; سنڌي شخصيتون: 2011

30 December, 2011

ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي


ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي
سنڌ ۽ سنڌيت جو خدمتگار
 
پنهنجي سڄي حياتي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيت لاءِ ارپيندڙ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي حيدرآباد جي مشهور عامل خاندان ۾ 25 ڊسمبر 1889ع تي گدواڻي گهٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس پڙڏاڏو ديوان مولچند سنت هو. کيس پٽ جو اولاد ٿيو ته ان جو نالو پرتاب راءِ رکيائين، جنهن کي 5 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس ٽيون نمبر پٽ اڳتي هلي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جي نالي سان سڄي ننڍي کنڊ ۾ مشهور ٿيو. چوئٿرام ننڍي هوندي کان ئي محنتي هوندو هو. هن پرائمري تعليم پاڙي جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي. 1908ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري بوبڪن ۾ ماستر ٿيو. 1909ع ۾ حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾ داخلا وٺي، ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڪيائين. خانداني اثر سبب، پاڻ ننڍي هوندي کان ئي طبعيت ۾ سنت هو.

29 December, 2011

شيخ اياز - تنوير احمد سيٺار


شيخ اياز
تنوير احمد سيٺار

شيخ اياز
سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز 2 مارچ 1923ع ۾ شڪارپور جي شيخ محلي ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم، شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ قانون واري ڊگري ڪراچي مان حاصل ڪئي. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران شيخ اياز پنهنجي اسڪولي استاد کيئلداس فاني، دوستن ارجن شاد ۽ نارائڻ شيام جي صحبت ۾ شاعريءَ جو سفر شروع ڪيو.
ورهاڱي کان پهرين شيخ اياز جي انگريزن خلاف لکيل نظم ”ڳائي انقلاب ڳائي“ رام پنجواڻي ڳائي کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ڪيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران 1948ع ۾ شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويو سان دوستي ٿي، جنهن سبب شيخ اياز جي سنڌ ڌرتي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري سان دلچسپي وڌي. 

26 December, 2011

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد - احمد علي تنيو


ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد
عظيم رهبر جي عظيم نياڻي
احمد علي تنيو
اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته 21 هين مارچ 1940 تي ”سن“ جي سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ نياڻي، اڳتي هلي سنڌ، شاهه لطيف جي پيغام، سيد جي فڪر ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي آڏو پنهنجي تحقيق سان پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍندي ۽ پاڻ پتوڙيندي. جيجي درشهوار کي سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي 1967ع ۾ ڪئي. فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان 1969ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان 1972ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان 1977ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي شاهه لطيف جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان 1984ع ۾ ڪئي.

شيخ اياز - رضوان گل


شيخ اياز
ڌرتيءَ جو مهان شاعر
رضوان گل

ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا، سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا، اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پئدا ٿئي ٿو اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهَان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي جنهن تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ جي به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:

17 December, 2011

دريانومل - محمد صالح ميمڻ


دريانومل
مذهبي مت ڀيڌ کان مٿڀرو
محمد صالح ميمڻ
هر سٺي انسان جي چڱائين جو احساس ان جي وڇوڙي کانپوءِ شدت سان ٿيندو آهي. ان ڪري به جو جڏهن چڱو ڪردار موڪلائي ويندو آهي ته ان جي کوٽ محسوس ڪئي ويندي آهي. ماتلي ۾ ڪاروبار ڄائي ترقي ڪري اڳتي وڌندڙ سيٺ دريانومل جي وڇوڙي واري ڏينهن تي جڏهن ان جو مڙهه سندس اباڻي شهر ٿاڻو بولاخان پهچڻ وارو هو ته ماتلي شهر مان هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ ٽيڪسيون بڪ ٿي ٿاڻي بولا خان پهتيون. سندس آخري رسمن ۾ جيڪي جذباتي منظر  ڏٺا ويا اهي سڀ هن جي ڀلي ڪردار جي مڃتا جا ثبوت آهن. 9 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ زندگي جي جنگ موت کان هارائيندڙ 70 سالن جي دريانومل، ٿاڻي بولاخان کان جڏهن هاڻوڪي بدين ضلعي جي ننڍڙي شهر ڪڙيو گهنور ۾ آيو هو ته ان کي مڇن جي ساوڪ به اڃا نه آئي هئي. ٻن ڪپڙن ۾ ڪڙيو گهنور پهتو. هن نوجوان پنهنجي ڪاروباري ڪيريئر جي شروعات هڪ ننڍڙي مزدور جي حيثيت سان ڪئي. مزدوري مان پيسا گڏ ڪري ڪڙيو گهنور ۾ ذاتي ننڍڙي ڪاروبار جي ابتدا ڪيائين. اهو زمانو هو جڏهن ٽنڊو غلام حيدر ۽ تلهار جي وچ واري علائقي متارو بس اسٽاپ کان، مين روڊ کان ڪڙيو گهنور ڏانهن نڪرندڙ رستو، رڳو هڪ پيچرو ئي نه هو پر ان رستي جو هڪڙو اڌ وارياسو ۽ ٻيو اڌ ڪلراٺو هو. جنهن مان ان زماني ۾ رڳو بيل گاڏيون ئي هلي سگهنديون، برساتن جي موسم ۾ ڪلراٺو حصو سمنڊ جو ڏيک ڏيندو هو ۽ گرمين جي موسمن ۾ رستي جو وارياسو حصو تڪليف ڏيندڙ بڻبو هو. دريانومل ڦوهه جواني ۾ پنهنجي ننڍڙي دڪان جي مال جي خريداري لاءِ ڪڏهن ڪڏهن متاري بس اسٽاپ تان بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڪڙيو گهنور کان پيدل نڪرندو ۽ ٻن اڍائي ڪلاڪن جو ڏکيو پنڌ هن لاءِ ان زماني ۾ گهڻو ڏکيو نه هو. ڪڙيو گهنور ۾ ڪاروباري ترقي کانپوءِ سيٺ دريانو ماتلي ۾ ٽنڊو غلام علي روڊ تي ان زماني ۾ انتهائي ويران ۽ غير آباد علائقي ۾ آزاد رائيس مل جي نالي سان ننڍڙو ڪارخانو قائم ڪري محنت ۽ ايمانداري سان ان کي مچايو. تڏهن هو سيٺ دريانومل سڏجڻ لڳو. سندس ڪاروبار کي اڃا جوڀن مس عطا ٿيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو طرفان سمورن ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري عمل تحت سيٺ دريانومل  سان اهو سين پيش آيو جو ڪارخاني تي قبضي لاءِ پهتل فورس سيٺ دريانومل کي هينگر ۾ ٽنگيل قميص به پائڻ ۽ کڻڻ ڪو نه ڏني، سندس بئنڪ اڪائونٽ به سيز ٿي چڪا هئا. هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروباري حوالي سان زيرو واري پوزيشن تي هليو ويو ۽ کيس ٻيهر نئين سر محنت ڪرڻي پئي، ان زماني تائين سيٺ دريانومل پنهنجي ڪاروباري ايمانداري روين ۾ اعتدال ۽ واسطن ۾ سچائي سان دوستي جي هڪ سٺي حلقي جو ماڻهو به بڻجھي ويو ۽ جنهن حلقي ان جي سپورٽ ۾ وسان نه گهٽايو، ٿوري ئي عرصي ۾ هي ايماندار ۽ محنتي ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجن پيرن  بيهڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويو. 50 کان 60 سالن جي عرصي دوران 2 ڀيرا ٻڙي واري  پوزيشن کان اڳتي وڌڻ جي شروعات ڪندڙ ڪو به ماڻهو جڏهن ڪاروباري دنيا ۾ پنهنجو نالو ۽ ناڻو ڪمائي ۽ پنهنجي سماجي حيثيت کي پنهنجي ذاتي ڪردار سان ٻين لاءِ غير تڪراري رکي وڃي ته هڪ زندگي ۾ اهڙيون ڪاميابيون مثالي بڻجي وڃن ٿيون. سياست کان هميشه پاسيرو رهندڙ، ڪاروبار ۾ ناجائز نفعي خوري کي پسند نه ڪندڙ ۽ وياج کي خراب سمجهندڙ سيٺ دريانومل ڪاورباري دنيا ۾ ايمانداري سان ترقي جو اهڙو مثال ڇڏيو آهي، جنهن کي هن جي زندگي ۾ به ساراهايو ويندو رهيو هو، جنهن تي ٻين گهڻن واپارين کي هميشه رشڪ رهندو آيو هو، سيٺ دريانو  ننڍڙي رائيس مل مان محنت جي بنياد تي ڪمائي، ايترو گهڻو اڳتي وڌيل شخص ثابت ٿيو جو هو زميندار به بڻيو ته پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ به ٿيو.


سيٺ دريانومل ان طرح جي محنتي ۽ خوددار شخص هو جو ڳالهه ڪندا آهن ته مال سان ڀريل ٽرڪ خالي ڪرڻ جي هڪ موقعي تي جڏهن سندس ڪارخاني جي مزدورن هڙتال ڪئي ته هن اڪيلي سر مال جي پوري ٽرڪ پنهنجو ڪلهو استعمال ڪري خالي ڪئي ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. هو ايترو اصول پسند ۽ فيصلن ۾ پختو شخص هو جو هڪ دفعي جڏهن سندس هڪڙي معصوم نياڻي هن جي سامهون هن جي سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي وات ۾ وجهي دکائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن کان هن سگريٽ پيئڻ، هميشه لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان فيصلي تي قائم رهيو. هو دوستيءَ ۾ ايترو ته مخلص هو جو سندس  هڪ دوست ٽنڊي محمد خان شهر واسي سيٺ عبدالعزيز خواجه هن کي پنهنجو تازو ڄاول ننڍڙو پٽ ڏئي ڇڏيو، جنهن سان سيٺ درياني جي پٽ جو اولاد نه هجڻ جي ڪمي وارو احساس پورو ٿيو. ان ننڍڙي ٻار کي سيٺ دريانومل پنهنجي گهر ۾ رهائي پڙهائي اڳتي هلي سنڌ جو نالي وارو پوليس آفيسر اي ڊي خواجه بڻايو.
اهو سيٺ دريانومل جو پيار ئي هو جو اڄ اي ڊي خواجه خود چوي ٿو ته؛ هن کي سيٺ دريانومل پنهنجي حقيقي پيءُ کان به وڌيڪ پيار ڏنو. جڏهن ته اي ڊي خواجه جو حقيقي پيءُ سيٺ عبدالعزيز خواجه ڪنهن گهٽ اهميت وارو ماڻهو نه هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سيٺ عبدالعزيز خواجه پنهنجي زمين جي وچ ۾ پنهنجي ڪمدار جي زمين جو ننڍڙو ٽڪر ان کان مناسب اگهه تي خريد ڪرڻ يا ان جي بدلي ۾ ان کان وڌيڪ زمين ان کي ٻئي پاسي کان ڏيڻ لاءِ تي زور ڀريو ته ڪمدار اها شڪايت اي ڊي خواجه سان ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي زمين وڪڻڻ يا ان جي بدلي ۾ ڪا ٻي زمين نٿو وٺڻ چاهي، ان تي اي ڊي خواجه پنهنجي پيءُ اڳيان اها ڳالهه رکي ته توهان ڪمدار کان سندس 2 اڍائي ايڪڙ زمين ڀلي وٺو پر آئون اها 30، 35 ايڪڙ زمين ڪمدار کي لکي ٿو ڏيان جيڪا توهان منهنجي نالي ڪئي آهي. پٽ جي ڳالهه جي اهڙي انداز کي ڏسي سيٺ عبدالعزيز خواجه جيڪو خود به خانداني ۽ شريف ماڻهو هو تنهن پنهنجو ضد ڇڏي ڏنو ۽ پٽ کي شاباس ڏني.
اي ڊي خواجه ۾ اهڙي نوعيت جو احساس ۽ فضليت سيٺ دريانومل جي تربيت ۽ پيار جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هو. اي ڊي خواجه 93-94ع ۾ جڏهن بدين ضلعي جو ايس پي ٿي آيو، تڏهن هن جي پروفيشنل ڪردار سان پوليس کاتي جي آفيسرن جي هڪ نئين تعارف جي شروعات ٿي. اي ڊي خواجه کي پوليس کاتي ۾ سٺي ڪردار سان مليل عزت ۽ شهرت کي ڏسندي ٻيا ڪيترا ئي ايماندار پوليس آفيسر پيدا ٿيا. اي ڊي خواجه جي مذڪوره ايمانداري واري گڻ جي پس منظر ۾ به سيٺ دريانومل جي شفقت، تربيت ۽ پيار شامل هو. ماڻهو ڀلي چون ته اي ڊي خواجه کي دولت جي نه پر شهرت جي ضرورت هئي. ڇا اهو ڪو ننڍڙو گڻ آهي جو ڪو پوليس آفيسر پيسن کي ٺڪرائي ماڻهن جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪري عزت جو رتبو حاصل ڪرڻ واري سوچ کي ترجيح ڏيندڙ هجي. سيٺ دريانومل پٽ جي اولاد کان محروم هو. اي ڊي  خواجه ئي هن پنهنجو اهڙو روحاني پٽ بڻائي پڙهائي اهڙو مقام ڏياريو، جنهن مقام کي سيٺ دريانومل ان کي ڏسڻ گهريو ٿي. اهڙي صفت تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي جو اهي جنهن کي جهڙو ڏسڻ گهرندا آهن، ان کي اهڙو بنائڻ  به گهرندا آهن. سيٺ دريانومل اي ڊي خواجه کي جنهن مقام تي ڏسڻ گهريو ٿي، ان کي اهو مقام به ڏياريو ۽ اي ڊي خواجه ان سوچ ۽ مقصد کي سمجهي، موٽ ۾ اهڙو ڪردار بڻجي ڏيکاريو، جنهن جو مثال نه ٿو ملي. اهو ئي حقيقي پيار، مقصد سان سچائي ۽ بهتر تربيت جو مثالي نتيجو آهي، جيڪو سيٺ دريانومل ۽ اي ڊي خواجه جي روحاني رشتي مان ٻه طرفو ظاهر ٿيو. چوندا آهن ته سچائي جو پيمانو ۽ معيار اهو آهي جو اها هميشه قائم رهندي آهي. جيڪا سچائي قائم نه رهي اها سچائي نه هوندي. محبت ۽ عزت خيرات يا همدردي ۾ ملندڙ شيون ناهن هونديون. اهي نج اهليت تي حاصل ٿيندڙ اعزاز آهن. جيڪو سيٺ درياني ۽ اي ڊي او خواجه جي پيءُ ۽ پٽ جي روحاني رشتي ۾ عيان رهيو ۽ اڳتي لاءِ به اهو مثال ڳائبو رهبو. سيٺ دريانومل طبعي طور تي هاڻ موجود نه رهيو آهي پر ان جو چڱو ڪردار مثال بڻجي هميشه زنده رهڻو آهي ۽ رهندو.
سيٺ دريانومل اهڙو ماڻهو به هو جو هن پنهنجي ٺاهيل ملڪيت جو هڪڙو حصو پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ اي ڊي خواجه جي نالي ڪيو ۽ ٻيو حصو پنهنجي حقيقي وارثن ڀائرن ۽ ڀائيٽن کي ڪيترا ئي سال پهرين سونپي ڇڏيو ۽ ڀائيٽن کي پنهنجي وسيع ڪاروبار جو مالڪ بڻائي، انهن کي پنهنجون جايون ڏئي ڇڏيون. انھن مان به ماڻهن کي اها ساڳي خوشبوءِ محسوس ٿئي ٿي، جيڪا سيٺ دريانومل مان ماڻهن کي محسوس ٿيندي هئي.
سيٺ دريانومل کان ماتلي ۾ ٻيا واپاري يا شخصيتون وڌيڪ مالدار هوندا پر سيٺ دريانومل ان حوالي سان به گهڻن کان مٿڀرو نظر اچي ٿو جو ماتلي شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙ واپاري شمار ٿيندو آيو آهي. ان مان ان جي ملڪ ۽ رياست سان سچائي کي به ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته؛ هو نهايت گهڻو محب وطن پاڪستاني به هو. آزاد ڪشمير ۾ زلزلو هجي يا سنڌ  ۾ ٻوڏ يا  برسات متاثرين جي سهائتا جا معاملا هجن، سيٺ درياني اهڙن معاملن ۾ هميشه سرڪار ۽ خاص طور تي متاثر ماڻهن جي مدد جو حق ادا ڪيو.
هو هر سال غريب مسلمانن کي عمري ۽ حج تي پنهنجي خرچ سان موڪليندو رهيو، اهڙو سلسلو هن ڪيترن ئي سالن کان جاري رکيو هو. هن سال دوران به هن ٻن غريب مسلمانن کي حج تي موڪليو، ان سلسلي ۾ به هن جو طريقڪار هميشه مثالي رهندو آيو، جنهن کي به هو حج يا عمري تي موڪليندو  هو، ان جي پاسپورٽ ۽ ويزا کان وٺي سمورا ڪم پاڻ پنهنجي هٿ سان ڪرائيندو هو. جيڪو غريب مسلمان حج يا عمري تي ويندو هو ان کي ڪراچي ايئرپورٽ تي پاڻ وڃي ڇڏي ايندو هو. ان کي اتي جو مڪمل خرچ به ڏيندو هو ۽ واپسي تي پاڻ ئي ان کي ڪراچي ايئرپورٽ تان رسيو ڪري گهر تائين پهچائي ايندو هو. هو چوندو رهندو هو ته ان سان ان کي دلي سڪون ملي ٿو.
سيٺ دريانومل جي در تان ڪو به سوالي ڪڏهن به خالي نه موٽيو، هن جي ڏيڻ جو انداز به نرالو ۽ مثالي هو. هو جنهن جي به مدد ڪندو هو ان جي عزت نفس جو پورو پورو خيال رکندي، سڀني نظرن کان لڪائي ڇپائي مدد ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي 500 يا هزار جي ضرورت هوندي هئي ۽ کانئس سوال ڪندو هو ته ان کي 500 يا هزار سڀني جي سامهون ڏيڻ بدران لفافي ۾ وجهي، ڳجهي انداز ۾ ايئن ڏئي ڇڏيندو هو جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي هئي ته ڏيڻ واري ڇا ڏنو ۽ وٺڻ واري ڇا ورتو. هو جڏهن ضرورتمندن جي مدد ڪندو هو يا غريب مسلمانن کي حج يا عمري تي موڪليندو هو تڏهن پڇڻ تي صحافين کي منع ڪندو رهندو هو ته کيس اهڙي ڪنهن به شهرت جي ضرورت نه آهي، ان ڪري اهي اهڙيون خبرون شايع نه ڪرائين.
مذهي، سياسي ۽ طبقاتي ڪٽرپڻي سان ڀريل هن سماج ۾ سيٺ دريانومل ڳالهين ۾ سڌو، سچو ۽ کرو شخص به هو، پر هن جي زبان ۽ ڪنهن عمل سان ڪنهن به ماڻهو کي پهتل ڪنهن ننڍڙي تڪليف جي ڪڏهن به دانهن سامهون نه آئي. هو بدين ضلعي جي اقليتي برادري جو اڳواڻ به رهيو، رائيس ملز ايسوسيئيشن بدين جو سربراهه به هو ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳوڻو خزانچي به رهي چڪو.
راڄو خاناڻي ويجهو ڳوٺ ڀاناڻو مان گرفتار ڪري ماتلي تعلقي پوليس پوسٽ ڦلڪارا تي پوليس تشدد ۾ مارجي ويل غلام علي خاصخيلي جي قتل جو راڄوڻي نبيرو ٿيو تڏهن ڏند جي رقم جا پيسا 13 لک رپيا سيٺ دريانومل وٽ رکڻ لاءِ کيس امين مقرر ڪيو ويو هو. سخت دٻائن باوجود، سيٺ دريانومل جمع ٿيل رقم سڀني جي سامهون قتل ٿي ويل غلام علي خاصخيلي جي حقيقي وارثن ۾ ائين ورهائي جو ڪنهن کي ڪا به شڪايت نه رهي. پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ جڏهن واهن جون فارمر آرگنائيزشنون ٺاهيون ويون تڏهن ڪوٽڙي بئراج جي مبارڪ واهه جي فارمر آرگنائيزيشن جنهن جو پهريون چيئرمين سيٺ دريانومل کي چونڊيو ويو هو، جنهن جي ڪوشش جي نتيجي ۾ مبارڪ واهه جي فارمر آرگنائيزيشن پهرين آرگنائيزيشن هئي، جنهن کي سيڊا ۾ رجسٽريشن ڏني وئي هئي.
سيٺ درياني مل جي محنتن، خدمتن ۽ سچائين جا کوڙا سارا داستان آهن ۽ هوندا جيڪي وقت گذرڻ سان گڏو گڏ رپورٽ ٿي سامهون ايندا رهندا، اميد ٿي ڪجي ته سيٺ دريانومل کي هڪ سٺي ۽ مثالي ڪردار وانگر هميشه ياد رکيو ويندو ۽ 9 ڊسمبر واري ڏينهن کي ان جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، هر سال ملهايو ويندو.


دريانو مل

ڪوهستاني دريا دل سيٺ

ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي/بدين

ڪوهستان جي ٿاڻي بولاخان جو هي ”گرو نانڪي“ آخرڪار جيري جي سڪڙجڻ (Cirrhosis) جي بيماري سبب پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي، مهينا اڳي، جڏهن هن مونکي چيو ته هو انهن بيواهن جي مدد ٿو ڪرڻ چاهي، جن جا ”ڪمائيندڙ“ 2011ع جي برسات ۾ لڙهي ويا، يا مري ويا آهن. پوءِ نه صرف پاڻ بلڪ غوثپور جي مکي سروانند کان به پئسا وٺرائي ڏنائين. پوءِ مون هڪ پروگرام بدين جي ”ايوان صحافت“ ۾ ڪيو. جنهن ۾ انهن بيواهن کي مدد لاءِ ”نقد رقم“ ڏني. مونکي چيائين” سٺو ائين آهي ته ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ خيرات ڏي، پروگرام اسان ڪيو،  پر هن سخي مرد جي طبيعت خراب ٿي پئي. ۽ هن جي امداد هن جي ڀائٽي سنجي ورهائي. هو هڪ انسان دوست شخص هو. هن وٽ مذهبي مت ڀيد جو تصور نه هو. اهڙا انسان تمام گهٽ هوندا آهن، ڪاڪو دريانو مل ڪروڙ پتي ماڻهو هو، پر هو عام ماڻهن جي رنگ ۾ رچي ”عام ماڻهو“ ئي ٿي ويو هو. هن جي آخري سفر ۾ هندن کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي. جڏهن هن جي ارٿي کي ”مندر“ ۾ رکي اشلوڪ پڙهيا ويا. جن جو مطلب هو ته ” ڏسو عبرت جو مقام آهي.... هر ماڻهو کي ائين اڪيلو سفر ڪرڻو آهي،  ڪو به پاڻ سان مايا، نٿو کڻي هلي ....اڪيلو ئي وڃڻو آهي“.... منهنجا ته وار ڪانڊارجي ويا. بيشڪ اهو سچ آهي ڪير به هتان ڪجهه کڻي نٿو هلي.
سب ٺاٺ پڙا رهه جائي گا،
جب لاد چلي گا بنجارا.
ماڻهو سڀ ”سٺا“ ئي ڄمندا آهن، پر ”سٺائي“ تي هلڻ هر ماڻهو جي پنهنجي وس ۾ هوندو آهي.
“True goodness springs from a man’s own heart All men are born good” (Confucius).
ڪاڪو دريانو پنهنجي عملن مان هو هڪ ”صوفي درويش“ ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. يقينن ڌرتيءَ تي ماڻهو ڄمن ۽ مرن ٿا، پر جڏهن سٺا ماڻهو مرن ٿا ته اسان ۽ اوهان جي اکين ۾لڙڪ اچن ٿا