; سنڌي شخصيتون: عبدالسميع عرف سموتو راڄڙ - لياقت مراد راڄڙ

18 February, 2012

عبدالسميع عرف سموتو راڄڙ - لياقت مراد راڄڙ


عبدالسميع عرف سموتو راڄڙ
هڪ اڏول انسان
لياقت مراد راڄڙ
ڪامياب انسان اهو آهي جيڪو ڏکن ۽ تڪليفن کي پنهنجي اندر ۾ لڪائي، صبر ۽ برداشت سان پنهنجي قوم کي منزل تائين وٺي وڃي. ڪاميابيون ته هر انسان ماڻي ٿو، پر ان کي روان دوان رکڻ لاءِ ڪجهه اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي اندر جي خوف ۽ وسوسن کي ٻاهر ڪڍي بي خوف ٿي ڪاميابين جا سفر طئه ڪندا رهندا آهن. اهڙين ڪاميابين کي روان دوان ڏسڻ لاءِ انسان، پنهنجي سچائي ايمانداري، محنت، همت ۽ حوصلي کي پنهنجي هٿن جو سرمايو سمجهي انهن جو پيڇو ڪندا رهن ٿا. اهڙن اڏول انسانن جي زندگي ته ڏکن سان ڀريل هوندي آهي. پر ڪيئي انسان زندگيءَ جي حقير خواهشن جي تڪميل جي تمنا ۾ موت کان اڃايل هرڻ وانگر ڀڄندا آهن ۽ موت کين گمناميءَ جي اونهين کاهين ۾ اڇلائي ڇڏيندو آھي. ڪي ماڻهو وري حياتيءَ جي اعليٰ ۽ شاندار آدرشن ۽ پنهنجي قوم جي زندگيءَ لاءِ اهڙي زندگي جيڪا آزاد ۽ سوڀاري هجي، جيڪا محبتن ۽ ميلاپن جو ميگهه ملهار هجي، چانڊوڪين جي چمڪين ۽ چاهتن جو سنگم هجي، جنهن ۾ عزتن ۽ عظمتن جا کٽڻهار کڙندا هجن، تنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موت سان محبت ڪندا آهن. پوءِ اهڙن ماڻهن جو موت، انساني تاريخ جي تاريڪ ۾ چوڏهين جو چنڊ ٿي پوندو آهي. اهڙن اڏول انسانن ۾ حاجي عبدالسميع راڄڙ به هڪ هو. جيڪو  پنهنجي اصول تي ڪاربند رهندي پنهنجي حياتيءَ کي بااصول ۽ باڪردار بڻائي پوئين لاءِ مشعل راهه بڻجي ويو.


حاجي عبدالسميع جنهن کي پنهنجي ڏاڏي جي نالي پويان سموتو به چوندا آهن. حاجي صاحب جو ڪردار هڪ يونيورسٽي هو، جنهن مان شاگرد پڙهي پاس ٿيندو آهي. انهيءَ وانگر حاجي صاحب جي شخصيت جا مختلف پهلو هئا. هو ڪڏهن ڀٽ ڌڻي جي ميلي ۾ پهلوانن کي انعام ڏيندي ته ڪڏهن منٺار فقير جي ميلي ۾ ڳائڻن کي انعام ڏيندي ته ڪڏهن نواب يوسف ٽالپر ۽ علي مردان شاهه، حاجي علي مراد راڄڙ سان گڏ سياسي ڳالهيون ۽ بحث ڪندي ته ڪڏهن غريبن جي فيصلن ۽ شادين ۾ شريڪ ٿيندي نظر آيو. ڪڏهن مختلف راڄن جي فيصلن ۾ امين ٿي فيصلا ڪرڻ تائين موجود، پر جيڪڏهن هن ڪنهن به محفل ۾ شرڪت ڪئي ته ڄڻ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
حاجي صاحب جنهن به فيصلي ۾ ويٺا، انهيءَ فيصلي کي ٻنهي ڌرين جي ٺاهه تائين پهچائي، ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن راڄ ۾ ڪٿي به ڪنهن کي تڪيلف پهتي ته چاچو پنهنجو پاڻ کي سڀ اڳيان سمجهندو هو. هن جي انهن خوبين جي ڪري ماڻهن جي محبت ڏسڻ وٽان هئي. حاجي صاحب جي محبت ته ٻارن کان وڏن تائين هئي. حاجي عبدالسميع جي سفر جي انتها نه هئي هو خانصاحب عطا محمد پلي کان شروع ٿي قاضي محسن پلي کان صوفي فقير کان راڻا جاگير کان کاروڙو سيد کان مانجهاڪر پر اتي به منزل نه ٿي. هو هڪ آزاد پنڇيءَ جيان، جنهن جو ڪو به آستانو نه هجي. ھن ننگرپارڪر کان نهٽو تائين ۽ اسلام ڪوٽ کان اسلام آباد تائين، ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا تائين جو سفر ڪيو، پر هالا کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهندو هو. اتي پنهنجي مرشد جي ديدار جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندو ھو. ڇاڪاڻ ته قبلا سائين مخدوم امين فهيم جي خبر پئي ته اڄ هالا ۾ آهن ته انهيءَ ٽائيم، ڪنهن آزاد پنڇيءَ وانگي پهچڻو هوندو هو. هُن جو مرشد سان عشق جو ايڏو ناتو ھو. قبلا سائين مخدوم محمد امين فهيم جنهن به سفر لاءِ اسهندا هئا ته حاجي صاحب کي خاص سفر لاءِ پنهنجو شريڪ سفر بنائيندا هئا. انهيءَ سفر جي منزل ڪڏهن گوهر پيلس گهوٽڪي ته ڪڏهن رحيم يار خان جي راڄڙن ۾ ته ڪڏهن سانگهڙ جو سفر. انهيءَ سفر ۾ جيڪڏهن شاهنواز جو خاندان گڏ نه هجي ته اهو سفر اڻپورو هوندو هو. اهڙي بااخلاق باڪردار باادب ماڻهوءَ جي موت تي هر دل ته رني پر هر اک اشڪبار هئي. هر ماڻهوءَ جي اکين مان صبح جو صبا وانگر لڙڪ پئي لڙيا. حاجي صاحب جي اهڙي بي وقتائتي موت تي پورو عالم اشڪبار ٿيو. اهڙا محبتي ماڻهو ته ظاهري طرح مرندا آهن پر سندن ڪردار کي پوري دنيا ياد رکندي آهي. اهڙن صوفي منش ماڻهن جي سنڌ ڌرتي تي کوٽ پيدا ٿيندي پئي وڃي. حاجي صاحب جي شخصيت ۾ سنڌ ديس جي ٻهراڙي جي سموري سونهن سوڀيا نئون روپ وٺي اچي ٿي، سامهون بيهي. ٿر جي انوپم سندرتا، منڇر جي ماٺائي، اروڙ جي ارڏائي، ڪينجهر جي چنچلتا ۽ ڪارونجهر جي اڏولتا، حاجي صاحب جي شخصيت ۾ ساڪار ٿي اٿن ٿا. پنهنجي ابتدائي زندگي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گذاري هن ان ماحول سان اتان جي وڻن ٽڻن پکي پکڻ سان گڏجي ساهه کنيا آهن ۽ ان وايو منڊل جو هڪ حصو بڻجي ڏٺو آهي. تنهن ڪري ٻهراڙي واري زندگي ۽ ٻهراڙي وارن ڏکين جو جيترو صحيح ذڪر هو ڪري سگهيو آهي، اهڙو اڄ جو ٻيو ڪو به ڪري نه سگهيو آهي.
حاجي صاحب ڌرتي سان پيار کي عبادت سمجهندو هو. هن ڪڏهن به ان عبادت ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. هو جڏهن سنڌ لاءِ آزار بڻجي ويل ڪنهن مڇ کي مارڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري ٿو ته هن جي دل مان اها ئي سدا نڪري ٿي؛ الله مڇ مرن، ساري هن سنسار جا. حاجي صاحب لاءِ ڌرتي ۽ انسان، دنيا جون مهان شيون آهن. ماڻهو ڪٿان جو به هجي، اسان جي صوفي درويشن وانگر هن لاءِ، سائينءَ جو سروپ آهن.
چاچي سميع جي ڳالهين ۾ تصوف وارو رنگ نظر ايندو هو. جنهن ۾ انتهاپسندي خلاف نفرت آهي. هو امن پسند انسان هو، جنهن وٽ پوري دنيا جي پر امن هجڻ وارو خواب هو. هو اهو خواب پنهنجي اکين ۾ رکي، جڏهن ڌرتي ماءُ جي سيني ۾ هميشه لاءِ سمهي رهيو آهي ته سچ پچ ماحول هيڪل وياڪل محسوس ٿي رهيو آهي. فيبروري جي ڏيهاڙن، الائي ڇو حساس دلين کي سدائين سور ڏنا آهن. اڄ جڏهن فيبروري موٽي آئي ته حاجي عبدالسميع راڄڙ اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي.
الله تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي.

No comments:

راءِ ڏيندا