; سنڌي شخصيتون: صوفي روحل فقير

22 February, 2012

صوفي روحل فقير

روحل فقير

روحل ڪيئن پيو خلل هن خلق ۾

خالد ٻانڀڻ



عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ پدمات جي پٽ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ شاهو خان زنگيجو جي گھر ۾ روحل فقير جو جنم ٿيو هو، سندس جنم جي سال واري حوالي سان ڪتابن توڙي گوگل تي هڪڙو تضاد مليو. ڪتاب صوفي ۾ آهي ته روحل فقير جو، سنڌ جي صوفين جي سرتاج شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي ۸ سالن بعد سن ۱۷۲۶ع ۾ جنم ٿيو، جڏهن ته گوگل تي رکيل مضمونن ۾ ذڪر آهي ته روحل فقير جو ۳۴-۱۷۳۳ع ۾ جنم ٿيو آهي. روحل فقير جا وڏا اصل ۾ پنجاب جي شهر ساهيوال کان سنڌ ۾ آيا هئا. روحل جو عمر ڪوٽ وارو ڳوٺ بعد ۾ روحل واءِ روحل جي پٽ سان سڏجڻ لڳو. روحل فقير کي سندس والد شاهو خان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏياري. جڏهن ته سندس سرائيڪيءَ ۾ به شاعري موجود آهي. فقير سائين جا چار ڪتاب جنهن ۾ من پرٻوڌا، اڌ پت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ اگم وارتا مشهور آهن، سندس والد شاهوخان ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽ ملازم ھو. والد جي وفات بعد روحل فقير غلام شاهه ڪلهوڙو جي دور ۾ وزير ٿيو، بعد ۾ توشه خانه جو ناظم پڻ مقرر ٿيو. روحل فقير جون ٻه شاديون ٿيل هيون کيس پهرين گھرواريءَ مان شاهو فقير ۽ غلام علي فقير جڏهن ته ٻي گھرواريءَ مان دريا خان ۽ خدا بخش جي اولاد هئي. ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان سرفراز ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي فقيري رنگ اختيار ڪيو. پنهنجي ڳوٺ پدمات ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي، بعد ۾ جھوڪ شريف ۾ وڃي ۲۵ سال گذاريا، جتان مرشد جي حڪم تي سفر تي نڪتو اچي، ڪوٽڏيجي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ رهيا. پر اتي جي مقامي سيدن کي سندس اچڻ نه وڻيو، ٽڪر سبب هو اتان لڏي ڪوٽلي ۾ رهيا. وري اتان لڏي جيئن اڳتي سفر شروع ڪيو ته هڪ هنڌ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سندن پهراڻ جو پاند اٽڪي پيو، جنهن کي هاديءَ جو حڪم سمجھي اتي لڏو لاهي ويهي رهيا. جيڪو ڳوٺ بعد ۾ ڪنڊڙي شريف سڏجڻ لڳو. پاڻ سن ۸۳-۱۷۸۲ع ۾ جوڌپور سفر تي ويا. جتي راجا بجي سنگهه کي روحاني آديش ڏنائين. روحل فقير ۴۶ سالن جي عمر ۾ ڪامل فقيري اختيار ڪئي، سندس طالبن مريدن جو تعداد مسلمانن کان وڌيڪ هندن جو آهي. هن ۱۸۰۴ع ۾ راھھ رباني اختيار ڪئي. ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار رڳو پنهنجي گھر علائقي لاءِ ڪونه پتوڙيو هو، پر هن علمي ۽ عقيدت واري فيض سان سنڌ کان وٺي هندستان ۽ يورپ تائين سيراب ڪيو. هن جا مريد، چيلا، تڪيا ۽ ميلا هند سنڌ ۾ اڄ به مچيل آهن. جوڌپور جو راجا بجي سنگهه روحل سائينءَ جو وڏو معتقد هو. جتي روحل سائين اِگم وارتا شاعريءَ جو ڪتاب رچيو هو. راجا بجي سنگهه روحل فقير کي عقيدي ۾ ۴۰ ايڪڙ زمين پڻ ڏني ۽ پنهنجي محل ۾ گروجو تخت پڻ قائم ڪيو. جوڌپور جي قلعي ڀرسان غلام ساگر تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي روحل سائين هڪ گدامڙي جو وڻ پوکيو هو، جيڪو هن وقت به اتي موجود آهي ۽ سندس اکاڙ به اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هن وقت به ڪنڌرا لڳ روحل فقير جي درگاهه ڀرسان پراڻي ڪنڊيءَ واري وڻ جي جاءِ تي نئون ڪنڊيءَ جو وڻ آباد آهي، جنهن جي سيوا گادي نشين فقير غلام علي ۽ سندس ڀاءُ فقير ڪن ٿا. جيڪي پڻ درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن کي پيار ۽ محبتون ڏين ٿا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته فقير غلام علي جي ٻئي فرزند مٺل فقير جي زماني ۾ دُر محمد فقير وڃي پنهنجي جدا چوڪڙي وسائي ۽ سندس وفات بعد پونئرن جدا مزار جوڙائي، جڏهن ته روحل فقير جي درگاهه اندر ساڻس گڏ ٽن پٽن جنهن ۾ شاهو فقير، غلام علي فقير ۽ خدا بخش فقير جون پڻ تربتون آهن. جڏهن ته سندس چوٿين پٽ دريا خان جي الڳ مزار قائم آهي.


هونئن ته هن درگاهه جي حوالي سان تمام وڏي ۽ ڊگھي ڪهاڻي آهي. پاڻ هتي مختصر طور ڳالھ ڪيون ته ڪنڊڙيءَ جي درگاهه جي هڪ ئي گادي آهي، جنهن تي فقير غلام رسول ويٺو باقي سڀ زيلي درگاهن جي زمري ۾ اچن ٿيون. پر هن وقت هيءَ درگاهه به گادي نشينيءَ واري ڦڏي ۾ ڦاٿل ڌرين جا پاڻ ۾ معاملا ڪورٽن تائين ڪيسن جي صورت ۾ هلندڙ آهن. هن فقير جڏهن پاڻ وڃي درگاهه روحل فقير جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو ته اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو ته روحل فقير پنهنجي حياتي ۾ هڪ طاقتور ڌر سان جهيڙي ڪرڻ بجاءِ لڏو کڻي هن ڪنڊيءَ جي ڇانوَ ۾ پنهنجو پاند اٽڪائي آخري منزل سمجھي ترسي پيو. اڄ ان ڪنڊڙيءَ ۾ وري نفرتن جو ٻج پوکيو پيو وڃي. روحل تڏهن ته چيو آهي “روحل ڪيئن پيو خلل هن خلق ۾؟” جتي به انتشار ۽ خلل هوندو اتان امن جا پکي ته اڏامي ويندا آھن پر الله وارا فقير به اها جاءِ ڄڻ مٽائي ٿا ڇڏين. منهنجي روحل فقير جي هڪ عقيدتمند طور ٻنهي دوست ڌرين کي نماڻي گذارش آهي ته ٻيلي جھيڙن ۾ ڪجهه ناهي رکيو اچو ته روحل سائين جيڪو فيض ورهايو ان فيض کي عام ڪريون. دليون جوڙڻ وارو درس ورهايون، نفرتن ۾ ڪجهه ناهي رکيو. ڪنڊڙي جي ڪلتار جيڪي محبتن جي جھان جا سونھارا آهن، سندن ان رتبي کي برقرار رکون. مان ڪو وڏيرو سردار ته ناهيان جو فيصلا ڪريان ۽ فتوائون جاري ڪيان، بس رڳو منٿ ميڙ ڪري سگھان ٿو ته روحل جي درگاهه ۽ ان جي پاسن کي شاد آباد ڪيو نه ڪي ڊاهي پٽ ڪيو. سڀ ڪجهه هتي رهجي ويندو وڌيڪ راز جا راڻا آهيو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


صوفي روحل فقير

سارنگ علي سولنگي

روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو. اندازًا ۱۷۳۴ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾، مومل جي ڪاڪ لڳ، “پدما جي ڀٽ” ۾ ويٺل هئا. سندس والد شاهو خان، ميان نور محمد وٽ ملازم هو. هن روحل فقير کي سنڌي، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏياري. ان بعد روحل فقير به ميان نور محمد وٽ ملازم ٿيو. پر جلد ئي ملازمت کان بيزاري ڏيکاري فقيري ويس ڍڪي، جھوڪ شريف ۾ پنهنجي مرشد (شاه عنايت شهيد رح جي فرزند ۽ سجاده نشين) عزت الله شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو. ڪجهه وقت بعد، جھوڪ شريف ڇڏي، سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخرڪار موجوده ڪنڊڙي واري مڪان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو، جتي ۱۲۱۹ھ مطابق ۱۸۰۴ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پارسي ۾ ڪلام چيائين. روحل فقير نه فقط شاعري ۾ نالو ڪڍيو، پر سندس درويشيءَ جو ذڪر پڻ پري پري تائين پهتو.

ڪلام

پوءِ پروڙيم پنڌ وو، جيجان جوڳيئڙن جا،

نڪي ڊاهي هليا، نڪي جوڙيائون هنڌ،

نڪي وڄايائون مرليون، نڪي چوريائون چنگ،

نڪي ڌوتائون ڌوتيا، نڪي ڌوتائون لنگ،

نانگا نڪتا ننگ مان ، تن نانگن ڪهڙو ننگ،

لڳو لاهوتين جو، “روحل” توکي رنگ،

 


روحل فقير

سنڌيانا

سنڌ جو ناميارو صوفي ۽ ويدانتي شاعر، روحل فقير ذات جو زنگيجو هو. سندس پيءُ شاهو فقير زنگيجو ڪلهوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ويجهو پدمات جي پَٽ (ڳوٺ) ۾ رهندو هو، جتي کيس ۳۴-۱۷۳۳ع ڌاري روحل فقير ڄائو.

شاهو خان زنگيجو نورمحمد ڪلهوڙي وٽ ملازم هو. هن پنهنجي پٽ روحل کي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي تعليم ڏياري. جيئن ته عمرڪوٽ جون حدون راجسٿان سان ملن ٿيون، ان ڪري روحل فقيرکي راجسٿاني ۽ هنديءَ جي پڻ ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي.

روحل فقير پيءُ جي وفات کان پوءِ جوانيءَ ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ ترقي ڪري وزير جي عهدي تي پهتو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ مير بهرام ۽ راڄو ليکيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. راڄو ليکي دور انديش شخص هو ۽ روحل فقيرجي ساڻس گهڻي لڳندي هئي.

ميان غلام شاهه ڪهلوڙي، روحل فقير جي طبيعت ۽ علميت کان متاثر ٿي کيس توشه خاني جو ناظر مقرر ڪيو. روحل فـقيـر جو غلام شاهه جو اهم درٻاري هئڻ سبب جوڌپور طرف سفارتي ڪم ڪار سان اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. اتي جي ويدانتي بزرگ ڏونگر سي راءِ سان سندس ڪافي صحبت رهي. جوڌپور جو راجا ڀڳت سنگهه، روحل فقير جي شاعريءَ ۽ علمي حيثيت کان متاثر ٿي سندس معتقد بڻيو.

جـڏهن ۱۷۷۲ع ڌاري غـلام شـاهه گـذاري ويـو ۽ سـندس فـرزنـد ميان سرفراز ڪلهوڙي حڪومت جون واڳون ورتيون، ته روحـل فـقيـر به سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار سان واڳجي ويو، اڳتي هلي جڏهن سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان خلاف منصوبو سٽيو ته روحل فقير هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي ميان سرفراز جي درٻار ۾ پهتو. هن سندس سياسي حڪمت عملين کي درست نه ٿي سمجهيو، ان ڪري پاڻ کي درٻار ۽ سرڪار کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيائين.

روحل فقير جي دل ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. هُو نالي ۽ نمود کان ونءُ ويندو هو، ان ڪري هن فقيري رنگ اختيار ڪيو. سير سفر سان گڏ وسيع مطالعو ڪيائين. پدمات جي پَٽ تي اچي گوشي نشين ٿيو.ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ روحل فقير جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ شاهه عنايت شهيد جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو. روحل فقيرپورا پنجويهه سال جهوڪ ۾ رهيو ۽ پوءِ مرشد جي حڪم موجب سفر تي نڪري پيو. سنڌ جي مختلف هنڌن جو سير ڪيائين. خاص ڪري ٿرپارڪر جو ڳوٺ ڳوٺ گهميو. عمر ڪوٽ ويجهو واهه به کوٽايائين.

پدمات جي پَٽ وارو سندس ڳوٺ اڳتي هلي روحل فقير جي نالي سانرو حل واءِ سڏيو ويو، جيڪو اڄ به اِن نالي سان قائم آهي.

روحل فقير پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل، سنڌي، هندي، عربي، فارسي ۽ راجسٿانيءَ جو ڄاڻو ۽ بلند پايي جو شاعر هو. جوڌپور جي سوامي ڏونگر سين ۽ ٻين بزرگن سان رهاڻيون ڪيائين. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ اڄ به روحل جي ٻاڻي وڏي چاهه سان ڳائي وڃي ٿي.

جڏهن جهوڪ ميرانپور مان پنهنجي روحاني اڃ اجهائي روحل فقيرپنهنجي وطن موٽيو هو ته ڪِن منصوبي بازن سرفراز ڪلهوڙي جا ڪَن ڀريا ۽ ميان سرفراز، روحل فقيرکي گرفتار ڪرڻ لاءِ سپاهين کي سندس ڳوٺ موڪليو. شاهي حڪم موجب سپاهي پدمات جي پَٽ تي وڃي پهتا، جتي روحل فقير جو آستانو هو. فقير صاحب کي گرفتاريءَ جي حڪم کان آگاهه ڪيو ويو. جنهن ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته بابا سڀاڻي هلنداسين. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو خبر پهتي ته ميربهرام جي شهادت کان پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تان دستبردار ٿي چڪو آهي. سرڪاري ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي ته هو فقير کي پنهنجي حال تي ڇڏي پوئتي موٽي ويا.

روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور۽ بيڪانير طرف خوب سير ڪيائين. هر هنڌ ماڻهو هن جي روحاني فيض مان سيراب ٿيندا رهيا. هو مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو.

هن جوڌپور جي راجا بجيا سنگهه کي پنهنجي تصنيف ’آگم وارتا‘ ڏني، جنهن ۾ ويدانت بابت ڄاڻ ڏنل هئي. سندس علميت ۽ روحاني ڪمال کي ڏسي راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته هو اتي رهي پوي، پر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيو.

روحل فقير جون ٻه شاديون هيون. پهرئين گهر مان کيس ٻه پٽ شاهو فقير ۽ غلام علي فقير ٿيا، جيڪي به شاعر هئا. کيس پوئين گهر مان ٻه پٽ ٿيا، جيڪي دريا خان ۽ خدا بخش فقير هئا، جيڪي پڻ شاعر ٿي گذريا آهن.

روحل فقير پنهنجي دور جو وڏو صوفي ۽ ويدانتي شاعر هو. هن جي هندي شاعريءَ جا چار ڪتابَ: (۱) من پرٻوڌ، (۲) اڌ ڀت گرنٿ، (۳) سرٻ گيان، ۽ (۴) آگم وارتا، مشهور آهن.

هن سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ به ڪافي ڪلام چيو، جيڪو هنديءَ جي مقابلي ۾ ٿورو آهي، پر نهايت عمده آهي، جنهن جي زبان سادي ۽ فصيح آهي. سندس ڪلام ۾ سادگي ۽ تصوف بابت باريڪ نگاهي موجود آهي. هن صوفي مسلڪ شاعر جي ڪلام جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،

پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چوي.

روحل تعصب ۽ مذهبي متڀيد جي خلاف ۽ هندو مسلم ايڪتا جو وڏو پرچارڪ هو، تڏهن ته هن چيو هو ته:

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرن اُبتا پير،

هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،

انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،

روحل راهه پرينءَ جي، گھڙي ڏٺو سين گھيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبي وچ ۾.

روحل فقير پنهنجي سنڌي توڙي هندي ڪلام ۾ چوي ٿو ته: ”انسان نه پنهنجي ڪرمَ کان وڏو آهي نه ڌرم کان. اُهو تڏهن وڏو آهي، جڏهن سندس خيال نيڪ ۽ ارادا مضبوط آهن. ضمير جو آواز اهو آهي ته انساناوچ نيچ جو فرق نه رکي:

جنم جنم ڪا دک مٽا، اور جنم جنم ڪا پاپ،

سڀ تن پاون هو رهيا، جب درسيو آتم آپ.

جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو،

ڪوري ڪڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،

پري نهارڻ پِر کي سندو ڄَٽن ڄاڻ،

نت سائين تو هي ساڻ، راتيان ڏينهانروحل چئي.

روحل فقير سرائيڪي زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي، جيڪا سندس گهر جي ۽ مادري زبان هئي. سندس سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون حقيقت ۽ مجاز جي رنگ ۾ رچيل آهن. سندس لفظ لفظ تصوف جو اظهار ۽ ذاتحقيقيءَ جي عشق سان معمور آهي.

هو سرائيڪي ڪافيءَ ۾ چوي ٿو ته:

نينهن لگامن پياري دا، پياري دا ڪلنگي واري دا!

ٻنهان لوڪان نون موت مريندا، عاشق قتل اشاري دا،

چنڊ کڙيا سارا عالم ڏيکي، مين ويکان رُخ پياري دا،

هر دم جهان وچ کل رهيا هي، هڪوئي گل هزاري دا،

روحل رين هجر دي ڳئي، ڍونڍ لڌا گھر پياري دا.

روحل فقير حياتيءَ جي آخري ڏينهن۾ دنيا جي هنگامن کان بيزار ٿي سڄي اهل عيال سميت ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس معتقد وڏي تعداد ۾ ايندا رهندا هئا، جيڪا ڳالهه اتان جي مقامي زميندار کي پسند نه آئي. دولتمند ۽ فقير جي وچ ۾ تصادم ٿي پيو. فقير جو صلح ڪل ٿئي ٿو، سو هن وير ۽ وروڌ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي.روحل فقير نقل مڪاني ضروري سمجهي، وقت جي حاڪم مير صاحب کيس گهڻو ئي روڪيو، پر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. هو اهلعيال کي وٺي خدا تي توڪل ڪري، بنا ڪنهن مقام ۽ منزل جي اڳتي وڌيو. چون ٿا ته جڏهن موجوده ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) ڳوٺ وٽ آيو ته اهو علائقو ان وقت جهنگ ۽ غيرآباد پَٽ هو. هن جي چادر جو هڪ پلئه هڪ ننڍڙي ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي خدائي حڪم سمجهي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلد ئي جهنگ صاف ڪري جهوپڙيون اڏي هڪ ننڍڙي بستي آباد ڪئي وئي، جنهن جو نالو ڪنڊڙي رکيو ويو. درياهه جي ڀر تي هي آستانو فقير صاحب جي دلي راحت جو سبب بڻيو. روحل فقيرهن ننڍڙي بستيءَ جو وڏيءَ حب ۽ پيار سان ذڪر ڪيو آهي.

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺو سي، رانجهورمزن وارو يار،

في انفسڪم افلا تبصرون، مخفي هي اسرار،

رمز رندن جي ڪو ڪو پرکي، برهه جو باري بار،

وحدت واري واٽ وٺج تون، وٿي نه آڻج وار،

روحل رهجان رمز انهيءَ ۾، ٻي سڀ ڪوڙي ڪار.

ڪانن جون جهوپڙيون ۽ ڪکن جون ڇتيون، حق جي طالبن لاءِ زيارتگاهه بنجي پيون. ملڪ جي هر حصي کان ارادتمند فقير پنهنجي روحاني اڃ اجهائڻ لاءِ هتي اچي ٿي گڏ ٿيا. صبح ۽ شام وحدت جو واپار پئي هليو،جتي هندو ۽ مسلمان هڪ هنڌ پئي گڏ ٿيا. تڏهن ته روحل جي هڪ طالب ڌرمون مل ’انور‘ پنهنجي ستگر جي ساراهه هن ريت ڪئي آهي:

ڪنڊڙي ڪنڊڙي ناهه، تحقيق آهي ڪاسي،

روحل رام وسي اٿاهين، جنهن لائي سماڌ ابناسي،

اهي وڃي ٿيا واسي، ’انور‘ امر پد نرٻاڻ ۾.

سنڌ جي هن آزاد صوفيءَ، ۱۸۰۴ع ڌاري هن دنيا کان موڪلايو.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا