; سنڌي شخصيتون: يار محمد ٽانوري - غلام محمد گرامي

13 December, 2011

يار محمد ٽانوري - غلام محمد گرامي


يار محمد ٽانوري
غلام محمد گرامي

سنڌ جو پراڻو اديب، شاعر، قومي ورڪر ۽ صحافي، جناب يار محمد ٽانوري، جمعي جي ڏينهن 20_ مئي 1966ع تي، دل ٽٽڻ جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.
مرحوم مغفور هڪ علم دوست ۽ اهل قلم بزرگ هو. سنڌ جي پراڻن آثارن مان هڪ شاندار مثال هو. سنسد شعر و شاعريءَ جي تربيت، سنڌ جي مشهور عالم ۽ ادي، جناب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم ڪئي.
سندس ڪلام سنڌ جي جهونن رسالن توڙي اخبارن_ اسلامي دنيا، اسلامي زندگي، الوحيد ۽ اصلاح_ ڪراچيءَ ۾ ڪافي شايع ٿيل آهي.
پاڻ ڳچ عرصو، روزانه الوحيد ۾ به ڪم ڪيائين.
وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾، خلافت تحريڪ ۾ هڪ سرويچ سپاهيءَ جي حيثيت سان شامل رهيو، ۽ وڏين وڏين ڪانفرنسن جي انتظامي ڪمن ۾، سندس جانفشاني ۽ جدوجهد تعريف جي لائق آهي.
ان طرح مسلم ليگ تحريڪ ۾ به سڀ کان اڳرو رهيو. اخري وقت تائين وطن جي محبت ۾ سرشار رهيو.
ادبي مجلسن ۾، جمعيت الشعراء سنڌ، بزم طالب المولا سنڌ، کان سواءِ، بزم نظامي، بزم سرشار ۽ بزم حڪيم کي هلائيندو آيو.
سندس جنازي نماز ۾ مسٽر جي.ايم.سيد، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ڪيترن مقامي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. دعا آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي، ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا