; سنڌي شخصيتون: وفا پلي - ڀڳوانداس کتري

09 February, 2012

وفا پلي - ڀڳوانداس کتري


وفا پلي
سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر
ڀڳوانداس کتري
جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور کانسواءِ اڻپوري آهي. ننڍي کنڊ ۾ دنيا جا وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن. پر شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن سمورن شاعرن جي ڀيٽ ۾ دنيا جو وڏو ۽ عظيم شاعر آهي. جنهن بعد جديد سنڌ ۾ سرجندڙ نڪور شاعريءَ جو سرواڻ شيخ اياز کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.


سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو. پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف جو ذڪر، ناري پٽ جي نواب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ولي محمد ”وفا پلي“ جي ذڪر کانسواءِ  ڪجهه به ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ولي محمد وفا پلي کي سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر سڏيو وڃي ٿو.
تاريخ 7 ڊسمبر 1944ع ڌاري، ناري جي نواب خان صاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ولي محمد وفا پليءَ بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته اڳتي هلي پلي خاندان جو هي خوبصورت گل مستقبل ۾ سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر بڻجندو ۽ سنڌي شاعري جي شفق لالاڻ ۾ هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم، سنڌي ادبي سنگت مان 2004ع ڌاري ولي محمد وفا پلي کي سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر واري ايوارڊ  سان نوازيو. سندس غزل ڪنهن خوبصورت اپسرا جهڙو ڏيک ڏيندا آهن ۽ سنڌ جي هاڻوڪي ٽهي جي وڏن شاعرن، وفا پلي جي غزل کي ايڏو ته خوبصورت قرار ڏنو آهي، جو هڪ شاعر پنهنجي محبوبا جي حسناڪي کي وفا جي غزل سان ڀيٽيندي ايئن لکڻ تي مجبور ٿيو؛ ”تون ايڏو ته خوبصورت ٿي لڳين، ڄڻ وفا جو غزل تي لڳين.“
سنڌي غزل ۾ نين تشبيحن ۽ تخليقي فن جي مهارت رکندڙ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر، سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جا ٻه خوبصورت ڪتاب پڻ ارپيا آهن. جن ۾ ” لئون لئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل“ شامل آهن. اڪثر طور هاڻوڪي ادبي محفلن ۽ ميڙاڪن ۽ شامن کان پري رهندڙ هن شاعر، تنهائيءَ دوران جيڪي گيت ۽ غزل تخليق ڪيا آهن، سي سنڌ جي لکين عوام لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن. پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ ملنسار طبعيت جي شاعر، سنڌ جي سماجي ترقي ۾ پڻ هڪ مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشهور راڳي سينگار علي سليم، راڳ جي راڻي عابده پروين تائين سنڌ جا اڪثر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جا پارکو ڳائيڪ هن شاعر جي حلقا احباب ۾ رهيا آهن. تنوير عباسي، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ ٻيا وڏا نالا سنڌ جي علم، ادب تي جڏهن به پنهنجا ويچار ونڊيندا  هئا، تڏهن اهي اسٽيج تي هن محبوب شاعر جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا هئا. سندس غزل جو هڪ خوبصورت بند هيئن به آهي ته ”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، ڪڏهن مُحب ملندين ملاقات ٿيندي“ يا تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو. آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو، وقت وارن جا وار سهبا، مگر دوستن جو سلوڪ ماري ٿو“. وفا پلي جي غزل جو هر بند ۽ هر سٽ، توڙي تشبيهه ۽ استعارو پنهنجي نيارپ ۾ نئون رنگ ۽ ڍنگ توڙي تصور قائم ڪندا آهن. ڄڻ ڪنهن پدمڻي جون سموريون حسناڪيون، ڀاسنديون هجن. اڄ جڏهن جديد اطلاعاتي ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ملاله يوسف زئي نالي ڇوڪري جي هڪڙي خط تي نشرياتي ادارا ڀنڊڻي ٻاريو، کيس عالمي انعام ۽ ايوارڊ ڏيارين ٿا ته پوءِ سنڌ جي هن عظيم شاعر ۽ غزل جي بادشاهه کي ان ماڻ ۽ ماپي واري فريم ورڪ کان ٻاهر رکڻ مان اسان پڪ سان سمجهون ها ته اهو به اهڙي ادبي ويساهه گهاتي آهي. جهڙي قومي ۽ عالمي سطح  تي سنڌي ٻولي سان ڪئي پئي وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا