; سنڌي شخصيتون: ظفر حسن سيد

13 December, 2011

ظفر حسن سيد

ظفر حسن

سنڌيت جو پرچارڪ



ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لہ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.


سوانح

ظفر حسن شاهه ۱۴ آگسٽ ۱۹۳۷ع تي حيدرآباد ۾ سيد نظر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سيد نظر علي شاهه پنهنجي ڳوٺ جو پهريون پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“ ۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، ميٽرڪ ۱۹۵۴ع، انٽر آرٽس ۱۹۵۷ع ۾ ايم اي ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هو ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ڪيائين. وچ ۾ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري به ٿي رهيو.

ادبي سفر

ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ ۱۹۵۵ع ۾ شايع ٿي، پر باقاعده لکڻ جي شروعات گهڻو پوءِ ڪيائين. طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. جنهن جي ڪري سٺو پڙهيائين. شروع شروع ۾ پاڻ انهن سان ڪهاڻي بابت پيو بحث مباحثا ڪندو هو، پر لکڻ ڏانهن ڌيان نه هيس. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، ظفر حسن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو:

”هڪ ڏهاڙي طارق اشرف مون سان بحث ڪيو ته تون ڪهاڻين تي ايترو گوڙ ڪري ۽ ٻين کي رد ۽ صحيح ڪندو ٿو وتين. تون پاڻ ڇو نٿو لکين. نيٺ ڪهاڻي لکيم.“

ظفر حسن جي اها ڪهاڻي ’رهيل قرض‘ جي نالي سان ۱۹۶۶ع ۾ سهڻي جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپي. جيڪو انهي وقت طارق اشرف ڪڍندو هو. ظفر حسن ۽ نسيم کرل ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد به لکي. سندس چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۸۱ع ۾ ’رهيل قرض‘ جي نالي سان ئي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ظفر حسن جون ۱۰ ڪهاڻيون شامل آهن.

ظفر حسن جي سڃاڻپ نه رڳو هڪ ڪهاڻيڪار واري رهي، پر هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. پاڻ ۱۹۷۰ع ڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيائين ۽ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو، جنهن جو ذڪر پاڻ هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين:

”پرفيڪٽ پريس منهنجي پنهنجي هئي. ان تي ۸-۱۰ ڪيس به ٿيا هئا. ممتاز ڀٽو (ان وقت سنڌ جو وڏو وزير) هڪ ڀيري ڪوٽڙي ۾ ترسيو ۽ حڪم ڪيائين ته ان پريس جي پرنٽر/ مالڪ کي شام تائين حاضر نه ڪيو ته سڀني جو خير ناهي. ان وقت اتي تحريڪ، ملير ڊائجسٽ، اڳتي قدم ۽ ٻيا سڀئي، اصل ۾ جيڪو به انقلابي پرچو توڙي ادب هو، اهو اتي ڇپجندو هو“.

ظفر حسن جي اها پريس ۽ پبلشنگ ڪڏهن ڌيمي ته ڪڏهن تيز هلندي رهي. طارق عالم جو مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنى ۾ متعارف ڪرايو.

هيٺ ظفر حسن جي شايع ڪيل ڪجهه ڪتابي سلسلن جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو.

ڌرتي

۱۹۷۴ع ۾ ظفر حسن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار ”ڌرتي“ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو مارچ ۱۹۷۴ع ۾ نڪتو. اهو نج ادبي پرچو هو. جنهن ۾ ڪهاڻيون، شعر، مضمون ۽ ٻيو مواد شامل هو.

ظفر حسن، ڌرتي پبليڪيشن جا ڏهه اصول به مقرر ڪيا، جن تحت اهو پرچو هلڻو هو، جنهن ۾ چيل هو:

·               ڌرتي جو مقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا پيش ڪرڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد سهڻو، صحتمند، پر اميد ۽ تعميري مواد پيش ڪرڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد ترقي پسند ۽ انقلابي ادب پيش ڪرڻ آهي.

·               ڌرتي جومقصد سنڌين لاءِ نئين سوچ، نوان ويچار پيش ڪرڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد سنڌين کي محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد لاءِ همٿائڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد پراڻين،منفي ۽ غير انقلابي روايتن جو خاتمو آڻڻ آهي.

·               ڌرتي جومقصد پراڻين، صحتمند ۽ مثبت روايتن جي پٺڀرائي ڪرڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد نين، ڪارآمد اصولي روايتن کي جنم ڏيڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد ڌارين قومن ۽ زبانن مان ڪارآمد مواد ۽ عمل جا نمونا پيش ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.

·               ڌرتي جو مقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ آهي.

’ڌرتي‘ جو ٻيو پرچو اپريل ۽ مئي جو گڏي ڪڍيو ويو. ’ڌرتي‘ جا ٽوٽل پنج پرچا نڪري سگهيا. پنجون پرچو ڊگهي عرصي کانپوءِ جنوري ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو مرتب عبدالرحمٰن سيال هو. انهي ۾ ظفر حسن جو نالو اعزازي صلاحڪار طور لڳل آهي. اهي سڀ پرچا ڊبل ڊيمي سائيز ۽ فور ڪلر ٽائيٽل سان هڪ سئو کان به مٿي صفحن جا آهن.

عالمي ادب

ظفر حسن جو زرخيز ذهن سدائين سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نت نيون رٿائون پيو گهڙيندو هو. عالمي ادب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ’وليرام ولڀ‘ سان گڏجي جلد وار ڪڍڻ جو پروگرام رٿيائين. انهيءَ ۾ سيهوڳي عالمي ادب مان چونڊ لکڻين کي ترجمو ڪري شامل ڪرڻ جو ارادو هئس. انهي جو پهريون پرچو ڊيمي سائيز ۾ جنوري ۱۹۷۸ع ۾ شايع ٿيو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو اهوفقط هڪئي جلد ڇپجي سگهيو، پر اهو هر لحاظ کان چونڊ معياري عالمي لکڻين جو مجموعو هو. پرچي جي واقفيت ڏيندي مرتب لکن ٿا:

”سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي سيهوڳي تخليقي ادب کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جلد وار پيش ڪرڻ جي هيءَ پهرين جاکوڙ آهي. هن کان پهرين جيتوڻيڪ ڪهاڻين جا ڳٽڪا ۽ ائنٿالاجيون الڳ روپن ۾ پبلش ٿينديون رهيون آهن. پر باقاعده هن ڪتاب وانگر سهيوڳي عالمي ادب کي سهيڙڻ جي پهرين وک آهي“.

آرسي

آرسي به ظفر حسن ۽ وليرام ولڀ جي گڏيل سهڪاري ساٿ جو نتيجو آهي، جيڪي پڻ جلد وار ڪڍيا ويا. انهي جا ڪل پنج جلد نڪري سگهيا. پهريون مارچ ۱۹۸۳ع ۾ پنجون جنوري ۱۹۸۶ع ۾ نڪتو.

هن پرچي جي پنهنجي هڪ ڌار ادبي حيثيت هئي. انهيءَ جو هر پرچو ڊيمي سائيز جي ٽن سوءَ کان به وڌيڪ صفحن جو هوندو هو، جنهن ۾ سهيوڳي ساهت ۽ ڪلاجي مختلف صنفن کي ڇاپيو ويندو هو.

هن ڪتابي سلسلي جي هر پرچي جي شروع ۾ لکڻين جي فهرست جامع ۽ تفصيلي آهي. جيڪا هڪ طرح سان ڏسڻي (INDEX) جوڪم به ڏي ٿي.

عام جائزو

عام جائزو پڻ مٿين ڪتابي سلسلن وانگر ظفر حسن جي ذهن جي تخليق آهي. جنهن جي جاري ڪرڻ جي پسمنظر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:

”ڪافي وقت کان منهنجي ذهن ۾ اهو ويچار پئي رهيو آهي ته اهڙو ڪتابي سلسلو يا رسالو ڪڍجي، جيڪو جڳ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ مسئلن جي باري ۾ معلومات ڏيندو هجي ۽ اهي اهم واقعا ۽ مسئلا سماج سان واسطو رکندڙ هجن ته جيئن نئين سماج جي مجموعي طرح تبديلي ٿيندڙ شڪل ۽ ان جي پسمنظر ۾ ان کي متحرڪ ڪندڙ قوتن جي خبر پئجي سگهي ۽ اهڙي طرح اسان جي قوم ۾ اها سجاڳي پيدا ٿئي، جيڪا آئون پنهنجي نقطه نظر کان سمجهان ٿو ته ضروري آهي.... ٻي ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪا معلومات ڏني ويئي آهي، سا روزاني اخبار مان ورتل آهي ۽ اها به پاڪستان جي انگريزي روزاني اخبار مان ورتل، يعني ته اسان جي سنڌي اخبارن اها معلومات پنهنجي اخبارن ۾ سنڌي عوام تائين نه پهچائي. ان ڪري مون کي خيال آيو ته جيڪو ڪم سنڌي اخبارن کي ڪرڻو آهي، اهو ڪم اسان جون سنڌي اخبارون ته نه ڪري سگهيون آهن ۽ اهو نقطو اسان جي سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن تائين پهچائڻ ۽ انهن کي قائل ڪرڻ مون لاءِ اجائي ڪوشش ٿيندي، جو آئون سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ سڦل نه ٿي سگهندس. ان ڪري مون سوچيو ته اهو ڪتابي سلسلو/رسالو مون کي ئي برپا ڪرڻو پوندو.“

انهي جو فقط هڪئي پرچو آگسٽ ۱۹۹۲ع ۾ نڪري سگهيو. هن پرچي جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهيءَ ۾ مضمونن جي مترجمن جانالا پڇاڙي ۾ ڏنا ويا آهن.

ظفر حسن جي هڪ ٻي خوبي/ عادت اها هوندي هئي ته هو پنهنجي روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. اهڙا ڪيترا ئي نوٽ بڪ لکيل اٿس. جنهن جو پهريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ ۲۰۰۳ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو وليرام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو.

مٿين ڪتابن/ ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

ظفر حسن ۱۹۹۸ع ۾ وفات ڪئي.

(پندرھ روزه افيئر تان کنيل)



ظفر حسن

محمد سليمان وساڻ

ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار، ايڊيٽر ظفر حسن شاهه ولد سيد نظر علي شاهه جو جنم ۱۴ آگسٽ ۱۹۳۷ع تي حيدرآباد شهر ڀرسان واڻڪي وسي ۾ ٿيو. سندس والد سيد نظر علي شاهه پنهنجي ڳوٺ جو پهريون پڙهيل ڳڙهيل شخص هو. ظفر حسن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ “واڻڪي وسي” ۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، مئٽرڪ ۱۹۵۴ع، انٽر آرٽس ۱۹۵۷ع ۾ ايم. اي ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هو ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ڪيائين. وچ ۾ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو. ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج مخزن “ڦليلي” ۾ ۱۹۵۵ع ۾ شايع ٿي، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. ظفر حسن جي ڪهاڻي ’رهيل قرض‘۱۹۶۶ع ۾ ’سهڻي‘ رسالي ۾ ڇپي. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد به لکي. سندس چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۸۱ع ۾ ’رهيل قرض‘ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس ۱۰ ڪهاڻيون شامل آهن. ظفر حسن ڪهاڻيڪار ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. هن ۱۹۷۰ع ڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو. ظفر حسن پريس ۽ پبلشنگ پريس قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان طارق عالم جو مشهور ناول “رهجي ويل منظر” به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي “حسينا سيد پبلشرز” پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنيٰ ۾ متعارف ڪرايو. پاڻ روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. اهڙا ڪيترا ئي نوٽ بُڪ لکيل اٿس، جنهن جو پهريون جلد “ظفر حسن جي ڊائري” جي نالي سان مارچ ۲۰۰۳ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو ولي رام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو. مٿين ڪتابن/ ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ “سماجي سائنسون” ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ “سائنس ميگزين” جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.ظفر حسن ۱۹۹۸ع ۾ وفات ڪئي.


 

سائين ظفر حسن سيد

ڪهاڻيڪار، ايڊيٽر، پبلشر ۽ آدرشي استاد

رضوان گل

سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي ۾ داخلا وٺي بي ايس سي پهرين سال جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا هئا ته جيون هڪدم تبديل ٿي ويو هو نئون ماحول، نوان دوست، نئون شهر اهو شهر جنهن جي هوائن روح کي تازگي بخشي اندر ۾ هڪ اتساهه پيدا ڪري ڇڏيو هو، انهن ئي شروعاتي ڏينهن جي هڪ صبح جو هلڪي گرين رنگ واري جرڪندڙ ٽويوٽا ڪرولا گاڏي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي مُک دروازي جي سامهون اچي بيٺي هئي. جيڪو شخص گاڏيءَ مان لٿو منهنجون نظرون بيساخته سندس پرڪشش شخصيت تي ڄمي ويون هيون. مونکي ياد آهي ان وقت مان ڊپارٽمينٽ جي لان ۾ ويٺو هوس ۽ ان ئي وقت ڪويل به  ڪوڪو ڪري پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياري رهي هئي. چمڪندڙ بوٽ، پينٽ ۽ شرٽ جي ڪنٽراسٽ واري ٽاءِ پهريل دراز قد وارو شخص جنهن جي اکين جي آڏو نظر جي عينڪ لڳل هئي اڇا وار به سندس شخصيت جي سونهن وڌائي رهيا هئا... ڇا ته رعبدار انداز ۾ ڊپارٽمينٽ ۾ سندس انٽري ٿي. مون محسوس ڪيو ته هن جي گاڏي بيهڻ سان ئي اسان جا سينيئر شاگرد هيڏي هوڏي گم ٿي ويا. اندازو ٿيو ته پڪ سان هي اسان جي ڊپارٽمينٽ جو ڪو سينيئر پروفيسر آهي. مان ان ئي لمحي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو سندس پويان آيس... ڪاريڊور مان ٿيندو هو هڪ آفيس ۾ داخل ٿي ويو.

مون پٽيوالي کان پڇيو؛ “هي سائين ڪير آهي؟”

ڀروون مٿي ڇڪيندي چيائين؛ “تو کي خبر ناهي! هي سائين ظفر آهي ڏاڍو سخت ماڻهو آهي.” ان ڏينهن مان سائين ظفر حسن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. سندس پهريون تعارف ئي دل ۾ دهشت ويهاريندڙ هو.

ڪجهه ڏينهن گذريا ته مان ڊپارٽمينٽ جي هر وقت خالي پيل نوٽيس بورڊ کي “وال مئگزين” طور استعمال ڪرڻ لاءِ ان وقت جي چيئرمين پروفيسر محمد رفيق ڌاناڻيءَ کان اجازت ورتي جنهن منهنجي گھڻي اسرار ڪرڻ تي نوٽيس بورڊ جو اڌ حصو وال مئگزين طور استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هي ۱۹۹۶ جي ڳالهه آهي تڏهن فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ به جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۾ هوندو هو انهن کي هڪ ونگ مليل هوندي هئي پر ان ونگ ۾ هڪ ڪلاس جاگرافي شعبي جي حوالي به هو. مون وال مئگزين شروع ڪيو پهرين دفعي سان ئي ڏاڍو سينگاري سنواري ڪجهه شعر ڪجهه نثري ٽڪرا ڪجهه چونڊ لکڻيون رنگين آرٽ ڪارڊن تي سجائي نوٽيس بورڊ جي اڌ حصي تي لڳايون، مٿان وڏن اکرن ۾ “هفتيوار جيو وال مئگزين” ۽ هيٺان ڪنڊ ۾ ايڊيٽر: رضوان گل به لکيو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پٽيوالو آيو ڪلاس ۾ اچي پچيائين:

“رضوان گل ڪير آهي ان کي سائين منصور ابڙو سڏي ٿو.”

منهنجي پيرن ۾ وڃي ساهه پيو.. . پهريون سوال جيڪو هڪدم ذهن ۾ آيو ته اِهو سائين منصور ابڙو وري ڪو نئون استاد آيو آهي ڇا؟.. . اڳ ۾ ته ناهي ٻڌو... مان اٿي بيٺس پٽيوالي چيو:

“اچو مونسان گڏ” ڪلاس مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي پچيومانس:

“ڪير آهي سائين منصور ابڙو؟” ٿورو اڳتي وڌي چيائين:

“هي آهي سائين” مان اڳتي وڌي سائين سان مليس جيڪو وال ميگ تي لڳايل لکڻين کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو.

“هي وال ميگ توهان شروع ڪيو آهي؟” چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي پچيائين.

“جي ها سائين بلڪل مان شروع ڪيو آهي چيئرمين صاحب کان اجازت ورتي آهي” مون وضاحتي انداز ۾ وراڻيو.

“ڪٿان جا آهيو؟”

“سر لاڙڪاڻي جو آهيان!” مان ٿورو پراعتماد ٿيندي ٻڌايو.

“زبردست ڪم ڪيو اٿوَ توهان جي شاعري ته پڙهي ورتي مون، خوبصورت آهي، ٻيو ڇا لکندا آهيو؟”

“سر! هفتيوار ڪالم لکندو آهيان هڪ روزاني جاڳو ۾ ٻيو ڪڏهن هلال پاڪستان ڪڏهن عوامي آواز ۾”

“مان منصور عالم ابڙو آهيان هٿ وڌائيندي دوستاڻي انداز ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين فائن آرٽس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهيان”

“طارق عالم ابڙو توهانجو ڇا ٿي؟ طارق عالم جو ناول “رهجي ويل منظر” مان ڪالهه ئي پڙهي پورو ڪيو آهي” مان هڪ ساهي ۾ چئي ويس، سائين مرڪي ٻيهر هٿ هٿ ۾ ڏئي چيو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، توهان ڀلي ڪلاس اٽينڊ ڪري پوءِ مونسان ملجو. پوءِ مسلسل منصور عالم سان ڪچهريون ٿينديون رهيون عمر جي وڇوٽيءَ باوجود پاڻ ٻئي دوست بڻجي ويا سين فري وقت ۾ مان ساڻس گڏ وڃي ويهندو هوس پوءِ علم ادب ۽ آرٽ کان ويندي هاسٽل ۽ ڪئمپس جا قصا به کڻندا هيا سين ته سياست کان ويندي ان دور ۾ ٿيندڙ ادبي جھيڙن تي به ڳالهائيندا هئا سين.

ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن “جيو وال ميگ” تي سائين ظفر حسن جي نظر پئي ته ساڳي ريت پٽيوالو آيو مان ڪلاس اٽينڊ ڪري ٻاهر پاڻيءَ واري اليڪٽرڪ ڪولر جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته مونکي سڏيندي چيائين:

“ابا رضوان گل سائين ظفر حسن ياد ڪيو اٿئي لڳي ٿو خير ناهي تنهنجو”

ٿورو گھٻرائجي ويس قميص جا ڪالر ٺاهيندو مٿي ڪيل ڪفن کي هيٺ ڪري بٽڻ بند ڪندو سائين جي آفيس جي دروازي تي پهچي سائين کان اندر اچڻ جي اجازت ورتي. ڪجهه لکي رهيو هو ڪنڌ مٿي ڪري چيائين: “جي”

چيم: “سائين مان رضوان آهيان توهان سڏ ڪرايو هو”

هٿ جي اشاري سان اندر اچڻ لاءِ سڏيائين. بيٺو رهيس. سائين ٻه ٽي سٽون لکي پوريون ڪيون. پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري ساڳي ريت هٿ اشاري سان ويهڻ لاءِ چيائين. اسڪاءِ بليو رنگ جي شرٽ ۽ ملٽي ڪلر ٽاءِ پاتل هيس. سائين منصور عالم ابڙي وارو ساڳيو سوال ڪيائين:

“ڪٿان آيا آهيو؟”

“سائين لاڙڪاڻي کان” مان ڌيمي لهجي ۾ وراڻيو.

“وال ميگ لاءِ الڳ ڪنهن ڪارنر ۾ بورڊ لڳرايو رفيق کي چئو. نوٽيس بورڊ ڊپارٽمينٽ جي مختلف نوٽيسز لڳائڻ لاءِ آهي.”

“ٺيڪ آهي سر” چئي مان اٿي بيٺس چيائين: “ويهه سٺو ڪم ٿا ڪيو ٻيو ڪير اٿوَ ساٿ ۾؟”

“نه سائين ٻيو ڪوئي به ناهي مان آرٽس فيڪلٽي ۾ ڏسي آيو هوس اتان خيال آيو ته پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ به شروع ڪجي وال مئگزين، ان سلسلي ۾ سائين منصور عالم ابڙي به ڏاڍو اتساهه ڏنو آهي”

“لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿا رهو يا ڳوٺ؟”

“شهر ۾ سائين! منهنجو بابا ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي ڊاڪٽر بشير احمد شاد شاعر به آهي سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي آهي، مان پاڻ به شاعري ڪندو آهيان ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکندو آهيان” سائين جي هڪ سوال جي جواب ۾ پنهنجو تعارف به ڪرائي ويس.

“ڊاڪٽر شاد سان ڊاڪٽر درمحمد وٽ ملاقات آهي.” سائين جي هر وقت سنجيده رهڻ واري مک تي ٻاجھ واري مُرڪ تري آئي.

پوءِ لاڙڪاڻي جي ادبي سرگرمين بابت مونکان حال احوال ورتائين لڳ ڀڳ ويهه پنجويهه منٽ گذري ويا. ٻاهر نڪتس ته منهنجا دوست منهنجي انتظار ۾ بيٺل هئا ته “آخرڪار ڪهڙو مسئلو ٿي ويو جو سائين ظفر جھڙي سخت پروفيسر جي آفيس ۾ وڃي ساڻس اڌ ڪلاڪ تائين ڪچهري ڪري آيو آهيان.” ٻاهر اچي مان وڏي فخر سان کين ٻڌايو ته “سائين وال ميگ جي سلسلي ۾ ميٽنگ ڪئي آهي ۽ ڏاڍو خوش آهي.”

ان پهرين ڪچهري ۾ مونتي اڃا تائين اها ڳالهه مڪمل واضح نه ٿي سگھي ته ڪو سائين پاڻ به وڏو اديب ۽ ڪهاڻيڪار آهي البته سندس ڳالهين مان ايترو اندازو ضرور ٿيو ته سائين به اديب آهي لڳ ڀڳ مهينو پوءِ مان جڏهن سينٽرل لائبريري ۾ ويٺو هوس ته منهنجي هڪ دوست سراج جيڪو آرٽس فيڪلٽي ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهندو هو ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هو ڳالهين ڳالهين ۾ اهو ٻڌايائين ته “توهان جي ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪو اڇن وارن وارو سائين آهي نه اهو اِهو ساڳيو ظفر حسن اٿئي جنهن جي ڪهاڻي “سوکڙي” پڙهائي هئي مانءِ.”

مان حيران ٿي ويس ساڳي وقت بيحد خوش به ٿيس ته واه واه هيڏو وڏو ڪهاڻيڪار اسان جي شعبي ۾ استاد آهي ۽ اهو به اطمينان ٿيو ته جاگرافيءَ جا سينيئر پروفيسر اديب به آهن سوبه اهو استاد جنهن جي شخصيت جي جاذبيت کان مان پهرين ڏينهن کان متاثر هوس. سائين ظفر حسن نه صرف ڪهاڻيڪار پر هڪ ئي وقت بهترين ايڊيٽر ۽ پبلشر هئڻ کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ جھڙي اهم اداري جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو هو. سائين ظفر حسن جو پروفائيل انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن اخبار ۾ ڇپيل انٽرويو ۾ پڙهيو هيو جنهن مان اها به سڌ پئي ته سائين ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو وڏو نقاد هو، ان ئي انٽرويو ۾ سائين ٻڌايو هو ته:

“هڪ ڏينهن طارق اشرف مونکي چيو هو ته تون ڪهاڻيءَ تي ايترو گوڙ ٿو ڪرين ٻين کي صحيح ۽ رد ٿو ڪندو وتين تون پاڻ ڇو نه ٿو لکين ڪهاڻي! نيٺ ڪهاڻي لکيم ۽ پهرين ڪهاڻي “رهيل قرض” جي نالي سان ۱۹۶۶ ۾ “سهڻي” رسالي ۾ ڇپي.” بعد ۾ نيو فيلڊس وارن سندس ڪهاڻين جو مجموعو “رهيل قرض” جي نالي سان ڇپرايو.

سهڻي رسالي ۾ طارق اشرف سان ظفر حسن ۽ نسيم کرل ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. ظفر حسن جي حاوي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار طور آهي پر کيس تمام برجستي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور به مقبوليت ملي. سن ۱۹۷۰ع ۾ پرفيڪٽ پرنٽرس نالي حيدرآباد ۾ هڪ پبلشنگ ادارو قائم ڪيائين جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترا ئي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيائين ۽ ڪجهه ڪتابي سلسلا جھڙوڪ: انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به جاري ڪيائين. طارق عالم ابڙي جو مشهور ناول “رهجي ويل منظر” به پهريون ڇاپو ظفر حسن ئي “حسينا سيد پبلشرز” پاران ڇاپيو.

ماهوار “ڌرتي” رسالو نج ادبي مخزن هو جنهن جا ٽوٽل پنج شمارا ڇپيا پر اهي پنج ئي شمارا انتهائي يادگار ۽ سانڍڻ جھڙا هئا. پهرين چئن ۾ ايڊيٽر ۽ آخري شماري ۾ ظفر حسن جي نالي اڳيان اعزازي ايڊيٽر لکيو ويو، آخري شماري وارو زمانو ۱۹۸۶ جو هيو اهو ضياءَ جي آمريت وارو دور هو جيڪو رسالن ۽ اخبارن جي پبلشرن ۽ ايڊيٽرن لاءِ سخت امتحان وارو دور هو. آرسي رسالو به ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ جي ڪريڊٽ تي هڪ اهم ڪم آهي جنهن جا ٽن سالن ۾ ۱۹۸۳ کان ويندي ۱۹۸۶ تائين ٽوٽل پنج شمارا ڇپيا پر هر شمارو لکڻين جو هڪ خوبصورت گلدستو هو جنهن ۾ مختلف صنفن تي مشتمل يادگار لکڻيون شامل ڪيون وينديون هيون اهو ئي سبب آهي جو ادبي حلقن ۾ آرسي رسالي جي انهن شمارن جي تعريف اڄ تائين ٿيندي رهي ٿي.

ظفر حسن گھڻو پڙهيو ۽ ذهين ماڻهو هو جنهن وٽ ڪيتريون ئي نيون آئيڊياز هونديون هيون انهن مان هڪ تجويز اها به هئي ته عالمي ادب مان چونڊ لکڻيون ترجمو ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو وڃي ان ڪم ۾ ساڻس گڏ ولي رام ولڀ به هو. عالمي ادب سلسلي جي فقط هڪ ڪڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آئي جنهن ۾ انتهائي ڪارائتيون لکڻيون ترجمو ڪري ڇاپيون ويون. اهو سلسلو جاري رهي ها ته يقينن اڃا ڪيتريون ئي عالمي لکڻيون سنڌي ادب جي پڙهندڙن تائين پهچن ها.

سائين ظفر حسن روزانو ڊائري لکندو هو جنهن ۾ نه صرف پنهنجي اندر جي وارتا پر ان دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي حوالي سان به پنهنجي راءِ لکندو هو، سندس لکيل اهي ڊائريون پڻ هڪ دور جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تاريخ جو اهم باب آهن. انهن ڊائرين جو ڳچ حصو “ظفر حسن جي ڊائري” جي نالي سان ولي رام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو آهي. سائين ظفر حسن جي ڪهاڻين جو مجموعو “رهيل قرض” جي نالي سان نيو فيلڊس پبليڪيشن طرفان ۱۹۸۱ ۾ ڇپايو ويو. بنيادي طور سندس تعلق جاگرافيءَ جھڙي اهم سائنس جي شعبي سان هو انهيءَ حوالي سان اعجاز قريشيءَ سان گڏجي “سماجي سائنسون” ۾ ڪم ڪيائين ان کان علاوه نج سائنسي مئگزين “سائنس مئگزين” جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنائين.

سائين ظفر حسن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌيت جو قائل سنڌ جو عاشق سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ ليکڪ هو پر مونکي حيرت ان وقت ٿي جڏهن مان سائين ظفر حسن جي بنگلي جيڪو مارئي هاسٽل واري روڊ تي بلڪل شروعات ۾ جتي هاڻي يونيورسٽي جي وڏي گيٽ ٺاهي وئي آهي ان جي ڀر ۾ هو، ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ ويو هوس ته سندس گھر وارو ماحول سنڌي ته ڇا پر انگريزي اسٽائيل پي لڳو... مما پپا ڊيڊ چوندڙ ٻار... شايد سندس ڀائرن جا ها جيڪي گھڻي قدر سائين سان گڏ بنگلي ۾ رهندا ها، ڀلي نسل وارا ڪتا به پاليل هئا، حيرانگي تڏهن به وڌي وئي جڏهن سائين جي گھر ۾ ٻار هڪ ٻي سان اردو ۾ ڳالهائي رهيا هئا، شايد سندس ڀرسان واري گھر ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ هئا اهو سبب هجي جو انهن جي ٻارن سان سائين جن جا ٻار به اردو ڳالهائي رهيا هئا.

سائين ظفر ٽائيم جو پابند هوندو هو. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ٻڌائيندو آهي ته “ظفر حسن ۽ مونکي هڪ پروگرام ۾ صدر ۽ خاص مهمان طور وڃڻو هو. ٽائيم رکيل هو ۵ وڳي جو اسان ٻئي ٺيڪ ۵ وڳي پنڊال ۾ داخل ٿيا سين خالي ڪرسيون پيل هيون ان وقت ڪرسيون صاف ڪندڙ همراهه ٻڌايو ته منتظمين هاڻي پنڊال تيار ڪري گهر ڏانهن تيار ٿيڻ لاءِ ويا آهن، اسان سندن اڌ ڪلاڪ تائين انتظار ڪيو پوءِ مان ۽ ظفر اسٽيج تي چڙهي ويٺا سين لائوڊ اسپيڪر هلرائي ظفر خاص مهمان طور تقرير شروع ڪئي ڪجهه ماڻهو پنڊال ۾ اچي ويا ان کانپوءِ مان صدارتي خطاب ڪيو منتظمين به اچي ويهي رهيا ائين اسان ٻنهي پنهنجون تقريرون ڪري جيترا ويٺل ها انهن کان تاڙيون وڄرائي اسٽيج تان لهي آيا سين.”

سائين ظفر جيتوڻيڪ باظابطه اسانکي ڪو سبجيڪٽ نه پڙهايو پر ابتدائي ڏينهن ۾ ڪجهه ڏينهن سائين اسان کي تعارفي ليڪچر ڏنا اهي ليڪچر فقط جاگرافيءَ جا ئي نه پر فلسفي، سياسي اٿل پٿل، سماجي معاملن کان ويندي زندگيءَ جي روز مرهه وارن موضوعن تي مشتمل هئا جيتوڻيڪ سائين جونيئر ڪلاس نه وٺندو هو پر اها اسان جي خوش قسمتي هئي جو هن اسان جا ابتدائي ڪلاس ورتا ۽ اهو ئي سبب هو جو مون ڊپارٽمينٽ تبديل نه ڪرائي نه ته مونکي ڪمپوٽر سائنس ۾ داخلا وٺڻي هئي ان دور ۾ ڪنهن به ڊپارٽمينٽ مان ٻي ڊپارٽمينٽ ۾ وڃڻ لاءِ ٻنهي شعبن جي چيئرمين کان فقط اين او سي وٺبي هئي. جاگرافيءَ جو جيڪو بنيادي تعارف ۽ فزيڪل جاگرافيءَ جي چيپٽرس جو جيڪو تعارف سائين ظفر ڪرايو اهو ٻڌي جاگرافيءَ سان اهڙي لنئون لڳي وئي جو اڄ تائين ان سحر مان نه نڪتا سين. حسين ماٿريون، جُھڙ، آبشار، شفاف پاڻيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ ننڍڙيون پٿريون، زلزلا، ميدان ۽ جبلن جي وچ مان ور وڪڙ ڪري ايندڙ درياهه ڇا ته منظر ڪشيءَ سان ڀرپور ليڪچر ها جھڙو ڪوئي ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ۾ منظر نگاري ڪندو هجي. سائين ته هو ئي ڪهاڻيڪار. سائين ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ٻه پٽي چپل سان ڏسي وٺندو هو ته کيس سڏي ڇنڊ پٽيندو هو ۽ وارننگ ڏيندو هو ته ٻي ڀيري ٻه پٽي ڇپل پائي ڊپارٽمينٽ آيو آهين ته ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو مانءِ. مونکي ياد آهي هڪڙو مولوي هوندو هو اسان کان سينيئر هو ان کي ان معاملي تي ڏاڍو چيائين پر هن جو به قسم کنيل هو آخر تائين چپل ۾ ئي ايندو رهيو. ظفر حسن جي گاڏيءَ تي ڪو هٿ ڦيري يا ٽيڪ ڏئي بيٺو هجي پوءِ ان جو خير ناهي جي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ٺيڪ نه ته اهڙا دڙڪا کائيندو جو منجھند جي ماني ڪونه هلندس. ڊپارٽمينٽ جي ورانڊي ۾ هو اسان کي بيهاري پڇندو هو “هي شرٽ ۽ پينٽ ڪيئن پائي آيو آهين؟ آهي ڪو ٻنهي ۾ ڪنٽراسٽ؟” چوندو هو “ڪهڙي بوٽ تي ڪهڙا جورابا پائڻ گھرجن ۽ ڪهڙي شرٽ تي ڪهڙي ٽاءِ.. . اهو توهان يونيورسٽيءَ جي شاگرد هئڻ باوجود به نه ٿا ڄاڻو ته پوءِ ڪٿي وڃي سکندئو ڪير ٻڌائيندو اهي ڳالهيون توهان کي؟؟” پينٽ شرٽ تي بيلٽ نه پاتل هوندو ته سائين ان کي بيهاري سمجھايندو هو “بابا هر شيءِ جو پنهنجو ڊيڪورم هوندو آهي ائين بس ڳوٺ مان نڪري ٿا اچو پائڻ ۽ کائڻ جا به ڪي آداب هوندا آهن اهي هتان سکي ويندئو ته سڄي زندگي ڪم ايندوَ‏.”

سائين ظفر حسن سان اسان تمام ٿورو وقت گذاريو پر هن جاگرافيءَ سان گڏ اسان کي جيڪي زندگيءَ جا سبق سيکاريا سي اڄ تائين ڪم اچي رهيا آهن ڀل ته هو ٻين لاءِ هڪ چيڙاڪ پروفيسر هجي پر مون سميت الائي ڪيترن شاگردن لاءِ هڪ آدرشي استاد هو جنهن جي شخصيت جا سڀ رخ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هئا، هو جاگرافي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار طور اپائنٽ ٿيو ۽ شعبي جي چيئرمين جي ڪرسيءَ تي ويهي به علم جي آبياري ڪيائين. اهڙا استاد جيڪي حقيقي رهنما به هجن سي جيون جي هر لمحي ۾ ياد رهن ٿا. سائين ظفر حسن جي سموري زندگي جستجو ۾ گذري ورچي ويهڻ سندس مزاج ۾ ئي شامل نه هو. شايد اهو ۱۹۹۸ جو سال هو اسان معمول موجب هاسٽل کان نڪري اچي ڊپارٽمينٽ پهتا سين ته سائين جي وفات خبر ملي جيڪا خبر اسان جي لاءِ ڪنهن وڄ ڪرڻ کان گھٽ نه هئي.

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

No comments:

راءِ ڏيندا