; سنڌي شخصيتون: October 2021

31 October, 2021

زرينه ناريجو

زرينه ناريجو

بامقصد جدوجهد جو هڪ لازوال ڪردار - ۲۳ آڪٽوبر جنم ڏينهن..

ولي ناريجو



سياستدان، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪا ڪامريڊ زرينه حسين ناريجو، نامياري سياستدان، ايم آر ڊي جي ڪنوينر ڪامريڊ حسين بخش ناريجي جي گهرواري آهي، سندس جنم ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۵۷ع تي محمد ابراهيم ناريجي جي گهر ۾، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پاڻ گرئجوئيٽ آهي، ننڍپڻ کان ئي کيس ادب سان وڏو لڳاءُ هو. ستين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن هڪ ڪهاڻي لکي. جيڪا ٻارن جي رسالي “گل ڦل” ۾ شايع ٿي هئي ۽ ڪهاڻي ايتري زبردست لکيل هئي جو ان کي کي پهريون نمبر انعام ڏنو ويو. زرينه ناريجو جا اردو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي ڪالم ڇپجندا رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي انهن چند عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن سياسي جدوجهد ۾ مردن سان گڏ عملي طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ جاکوڙيو. ڪامريڊ زرينه ناريجو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر به رهي چڪي آهي. هن عورتن جي مسئلن بابت ميڊيا توڙي سياسي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجهد ڪندي رهي آهي. سندس ڪالم سنڌي ماڻهن جي تڪليفن ۽ سورن جا عڪاس آهن. هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ نه رڳو سماج جي خرابين ۽ انساني بي حسيءَ جي نشاندهي ڪندي رهي آهي، پر انهن جي خاتمي لاءِ پتوڙيندي ۽ جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن نه صرف سنڌي اخبارن لکيو آهي پر اردو اخبارن ۾ پڻ سنڌ جي مسئلن تي لکندي  رهي آهي. ڪامريڊ زرينه ناريجو سائوٿ ايسٽ ايشيا تنظيم (آسا) جي وفد کي ٿر جو دورو ڪرائي ٿري ماڻهن جي مسئلن کي بابت آگاهي ڏني بين الاقوامي فورم تي پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

سليمان هاليپوٽو - جلال ڪوري

سليمان هاليپوٽو

سائين به وڃي يار کي پرتو.

جلال ڪوري



سندس جنم ۱۹۴۰ع  ڌاري راجستان جي ٻاهڙ مير ضلعي جي کارڇي ڳوٺ ۾ ٿيو هو. اتان جو مشھور عالم مولانا حبيب الله سمون تاملهيار وارو وري ڍوري ناري لڳ کنڀري جي مدرسي ۾ علامه ميان عبدالله اڪبري جو شاگرد هو. کارڇي ڳوٺ جو مولانا مريد علي هاليپوٽو وري ناري پٽ جي مشھور عالم مولانا محمد عثمان قراني جو شاگرد هو.

خالد سعيد جان سرهندي

خالد سعيد جان سرهندي

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان ضلعي جي انتهائي معتبر سياسي ۽ سماجي شخصيت پير خالد سعيد جان سرهندي ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع بروز سومر تي گهڻو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. پير خالد جان سرهندي، پير  سرهندي خاندان جي ناليواري سياسي ۽ سماجي شخصيت پير محمد سعيد جان سرهندي جو فرزند پير عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا جو پوٽو هو، سندس جنم ٽنڊو محمد خان لڳ قديم وسندي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿيو. هۡو فطري طور لاتعداد صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ آزادانه عملي سياست جو قائل هو، اهو ئي سبب آهي جو هۡو جنرل ضياءّ جي دور ۾ غير جماعتي بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان عرصي دوران هۡو سدائين عوامي خدمت واري جذبي سان نه رڳو سرشار رهيو پر هۡن عملي طور اجتماعي عوامي ڀلائيءّ خاطر لاتعداد ڪم به ڪري ڏيکاريا. سندس سياسي ڪردار هميشه غير تڪراري رهيو، ان جي باوجود به هر پليٽ فارم تي هۡن عوامي مفادن خاطر وڏي جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو، سندس سياسي مخالف به سندس مجموعي شريفانه ڪردار جي واکاڻ کانسواء نه رهي سگهندا هئا. 

پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي

پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي

محبوب مٺڙو

مٺل جسڪاڻي



اھو طئه آھي، ته پير بھاءُالدين ’بھا‘ سرھندي موجوده وقت ۾ موسيقيءَ جو مھندار ڄاڻو آھي ۽ لفظن جي جنھن ترتيب جي طابع، سازن جي جوڙ نڀائيندڙ ترتيب سان، جيڪو رس ڀريو سر ڇيڙي، آوازن جي وڻندڙ آلاپن جي مدد سان، روح جي غذا تيار ڪئي ويندي آھي، ان شاعريءَ تي به ايتري گرفت رکي ٿو، جيتري موسيقيءَ ۾ مڃرائي چڪو آھي.

بشير کوکر

سائين بشير کوکر

بھتر انسان کان شفيق استاد تائين جو سفر

الطاف پيرزادو



ٻار کي ڳالھائڻ، ٻاتي ٻوليءَ ۾ ٻولڻ، چيچ کان وٺي ھلڻ امڙ ۽ ابو سيکاريندا آھن، ٻار لاءِ پھرين درسگاھ ۽ تربيت گاھ، ماءُ جي ھنج ئي ھوندي آھي پر اھو ٻار جڏھن اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آھي ته ان درگاھ مان کيس پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن توڙي اوڙي پاڙي وارن جي زندگي سنوارڻ جا گس ملندا آھن، بري ۽ ڀلي جي پرک جو شعور ملندو آھي ۽ اھو شعور ان کي استاد جي محنت جي ڪري ئي ملندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ شاگرد وٽ استاد جي ابي امڙ جيتري ئي اھميت به ھوندي آھي ته عزت به. سائين بشير کوکر منھنجو استاد آھي، اسان پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش شيخ، جيڪو بلھڙيجي جي نالي سان مشھور آھي، ۾ جن استادن وٽان پرائمري يا بنيادي تعليم حاصل ڪئيسين تن ۾ سائين بشير کوکر به سر فھرست آھي. ھن جو ڳاڻيٽو بھترين استادن ۾ ٿئي ٿو جن ڪيئي نسل سنواريا.

نورمحمد سيال - خالد حسين چنا

نورمحمد سيال

سندس زندگي جو مختصر احوال ۽ ڪارڪردگي...

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سٻاجهي ساٿ ۾ شامل هئڻ ڪري اسان کي سڄي سنڌ جي واهڻ وستين کي بار بار گهمڻ جو نه صرف موقعو مليو پر ڪيترن ئي املھ ۽ پيارن ماڻهن سان اڻٽٽ تعلق جڙيو جيڪي “پسو جيئن پاڻي هر رنگ ۾ رلجي وڃي” وانگر روح جي رشتن سان اهڙا ته سلهاڙجي ويا آھن، جو هاڻي اهو اڻٽٽ رشتو هر ڏينهن اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو پيو وڃي.

مولانا محمد اسماعيل سومرو شڪارپوري - حسيب ناياب منگي

مولانا محمد اسماعيل سومرو شڪارپوري

حسيب ناياب منگي



خدا جو خاص فضل آهي جو سنڌڙي سونهاري جي دامن ۾ علم سان سرشار اهڙا عالم پيدا ٿيا جن جو علم ان وقت جي ماڻهن لاءِ  ئي اونداهيءَ ۾ لاٽ ثابت نه ٿيو آهي پر هر دور جي ماڻهن لاءِ سندن علمي نشان روشني ڦهلائڻ جو سبب بڻيا آهن. ڏات ته ڪنهن جي به ميراث نه آهي، خدا وٽ اهو وڌيڪ مقبول آهي، جيڪو تقويٰ اختيار ڪري ٿو ۽ نيڪي جي راهه تي هلي ٿو. جيئن سيدنا لطيف رح چيو هو ته “ڪا نه پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اگهيا.” اهو عقل، شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه ان مالڪ وٽان عطا ٿئي ٿي، جيڪو سموري عالم جو ڌڻي آهي. جنهن جي عطا ڪيل عقل جي استعمال سان انسان سچ جو رستو وٺي ٿو ۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي ٿو ته چمڪي پوي ٿو. ڏات جا اهي روشن ڏيئا اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن، جن پنهنجي جيون کي علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ واسطي وقف ڪري ڇڏيو.

عاجز رحمت الله لاشاري

عاجز رحمت الله لاشاري

جديد دؤر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مالڪي ڪندڙ

جوکيو جسارت الياس سنڌي



راڌڻ اسٽيشن لڳ فقيرپور دادو ۾، ۲ جنوري ۱۹۸۲ع تي، شاهنواز لاشاري جي گھر ۾ اک کوليندڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ، ننڍي عمر ۾ ئي، سنڌ جي انيڪ ڏات ڌڻين ۾، پنھنجي الڳ جڳھ ٺاھي ورتي آھي. موهن جي دڙي ڀرسان، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڳوٺ ٻنڊيء ۾، پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ عاجز رحمت الله، پنھنجي بنيادي تعليم، محمد امين منگي جھڙي پختي استاد وٽ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۽ الله آباد ڪنڊيارو مان به تعليم حاصل ڪئي ۽ ھڪ ديني اسڪالر بنجي، عملي زندگيءَ جي شروعات، مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ خطيب ٿي ڪئي. ھن نه صرف رسمي مولوين جي برعڪس، سنڌ جي صوفي بزرگ سڄڻ سائين جي بيعت ڪري، سندس ئي حڪم تي، ڪارخانن ۾ محنت ۽ مزدوري به ڪئي پر ۱۹۹۸ع ۾، روزاني الک حيدرآباد کان صحافت جي شروعات ڪندي، ھاڪري به ڪئي. ان دؤران ماهوار لاشار لاڙڪاڻه جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۵ع کان سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو باني ۽ چيف ايڊيٽر آھي. ڪجھ عرصو نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري به رھيو. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ سندس رپورٽون ۽ ليک ڇپجندا رھن ٿا. ان کان اڳ، سندس شادي، دادوءَ جي مشھور عالم مولانا احمد حسن لاشاري طاهري جي پوٽيءَ سان، ۱۹۹۹ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي.

روشن علي تنيو - نواز علي تنيو

روشن علي تنيو

عوامي ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار

نواز علي تنيو



جھڙو نانءُ روشن ھيس تھڙو ئي روشن ٿي جڳ مشھور ٿيو. يار جو ديرو مطلب ته يار محمد تنيو جي اڏيل وستي يارو ديرو جيڪا ھن وقت ھڪ ننڍڙي شھر جو ڏيک ڏئي رهي آهي، تنھن جي خوشبو ڀري مٽيءَ ۾ مدفون نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار روشن علي تنيو جو جنم موھن جي دڙي جي مقدس مٽيءَ ڀرسان ڳوٺ ٺلاھ ۾ پهرين اپريل ۱۹۳۶ع تي ٿيو. بعد ۾ سندن خاندان ٺلاھ کي الوداع ڪري ڳوٺ يارو ديرو ۾ مستقل طور سڪونت اختيار ڪئي.