; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر بشير احمد شاد

03 December, 2011

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

هڪ عالم اديب ۽ شاعر

رضوان گل



ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو. ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ ميو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد شاد به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي.


ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۱ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ آغا درمحمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم وارا ڪجهه درجا پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڏڙن جي مستقل طور لاڙڪاڻي لڏي اچڻ سبب بعد وارو تعليمي سفر لاڙڪاڻي ۾ جاري رکيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪريءَ جو آغاز پرائمري استاد طور ڪيائين، جنهن بعد ۱۹۷۳ع ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور سندس تقرري سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي ٻه سال رهڻ بعد لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاڻ ۱ اپريل ۲۰۰۲ع تي سنڌي شعبي جي چيئرمين ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتائين. ٻه سالن جي قليل عرصي بعد زيبسٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڳئي ريت سنڌي ادب جي استاد طور ڪم ڪرڻ جي کيس خصوصي طور آڇ ٿي، جتي هن وقت سنڌي شعبي جي سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر شاد پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو. پڙهڻ لکڻ وارو ماحول کيس اسڪول واري زماني کان ئي مليو جنهن سبب هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج واري دؤر ۾ ئي پڙهيا. نه صرف پڙهيا پر انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا، جو ان وقت ادب پڙهندڙن جي هڪ لٽرري سرڪل سنڌ اسٽڊي سرڪل ٺهيل هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي ته ليڪچر ۽ ننڍڙيون ادبي گڏجاڻيون پڻ. انهن گڏجاڻين ۽ ادب جو ذوق پئدا ڪرائڻ وارن استادن ۾ پروفيسر غلام الله شيخ جو نالو اهميت وارو آهي، جنهن انهن سڀني شاگردن کي گڏ ڪري لٽرري سرڪل جو بنياد وجهي نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو شوق پئدا ڪيو. ڊاڪٽر شاد جو ادبي شوق ۽ ڪتابن سان لاڳاپو ان دؤر کان وٺي اڄ تائين ساڳئي ريت برقرار آهي.

هن جي ذاتي لائبريريءِ ۾ مختلف موضوعن تي ۴۰۰۰ کان مٿي ڪتاب موجود هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي. ڊاڪٽر شاد جي بنيادي حيثيت هڪ پختي شاعر واري آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي ڪيئي امر سٽون ارپيون آهن. هڪ شاعر واري حيثيت ۾ ساڻس مختلف شهرن ۾ شامون ۽ رهاڻيون به رچايون ويون آهن. جيتوڻيڪ ”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي پر ان کان پوءِ به ڊاڪٽر صاحب جي ڳچ شاعري منظرِ عام تي آئي آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي سگھي ٿي.

ادب جا سبق پڙهائيندي پڙهائيندي، پاڻ تحقيق جي شعبي ۾ به ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي علمي، ادبي موضوعن تي پُر مغز مقالا لکيائين. اڳتي هلي ڊاڪٽر شاد، نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي، سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”مولانا ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. اهڙيءَ طرح هن ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي توڙي صوبائي سطح جي ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر شاد جي ادبي دوستيءَ جو حلقو پڻ ڪافي وسيع ٿي ويو.

سنڌ ۾ صوفياءِ ڪرام جي درگاهن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ سندس تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو آهي. خاص طور تي حضرت شاهه عبداللطيف ۽ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سالن کان سندس معمول رهيو آهي. ڀٽائيءَ سان انتهائي عقيدت هئڻ سبب ڪيتري ئي وقت کان پاڻ لطيفيات جي موضوع تي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ۱۳ ڪتابن مان ۶ ڪتابن جو لطيفيات جي موضوع تي هئڻ ڀٽائيءَ سان سندس بي انتها عقيدت ۽ محبت جو ثبوت آهي. ڀٽائي تي لکيل سندس ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ جا هيل تائين پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ ڪتاب جو بار بار ڇپجڻ پڙهندڙن ۾ ان ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن وقت شاهه جي رسالي مان ”موضوعاتِ لطيف“ ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي.

ڊاڪٽر شاد جي ڇپيل ڪتابن ۾”امام شامل“ ترجمو، ”عرفانِ لطيف“ لطيفيات، ”فڪرِ لطيف“ لطيفيات، ”اوجاڳو اکڙين“ شاعري، ”الله سائينءَ جي ڏاچي“ ترجمو، ”پيهي منجھ پاتال“، ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ لطيفيات، ”اسلامي تاريخ جون نامياريون عورتون“ ترجمو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ تحقيق ۽ ترتيب، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ)، ”ڀٽ جو گھوٽ“ لطيفيات، ”جيون پيڙا پيار“ (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، ”حياتِ اقبال“ ترجمو، ”شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر“ لطيفيات شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت کان علاوه بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز سان سندس ادبي وابستگي رهي آهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو بنياد ۱۹۸۲ع ۾ پاڻ ئي رکيائين، جنهن پليٽ فارم تان سنڌ سطح جون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ۽ مشاعرا ڪوٺايا ويا آهن ۽ انهن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن شرڪت ڪئي آهي. سچل ادبي مرڪز لاءِ ۱۹۸۵ع ۾ پنهنجي ادبي دوست ۽ شاگرد انيس گل عباسي سان گڏجي الڳ پلاٽ حاصل ڪري، ٻين ذاتي دوستن کان مدد وٺي ان تي تعمير ڪرائي گرائونڊ فلور تيار ڪرايو. جنهن ۾ هن وقت ادبي مرڪز جي آفيس موجود آهي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادب جي جن شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق، تنقيد، ترجمو، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن. هن ڪيترين ئي شخصيتن تي مضمون ۽ روزاني اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن. ”شاهه لطيف جي هڪ بيت جي شرح“ جي عنوان تحت روزاني ”هڪ اخبار“ جي ادبي صفحي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين مختصر ڪالم لکندو رهيو، جنهن کي ادبي حلقي ۾ ڀرپور ساراهيو ويو، سٺ واري ڏهاڪي کان مستقل طور سنڌ جي مڙني رسالن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي.

نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي، ڊاڪٽر شاد بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”بشير احمد هڪ خاموش طبع ۽ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن خاموش ليکڪ جون سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا گھرائي ۽ گيرائي آهي، اها اڄ ڪلهه جي ليکڪن، محققن ۽ نقادن جي حوالي سان گھٽ اديبن جي حصي ۾ آيل آهي.“

نامياري شاعر احمد خان مدهوش، ڊاڪٽر شاد کي منظوم خراج پيش ڪندي لکيو:

سچل جو شيدائي، وطن جو ثناگر،

سندس خاندان آهي، آغا نشانبر،

مگر سنڌ جو آهي، خادم سراسر،

تڏهن کيس. سمجهو مون سنڌي اڪابر.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد هڪ گهڻ ڳڻو انسان آهي، جنهن وٽ مهمانن جو مانُ ۽ دوستن جو قدر به آهي ته ادبي لڏي سان هٿ جوڙ واري واٽ پڻ.

ڊاڪٽر شاد پنهنجي اولاد کي به ادبي تربيت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي فرزند، احسان دانش (ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، محقق)، رضوان گل (شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم) ۽ آغا عمران (ڪهاڻيڪار) پڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر شاد ادب جي جوت جلائيندو رهي ٿو، ان علم ۽ شعور جي روشنيءَ مان اڄ به ڪيترا ئي نوجوان لکاري پنهنجا اندر روشن ڪري رهيا آهن.

 

بشڪريه عبرت


 

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

املهه انسان - سلسلو ۵۵ هون

حفيظ چانڊيو

خبر ناهي ته آءُ هن وقت تائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي علمي ادبي توڙي تعليمي خدمتن تي لکي ڇو ناهيان سگهيو..! پر ڪيتري وقت کان وٺي اڄ تائين آ قبيلائي نفرتن جي صليب تي چڙهي به سنڌ جي ناميارن ليکڪن، اديبن، شاعرن، شاعرائن ۽ بيباڪ صحافين توڙي مثالي استادن، سماجي اڳواڻن دانشورن ۽ لطيف سرڪار جي ڪلام تي دسترس رکندڙ انهن شارحن کي قلمي پورهئي ذريعي عام تائين پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو جنم ۰۱ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ آغا در محمد محمد پٺاڻ صاحب جن جي گهر ۾ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو هو،  تعليم جي لحاظ کان سندن ايم اي سنڌي، بي اي ايڊ ۽ پي ايڇ ڊي سنڌي ۾ ڪئي.

هن ادبي دنيا ۾ بطور شاعر - لکڻ جي شروعات ۱۹۶۰ع کان ڪئي. سندن شمار سنڌ جي برک اديبن ۽ لطيف سائين جي شارحن ۾ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هو سينيئر ترين شاعر آهي، پر سندس عاجزي ۽ ملنسار طبعيت، گفتگو ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جو نرالو انداز من کي موهي وجهندو آهي. هو استاد الشعراءُ هوندي نهايت سادگيءَ سان ننڍي وڏي ادبي پراوگرامن ۾ ايندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس وار چاندي ٿي چڪا آهن ۽ هٿن ۾ ڪمزوري سبب عجب ڦڙڪڻي پيدا ٿي آهي، پر سندس دل جو دهڪو ساڳي رفتار سان سِنڌُ سنڌُ جو سڳو سوريندو ٿو رهي، سندس شاعريءَ جو مرڪز ڌرتيءَ ئي آهي، ڌرتيءَ جا اهي ننڌڻڪا ماڻهو به آهن، جن لئي شاد صاحب راتين جا اوجاڳا ڪيا ۽ هنن جي حمايت ۾ گيت، غزل ۽ نظم لکيا.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب ادبي، تعليمي حوالي کان هٽي ڪري ذاتي زندگيءَ ۾ پڻ هڪ شاندار ۽ اتساهڪ انسان رهيو آهي. هن پنهنجي سموري ڄمار علم ۽ ادب کي محظ ان لاءِ ارپيا ته جيئن سندس ڀونءِ ڀيل ٿيڻ کان بچي پئي.

هو جتي به ۽ جنهن به پوزيشن تي رهيو اتي هُو نوجوان نسل جي آبياري ئي ڪندو رهيو آهي، منجهن ادبي ذوق وڌائڻ خاطر اتساهيندڙ ۽ مثالي مينٽور طور ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿائين. جتي به ۽ جنهن به پوزيشن تي رهيا اتي نوجوانن کي روشنين ڏانهن گامزن ڪندا رهيا آهن.

جيڪو استاد قوم جي ايمانداريءَ سان خدمت ڪندو آهي يقينن ڪريو ان مثالي استاد جو اولاد پاڻ مرادو منزلون ماڻيندو آهي، ساڳي نموني ڊاڪٽر شاد صاحب جي اولاد ۾ ڊاڪٽر احسان دانش، رضوان گل ۽ سندس هڪ ٽيون فرزند آغا عمران علي سيشن جج جي منصب تي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن.

هڪڙا ماڻهو پروفيشنل زندگيءَ تي يقين رکي، زندگيءَ جي هر پل کي پئسن جي تارازي ۾ توريندا آهن، پر ساڳي جاءِ تي ڊاڪٽر شاد صاحب جهڙا سپورنج ماڻهو ملڪ ۽ قوم جي خدمت عيوض پل پل قوم جي امانت سمجهي بي لوث خدمت ڪندي خوش ٿيندا آهن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي پيار جي پورهئي جو پهريون ڪتاب اوجاڳو اکڙين آهي، جيڪو

۸۰ واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو.

ان کان علاوه شاد صاحب جي ڇپيل ڪتابن ۾ عرفانِ لطيف (لطيفيات)، اوجاڳو اکڙين، فڪرِ لطيف (لطيفيات)، پيهي منجهه پاتال /ڀلارو ڀٽ ڌڻي (لطيفيات)، لاڙڪاڻو صدين کان (تحقيق) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ) ڀٽ جو گهوٽ (لطيفيات)، جيون، پيڙا، پيار (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون) حياتِ اقبال (ترجمو) شاهه لطيف هر دور جو شاعر (لطيفيات)، عرفانِ سچل (سچليات)، سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون (ٻوليءَ تي مقالا) اندر جي موسم (شاعري) جهڙا انمول ڪتاب سندس قلمي پورهئي طور اسان جي هٿن تائين رسائيندي وار چاندي ڪيائون. مسلسل جدوجهد باوجود سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾

ثناءُالله ثنائي جي شاعري جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز) اندر روح رهيام (شخصيتن تي خاڪا) آتم ڪٿا جيڪا ٽن جلدن تي مشتمل آهي، درد جا رشتا (ڪهاڻيون) شاهه جي شاعريءَ جا قدر (تحقيق)، ڀٽائيءَ جا موضوع

(ترتيب ۽ تحقيق)، سون ورني سنڌ (تحقيقي مقالا) شامل آهن جن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شاد صاحب جو هيءُ پيار جو پورهيو نوجوان نسل تائين پهچي سگهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سائين بشير احمد شاد صاحب زندگيءَ جو ڳپل حصو شاعريءَ کي ارپي ها، پر هن شاعريءَ کي وقت ڏيڻ بدران لطيف سرڪار جي رسالي کي وقت ڏنو ۽ لطيفيات تي الائي ڪيترا مقالا لکيائين، جن کي پڙهڻ سان پتو پوندو ته هڪ ليکڪ حالتن سان ڪيئن منهن مقابل ٿي پنهنجي ادبي ذميداريون نڀائي ٿو.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي زندگيءَ تي نظر وجهبي ته هو ڪٿي به مايوس نه ٿو ملي، جتي به ڪنهن معاملي تي منجهيو ته لطيف سائين جي رسالي کي سونهون سمجهي پار پيو. هو علم جو ڀنڊار آهي، سندس علمي، ادبي، تعليمي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي شاعريءَ کي سندس ٽهيءَ جي شاعر ۽ شاعرائن کان وٺي سنڌ جو نوجوان طبقو جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي بيحد پسند ڪندو آهي. هڪ استاد، شاعر، ليکڪ ۽ دانشور جي زندگي عام ماڻهو کان ڪجهه مختلف ٿئي ٿي، سندس زندگيءَ ۾ آيل مشڪلاتون ۽ درپيش مسئلا عام ماڻهن کان بنهه مختلف ٿيندا آهن ۽ ائين ئي ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي سموري زندگي به تلخ تر تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهي. اهڙن انيڪ واقعن ۽ روئداد جو ڀرپور اظهار سندس لکڻين ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهجي ٿو.

سندس شاعريءَ ۾ لوڪ جي احساسن جي ڀرپور ترجماني آهي. سندس شاعريءَ ۾ سندس دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي اپٽار ٿيل آهي، ائين ٿو لڳي جهڙوڪ شاد صاحب ان وقت ۽ ڳنڀير حالتن جو شعري منجهه ايڪسري ڪڍيو هجي.

شاد صاحب نثر توڙي نظم خارجي توڙي داخلي حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ٿو لڳي. هن حالات حاضره تي جنهن انداز ۾ قلمي پورهيو ڪيو آهي سو ساراه جوڳو آهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا