; سنڌي شخصيتون: February 2012

28 February, 2012

شاهه اسد - سيد يار محمد شاهه


شاهه اسد
فلمي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊائريڪٽر
سيد يار محمد شاهه
پاڪستان فلم انڊسٽري جي تاريخ ۾ هڪ اهم حصو سنڌي فلمن جو به آهي جنهن جي هدايتڪارن ۾ شاهه اسد جو نالو نمايان آهي. منهنجي ساڻس ملاقات جو سلسلو ڪجهه هن ريت آهي ته مون سندس وڏي ڀاءُ سيف الله شاهه سان دوستي جو سفر شروع ڪيو ته شاهه اسد سان به ملاقات ٿي، جنهن کي پنهنجن وٽ اسد الله شاهه سڏيو ويندو هو. جڏهن ته بطور شاعر هن پنهنجو تخلص “محبوب ترمذي” رکيو هو. ڪجهه فلمن جي گانن جي شاعري پڻ ان نالي سان ڪيائين. مرحوم جي هڪ شارٽ اسٽوري “جواري” جي نالي سان ٽنڊي آدم جي هڪ ادبي نشست مان نڪرندڙ ڪتاب ۾ شايع ٿي ۽ ان ڪهاڻي تي سنڌي فلم “رنگ محل” ٺهي، جنهن جا گانا ميڊم نورجهان، محمد يوسف ۽ رونا ليليٰ ۽ دينا ليليٰ ڳايا. فلم جو شاعر موسيٰ ڪليم هو جنهن “رنگ محل” جي ڪهاڻي پڻ لکي هئي. جڏهن ته مشتاق جسڪاڻيءَ جي هيءَ پهرئين فلم هئي ۽ سندس شوق پٺيان سندس دوست فلم ٺاهي رهيا هئا، جنهن ۾ سيف الله شاهه جو به پئسو هو. اسد الله شاهه ننڍي هئڻ جي ڪري، صرف شوٽنگن دوران گڏ پيو هلندو هو ۽ پنهنجي ٻنهي مامن هدايتڪار ايس وائي احمد ۽ شاعر موسيٰ ڪليم مان سکندو رهندو هو.

26 February, 2012

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون - رضوان گل


ننڍي کنڊ جي ڏاهي
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون

ساجد سنڌي ۽ رضوان گل
جنم جو هنڌ ۽ ڏينهن؟
تاريخ ۳ مئي ۱۹۲۰ع، ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري.
مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
انتهائي سادو ۽ دوستن تي اعتبار ڪندڙ.
پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ته هو ڪيترو سچو آهي.
اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
ٻار.

25 February, 2012

منٺار فقير راڄڙ - سارنگ علي سولنگي


منٺار فقير راڄڙ
سارنگ علي سولنگي

منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ ڳوٺ کاڻي راڄڙ، تعلقه کپرو، ضلع سانگهر جو ويٺل هو. منٺار فقير جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقيري ڏي مائل هئي. سندس آباءُ و اجداد، حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمة جا مريد هئا ۽ پاڻ حضرت غوث الحق رحه جي 13ھون سجاده نشين، مخدوم محمد امين صاحب “امين” جن جي هٿ تي بيعت ڪيائين. هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل ڪيائين. مرشد جي وفات بعد، بيحد اداس ٿي پيو ۽ سندس ڏاهاڙا بي چينيءَ ۾ گذرڻ لڳا.
هڪ رات پنهنجي مرشد کي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون ۽ چيائون ته؛ توهان کي پڙهايون ٿا ۽ پڙهو. پوءِ پاڻ لڪيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا ۽ فقير صاحب به اهي لفظ چوندو هليو. صبح جو فقير صاحب کي شناس ٿي ويئي ۽ ڪوشش سان سنڌي ۽ اردوءَ جو چڱو ڄاڻو ٿي ويو ۽ پنهنجي وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو.
منٺار فقير جو وصال 16_ جنوري 1930ع ۾ ٿيو.
هيٺين ڪافي فقير صاحب کي خواب ۾ پڙهائي ويئي.

ڪلام

لاهي ويهه م لڏ، لاھ م لڏ، هل ته پهچين هوت کي.

ڪم نه ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ.

ڀنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندئي کڏ.

ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ.

متان منجهين “منٺار” تون، ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ.

فقير حاجي يار محمد مري - سارنگ علي سولنگي


فقير حاجي يار محمد مري

سارنگ علي سولنگي

فقير حاجي يار محمد مري ويٺل کاهي، لڳ ڳوٺ ڪاٺوڙي، ضلع سانگهڙ. سندس ولادت جي خبر نٿي پوي.
محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو ۽ ان جي ڪلامن ڀران ڪلام چيائين ۽ وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
ننڍي هوندي کان ئي صوفي سنگ ۾ شامل ٿي، يڪتاري تي ڪلام چوندو هو ۽ پوءِ پنهنجا ڪلام به چيائين. وڏيءَ محبت وارو فقير هو. “عشق قائم” ۽ “صدقي حضرت عشق تان”سندس تڪيه ڪلام هو.
فقير يار محمد مري 23_ آڪٽوبر 1982 تي وفات ڪئي. “طالب علي” بطور تخلص ڪيو اٿس.

ڪلام
جپ عشق اندر دم دم،
ڏس صاف صورت انسان ۾.

دم دم عشق الستي آهي،
پير مغان سان لنئون ڏس لائي،
سرڪ ساقي کان وٺ تون ٺاهي،
پس قدرت جو قلزم،
جهاتي پائي جان ۾.

“ونجن” وارو ورق ورائي،
“اقرب” کان اوڏو ٻول ٻولائي،
هردم ويٺو حڪم هلائي،
تون “قالو” واري قول ۾ قم،
هل اهنا جي ايوان ۾ .

طالب علي” ۾ تنهنجو تڪيو،
هر دم ويٺو آهين هڪيو،
لاحد واري حد ۾ لڪيو،
ڌو ڌو ڌام مچايو ڌم،
تندن واري هن تان ۾.

صوفي “راضي” فقير درازي - سارنگ علي سولنگي


صوفي “راضي” فقير درازي

سارنگ علي سولنگي

صوفي “راضي” فقير جي ولادت 1903ع ۾ ٿي. سندس والد جو نالو ڪريم بخش هئو. پاڻ پير جي ڳوٺ خيرپور جو رهاڪو هئو.
حافظ غوث محمد شاھ صاحب کان قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ حضرت ڪرم اللھ شاھ صاحب جيلاني گهوٽڪي واري جو طالب ٿيو. سندس شاعري جو رسالو موجود آهي.
پاڻ 1 فيبروري 1968ع مطابق 1 ذوالقعد 1387ھ تي انتقال ڪيائين.
زندگيءَ جو گهڻو حصو لاهور ۾ رهيو. وفات به اتي ئي ڪيائين. سندس آخري آرامگاھ به لاهور ۾ ئي آهي.
ڪلام
ٿلھه؛ واھ واھ عشق پڙهائي نماز مينون،
ڪر وحدت وچ گلزار مينون.

آيا نور نظر صفا سيني اندر،
مليا يار سچا همراز مينون.

دل چاڪ درد هجر جان جان جگر،
ڪيتا سوز برهون ناساز مينون.

راضي” باتقدير ڪيتا رب فقير،
نت نينهن سکايا نماز مينون.

سيد فتح الدين شاھ “مسڪين” - سارنگ علي سولنگي


سيد فتح الدين شاھ “مسڪين

سارنگ علي سولنگي

سيد فتح الدين شاھ عرف هادي بخش شاھ ولد روشن علي شاھ، ڳوٺ ٽنڊو جهانيان، حيدرآباد سنڌ ۾، 1880ع ڌاري ڄائو. سندس والد سيد روشن علي شاھ، درويش صفت هو. فتح الدين شاھ نهايت سهڻي صورت جو صاحب ۽ صبر و تحمل وارو مرد مولا جو هو.
پاڻ شاعر ابن شاعر هو. سندس تخلص “مسڪين” هو. سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي چڱي ڄاڻ هيس.
سندس وفات 18_ فبروري 1942ع ۾ ٽنڊي جهانيان حيدرآباد ۾ ٿي ۽ کيس اتي ئي دفنايو ويو.

ڪلام

چڙهيا نيٺ نانگا، نظاري نظر تي،
وٺن واس وحدت سان جي سفر تي.

اکين جي اشاري، وڌا مير ماري،
مئا دم جياري، حيا جي هنر تي.

ديدن جون دوناليون، جهلي جوش واريون،
پرين پاڻ پاليون، اڙڻ جي اتر تي.

ديدان جي ته دم دم، ڪرن خان خادم،
رهين ياد هر دم، فنا جي فڪر تي.

“مسڪين” موج مستي، هڻي هام هستي،
بنائي ٿي بستي، بقا جي بندر تي.


سيد قطب علي شاھ - سارنگ علي سولنگي


سيد قطب علي شاھ

سارنگ علي سولنگي

سيد قطب علي شاھ ولد فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع ۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس بزرگ اچ شريف کان ٿيندا، سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب علي شاھ جي والد دروات جبل ۾ الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر نڪرندس.”
آخر پاڻ شادي ڪيائين. روح جو هن زمين تي لهڻ لاءِ منتظر هو، تنهن جي اچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي. يعني پوري ڏهين مهيني، جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو.
سيد قطب علي شاھ جو تخلص قطب هو. پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿيو.

ڪلام

جبل جهاڳيندو وت، من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي .
آڏا ڏونگر لڪيون، سائين ڏيندو شت.
وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪاند نبا ڪت.
“قطب” پير پنهون جو، نئي نهارج نت.


فقير نواب ولي محمد خان لغاري - سارنگ علي سولنگي


فقير نواب ولي محمد خان لغاري

سارنگ علي سولنگي

فقير نواب ولي محمد لغاري ثاني، شهر حيدرآباد ۾ سندس ڏاڏي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري اول جي ٻڌايل ڳوٺ ٽنڊي ولي محمد ۾ سال 1836ع ۾ تولد ٿيو. هو نواب احمد خان جو وڏو پٽ هو. ان ڪري نواب جي موروثي لقب سان پنهنجي والد جو جاءِ نشين ٿيو.
سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي تنهائي پسند هئي. سندس صحبت مان گهڻن کي فيض پهتو. محمد فقير کٽياڻ، فتح علي کٽياڻ (محمد فقير جو سئوٽ) قاضي حسام الدين کٽياڻن وارو، احمد فقير لاکو پيڏين (لڳ ڀريا، ضلع نوشھروفيروز) جو، ديوان خانچند وارو ۽ ٻيا سندس صحبتي ۽ طالب هئا.
فقير نواب ولي محمد نهايت ئي نرم طبيعت ۽ سنجيده سڀاءَ جو مالڪ هو. ٻاهر مجلس ۾ ايندو هو ته مٿي کٽ تي، اوڪڙو ٿي، هٿ ٻڌي وهندو هو ۽ اکيون ڍاري ڇڏيندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا چرڻ پرڻ جي ائين ئي ويٺو هوندو هو.
پاڻ 27 جولاءِ 1914ع تي وفات ڪيائين. وفات وقت سڀ فقير گڏ ٿيل هئا. جو سندس حياتي جو جام لبريز ٿي آيو ۽ سندس روح فاني جسم مان دارالبقا ڏانهن پرواز ڪيو. سندس عمر ان وقت اسي ورهيه هئي. طالبن ۽ فقيرن، فقير نواب ولي محمد جو جنازو يڪتارن، سازن ۽ آلاپن جي گونج ۾ سينگاري کنيو ۽ رستي لڳ سندس خانقاه جي حد اندر دفنايو ويو، جتي سندس مقبرو موجود آهي.

فقير هدايت علي “نجفي” - سارنگ علي سولنگي


فقير هدايت علي “نجفي”

سارنگ علي سولنگي

فقير هدايت علي ولد ميان تراب علي فقير تونيو، 29 جولائي 1894ع ۾ ڄائو. سندس تخلص پهرين نجفي بعد ۾ تارڪ ٿيو. ڳوٺ لعلو رائنڪ، تعلقو وارھ-نصيرآباد ضلع لاڙڪاڻو هئس. (ھن وقت ضلع قمبر-شھدادڪوٽ ۾ آھي).
پاڻ هڪ فقير منش انسان، درويش صورت ۽ مجرد ۽ پنهنجي وقت جو بهترين شاعر، نثر نويس، وڏو مصنف ۽ نهايت چڱو مترجم ھيو. ان کان علاوھ سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ پشتو ٻولين جو پڻ ماهر هو. انهن سڀني زبانن ۾ طبح آزمائي ڪيائين.
مرحوم تارڪ، واقعي تارڪ الدنيا فقير هو. آخر تائين فقيري حال ۾ ئي رهيو. اڄ تائين به نجفي فقير يا تارڪ فقير جي نالي سان ماڻهو کيس ياد ڪندا آهن. پاڻ 9 مارچ 1939 ۾ وفات ڪيائين.

ڪلام

چيو ٿي همسايه ته هجر دلبر ۾، ڪين اهل بڪا، بڪا ڪر،
نه پنهنجو ساٿي غم والم ڪر، نه ساڻ دافع عنا عنا ڪر،
ڇڏي خوديءَ کي اصل ٿي بيخود، خدا نه “تارڪ” خوديءَ ۾ ملندو،
خدا جا بندا خدا خدا ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

هز هاءِنيس مير عبدالحسين خان “سانگي” - سارنگ علي سولنگي


هز هاءِنيس مير عبدالحسين خان “سانگي

سارنگ علي سولنگي

هز هاءِنيس مير عبدالحسين خان “سانگي” ولد مير عباس علي خان کي انگريز سرڪار کان “هز هاءِ نيس” جو خانداني خطاب مليل هو. پاڻ “مير نصير خان ٽالپر” جو پوٽو ۽ مرحوم هز هاءِنيس مير حسن علي خان جو سڳو ڀائيٽيو هو. پاڻ 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ تولد ٿيو. مير صاحب فقيراڻن خيالن جو هو ۽ آخر تاعين انهيءَ رمز ۾ رهيو. سنڌو نديءَ جي ڀرسان گدو بندر (حيدرآباد سنڌ کان) ميل ٻن جي فاصلي تي، ڪئمپ ۾ رهندو هو.
پاڻ بهترين شاعر هو. فارسيءَ کي سنڌيءَ سان اهڙو ته سھڻو ڪري ملايائين جو، سندس هي ڪم نهايت تحسين لائق ٿي پيو. نهايت خلق وارو ۽ نرم مزاج شخصيت هو. پاڻ 12_ جون 1924 ۾ وفات ڪيائين.

ڪلام

جنهن ٿي ڏٺو مون کي، تنهن چيو ٿي چريو چريو،
پنهنجي پرين ڏي، مون به ڏٺو ٿي وريو وريو،
سچ سخت آهي سنگ کان انسان سنگدل،
جنهن ري نه دم سريو ٿي، سو “سانگي”سريو سريو.


22 February, 2012

صوفي روحل فقير

روحل فقير

روحل ڪيئن پيو خلل هن خلق ۾

خالد ٻانڀڻ



عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ پدمات جي پٽ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ شاهو خان زنگيجو جي گھر ۾ روحل فقير جو جنم ٿيو هو، سندس جنم جي سال واري حوالي سان ڪتابن توڙي گوگل تي هڪڙو تضاد مليو. ڪتاب صوفي ۾ آهي ته روحل فقير جو، سنڌ جي صوفين جي سرتاج شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي ۸ سالن بعد سن ۱۷۲۶ع ۾ جنم ٿيو، جڏهن ته گوگل تي رکيل مضمونن ۾ ذڪر آهي ته روحل فقير جو ۳۴-۱۷۳۳ع ۾ جنم ٿيو آهي. روحل فقير جا وڏا اصل ۾ پنجاب جي شهر ساهيوال کان سنڌ ۾ آيا هئا. روحل جو عمر ڪوٽ وارو ڳوٺ بعد ۾ روحل واءِ روحل جي پٽ سان سڏجڻ لڳو. روحل فقير کي سندس والد شاهو خان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏياري. جڏهن ته سندس سرائيڪيءَ ۾ به شاعري موجود آهي. فقير سائين جا چار ڪتاب جنهن ۾ من پرٻوڌا، اڌ پت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ اگم وارتا مشهور آهن، سندس والد شاهوخان ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽ ملازم ھو. والد جي وفات بعد روحل فقير غلام شاهه ڪلهوڙو جي دور ۾ وزير ٿيو، بعد ۾ توشه خانه جو ناظم پڻ مقرر ٿيو. روحل فقير جون ٻه شاديون ٿيل هيون کيس پهرين گھرواريءَ مان شاهو فقير ۽ غلام علي فقير جڏهن ته ٻي گھرواريءَ مان دريا خان ۽ خدا بخش جي اولاد هئي. ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان سرفراز ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي فقيري رنگ اختيار ڪيو. پنهنجي ڳوٺ پدمات ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي، بعد ۾ جھوڪ شريف ۾ وڃي ۲۵ سال گذاريا، جتان مرشد جي حڪم تي سفر تي نڪتو اچي، ڪوٽڏيجي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ رهيا. پر اتي جي مقامي سيدن کي سندس اچڻ نه وڻيو، ٽڪر سبب هو اتان لڏي ڪوٽلي ۾ رهيا. وري اتان لڏي جيئن اڳتي سفر شروع ڪيو ته هڪ هنڌ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سندن پهراڻ جو پاند اٽڪي پيو، جنهن کي هاديءَ جو حڪم سمجھي اتي لڏو لاهي ويهي رهيا. جيڪو ڳوٺ بعد ۾ ڪنڊڙي شريف سڏجڻ لڳو. پاڻ سن ۸۳-۱۷۸۲ع ۾ جوڌپور سفر تي ويا. جتي راجا بجي سنگهه کي روحاني آديش ڏنائين. روحل فقير ۴۶ سالن جي عمر ۾ ڪامل فقيري اختيار ڪئي، سندس طالبن مريدن جو تعداد مسلمانن کان وڌيڪ هندن جو آهي. هن ۱۸۰۴ع ۾ راھھ رباني اختيار ڪئي. ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار رڳو پنهنجي گھر علائقي لاءِ ڪونه پتوڙيو هو، پر هن علمي ۽ عقيدت واري فيض سان سنڌ کان وٺي هندستان ۽ يورپ تائين سيراب ڪيو. هن جا مريد، چيلا، تڪيا ۽ ميلا هند سنڌ ۾ اڄ به مچيل آهن. جوڌپور جو راجا بجي سنگهه روحل سائينءَ جو وڏو معتقد هو. جتي روحل سائين اِگم وارتا شاعريءَ جو ڪتاب رچيو هو. راجا بجي سنگهه روحل فقير کي عقيدي ۾ ۴۰ ايڪڙ زمين پڻ ڏني ۽ پنهنجي محل ۾ گروجو تخت پڻ قائم ڪيو. جوڌپور جي قلعي ڀرسان غلام ساگر تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي روحل سائين هڪ گدامڙي جو وڻ پوکيو هو، جيڪو هن وقت به اتي موجود آهي ۽ سندس اکاڙ به اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هن وقت به ڪنڌرا لڳ روحل فقير جي درگاهه ڀرسان پراڻي ڪنڊيءَ واري وڻ جي جاءِ تي نئون ڪنڊيءَ جو وڻ آباد آهي، جنهن جي سيوا گادي نشين فقير غلام علي ۽ سندس ڀاءُ فقير ڪن ٿا. جيڪي پڻ درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن کي پيار ۽ محبتون ڏين ٿا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته فقير غلام علي جي ٻئي فرزند مٺل فقير جي زماني ۾ دُر محمد فقير وڃي پنهنجي جدا چوڪڙي وسائي ۽ سندس وفات بعد پونئرن جدا مزار جوڙائي، جڏهن ته روحل فقير جي درگاهه اندر ساڻس گڏ ٽن پٽن جنهن ۾ شاهو فقير، غلام علي فقير ۽ خدا بخش فقير جون پڻ تربتون آهن. جڏهن ته سندس چوٿين پٽ دريا خان جي الڳ مزار قائم آهي.

رسول بخش پليجو - اسحاق مڱريو


رسول بخش پليجو
ورلڊ سٽيزن
اسحاق مڱريو
هو نه رڳو پاڻ ورلڊ سٽيزن آهي پر هن جي خواهش آهي ته؛ هر سنڌي ورلڊ سٽيزن هجي. رسول بخش پليجو، هاڻ ٻياسي سالن جي ڄمار جو آهي. اوڻويھ سؤ ٽيهه ۾ جنگشاهي ويجهو ڳوٺ منگر پليجو ۾ تپيدار علي محمد پليجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ پيءُ جي بدران ماءُ جي ويجهو رهيو آهي. ان ڪري هو سٺي سنڌي ڳالهائڻ جو سبب به پنهنجي ماءُ جي ويجهو هئڻ ڄاڻائي ٿو. هو چئي ٿو ته آئون سڄو ڏينهن ماءُ سان چهٽو پيو هوندو هوس. امان ۽ ٻين مائين جي وچ ۾ جيڪا ڪچهري ٿيندي هئي سا آئون سڄي پني تي پيو لکندو هوس، ٻين مائين جي وڃڻ کان پوءِ اهي لکيل پنا امان کي پڙهي ٻڌائيندو هوس. جنهن تي امان وري ڀونڊو گهروڙي چوندي هئي؛ مئا تون ته صفا شاهد ٿيو بيٺو آهين. هن جو چوڻ آهي ته مونکي ٻولي سمجهڻ ۽ لکڻ جو ڏانءُ اتان مليو.

21 February, 2012

روشن عطا - سيد يار محمد شاهه


روشن عطا
ملڪهءِ جذبات
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحومه ميڊم روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون. هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين.

18 February, 2012

الحاج مير علي احمد خان ٽالپر

الحاج مير علي احمد خان ٽالپر

اڪبر درس



الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ۳۱ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ ٽنڊو مير محمود ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعيلم حيدرآباد شهر ۾ ورتائين، سياسي ۽ سماجي زندگي جو آغاز ۲۰ سالن جي عمر ۾ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ فضل احمد غزنوي سان ملي انجمن اهليائي ملت ٺاهيائون. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جا ميمبر رهيا. ساڳئي سال ۱۹۳۷ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا. پهرين صوبي بهار جي نائب حاڪم اعليٰ جي عهدي تي چونڊيو ويو. تنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جا حاڪم اعليٰ ٿي رهيا. ۱۹۴۶ع ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جيڪو دهلي ۾ ٿيو ان ۾ شريڪ ٿيا، ساڳئي سال سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ پاڻ مخالف ڌر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاکوڙ ڪندا رهيا. ۱۹۵۳ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ وزير خوراڪ ٿي رهيا. ايوب دور ۾ فاطمه جناح جو کلي ساٿ ڏنائون. هي اهو دور هو جيڪو ايوب آمر خلاف ڪوبه شخص بيهڻ جي لاءِ تيار نه هو پر مير علي احمد خان ٽالپر محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهيا ۽ نيٺ ايوب کي مجبور ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايائون. سنڌ جو ماڻهو گواهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ مير صاحب سرفهرست هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ٽنڊي مير محمود ۾ وڌائون ۽ سندن بنگلي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو، جتي جهنڊي ۽ تلوار جي نشان کي حتمي قرار ڏنو ويو.

عبدالسميع عرف سموتو راڄڙ - لياقت مراد راڄڙ


عبدالسميع عرف سموتو راڄڙ
هڪ اڏول انسان
لياقت مراد راڄڙ
ڪامياب انسان اهو آهي جيڪو ڏکن ۽ تڪليفن کي پنهنجي اندر ۾ لڪائي، صبر ۽ برداشت سان پنهنجي قوم کي منزل تائين وٺي وڃي. ڪاميابيون ته هر انسان ماڻي ٿو، پر ان کي روان دوان رکڻ لاءِ ڪجهه اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي اندر جي خوف ۽ وسوسن کي ٻاهر ڪڍي بي خوف ٿي ڪاميابين جا سفر طئه ڪندا رهندا آهن. اهڙين ڪاميابين کي روان دوان ڏسڻ لاءِ انسان، پنهنجي سچائي ايمانداري، محنت، همت ۽ حوصلي کي پنهنجي هٿن جو سرمايو سمجهي انهن جو پيڇو ڪندا رهن ٿا. اهڙن اڏول انسانن جي زندگي ته ڏکن سان ڀريل هوندي آهي. پر ڪيئي انسان زندگيءَ جي حقير خواهشن جي تڪميل جي تمنا ۾ موت کان اڃايل هرڻ وانگر ڀڄندا آهن ۽ موت کين گمناميءَ جي اونهين کاهين ۾ اڇلائي ڇڏيندو آھي. ڪي ماڻهو وري حياتيءَ جي اعليٰ ۽ شاندار آدرشن ۽ پنهنجي قوم جي زندگيءَ لاءِ اهڙي زندگي جيڪا آزاد ۽ سوڀاري هجي، جيڪا محبتن ۽ ميلاپن جو ميگهه ملهار هجي، چانڊوڪين جي چمڪين ۽ چاهتن جو سنگم هجي، جنهن ۾ عزتن ۽ عظمتن جا کٽڻهار کڙندا هجن، تنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موت سان محبت ڪندا آهن. پوءِ اهڙن ماڻهن جو موت، انساني تاريخ جي تاريڪ ۾ چوڏهين جو چنڊ ٿي پوندو آهي. اهڙن اڏول انسانن ۾ حاجي عبدالسميع راڄڙ به هڪ هو. جيڪو  پنهنجي اصول تي ڪاربند رهندي پنهنجي حياتيءَ کي بااصول ۽ باڪردار بڻائي پوئين لاءِ مشعل راهه بڻجي ويو.

علي گوهر برهماڻي - امان برهماڻي


علي گوهر برهماڻي
ڪاڇي جي ڌرتي جو انمول هيرو
امان برهماڻي
سنڌ بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن صدين کان سپوت پٽن کي جنم ڏنو آهي ۽ انهن سنڌ جي ارڏن ۽ جوڌن جوانن هميشه سنڌ جي مان لاءِ جان جو نذرانو ڏنو. سنڌ دودي دولهه، هوشو، هيمون، شاهه عنايت، شاهه ڀٽائي. سچل سائين ۽ ٻين اڻ ڳڻين انسانن جي ننگري آهي. جن جي جدوجهد ۽ لهو کي اڄ به سنڌ امڙ جي تاريخ ياد ڪري ٿي. انهن سنڌ سڄي وانگي ڪاڇي جي ڌرتي لاءِ رات ڏينهن اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي. ڪاڇي جي ڌرتي به ڪيترن سپوت پٽن کي جنم ڏنو، جن جي وڃڻ کانپوءِ به اڄ انهن انيڪ انسانن جي تاريخ ورقن ۾ لکي ڇڏي آهي. جن جي جدوجهد ڪاڇي جي هر واهڻ وستي هميشه قائم رکندي پئي اچي. ڪاڇي جي ڌرتي ۽ ڪاڇي جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهي آهي. انهن سڀني کي اڄ ڪاڇي جي خوشبودار ڌرتي ياد ڪري روئي ٿي.

ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل - رحيم منگي


ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل
سماجي شخصيت
رحيم منگي
ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل سڄي پاڪستان ۾ سماجي اڳواڻ هئڻ سميت خاڪسار تحريڪ جي حوالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي. جنهن جي شعبئه خواتين جي هوءَ صدر آهي. هوءَ سياسي ۽ سماجي موضوعن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مضمونن ۽ مقالن جي ليکڪا پڻ آهي.

سيد علي اڪبر شاهه - نياز ڀٽي


سيد علي اڪبر شاهه
تحريڪ خلافت ۽ تحريڪ پاڪستان جو اهم ڪردار
نياز ڀٽي
جهڙي طرح ميهڙ جي ميندي سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، اهڙيءَ طرح ميهڙ جا ماڻهو به پنهنجي علم، اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري پوري سنڌ ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.

16 February, 2012

محترمه عطيه دائود جون بي تڪلف ڳالهيون - ساجد سنڌي، رضوان گل



ناليواري شاعره ۽ نثر نگار محترمه عطيه دائود جون بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي، رضوان گل

ü                 ادبي سڃاڻپ؟
·                    شاعره ۽ مضمون نگار
ü                 ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
·                    1. شاعري انگريزي ۾ ترجمو ٿيل Raging to be Free دانيال (پبليڪيشن). 2. شرافت جي پلصراط (شاعري جو مجموعو سنڌي ۽ اردو ۾) اردو ترجمو فهميده رياض. 3. اڻپوري چادر (سنڌي شعري مجموعو) بمبئي ڪونج پبليڪيشن پاران ڇپيل. 4. سنڌي عورت ڪي ڪهاني (اردو مضمون) سين پبلشر. 5. سنڌ ڪي عورت سپني سي سچ تڪ (اردو مضمون) شهرازاد پبلڪيشن. 6. آٽوبايوگرافي (هندي ۾) راج ڪمل دهلي. 7. آٽو بايو گرافي ٻيهر اردو ۾ ڇپيل (او يو پي آڪسفورڊ پريس). 8. ساڳيو ڪتاب ٻيهر انگلش ۾. 9. اوهان جو جسم ۽ صحت (اردو ۽ سنڌي ۾) واعدا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل.

15 February, 2012

ماٺيڻو اوٺو- ضمير بلاول اوٺو


ماٺيڻو اوٺو
ضمير بلاول اوٺو
ماٺيڻو اوٺو، ٿر جي امر ۽ پوتر واريءَ تي، ڳوٺ خانور (بلاول اوٺو) مهراڻو تعلقي مٺي ۾، 1954ع ڌاري علي محمد اوٺي جي گهر ۾ اک کولي. ماٺيڻو اوٺو سنڌ جي عوامي شاعر بلاول اوٺي جو ڀائيٽيو هو. ماٺيڻي اوٺي پنهنجي پرائمري تعليم جا پنج درجا چئن سالن ۾ پاس ڪيا. مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان پاس ڪئي. شاهه عبدالطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر ۽ بي _ اي پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هليو ويو. جتي ماٺيڻي سنڌالاجي جي لائبريري ۾ ملازمت ڪئي ۽ گڏوگڏ سائنس لائبريري ۾ ڊپلوما ڪيائين. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ٻيو نمبر حاصل ڪيائين.

13 February, 2012

ملڪ انوکو - سيد يار محمد شاهه


ملڪ انوکو
پاڻ روئي ٻين کي کلائيندڙ اداڪار
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ مرحوم ملڪ انوکي جو نالو اڄ به هر ڪنهن کي چٽيءَ طرح ياد آهي. فلم ”مٺڙا شال ملن“ ۾ مٿس پڪچرائز ٿيل گانو ”مونکي قسمت مار کارائي الا ڙي گهوڙا ڙي بابا ڙي“ ان وقت به مشهور هو ته اڄ به بيحد مقبول آهي، ۽ خاص ڪري ان گاني تي جيڪا مزاحيه اداڪاري ملڪ انوکي ڪئي، اهي منظر اڄ به ڏسجن ٿا ته کل ڇڏائجي وڃي ٿي. حالانڪه سنڌي فلمن جي ابتدا، عروج ۽ زوال ۾ جيتريون به سنڌي فلمون ٺهيون، انهن جو مسخرو يعني مزاحيه اداڪار هوندو ئي ملڪ انوکو هو. جڏهن ته فلم ”عمر مارئي“ ۽ ”پرديسيءَ“ ۾ لطيف چارلي، جيڪو هندوستان جي فلم انڊسٽري ڇڏي پاڪستان آيو هو، تنهن مزاحيه ڪردارن جي ابتدا ڪئي. هو گجراتي هو پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندو هو. جڏهن ته سنڌي فلمن جو نمبر ون مزاحيه اداڪار ملڪ انوکو ته هئو ئي راجستاني ۽ سندس مادري زبان سنڌي نه هئي. سندس والد صاحب ذاڪر هو ۽ مجلسون سرائيڪي يا پنجابي ۾ ئي پڙهندو هو. پر ملڪ انوکي جي مرڻ تائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪو غير سنڌي فنڪار هو. جيئن ته سندس ڄمڻ  ۽ سندس ٻالڪپڻ جو واسطو ميرپورخاص سان رهيو، پاڻ اسٽيج تي مزاحيه خاڪا ۽ گانا ٻڌائڻ جو ماهر هو.

12 February, 2012

رُڪ سنڌي - نظر پياسي


رُڪ سنڌي
نظر پياسي
سنڌ جو مشهور ليکڪ رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ، حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد، صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. روزاني جاڳو جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سر انجام ڏنائين. جڏهن ته روازني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني ڪاوش حيدرآباد، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام پڻ ڏنائين. ان کان علاوه مختلف صحافتي تنظيمن ۾ به شامل رهيو آهي.


مير غلام محمد خان ٽالپر - ڀون سنڌي


مير غلام محمد خان ٽالپر
سدا جيئن سي، جيڪي جيئن ٻين لاءِ!
ڀون سنڌي
ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجهبي ته اسان کي پتو پوندو ته هيڏي وڏي ديوَ جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾ جتي اُنهن سرويچن، سورمن ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن، وطن ۽ قوم جي آزادي ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ ملهايو، جتي آزادي جي متوالن، غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ اڏي تي سر ڏيئي مظلوم ۽ بيوس انسانن کي زنده رهڻ جو حق وٺي ڏنو، اُتي اُنهن تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙن علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن ۽ مسڪينن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مدد ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگهجي. اُهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن، جيڪي ڦورو سماج کي ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون. انهن جا جذبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم انهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگهي. انهن سڀني جي زندگي اسان لاءِ روشن ڏيئي جي مثل آهي، جنهنجي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي ۽ سمجهي سگهون ٿا ۽ زنده رهي سگهون ٿا.

09 February, 2012

پير غلام رسول شاهه جيلاني - مدثر نظر بلوچ


پير غلام رسول شاهه جيلاني
مدثر نظر بلوچ
سائين غلام رسول شاهه مرحوم جو جد امجد حضرت سائين پير عنايت شاهه رح بغداد مان سنڌ ۾ آيا ۽ نصرپور کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻايو، جتان هنن روحاني فيض جو سلسلو شروع ڪيو. سندن برقعي مٽائڻ کانپوءِ، سندن فرزند حضرت شاهه غوث رح جن درگاهه نشين ٿيا. کانئن پوءِ سائين عظيم شاهه رح گادي وسائي. سائين عظيم شاهه رح جي وصال کانپوءِ، سائين حضرت سهندل شاهه عرف حضرت تاج ڌڻي رح جن نصرپور مان لڏي اچي ميرپور وسائي. جتي بنيادي مريدن کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ هتي سندن مريد ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح هتي درگاهه جو پايو پيو.

لعل محمد لعل


لعل محمد لعل
هڪ اديب، شاعر ۽ ماهر قانوندان
بنده علي لوهار گوهر
سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي شهر شڪارپور ماضي ۾ ڪيترا ئي عالم، مفڪر، سياستدان، اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ پيدا ڪيا آهن ۽ هي شعر نه صرف اقتصادي طور پر علمي ۽ ادبي لحاظ کان پڻ مالا مال رهيو آهي، سنڌ جي وڏن شاعرن سامي ۽ شيخ اياز جو تعلق به به هن شهر سان رهيو آهي. اڄ اسان شيخ اياز جي همعصر شاعر، اديب ۽ ماهر قانوندان لعل محمد لعل جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. نالو داد محمد دايو هيو. هي شڪارپور جو مشهور شاعر، اديب ۽ قانوندان پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. جيڪو ۵ مئي ۱۹۹۷ع ۾ گذاري ويو.