; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رضوان گل، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رضوان گل، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رضوان گل، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

03 December, 2011

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

هڪ عالم اديب ۽ شاعر

رضوان گل



ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو. ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ ميو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد شاد به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي.