; سنڌي شخصيتون: روحل فقير، سارنگ علي سولنگي، خالد ٻانڀڻ، سنڌيانا،
Showing posts with label روحل فقير، سارنگ علي سولنگي، خالد ٻانڀڻ، سنڌيانا،. Show all posts
Showing posts with label روحل فقير، سارنگ علي سولنگي، خالد ٻانڀڻ، سنڌيانا،. Show all posts

22 February, 2012

صوفي روحل فقير

روحل فقير

روحل ڪيئن پيو خلل هن خلق ۾

خالد ٻانڀڻ



عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ پدمات جي پٽ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ شاهو خان زنگيجو جي گھر ۾ روحل فقير جو جنم ٿيو هو، سندس جنم جي سال واري حوالي سان ڪتابن توڙي گوگل تي هڪڙو تضاد مليو. ڪتاب صوفي ۾ آهي ته روحل فقير جو، سنڌ جي صوفين جي سرتاج شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي ۸ سالن بعد سن ۱۷۲۶ع ۾ جنم ٿيو، جڏهن ته گوگل تي رکيل مضمونن ۾ ذڪر آهي ته روحل فقير جو ۳۴-۱۷۳۳ع ۾ جنم ٿيو آهي. روحل فقير جا وڏا اصل ۾ پنجاب جي شهر ساهيوال کان سنڌ ۾ آيا هئا. روحل جو عمر ڪوٽ وارو ڳوٺ بعد ۾ روحل واءِ روحل جي پٽ سان سڏجڻ لڳو. روحل فقير کي سندس والد شاهو خان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏياري. جڏهن ته سندس سرائيڪيءَ ۾ به شاعري موجود آهي. فقير سائين جا چار ڪتاب جنهن ۾ من پرٻوڌا، اڌ پت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ اگم وارتا مشهور آهن، سندس والد شاهوخان ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽ ملازم ھو. والد جي وفات بعد روحل فقير غلام شاهه ڪلهوڙو جي دور ۾ وزير ٿيو، بعد ۾ توشه خانه جو ناظم پڻ مقرر ٿيو. روحل فقير جون ٻه شاديون ٿيل هيون کيس پهرين گھرواريءَ مان شاهو فقير ۽ غلام علي فقير جڏهن ته ٻي گھرواريءَ مان دريا خان ۽ خدا بخش جي اولاد هئي. ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان سرفراز ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي فقيري رنگ اختيار ڪيو. پنهنجي ڳوٺ پدمات ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي، بعد ۾ جھوڪ شريف ۾ وڃي ۲۵ سال گذاريا، جتان مرشد جي حڪم تي سفر تي نڪتو اچي، ڪوٽڏيجي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ رهيا. پر اتي جي مقامي سيدن کي سندس اچڻ نه وڻيو، ٽڪر سبب هو اتان لڏي ڪوٽلي ۾ رهيا. وري اتان لڏي جيئن اڳتي سفر شروع ڪيو ته هڪ هنڌ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سندن پهراڻ جو پاند اٽڪي پيو، جنهن کي هاديءَ جو حڪم سمجھي اتي لڏو لاهي ويهي رهيا. جيڪو ڳوٺ بعد ۾ ڪنڊڙي شريف سڏجڻ لڳو. پاڻ سن ۸۳-۱۷۸۲ع ۾ جوڌپور سفر تي ويا. جتي راجا بجي سنگهه کي روحاني آديش ڏنائين. روحل فقير ۴۶ سالن جي عمر ۾ ڪامل فقيري اختيار ڪئي، سندس طالبن مريدن جو تعداد مسلمانن کان وڌيڪ هندن جو آهي. هن ۱۸۰۴ع ۾ راھھ رباني اختيار ڪئي. ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار رڳو پنهنجي گھر علائقي لاءِ ڪونه پتوڙيو هو، پر هن علمي ۽ عقيدت واري فيض سان سنڌ کان وٺي هندستان ۽ يورپ تائين سيراب ڪيو. هن جا مريد، چيلا، تڪيا ۽ ميلا هند سنڌ ۾ اڄ به مچيل آهن. جوڌپور جو راجا بجي سنگهه روحل سائينءَ جو وڏو معتقد هو. جتي روحل سائين اِگم وارتا شاعريءَ جو ڪتاب رچيو هو. راجا بجي سنگهه روحل فقير کي عقيدي ۾ ۴۰ ايڪڙ زمين پڻ ڏني ۽ پنهنجي محل ۾ گروجو تخت پڻ قائم ڪيو. جوڌپور جي قلعي ڀرسان غلام ساگر تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي روحل سائين هڪ گدامڙي جو وڻ پوکيو هو، جيڪو هن وقت به اتي موجود آهي ۽ سندس اکاڙ به اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هن وقت به ڪنڌرا لڳ روحل فقير جي درگاهه ڀرسان پراڻي ڪنڊيءَ واري وڻ جي جاءِ تي نئون ڪنڊيءَ جو وڻ آباد آهي، جنهن جي سيوا گادي نشين فقير غلام علي ۽ سندس ڀاءُ فقير ڪن ٿا. جيڪي پڻ درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن کي پيار ۽ محبتون ڏين ٿا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته فقير غلام علي جي ٻئي فرزند مٺل فقير جي زماني ۾ دُر محمد فقير وڃي پنهنجي جدا چوڪڙي وسائي ۽ سندس وفات بعد پونئرن جدا مزار جوڙائي، جڏهن ته روحل فقير جي درگاهه اندر ساڻس گڏ ٽن پٽن جنهن ۾ شاهو فقير، غلام علي فقير ۽ خدا بخش فقير جون پڻ تربتون آهن. جڏهن ته سندس چوٿين پٽ دريا خان جي الڳ مزار قائم آهي.