کائي ويا.
اهي مختلف هزارين ماڻهو جيڪي ان
وقت جي انگريز سرڪار کي غاصب چئي بغاوت جو علم بلند ڪري آزاديءَ ڏانهن سوين وکون وڌيا
۽ پنهنجين جانن جون بازيون هنيون، سي ته منظور خان ليکي ۾ ئي ڪونهن. باقي جن جا ڪالر
به ميرا نه ٿيا، سي چڱا مڙس ڪري مڃياسي.
پوءِ دهشتگردن جو وقت شروع ٿئي ٿو.
اسان انهن کي دهشتگرد سڏيون ٿا. ڇو ته اهي سامراجي طاقتن جا آلئه ڪار نه هيا. اسان
پنهنجي ’ھيروز‘ کي غلط نالا ڏيئي انهن جي مٿان ۽ سندن ڪارنامن مٿان ڪارو پردو ڏيڻ
جي ڪوشش ٿا ڪيون ته جيئن متان آئنده نسل سندن ڪارناما پڙهي، همٿ ڀريا داستان ٻڌي
رجعت پسندن جي آلئه ڪارن کي پنهنجو قائد مڃڻ کان انڪار ڪري ڏئي.
ته منظور خان، ساڳي طرح علم و ادب
جي ميدان ۾ به اسان دوکيبازي جا شڪار ٿيا آهيون ۽ اها دوکيبازي مستقبل ۾ ظاهر ٿيڻي
آهي. پر ڪڏهن مستقبل قريب ۾ يا مستقبل بعيد ۾؟
انهيءَ جو جواب اهو آهي ته اهو
اسان تي مدار رکي ٿو ته اسان ڪجھ ڪم ڪيون ۽ ارتقا جي عمل کي تيز تر ڪري ڇڏيون يا
وري ارتقا جي ڪٽيل ۽ زنگيل ڦيٿي کي ڇڏي ڏيون. ڀل جڏهن اهو آهسته آهسته پنهنجي چڪر
کي مڪمل ڪري.
ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن منظور خان! ڪجھ
صبر آهي.
بهرحال، ٻيو سڀ خير آهي. لطيف (ورڪ)
صاحب جي ايڊريس اماڻي رهيو آهيان. ٻيو ڪو ڪم ڪار هجي لکي موڪليندا.“
ڪليم
---- (۶) ----
چوندا آھن ته ”خط اڌ ملاقات آھي.“
ان زماني جي ڳالھ آھي، جڏهن نه
لينڊ لائين فون هئي، نه موبائل، نه مئسينجر نه واٽس ايپ. ماڻهو ڪانءَ ۽ ڪبوتر کي
قاصد بڻائيندو هيو. ڪبوتر ته وري به ڪم جو پکي هيو، بشرطيڪ باز يا ماريءَ جي ور نه
چڙهي. پر ٻارن کان لولا کسيندڙ ڪانءَ جي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. جن کي سنڌي سماج جون
سهاڳڻيون لولا ڏئي پيڪن ڏي سلام منجنديون هيون. ٻيو ته ٺهيو، ڀٽائي به کيس سُر
بروو ۾ مٿي تي چاڙهيو آهي،
”آءُ ڪانگا ٻھ ڪول، سُڌيون ڏي
ساڻيھ جون،
آندءِ
جي عجيبن جا، سي خط خوشيءَ سين کول،
آ سڻيان
تون ٻول، سنيھو سڄڻن جو.“
پر اهو زمانو عجب جھڙو هيو،
جنهن زماني ۾ ”خط پٽ“ جو ائين انتظار ٿيندو هيو، جو انتظار، بي قرار، چشم تر، آه
سرد واري ڪيفيت هوندي هئي. ٽپالي يا قاصد کي ڏسي ونيون ويچاريون لاڏا ڳائينديون
هيون ته؛ ”او ٽپالي! گھوٽ جو خط ڏيکار!“ ٽپالي، گھوٽ جو خط ڏيکاريو ته سندس منهن مٺائي
سان ڀريو ويندو هيو، پر جي نه ته پٺيان ونيءَ جي اخلاق تي منحصر هيو، ته ست سريون ٻڌائيس
يا صبر ساري۔۔۔
تيرنهين صديءَ جي باڪمال شاعر
طوطيءِ ھند ”امير خسرو“ پرين پيارن جي پتيان (خط پٽ) جي انتظار جي ڪيفيت کي ڪيئن
نه گھرائي سان ريخته ۾ چٽيو آهي ته
”نه نيند نينان، نه انگ چينان،
نه آپ آوي، نه بهيجي پتيان،
ز حال
مسڪين، مکن تغافل، دورائي نينان بنائي بتيان.
مان به ائين نيڌر لينڊ (روٽرڊم)
مان پنهنجي لکيل خطن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳس، جيڪو اپريل ۱۹۹۱ع جي منڍ ۾ مون هڪ پني جي اڌ تي ڪليم الله کي ۽ اڌ پني تي اياز حسين ايم
گاد کي پاڪستان انشورنس ڪارپوريشن ڪراچي جي ائڊريس تي لکيو هيو. ان وقت اياز پاڪستان
انشورنس ڪارپوريشن جو ڊپٽي جنرل مئنيجر هيو. (پوءِ جنرل مئنيجر ٿيو، ۽ ھاڻي پنهنجي
ڪمپني Anzer Insurance جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي.) جنهن زماني (۱۹۹۱ع) جي مان ڳالھ ٿو ڪيان، اياز حسين ايم گاد ڇڙو ڇڙمل، آزاد خيال کان وڌيڪ
اسان وانگر ڇڙواڳ خيال هيو. لاڙڪاڻي جا دوست اڌرات مڌرات فليٽ تي ائين ٺهڪو ڪندا
هيس جيئن چئبو آھي ته ”جاڙا خان! ڪتي کان بيهجانءِ.“ جيئن ته سندس فليٽ تي ڪو به
بلٽري يا ايلسيشن پاليل نه هيو. ان ڪري اهو ڀئو به نه هوندو هيو ته ڪو ڀؤنڪندو يا ڏاڙهيندو......
جڏهن مان ۱۹۹۱ع ۾”هائوسنگ، پلاننگ ۽ بلڊنگ ۾ پوسٽ گريجويٽ ڊپلوما“ ڪرڻ لاءِ نيڌرلينڊ پئي
ويس ته هن هر حوالي سان سھائتا ڪئي ۽ ائين تيار پئي ڪيائين، جيئن ڪنهن جڙَ ملھ کي ٽيڪر
ڏئي لاهبو آھي ته ”ملھ وڙھ، ٻانھ ڀڄئي ته مون تي آهي.“
سندس قيمتي مشورن جي وچور ڪجھ هيٺين ريت هئي، جيڪا مون پنهنجي ناول ”ڊيناڪ ۱۰۹“ ۾ هڪ ڪردار ”دمساز“ جي حوالي سان بيان ڪئي آهي،
”دمساز جيئن ته ڪراچي جي ھڪ ٽاپ
مارڪيٽنگ ۽ ايڊورٽائيزمينٽ ايجنسيءَ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر آھي. ھن دنيا جا ڪافي ملڪ
گهمي ڏٺا ھيا، جن ۾ نيڌرلينڊس به شامل ھيو. تنهن ڏھين ڏينهن تي، پنهنجي تجربي ۽
مشاهدي تحت ايتريون ته صلاحون ڏنيون. جيڪي نه صرف ھن سفر، پر منهنجي آخرت واري سفر
لاءِ به ڪافي ھيون.....
روانگي واري ڏھاڙي، شام جو ٽيليفون
تي گهر ڀاتين کي ’خدا حافظ!‘ چئي، ڪراچي ايئرپورٽ تي دمساز سان گڏ پهتس. سندس صلاح
سان پهريان پاڪستان ڪرنسي ايڪسچينج تان روپين جي بدلي آمريڪي ڊالر ورتم. ايئرپورٽ
تي الوداع ڪرڻ کان اڳ دمساز ھڪ ناسي رنگ جي نئين نڪور ڊائري ڏيندي چيو؛ ”ھن تي
هرروز جي ڪارگذاري لکجانءِ، خاص ڪري لوَ اسٽوريز (Love
Stories) لکڻ نه وسارجانءِ، ته جيئن پڙھي اندازو ڪري
سگهان، ته تو اتي ڪهڙا ڪارنامه ڪيا ھيا.“ پوءِ رازداريءَ سان سمجهائيندي چيائين،
”چريا! جيڏانهن وڃين ٿو، اھو جنسي لذتن جو جهان آھي. جي ھتان وانگر به اتي ڪجهه نه
ڪري سگهين ته پوءِ تنهنجي زندگيءَ تي بي شمار آ!“
اھڙي طرح ٻيون ڪيتريون نصيحتون ڪيون
هيائين ته نيڌرلينڊ ۾ رهي ڊچ ٿيڻ جي ڪجانءِ. جھڙو ديس، تهڙو ويس. نج ديسي سمجھاڻي
به ڏنائين ته ”ننڍي وڏي مارجانءِ، ڏينهن نه کارجانءِ!“
آخر ۾ Fuck and forget وارو فلسفو
به سؤلي سنڌي ۾سمجھايائين ته ”چار ڏينهن چاھ جا، پوءِ
وٺ پاسا واھ جا!“ سندس نصيحت تي من و عن عمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيم. پر اھڙي
ڪاريءَ تي پير پيو، جو دائمي درد پرائي موٽيم. بقول غالب،
عشق سي
طبيعت ني زيست ڪا مزا پايا
درد کي
دوا پائي، درد لا دوا پايا
نتيجي ۾ ناول ”ڊي ناڪ ۱۰۹“ لکڻو پيو ۽ اياز حسين ايم گاد منهنجي ناول جي ڪردار ” دمساز“ جو اولڙو بڻجي
ويو. مان هر پندرنهين ڏينهن اياز ۽ ڪليم کي خط لکندو هيس ۽ جواب جو ائين اوسيئڙو ڪندو
هيس، جيئن اردو جي ڪنهن عوامي شاعر جو شعر رڪشا جي پٺيان لکيل هوندو هيو ته
چلو
چل لفافہ کبوتر کی چال
اگر
ہوگی محبت تو ملے گا جواب
اپريل جي وچ ۾ اياز گاد جو جواب
ته ”لاڙڪاڻي ۽ روهڙيءَ جي آئوٽ لائين ڊيولپمينٽ پلانس“ سميت پهچي ويو. جن لاءِ کيس
موڪلڻ جي پرزور گذارش ڪئي هيم. جيڪو هن مٿا کٿا ڏئي وقت سر ھٿ ڪري موڪليا. انهن کي
ھٿ ڪرڻ لاءِ کيس ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا، جوابي خط ۾ تن جو داستانِ غم به شامل هيو.
مان وماس ۾ هجان ته اپريل گذري ويو، پر ڪليم الله جو جواب ڇو نه پهتو...؟ خبر ناهي
ته واٽ تي اڌ خط اڏوهي کائي وئي يا اياز غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. من ۾ ڪيئي وهم
۽ وسوسا پئي هليا. پر جڏهن مئي مهيني ۾ جواب آيو ته خبر پئي ته اسان جي خط سان ڪڌو
ڪم ڪليم لاشاري جي ”ڪاردار“ ڪيو ھيو. اسان ته سمجھيو هيوسي ته ڪاردار، سزاولڪار، ٽنگر،
ٽويا (ٽالپرن جي دؤر جا روينيو عملدار) ڪڏهن جو مري کپي چڪا آهن، سواءِ مختيارڪارن
جي. سندن سريتيون به سٿرن تي ھٿ هڻندي لاڏاڻو ڪري ويون هونديون ته؛ ”پٽيو ڙي، پيڪ
يڌيون جو ڪاردار مئو!“
بهرحال، خط پهتو ته ”دير آيد،
درست آيد“ چئي شڪر ادا ڪيم.
ڪليم الله جو خط پيش خدمت آهي
لاڙڪاڻو، ۵ مئي ۱۹۹۱ع
ڊيئر منظور!
ڪنهن سدوري ڏينهن جو قصو آهي جو
جناب اياز گاد صاحب فون ڪري ٻڌايو ته منظور خان جو خط ولايت کان آيو آهي ۽ هڪ ڪاغذ
تي ٻه خط آهن. وري پڇيائون ته ”هاڻي ڇا ڪجي؟“
مون عرض ڪيو ته ”ففٽي! ففٽي!“
اياز صاحب اهو اڌ، اسان جي آفيس
ڏي، پنهنجي ڪنهن ڪارندي هٿان ڏياري موڪليو.......
وري اھو ڪاغذ تاريخ جي ڪنهن
گمشده ڪڙي جيان ھٿ نه اچي سگھيو. اسان واري آفيس جي ڪنهن ڪاردار ان ”اڌ خط“ جي
اهميت کي انڊر-ايسٽيميٽ ڪري، سرڪاري نلڪي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ان شايد وڃي ويسٽ پيپر باسڪيٽ
۾ ڇوڙ ڪيو.
اسان ٻڌو آهي ته ڪولمبس جي آمريڪا
لهڻ ۾ انهن خطن جو وڏو دخل آهي، جيڪي ڊچ مبلغن ۽ استادن ڳوٺ لکيا هيا. جن مان ڪو ٽڪرو
ڪولمبس سائين جي ھٿ چڙهي ويو ۽ هو ان لگن سان لڳي ويو. جنهن آخرڪار وڃي آمريڪا
تائين پڄايس. توهان وارو اڌ خط به جيڪڏهن ڪنهن نقطه سنج کي مليو ته هو به گھٽ نه ڪندو،
هاڻي ڏسجي ته هو وڃي ڪهڙي آمريڪا ٿو هٿ ڪري؟
اوهان جو ولائت وڃڻ به اسان جي
لحاظ کان هڪ وڏي ”پهچ“ آهي. جنهن کي تصوف جي زبان ۾ خود ”ولائت لهڻ“ چئجي ٿو. ان
ولائت کي ھٿ ڪرڻ سان ٻيو فائدو رسي يا نه، ذهن مان مايوسيءَ جي ڪٽ لهي، دقيانوسيت
جي نقصانن جو چمڪاٽ ڏسي سگھجي ٿو. بهرحال تجربي جي وسعت پرک جي ڪسوٽي کي بي مثل بڻائي
ٿي ۽ ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ ائين چئي سگھي ٿو ته گجگوڙ ڪندڙ مينهن ۾ چمڪاٽ ڏيندڙ کنوڻ، ڪڏهن
اسان جي گھرن ۾ به روشني ڪري سگھندي.
وتايو هڪ دفعي درياھ ٽپيو پئي
ويو. هن جي وک پاڻي مٿان ٿي پئي. هڪ ٻيو همراھ جيڪو ٻيڙيءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هيو،
تنهن هڪل ڪري عرض رکيس ته کيس به ساڻ وٺي ھلي. وتائي پڇيس ته ڀلا هيئن ڪر جو هي
وظيفو ورد ڪندو هل؛ ”وتايو... وتايو.. وتايو...“
هن يار سندس چولو هٿ ۾ جھلي ورد
ڪرڻ شروع ڪيو؛ ”وتايو، وتايو، وتايو....“ ۽ وک کڻي هلڻ شروع ڪيائين. ھلندا ھلندا
اچي وچ سير ۾ پهتا ته همراه کي ڪنين وتائي جو آواز پيو؛ ”الله، الله، الله...“
سوچيائين ته مان پاڻ اهو پڙهان
جيڪو وتايو ويٺو پڙهي. سو يڪدم وتايو وارو ورد ڇڏي ”الله، الله، الله...“ چوڻ شروع
ڪيائين.
نتيجو اهو نڪتو جو همراه جا پير
پاڻي ۾ لهڻ شروع ٿيا، پاڻي اچي چيلھ تائين پهتو..... اچي سيني کي سوڙھ ڪيائينس، ڳاٽي
کان ٿيندو وات ۽ نڪ بند ڪيائينس. همراه غوطا کائڻ لڳو.
وتائي ڳچي کان جھلي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيس.
جڏهن همراه جا هوش جاءِ ٿيا ته وتائي چيس ”تون اهو ڪم ڪر جنهن جي توکي ڄاڻ هجي. اڻ
ڏٺي سان تنهنجو ڪهڙو ڪم.“
اتي ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪم رکن
ٿا. صرف پنهنجي ڄاڻ، تجربي ۽ سمجھ آھر ڪم ڪن ٿا، اهڙي طرح هو پنهنجي شعبي ۾ ترن ٿا
۽ وڃي پار پون ٿا. اسان وٽ هوندو انجنيئر ته سندس نظر هوندي پوليس کاتي جي عيبن
تي، جي هوندو ماستر ته کيس ريلوي جي مڙني ڪمزورين مان واقفيت هوندي، جي هوندو حجم
ته رڳو هڪ وار ٺاهڻ نه ايندس، باقي سمورن ڪمن جو ماهر هوندو. اهو ئي سبب آهي ته
درياه وڏي ڳالھ آهي معمولي ڪسي ۾ به ٻڏي وڃي ٿو.
اهو ته سمجھي سگھجي ٿو ته اوهان
وري ان ملڪ نه وڃي سگھو، تنهنڪري ان مان پوريون ڪسرون ڪڍي اچجو. باقي هي ديس ته سڄي
عمر مٿي ۾ لڳل آهي، مهرباني ڪري واپسي ۾ تڪڙ نه ڪجو، ممڪن حد تائين گھمي ڦري وٺجو.
ٿي سگھي ته ڀر پاسي ۾ به چڪر هڻندا رهجو.
ڪليم لاشاري
خط پڙهڻ کان پوءِ هڪ حوالي سان
خوشي ٿي ته چڱو ٿيو جو منهنجو خط ڪاردار لوڙهي ڇڏيو. ان ۾ به ڀلائي هئي. خبر ناهي
ته خط ۾ ڪھڙو ٻوڙ ھاريو ھيم. منهنجي خيال ۾ اهو ئي اظهار ٿي سگھي ٿو ته ”عشق چڙهيو آ ڳاٽي، ھيانءُ ٿو ڦاٽي...!“
ڪليم لاشاري جي خط ۾ ڏنل تجزيو
پنهنجي جاءِ تي سؤ في صد صحيح هيو ته يورپ جي ماڻهن کي ڪم پيارو آهي، نه ڪي چم.
اسان وٽ ته چمڙي جا جھاز يا ٻيڙيون ھلن ٿيون يا وري ڪُٽڻ ۽ کاٽو پٽ ايجنٽ ھوڪا ڏيندا
ٿا وتن؛ ”عيسا نه موسا، بڙا پير پئسا!“ سرڪاري
ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارا اھل ماڻهو ته بيوقوف يا پاڳل سمجھيا وڃن ٿا. ڪم چور، نااهل ۽ ٻه
نمبري مزي ۾ آهن. باقي ڪليم صاحب جي گھمڻ ڦرڻ واري ٻي صلاح تي عمل ٿي نه سگھيو.
عشق ڄيري واري ڄر، جنهن کي لڳي، تنهن کي خبر. اسان کي ته آفريقا (ايريٽيريا) ۾ گھمڻو
يا مرڻو هيو، پر قسمت جون ڪنهن کي ننڍيون، ڪنهن کي وڏيون.. پوء ائين ئي ٿيو؛ ”جٿان دي کوتي، اتي آ کلوتي.... (جي دل ڪڍيوَ ته پڙهي
ڏسو، منهنجو ناول ”ڊيناڪ ۱۰۹“)
دل ته چوي ٿي اياز حسين ايم گاد
تي گھڻو لکجي. اھي موهن جي دڙي جي شبستان هوٽل تي گذاريل راتيون، روس جي فرينڊشپ
هائوس ڪراچي تي شام جو ڦيرا.... عبدالله شاھ غازي جي درگاھ تي گذاريل روح پرور شب
و روز....سندس فليٽ تي ٿيندڙ وودڪا سان گڏ باھوش ڪچهريون (انهن تي ڪڏهن ضرور
لکبو.) ڪي ماڻهو ڀل مشهور محقق، اديب، شاعر، دانشور، سياست ڪار، ڊاڪٽر، انجنيئر،
بيوروڪريٽ، راڳي يا رانديگر نه به هجن. صرف مهل جا يار ھجن ۽ منجھن ماڻهپي وارو گڻ
ھجي، سمجھو ته سندن حياتي حلال ٿي وئي (اياز گاد انهن ماڻهن منجھان هڪ آهي) حال في
الحال ڪليم الله جي خطن جو ذڪر اذڪار هلي ٿو، ايئن نه ٿئي ته تڏو پرائو سور پنهنجا بيان ڪجن...........
---- (۸) ----
ڪراچي
۱۷
فبروري ۱۹۹۷
ڊيئر منظور!
هتان جي موسم ۽ سياست ٻئين بيڪار،
بهرحال ڪلورين ورتل پاڻي سان
صحت جو خيال رکندا اچون. وڌيڪ پاڻ اندازو هڻو ته اها صحت ڪهڙي هوندي. شابس آهي روڊن
کي جن تي ٻارنهن چوڏنهن جاگنگ ڪلوميٽر ڪري مڙئي ڪجھ پورائي جي ڪوشش ڪندا اچون.
هڪ اڌ سنڌي رسالو نظر مان (ڪڏهن
ڪڏهن) نڪري ٿو، اوهان جي ڪاوشن جي پوري پروڙ نه اٿم. اميد ته هٿ نه روڪيو هوندوَ.
سنڌي ۾ اڻٿڪ افسانو نويس صرف هڪ ٿيو (شايد) اهو هيو محترم علي بابا، ٻيو اوهان ۾
آسرو اٿم.
موپاسان انساني ڪيفيتن جو امين
هيو ۽ ساڳي وقت ۾ فرانسيسي شهري توڙي دهقاني سماج جي صورت گيري به خوب ڪئي اٿس. سنڌي
افساني جي هنر جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي. جيڪڏهن موپاسان جي حوالي سان پڇو ته صرف هڪ صلاح
اوهان کي ڏيندس..... لفظن جي ڪفايت. ساڳئي طرح سنڌي موپاسان اسان جي نظرن آڏو اڀرندو
ٿو اچي.
لاڙڪاڻي اچڻ جو خيال گذريل ٻن
مهينن کان ذهن ۾ رهيو. ڪو خاص ڪم ته نه هيو. بس صرف سياري جي لطفن جي ماڻڻ لاءِ دل
آتي هئي. جيتوڻيڪ آ ان وچ ۾ پشاور ۽ اسلام آباد جا چڪر لڳايا. پر ضرورت رهي ته لاڙڪاڻي
پهچجي ۽ زيتونن جي باغن ۾ ويهي ان دوزخي ميوي جو مزو ماڻجي.
هتان جا ڪم پنهنجي پورائي ۾
حائل رڪاوٽن کي وڌائيندا رهيا ۽ آ پلئه آجا نه ڪري سگھيس. خاص ڪري رمضان جو مبارڪ
مهينو ڪجھ اهڙو برڪتن ڀريو هيو جو هڪ ڏينهن جو ڪم پنجن ڏينهن ۾ مس پورو پئي ٿيو..
بهرحال ڪتاب ڇپجي ويو ۽ آ هڪ جھنجھٽ کان آجو ٿيس.
ڪتاب اوهان کي شعيب علي پهچايو
هوندو. پٿر جي گھڙيل قبرن جي هڪ خاص انداز تي مفصل تحرير آهي. جنهن ۾ انهن انوکين
قبرن جي بناوٽ، انداز ۽ گھاڙ جي سڀني نمونن جي مطالعي جي بنياد تي ان عجيب Architecture جي
ارتقا کي پڙهي سگھجي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستاني سلسلي کان شروع ٿيندڙ انهن Funeral Structures جي
نمود پٺيان جيڪو سماج ۽ ان جون گھرجون هين تن کي آڏو آندو ويو آهي. قبيلن جي
سردارن، ملڪن ۽ ڄامن ۽ معتبرن جي قبرن جي سڃاڻپ سان قبرن جي مسلسل ترقي تي نظر رکڻ
سؤلي ٿي پئي.... اهو ئي سبب هيو جو خاص خاندانن جي روايتن جو مطالعو ڪري انهن جا
خانداني شجره تيار ڪيا ويا. اهو هڪ اهڙو ڪم هيو جنهن لاءِ مفصل طرح سان Systematically Study جي
ضرورت هئي. آرڪياليجيڪل توڙي اينٿراپاليجيڪل اصول آزمايا ويا. هر طرح سان حاصل ٿيل
Data کي خاص
انداز ۾ پيهي، ملائي ۽ گڏائي هڪ سمجھ ۾ ايندڙ تصوير چٽي وئي. ائين دلچسپ انداز جي
تحرير ممڪن ٿي. حالانڪه موضوع عمومي طور سان خشڪ تصور ڪيو ويندو آهي. ان ڪري عام
قاري اهڙن معاملن متعلق ڪتاب ڏسي پاسيرا ٿي ويندا آهن. پر اسان عام قاري توڙي
عالمن لاءِ اهو انداز اختيار ڪيو.
ڪتاب تي نظر وجھندا ۽ هڪ تبصرو
سنڌي قاري لاءِ لکي ڪنهن اخبار ڏي اماڻيندا (برسات) نه.
ٿي سگھي ٿو ته ويجھڙ ۾ لاڙڪاڻي
اچڻ ٿئي....
وڌيڪ احوال روبرو يا خط رستي ٿي
سگھي ٿو...سلام سڀني لاءِ
نيڪ تمنائن سان
اوهان جو ڪليم لاشاري
3C,
sunset lane No 6
Phase 11 Extension
D. H. A. KARACHI
ڪليم الله جي مٿئين خط مان ھڪ
ته سندس ادب شناسي جي پروڙ پوي ٿي. خط ۾ ائين لکڻ ته ”سنڌي ۾ اڻٿڪ افسانو نويس صرف
هڪ ٿيو (شايد) اهو هيو محترم علي بابا، ٻيو اوهان ۾ آسرو اٿم.“ ڪليم الله جو سنڌي
ادب جي يگاني ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نگار ”علي بابا“ کي سارڻ ۽ افسانوي ادب
۾ سندس حيثيت کي مڃتا ڏيڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سنڌي ادب تي گھري نظر رھي آهي.
سچ پچ ته ”علي بابا“ جي تصوراتي سگھ بي مثال ۽ بي نظير آهي. سندس ڪهاڻين جا مجموعا
”ڌرتي ڌڪاڻا، آيل ڙي اولاڻا، علي بابا جون ڪهاڻيون“ ٽي وي ڊرامو ”دنگي منجھ درياھ“
۽ ناول ”موهن جو دڙو“ ۽ ٻارڙن لاءِ لکيل ناول ”سنڌ باد جو سفر“ سنڌي افسانوي ادب جون
اهڙيون وِٿون آهن، جيڪي ڪڏهن به پئي پراڻيون نه ٿينديون...! جيتري قدر منهنجو تعلق
آهي ته مان ”علي بابا“ ۽ سنڌ جي سڀني سرموڙ اديبن جي پير مٽ به ناهيان. اھا ڪسرنفسي
نه، پر حقيقت آهي ته ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگو تيلي....!
ماسٽرس جمنازم (۱۹۷۵) جي دؤر کان وٺي ڪليم لاشاري
جون اتساهڻ واريون صدائون ”چلو بچو!!!“ گھڻن کي ياد ھونديون. جيڪي ميمبرن کي
احساسِ ڪمتري مان ڪڍي ھمت ۽ ولولو ڏيارينديون هيون. سندس تڪيه ڪلام ”چلو بچو!!“ جي
حوالي سان هڪ ھلڪي ڦلڪي مزاح وارو قصو اوهان جي پيشِ نظر آھي. هڪ دفعي ماسٽرس
جمنازم ڪلب ۾ ايڪسرسائيز ختم ڪري ٻاھر ويٺا هياسي. هڪ شرارتي ڇوڪرن جي ٽولي جو گذر
ٿيو. انهن سان هڪ ليڊيز ڪپڙا پھريل ڪوتما (کدڙي ٽائپ ڇوڪرو) به ساڻ هيو. اھو سندن
شغل ۾ شامل هيو ته پويلن ۾ ٽيپ وڄائي، ان کان جھمر هڻائيندا ھيا. ڇوڪرن، ناچو ڪوتما
کي چيو؛ ”استاد (ڪليم) کي جھمر هڻي ڏيکار!“ ناچو ڪوتما ڪليم الله کي پيرين پوندي
چيو؛ ”استاد اجازت...؟“
”مون کي استاد چيو ٿي ته هاڻي
تو کي ايڪسرسائيز ضرور ڪرڻي پوندي!“ پوءِ مون کي ڪلب جي سيڪريٽري جي حيثيت سان ڏسندي
چيائين؛ ”منظور خان! هن کي سٺي نموني سان ايڪسرسائيز سيٽ هڻائجانءِ، جيئن شڪايت نه
ٿئي!“ پوءِ ناچو کي مخصوص تڪيي ڪلام تحت چيائين؛ ”چلو بچو!!“
مان ناچو ڪوتما کي پهريان ”ڊمبل
بينٽ اوور“ ڪرايا، پوءِ ”بئنچ پريس“، تنهن کانپوءِ ”اوور هيڊ پريس“، ”ڊمبل
فلائيز“، ۽ آخر ۾ ”گابليٽ اسڪاٽ“ هڻايا ته سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪليم الله ڏسي چيس؛ ”چلو
بچو! هاڻي پنهنجي فن جو مظاھرو ڪر!“
ناچو ڪوتما چيلھ تي ھٿ رکي چيو؛
”استاد! هاڻي ته لڱن ۾ ساھ ئي ناهي رهيو!“
”چلو بچو! ڪا ڳالھ ناهي، سڀاڻي
سڀئي اچجو ۽ ايڪسرسائيز ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي فن جو مظاھرو ڪجو!“
شرارتي ڇوڪرن جي ٽولي وري منهن
نه ڪيو..........
ڪليم الله جي ھن خط ۾ نه صرف ڏيهي
اديب ”علي بابا“ جي تعريف ٿيل آهي، پر اوڻويهين صديءَ جي عظيم فرينڇ ڪهاڻيڪار
موپاسان guy de Maupassant جي ساراھ پڻ آھي. ان مان سندس بين الاقوامي ادب تي گھري نظر جو به پتو پوي ٿو.
سڄي دنيا جا ادب شناس موپاسان کي ڪهاڻيءَ جو ڪامل استاد ڪري سڏيندا آھن. ڪهاڻي جي
کڻت، اڻت ۽ پڄاڻي ۾ ساڻس ڪو حيثي ناهي. هن ٽي سؤ کن ڪهاڻيون، ڇھ ناول، ٽي سفرنامه،
۽ مضمون وغيره لکيا. مان پاڻ موپاسان جو مفتون ۽ موھت رهيو آهيان. سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻيون
بار بار پڙهندو آهيان ۽ حظ حاصل ڪندو آھيان. ڪليم لاشاري جي ڪيل تاڪيد ته ڪهاڻي ۾ ”لفظن
جي ڪفايت“ ضروري آھي. اھا صرف مون تائين محدود نه پر ھر ڪهاڻيڪار لاءِ مفيد آهي.
غير ضروري ڊيگھ ڪهاڻي جي گرفت وڃائي ٿي. ان حوالي سان موپاسان جون ڪهاڻيون مثالي
آھن. منظر نگاري کان وٺي ڪردار نگاري ۽ سراپا نگاري تائين هر شئي مناسب ۽ تڪيل
توريل. سندس ڪهاڻين ۾ کڻت به ڌيان ڇڪائڻ واري ته پڄاڻي به اهڙي جو وات پٽجي وڃي.
باقي ٻوليءَ جو چشڪو ته اهو ئي وٺي سگھي ٿو، جنهن کي فرينچ ايندي هوندي. اسان لاءِ
ته فرينچ دٻي ۾ ٺڪريون......
زبان
يار من ترڪي، و من ترڪي نمي دانم.
(محبوب جي زبان ترڪي، ۽ مان ترڪي
نه ٿو ڄاڻان)
خط ۾ مون کي جنهن ڳالھ ڇرڪائي وڌو،
اھا آرڪيالاجي (آثارِ قديمه) جي حوالي سان سندس ڪتاب A
Study of Stone Carved Graves جو ذڪر. پڙھيم ته پريشان ٿي
ويس ته هي ڇا چڱو ڀلو اديب ڳورپٽ بڻجي ويو...!
ھڪ همراھ، ٻي اڻ سڃاتل کان ميلي
۾ تعارف وٺندي پڇيو؛ ”ڀائو! ڇا ڪندو آهين؟“
هن وراڻيو، ”نانگن جي ٻرن ۾ هٿ
وجھندو آھيان!“
”ڀائو! نانءُ ڇا ٿي؟“
وراڻيائين، ”بچو!“
اهو ٻڌي تعارف وٺندڙ ٿڌو شوڪارو
ڀريندي چيو؛ ”ڀائو! تون به نه بچين...!“
مان ڪليم الله جو خط پڙهي سوچ ۾
پئجي ويس ته ”خدا ته ڪري خير، جي ڪو ڀوت پريت يا جنڙي چنبڙي پيس ته پوءِ ڇا ٿيندو...؟
ائين نه ٿئي ته هو ڀوائتي فلم دي ايڪسورسسٽ The
Exorcist ۾”جن
وتي“ ڇوڪري ”ريگن مئڪنيئل“ جھڙو ڪردار بڻجي وڃي. نتيجي ۾ کيس ھر سال گاجي شاھ جي
ميلي تي سرندائين آڏو مؤج ڪرڻي پوي... پڪو پھ ڪيم ته سمجھائيندي خبردار ڪندومانس
ته اڳي ئي سنڌي دانشور ڪاوڙيا ٿا وتن ته اسان مرده پرست قوم آهيون. وڏڙن جو ان
طعني ته ”منهنجي مئي کانپوءِ ڪهڙا قبا اڏائيندئو؟“ جي جواب ۾ پونيئرن مڪلي ۽ چؤکنڊي
جون قبرون ڪيون (ٺاھيون) آهن. ان ڪري دست بسته ٿي کيس سمجھائڻ جي ڪندس ته ”ھروڀرو مئلن جي ڳئي کي مکڻ نه هڻو!... چپٽين جو پورهيو ڇڏي،
رُڪ سان راند نه ڪيو!... ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي ڪي ڪهاڻيون، ڪي ناول، ڪي ڪٽ پيسٽ
مقالا لکي، اديب، دانشور ۽ فلاسافر ٿي وڃو!... اھڙو ڪم
ڪيو جو نه ھڱ لڳي، نه ڦٽڪڙي، رنگ به چؤکو اچي. ادبي ميڙن ميڙاڪن ۾ اھڙيون ڊاڙون
هڻو جو تاڙين جو ڦھڪو ھجي. هڪ ئي وقت ڪرانتڪاري، سرڪاري، درٻاري، ۽ گرناري ٿي وڃو...!
منهنجي صلاح وٺندءُ ته انشآءَالله چوڏنهن طبق روشن ٿي ويندئوَ....
پر جڏهن شعيب عمراڻي جي ھٿاران ڪتاب
مليو ۽ پڙهيم ته پنهنجي سطحي سوچ تي نظر ثاني ڪرڻي پئجي وئي. اندازو ٿيو ته قديم
قبرون يا قبرستان ماضيءَ جا اهي مزار آهن، جيڪي انساني تاريخ جا پڪا شاهد گواھ
آهن. جن سان قومن، قبيلن جي از سر نو تاريخ مرتب ٿي سگھي ٿي. دنيا ۾ عمومن پنجهتر
في صد ڪوڙي تاريخ لکي يا لکرائي وئي آھي. ڌرمي پستڪن ته هڻي هنڌ ڪيو آھي. عقل جون
راھون رد ڪري ماڻهن کي ڏند ڪٿائن جي انڌ وشواس ۾ الجھائي ڇڏيو آهي. اھا آرڪيالاجي
آھي، جنهن لڌل شين جي ڪاربان ڊيٽنگ سان تهذيبن جي زمان مڪان جو تعين ڪيو آھِي. هڏن
يا وارن جي ڊي اين اي جي جاچ جوچ سان نوان راز کوليا آهن. تاريخي هنيل ڪوڙن جا
پِتا پڌرا ڪيا آهن. ان ڪري سڄي دنيا جي ملڪن ۾ قديم قبرستانن جي سار سنڀار ٿي رهي
آھي. مڪلي جي قبرستان کان وٺي، مصر جي ”الجيزه“ قبرستان کي اقوام متحده جي عالمي
اداري يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج قرر ڏنو آھي....
مان هن ڪتاب جي اهميت کي
سمجھندي، پهريان ته هدايت منگي (صحافي ۽ اديب) کي ڪتاب پڙهايو، ۽ پوءِ ان جي توسط
سان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي اردو ۾ اسپيشل پروگرام ڪرايو. جنهن ۾ ريڊيو
پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊائريڪٽر ”ضمير بدايوني“ پڻ حصو ورتو. پوءِ سنڌي ۾ تبصرو لکي
”پرک“ رسالي ۾ شايع ڪرايو. سچ پچ ته ڪليم الله، مذڪوره ڪتاب وسيلي شاھ جي ان بيت
جيان، ”جي لهوارو لوڪ وھي، ته تون اوچو وھ اوڀار!“ تي عمل ڪري ڏيکاريو. ھاڻ هو آرڪيالاجسٽ
(آثار قديمه جو ماھر) جي حيثيت سان تحقيق جي هڪ نئين راھ تي روان دوان آهي. پر اهو
ٻڌائيندو هلان ته مغربي دنيا ۾ ۾ آرڪيالاجسٽن تي وڏا ٽوٽڪا ٺهيل آهن. ان حوالي سان
هڪڙو ٽوٽڪو ٻڌي ڇڏيو؛
”هڪ جھوني مائي، ٻي کي ٻڌايو ته؛
”منهنجي مڙس مون ۾ دلچسپي وٺڻ بنھ ڇڏي ڏني آهي. ائين ٿو لڳي ته مان ڄڻ وسري وئي
هجانس!“
ٻي وراڻيو؛ ”پڪ سان تنهنجو مڙس
فلاسافر يا اديب هوندو. پر منهنجو مڙس ائين ناهي، جيئن عمر وڌي ٿي، تيئن مون ۾
دلچسپي وڌيس ٿي!“
”سبب؟“
”ھُو آرڪيالاجسٽ آهي..!!!“
---- (۹) ----
ڪراچي
۳۱ مارچ ۱۹۹۷ع
ڊيئر منظور
مينهوڳي کي اسلام آباد سان
ملائي ڏسندا رهيا آهيون. اهو ئي سبب هيو ته موجوده ڀيري پڻ جڏهن اتي جھڙ اچي ديره
دمايا ته ائين لڳو ڄڻ ڪو اصل جو انگ اڙيل هجين. موسم جي لطف وٺڻ جي جيتري قدر فرصت
ملي ٿي اها پئي ورتيسين آفيس جي دريءَ مان. شام جي ”چهل قدمي“ ۽ صبح صادق جي ڊڪ.
مطلب ته هڪ مڪمل انداز هيو جنهن دل کي پئي لڀايو.
ايتري ۾ اها خبر اچي پهتي ته ڪراچي
۾ پڻ مينهن لڳا پيا آهن. اتي به ٿڌي هير پئي گھلي. بس اها خبر ڇا آئي اسلام آباد
زهر لڳڻ لڳو. اهڙي مند ته پنهنجين ماڳئين به ٿئي. اتي اڃا وڌيڪ وڻندڙ ٿيندي آهي.
اتي عزيز ۽ قريب ان مند جا مزا ونڊيندي لطف کي ”دو بالا“ ڪري ڇڏين ٿا. ”نه ير،
اسان کي اسلام آباد گھرجي ئي نٿي!“
ان پس منظر ۾ اسلام آباد کان
جند ڇڏائڻ جا طاقتور ٻج ذهن جي زمين تي ڪريا ۽ مينهن جي پاڻي ملڻ تي ويتر ويا وڌيڪ
جلد اسرندا. سج ڪرڻا ڪڍيا ته اهي سلا نسري بيٺا.
پوءِ ته هيڏي هوڏي ڏسي رستي جو
تعين ڪري اسان به پنڌ پياسي ته هاڻي سفر سنڌ ڏي ڪبو.
موڪل وٺي هت پهتس. اوهان جو خط
گھڻي وقت کان آيل هيو. حال احوال ڪجھ ته معلوم هيا ڪجھ نوان ٿيا. وڃي ڌڻي بخش جو
در ورتم. ھمراه بتالجي ويو. چي فائل ڏسي ٻڌائي سگھندم. هڪ اڌ ڏهاڙو ائين ڏنومانس.
آخر اچي چيائين ته پراسيس ۾ آهي. جلد ئي اڪلائي احوال ڪندس. اڄ وڃي پراگريس وٺندومانس.
صبحاڻي مون کي واپس اسلام آباد
وڃڻو آهي. موڪلون ته اهي مڙئي ٻه چار ڏهاڙا مس ٿيون ملن. ماڻهو ويچارو ته حسرتن جي
عجيب تصوير بڻجي ويو آهي. ان نتيجي ۾ وري انتقام خوب وٺي ٿو. ولائت ۾ ته موڪل واري
ڏينهن پنهنجو شهر ئي ڇڏي وڃي ٿو. نه ڪنهن شئي کي ڏسي نه وري اها ڇت-ڪتائي واري
احساس سان واسطو پويس. هت وري اسان اڃان ٻيو ڪم ڪيو آهي. ڇت-ڪتائي مستقل حصو بڻائي
ڪمزورن مٿان ڇڏيندا رهون ٿا ۽ حالتن سان سمجھوتو ڪري، پاپندي کي مڃي زندگي جو اهڙو
حصو ٿا بڻائي ڇڏيون جو ”اٽوٽ انگ“ ٿي وڃي ٿو. پوءِ بيشڪ اهڙي ڪشمير لاءِ اسان کي هڪ
ڳري بجيٽ خرچ ڪرڻي پئي ۽ سموري ذهني ترقي پٺتي رهجي وڃي.
ڪڏهن ڪڏهن من پسند ۽ حق هڪ ئي
هوندو آهي يا ٿي پوندو آهي. ۽ جڏهن اهو حاصل ٿيندي ٿيندي رهجيو وڃي ته ماڻهو
ويچارو رد عمل جي وهڪرن ۾ وهي ويندو آهي. پوءِ ملھ ڇڏي راڳ جون تياريون سوچيندو يا
وٺندو آهي. اها نه ته نئين ڳالھ آهي نه ئي وري عجيب. پر حق ته اهو آهي ته اهو رد
عمل اصولي طرح سان پنهنجي سر ڪو درست دڳ ناهي هوندو. بس هڪ رد عمل ئي هوندو آهي.
رد عمل ته رد عمل ٿيو. ان ۾ نه ڪا اصلائپ Originality ٿئي نه وري ڪا جديديت. تنهنڪري
ان جي ”ڀنور“ ۾ ڦاسڻ نهايت هاڃيڪار ڳالھ ٿيندي آهي. فيصلا اهي صحيح هوندا آهن جيڪي
سڪون قلب ۽ ذهني فرصت جي وقت، جسماني آسودگي وٺندي ڪري سگھجن.
تنگ جتي ۾ پير
هجي. ڊگھي سفر جو وچ هجي. مند مزيدار نه هجي، مسئلي جو ڪو حل نه سجھي ته اهڙي سمي
جيڪي فيصلا ڪبا سي ڪي قدر اڻ پورا هوندا ۽ ٿي سگھي ٿو ته جوکائتا به هجن.
ڌڻي بخش وٽان جيڪا موٽ ملي،
تنهن جو احوال اسلام آباد مان ڪندس. تاڪيد ڪرڻي پئي يا ڪا فون ضروري ٿي ته اها
فاضل سيڪشن آفيسر ۽ سندس ڊپٽي سيڪريٽري کي ڪبي.
افسانو حصو------
افسانو پنهنجي حقيقت پسندي ۽
حالتن جي درست تصوير ڪشي جو هڪ مثال بڻبو......
جيئن ته عام طور تي چيو ويندو
آهي ته حقيقت جو وٽو ڪَوڙي دوا جيان تلخ ٿئي ٿو. اها ڳالھ ان افساني لاءِ چئي
سگھجي ٿي... پر اها تلخي نه ته نتيجن ۾ محسوس ڪري سگھجي ٿي، نه ئي ڳالھ جي اصل رخ
۾. پر اها تلخي ڪردارن سان، جيڪي صرف هڪ سٽ ۾ جاڳي، ساڳئي سٽ ۾ سمهي رهن ٿا، محسوس
ڪري سگھجي ٿي. اديب صاحب پنهنجن ڪردارن سان هڏ ڏوکائي يا همدردي جو ڪو حق ادا نٿو ڪري...
منٽو مرحوم پڻ تلخ هوندو هيو، پر اهڙن ڪردارن سان تلخ ٿيندو هيو، جن جو جيون
افساني جي سڄي ڪينواس تي هوندو هيو. اوهان وارا ڪردار موجوده افساني ۾ هڪ گھڙي کان
وڌيڪ ناهين.... تنهن هوندي به بقول انگريز جي ته
“They still earn contempt of the writer”
مشاهدي جي وسعتن لاءِ ناول
حقيقتن سٺي صنف آهي. پري کان ويهي ڪردارن جو تذڪرو ڪجي. ۽ سندن سوچن کي پڙهڻ لاءِ
شيطان جيان ذهنن جي اندر آکيرا ڪري رهجي۔
وڌيڪ احوال ٿيندا. نيڪ تمنائن
سان. سنگت سڄي کي سلام
ڪليم الله
ان خط مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڪليم
الله اسلام آباد ۾ هيو، ۽ مينهوڳيءَ جي موسم ۾ کيس پنهنجي سنڌ ڌرتي ياد اچي رهي
هئي. ”حيف تنين کي ھوءِ وطن جن وساريو“ واري تانگھ هيس. توڙي جو اسلام آباد بظاھر
خوبصورت شهر آهي. پر اندر ۾ ڪهڙيون بلائون سانڍيل اٿس، سا سڀن کي خبر آھي. خط ۾ سنڌ
سيڪريٽريٽ جي هڪ حرام حلال جي ڪاتيءَ جو به ذڪر
آھي. جنهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ بي واجبي ٿيندي. (پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڇڪي رکبس) اتي جن
شريف ماڻهن جو ڪم پيو هوندو ته کين لڳو ھوندو، ڄڻ دوزخ جا داروغا ھُشيار باش لڳا
ورد ڪري رهيا آهن؛ ”آيو آن ته ڇا کنيون آيو آهين، وڃين ٿو ته ڇا ٿو ڏيون وڃي..!“
اتي ڪي خدا ترس سهائڪ ملي به ويا، ته ائين ڀائنبو ڄڻ ”هل من مزيد“ واري تحت الثريٰ
۾ فرشتا هجن.
ھن خط ۾ ڪليم الله تمثيلون ڪجھ
ائين ڏنيون آھن، جيئن مقدس انجيل ۾ حضرت عيسيٰ يا اپنشدن جي رشين مُنين بيان ڪيون
آهن. مثلن، ”تنگ جتي ۾ پير هجي. ڊگھي سفر جو وچ هجي. مند مزيدار نه هجي، مسئلي جو ڪو
حل نه سجھي ته اهڙي سمي جيڪي فيصلا ڪبا سي ڪي قدر اڻ پورا هوندا ۽ ٿي سگھي ٿو ته
جوکائتا به هجن.“ اتي سمجھو ڪي سمجھن. پر مان ائين لَکي ويندو آهيان، جيئن لکيون لوهارن، چڏن ۾ چڻنگون!“ اهو ڪليم الله جو
سمجھائڻ وارو منفرد انداز رهيو آهي. جنهن ۾ پاڻ سان گڏ ٻين کي به آگاھي ڏيندو آھي.
پنهنجي ھمعصرن ۾ مان ٻن ماڻهن
کي لٽريچر جي حوالي سان ”اَپ ڊيٽ“ ڏٺو. هڪ ڪليم الله لاشاري ۽ ٻيو ڊاڪٽر آصف فرخي
کي (ٻيا ھمعصر به سچيت هوندا، پر ساڻن ملاقات جو شرف حاصل نه ٿي سگھيو.) سندن
تنقيد جو انداز تُز، معياري ۽ وڻندڙ رهيو آهي. ڪليم الله جي انهيءَ خط ۾ منهنجي هڪ
ڪهاڻي ”ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگي“ تي سندس تنقيدي نگاھ وڌل آهي. دراصل مان پنهنجي پر ۾
اھو تجربو ڪيو هيو، جنهن ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ عقوبتن جا پندرهن کن منظر پيش ڪيا
ھيا. پر هر منظر جي تلخ ڪردار کي پڙهندڙ تي ڇڏي ڏنو هيم ته هاڻي پڙهندڙ ڄاڻي ۽ ڪردار
ڄاڻن. (اهو شايد ته ڪنهن يورپي نقاد جي قول کان متاثر ٿي ڪري ته جتي ليکڪ جي تخليق
ختم ٿئي ٿي، اتان پڙهندڙ جي شروعات ٿئي ٿي. ان ڪري هڪ سٺو پڙهندڙ به تخليقڪار جي ذمري
۾ اچي ٿو) پر ڪليم الله هڪ ھوشائتي نقاد جي حيثيت سان، افساني جي ڪردارن تي رومال
۾ ويڙهي تنقيد ڪئي؛ ”جيڪي صرف هڪ سٽ ۾ جاڳي، ساڳئي سٽ ۾ سمهي رهن ٿا، محسوس ڪري
سگھجي ٿي. اديب صاحب پنهنجن ڪردارن سان هڏ ڏوکائي يا همدردي جو ڪو حق ادا نٿو ڪري...“
ان ملائم تنقيد مان ائين لڳو ڄڻ ”ڪڇ ڀي نه ڪها اور ڪھ ڀي گئي!“ پر هن ڪا تنقيد
براءِ تنقيد نه ڪئي هئي، پر اشاري ڪنايه سان سهڻي صلاح به ڏني ته ”مشاهدي جي وسعتن
لاءِ ناول حقيقتن سٺي صنف آهي. پري کان ويهي ڪردارن جو تذڪرو ڪجي. ۽ سندن سوچن کي
پڙهڻ لاءِ شيطان جيان ذهنن جي اندر آکيرا ڪري رهجي.“ دراصل ڪليم الله جو اشارو هيو
ته ان ڪهاڻيءَ جي ڪينواس کي وڏو ڪري ناول ۾ تبديل ڪر!... پر پاڻ ايڏا سنجيده ڪٿي
جو محمد علي پٺاڻ وانگر گوڏا ڀڃي لکئون. سندس سھڻي صلاح کي پڙهي، وساري ڇڏيوسي،
جيئن هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻي ڪن مان ڪڍي ڇڏبو آهي.
پر ھاڻي سوچيان ٿو ته لکڻ گھرجي. پر جيسين للو کڻي لٺ،
تيسين ڪره اجھامي وڃي.....
سچ پچ ته تنقيد جو مقصد صرف
ايچون پيچون ڪڍڻ ناهي، پر ليکڪ يا محقق جي رهنمائي ڪرڻ به آهي. اسان وٽ تنقيد جو
معيار ساڙ تي ٻڌل پٽڪا ڊاھ آهي. ان ڪري اوهان کي اديب عمومن پٽڪي لٿا نظر ايندا
(سواءِ محمد علي پٺاڻ جي.)
اسان وٽ اها ئي جھڙوڪر پٿر جي
دؤر جي تنقيد هلي ٿي ته تخليقڪار ڪير آهي. نالو ڇا اٿس..؟ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو...؟
ذات ذمات، عمر يا جنس ڪهڙي اٿس...؟ پنهنجي لابي يا شهر سان واسطو رکي ٿو يا نه...؟
مثلن، جي فيسبوڪ جي وال تي
”شگفته آرزو“ جي نالي سان آءِ ڊي تي هيٺيون آزاد نظم لکيل هوندو ته
”پر لڳا اڏاميس
پر بازن جي ھٿ چڙهي ويس مان
کنڀ کوهجي ويا منهنجا
هاڻي ڪيان ته ڪيئن ڪيان...!؟“
ڪلاڪ ٻن جي اندر سؤ کن ڌڙڪندڙ
دلين وارا سمائليز، ٻه سؤ لائيڪس ۽ ٽي سؤ فرينڊشپ ريڪيوئسٽ ۽ چاليهارو کن ڪمينٽس
ملندس، ۽ يقين ڏياريندس ته اھڙو شعر نه ڪنهن اڄ تائين لکيو آهي ۽ نه لکي
سگھندو..... ڇا ته اندر جو اُڌمو آ۔۔!!
اهو آزاد نظم، جي پڪي عمر جي فوٽو
واري ”ڦاپل“ جو هوندو ته اسان پارا عمر جو لحاظ ڪندي ڪي ٻه ٽي لائيڪ ڪندس. هڪ اڌ ڪمينٽ
۾ کيس ڪنهن جوان طرفان اھو طنزيه مشورو ضرور ڏنل هوندو ته ”ماسي! اڳي ئي کنڀ کٿل اٿي،
هن عمر ۾ ته نه اڏام، متان چيلھ نه ٽڙڪي پوئي!“
پر اهو ساڳيو نظم جي ”ڪکو خان“
جي وال تي هوندو ته هڪ به لائيڪ نه ملندس. رهندو سهندو ڪنهن ساڙ سڙيي جي دل جلائڻ
وارو ڪمينٽ ملندس ته ”اھڙي شاعري ڪرڻ کان بهتر ٿي ته ڍڪڻي ۾ ڍڪ پائي ٻڏي مر!“ ۽ پوءِ
ڪکو خان ليپ ٽاپ اڇلائڻ ۽ تخليقي خودڪشي ڪرڻ جي سوچيندو....
تڏهن ته جديد ادبي تنقيد (Modern literary criticism) جي حامين ٽي ايس، ايليٽ، آءِ
اي رچرڊس، ڪلينٿ بروڪس ۽ ٻين ان ڳالھ تي زور ڏنو ته ليکڪ ڪير آهي، ڪٿان جو آھي،
عمر، جنس يا حيثيت ڪهڙي اٿس..؟ ان سان مطلب نه هجڻ گھرجي، بلڪه مواد سان هجڻ
گھرجي... تڏهن ته چڱن ماڻهن جو چوڻ آهي؛ ”اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو چوي، پر اهو ڏسو ته
ڇا ٿو چوي....!“
----
----
ڪليم الله لاشاريءَ جي مذڪوره
خطن جي خوشخطي مان خبر پوي ٿي. ھڪ ته ھو سٺن استادن جي پٽي پڙهايل آهي. ٻيو ته
علمي حوالي سان سندس خط حوالا جاتي آهن، ٽيون ته بي ساختگي سان ڀرپور آھن. چوٿون
غير ضروري ڊيگھ کان آجا ۽ فڪري طور سگھارا آهن. ان ڪري مون مناسب سمجھيو ته خاطوءَ
(خطن لکندڙ) کي سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي لياقت کي پنهنجي وت ۽ وس آھر آشڪار ڪيان.
انهن خطن جي حوالي سان اهي ڳالهيون جيڪي ذهن تان ميسارجي ويون هيون، سي ساريان. گھڻيون
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ رهجي به ويون. نه لکي سگھڻ جو ھڪ سبب رعشه جي مرض (Parkinsons disease) جي خير سان ابتدا ٿي وئي آھي.
سڄو ھٿ ائين چئي ۾ ناهي، جيئن هڪ مشھور انگريزي لطيفو آھي (جيڪو ھتي ٻڌائڻ جوڳو
ناھي.) بس جن ٻڌو هوندو، اھي عنوان مان سمجھي وڃن؛ ”ڊاڪٽر! چپ ڇو ٿا ڦڙڪن...؟“
جيئن ته ڪليم الله، گھڻ-پاسائين
شخصيت آھي. سندس پوشيده ۽ پُر-اسرار پهلوئن تي خاص ڪري ٻه سپورنج ليکڪ دوست ته
گھرائيءَ سان لکي سگھن ٿا. هڪ سندس ڪلاس ميٽ شعيب علي عمراڻي ۽ ٻيو ھمعصر اشتياق
انصاري. اميد آهي ته قلم فرمائي ضرور ڪندا (ٿي سگھي ٿو ته ڪري چڪا هجن. مان بي خبر
هجان...)
جيتوڻيڪ ڪليم الله لاشاري، نه
منهنجي ننڍپڻ جو دوست ۽ نه وري ڪلاس مئٽ رهيو آھي. پر حقيقت اھا آهي ته پنهنجي ميل
ملاقات ”لاڙڪاڻه اسٽيڊيم“ جي توسط سان ٿي. جتي تن سازيءَ کان شروعات ٿي، وڃي ذهن
سازيءِ تي پهتي. لاڙڪاڻه اسٽيڊيم ان دؤر جي رانديگرن لاءِ جھڙوڪر گروڪل هيو، ۽ ڪليم
لاشاري جھڙوڪر جڳت گرو.....
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هاڻ
لاڙڪاڻي اسٽيڊيم کي ڏسي نوحو يا مرثيه لکڻ تي دل چوي ٿي ۽ ڀٽائيءَ جو اهو بيت
ورجائڻو پوي ٿو ته؛
نه سي
وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي
بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
اها ئي اسٽيڊيم جنهن جي نگھباني
ھڪ اسپورٽس ڪميٽي ڪندي هئي، جنهن جو سيڪريٽري ”شاھ ايم مسعود“ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس
ايسوسيئشن ھوندو هيو ۽ ڪريم بخش بروهي جھڙو برجستو ۽ مڙس ماڻهو چوڪيدار سڄي اسٽيڊيم
جي سار سنڀال ڪندو هيو. هاڻي ته لڳندو آهي ڄڻ ڪو ڌَڻي ڌُوڻي ڪونهيس. تڏهن ته چيو
ويندو آهي ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي!“
ڪن ماڻهن جي زندگيءَ جو رخ ڪنهن
خاص منزل طرف متعين هوندو آھي. منهنجو خيال آھي ته ڪليم الله لاشاري پنهنجي
زندگيءَ جو سفر فزڪس واري اصطلاح ”ويڪٽر ڪوائنٽٽي“ واري انداز ۾ ڪيو آھي. هن ۱۹۸۲ع ۾ ”سي ايس ايس“ جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جوائن ڪيو. پوءِ
نوڪري سانگي ايس ڊي ايم تربت بلوچستان کان ٿيندو دنگ اچي سيڪريٽري نوادرات حڪومت
سنڌ (۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱) تي ڪيائين. انهيءَ دؤران هن پنهنجي تعليمي ڪيريئر کي به اڳڀرو ڪيو. ۱۹۹۸ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي ڪهاڻي کيتر
۾ به قلم فرسائي ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ۱۹۹۹ع ۾ سندس ڪهاڻين جو منفرد مجموعو سنڌيءَ ۾ ”اوڻويھ سؤ ٽياسي“ شايع ٿيو.
هن ۲۰۰۲ع ڌاري جرمنيءَ مان ”اسلامي دؤر جي قديم عمارتسازيءَ“ جي عنوان سان پوسٽ ڊاڪٽوريل
ريسرچ ڪئي ۽ ۲۰۰۶ع ۾ آمريڪا جي وسڪونسن يونيورسٽي
مئڊسن مان پوسٽ ڊاڪٽوريل فيلوشپ حاصل ڪئي. ان عرصي ۾ تحقيقي ڪم کي به تيزيءَ سان اڳتي
وڌائيندو رھيو.
سال ۲۰۰۱ع ۾ جڏهن سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو ھيو ته هن ”سکر ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو
قيام عمل ۾ آندو. جنهن جي توسط سان پندرنهن علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.
انهن ۾ مقالن ۽ مضمونن جو سنڌيءَ ۾ ”سکر، تاريخ ۽ سماج“ جي عنوان سان ھڪ ڪتاب ڇپيو
ھيو. جنهن ۾ منهنجو مقالو ”سکر جون ٻيڙيون“ به شامل ھيو. توڙي جو ان وقت مان به
سال سوا سال سکر ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ھائوسنگ مئنيجمينٽ ٿي رهيس. پر پنهنجي ملاقات
صرف ٻه دفعا ٿي سگھي. هڪ دفعو کيس سکر شھر جو ڪنٽوئر مئپ (contour map) گھربل هيو، جيڪو مون کيس مهيا
ڪري ڏنو ۽ ٻيو ڀيرو مذڪوره مقالي ڏيڻ وقت محسوس ڪيم ته هو گھڻن ڪمن ۾ رڌل ۽ ڦاٿل
آهي، بقول ھڪ سابقه سنڌي وزير جي، جنهن کان ڪنهن پڇيو ته ”ڪم ڪيئن ٿو ھلي...؟“ وراڻيائين
ته ”ھنڊريڊس ڪم، ٿائوزنڊس گو Hundreds come,
thousands go لڳي پئي آھي..!“ ان ڪري مناسب
نه سمجھيم ته کيس ڊسٽرب ڪيان. هونئن به مان ان چوڻيءَ جو قائل آھيان ته ”جوئر ڇڊي سنگ ٿلها...!“
آثارِ قديمه جي ماهرن کي ھر
جھوني شئي سان پيار هوندو آھي. ان حوالي سان به هڪ لطيفو آهي ته هڪ آرڪيالاجسٽ هڪ
ناريءَ جي سندرتا تي اڪن ڇڪن ٿيندي چيو ته ”تو سان ملاقات ڪندي مون کي ايڏي خوشي ٿي
آهي ڄڻ مون روزيٽا اسٽون (ٻه صديون قبل مسيح پراڻو پٿر، جنهن تي ٽن ٻولين ۾ ٿيل
لکت آهي) لڌو ھجي.!“ اھو ٻڌي، بي قدري ناري چڙي وئي، ۽ وري آرڪيالاجسٽ جي منهن نه
چڙھي....
اهو ته ٿيو هڪ پاسو، ٻيو پاسو ڏاڍو
شاندار آهي. جڏهن آرڪيالاجسٽ پنهنجين پراڻين تهذيبن جي شاندار ماضيءَ کي ثبوتن سان
اجاگر ڪن ٿا. ان حوالي سان ڪانفرنسن ۾ وڏا بحث ۽ سيمينارن ۾ وڏا مقالا پيش ڪيا وڃن
ٿا. ڪي عمارت سازي جي بنياد تي مصر جي تهذيب کي لڌل شين Artifacts جي بنياد تي قديم ڄاڻائن ٿا، ڪي
لڌل مٽيءَ جي ڦرهين Tablets جي حوالي
سان سميري تهذيب کي، ته ڪي وري سنڌو تهذيب جي آثارن کي.
اھڙن تضادن جي ڪري آرڪيالاجسٽن
تي ڪيئي لطيفا مشهور آھن. هڪ لطيفو مثال طور تي پيش ڪجي ٿو؛ ”هڪ انگريز آرڪيالاجسٽ
دعوي ٰ ڪئي ته دنيا ۾ آرٽ جو بنياد اسان جي ملڪ ۾ پيو، جڏهن به اسان زمين ۾ ويھ فوٽ
کوٽائي ڪيون ٿا ته ماڻهن جا ھڏن تي ٺاھيل نقش نگار ملن ٿا. جرمني واري چيو؛ اسان جڏهن
به چاليھ فوٽ کڏو هڻون ٿا ته گول ٺڪر جون ٿالهيون ملن ٿيون، جن تي سج، چنڊ ۽ تارن
جا چتر چٽيل آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته فلڪيات (Astronomy) جو بنياد جرمني ۾ پيو. اٽلي واري ٻڌايو ته اسان جڏهن به زمين ۾
پنجاھ فوٽ کڏو هڻون ٿا ته ڪا شئي نه ٿي ملي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته واءِ فاءِ (Wi-Fi) جو بنياد اٽلي ۾ پيو ھيو.
ھر ڪنهن کي پنهنجن اباڻن ڪکن، ڌرتي,
ثقافت ۽ تهذيب سان انس ٿئي ٿو. اڳي آثارن مان لڌل شين جي ”ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ“ جي
بنياد تي قدامت جو تعين ٿيندو ھيو. هاڻي ته لڌل انساني هڏن ۽ وارن جي ”ڊي اين اي ٽيسٽ“
جي شاهدي کي اھميت ڏني وڃي ٿي. (اڄڪلھ ”راکي ڳڙهي“ مان لڌل هڪ عورت جي هڏائين پڃري
جي ڊي اين اي ٽيسٽ سنڌو تھذيب جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آھي، ته سنڌو تهذيب جو
بنياد رکندڙ هتان جا اصلي ماڻهو هيا، نه ڪي سينٽرل ايشيا کان ٻاھران آيل ڌاريا...
)
ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري به سنڌو
تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي. سڄي ملڪ جي مختلف قديم
آثارن، خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي سائيٽس تي گھڻو ڪم ڪيو اٿائين. موهن جي دڙي جي
آثارن ۽ ٻين قديم عمارتن جي بحالي (Restoration) تي سندس خاص فوڪس آهي. هونئن به آرڪيالاجي جي تحقيق انتهائي صبر
آزما ۽ ڌيرج واري ٿئي ٿي. سائيٽ تي وڃڻ، کٽ کوٽ ڪرڻ، لڌل شين يا اسٽرڪچر جي قدامت
جو تعين ڪرڻ ۽ آخر ۾ نور نچوئي لکڻ اڃا وڌيڪ محنت طلب آھي.
ڪليم الله سان پنهنجي ڇٺي ڇماهي
ملاقات يا فون تي ”ھلو! ھاءِ!“ ٿيندي آھي. موضوع، گلا غيبت کانسواءِ ڪو علمي، ادبي
يا تحقيقي هوندو آهي. جنهن ۾ پتو پوندو آھي ته آثارِ قديمه جي حوالي سان ڪهڙا انڪشاف
ٿي رهيا آهن.
ڪليم الله لاشاري ۲۰۱۳ع ۾ رٽائر ڪيو، پر اسان وانگر ھٿ تي ھٿ رکي نه ويٺو آهي. ڪيترن ئي تحقيقي ڪميٽين
جو چئرمئن، صلاحڪار ۽ سرپرست آھي. خاص ڪري آرڪيالاجي جي حوالي سان سندس ڪم قابلِ
قدر آهي. سندس صحت قابلِ رشڪ آھي. اٿي ويھي پاڻ ٿو. چيتو به جاءِ تي اٿس. اسان وانگر
سورن سيراندي ناهي ته پوءِ ڀلا ڇو نه تحقيق جي دنيا ۾ پاڻ موکي.....!
سندس ڪاوشن ۽ بي بها خدمتن جي
عيوض سرڪار نامدار ۲۰۱۹ع ۾
کيس ”ستاره امتياز“ سان نوازيو. رومن ڪلاسيڪل شاعر ”جيونل“ جي شعر جي اها مشهور سٽ،
جيڪا اڄ هر ٻوليءَ ۾ ضرب الامثل بڻجي وئي آهي ته A
Sound mind in sound body ڊاڪٽر ڪليم
الله لاشاري تي حرف بحرف لاڳو ٿئي ٿي. اسان جون نيڪ تمنائون آھن ته شال تحقيق جي
حوالي سندس جستجو کيس نوبل پرائز جو حقدار بڻائي...!
آخر ۾، ڪلماتِ خير ته جتي به
هجي صوفين وانگر پنهنجي ڪم ۾ مست الست هجي. بقول سعدي شيرازي جي ته
خوش
بديدم صوفيان را صحبت خمار مست
عاشقان
با صدق مانده وعده ديدار مست
(مان ڪلالن جي صحبت ۾ صوفين کي
خوش ڏٺو،
مان سچن عاشقن کي ديدار جي
واعدي تي خوش ڏٺو.)
(نوٽ: ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري کي پنهنجي ڪلاس مئٽ لانس نائڪ ”حسن علي سهتي“ واري گذارش آهي ته ڪا ”گلتي“ هجي ته ”ماڦ“ ڪندا. ڪو لفظ، ڪو جملو، ڪو پئراگراف نه آوڙيو هجي ته حذف ڪرڻ يا ڪا ضروري ڳالھ رهجي وئي هجي ته اضافي جي مڪمل گنجائش آهي.)
No comments:
راءِ ڏيندا