; سنڌي شخصيتون: مولانا محمد اسماعيل سومرو شڪارپوري - حسيب ناياب منگي

31 October, 2021

مولانا محمد اسماعيل سومرو شڪارپوري - حسيب ناياب منگي

مولانا محمد اسماعيل سومرو شڪارپوري

حسيب ناياب منگي



خدا جو خاص فضل آهي جو سنڌڙي سونهاري جي دامن ۾ علم سان سرشار اهڙا عالم پيدا ٿيا جن جو علم ان وقت جي ماڻهن لاءِ  ئي اونداهيءَ ۾ لاٽ ثابت نه ٿيو آهي پر هر دور جي ماڻهن لاءِ سندن علمي نشان روشني ڦهلائڻ جو سبب بڻيا آهن. ڏات ته ڪنهن جي به ميراث نه آهي، خدا وٽ اهو وڌيڪ مقبول آهي، جيڪو تقويٰ اختيار ڪري ٿو ۽ نيڪي جي راهه تي هلي ٿو. جيئن سيدنا لطيف رح چيو هو ته “ڪا نه پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اگهيا.” اهو عقل، شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه ان مالڪ وٽان عطا ٿئي ٿي، جيڪو سموري عالم جو ڌڻي آهي. جنهن جي عطا ڪيل عقل جي استعمال سان انسان سچ جو رستو وٺي ٿو ۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي ٿو ته چمڪي پوي ٿو. ڏات جا اهي روشن ڏيئا اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن، جن پنهنجي جيون کي علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ واسطي وقف ڪري ڇڏيو.


شڪارپور جي ڌرتي به شاعرن، اديبن، استادن ۽ فن جي ماهرن توڙي ٻين شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏيندڙن سان ڀري پئي آهي. شڪارپور علم ۽ محبت جا گنج سنڌ جي جهوليءَ ۾ ڀري وڌا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هر هڪ شعبي جي تاريخ ان حقيقت جو اعتراف ڪندي نظر ايندي ته هن فن جي تاريخ يا هن علم جي تاريخ مان شڪارپور ڪڍي ڇڏيون ته باقي بچي ڇا ٿو؟

شڪارپور جي شخصيتن تي وقت به وقت قلم کڻندي مون هر وقت اهو محسوس ڪيو آهي ته شڪارپور جي ڪک مان اهڙا مڻيادار موتي سامهون آيا آهن، جن پنهنجي حصي جي خدمت ڪندي غيرمعمولي عملن سان سڀ کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. استادن کي ياد ڪنداسين ته هر ڊگهي لسٽ اسان جي سامهون ايندي، طبيبن ۽ علم ۽ ادب جا ماهر ته شڪارپور جو شان آهن. افسوس آهي جو اسان اهڙن ڪردارن جو قدر نه ڪري سگهيا آهيون.

شڪارپور جو علم جي کيتر ۾ نانءُ روشن ڪرڻ وارو هڪ اهڙو ئي ڪردار جنهن جي ڏات جا جوهر نه صرف سنڌي ۽ اردو زبان تائين خدمت سرانجام ڏيڻ ۾ کُلي سامهون آيا پر عربي ٻوليءَ ۾ جڏهن لکيائين ته چڱن ڀلن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سندس ڪتب خانو شڪارپور جي بهترين لائبريرين مان هڪ هو، جنهن ۾ نه صرف ڇپيل ڪتابن جا قديم نسخا موجود هوندا هئا پر قلمي ڪتابن جو به ذخيرو جام هوندو هئس. مطالعي ۽ مشاهدي جو ايترو اثر جو علم جا گهڻا ئي اڃايل وٽس اچي اڃ اجهائي فيضياب ٿي ويندا هئا. سندس لکيل مگر اڻڇپيل ڪتابن تي فيلسوف اعليٰ ڊگريون ته وٺي چُڪا آهن مگر سندس ڪتاب منظرعام تي اچي نه سگهيا آهن. اهڙي عالم ۽ اڪابر جو نالو مولانا محمد اسماعيل سومرو آهي، جيڪو شڪارپور جي علمي جوت کي گهڻو عرصو قائم رکندو آيو. ٻڌائن ٿا ته واعظ ڪندو هو ته سندس فڪر جي گهرائي ۽ تخيل جي پرواز روح جي جنبش ڏئي ڇڏيندي هئي. تاريخ جي ڪيڏي نه وڏي ناانصافي آهي جو اهڙا شخص به ورقن ۾ محفوظ نه ٿي سگهيا آهن.

محمد اسماعيل مولوي مفتي نبي بخش سومري جو پٽ هو، شڪارپور ۾ ۱۸۹۵ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد به پنهنجي وقت جو ناميارو عالم ۽ مفتي ٿي گذريو آهي، جنهن علم جا ابتدائي سبق حضرت عبدالغفور ”مفتون“ همايوني وٽان حاصل ڪيا هئا ۽ پوءِ هندستان مان فارغ التحصيل ٿي شڪارپور ۾ تعليم ڏيندو هو. شهر جي ٻارڙن سان گڏ پنهنجي پٽ کي به تعليم ڏيڻ لڳو. مولانا محمد اسماعيل حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح کان دستاربندي کانپوءِ مولانا امروٽي رح جا خط کڻي علم جي حاصلات لاءِ هڪ هنڌ کان ٻي تائين به ويو. ديوبند ۽ علي ڳڙهه مان پڙهي ڪڙهي شڪارپور پهتو.

مولانا صاحب جي زندگي جو ڪافي حصو عودي (ٺل) ۾ به گذريو، تڏهن ئي سندس نالي سان عودوي به شامل ٿي ويو. مولانا صاحب عودي ۽ ڳڙهي حسن ۾ به مدرسو قائم ڪيو هو. سنڌ اندر هزارين شاگردن جو حلقو سندس علمي قابليت جو ثبوت آهي. قرآن مجيد جو تفسير هجي يا عروض، مولانا صاحب پنهنجي لياقتن عيوض عرب ملڪن ۾ پنهنجو ثاني نه رکندو هو. اها الله پاڪ جي مٿس خاص ڪرم نوازي هئي جو سندس چرچو هر هنڌ عام هو. مولانا صاحب جي حياتي علم جي خدمت ڪندي گذري. عربي زبان ۾ نه صرف قصيده لکندو هو پر  فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪتاب به تحرير ٿيل اٿس. ”چهل حديث“ ڇپيل جڏهن ته نورالايقان في اعجاز القرآن، نهايت بحث في مسائل الارث، صفوت العرفان بمفردات القرآن، عزت النحو، اطفاء الفريت في اعفا اللحيه، تفسير والتين والزيتون، تحفته العاشقين اڻ ڇپيل ڪتاب آهن. جن مان ڪافي ڪتاب ته ٻن ٻن جلدن تي به مشتمل آهن. بي رحم وقت اهڙي عالم ۽ فاضل جي علمي ذخيري کي به پنهنجي زد جو نشانو بڻايو. مولانا صاحب ۲۹ نومبر ۱۹۷۰ع تي وفات ڪئي ته سندس ڪتبخانو به وڪامجي ويو ۽ لکيل ڪتاب به ڇپجڻ جي آسري ۾ رهجي ويا. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا