; سنڌي شخصيتون: January 2019

22 January, 2019

سهيل سانگي

سهيل سانگي
نامور صحافي ۽ ليکڪ
ڀارومل امراڻي


سنڌ جي نامور ليکڪ اعجاز منگي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “سهيل سانگي جنهن به هنڌ هوندو آهي، ٿر جون ڀٽون ۽ انهن تي چونئرا هڻي رهندڙ ٿري هن جي آس پاس رهندا آهن.”

سائين جي ايم سيد - ۱


سائين جي ايم سيد
استاد لغاري
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا.

05 January, 2019

شيخ اياز - ۱


شيخ اياز
تعارف- تو ڳاتا گيت بغاوت جا
شيخ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس ۳ مارچ ۱۹۲۸ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر ۳ ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.