; سنڌي شخصيتون: سليمان هاليپوٽو - جلال ڪوري

31 October, 2021

سليمان هاليپوٽو - جلال ڪوري

سليمان هاليپوٽو

سائين به وڃي يار کي پرتو.

جلال ڪوري



سندس جنم ۱۹۴۰ع  ڌاري راجستان جي ٻاهڙ مير ضلعي جي کارڇي ڳوٺ ۾ ٿيو هو. اتان جو مشھور عالم مولانا حبيب الله سمون تاملهيار وارو وري ڍوري ناري لڳ کنڀري جي مدرسي ۾ علامه ميان عبدالله اڪبري جو شاگرد هو. کارڇي ڳوٺ جو مولانا مريد علي هاليپوٽو وري ناري پٽ جي مشھور عالم مولانا محمد عثمان قراني جو شاگرد هو.


سليمان هاليپوٽي شروعاتي تعليم کارڇي جي مدرسي مان حاصل ڪئي. کارڇي جي پريان هاليپوٽن جو مشھور ڳوٺ جائڙو هاليپوٽا آھي. جتان جا ابراهيم ۽ جمعون هاليپوٽو وڏا مله پهلوان هئا. هي ناري پٽ جو ملھ پهلوان علي مراد هاليپوٽو ۽ سائين سومار هاليپوٽو ابراهيم جا پٽ آھن.

جائڙو جي سامهون ٽن ڪلوميٽرن تي راڄپرن جو مشھور ڳوٺ ڏيراسر آھي. جتي جو برهان راڄڙ ڍوري ناري جو مشھور ماڻھو ٿي گذريو آھي. جائڙو کان الهندي ٻن ڪلوميٽرن تي ريڏاڻو ڳوٺ آھي. سائين اسماعيل مڱريو، حسين ڪهاڙو مڱريو ۽ فتح  وارا اتان جا هئا. هتي ناري پٽ ۾ مرحوم بلال هاليپوٽي جي چاچي محمد هاشم هاليپوٽي وٽ رهيا پڙھيا، سرڪاري نوڪريون ورتائون، زميندار ٿي رهيا.

ريڏاڻو مشھور جبل آھي. ريڏاڻي جي پريان سينهاڻي ٺڪر ۾ ٺڪرن جا قديم گڍ آھن. کارڇي جي ويجهو رامسر شھر ۽ ريلوي اسٽيشن آھي. کارڇي جي ڏکڻ طرف ٻاچٻر شھر ۽ ريلوي اسٽيشن آھي. اتان کان اتر طرف چاليهارو ڪلوميٽرن تي لڊاڻو ۽ مومل راڻي جي قصي واري ڪاڪ آھي. ڪاڪ جو پاڻي ڳاڙھو انهيء ڪري آھي جو اتي چيڻوٺي جو وڻ جام ٿئي ٿو. چيڻوٺي جو داڻو پاڻي ۾ ڪرندو آھي ته پاڻي ڳاڙھو ٿي ويندو آھي.

راجستان ۾ اڄ به سماٽن جا راڄ رهيا پيا آھن. عبدالهادي سمون ۽ محمد امين نهڙي راجستان توڙي هندستان جي پارليامينٽ ۾ ميمبر چونڊبا رهيا آھن. ورهاڱي پنجاب ۽ بنگال سان گڏ سنڌ کي ورهائي ڇڏيو آھي. لطيف سائين جو پورب سڄو اتي رهجي ويو آھي.

سائين سليمان جا ٽيئي ڀائر سخي محمد مرحوم، عبدالڪريم مرحوم ۽ ڀليڏنو مرحوم وارن وري کارڇي ڇڏي ٻاهڙمير کان اڳتي سڙيچو ڳوٺ وڃي وسايو. جتي هاڻي سندن اولاد رهي ٿو. ورهاڱي کانپوء به سنڌ ۽ راجستان جون سرحدون کليون پيون هيون. ماڻھو ايندا ويندا پيا هئا.

سليمان به مدرسي کي ڇڏي اچي ناري پٽ جي قديم ڳوٺ بلال هاليپوٽو ۾ رهيو. تڏهن تعليم اڃا نيشنلائيز ڪونه ٿي هئي ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو جي اهليت ڏسي سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏيندا هئا. سائين سليمان کي به پنجين پاس جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو. هن وڃي هاء اسڪول ڍورونارو ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي. والدين ۽ ڀائر کارڇي راجستان ۾ رهجي ويا هئا. هي هتي جهڙوڪر يتيم ٻار ٿي پليو. سائين سليمان چوندو هو ته مون وٽ جُتي هئي ڪونه صرف هڪ چپل هو. هاء اسڪول جي اسيمبلي ۾ بوٽ پائي اچڻ لازمي هو ۽ هاء اسڪول ۾ ميرپورخاص جو اردو ڳالهائيندڙ پي ٽي ٽيچر هو جيڪو ٻار بوٽ پائي نه ايندو هو ان سان وڙھندو هو. مونکي به مار ملندي هئي. پوء مون ٽل ڪري هڪ چپل اسڪول پهچڻ کان اڳ رستي ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ پير تي ڪپڙي جي پٽي ٻڌي هڪ پير ۾ چپل سان منڊڪائيندو اسيمبلي ۾ پهتس. استاد ڏاهو هو . هن ان وقت مونکي ڪجھ ڪونه چيو پر اسيمبلي کانپوء مون اڪيلي کي ڪمري ۾ گهرائي چيائين پٽي کول.

 پٽي کولي ته راز کلي ويو. مون ڏٺو اڄ “سيکي کي ڀتو آيو.” ڊپ مان مون کان رڙ نڪري وئي.  آئون روئڻ لڳس ته استاد مون کان محبت سان پڇيو ته؛  “پٽ ڳالھ ڇا آھي!؟” مون سڄي حقيقت ٻڌائي ته هن منهنجا لڙڪ اگهيا ۽ مون سان انتهائي همدردي ڪيائين ۽ ائين مونکي چپل سان اسيمبلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي وئي.

سائين سليمان ائين ڏک ڏسي، مزدوريون ۽ محنتون ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي. جفاڪش ماڻھو هو.

هن طبيه ڪاليج حيدرآباد مان وڃي طب ۾ ڊپلوما ڪئي. حڪمت جو وڏو ڄاڻو هو پر پرئڪٽس ڪو نه ڪيائين. مٿان هن کي پرائمري ماستري ملي وئي. هن سروس دوران گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪري ورتي. سائين اسماعيل مڱرئي ۽ استاد احمد سهتي سان گڏ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ريگيولر بي ايڊ ڪيائين. وري ايم ايڊ به ڪيائين. ايل ايل بي ڪيائين پر پرئڪٽس ڪونه ڪيائين. هاء اسڪول ٽيچر ٿيو. پرائمري اسڪولس جو سپروائيزر ٿي رهيو. ترقي ڪندو وڃي ايس ڊي اي او پٿورو ٿيو. انتهائي سخت ۽ ايماندار آفيسر ٿي رهيو. پئسو پائي وٺڻ حرام سمجهندو هو.

هو ڇاونجاه سالن جو هو ته هن کي ٻارن جون شاديون ڪرڻيون هيون سو ايس ڊي اي او شپ تان وقت کان اڳ رٽائرمنٽ ورتائين.

مرشد سائين حاجي محمد حسين جي ذڪر جي حلقن شرڪت شروع ڪيائين. آخري عمر ۾ صاحب فراش رهيو. نماز ۽ تلاوت سندس معمول رهيو.

سندس چئن پٽن مان وڏو مختيار علي الائيڊ بئنڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آھي. راڄ محمد استاد آھي. عبدالرحمان ٿر ڪول ۾ ملازمت پيو ڪري. چوٿون پٽ سيف الرحمان سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ ٻئي سال جو شاگرد آھي.

سائين سليمان اڄ علي الصبح پره ڦٽي ويلي وڃي مالڪ جو مهمان ٿيو.

جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ سڀني ڏٺو ته سندس چھري جي تازگي ۽ نورانيت سندس ڪامياب سفر جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيون هيون. شال الله سائين جي رحمتن ۾ هجي.

 

(جلال ڪوري جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا